ڊرائيور منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو. پوءِ چڱو پنڌ سٽي،
درياهه جو بند ٽپي ڪچو به ٽڦي وڃي درياهه وچ
پياسين. پاڻي هت به ڪونه هو. بيٺل پاڻي جا ڪٿ ڪٿ
دُٻيا هيا. ڪي سينوارجي ويا هيا. ڪي ڪلر سان
ڪاراٽجي ويا هئا. مان ۽ هريش انهن دُٻن جي چوڌاري
پئي ڦرياسين. لوٽو هريش کي ساڻ هو. هو دُٻن کي
ڏسيو ڪنڌ ڌوڻي وري ٻئي دُٻي تي هليو وڃي. وري نهڪر
ڪيو ڪنڌ ڌوڻي وري ٻئي دُٻي تي هليو وڃي. وري نهڪر
ڪيو ڪنڌ ڌوڻي پري ڪنهن وڏي دٻي تي وڃي. هو ائين
ڊوڙي رهيو هو ڄڻ ڪو هرڻ دشت صحرا ۾ پاڻيءَ جي ڳولا
۾ جهلڪ پسيو ويجهو وڃي وريو موٽيو اچي. هريش هاڻ
سهڪي پيو هو. مون کيس وڃي ٻانهن کان ورتو.
”بابلا. هيءُ درياءَ بادشاهه ڪونهي. هت پوتر پاڻي
به ڪونهي، جنهن ۾ ڪاڪي موتيءَ جي رَکَ وهايون.“
”پر دادا. هيءُ ٿيو ڇاهي. امان ۽ دادا موتي، جنهن
سنڌوءَ جون ڳالهيون ڪندا هيا، اهو ڪاڏي ويو. هت ته
اُهي ٻيڙيون اُهي ملاح به ڪونهن جن تي چڙهي هو سير
ڪندا هيا. مڇيون پلا ماري گهر کڻي موٽندا هيا. اهو
جَلُ پوتر سمجهي گهر کڻي اچي پيئندا هيا. هيءُ سڀ
ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. جو مون
وٽ ڪو جواب نه هو. پنهنجي وڍيءَ جو نه ويڄ نه
طببي، بس ايترو چيم، ”اپڻي گهتي هي بابا اپڻي
گهتي!“
هو انهيءَ گهتيءَ کي سمجهي نه سگهيو ۽ پڇيائين،
”دادا، اها اپڻي گهتي ڇا ٿيندي آهي؟“ مون وک کي
تيز ڪيو ۽ ڊوڙندو اچي ڪار وٽ پهتس. هريش منهنجي
پويان آهستي آهستي واريءَ جا دڙا ۽ ٻيلاٽيون
لتاڙيندو، ڪاڪي جي هاٺين کي سيني سان لايو اچي
پهتو.
”دادا، پوءِ هن جو ڇا ڪيون؟“ هن جو ائين چيو ته
ڳوڙها تري آيم. ”هئه ڙي وقت، بي وطن جي مٽي پنهنجي
وطن جي پاڻيءَ جي پياسي آهي ۽ پاڻي به ڪنهن ٻي ڀَر
هليو ويو آهي.“
مون هريش کي ڏٺو هو به روئي رهيو هو. مون کيس ڪار
۾ وهاريو ۽ واپس گهر کنيو آيس.
گهر پهچي مون کيس ٻانهن کان ورتو ۽ سڌو ڪوٺي تي
هليو ويس ۽ اُتي وڃي بيهاريومانس، جتان سڄو شهر
پئي نظر آيو. سانجهيءَ جا پاڇا پئجي چڪا هيا ۽
ڪجهه بتيون به ٻري چڪيون هيون. ڪي انتظار ۾ هيون،
بهار جي بهاري ڏيندڙ هوا چوڌاري گهُلي پئي هئي.
”هريش، هيءُ شهر، ڪاڪي موتيءَ جو شهر آهي. هن پاسي
سندس جاءِ هئي جت هو رهندو هو. هيءُ اڱڻ آهي، جتي
هن پير گهمايا. هو سامهون اُحي گس پنڌ آهن، جتان
ڪاڪو موتي لنگهندو هو. هوءَ اها اوطاق آهي جتي هو
وهندو هو. ڇڏ انهيءَ رک کي ته انهيءَ مٽي ۾ ملي
وڃي، جنهن مٽيءَ تي سندس وکن جا نشان آهن. ڇڏ
انهيءَ جُسي جي رک کي ته انهيءَ مٽيءَ ۾ ملي وڃي
جنهن مٽي جو هوُ ڳوهيل هو ۽ جنهن مٽيءَ سان سندس
عشق هو.“
هريش ڪا گهڙي خاموش رهيو پوءِ هن انهيءَ لوٽي جو
منهن کوليو. ڪپڙو لاهي پري ڪيائين. هن هٿ وجهي
پهرين لپ رک جي کنئي، ان کي چميائين پوءِ هُن گهر
واري پاسي هوا جي تيز جهوٽي سان اُن کي اڏائي
ڇڏيو. هن ٻي لپ لاءِ لوٽو منهنجي ويجهو ڪيو ۽ مون
به لپ ڀري ان کي پنهنجي اڱڻ تي ڇٽيو. ائين هوا جي
جهوٽن ۾ ڪاڪي موتيءَ جي جُسي جي رک کي سندس شهر جي
گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ گام تي وڇائي ڇڏيوسين، جيئن حياتي
به هڪ جهوٽو هوندي آهي. ڪڏهن پُر بهار ڪڏهن جهڪ ته
ڪڏهن جهولو. ڪاڪي موتيءَ جي رک کي سنڌ جي باهر جا
جهوٽا نصيب يٿا. سندس شهر جي ماڻهن جي ساهه ۾ به
هاڻ اُن رک جي خوشبو رچي وئي هوندي!!
هيٺ لٿاسين ته هريش بنهه ساڻو ٿي پئجي رهيو. پاڻي
پيارومانس ته سامت ۾ آيو. چانهه پياري مانس ته
ڪجهه تڪڙو ٿيو. يڪدم وڃڻ جي واريائين. مون ان رات
ئي کيس ڪار ۾ ساڻ ڪري، ڪراچي ايئر پورٽ تي آڻي
ڇڏيو. موڪلائڻ مهل هو ڏکارو هو. ڀاڪر پاتومانس ته
روئي پيو. مون کيس پرچائي مِٺيون ڏئي روانو پئي
ڪيو ته هڪ ڳاله ياد آيم.
”هريش بابلا، منهنجي ڀيڻ سيتا کي چئجان ته پراڻ
تياڳڻا هجنس ته آرهڙ ۾ تياڳي. سنڌو ۾ ٿورو گهڻو
پاڻي آرهڙ ۾ ئي ايندو آهي. چئجانس جڏهن به مري ته
آرهڙ ۾ مري جو سندس هاٺيون وهندڙ سنڌوءَ ۾ لوڙهي
سگهون!!“
مان وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيس. منهنجو آواز ائين ئي
ڳرو ٿي ويو جيئن هريش جو ٿيو هو ڄڻ ڪنهن ويران ۽
ڦٽل کوهه مان ايندو هجي. هاڻ هريش جي آواز ۽
منهنجي آواز ۾ ڪوبه فرق نه هو.
..... ۽ چيا اُڏامي وئي
حميد سنڌي هڪ اديب جي حيثيت ۾ قومي خيالن جو ماڻهو
۽ سنڌ جي روشن مستقبل جو آرزومند آهي. مٽيءَ جي
خوشبو ۽ ڌرتيءَ جي ڪشش ته پيرن پيغمبرن کي متاثر
ڪيو آهي، سو حميدَ جو ’سنڌي‘ ڪوٺائڻ سمجهه ۾ اچي
ٿو
- غلام رباني آگرو
جهرڪين جي چِين چِين ۽ ڀڙڪي تي نگهت جي روز جيان
اک کُلي. هن جهرڪين جي جهيڙي ۽ ورانڊي مان ڀڙڪو
ڏئي اُڏامي وڃڻ، وري موٽي اچڻ تي، مرڪي ڏنو، ۽
پنهنجي ڌيءُ چيا جي پريان رکيل کٽ ڏي ڏٺو. آهستي
آهستي سندس اک کلندي وئي ۽ هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي ويهي
رهي. هن کي محسوس ٿيو ته چيا کٽ تي ڪانهي. ڇاڪاڻ
ته هوءَ ايڏو سويل اُٿي، هن لاءِ ممڪن نه هو. هوءَ
جهرڪين جي گوڙ تي پاسا ورائيندي هئي. صبح جي ننڊ
کيس اُٿڻ نه ڏيندي هئي، ڪڏهن وهاڻو ڪنن تي، ڪڏهن
ماءُ کي اُتان چوندي هئي: ”امان هنن چيائين کي بس
ڪراءِ، ننڊ ڦٽائي اٿن.“ نگهت هش هش ڪري جهرڪين کي
ڀڄائيندي هئي. هو ڪڏهن ولر ڪيو اچي ”چيا“ جي پاسي
۾ يا پيرانديءَ کان وهنديون هيون.
اڄ شور وڌي ويو هو. هي ولر ڪيو، چيا جي هنڌ تي
ويٺيون هُيون ۽ نگهت جو گمان صحيح پي ثابت ٿيو.
هوءَ آهستي آهستي وڌي چيا جي کٽ تائين وئي. ڪي
جهرڪيون ڀڙڪو ڏئي اُڏامي ويون، ڪي ويٺيون رهيون.
هوءَ اڱڻ ۾ وئي، رڌڻو ڳولي آئي. اندر ڪمري ۾
نهاريائين، چيا ڪٿي به نه هئي. هن جي هيانءَ ۾ ڌڪ
لڳو، جڏهن هن ڏٺو ته ٻاهرين در جو ڪلف هيٺ اُڇليو
پيو هو ۽ ڪڙو لٿل هو، در رڳو ٻيڪڙيل هو. هوءَ ڪا
گهڙي پنهنجي کٽ تي ويهي رهي. هن ڀرسان واريءَ کٽ
تي نهاريو. سندس مڙس ظهير گهري ننڊ ۾ هو. جهرڪين
جي ميڙ ۽ گوڙ مٿس ڪو اثر نه ڪيو هو. هو بي خبر ستو
پيو هجي ها جيڪڏهن نگهت کيس نه اُٿاري ها.
”چيا جا پيءُ! چيا جا پيءُ!“ هن کيس آهستي آهستي
سجاڳ ڪيو. هن آهستي آهستي اک پٽي. سندس ڪن ۾ آواز
آيو: ”چيا جا پيءُ! چيا گهر ۾ ڪانهي.“ هو ٽپ ڏئي
اُٿيو، هن سڄو گهر ڳوليو. هيءُ هڪ ڪمري ۾ ورانڊي
وارو ريلوائي ڪوارٽر. اُن جي ايراضي گهڻي؟ هو در
ڏانهن ڀڳو، ڪلف هيٺ ڀڳو پيو هو. در ٻيڪڙيل هو ۽ هو
پريشان هو ته آخر چيا ڪاڏي وئي. هن ورانڊي ۾ مٿي
اُگهاڙي اُجڙيل گهرواريءَ ڏي ڏٺو. هن جي پوتي پٽ
تي پئي هئي. جهرڪيون جن سان ڪُڏندي چيا کي سال
ٿيا، اڄ هو چيا کي نه ڏسي آهستي آهستي اُڏري ويون.
چيا ننڍڙي هئي ۽ هيج مان انهن کي جهرڪي نه چئي
سگهندي هئي، ته ماڻس کيس چڙيا چوڻ سيکاريو. جنهن
کي به هوءَ چيا چوندي هئي. ننڍڙي ايڏي چاهه مان ”آ
چيا، آ چيا“ پنهنجي ماءُ سان گڏ چوندي هئي جو، مٿس
اوڙي پاڙي جي ٻارن نالو ئي ”چيا“ رکي ڇڏيو. ڪيترا
ٻار هن ننڍڙيءَ سان کيڏڻ ايندا هئا ۽ هن کي جڏهن،
’ننڍڙي چيا! مٺڙي چيا!‘ چوندا هئا ته هيءَ ننڍڙي،
خوش ٿي جهرڪين وانگر ٻانهن سان کنڀڙاٽيون هڻندي
هئي. هوءَ ايئن اُڇلون ڏيندي هئي ۽ ٻانهون هڻندي
هئي ڄڻ اُهي هنن جهرڪين جا پَرَ هجن ۽ اجهو ٿي
هوءَ اُڏامي!
هاڻ جهرڪيون اُڏامي ويون هيون، ورانڊي ۾ سانت هئي.
ٻنهي اندر جي گمان کي، گمان رهڻ ڏنو ۽ دَرَ کولي
ٻاهر نڪتا. هنن ڏٺو ته ڀروارن ڪوارٽرن جا در اڃا
ڀيڙيل هئا، ڪي کُليل به هئا. هو سڀني درن تي
پهريائين ڀڻڪي سان، پوءِ آهستي ۽ ان کان پوءِ
ڏاڍيان، ”چيا! چيا!“ پڪاريندا رهيا. هو پري تائين
ويا پوءِ پڇاڙون کائيندا وريا.
گهڙي پل ۾ پري پري تائين هُلي ويو ته چيا گهر
ڪانهي. چيا، هنن ڪوارٽرن جي قطارن ۾ ائين ايندڙ
ويندڙ ۽ مڪينن جي لاڏلي ٿي پلي هئي، جو ڪنهن اولو
سولو اکر نه ٿي ڪڍڻ چاهيو، هنن آهستي ڀڻڪيو: ”اسان
جي چيا اُڏامي وئي، اسان جي چيا اُڏامي وئي.“
چيا جو اصل نالو ڪنهن کي خبر نه هئي. هن ريلوي جي
رهائش ڪمپائونڊ ۾ ڪيترائي ڪوارٽر هئا، ان جا
رهواسي چيا سان ڄائي ڄم کان وٺي ايڏو پيار ڪندا
هئا، جو هنن کي هن جو اصل نالو وسري ويو هو. هوءَ
پتڪڙي، اوڙي پاڙي جي لاءِ رانديڪو هئي. وڏڙي ٿي ته
ٻين ٻارن سان گهٽين ۾ ڌوپڙي يا چيلي جي راند ڪندي
هئي. ڊيوٽي تان مختلف وقتن تي موٽندڙ ماڻهو، سندس
موهيندڙ شڪل، انداز ۽ انگل تي فدا هوندا هئا. هن
جي مٿي تي هٿ ڦيري، پوءِ گهر ۾ گهڙندا هئا. جي هو
گهٽيءَ ۾ چيا کي نه ڏسندا هئا، ته ٻين ٻارڙن کان
پڇندا هئا. هو ڪنهن نه ڪنهن ڪوارٽر ڏي اشارو ڪندا
هئا. هو ان دروازي وٽ ويندا هئا ته، چيا جون
مِٺيون ٻوليون ٻڌي خوش ٿيندا هئا، ۽ کيس سڏي پيار
ڪري پنهنجي گهر هليا ويندا هئا. هنن جو پيار رڳو
چيا سان نه هو، پر، سندس ماءُ پيءُ ظهير ۽ نگهت
لاءِ پڻ اٿاهه مانَ محبت جو اظهار پڻ هو.
ظهير گڊس ٽرينن لاءِ مال بوڪ ڪرڻ جو ماهر ڪلارڪ
هو، پوءِ هو وڏي مال گودام جو انچارج به ٿيو پر،
سندس هلت چلت ۾ ڪا وڏائي ڪانه هئي. ظهير، رحيم
يارخان جو رهواسي هو، اتي سندس پيءُ اسٽيشن تي قلي
هو. هن پٽ کي پڙهائي گڊس جو ڪلارڪ ڪرايو. ظهير اتي
ئي پاڙي ۾ نگهت کي ڏٺو عشق جا پيچ اڙيا پر، نگهت
جي مائٽن پنهنجي ڌيءُ ڪنهن وڏي هنڌ ڏيڻ پي چاهي،
پر لکئي جا ليک آهن، ظهير جا ڀاڳ زور هئا. هن نگهت
کي اُڏائي پهريون شهدادپور ۾ پوسٽنگ ڪرائي ۽ پوءِ
نگهت سان نڪاح وجهي، نگهت جي مائٽن جي ڀڄ ڊُڪ ۽
قانوني ڪاروائي جو انتظار ڪرڻ لڳو. پر نگهت جا
مائٽ وڏي ڏِک وارا هئا. نياڻي جي ائين نڪري وڃي،
سو هنن به ائين ئي سهائي. ڪني آڱر وڍي ڀلي وانگر
نگهت ڏانهن ور ڪري نه نهاريؤن.
آهستي آهستي ظهير اسٽيشنون ٽپندو، حيدرآباد اسٽيشن
پهتو ۽ ريلوي جي ڪوارٽرن جي ڪمپائونڊ ۾ رهڻ لڳو.
اتي کين چيا ڄائي، جيڪا سندن لاڏلي، اوڙي پاڙي جي
اکين جو تارو بڻي. ڇو ته هئي به من موهڻي ۽
ڳالهيون ائين ڪندي جو دل ۾ پيهجي وڃي. اڄ چيا
اُڏامي وئي هئي. اوڙو پاڙو حيران هو ته هيءَ
معصومڙي ڪيئن پاڻ هلي ويندي. هيءَ ته سڌوسنئون
اغوا جو ڪيس هو. ڪن ڪوارٽر جي ڀت ٽپي، اندريون ڪلف
ڀڃي اُڇليو هو ۽ چيا کي کنڀيو هو، هاڻ ماڻهن جون
هيون ڳالهيون. ڪن آهستي ڀڻڪو ڪڍيو ته چيا پاڻ رضا
خوشيءَ سان نڪتي آهي. ڪلف ته ڀڃڻو هو، نه ته چيا ۽
سندس چاهيندڙ ڪيئن نڪرن ها. انهن جو ڀڻڪو ۽ اشارو
ڪمپائونڊ جي ڀت ٻاهران هڪ نئين جوڙيل جاءِ ڏي هو،
جت چيا، ماءُ جو پورهيي سان جَڙيل ڀرت ڀريل وڳا
پهچائيندي هئي. نگهت اوڙي پاڙي جي لاءِ ڀرت ۽ سيبي
ٽوپي جو ڪم ڪندي هئي. ائين سندس گهر جو خرچ جو
پورائو ٿيندو هو. چيا سياڻي ۽ سمجهه سان ٿي ته گهر
گهر وڃي، ويس وڳا پهچائيندي هئي ۽ ٻيو ڪم به کنيو
ايندي هئي. هي ڏهن ٻارهن سالن جي ٻالڪڙي، ڪنهن جي
موهه ۾ ايندي ۽ ٽوڙي ڪلف ڪڙو ڀڄي نڪرندي، نه سمجهه
۾ ايندڙ ڳالهه هئي. هوڏانهن نگهت به ان هنڌ ۽
پٿراڻي کي کنيو چمي جنهن تي چيا سمهندي هئي ۽ ور
ور چوي، ”ظهير تون مون کي ڀڄائي نه اچين ها، نه
هوءَ ابي امان جي نقش قدمن تي هلي آ. ظهير تون مان
گهنگار آهيون. جيئن تون مان اُتان اُڏامي نڪتاسون،
تيئن چيا به اُڏامي وئي. تيئن چيا به ڦُررر ڪري
اُڏامي وئي.“
ظهير جو اندر اڳي ئي وڍيو پيو هو. وري نگهت جا
جهير وجهندڙ اهي جملا ته: ’اسين ٻئي گنهگار آهيون.
جيئن تون مان اتان اُڏامي نڪتاسين تيئن چيا به
ائين ڦَرِ ڪري اُڏامي وئي.‘ سندس دماغ ڦرڻ لڳو هو.
هو هڪ هنڌان اٿي وري ٻئي هنڌ ويهي. وري اتان اٿي
اڱڻ ۽ ورانڊي ۾ اچي وڃي. هن کي چين نه هو. هو نيٺ
ان ڪمپائونڊ کان ٻاهر نئين جوڙايل جاءِ ڏانهن وڃي
نڪتو. هو چوڌاري جاءِ گهمي آيو، ات کيس ڪنهن به
ماڻهو جا آثار نظر نه آيا. هن ڊنو ڊپ ڪري وڏي لوهي
گيٽ کي کڙڪايو. ڪافي دير کان پوءِ هڪ چوڪيدار نما
ماڻهو نڪتو جنهن چيس ته: ”هتان جا ڪرايي دار هليا
ويا آهن ۽ هاڻ هتي ڪير به نه رهندو آهي. هو هيءَ
جاءِ رات ئي ڇڏي پنهنجي ملڪ هليا ويا آهن.“ ظهير
کي لڳو ته سندس ڌيءُ هتان ئي وئي آهي ڪن وڏن هٿن ۾
اچي وئي آهي.
ظهير سڄو ڏڪي ويو. هن کي چوڪيدار کان ئي پڪ ٿي ته
هي برده فروشن جو ٽولو، سندس ڌيئڙي کي ٻڌي ڪنهن
وڏي بازار يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي ڏيڻ لاءِ کنڀي
ويا آهن. هو اتان سڌو پوليس ٿاڻي تي آيو. فرياد
داخل ڪيائين، شاهد پيش ڪيائين. جاءِ جي مالڪن کان
پڇا ٿي انهن کان مسواڙِن جو ڏس پتو مليو. پڪ ٿي ته
چيا کنڀجي ٻئي صوبي ۾ پهچائي وئي آهي. پوليس کانئس
پيسا گهريا ته، پيسا ڏي ته گاني بجاني ۽ جسم فروشي
جي ڏورانهن اڏن تان ڳولي اچون. هن نگهت جا ٻه چار
ڳهه وڪيا. معصومڙي چيا جو فوٽو ڏنائين. پوليس کيس
هتي ڇڏي، فوٽو کڻي ملڪان ملڪ نڪري پئي. ننڍا شهر
ٽپندي وڃي ملڪ جي وڏي بازار تائين پهتي. اُتي
انهيءَ شهر ۾ الائي جي ڪهڙو جن ڀوت ڏٺائون جو
پوليس، صوبيدار سوڌو تڪڙو موٽي، ۽ اچڻ سان ظهير کي
گهرائي دٻ ڪڍيائون: ”تو اسان کي رلايو آهي، شريفن
جا ڏس پتا ڏئي خوار ڪيو آهي. تنهنجي ڌيءُ ڪشمير به
ٽپي وئي آهي، ٻيا پيسا ڏي ته ڪشمير مان ڳولي اچون،
ڪشمير وڃڻ سولو نه آهي.“
ظهير روئي پيو، هيءُ ته پيرا وڃائڻ واري ڳالهه ٿي.
هن وڏن آفيسرن وٽ دانهيو، شهر جي چڱن مڙسن وٽ
دانهيو، پر ڪجهه نه ٿيو.
آهستي وقت جي دز، هن واقعي کي لَٽيندي وئي. ماڻهو،
چيا کي وسارڻ لڳا. ماءُ چرين وانگر جهرڪين کي داڻا
وجهندي سڏيندي، ڳالهائيندي هئي: ”توهان مان ڪنهن
منهنجي چيا کي ڏٺو.“
”ڪهڙي ديس مان اچو پيون، ڪا منهنجي چيا جي خبر!
چيا جهڙي ڪا من موهڻي ڏٺوَ؟“
”اڙي مايون جهرڪيون توهان تان ته گهور ويندي هئي.
ياد اٿوَ پاڙي جي ڇوڪرن، توهان مان ڪن کي سرڪڻ
ڦاهي سان پڪڙي، سوتلي ۾ ٽنگي پئي ڳلي ڳلي ڦيرايو،
۽ ڪيئن چيا اوهان جهرڪين کي ڇڏايو هو. اڃا ٿورڙو
ساهه هيؤ، جو چيا اوهان جي چهنبن کي وات سان ملائي
ڦوڪون ڏئي، اوهان اڌ مئلن کي جيئرو ڪيو هو. اڙي!
ڏسجو ڪٿي چيا سرڪڻ ڦاهيءَ جو نشانو بڻجي، اڌمئي نه
ٿيو پئي هجي. ڏسجو کيس بچائجو.“
هڪ ماءُ پنهنجي جيئري جگر کان جدا ٿي هئي. هوءَ
پئي جهرڪين سان ڳالهيون ڪندي هئي. ڪڏهن آيلن ويلن
کان چيا جو احوال پڇندي هئي: ”ڪا چيا اُڏامندي
ڏٺوَ.“
ظهير، نگهت جو هيءُ حال ڏسيو پيو رت رئندو هو. هُو
جڏهن به ڊيوٽيءَ تي ويندو هو ته: اَپ کان ايندڙ ڪا
گاڏي مِس نه ڪندو هو. اُهي گاڏيون حيدرآباد تي
ضرور بيهنديون هيون. هو سڄيون گاڏيون لتاڙي پهچندو
هو، پوءِ ئي اسٽيشن ماستر انهن کي سگنل ڏيندو هو،
۽ گاڏيون ڪراچي روانيون ٿي وينديون هيون. ڪي ورهيه
اهو سلسلو هليو. آهستي آهستي اَپ کان ايندڙ، ڊائون
ويندڙ گاڏيون بنا روڪ هلڻ لڳيون. پر ظهير تنهن
هوندي به گاڏيءَ تي نظر ڦيرائيندو هو. خاص طرح
زناني گاڏي تي، ته من کيس چيا نظر اچي وڃي. چيا
جهڙيون نينگريون گهڻيون، پر چيا ڪوڻ سڏاوي، چيا هڪ
ئي هئي.
ائين ورهيه لنگهي ويا، نگهت جي مٿي ۾ چاندي جون
ڪيئي تارون ڦهلجي ويون، ظهير غم ۽ فڪر ۾ اڌ مٿو
اڇو ڪيو، اسٽيشن تي ڦيريون پائيندو رهيو پر، چيا
جي گاڏي نه آئي. |