پوءِ ممتاز رُئڻ لڳو. پوءِ هُن پاڻ کي روڪيو ۽
لوئي وات ۾ ڏني. اِنهيءَ وچ ۾ پهلوان اچي ٽجوڙ جو
دَر آهستي آهستي ورائي بند ڪيو ۽ هُو ٻاهر نڪتا.
ممتاز آسمان ڏي ڏٺو، تارا آهستي آهستي اُجهامندا
پئي ويا. ٻئي گهٽيون ٽپندا لهندا ويا. هن دفعي
هُنن باغ وارو رستو نه ورتو شهر اڃا اوندهڙي ۾ ٻڏل
هو. هاڻ ڪٿي ڪٿي باهڙيون دُکيل هيون. چوڪيدار
پنهنجي ننڊ پوري ڪري، ڪنهن ڪنهن دوڪان آڏو ويٺا
هئا. پهلوان پراڻو چُور هو، هو پَريان ماڻهو ڏسي
موٽيو. ممتاز ڏک ۽ غم ۾ ورتل وڌندو پئي ويو. هُن
کيس ويجهو وڃي موٽايو. پوءِ هُو پوئتي جيئن وَريا
ته چوڪيدارن کيس ڏسي ورتو.
”اڙي ڪهڙا آهيو!“
”ڀلا نه ويندي!“
پهلوان ته ڦِٽل باغن ۾ لهي پيو، ممتاز وري به
پنهنجي گهر وارين گهٽين ڏي وريو. هُن کي يقين هو
ته هُو سنهڙو سيپڪڙو آهي، هيءُ چوڪيدار کيس ڇا
وٺندا. هُو اُنهن ڀڳل جاين ۾ لڪي ويندو. پوءِ جڏهن
ڪير نه هوندو ته هُو ڀرسان ٺهيل ٻين نَين جاين ۾
ويندو، جتي سندس ماءُ، سندس جيجي سونان جي ماءُ ۽
چاچي پريل کان معافي وٺندو ته هو گُنهگار ۽ ڏوهي
آهي. سويل رُئندي رُئندي کيس خيال آيو ته سندس
ڇوٽڪارو اِنهيءَ ۾ آهي ته هُو هاڻ ڌڻين کان به
معافي وٺي، جن جو هو ڏوهاري آهي. هو اِهو سوچيندي
ڊوڙندو رهيو. ”چور چور... وٺجانس، نه ويندين!“ جا
آوز هر گهٽيءَ مان گونجڻ لڳا. ممتاز پنهنجي گهر
واري گهٽي ۾ داخل ٿيڻ تي هو. هو حفاظت ۽ اَمانَ
واري جاءِ ۾ اچي محفوظ ٿيڻ وارو هو، جو الائي ڪٿان
هڪ بندوق جو فائر ٿيو. ممتاز جي ڪُک وڃي ورتائين.
هو ٿڙيو ٿاٻڙيو، پوءِ الائجي ڪيئن وڃي پنهنجي گهر
جي جاءِ وٽ پهتو ۽ ڪڙو کڙڪائڻ لڳو. ممتاز جي سڳي
ماءُ جي کٽ ٻاهرين دَر جي ويجهو هئي، ۽ هُن ان
ويلي فجر نماز لاءِ پاسا پئي ورايا. اڃا ڪجهه دير
هئي. ائين بندوق جا ٺڪاءُ ٻُڌائين، ”چور... چور“
جا آواز ٻُڌائين، پوءِ در تي کڙڪو ٻُڌائين. بي
اختيار وات مان نڪتس: ”ابا! ڪير“، جواب نه آيو.
”اَبا ڪير؟“
ڏاڍي درد ۽ پيڙا مان جهيڻو آواز ڪنين پيس: ”امان!
اَمان! مان ممتاز!“
هوءَ ڊوڙندي وئي، ممتاز جي آواز کيس ڇڪي دروازي تي
آندو، پر دروازي تي اندران قُلف ڏنل هو. هُوءَ
ڊوڙندي پٺتي وري. نورَ کان جهڪي، جيئن تيئن ڪنجيون
کنيائين. دروازو نه پئي کليس. نيٺ کُليو، سامهون
ڪير به نه هو. هُن هيٺ ڏٺو، پيرن ۾ لوئيءَ ۾
ويڙهيل هڪ ماڻهو پيو هو. هوءَ ڪا گهڙي بيٺي رهي،
پوءِ اَندران جهٻي آيس. هُن کي پڪ ٿي ته هُو ممتاز
آهي. هُن ورهين کان پوءِ پٽ کي ڇاتيءَ لاتو. هوءَ
اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. محمد پريل ۽ سندس گهر
واري پيرسنيءَ ڪري رڙهندا آيا. هنن ممتاز جي ماءُ
کي رُئندي ڏٺو ته هو سمجهي ويا ۽ هنن جي هنيان کي
اهڙي سَٽ آئي جو هُو اُتي ئي هيٺ ويهي رهيا هُنن
آسمان ڏي رحم لاءِ واجهايو. اُت هاڻ ٻاجهه جا تارا
به نه رهيا هئا. پهلوان اِنهن ٻاجهه جي تارن لاءِ
واجهائيندو شهر کان ٻاهر سپر هاءِ وي ڏي ڊوڙندو
ويو. سندس اکين ۾ هاڻ ڳوڙها ها، ممتاز ۽ سونان جي
ڪهاڻي ٻڌي. پر کيس اڃا خبر نه هئي ته ممتاز ٻاجهه
جي تارن لاءِ واجهائيندي آوازن جي ٽجوڙ ۾ دفن ٿي
ويو آهي، نه ته هُو اوڇنگارون ڏيئي ايڏو روئي ها
جو آسمان لُڏي وڃي ها ۽ تارا ڪڏهن نه اُجهامن ها.
(مهراڻ 3/2008ع
مان غريب الوطن
ناهيان
شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيون ڇڊيون ٿينديون وينديون
آهن جڏهن اُنهن جي توڙ تائين پهچبو آهي ته ايڪڙ
ٻيڪڙ ڪچيون پڪيون جايون ۽ ڪي ڪکاوان گهر آخر ۾ وڃي
رهندا آهن ۽ ائين جڏهن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين
کي ڇڏيندي الوداع چئبو آهي ته يا ته ’خدا حافظ‘
جو بورڊ نظر ايندو آهي يا ’فلاڻي ٿاڻي جي حد شروع‘
۽ ’فلاڻي ٿاڻي جي حد ختم‘ جا بورڊ نظر ايندا آهن ۽
ڪڏهن اُنهن بورڊن تي ٿاڻي جي صوبيدارن جا نالا به
لکيل هوندا آهن.
هيءُ ڪو وڏو شهر نه آهي، پر اُن جي پڇاڙي چڱي آهي
جو شهر ڇڏيندي چڱي پنڌ تائين ڪي جايون، ڪي ڪکاوان
گهر يا چند گهرن تي مشتمل ڪي ننڍڙا بي نام ڳوٺڙا
به آهن. بي نام ڳوٺڙي وٽ اها ڇڊي، ننڍي، هڪ ڪمري
واري ڪچي پڪي ننڍڙي جاءِ هئي. ضميرحسين پنهنجا وڻ
ٽڻ ڇڏي ڪٿان اچي ڪٿي وارد ٿيو هو. هُن جڏهن هيءَ
جاءِ سودي هئي ته هيءَ جاءِ هئي، هاڻ اُتي اُنهيءَ
جاءِ ۾ هڪ دُڪان آهي، جيڪو ضمير رهڻ واري ڪمري کي
تياڳ ڪري پنهنجي گذر سفر لاءِ اَڌ ۾ دُڪان ۽ اڌ ۾
رهندو هو. اُنهيءَ جاءِ کي هڪ ماڙي به هئي، ڪوٺي
تي هڪ ننڍڙو ڪمرو. ضمير ڪڏهن ٿڪبو هو ته مٿي چڙهي
هڪ کٽ تي اچي آهلندو هو. جاءِ کي هڪ اَڱڻ به هو.
ٿوري دير ۾ وري هيٺ لهي اڱڻ ۾ لڳل نلڪي مان باڙدي
ڀري دُڪان جي ٻاهران رکيل مَٽ آگهاري ڀريندو
ويندو هو. پوءِ هو دُڪان جي سارسنڀال لهندو هو.
جيتوڻيڪ سندس دڪان چوويهه ڪلاڪ کُليل رهندو هو.
رات جو هو. دير سان دڪان جو در اندران بند ڪري،
اندر وڃي دُڪان پويان هٿرادو ٺهيل ڪمري ۾ سمهندو
هو. هو ڪير هو ۽ ڪٿان کان آيو هو، ڪنهن کي خبر نه
هئي، پر اُٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ مان لڳندو هو ته سنڌ
جي سرحدي شهرن جهڙوڪ جيڪب آباد، جهٽ پٽ يا
جعفرآباد جو هو. هو خاموش طبيعت جو اَمن پسند
ماڻهو ٿي لڳو. ورهين کان شهر ٻاهران اوجهڙ علائقي
۾ رهيو پيو هو. اوسي پاسي جا ماڻهو کانئس سيڌي
پاڌي جون شيون اچيو وٺندا هئا. گراهڪي گهٽ هوندي
به سندس گذر سفر ٿي ويندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ڀرپاسي جي ڳوٺن ڏي ٽانگي تي ويندڙ
سواريون ڪي سيڌي پاڌي جو رهيل کُهيل سامان ضمير
کان وٺندا ويندا هئا. ضمير حسين جو منگوليائي چهرو
۽ اَڌ سُنهري وار اُن ڏينهن وڌيڪ چمڪندا هئا، جنهن
ڏينهن ٻهراڙي جا ٽانگا گهڻي تعداد ۾ سندس دڪان آڏو
بيهندا هئا ۽ هُن جي دڪان جو وهنوار وڌي ويندو هو
۽ سندس دَخل تي رکيل ڪاٺ جي پيتي ۾ روڪڙ ججهي ٿي
ويندي هئي. اُنهيءَ صبح جو هو دڪان جي ٻُهاري ڪڍي
ٽپڙ ٽاڙي ٿائنيڪا ڪري دڪان جي ٻاهران ڪٻاڙي کان
ورتل هڪ لوهي ڪرسيءَ تي بالم ٿي ويٺو هو. هُن جي
منهن مان ائين لڳندو هو ته کيس ڪو فڪر ئي ڪونهي.
هن جو چهرو سخت ۽ پٿرائون لڳندو هو. هو کلندو به
گهٽ هو ته ڳالهائيندو به گهٽ هو. پر گراهڪن سان
ٿورا ڊاڙ ٺڪاءَ هڻڻ سندس فرضن ۾ شامل هو. گراهڪ
وڃڻ کان پوءِ کيس ائين ماٺ اچي ويندي هئي ڄڻ چاٻي
جو رانديڪو چاٻي کُٽڻ کان پوءِ ماٺ ۾ اچي ويندو
آهي ۽ هڪدم بيهي رهندو آهي.
سياري جا ڏينهن هئا. دڪان آڏو باهڙي ٻاري پاڻ کي
ته گرم ڪرڻ جا جتن به پئي ڪيائين پر اوسي پاسي
رهندڙ هارين نارين کي ڄڻ سَڏ پئي ڪيائين ته ”دڪان
کُلي ويو اٿو، اَچو دوستو، ٻارڙو! اچو، اچي هٿ
سيڪيو.“ پر هونئن به صبح جو سندس دڪان جو وڪرو گهٽ
ٿيندو هو. لڙيءَ ٻپهريءَ مهل، ڪي ڪڙمي ڪاسبي شهر
کان ٽانگن يا گاڏن تي موٽندا هئا ته سندس دُڪان تي
گهڻو ڪري کُٽل سامان يا سگريٽ ٻيڙين لاءِ بيهندا
هئا ۽ شهر جو احوال، روزگار مزوري جو احوال ڏيندا
ويندا هئا. هو دڪان جي ٻاهران پيل هڪ بورڊ کي تڪي
رهيو هو، جيڪو هن ڀت سان ٽيڪ ڏياري رکي ڇڏيو هو.
هُن اڃا تائين بورڊ ٽنگيو نه هو. هيءُ ڪنهن چانهه
جي ڪمپنيءَ جو اشتهار هو، جنهن جي هيٺان لکيل هو:
”اسٽاڪسٽ: ضمير خان بلوچ غريب الوطن اسٽور.“ ڪافي
ڏينهن کان پيل اُنهي بورڊ کي تڪيندو رهيو، پر جڏهن
هُن جي نظر ضمير خان بلوچ تي پوندي هئي، ته ويتر
وسامي ويندو هو. شايد اِهوئي سبب هو جو هُن انهيءَ
بورڊ کي مٿي ڪين هڻايو هو. هو جڏهن اُنهي نالي کي
ڏسندو هو ته کيس ائين لڳندو هو ته هُو ڪيترن
ويچارن ۾ پئجي پنڌن ۽ پيچرن تي وڃي رهيو آهي، جت
ڪنڊن ۽ پٿرن جي واٽن کان سواءِ ڪي به ڪينهي. سندس
پير پٿون ٿيندا وڃن ۽ چَپ خشڪ. پوءِ هو اُٿي ٻاهر
ئي پيل مَٽَ مان جستي گلاس ۾ پاڻي ڀري ٻه ٽي گلاس
پي ويندو هو. مٿان وري ”غريب الوطن اسٽور“ سندس
لاءِ ڏکوئيندڙ گهڙي هوندي هئي. هو اُنهيءَ خشڪي
کان پاڻي پي رهيو هو ته پريان سندس نظر سڌي رستي
تي ڏانهس ايندڙ ٽانگي تي پيئي. هُن دلچسپي سان
ٽانگي کي جانچيو. هُن سوچيو، ڪي ٻهراڙيءَ جون
سواريون، يا ڪو زميندار پنهنجي ٻني ڏانهن وڃي رهيو
آهي. هو بي اونو ٿي وري ڪرسي تي وڃي ويٺو. هو
اُنهن ڏکين پنڌن پيچرن تي هلڻ لڳو. ائين ٽانگو
اَچي سندس ڀرسان بيهي رهيو.
”بس، پُٽ! بس،... شاباس...،“ ٽانگي واري جي آوازن
تي هُن ڪنڌ مٿي کنيو. هيءُ تارو ٽانگي وارو هو. هو
سندس ڀرسان اچي بيهي رهيو. هُن تاري جي منهن ۾
نهاريو. تارو ٽانگي وارو سندس دوست ٿي ويو هو پر
هن ويل تارو وٽس اچي هٻڪي بيهي رهيو. هو کيس ٽانگي
ڏي اشارو ڪري رهيو هو. هُن بيدليءَ سان ٽانگي ڏي
نهاريو. هي زنانيون سواريون هيون.
”چئه، ڇا گُهرجينِ... پڇي ڏي.“ هُن تاري کي اهڙي
رُکائيءَ سان چيو جو تارو ڇرڪي ويو. تارو جڏهن به
سواريون کڻي ويندو هو يا ايندو هو ته ٻه-ٽي اهڙا
غؤنزل اُڇلي ويندو هو، جو ضمير پوءِ به اُنهن جو
ويٺو مزو وٺندو هو. هونءَ سڀني ٽانگي وارن سان
لڳندي هئس، پر تاري سان گهڻي هئس. اَڄ هو اهڙي سوچ
۾ هو، جو کيس ڪا ڳالهه نه پئي وڻي. هيءُ جو تارو
اچي مٿان بيٺس ته ڪؤڙو جيءُ ڪري دڪان ۾ وڃڻ لاءِ
اُٿيو، ته تاري ٻانهن کان ورتس.
”خان! سودو نه کپي. هي زنانيون سواريون خان بلوچ
جو پڇنديون مون تائين پهتيون آهن. سڄي رات ٽيشڻ تي
ولهه ۾ گذاري اٿن. ساڻن هڪ ٻارڙي به گڏ آهي. ٿڌ
سندن ۽ ننڍڙيءَ جا حال بُرا ڪري ڇڏيا آهن. ٻن
ڏينهن کان بخار ۾ آهي. ڪي ڏينهن شهر ۾ گذاريا اٿن.
ڪنهن خان بلوچ کي ڳوليندي ههڙا حال ٿيا اٿن. جهٽ
پٽ جون آهن. تنهنجو جڏهن گهمائي ڦيرائي پڇيائون،
ته مان کين سڌو هِت وٺي آيو آهيان. خان بلوچ...
سواريون ڏس، سُڃاڻ. ڪٿي مون غلطي ته نه ڪئي آهي.“
ضمير خان بلوچ، غريب الوطن، ڪا گهڙي وسامي ويو.
هوُ ٽانگي کي تڪيندو رهيو. ٽانگي اندر ڇٽيءَ اندر
ڪي مايون ويٺل هيون، جيڪي کيس پُڇنديون هِت پهتيون
هيون. هُو ته پويان لُڙَ لڙاڪا لاهي ڳوٺان ڀڳو هو.
ٻه ٽي سال روپوش رهي ’غريب الوطن‘ بڻجي هت پهتو
هو، پر سندس ماضي سامهون ڪَر کڻي بيهي رهيو.
هُو آهستي آهستي سُرندو ٽانگي جي هودي واري پاسي
وڃي بيٺو. هُن ڪنڌ کڻي سوارين ڏانهن ڏٺو. هيءَ ٻه
مايون اُجڙيل حالت ۾ سوٽي چادرن ۾ پاڻ کي ويڙهيو
ويٺيون هيون، پر سيءَ سندن ڌاڻان ڪڍي ڇڏيا هئا. هو
ڏڪن به پيون ۽ چادرن جي پلون سان منهن ڍڪيو ويٺيون
هيون. هڪ ٽن چئن سالن جي نينگري سندن هنج ۾ ليٽي
پيئي هئي. هنن چادرن جا منهن کي ويڙهيل نقاب هٽايا
ته ضمير شوڪارو ڀريو. هُن سوچيو ته ڪاري ڏاند جا
مالڪ هُن جا گهر وارا اچي نڪتا آهن. هنن ۾ هڪ
جوانڙي، هڪ جهونڙي پر هڏ ڪاٺ جي مضبوط مائي هئي.
هيءُ هئا ته بلوچ پر سندن گگها ۽ ڀريل چادرون
ٻڌائين پيون ته هيءُ ننڍڙو قافلو سندس وطن جو آهي.
هُن صحيح سڃاتا هئا، پر پوءِ به هُن کانئن پڇيو:
”اَبا! ڪنهن کي ڳوليو ٿا. مون کي ته نه ٿا ڳوليو!“
”اَبا! اسين ڪنهن کي نه ٿا ڳوليون. اسين وطن ڇڏي،
ظالمن جي ظلم کان ڀڳا آهيون. اسان کي ڪجهه وقت
لاءِ اَجهو کپي. هيءُ ننڍڙي چاق ٿئي ته پوءِ اسين
اڳتي وڃون. اسين ڪافي ڏينهن کان سفر ۾ آهيون،
دربدر ڦِرون ٿا. تون سٺو ماڻهو ۽ وطني ڏسجين پيو.
اسان جي مدد ڪر، اَبو ناهين؟“
هُن تاري ڏانهن ڏٺو، پوءِ وڌي ننڍڙيءَ کي هنج ۾
کنيو ۽ ماين کي چيو ته ”اَمان! فڪر نه ڪر. تون
پنهنجن ۾ آهين. تون وطني آهين. تون بلوچ، مان به
بلوچ. اندر ته هلو.“ هو کين دڪان جي پويان ڪمري
کان ڪڍي اڱڻ ۾ وٺي آيو. هُن ماين کي اشارو ڪيو ته
مٿي ڪوٺي تي ماڙي ۾ هلن. تارو سندن ٿيلهو ۽ ٻيو
ٿورو گهڻو سامان کنيو پئي آيو. ماڙيءَ جي آڏو
ڇاپرو ٺهيل هو. اُتي به کٽون پيون هيون. هُن
ننڍڙيءَ کي ليٽايو ۽ ماڙي واري ڪمري جو دروازو
کولي ڏنو.
”اَمان! توهان آرامي ٿيو. هتي جاءِ گهڻي آهي،“ هُن
دل تي هٿ رکي چيو.
”اَمان! نينگريءَ کي تپ ڏاڍو آهي. مان هن کي ڊاڪٽر
کي ڏيکاري اَچان.
”مان به هلنديس. مان به ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچان،
اَمان! مان به تپجي پئي آهيان.“ نوجوانڙي يڪدم
چيس.
هُن بي خياليءَ ۾ ضمير جي هٿ تي هٿ رکي چيو: ”ڏس،
تَپ آهي نه؟“ سندس هٿ ته گرم هو، نرم ڇهاءُ تي
ضمير ڇرڪ ڀريو. هُن ڪنڌ سان هائو ڪئي.
”تارا! مان تو وارو ٽانگو ڪاهي ٿو وڃان. تون
گاسليٽ وارو چُلهو ٻاري امان لاءِ چانهه ٺاهه.
دُڪان تان کير به کڻي آءُ ۽ ٻه چار پاپا به. دڪان
تي چڪر به پيو لڳائجانءِ“، ضمير ننڍڙيءَ کي ڪلهي
تي کنيو ۽ هيٺ لٿو. پويان نوجوانڙي جيڪا هن
ننڍڙيءَ جي ماءُ ٿي لڳي، اُها به ائين ڏاڪڻ ٽپي
هيٺ لٿي ۽ اندرئين ڪمري ۽ دڪان مان ٿيندي وڃي
ٽانگي وٽ بيٺي، ڄڻ هيءُ هنڌ چڱيءَ طرح ڪو سندس اڳي
ئي ڏٺل هجي. ضمير کي به هٿ ڏنائين ته کيس چڙهڻ ۾
مدد ڪري. ضمير کيس هٿ ڏنو ۽ جڏهن هڪ ڪُئنرو هٿ
سندس هٿ ۾ آيو ته سندس جسم کي هيءُ ٻيو دفعو جهٽڪو
آيو. هُن هن کي مٿي چاڙهي ننڍڙي کيس هنج ۾ ڏني.
پوءِ پنهنجي لوئي لاهي کيس ويڙهي. اُن جوانڙي به
اُنهيءَ لوئيءَ ۾ ننڍڙيءَ کي ويڙهيو. ضمير ٽپ ڏيئي
اڳيان ويهي رينان سنڀاليون. ٽانگي کي اهڙي مهارت
سان ڦيرايو ۽ دُڙڪيءَ ڇڏيو جو پويان ويٺل جوانڙي
به حيران ٿي وئي. هو ڪڏهن ڪڏهن تاري جو ٽانگو يا
ڪنهن ٻئي يار جو ٽانگو کڻي شهر ويندو هو ۽ حاجي
رَمل جي دڪان تان پنهنجي دڪان لاءِ سودو ۽ ايجنسي
واري وٽان سگريٽ جا ڏنڊا کنيو ايندو هو. ٻيو
روزمره جو سامان، سائيڪلن تي گهورڙيا يا هاڪر به
ڏئي ويندا هئا. اوچتو ضمير وري ڇُهاءُ محسوس ڪيو.
جوانڙي جو هٿ سندس ڪلهي تي هو ۽ هو اُن جي دٻاءُ
تي ائين سمجهي رهيو هو ته ٽانگو آهستي هلائي، پر
هٿ جو دٻاءُ ايترو ته وڌي ويو جو هُن پوئتي
نهاريو. جوانڙي کيس عجب ۽ پيار ڀرين نظرن سان ڏسي
رهي هئي.
”ضمير خان!... پناهه ڏيڻ جي مهرباني. ڪجهه ڏينهن
اوهان وٽ رهنداسين.“
”پر تون اِهو ته ٻڌاءِ، ته توهان مون تائين پهتا
ڪيئن.“
”سهڻا سائين! سڀ تنهنجي مِلڪ آهي. بس ڏس، ٽن سالن
کان به مٿي ٿيو. عشق سچو هجي ته نيٺ ته ملبو نه.
مان ته تنهنجي گولي آهيان تنهنجي نڪاح ٻڌي زال
آهيان، ڏس، ضمير خان، مون ئي توکي اُتان ڀڄايو هو،
نه ته مون وارو سوٽ شهباز خان توکي ڪارو ڪري ماري
ها. ڀلي اسان جو نڪاح ٿيل هجي ها پر هُن لاءِ ته
تون ڌاريو هئين. هُن کي نڪاح جي سُڻڪ پئجي وئي
هئي. تنهنجي گم ٿيڻ کان پوءِ هُن ڏاڍا جتن ڪيا ته
منهنجي شادي ٻئي ڪنهن سان نه پر ساڻس ئي ٿئي، توڙي
جو کيس ٻه ٽي گهر ٻيا به آهن. توکي ته خبر آهي،
نڪاح مٿان نڪاح سردارن لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي،
پر مان اِنڪار ڪندي آيس. هاڻ جڏهن سِرَ تي اچي
پيئي، شاديءَ جون تياريون ٿيون ته اسين اُتان
نڪتاسين ۽ توکي ڳوليندي ڳوليندي اچي تو وٽ
پهتاسين.“
ضمير کانئس ننڍڙيءَ لاءِ پڇيو ته هيءَ ڪير آهي.
زرين ٿورو چُپ رهي، پوءِ چيائين: ”هيءَ ننڍڙي
شهزادي، يتيم ڇوڪري آهي، اَمان پالي آهي.“ ضمير
ٽانگو وڻن جي جهڳٽي ۾ بيهاري ڇڏيو هو ۽ هن
جوانڙيءَ جو داستان ٻُڌي رهيو هو. هُن ڪنڌ ورائي
کيس پاڻ ڏي ڇڪيو ۽ پيار ڪيائينس.
”زرين!... مان هِت اڪيلو مري ويو هئس. غريب الوطني
هنيانءُ ڪڍي ڇڏيو هو. ڇا اسين وطن واپس نه
وينداسين!“
”نه رڳو واپس نه وينداسين، پر هتان نڪري هلڻو آهي.
توڙي جو تون شهر کان ٻاهر ٻهراڙيءَ ۾ رهين ٿو. هنن
ظالمن کان پري ناهيون.“
ضمير سوچ ۾ پئجي ويو. هُن ننڍڙيءَ کي ۽ زرين کي
ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. ڊاڪٽر سُيون هنيون، شربت گوريون
ڏنيون. ضمير شهر مان ڀاڄي ڀُتي، سيڌو پاڌو ورتو.
هو جڏهن موٽيا پئي ته زرين ضمير سان وَرُ ڳالهايو:
”تون مون کي شهر به وٺي هلئين. ڪنهن ڏسي ورتو ته
مارجي وينداسين. سردار شهباز خان تَر جو ڪو ننڍو
سردار يا زميندار ڪونهي. سندس واسطا سنڌ سان به
آهن. هاڻ تڪڙو هل، باقي گهر هلي ڳالهائينداسين.“
زرين جي آواز ۾ ڏڪڻي هئي.
هُو دڪان تي پهتا. اُت ڪوبه گراهڪ ڪونه هو. هو
اندر گهڙيا. اَڱڻ ۾ تارو ٽانگي وارو بيٺو هو. زرين
ٽپ ٽپ ڪري مٿي چڙهي وئي، سيڌي سامان ۽ ڀاڄين وارا
ٿيلها به مٿي کنيو وئي.
”اَبا! دير ڪيوَ. چڱو مان هلان ٿو، ضمير! هاڻ هيءُ
اڱڻ وارو در اَچڻ وڃڻ لاءِ هوندو، جيستائين مهمان
اِتي آهن. پر ڳالهه ٻڌ، چڪر ڇاهي. مون کي تنهنجو
نالو کڻي چيائون ته ضمير خان بلوچ کي سڃاڻين ٿو.
مون تڏهن کين هتي پهچايو. هِت نه تون کين سڃاڻين
ٿو، نه هو توکي سڃاڻن ٿيون. چَڪر ڇاهي؟“
ضمير ٿورو مُشڪيو، پوءِ ٽپ ٽپ ڪندو نينگريءَ کي
کنيو مٿي هليو ويو.
”اُستاد! خيال ڪجانءِ. شام جو سواري لڳي ته
ايندومانءِ. ڪا گڙٻڙ آهي... ڌڻي خير ڪندو.“
تارو ته هليو ويو، ضمير ننڍڙيءَ کي کڻي سِڌو ماڙي
۾ اندر سمهاريو. هينئر ٻيئي کٽون اندر پيون هيون.
هُن دَر ٻيڪڙيو ۽ جهونيءَ کي نئڙي پيرين پيو ۽
پوءِ زرين کي ڀاڪر پائي رُئڻ لڳو. ڪي گهڙيون مائي
کين ڏسي رئندي رهي. ائين ٻاهران سڏ ٿيڻ لڳا. ضمير
هڪ وار وري زرين کي پيار ڪندو رهيو، پوءِ ڳوڙها
اُگهندو هيٺ لهي ويو. دڪان تي گراهڪ اچي ويا هئا.
هو سڄو ڏينهن دڪان تي ڪم ڪندو رهيو. زرين وارا آيا
هئا ته ڀاڳ به کنيو آيا هئا. گراهڪي وڌي وئي هيس.
لڙيءَ منجهند جو ڪجهه ساهي مليس ته هو مٿي ويو.
زرين، سندس ماءُ ۽ ننڍڙي ماني رکيو ويٺا هئا. جڏهن
هو ويو تڏهن هنن گَڏ ماني کاڌي، زرين ماني ٺاهي
هئي.
ضمير سالن کان پوءِ زالاڻي هٿ جي ماني کاڌي هئي،
اڄ ماني ۾ سواد ئي ٻيوهو. هو ماني کائي اُتي ئي
آهلي پيو. زرين ويهي زور ڏنس، هُن کي ننڊ اچي وئي.
کڙڪي تي هو سجاڳ ٿيو. هُن ڏٺو ته زرين سندس پيرن ۾
بي خبر پيئي هئي. هو يڪدم هيٺ لٿو. شام ٿي ويئي
هئي. کير وارا شهر ۾ کير کپائي موٽيا پئي. ڪي
گهوڙي گاڏين تي هئا، ڪي ٽانگن تي، ڪي سائيڪلن تي.
اچي دڪان تي بيهي رهيا. سودو سلف وٺي هڪ وڏي چؤنري
کير جي ڀري ضمير کي ڏئي ويا.
”خان! ٻُڌو آ ته تو وٽ مهمان آيا آهن. هو اسان جا
به مهمان آهن. هيءَ سندن مهماني آهي.“
هو واندو ٿي کير کڻي مٿي ڏئي آيو. زرين غسلخاني ۾
هئي. ماڻس کيس ڏاڍيون دعائون ڏنيون. هُن ننڍڙيءَ
کي ڏٺو، بخار جهڪو ٿي ويو هئس. هوءَ اُٿي ويٺي
هئي. هُن کيس پيار ڪيو. هُن کي هن نينگريءَ مان
پنهنجائپ جي خوشبو پئي آئي. سندس نقش سڃاتل پئي
لڳس.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
ننڍڙي ٻاتڙي لهجي ۾ چيو: ”منهنجو نالو شهزادي
آهي.“
هُن کيس وري پيار ڪيو. ائين هُن ڏٺو ته تارو مٿي
چڙهي آيو. هو ڪجهه گهٻرايل پئي لڳو. ”استاد، ڪي
گراهڪ آيا اٿئي.“ زرين جي ماءُ تاري کي کيڪاريو.
”هن ابي اسان جي وڏي مدد ڪئي آ. ڌڻي خوش رکندس.
اَبا، ماني کائيندين؟..... مون منجهند ئي تنهنجي
ماني الڳ رکي آهي.“
تارو ماني تي ويٺو ڄڻ گهر جو ڀاتي هجي. ضمير هيٺ
لهي آيو. هُن گراهڪن کي منهن پئي ڏنو. ڪجهه دير
کان پوءِ تارو به لهي آيو ۽ ضمير سان ڳالهه
ڪيائين، جنهن مان سندس ڳڻتي جو اظهار هو.
”استاد، تنهنجي مهمانن جي ڳالهه سڄي شهر ۾ هُلي
ويئي آهي. هيءُ جو تون زرين ۽ ننڍڙيءَ کي کڻي
گهمندو پئي وتين. جيترا وات اوتريون ڳالهيون. هيءُ
ٻهراڙيءَ ۽ کير وارن به ڍويو ڍويو ڪيو آهي. هنن کي
جيترو جلدي روانو ڪرين اوترو سٺو آهي.“ ائين چئي
تارو ته هليو ويو، هُن کي ڳڻتي ڏئي ويو. هو
اِنهيءَ ڳڻتي ۾ جو ويٺو رهيو ته کيس وقت جي سمڪ ئي
نه رهي. هُن پنهنجي ڪمري مان روشني ايندي پَسي.
هُن هڪ اَپسرا کي دڪان اندر داخل ٿيندي ڏٺو. هُن
جي هٿ ۾ لالٽين هو. هيءَ زرين هئي. هوءَ سڌو دڪان
جي دروازي ڏي وئي ۽ دڪان جو در اَندران بند
ڪيائين. ضمير کي اُٿاري سندس ڪمري ۾ وٺي آئي. ضمير
هڪ سحر ۾ هو. هيءَ زرين ٺهي جُڙي، هارَ سينگار ڪري
سُرهاڻ ڦهلائيندي مٿان جو هيٺ لٿي ته هو اُنهي ئي
سحر ۾ هليو ويو، جڏهن زرين کي هُن نڪاح کان پوءِ
پهرينءَ رات پَسيو هو. اُها سهاڳ رات ڄڻ اَڄ وري
وٽس موٽي آئي هئي. هو جڏهن ٻئي وڏي ڇپرکٽ تي ويٺا
ته زرين وٽان ايندڙ خوشبو کيس مست ڪري ڇڏيو. سندس
ڳڻتيون غم فڪر سڀ دور ٿي ويا. هيءَ ٻئي ورهين جا
وڇڙيل جو مليا ته دوريون دور ٿي ويون. زرين جي بي
ساختگيءَ ضمير کي چريو ڪري ڇڏيو. زرين بيهوشيءَ ۾
مست ٿيندي چيو: ”شال هن ميلاپ جو به ڪو ائين ڦل
ملي جيئن اُن رات جو ڦل مون کي مليو.“
ضمير وائڙو ٿي کيس ڏسڻ لڳو. زرين وڌيڪ ويجهو ٿيندي
ڪَن ۾ سُرٻاٽ ڪيس ته ”چريا خان! شهزادي تنهنجي ئي
ته ڌيءَ آهي. هاڻ دعا ڪر فقير، ته هن دفعي پُٽ
ڄڻيان.“ هوءَ کلي ويٺي. لالٽين جي جهڪي روشنيءَ ۾
سندس اَڇڙا ڏند چمڪي پيا. هونئن به سندس منهن ۽
سڄو بُت سارو چمڪي ۽ ٻهڪي پيو. ضمير سوچيو ته هاڻ
هو هت پنهنجو وطن ٺاهيندو، هو ’غريب الوطن‘ نه
رهندو.
هاڻ هو اڱڻ ۾ نڪري آيا ۽ ڏاڪڻ جي هيٺين ڏاڪن تي
ويهي رهيا. اڱڻ ۾ چانڊوڪي بهار آڻي ڇڏي هئي. هو
ٻئي هلڪي ٿڌ جي ڪري هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ويٺا هئا
۽ روح رُچنديون به پئي ڪيائون. سندن هڪ ٻئي جي قرب
مان جيءُ ئي نه ڀرجي. ائين ننڍڙيءَ مٿان سڏ ڪيو:
”اَمان، منهنجو بابا ڪٿي آهي.“ ننڍڙيءَ ڏاڪڻ جي
مٿاهين ڏاڪي تي بيهي پئي سڏ ڪيا. ناني گڏ بيٺي
هئس. ضمير اولاد جي ڇڪ کان اُٿيو ۽ تڪڙو مٿي وڃي
ننڍڙيءَ کي کنيائين ۽ مِٺيون ڏيندو رهيس ۽ ڳوڙها
ڳڙندا رهيس.
”امڙي! شهزادي ڌي! مون کي معاف ڪجانءِ، مون توکي
نه سڃاتو. تون ته منهنجو جيئرو جگر آهين، رَتُ
آهين.“
زرين ۽ سندس ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هو ضمير کي
چنبڙي رئنديون رهيون. پوءِ هيٺ لهي ضمير جي ڪمري ۾
سڀ ڇپرکٽ تي مِڙي ويٺا. هنن جون ڳالهيون نه کٽن.
هڪ ٻئي جي سِڪَ جا ماريل هجن. ضمير دڪان تان ڪڏهن
ڳُڙ جي لائي کنيو اچي، ڪڏهن بوڙينڊا ته ڪڏهن
کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ. ننڍڙي شهزادي آڏو هُن ٽولن جا ڍير
لڳائي ڇڏيا. زرين خوش ٿئي، گَد گَد ٿئي، سندس حُسن
۽ مُرڪون جَرڪي اُٿيون.
”اَمان، شهزادي! بابا جو سڄو دڪان کپائيندينءَ
ڇا؟“، ناني کلندي ۽ کيس پيار ڪندي چيس.
”هيءَ مِلڪِ سندس ئي آ، جيستائين تون کيس ڪو ڀاءُ
نه ڄڻي ڏين.“
زرين شرمائجي وئي. ماڻس کِلي ڏنو.
”شل اڄوڪي رات سڀاڳي ٿئي. جوڙي سلامت هجي، ته
ڀائڙا گهڻا.“ زرين تيئن ٽڙي پيئي.
زرين جي ماءُ ائين اوچتو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي.
”اڙي مُٺيس! کير ۾ مصري ڦوٽا وجهي ڪاڙهي مٿي ڇڏي
آئي آهيان. هَلُ ڇوري! مڙس لاءِ کير کڻي آ....
اُٿي اَمان شهزادي! پاڻ مٿي پنهنجي ڪمري ۾ هلون.“
شهزادي پيءُ کي چنبڙي پيئي.
”ڀلا اِهو ته ٻڌايو ته توهان شهزاديءَ لاءِ ڇو نه
پئي سچي ڪئي. مون کي مُنجهائي ماريو! چي: هيءَ
يتيم ڇوڪري آهي، اَمان پالي آهي. ڇو يتيم آهي،
سندس وارث جيئرا جاڳندا ويٺا آهن.“
”مون امان کي جهليو هو ته ڏسان، ته تون کيس سڃاڻين
ٿو يا توکي ڇِڪ ٿئي ٿي!“
”ڪيئن نه ٿيندي؟... مون سوير جڏهن کيس پيار ڪيو،
اُن ويلي مون کي عجيب ڇِڪ پئي ٿي، جيڪا مان سمجهي
نه پيو سگهان. تو سوير سچي ڪئي ته دل گهريو ته
هينئر مٿي وڃي جيڪر کيس ڀاڪر پايان ۽ مِٺيون ڏيان،
پر اُن وقت سرڪار جي اجازت نه هئي“، هُن حرڪتي
نظرن سان زرين ڏي نهاريو. زرين رَئي جو پلئه منهن
تي آڻي کلي پئي.
پوءِ هي سڀ مٿي هليا ويا ته هُن سوچيو ته پنهنجي
گهر ۽ خاندان جي هُن حفاظت نه ڪئي ته ڪير ڪندو. هو
ظالم ته زرين ۽ شهزادي جا ته ٽُڪرا اُڏائي ڇڏيندا.
هنن کي وٺي ڪاڏي لڪايان. هنن جي حفاظت ڪرڻي آهي ته
هت ئي ڪرڻي آهي. هي سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو منهنجي
سارَسنڀال لهندا. سنڌ ئي منهنجو وطن آهي. مان
”غريب الوطن ناهيان“. هو وَر وَر چئي رهيو هو ته
”مان غريب الوطن ناهيان... مان غريب الوطن
ناهيان.“
ائين زرين کير کڻي اندر گهڙي.
”ڪير ٿو چوي ته تون غريب الوطن آهين. سنڌ به اسان
جو وطن آهي. جيئن چوندين تيئن ٿيندو. توتان سِرُ
به قربان. توکي هت خوش ڏسي، هتان جي ماڻهن جي
مهماني ۽ تنهنجي دُڪان تي ڊَنب ماڻهن جا ڏسي مون
مان ڊپ نڪري ويو آهي. هِت هيترن پنهنجن ۾ شهباز
خان ڇا ڪندو. تون جت خوش هوندين، مان اُت خوش
هوندس.“ |