سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:20 

هي خاتون دوا کڻي آئي، سهڻيءَ بوتل مان سڌا وڏا ٻه ڍڪ ڀريا ۽ ساڻي ٿي پئجي رهي. مون هن خاتون کي چڱي طرح هاڻ ڏٺو، هوءَ سهڻي جي ماءُ هوندي به عمر ۾ ننڍي، شڪل شباهت وڻندڙ“ ڪپڙي لٽي جي سيبتي پر غمگين چهري واري هڪ ماءُ هئي. جنهن کي اها خبر هئي ته سندس اڪيلي ڌي موت جي منهن ۾ آهي، هاڻ هوءَ خاتون پاڻ روڪي نه سگهي روئيندي چيائين.

”ابا! پهريائين چيائون ته آنڊي ۾ اَلسر اٿس کاڌو نٿو جيورجي، آنڊي ۾ سوراخ ٿي پيا اٿس. کاڌو پيٽ چيري ٻاهر نڪريو اچي، هاڻ چيائون ته آندو رَجهي ڳري ويو آهي، آپريشن ڪنداسين. ڊاڪٽرن جي ته خبر اٿو. منڍ ۾ آپريشن ڪن ها ته هي آخري اسٽيج نه اچي ها، وري به شابس آهي سهڻي جي پيءُ کي جيڪو ٻن سالن کان هنن ڊاڪٽرن اسپتالن جي چڪرن کي منهن ڏيو ويٺو آهي، الله وڌائي منٺارکي جو آنجهي مانجهي ڏکي ويل اچيو نڪري، نه ته عزيز قريب ته هن منهنجي نياڻي کي ابتر حالت ۾ ڏسي ويجهو نه ايندا آهن.“ هوءَ پاسي واري ڪرسي تي ويهي رهي هئي ۽ روئي پئي. ائين سهڻي اُلٽي جي خيال کان تڪڙي اُٿي ۽ باٿ روم ڏي ڊوڙي. هن اُلٽيون ته ڪيون پر اُلٽين ۾ ڀرجي ساڻي ٿي نڪتي. الائي ڪهڙي خيال کان وڌي مون کيس سهارو ڏنو ۽ اُلٽين ڀريل معصومڙي روح کي ٻانهن کان وٺي بيڊ تائين آندو. ماڻس وڏي ٽوال سان کيس اُگهيو ۽ بيڊ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ مٿائنس چادر ورائي ڇڏي، هو سهڪي پئي پر مرڪي پئي.

”سائين هن ڦٽيل جهريل مڙهي کي ڪير ڪيترو سهارو ڏيندو.“ ائين چئي هو ٽپ ڏئي اُٿي بيهي رهي. چادر پري ڪري پيٽ تان پلئه پري ڪري چيائين. ”منهنجا سائين، هي ڏس اسان جو ته هيءَ نصيب آهي. ان ويلي مون کي هوءَ هڪ معصوم ٻارڙي جيان لڳي جيڪا زخم سهڻ کان پوءِ پنهنجي ”اُفا“ يا سور جي جاءِ ڏيکاريندي هجي ۽ چوندي هجي ته ”هتي شوُر آهي.“

”هي ڏشو هتي شُورُ آ“ هوءَ هن ويلي ڏکن ۾ ورتل پيڙائن جي پيڙيل اهڙي نينگر هئي جو حجاب هن لاءِ بي معنيٰ هو. پر مون ڏٺو ڪيترن هنڌن تان چمڙي ڦاٽي پئي هئي، سنهڙين جهيرن مان ڪي چانور ڪڻا، ڪي کاڌي جا ذرا، ٻاهر نڪري آيا هئ، مون يڪدم ٽوال کڻي کيس اُگهيو ۽ سندس چولي جو پلئه هيٺ ڪيو، هوءَ پنهنجون اکيون گڏي وانگر پٽ، پٽ کولي بند ڪري وري کولي مون کي گهوري رهي هئي، پوءِ هو وري ڪرسي تي آهلي پئي، مون ڏٺو سندس چهري تي  ٿڪاوٽ جا آثار هئا. پر هو کلي پئي، ”توهان الائي ڇا آهيو، مان پهرين ملاقات ۾ اوهان سان ايڏي فري ٿي وئي آهيان جو پنهنجا لڪل زخم به اوهان کي ڏيکاريان پَئي.“ منٺار جيڪو گهڻو وقت ماٺ هو تنهن هاڻ ڳالهايو، ”هي اسان جو دوست ايترو ته محبت وارو آهي جو ماڻهو پنهنجا ڏک کنيو اچيو هن آڏو وڇائين ۽ هيءَ کين آٿت ۽ مُرڪون ورهائيندو آهي.“

”ته پوءِ سائين تون مون کان وڌيڪ سخي آهين.“ سهڻي مسين ٽهڪ ڏئي ڳالهه ڪئي، ائين ڳالهيون ٿيون ته خبر پئي ته سهڻي ۽ سندس ماءُ چڱو ڪي پڙهيل ڳڙهيل نفيس ذوق واريون هيون. سهڻيءَ جي ماءُ ٽيچر به آهي، باقي سهڻي انٽر تائين پڙهي هئي. سهڻي جو پيءُ ٽفن ماني جو ڀرائي کڻي آيو، ۽ سهڻي لاءِ کير جو ٿرماس. چڱي پڪي عمر جو، منهن ۾ مڻيا وارو رئيس هو. هو ڏاڍي قرب سان مليو. منٺار سان ٻه ٽي چرچا ڪيائين.

”منٺار ڀلا ڏي خبر هوءَ تو واري مَڱ ڪاڏي وئي.“

”ڀڄ به ڳئي.“

”بابا! ادا منٺار پاڻ ڀڄي ويو.“

سهڻي ٽهڪ ڏنا ته سڀ کلڻ لڳا، مان ڄڻ ته فيملي جو فرد هئس، اسان جڏهن کانئن موڪلايو ته سهڻي ٿڌو کير پي پيتو. هن بي اختيار هٿ لوڏي مون کي ڏاڍيان خدا حافظ ڪيو. کير جي اڇاڻ جا گلاس مان نڪرندڙ اُجرا پاڇولا سندس چهري کي اُجرو ڪري رهيا هئا، هن اشاور ڪيو ۽ پوءِ سُهانجڙي جا گل ميز تان کڻي سنگهڻ لڳي مون ماڻس ۽ پڻس کان موڪلايو.

ٻاهر چانڊوڪي ۽ سُهانجڙي جا گل وڌيڪ اڇا اُجرا لڳا، مون سٽ ڏئي هڪ ٻيو گلن جو جهڳٽو پٽيو ۽ موٽي اندر ويس. سهڻي خوش ٿي تازا گل مون کان ورتا ۽ وري ٻيهر خدا حافظ چيو پر هن دفعي سندس آواز جهَڪو ۽ نه ٻڌڻ ۾ ايندڙ هو.

رستي ۾ منٺار مون کي ٻڌايو ته سهڻي جو صبح جو سوير آپريشن آهي، کيس آنڊي جو ڪينسر آهي هوءَ مشڪل بچي.

سهڻي، موهڻي نه هوندي به مون لاءِ ته هڪ عجيب پر معصوم حسن جو قدرت جو تخليق ڪيل شاهڪار هئي، تنهن تي مون منٺار کي چيو منٺار تو مون سان هيڏو ظلم ڪيو جو تون مون کي سهڻي سان تڏهن ملايو جڏهن وقت کيس چچري فنا ڪري موت جي انتظار لاءِ هڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ ڦٽو ڪيو آهي.

منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اڀري آيا، مان سڄي رات سمهي نه سگهيس، صبح جو ڪجهه دير ڀرو منٺار اسپتال مان گهر فون ڪئي، مان اڄ آفيس نه ويو هئس. ”يار سهڻي جو آپريشن ڪامياب نه ٿيو بس منٽن جا کيل ٿي ويا، هاڻي چاچو ۽ چاچي کيس ايمبولنس ۾ کڻائي ڳوٺ وڃڻ ٿا مان به ساڻن وڃان ٿو، جي اڄ سڀان اچي سگهين ته اچجان ۽ بيو ٻڌ سهڻي جي ڪپڙن جي هڙ ۽ ٻيو سامان اسپتال ۾ پيو اٿئي کڻي ڇڏجان.“ هاڻ ته ڳوڙها ڳڙي آيا. مان رُئندو اسپتال پهتس، ڪمري جي آڏو اُها بي جان بوگن ولا ۽ خوشبو دار سُهانجڙو بيٺل هو پر هاڻ مون لاءِ سهانجڙو بي جان آهي ڪمري ۾ ڪير به ڪونهي.

مون سامان سهيڙيو. وهاڻي هيٺان سهڻي جو اڇو رئو رکيو  هو. مون رئو کنيو ته منجهانئس منهنجا کيس ڏنل سهانجڙي جا گل ته بيڊ تي ڦهلجي ويا ان سان گڏ بوگن ولا جا بي جان گل، ٻين گلن سان رلجي ملجي ائين ڏيکاري ڏئي رهيا هئا ڄڻ سامهون سهڻي بي جان پئي آهي پر هوءَ هاڻ اَبدي آرام ۾ آهي ۽ هي رنگ برنگ ۽ اڇا گل کيس دائمي حسن بخشي رهيا آهن ۽ پاڻ گلن جي سونهن ۽ خوشبو وڌي رهي آهي. مون اُهو رئو ۽ گل سانڊي رکيا آهن، گل چور چور ٿي دز بڻجي ويا آهن پر رئي ۾ عجيب خوشبو رچي وئي آهي، مان سهڻي کي جڏهن به ياد ڪندو آهيان ته رئي جي خوشبو عطر عنبير بڻجي مون کي ويڙهي ويندي آهي.

(مهراڻ

مرين ته آرهڙ ۾ مرجانءِ

 

مان ان ويلي اباڻي شهر ۾ پنهنجي گهر ۾ اڪيلو ويٺو هوس، ويٺي پراڻا ڪتاب سهيڙيم ته اوچتو دَر وڳو. پهريائين ته لنوايم پوءِ جڏهن درُ ڏاڍيان کڙڪڻ لڳو ته اڱڻ لتاڙي دَر کوليم. سامهون هڪ سوٽيڊ بوٽيڊ سهڻو نوجوان بيٺو هو. ساڻس پاڙي جو هڪ نينگر گڏ هو.

”سائين، بس اسٽينڊ تي هيءُ همراهه بيٺو هو. اوهان جي پي پڇا ڪيائين.ا چي پهچايو اٿمانس. هاڻي امانت سنڀاليو.“

ائين چئي هو نينگر هليو ويو. مون هن نوجوان کي بنهه نه سڃاتو. بنهه اوپرو لڳو. هٿ ڏنومانس. پوءِ وري به گهوري کيس ڏٺم. منهنجي منهن تي سوال ڪو ائين تڪڙو اُڀري آيو جو يڪدم نوجوان هڪ هلڪي مُرڪ چهري تي آڻيندي چيو.

”سائين، توهان مون کي ائين نه سڃاڻيندو، مان ديوان موتيرام جو ڏوهٽو آهيان.“

”ديوان موتيرام؟“

”سائين مان سيتا جو پُٽ، هريش چندواڻي آهيان. مان وڏو پنڌ ڪري آيو آهيان. توهان جي حيدرآباد واري گهر به ويو هئس، ڏس مليم ته سڌو هت هليو آيو آهيان. اوهان سان ڳالهائڻو اٿم.“

هاڻ منهنجي سامهون ڪئين پنا اُٿلي ويا. نوجوان کي ور ڪري ڏٺم ته ڄڻ ديوان موتيرام آڏو بيٺو هو. سندس نياڻي سيتا جا نقش چٽا بيٺا هئا. ائين کيس ڏسندي ڏسندي ڪي پَلَ لنگهي ويا. هو گهڙيءَ کان پوءِ ح:ران پريشان ٿيڻ لڳو. هُن هڪ خاموش بت کي ڏسي نيٺ وَرُ ڪري چيو.

”سائين مان هريش چندواڻي سيتا جو پٽ ۽...“

مون يڪدم کيس ٻانهن کان وٺي ڇڪيو ۽ ڇاتيءَ لاتو. منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڳري آواز ۾ چيم ۽ ديوان موتيرام جو ڏوهٽو آهين.

”اندر هلي آ بابا!“ وڌيڪ نه پئي ڳالهائي سگهيس جيئن کيس اندر گهر ۾ وٺي آيس ۽ اڱڻ ۾ ئي هياسين ته چيائين:

”هن ئي اڱڻ ۾. اوهان ڪڏندا هُيا؟ ڀلا اسان واري جاءِ ڪاٿي آ، اها هن گهر سان هئي نه؟“ هو ائين ڳالهائي پيو ڄڻ گهڻو ڪجهه ڄاڻندو هجي.

”مَنَ، هن جاءِ جي پوئتان هڪ جاءِ آهي. اُن پوئتان ٻي جاءِ آهي. ٻنهي جي وچ ۾ لنگهه هيا. سيتا وارا ٽپي، سوٽ علڻ جي گهر ۽ وري جي ٽپي آيا ته هن گهر ۾. هيءَ جايون يا پاسي اوسي واريون جايون سڀ سنڌي هندن جي ملڪ هيون. هنن گهرن اندر ڪيئين گهر هُيا. آباد هُيا ته آباد هُيا. هينئر آباد هوندي به غير آباد آهن، جي آباد آهن ته ڪُڻو ڪَڻي کان ڌار آهي.“

هو حيران ٿي منهنجي منهن ۾ تڪڻ لڳو. مون چوڌاري ڦهليل لنگهه ۽ گهَٽ ڏيکاريس جيڪي بند هُيا.

”هو در ڏس، اهو بند آهي جنهن کي پريان ٻه وڏا لوهي ڪلف ڏنل آهن، اهو در سوٽ علڻ جي گهر ڏي کلي اوهان جي گهر جي دري به ٽپائيندو هو. اسان اتان ويندا هياسين. سيتا دادي شيلا، سيتا جي ڀيڻ نرملا، سڀ هن اڱڻ ۾ ايندا هيا، هن گهر کي ئي اڱڻ هو. کٽن تي اسان جي مائرن ڀينرن ۽ ڪاڪي موتيرام جي گهر وارن لاءِ ڪچهري جو هنڌ هو. تون پڪ پنهنجو گهر ڏسڻ آيو هوندين؟ پر معاف ڪجانءِ مٺا. توهان جو گهر پٽ ڪري سوٽ علڻ وارن پنهنجون نئون گهر ٺهرايو آهي. تون ڇا ڏسندين. هتان سنڌ مان ڪئين ئي لڏي ويل. سانگي سان جڏهن به سنڌ ايندا آهن ۽ جڏهن پنهنجا ماڳ مڪان ڳوليندا آهن ته کين يا ته ڳوليندي نه لڀندا آهن يا اُنهن جي شڪل اهڙي هوندي آهي جو هو رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي واپس موٽي ويندا آهن.“

مان يڪو ڳالهائيندي پيو هليس. هو ماٺ ڪيو بيٺو هو ۽ مون ڏي تڪي رهيو هو. هن جي چهري تي ڪي به جذباتي اهڃاڻ نه هئا. پوءِ خيال آيم ته پرانهين پنڌ کان آيل هن مهمان کان نه سندس حال احوال ورتو اٿم نه وري چانهه پاڻيءَ جو پڇيو اٿم. پوءِ مون کيس وٺي وڏي ڪمري ۾ وهاريو. ڪمري ۾ ٻه چار کٽون، پلنگ ۽ ڪرسيون پيون هيون، هيءُ گهر ٻن ٽن هندڪين جاين تي جُڙيل هو. ڪي ڪمرا پراڻا، ته ڪي نوان ڪمرا به جوڙايل هئا. هنن جاين تي مقامي ماڻهن جو حق نه هو، هي جايون ۽ ٻيون سڀ جايون ڪليمن ۽ ٻاهران آيلن کي مليون جن پوءِ وڪيون.

هريش هر پاسي هر هنڌ لوڻا هڻي ڏسندو رهيو. مون منجهس ڪا بيچيني ڏٺي. مون کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ آئي.ئ اُٿي کيس ٻانهن کان ورتم ۽ سڌو ڪوٺي تي وٺي ويس. سوٽ علڻ واري جاءِ پاسي پلئڙي کان بيهاريو مانس. اڱڻ ۾ ڪير ڪونه هو. سوٽ علڻ جي وفات کان پوءِ گهر ۾ سندس اولاد ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. سندس گهر واري پيڪن ۾ رهندي هئي ۽ قذافي ايندي هئي. سوٽ علڻ جي ڀاءُ جو گهر ويري وجهڻ ڪري پاسي تي هليو يوو.

هيءُ اهو پاسو آهي جتي ڪاڪو موتيرام ۽ اُن جو خاندان رندو هو. اهي جايون سڀ ڊهرائي سوٽ علڻ جي پيءُ سيٺ عبدالڪريم هي نيون جايون جوڙايون. ڪاڪو موتيرام ۽ سيٺ عبدالڪريم گهاٽا دوست هئا ۽ ڌنڌي ۾ ڀائيوار به هئا. توڙي ڪاڪو موتيرام ڪورٽ ۾ وڏو سرشتيدار هو پر پئسي پنجڙ وارو هيو. هن ئي سيٺ عبدالڪريم کي وڏي ڌنڌي تي لاتو. هن ئي کيس وڏي حاويليءَ جي سوڙهه مان ڪڍي هن گهر ۾ آندو. هيءُ پريون حصو جيڪو ٻئي ڀاءُ کي مليو اهو ڪنهن ٻئي ديوان جو هيو. جنهن ۾ پهريائين سيٺ عبدالڪريم اچي گهر ڪيو. پوءِ هي ٻئي گهر ڄڻ هڪ ٿي ويا. وچ ۾ هڪ دري هئي، جتان سڀ هڪ ٻئي ڏي ايندا ويندا هئا. ٻاهر لنگهه لاءِ هڪ گهٽي هئي. هنن ٻنهي جي دوستي ايتري ته پائدار هئي جو ورهاڱي کان پوءِ ڪاڪو موتيرام ڪو ٻارنهن تيرهن سالن پنهنجي جاءِ ۾ رهيو پيو هو. هن جو وڇوڙو به وڇوڙو هيو. وويو ته جاءِ، دوڪان، ڌنڌو ڌاڙي سڀ ڪجهه کيس لکي ڏئي ويو. ڪاڪو موتيرام شايد نه وڃي ها پر ڪي بيوسيون اهڙيون هونديون آهن جو ماڻهن کي مجبور ڪيو وجهن ۽ وطن کان بي وطن ڪيو ڇڏين. هاءِ ڙي زمانا!!“

 مون اڃا ڳالهايو پي ته ڏٺم هريش پوئتي موٽي وڃي ڏاڪڻ وٽ بيهي رهيو. هُڻ اباڻين جاين ۽ ماڳن جي نئين سر جوڙ جڪ تي ڪجهه نه ڳالهايو. مان به تڪڙو موٽي اچي کيس رَسيس. ڪمري ۾ آياسين ته اسان جي جهوني ڪم ڪار واري ماسي چانهن کڻي پيئڻ لاءِ اشارو ڪيو. هو خاموش ويٺو رهيو. اوچتو ڳالهايو. ائين لڳو ڄڻ ڪنهن ڦٽل کوهه مان سندس آواز ايندو هجي.

”سائين، نه مان چانهه پيئڻ آيو آهيان نه مان پنهنجا اباڻا ڪک ڏسڻ آيو آهيان. مان ٻي پيڙهيءَ جو شخص آهيان. نه مون هيءَ ڀومي ڏٺي نه هتان جو پاڻي پيتو. هتي جو ماضي منهنجو ماضي نه آهي. منهنجو پيءُ به سنڌي نه هو. هو هڪ هندستاني مرهٽو هيو، جيڪو امان سيتا سان شادي کان پوءِ سِگهو ئي گذاري ويو. امان سيتا پاڻ نوڪري ڪري، پورهيا ڪري مون کي پالي وڏو ڪيو. پالنا ۾ دادا موتيءَ جو به وڏو هٿ هيو. مان هاڻي اتي هڪ وڏي ڪمپنيءَ ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر آهيان. هيءَ ٻولي. هيءَ هن ڌرتيءَ سان ٿورڙي ڪي گهڻي وابستگي منهنجي ماءُ ۽ دادا جي بخشيل آهي. منهنجي گهر واري پڻ سنڌڻ آهي پر هن کي ايتري سنڌي نه ايندي آهي. ٻه ٻارڙا اٿم، اهي سنڌي سمجهندا آهن پر گهٽ ڳالهائيندا آهن. هو ممبئي جي وڏي ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهندا آهن. گهڻو تڻو انگريزي يا اردو گاڏڙ هندي ڳالهائيندا آهن.“

هن جيئن ساهي کنئي ته مون ڳالهايو. ”تو سويل چيو پي ته تون هت ڪنهن خاص ڪم سانگي آيو آهين. اهو خاص ڪم ڪهڙو آهي؟“

هو اٿي ٻاهر ويو ۽ ورانڊي ۾ ڇڏيل ٿيلهو کڻي آيو. هُن هيٺ ويهي ان جي زپ کولي ۽ ڪنجهي جو وڏو گول لوٽو ڪڍيو. ان لوٽي جو منهن ڳاڙهي ڪپڙي سان سوتلي ويڙهي بند ڪيو ويو هو. هن اُهو لوٽُ ڪڍي ٽيبل تي رکيو پوءِ ٿيلهي مان هڪ ننڍڙو لفافو ڪڍيو. هن ۾ ڪا چٺي هئي. هن اهو لفافو مون کي ڏنو ۽ سامهون ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. مون ڏٺو انهيءَ ٿورڙي ڪرت ۾ هو سهڪي پيو ۽ اکين ۾ آلاڻ هيس. ان آلاڻ کي لڪائڻ لاءِ هو ڇت ۾ اکيون وجهي ويهي رهيو. مون لفافو آهستي آهستي ڪري کوليو، هي هڪ پني واري چٺي هئي.

”پيارا ڀاءُ.

ورهيه لنگهي ويا آهن. وڇوڙي پينهي ڇڏيو آهي. مان پنهنجي پٽڙي هريش کي اوهان ڏي هڪ امانت سان گڏ موڪليان ٿي. هيءَ امانت دادا موتيءَ جون هاٺيون آهن ۽ انهيءَ لوٽي ۾ بند آهن. سندس وصيعت هئي ته هي سنڌ جي پاڻيءَ ۾ لوڙهجن، خاص طرح ان واهه ۾ جت دادا ۽ اوهان سڀ گڏ وهنجڻ ويندا هئا. هن جي اوهان سان گهڻي دل هوندي هئي. هو اوهان کي هميشه لِڇڻو يا لکڻو ٻار ڪري ياد ڪندو هو. دادا عبدالڪريم جي گذرڻ جو ڏک هيس. علڻ جي بيوفائيءَ جا ڏنل سور چاڪ ڪري چڪندا هيس. ان ڪري هن جو حڪم هيو ته سندس هاٺيون، اوهان ڏانهن موڪليون وڃن ته جيئن ان واهه يا بريچ واري وڏي واهه ۾ لوڙهجن. هو، اهي آرهڙ جا ڏينهن، انبن جي مند، مڇي ۽ پلي کي نه وساري سگهيو هو. آرهڙ جي ڏينهن ۾ پت نڪرندي آهي، هت جڏهن پت يا آرايون نه نڪرنديون هيون ته سنڌ جي گرميءَ کي ياد ڪري آڙهڙ جي مند کي ياد ڪندو هيو. گنگا يا جمنا تي ويندو هيو پر چوندو هيو، هاءِ سنڌو درياهه جو پاڻي!! واهه واهڙ ڀريو ڇڏي. اُن لڙاٽيل مٽيءَ واري هڳاءَ وارو پاڻي گنگا ۽ جمنا ۾ ڪٿي؟ توهان جو قرب، آٿٿ ۽ سڪ ياد اٿم. توهان منهنجا محسن رهيا آهيو. هيءُ هڪ ٻيو احسان ڪندا. مان به هاڻ بيمار رهان ٿي. عمر اچي کُٽي آهي. شال مونکي به سنڌوءَ جو پاڻي نصيب ٿئي. هريس کي چيو اٿم ته منهنجون هاٺيون به اوهان تائين پهچائي. اوهان ٻيئي گڏجي سنڌوءَ ۾ لوڙهجو. اوهان ٻيئي منهنجا وارث آهيو. ڌڻي توکي ڏينهن ڏئي، جڏهن رکڙي ڏينهن ايندو آهي ته توکي ياد ڪندي آهيان. ڪي پراڻيون، ڪي تازيون رکڙيون موڪليانءِ ٿي. هريش جي ٿيلهي جي پاسي واري خاني ۾ وڌيون اٿم، تون پاڻ هٿ سان ڪڍي گهڙي پل لاءِ پائجانءِ، ضرور. آهين. سٺو پر صفا ڳيٿرو، اڳيون پارايل رکڙيون ته وڃائي ڇڏيون هوندءِ. مان به ته ڳيٿري آهيان جو ورهيو پنهنجي سجڻ کي ياد نه ڪيو اٿم. هريش جو خيال ڪجانءِ. ٻي امانت اها اٿئي. اها به توکي پرتي. شال جڙيو هجين، ٻچڙن سان خوش هجي.

”تنهنجي ڀيڻ سيتا.“

مان خط ته پڙهان پيو،ا وڻ سان گڏ هنجون پيو هاريان. سامهون منهنجي هڪ وڏڙي مٺي ۽ سدوري شخص جون هاٺيون پيون هيون، ڄڻ سندس ميت پئي هئي. سيتا جي خط وري مونک يماري ڇڏيو. سامهون هريش به روئي رهيو هو، ائين پئي لڳو ته ٻه ميتون پيون آهن ۽ ماتم ڪرڻ وارو هڪ آهي.

مون اُٿي ٿيلهو کنيو. ٽيبل تي رکي، پاسي واري خاني جي زپ کولي هڪ ننڍڙو پئڪيٽ ڪڍيو.

”هريش پٽ، تون ڪجهه آرام ڪر. مان به پنهنجي ڪمري ۾ وڃان ٿو. روٽي پاڻي جي ڪري پوءِ هاٺيون کڻي هلنداسين. شيءَ شڪل کپئي ته ماسيءَ کي سڏي وٺجانءِ.“

مان ڪڌن جهڪائي هاٺين آڏو بيٺس پوءِ مون اهو گول ڪَنجهي جو لوٽو کنيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس.

ڪمري ۾ اچي هڪ پلنگ تي لوٽو رکيم ۽ ٻئي پلنگ تي آهلي پيس.

راکين وارو لفافو مٿي کان رکي ڇڏيم. مون لوٽو سوري وهاڻي تي رکيو. ائين ڪاڪو موتيرام منهنجي ڀر ۾ ٻئي پلنگ تي ائين ستو پيو آهي جيئن هو حيدرآباد واري ابي کي مليل سرڪاري گهر ۾ منهنجي ڪمري ۾ پيل ٻي کٽ تي سمهندو هو. حيدرآباد ايندو هو ته رهندو به اسان وٽ هو. مان ڪاڪي موتيرام کي ننڍي هوندي کان ڏسندو آيو هيس. سهڻو سيپڪڙو قدارو جوان. پهران ۽ پاجامي ۾ هجي يا شرٽ پينٽ ۾. لوڏ ڏئي هلندو هو ته ڪنهن فلم جو هيرو پيو لڳندو هيو. هر وقت پيو مرڪندو ۽ کلندو. سندس اڇا کير جهڙا ڏند اونداهه ۾ به پي اجرڪندا. جهڙو پاڻ سهڻو تهڙي دادي شيلا. اُن کان وڌ سندس ٻه نياڻيون سيتا ۽ نرملا پيون ٻهڪنديون، ڪاڪو موتيرام ڪچهريءَ ڄو ڪوڏيو، شام ٿي ناهي اسان جي اوطاق تي اچي نڪرندو. بابي جي سوٽن سان گهڻي هيس. خاص طرح سيٺ عبدالڪريم سان، ساڻس گڏ چمن لال، پمن داس ۽ ٻيا ديوان گڏ هوندا هيا ته اسان سڀ نينگر نينگريون هن اڱڻ ۾ پيا ڪڏندا هياسين. چاچو سيٺ عبدالڪريم لَڏي آيو ته ڪاڪي موتي اسان کي ۽ ٻئي چاچي کي به جايون وٺي ڏنيون ۽ حويليءَ جي ڪُن مان ڪڍي هتي سوکو ڪيو. بابي جي نوڪري سانگي اسان کي ٻين شهرن ۾ وڃڻو پيو. وئڪيشن ۾ ايندا هياسين ته منگل ٿي ويندا هيا.

ڪاڪي موتيءَ جون نياڻِيون ملوڪ هيون. وڏڙيون ٿيون ته هر هڪ جي منجهن اک هوندي هئي. چاچي سيٺ عبدالڪريم جي وڏي نينگر سوٽ علڻ وڃي سيتا تي اَڪن ڇَڪن ٿيو. گڏ جو رهندا هُيا ته هن سيتا کي آهستي آهستي دام ۾ آڻڻ جي ڪئي. سيتا پڙهيل ڳڙهيل هئي ان ڪري هوءَ تيز ۽ هوشيار هئي. هوءَ ساڻس اهڙي قرب ۽ محبت سان پيش ايندي هئي جو اسان کي به شڪ پوندا هئا، مٿان سوٽ علڻ جي لاڦ ته مٿس هڪ ڇوڪري اُڪن ڇَڪن ٿي پئي آهي. هو جنهن نموني هن کي بدنام ڪندو هيو مونکي ڏک ٿيندو هو.

سيتا هڪ دفعو سڪ سان مون کي رکڙي جو ٻڌي ته مان کيس ڀيڻ وانگر ڀائيندو هيس. سوٽ علڻ ڏاڍو مڙس هيو ۽ مون کان به وڏو هيو. مون کيس چوڻ جي سگهه به نه هئي. مون هڪ ڏينهن پاسو وٺي سيتا کان پڇيو. ”هي سوٽ علڻ ڇا پيو وڦلندو وتي!“

”ها، مان کيس چاهيندي آهيان. سدنس پريم پوڄارڻ آهيان پر مَنَ ۾ پوڄا ڪندي آهيان. هن وانگر پڙها ڪونه ڏيندي آهيان. مون کيس چيو، اٿئي همٿ ته مونکي پنهنجو ڪر. مذهب بدلائي به مون سان شادي ڪر.“ سوٽ اندران نٻل هو. هو سيتا کي چاهيندو هو پر هو پريم ۽ پيار جي نازڪ ۽ ڪئنرن جذبن کان آگاهه نه هو. هاڻ اسان سڀ وڏڙا ٿي ويا هياسين. ڌوپڙا، ڦر ڦر سونٽا سڀ پورا ٿي ويا هيا. ڪوٺن تي چڙحي، هڪ ٻئي ڏانهن چڙهي ويندا هياسين، گڏجي سڏجي ڪچهريون ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن سوٽ علڻ سيت سان پرڀرو بيٺو ڳالهائي رهيو هو. اسين ٻيا سوٽ، ڀينر ڀائر غلم وڇايو ڪچهري ڪري رهيا هئاسين. ڪنهن پڪوڙا آندا هيا، ڪنهن گيهَر، ڪنهن مرملا ته ڪنهن پيڙا، کل ڀوڳ جاري هيا ته ائين سيتا جو آواز تيز ٿيندو ويو.

”علڻ ٻڌي ڇڏ مان سيتا آهيان. اٿئي همت ته جهر جهنگ جهاڳي گهر ٻاٽ ڇڏي مون لاءِ بنواس به ڪاٽي مون تائين پهچ ته رام ڪري پوڄيانءِ. منهنجو تنهنجو پريم جو ناتو آهي چريا. ڪجهه سمجهه مون کي ڏکوءِ نه. مان توسان سچي آهيان. شڪ نه ڪندو ڪر.“ پوءِ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. مون وڌي کيس پرچايو ۽ علڻ کي ٿڪ لعنت ڪئي.

عشق ۽ مشڪ ڪو لڪڻ جا آهن. ڳالهه کي گهڻو ڍڪيوسين. پر ٻاڦ ڪاڪي موتيءَ تائين پهتي. هُو حيدرآباد هليو آيو. رات جو ائين کٽن تي ليٽيا پيا هياسين ته ڪاڪي موتيءَ ڏک مان ڀڻڪو ڪڍيو.

”مونکي ڏک رُڳو اهو آهي ته مون کان تو هيترو عرصو ڳالهه ڇو لڪائي. قصو شاديءَ تائين پهتو آهي ۽ مونکي خبر ئي نه آهي. تون گهٽ ۾ گهٽ اهو ته نه لڪائين ها ته هنن ٻنهي ۾ پريم جو ڪو چڪر انهيءَ حد تائين پهتو آهي؟“

مون وٽ ڪو جواب ڪونه هو. ڪاڪو موتي ڪو اندران اهڙو راڄائتو، اڇو اجرو ۽ ننگن وارو هيو جو آهستي ڀڻڪو ڪيائين.

”جي ادو عبدالڪريم راضي ٿئي ته مان سيتا کي هت ڇڏي هليو وڃان پوءِ ڀل مسلمان ڪري سندس شادي علڻ سان ڪرائي. مان پريت جي پت وڃائڻ نٿو چاهيان. ورهين جا ناتا ڪو ائين وڃائبا يا اولاد مِٺو ڪبو؟“

مان ٽپ ڏئي کٽ تان اُٿي ويهي رهيس. دل مان بي اختيار نڪتو، ”واهه لاکيڻا، ڪاڪا موتي.“

 پهريائين مون سوٽ علڻ سان ڳالهه ڪئي. گهڻي همٿ ٻڌائي مانس پر پيءُ کان ڇرڪي پيو. مان ئي سندرو ٻڌي چاچي عبدالڪريم وٽ ويس. ڳالهه ڪرڻ جي دير هئي هو بنهه پڙ ڪڍي بيٺو.

”ميان توهان ٻار آهيو. اها ڪا سولي ڳالهه آهي. هندو مسلم فساد ڪرائيندو ڇا؟ موتي به جذباتي آهي. ٻارن جي ڳالهه آهي پاڻ ئي ختم ٿي ويندي.“

پوءِ هُن ڪاڪي موتيرام کي گهُرائي کيس سمجهايو ۽ ڇوڪراڻي وهيءَ جي جذبات کي ٻاراڻي ڳالهه سمجهي وسارڻ جو چيو. پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو ڪاڪي ٻن چئن ڏينهن ۾ ٻارن ۽ گهر واريءَ کي انڊيا موڪلي ڏنو. هو پاڻ به ڪجهه مهينن پڄاڻان ويو پر رُئندو ويو. هنن مون کان نه موڪلايو نه وري ڪو خط پٽ هيڏي آيو. هو سڀ ڪُجهه سيٺ عبدالڪريم کي ڏئي ويو. اڄ رَکَ ٿي موٽيو آهي. سيتا رکڙين جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي پئي آهي. مون پيڪيٽ کولي رکڙيون کڻي اکين تي رکيون. سيتا وئي هئي ته روئندي وئي هئي. مونکي لڳو ته سندس ڳوڙهڻ جي آلاڻ هنن رکڙين تي اڃا آهي. ائين در کڙڪيو. مان ٻاهر نڪتس، ماسي بيٺي هئي.

”مهمان اوهان کي سڏي ٿو، ڀلا ماني پايان؟“

”ها ڀل پاءِ.“

هريش اتي ئي ويٺو هيو. هن ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو. ”دادا. ڀلا هلون.“

”بس پنجن منٽن ۾ ٻه گرهه کائي وٺون. پنڌ پري ناهي.“

ماني هريش ته ڄڻ کاڌي ئي ڪونه. مون ٻه گرهه مس کاڌا. سچ ته ماني وڻي ئي ڪانه پئي. پٿر جنهن گهر ۾ هجي اوتي ماني ڪهڙي؟

اوطاق تي اچي، گيريج مان گاڏي ڪڍايم. ڊرائيور کي واهه تي هلڻ جو چيم. اُت پهتاسين ته واهه ۾ ڦڙي ڪانه هئي. سڄو سڪو پيو هو. هريش حيران ٿي ويو. ڪجهه پرڀرو وڏو ريگيوليٽر وارو ڪئنال هيو جنهن کي بريچ به پوندا هيا. اُت ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيم. اُتي پهتاسين ته هتي به ڪاريءَ وارا ڪک هيا. واهن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي بنهه نه هو. مان منجهي پيس. هريس چپ هيو. مون سوچي ڊرائيور کي چيو. ”هل درياهه تي هل.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org