هو ورانڊي ۾ ئي هو ته ڀرواري جاءِ جو ڌڌڪاٽ
ٻڌائين، رڙيون واڪا، ان سان گڏ پاڙي مان بانگن جو
آواز اچڻ لڳو. مومل اچي ڀرسان بيٺس: ”پريل هاڻي
بس، رب جي ذات بيشڪ وڏي آهي، هاڻي سندس در کڙڪاءِ
پريل!“
”مومل، منهنجي مولا آڏو سڀ بندا برابر آهن. تون به
ٻاڏاءِ اچ مون سان.“
وچ اڱڻ ۾، مينهن جي پناهه وٺيو ٻيئي بيٺا هئا.
مومل هٿڙا اُڀا ڪيا، ”مولا هاڻي بس.“
”منهنجا مولا هاڻي هالار ۾ هارينس“ ”منهنجا مولا
رحم!“ ڪا گهڙي هوءَ ٻاڏائيندي رهي، رڙيون ڪندي رهي
۽ پرو خاموش بيٺو رهيو. ائين مينهن جهڪو ٿيو، تان
جو ڦڙ ڦڙ وڃي بچي. ويل ئي ڪانه گذري جو آسمان تي
تارا چٽا ڏسڻ ۾ آيا. پروءِ آهستي سندس هٿ ورتو،
ٺڪر جي چٽيل ڇلي کي ڦيرايو، ”راڻي اهو سچ آهي،
شادي محبت جو معراج ناهي، پر هاڻي هيءُ جهڙ ڦڙ
جون بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا،
هاڻي ملڻ ڪهڙا، جدايون ته ڪينهن منهنجا سائين!“
پرو آهستي سندس هٿڙو ڇڏائي وڌيو، ۽ ڏيڍيءَ وٽ بيهي
مومل کي ڏٺائين، جيڪا بت بڻيو بيٺي هئي، چوڌاري سڀ
ڀاتي مڙي ويا هئا، ماسي نعمت جو آواز چٽو هو،
”ٻڙي، هن جو خيال ڪيو، هيءُ الله لوڪ نينگر اٿو،
ڪرامت ڪانه ڏٺو. وٺي هلي اندر ويهاريوس، هئڙا الله
لوڪ ماڻهو ڪانيءَ ڪرامت وارا ورلي پيدا ٿيندا
آهن.“ پروڪڙو کولي ٻاهر نڪري ويو. هن جي وڃڻ تي
مومل ڄڻ سجاڳ ٿي پئي، دانهن ڪيائين، ”پريل- پريل!“
پرو جيئن ڏيڍي چائنٺ ٽپيو تيئن وري نه آيو. هو
هاڻي سچو پچو مينهاڻي مست هو، هڪ الفي ۽ پاڻ، ڪڏهن
ڪهڙي دڪان تي، ڪٿان ريوڙيون کنيائين، ڪٿان ڀڳڙا،
ڊوڙون پيو پائيندو، رکي رکي دانهن پئي پوندس،
”هاڻي جهڙڦڙ بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه
وسندا.“
ڪو ڳالهائڻ جي ڪندس ته وارن ۾ ڍڪيل چپ کُلي پوندس
۽ کلي چوندو، ”مٺا، شادي محبت جو معراج ناهي.“
ڪو دل جليو اُتي ئي پڇندس، ”مينهاڻي مست! پوءِ
محبت جو معراج ڇا آهي.“
”جهڙڦڙ جي بهاري ۽ وسندڙن جو خير!“
”پر تون چئين ٿو ته هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي
جهڙڦڙ جي بهاري نه ٿيندي.“
”اکين جي جهڙڦڙ کي ڪنهن روڪيو آ!“
پرو غلاموءَ جي دڪان تي گهڻو ويهندو هو، غلاموءَ
سان دل به هوندي هيس. رات جو سندس دڪان جي دڪيءَ
تي سمهي پوندو هو. ٿڌ ۾، ولهه ۾، سوڙ يا رلي به نه
ورتائين، دڪان مان ٻه- ٽي ڦاٽل ڳوڻيون کنيائين،
جيڪي کيس رات جو اوڇڻ جو ڪم ڏينديون هيون. غلامو،
جو پاڻ به ڦٽيل هو، ڪو نينهن لاتو هئائين، پر دل
جو دلبر کيس ڌڪ ڏئي هليو ويو هو. هو جڏهن ٻرندو هو
ته يڪدم دانهن ڪري ڇڏيندو هو، ”پريل! دل ڪنهن سان
لائجي؟ هنن ماڻهن سان جن ۾ وفا ناهي؟“
پريل رکي رکي چوندو هيس، ”پنهنجي مولا جا غلام،
تون هن مولا جي ڌرتيءَ جو به غلام آهين، هن ڌرتيءَ
سان نينهن لاءِ، ڏاڍي سوادي اٿئي.“ پوءِ مٽي کڻي
مٿي ۾ وجهندو، منهن تي مکيندو، ڌڌڙ اُڏائيندو،
ڊوڙندو ويندو، ”واهه منهنجا مولا، اصل بهاريون ڪري
ڇڏيئي.“
هاڻي ته واقعي مٽيءَ جو مينهن وسڻ لڳو هو. ڪيتريون
مندون ٽري ويون، ۽ هيءَ نئين مند به خير سان پوري
ٿيڻ تي هئي، مينهن جو ته پتوئي نه هو، چوڌاري
خشڪيءَ جو سمنڊ هو، جنهن ۾ سڀ پئي سڙيا ۽ ٻريا،
ڍورا ڍوريون، ڪسيون، ڪورون، تل ترايون سڀ خشڪ
هيون. وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، ڍور ڍڳو سوڪهڙي جو ساءُ نٿي
ماڻي سگهيا، ڪن دم ٿي ڏنو، ته ڪي پوين پساهن ۾
هئا، ٻنيون ٻارا ته ٻري ٻارڻ ٿيا، هاڻ ماڻهن جو
وارو هو. سڀ پروکي ڦري ايندا هئا، پر هو دانهن ڪري
چوندو هو: ”هاڻ جهڙڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون، هاڻ
مينهن نه وسندا.“ ۽ ڊوڙ پائي شاهن جي درگاهه واري
ميدان ۾ لهي ويندو هو. پوءِ هن کي ڪير وٺي. نيٺ
غلاموءَ چيس: ”پرو، ائين نه ڪر، مينهن وساءِ!“
”مينهن منهنجي مولا جي هٿ وس آهي، پروءَ کي ڪهڙي
طاقت آهي.“
”پر پرو تنهنجي دعا ۾ وڏي طاقت آ، تون کڻي دعا
گهر، ڏس ڌرتي سڄي ٺوٺ ٿي ويئي آ، هاڻ ته کوهيون به
سڪي ويون آهن، باقي بچيو آ مارڪيٽ وارو کوهه، اهو
به گهڻا ڏينهن؟ هيءَ ڌرتي وڌيڪ ٺوٺ رهي ته اسين سڀ
ٺوٺ ٿي وينداسين پريل!“
پرو کلندو هو ۽ پور پوڻ تي چوندو هيس: ”منهنجي
مولا جا غلام، منهنجي مولا جي ڌرتيءَ جا غلام، هن
ڌرتيءَ ۽ سندس ماڻهن جي ٺوٺ هجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر
اهو ياد رک ته ڌرتي هميشه دان گهرندي آهي،
سمجهيئه! ڌرتي دان گهري ٿي!“
غلاموءَ دان تي ڇرڪيو. سڀني کي سڏي چيائين، ۽ خير
خيراتون شروع ٿي ويون، پر شايد اُتي نه اگهاميون
يا اڃا دير هئي.
هن ڀيري غلاموءَ کي جيئن پروءَ منهن تي چڙهيو، اصل
بِرُ ٿي بيٺس: ”تون مست ٿيو آن، ڌوڙ جو مينهاڻي
مست آن! تون الله لوڪ آن، رڳو عاشق جيئڙو آن. مومل
جي عشق ۾ حيران، اڙي ڪو اٿئي هن ڌرتيءَ سان به
عشق؟ ڌرتي دان گهري ٿي، ڌوڙ نه ڇائي. هاڻي وڃي ڌوڙ
پاءِ، مومل ڪارو منهن ٿي ڪرئي. سڀ مومل کي مڃائي
آيا آهن، هوءَ توکان فقيري ۽ مستيءَ ۾ گهٽ ڪانهي،
اڄ دعا گهرندي، ڏس ته منهنجو رب ڇا ٿو ڪري؟“
پرو ڪا گهڙي ڄمي بيهي رهيو، پوءِ ڊوڙ پاتائين. سڌو
وڃي پنهنجي گهر جي ڏيڍيءَ وٽ پهتو، پر چانئٺ نه
ٽپيو. اندران مومل جو آواز پئي آيو، ”مولا! هڻ ڪو
گوڏي جيڏو!“
”ڀيڄ مولا، منهنجا مولا رحم!“ پروءَ اُت بيٺي ئي
سين هنئي: ”ڀيڄ مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو!“ هڪ ئي صدا
تي مومل ڊوڙندي ڏيڍيءَ وٽ پهتي. پرو هن کي سڃاڻي
نه سگهيو، هڏن جو پڃرو! ڪاڏي ويا چوٽا چنبيل جا،
ڪاڏي ويون پنبڻيون پناهه واريون، ڪاڏي ويا گل گلاب
جا، ڪاڏي ويا عطر عنبير جا هڳاؤ! هو هڪ ٺوٺ خشڪ
سڪل ڌرتيءَ کي ڏسي رهيو هو.
مومل هن جي ملوڪ منهن کي چيڙهالي وارن جي ڪڪرن ۾
پسي ڪو خوش ڪانه ٿي. اَڇي اُجري ماڻهوءَ کي ڌڌڙ ۽
مٽيءَ جي تهن ۾ ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيس. هوءَ وڌي وٽس
آئي، پروءَ ڌيرج سان سندس هٿ ورتو. اُتي اهوئي ٺڪر
جو چٽيل ڇلو موجود هو. هن ان کي ڦيرايو ۽ چيائينس،
”راڻي! هاڻ بهاريون ٿينديون، مينهن وسندا، سڀڪجهه
اوجري پوندو، تون دل نه لاهه.“
۽ هن زور سان نعرو هنيو، ”مولا! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
هن ڏٺو ته ماسي نعمت اچي پيرن کان جهليو هيس،
”ابا، پٺتي نه موٽ بس، جيڪا ٿي، سا ٿي. مومل اڄ به
تنهنجي آهي، تنهنجي رهندي، مون کان خطا ٿي.“
هن آهستي پير ڇڏايا ۽ گهوري ماسي نعمت ڏانهن
نهاريو، ”ماسي، مستن سان وڌيڪ مستي ڪندينءَ ته
تنهنجي شيري کي خاڪ ڪري ڇڏيندوسانءِ.“
”اڙي ابا، هن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي. هن تنهنجي ڊپ
کان مومل سان شادي ئي نه ڪئي.“
”مومل سان شادي؟“ پرو کليو، کلندي کلندي چپ ڀڪوڙجي
ويس. ”هيءُ مومل ٿوروئي آهي، هيءُ ته منهنجي ڌرتي
آهي ۽ هن سان لائون لهڻ لاءِ ڳاڙهو گهوٽ کپي.
ڌرتيءَ لاءِ سر ڏيڻ سُٿرو ناهي، ڌرتي دان کان
سواءِ ڪنهن جي ڪانهي، سمجهيئه ماسي!“
ماسي ڪجهه به نه سمجهندي وڃي ڀت ۾ لڳي هئي.
پروءَ مرڪي، مومل جو هٿ ورتو. وٺي ڇلي کي ڦيرو
ڏنائين ۽ صدائون هڻندو ٻاهر نڪري ويو، ”هڻ مولا
گوڏي جيڏو!“ جيئن گهٽي ٽپي پرئين ڀر ٿيو، ته نظر
وڃي رئيسن واري باغ تي پيس، جتي هاڻ سلا به سڙي
خاڪ ٿي ويا هئا. وڻن جي ڄڻ ڪنهن ڇانگ ڪري ڇڏي هئي.
هو آهستي لهي ان پٽ تي بيٺو، جيڪو ڪنهن وقت هن
لاءِ پٽ پٽيهر هو، جنهن جي سائي گاهه تي هو
ليٿڙيون پائيندو هو. هو ان ئي پٽ تي دڙها هڻڻ لڳو،
جيڪو هينئر خشڪ ميدان جي صورت اختيار ڪري چڪو هو،
جنهن جو هر حصو ٺوٺ بڻجي چڪو هو. گهڙيءَ ۾ ماڻهو
اچي مڙيا. سڀ آسائتا، آسروندا، اُڃايل اُڃ کنيو
بيٺا هئا ۽ ڌرتي ٺوٺ هئي.
هاڻ پروءَ جي مينهاڻي مست هجڻ مان ماڻهن جو به
ايمان لڏڻ لڳو. پروءَ جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو
نچي ڪڏي ٽپا ڏئي کنڀڙاٽيون هڻي سهڪي پيو هو، سندس
نڙي ويهجي وئي هئي، پر سندس صدائن ۾ ڪابه ڪمي نه
آئي هئي، اُها ئي صدا، پر منهنجي رب جي ذات اڃا
گهڻي وڏي آهي، جڏهن راضي ٿئي. پروءَ کي الائجي ڇا
ٿيو، اوچتو هن دانهن ڪئي:
”ها منهنجا مولا، هيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي، رت
جو ريج گهري ٿي، تون سو منهن نه موڙ، باقي بندو
حاضر آهي.“ ائين چئي پرو نوڙيو، وڃي نراڙ ڀر فرش
کنيائين ۽ زور سان ڌرتيءَ تي ٽڪر هڻڻ لڳو. ڀلا
ڌرتي ورهين جي اُڃايل، صفا ٺوٺ، اصل رُڪ ٿي لڳس،
ٻئي ڌڪ ۾ رت جون ٺينڍيون وهڻ لڳس: ڀلا خشڪ زمين رت
ائين پيئندي وڃي جيئن ڪو اُڃايل اُڃ لاهيندو آهي،
پر پرو به ريج ڏيندو وڃيس ۽ هو ايستائين ڌڪ هڻندو
رهيو، جيستائين ابر ۾ اُهاءُ نه ٿيو ۽ پهرين ڦُڙي
مٿس وسڪارو نه ڪيو ۽ پرو بي نور اکيون مٿي کڻي
چيو، ”واهه منهنجا مولا اصل بهاريون ڪري ڇڏيئه،
اصل رنگ ڪري ڇڏيئه، بنهه بهاريون.....!“ پرو وڌيڪ
چئي نه سگهيو ۽ وڃي ڌرتي جو پاسو ورتائين. هاڻ
سندس رت به ڌو پيو پئي ويو، آهستي آهستي رت جي
لالاڻ مينهن جي ڌارائن ۾ گڏجيو ڦهلبي وئي. ڪو
وهڪرو ڪنهن طرف هو. رت جي لالائي پاڻي جي سونهن کي
وڌيڪ سهڻو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتيءَ جون رڳون آهستي
آهستي ان ڳاڙهي پاڻيءَ کي کڻي رهيون هيون. سڀني
اهو به ڏٺو ته مٿاهينءَ تان، جتي مومل رهندي هئي،
اتان جيڪي به وهڪرا آيا پئي، تن ۾ به اهائي
لالائي، اُها ئي سرخي هئي. ٻئي وهڪرا جڏهن پاڻ ۾
ملي اڳتي وڌيا ته سڄي ڌرتي پٽ پٽيهر جو وڳو کڻي
پاتو.
چون ٿا ته جڏهن به اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آهي
ته ڪونه ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آهي ۽
الائجي ڪيترن مستن جو هن ڌرتيءَ کي ريج ڏنل آهي،
جو هاڻ ڪڏهن به هت سو ڪهڙ نه ٿيندي آهي، هميشه
جهُڙڦُڙ جون بهاريون هونديون آهن ۽ اُٺي جي مند
ڪڏهن به کوٽي نه ٿي آهي.
(مهراڻ )
ڪنچن ڪايا
هُن هڪ اک چنجهي ڪئي، سندس وچين اَڱر گهمري ڏني ۽
ڌڪ ئي هڪ. ڪَنجو سو به ڪَچَ جو ڀڄي ٻه ڦاڪون ٿي پٽ
پيو. گلوءَ کيسي کي کڙڪايو ۽ ڇڻڪي سان گڏ دانهن
ڪيائين: ”ڇڏاءِ چار داڻا.“
شموءَ جو منهن لهي ويو. هن چپ چاپ ڪَنجا ڪڍي کيس
ڏنا.
”اَهي ڪو ٻيو ميدان تي.
چوڌاري وَلرُ جيڪو گڏ ٿيو هو سو ٽِڙي پکڙي ويو.
”يار ڪڏهن ته ڪو ڌڪ گسائيندو به ڪر. هڻي نوَن ڪنچن
جو ڪم لاهيو ڇڏين.“ شموءَ پريان بيهي چيو.
”گلوءَ جو ڌڪ زبرو ڌڪ اَهي شما! جيڪو پچائي وڃي.
اَهي ڪنهن ۾ همٿ ته هن اَڙي ڪاپَ سان مقابلو ڪري.
”هڙئي ڪَنچا ٻُهاري وئين، يارن وٽ ڇڏيو ڇا اٿئي،
مقابلو ڌوڙ تي ڪيون.“ ڳالهائيندي شمي جي نظر چاچي
نورل تي وڃي پئي، يڪدم رڙ ڪيائين ”چاچو نورل! ڇورن
جي وَلر ۾ ائين ٽاڪوڙو پئجي ويو جو ماڻهو نه ملي
ماڻهوءَ سان پر گلو اُتي ئي ڄمي بيهي رهيو. سندس
هڪ هٿ ڪَنچن کي کڙڪائيندو رهيو. چاچي نورل وٽس
پهچي بريڪ هنيو ۽ گلو کي گهورڻ لڳو. گلو به هڪ اک
چُنجهي ڪري کيس تڪڻ لڳو. پوءِ گِدِ ڏي منهن ڪري
اُن جي چوڌاري ڪَنچا اُڇلڻ لڳو.
”اڙي گلو تون سُڌرندين يا نه.“
”مون ڇا ڪيو آهي.“ گلوءَ لا پرواهيءَ سان وراڻيو.
”ڇا ڪيو آهي! پاڙي جا هڙئي ڇورا کاري ڇڏيا اٿئي./
پاڻ ته پڪو جُواري آهين، پر پڻهين جو ڪو حيا ڪر،
اُهو ته شريف ماڻهو آهي.“
”چاچا، شريف آهي تڏهن ماٺ ميٺ ۾ ٽپڙ کڻي تنهنجي
جاءِ ڇڏي هليو ويو. سندس جاءِ تي مان هجان ها ته
مُئي ماري هيءَ جاءِ، هيءُ پاڙو، نه ڇڏيان ها، آخر
چوڏهن سال هن پاڙي ۾ گذاريا اٿم. خير، جاءِ وئي ته
مِڙئي خير آ، پاڙي مان تونته ڪڍي ڪونه سگهندين.“
گلو ڪنچي کي وچين آڱر ۾ وجهي زور سان ڌڪ هنيو ۽
اُهو ٻه ٽڪر ٿي پيو ۽ پوءِ نورل ڏانهن اُنهيءَ
چُنجهِي اک سان گهورڻ لڳو، جنهن سان نشانو چِٽيو
هئائين.
”تو لوفر سان ته ڳالهائڻ ئي اجايو آهي.“
چاچو نورل خار مان پير سٽيندو گهر ڏانهن تکو ٿيو.
گلو کيسي کي کڙڪايو ۽ رڙ ڪري چيائينس ”چاچا، هيءَ
دولت ڏسين ٿو. ڪَنچا به وڏي دولت آهن. ڏسجانءِ
توکان جاءِ ڪيئن نه ٿو خريد ڪريان.“
چاچي نورل مُڙي ڏانهس نهاريو ۽ ٽوڪ واري کِل سان
چوڻ لڳو: ”اڙي پڻهين وٽ کائڻ لاءِ ڪي به ڪينهي،
هليو آهين ڪَنچن سان جاءِ خريد ڪرڻ. پهريان ڪَنچن
سان پيٽ پوڄا ڪر، پوءِ جاءِ جو سوچجانءِ پٽ!“
گلو پيٽ جو ٻُڌي گهڙيءَ پل لاءِ وسامي ويو. يڪدم
پيٽ تي هٿ ڦيريائين، سمجهائين ڄڻ ته وَٽَ پيا
پَونس. هو ڀِت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو، هاڻي ته گهٽي
به خالي هئي. هو ڪي گهڙيون ته ماٺ ۾ رهيو ڇاڪاڻ ته
کيس خبر هئي ته گهر ۾ به کائڻ لاءِ ڪي به ڪينهي،
نه سندس لاءِ، نه ماءُ لاءِ ۽ نه پڻس لاءِ.
هن کي پوڙهي پيءَ جي حال جي خبر هئي. نِٻل، بيمار
حالتون بي حال، کَٽ جي حوالي. اَنهي وقت کي
ساريندي جڏهن هو ڪنهن حال ۾ هو ۽ چاچي نورل وارن
جي باغ جو باغائي هو. سندس سڄي ڄمار جهار هڪليندي
باغ جي سار سنڀال لهندي گذري. جيستائين چاچي نورل
جا وڏڙا جيئرا هئا، تيستائين ته هو سُکيو هو، کيس
رهڻ لاءِ پاڙي ۾ ننڍڙي ڪَچي جاءِ ڏنئونس، ٽِوقتي
ماني، ڪپڙو لَٽو ۽ گلوءَ جي پڙهائي جو خرچ به سندن
ذمي هو. جڏهن پيريءَ جي بيماري ورتس ته چاچي نورل
لَتون ئي ٻه هنيس ۽ جاءِ کَسي، گهرون بي گهر
ڪيائينس. اڄ هو بي گهر بڻيا شهر کان ٻاهر مناهين
ٺاهيو آسروند ويٺا هئا ته ڪو سولو واءُ ورندو.
مهينو راتين جو ائين ئي گذريو هو. گلوويچارن ۾
ٻُڏل، اِهي سور پئي پاڻ سان سَليا. هو ڪڏهن ته
اسڪول به ويندو هو، پر هاڻ نه اسڪول، نه گهر، سڄو
ڏينهن ڪَنچا ۽ هُو.
سندس خيال ۾ ڪَنچا به ڪمائي هئي ۽ هو تيستائين
اِهي خواب لهندو رهيو، پر جڏهن نيڻون بقاليءَ
ڪَنچن جي ڀريل دٻي جا ٽي رپيا چيس ته هو وڏي ويچار
۾ پئجي ويو. هونئن ته ڪو خيال هئس ته ڪَنچا سندس
سڀ دک درد دور ڪندا، هوڪي طعام، ڪي دم پخت کائيندو
۽ ويل جاءِ ورائيندو، پر هاڻ هو ساڻو بک کان بيحال
ڀِت کي ٽيڪ ڏيو پيو هو. هو آهستي آهستي چُريو، ٻه-
چار وکون کڻي هو بيهي رهيو. سندس سامهون اُهو در
هو، جنهن مان ايندي ويندي هُن ٻارهن سال لڳايا
هئا. در تي اُهائي پراڻي ٽپڙي ڏنل هئي، جنهن کي
ورائيندي به ورهيه لڳا هئا. هُن اُنهي ٽپڙيءَ کي
هٿ لاٿو ۽ ڪا گهڙي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ اُن کي ورائي
اندر ليئو پاتائين. اندر ڪير به نه هو، هو سِرندو
وڏي اڱڻ ۾ آيو، چوڌاري گارو ڦهليل هو.
هن کي گاري جي خوشبو ائين لڳي ڄڻ اُٺي کان پوءِ جو
سڳنڌ. هو وڏا ساهه کڻڻ لڳو ۽ جاءِ ۾ ڦيريون پائڻ
لڳو. هن کي خبر هئي ته جاءِ جي مرمت هلي پئي ۽
رازا مزور مانيءَ تي لٿا آهن، تنهنڪري هو آرام سان
ورانڊي جي ٺُل کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. هو ٻالپڻ جي
زماني کي ياد ڪرڻ لڳو، هن کي ٿڌيون ڪوسيون ياد
آيون، ڏکين ڏينهن جو ڏيل به سامهون هيس ته اُهي
سکيا ڏينهن به ياد آيا، جڏهن گهر ۾ تاهري پچندي
هئي ۽ هو اِنهيءَ ٺُل کي ٽيڪ ڏئي کائيندو رهيو ۽
پوءِ اڱڻ ۾ ڪَنچن سان کيڏندو هو. هُنَ اڱڻ ڏانهن
نگاهه ڪئي ۽ ٽپ ڏئي اُنهيءَ هنڌ پهتو جت سندس
پراڻي گِدِ نڪتل هئي. هُن هڪ ڪَنچو اُن لَٽيل گِدِ
تي رکيو ۽ پير جي کُڙيءَ سان ڪَنچي کي دٻايائين ۽
پوءِ ڦيري پائي وڌيڪ زور ڏنائين. ڪَنچو ڪافي اندر
هليو ويو هو. هُن ويهي ڪَنچو گِد مان ڪڍيو، آڱر
سان گِدِ صاف ڪيائين ۽ نئڙي گِد کي ڦوڪون ڏيڻ لڳو.
هُنَ کي اُن صاف گِدِ تي پيار اچڻ لڳو ۽ هُن وڌيڪ
نئڙي گِد کي چميو. هن کي هڪ دفعو وري ڪوري مِٽيءَ
جي خوشبو آَئي۽ ڪا گهڙي اُها خوشبو سُنگهندو رهيو.
پوءِ اُٿي ڪَنچن کي چميائين ۽ راند کي لڳي ويو.
’هڪ ڌڪ، ٻه ڌڪ، چار ڌڪ‘. هو نشانو چِٽيندو ڪنچن کي
ڪٽيندو رهيو. کيس خبر به نه رهي ته ڪير اچي مٿان
بيٺو آهي. وات جي چاٻي تي ڪنڌ کنيائين، ڏٺائين ته
اوستو رسول بخش هڪ هٿ ۾ ڪوهر، ٻئي هٿ ۾ تيشي، وات
هليس پيو، پر سندس نگاهه گلوءَ ۾ هئي. اوستي ڪوهرن
واري بَند مُٺ سان گلوءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽
پڇيائينس ”هاڻي پڻهين ڪيئن آهي گلو!“
”ڪجهه ٺيڪ آهي.“ گلو بي ڏيانيءَ ۾ جواب ڏنس، جو
سندس نظر اُنهيءَ چَڻن واري بَند مُٺ تي هئي.
اوچتو چاٻا ڏيندو وڃي ورانڊي ۾ بيٺو ۽ گلو سندس
چاٻن ۽ بَند مُٺ کي تڪيندو رهجي ويو. کيس هاڻ وري
بک تپايو هو. هو آهستي سِريو، ٽپڙي کڻي گهٽيءَ ۾
اچي بيٺو.
سامهون ڪُنڊ تي مولو ڪُهرن واري کي ڏٺائين، جو
ڪُهرن جو ٿالهه هنج ۾ رکيو ويٺو هو. گلوءَ کي
ڏٺائين ته کيس هوڪو ياد آيو:
”هل، تازا ڪوهر، گرما گرم-“
۽ پوءِ اڌ ۾ ماٺ اچي ويس، ائين ڄڻ چاٻي کپي ويئي
هجيس. گلو خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي، رڙهندو مولوءَ
جي ڀر ۾ آيو:
”مولو يار! ڏاڍي بُک لڳي آ.“
”ته پوءِ مان ڇا ڪيان؟ تازا ڪوهر، گرما گرم ڪوهر!“
مولو هوڪي کي وڄايو. ”يار پاڙي جا آهيون، ڪجهه ته
قياس ڪر.“
”اڙي اڳيئي رپئي جي اوڌر اٿئي، اڃا به اوڌر! مون
وٽ اوڌر ڪانهي. ڏوڪڙ ڪڍ ڏوڪڙ.“
گلو کيسي تي هٿ هنيو.
”ڏسين نٿو، جام ڏوڪڙ آهن.“
”مون کي خبر آهي، ڪَنچا اٿئي ڪَنجا. انهن سڀني جو
ڪير ٽَڪو به نه ڏيئي، ڪَچَ جي ڀلا ڪهڙي قيمت--
تازا ڪوهر، گرما گرم ڪوهر--!“ مولو هوڪي کي
وڄائيندو اڳتي وڌي ويو. گلو به ڪَنچن کي کڙڪائيندي
اڳتي سُرڻ جي ڪئي، پر سندس نظر پَٽَ تي پئي، جتي
مولو ويٺو هو. اُتي ڪي ڪَڻا ڪوهرن جا ڪِريل هئا.
هو نِئڙيو، ڪي داڻا چونڊيائين. ٻه داڻا وات ۾
آندائين ته سڄو وات وات مِٽي ٿي ويس. هُن يڪدم
اُهي داڻا واپس اُڇلايا ۽ انهن سان گڏ سندس هٿ مان
ڪنچا نڪري هيٺ ڊوڙڻ لڳا. پر هُن ڏٺو ته سندس
اُڇلايل چَڻا پري هئا ۽ ڪنچا اورتي. هوڪي گهڙيون
ڪنچن ۽ ڪوهرن کي گهوريندو رهيو. سندس آڏو ڳاڙها،
نيرا ۽ پِيلا ڪنچا ڦِرڻي وانگر ڦِرڻ لڳا ۽ هر
ڪَنچي سان گڏ ڪوهر به ڊوڙڻ لڳا. هُن ڏٺو ته سندس
ڪنچا ڍرا ٿيندا ويا، ۽ ڪوهر تڪڙو تڪڙو ڊوڙڻ لڳا.
پوءِ هُن به ڊوڙ پاتي، ڊوڙندو سهڪندو اچي پنهنجي
مَناهين گهر پهتو. هو اندر ڪا گهڙي جهلائو ڪاٺيءَ
کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو. ڪجهه سامت ۾ آيو ته زبان
ٺوٺ ڀانيائين؛ وڌي اچي مَٽَ وٽ بيٺو. چِٻو جِستي
گلاس کڻي مَٽ ۾ وڌائين، پاڻيءَ سندس هٿ ٺاري وڌو،
۽ کيس ائين لڳو ڄڻ ته سندس رڳ رڳ ٺَري پئي آهي.
هُن تڪڙو تڪڙو هڪ گلاس ڀري ڏوڪيو، ٻيو گلاس چپن تي
آندو ته ماڻس رڙ ڪيس: ”اڙي گلو، خالي پيٽ پاڻي نه
پي ڇورا! بس ڪر گلو، بس ڪر!“ پڻس سُتڙ ئي کنگهيو ۽
پوءِ کليو، ”خالي پيٽ پاڻي نه پئي ته ٻيو ڇا ڪري.
ڪهڙي گهر ۾ پَڪِي پَئِي آهي.“
ماڻس ماٺ ميٺ ۾ ديڳڙيءَ مان لپ ڪوهرن جي ڪڍي، ۽
گلوءَ کي ڇِڪي ٻانهن کان وٺي منجيءَ تي ويهاريو ۽
چيائينس: ”اچي. هنيانءُ جهل ڪر.“
گلو ڪوهرن ڏانهن نهاريو به ڪونه ۽ هو ڇَپر ۾ لڳل
ڏانگاڻي ڏانهن تڪيندو رهيو، پوءِ ٽپ ڏئي اُٿيو ۽
ڪنچن جو دٻو لاهڻ لڳو.
”اڙي تون کاءُ ته سهين، وري به اِهي بِلور. اِنهن
بِلورن ته تُنهنجي ٻيڙي ٻوڙي آهي. نه پڙهڻ جي نه
ڪڙهڻ جي، رڳو ڇورا ڪنچا! ماٺ ڪري ويهه نه ته
هڻنديسانءِ موچڙو.“
گلو ماٺ ڪري ويهي رهيو ۽ پوءِ ڪوهر تريءَ تي رکي
چيائين ”امان! ڪَنچا رڌي ڏيندينءَ“
”اڙي گلو، بلور به رڌبا آهن؟“ ماڻس وراڻيو.
پڻس وري کنگهيو ۽ کليو: ”ها، گلو، بلور به رڌبا
آهن. ماڻس: تون بلور لاهي رڌي ڏينس.“
ماڻس، ٻنهي کي گهورڻ لڳي ”اڙي بُکَ ڇِتو ڪيو اٿوَ
يا چَريا ٿيا آهيو؟“
گلو کيسي مان لپ بلورن جي ڪڍي فرش تي اُڇلي ۽ پوءِ
مُٺ ڀري ڪوهر به کڻي اُڇليائين: ”امان! ڏس ٻئي
چمڪن ٿا نه ۽ گڏ ڊوڙن ٿا نه، مون ٻنهي کي ڊوڙندي
اَڳ پڄائيندي ڏٺو آهي، اَمان! پر ڪوهر، ڪنچن کي
اَڳ ڏئي ويا-- اَڳ ڏئي ويا.“
ائين چوندي هو ٽپ دئي اُٿيو، هڪ ٽنگ پڻس جي کٽ تي
رکي سَٽ ڏئي ڏانگاڻي تان ڪنچن جو دٻو لاٿائين ۽
ٻئي پير سان واپس ڌرتيءَ تي آيو. پوءِ هڪ ڇلانگ
سان مَناهين ٽپي ٻاهر نڪري ويو. ماڻس ڄڻ ته ڇرڪ
ڀريو. ”اڙي گلو-- اڙي گلڻ بيهه ته سهين، ڪاڏي ٿو
وڃين، بيهه ته سهين--.“
پڻس وري کنگهيو ۽ کليو، پوءِ کنگهدو رهيو،
ايستائين جيستائين گلو ٻه پُڙا کڻي نه موٽيو.
ماڻس جيئن ئي ڏانهنس وڌي، هُن يڪدم جِست جي ڀڳل
ٿالهه ۾ وڏو پُڙو کڻي پلٽيو ۽ ڃڻ ڃڻ ڪندا ڪچا چڻا
ڦيريون پائڻ لڳا.
”امان ڏس منهنجا ڪنچا، تنهنجا بلور، ڪيئن نه پيا
ڊوڙن، ڏس آهن نه کڙڪندڙ ڪنچا. ڪارا، پيلا ڪنچا--.“
ماڻس جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. ”تو ڪنچا ڇو وڪيا
گلڻ، تو ڪنچا ڇو وڪيا؟“ گلو ڳالهائيندو هليو
”امان، هنن ۾ ساوا ۽ صاف اڇا ڪنچا به اٿئي.“
”گلڻ، ڪنچا وڪڻي ڀلا وري چڻا ڇو آندا اٿئي. جي
توکي چڻا نٿي وڻيا ته پنهنجي لاءِ ڪجهه ٻيو وٺي
اچين ها مِٺا!“ ماڻس روئندي سندس مٿي تي هٿ ڦيريو،
کيس مٿس بي اختيار پيار آيو هو.
گلو هاڻي ڪم ۾ رُڌل هو. هُنَ ديڳڙي کي ٿالهي ۾
خالي ڪيو، پوءِ چڻا منجهس وجهي چُلهه تي رکيائين ۽
منجهس چٻِي جِستي گلاس سان پاڻي پيٽيندو ويو. سندس
هٿ ڪم ڪندا هليا؛ باهه پاڻ ٻاريئين، بصر وڍيائين،
ليمي جون ڦاڪونِ ڪيائين، لوڻ مرچ گڏي مصالحو
ٺاهيائين، ۽ جِستي ٿالهه ڌوئي سامهون رکيائين ۽
پوءِ وري ڳالهائڻ کي جنبي ويو.
”امان، چاچو نورل ٿو چوي ته مان جواري آهيان، لوفر
آهيان ۽ هو ڏانهن مولو ڪوهرن وارو خبر اٿئي ڇا پيو
چوي. چي، ’ڪچ جي ڀلا ڪهڙي قيمت؛ اَمان! مون کي بُک
به ڏاڍي لڳي ٿي، اَمان جاءِ به ته مون کي ورائڻي
آهي ۽ ڏٺو اٿئي بابو هاڻي ڪيڏو نه کنگهي ٿو-- ڏس
اَمان؛ تنهنجا ڪپڙا به ڦاٽي ويا آهن، پيرن ۾ جُتي
به ڪانهي-- اَمان هيءُ ڪُهر به ڪنچا اٿئي، ڏس ته
ڪيئن نه قيمت ٿا ڪن، هن ڪَچ جي وڏي قيمت آهي.
اَمان، ڏس ته ڪيئن نه قيمت ٿا ڪن، ڏسجانءِ
اَمان--.“
گلو وڦلندو هليو، سندس ڳالهائڻ ايستائين هلندو
رهيو، جيستائين هن ٿالهه مٿي تي رکيو ۽ مَنهَه کان
ٻاهر نڪري دانهن ڪيائين ”تازا ڪوهر، هيءُ بلوري
ڪوهر-- هيءُ ڪَنچا اٿئي سهڻا-- هيءُ رنگ برنگي
ڪوهر-- هلُ ڪَنچا ڪوهر دلبر-- هيءُ ڪَنچا ڪوهر--!“
سندس آواز آهستي آهستي پري ٿيندو ويو ۽ سندس پيءُ
هاڻي نه کنگهيو، نه کليو، اُٿي زال جي ڀر ۾ بيهي
سندس ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن کي اُگهڻ لڳو.
(مهراڻ)
ويريون
[نوٽ: پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، هجري 1401 ۾ قومي
۽ صوبائي زبانن ۾ ڇپيل بهترين ادبي ڪتابن تي انعام
ڏنا آهن. سنڌي ڪتابن لاءِ منظور ڪيل ”شاهه
عبداللطيف ڀٽائي انعام“ ممتاز سنڌي افسانه نگار
حميد سنڌيءَ کي ”ويريون“ نالي سندس افسانن جي
مجموعي تي مليو آهي. هت انهيءَ ڪتاب جي مکيه ڪهاڻي
”ويريون“، مهراڻ جي پڙهندرن لاءِ پيش ڪجي ٿي.
ــ ادارو[
نورپور ڪنهن وقت ۾ ته ڳوٺڙو هو، پر جيئن جيئن
رئيسن جي رئيسي اوج تي پهچندي ويئي، نورپور به اوج
تي پهچندي ويئي. چڱا سکر مڙس اچي وسيا، وڻج واپار
ته هونئن ئي رئيسن جي دم سان هو. سندن ٻنيون ٻارا
ايترا ته جهجها هئا جو شهر جي چڱي ڀلي ڀلاوڻي
نيڻومل جي وس جي ڳالهه نه هئي، جو سمورو مال سودي
وڃي. نيٺ رئيسن جي ڪڙم مان جوان نڪتا جن پاڻ سيٺڪي
ڪئي ۽ سيٺين وانگر تر ۾ پنهنجو مال سودڻ لڳا.
ماڻهو ساکائتا هئا، سندن وک وک مان ڏاهپ پئي بکي.
ترت ئي چڱا وڏا سيٺيون بنجي ويا. سندن وڻج واپار
بمبئي جي ڪوٺين تائين وڃي لڳو، پر سندن خانداني
لقب رئيس نه هيٺ ٿيو نه مٿي ٿيو. رئيسپائي مان
نڪري سيٺپائي تي پهتا هئا، پر ته به نه سندن ڪڙم
جا نالو مٽيو نه وري سندن ڪي رک رکاءُ ۽ اٿي ويٺي
۾ فرق آيو. چڱو کائيندا چڱو پهريندا هئا، سندن
ڪُڙم جو واڌارو ڏسي سندس وڏي رئيس گل محمد هڪ چڱي
چوکي حويلي ٺهرائي. ڀرسان اوطاقون ۽ مال جون جايون
ٺهرايون. سندس نگاهه ڊگهي هئي، سندس هٿ وڏا هئا،
ڀر ۾ چڱا پَٽ وٺي ڇڏيائين. رئيس گل محمد ڏاڍي
تجربي وارو ۽ هوشيار ماڻهو هو. ساڻس عمر وفا ڪانه
ڪئي ۽ سيگهه وڃي بَرُ وسايائين. سندن پونيَر چڱا
سمجھو هئا پر جيئن نه ڪو رئيس گل محمد ڀاڳ جي
علامت هجي، سندس موڪلائڻ سان رئيسن جي راڄ جي به
پڄاڻي ٿي. رئيس گل محمد جي نه رڳو واپار تي پر
زمينداري ۽ راڄ تي به نظر هئي. سندس پونيَرن جي
وري نظر واپار تي وڌيل هئي. سڀڪجھ وڪڻي به داءُ
واپار تي لڳايائون. ڪرڻي منهنجي مالڪ جي اهڙيءَ ٿي
جو ٻي وڏيءَ جنگ ۾ ڪروڙپتين ڪر ئي نه کنيو ۽ وڃي
پٽ پيا، اُتي هيءُ لکن ۾ مس هئا، سندن واپار ۾ هڙ
جهڳوئي ناس ٿي ويو. اوسي پاسي جيڪي زمينون ۽ پٽ
هئن سي وڪڻي وڃي جان ڇڏايائون. پر هو جو چوندا آهن
ته نڪي نڪ کي مر لائبي نڪي ابي جي پَر وڃائبي.
ڪهڙي به حال ۾ هئا پر پنهنجي پَرِ نه وڃايائون.
اٿي ويٺي مهمان ٽاڻي کي کارائڻ پيئارڻ، اُهيئي
اوطاقن جا ميڙا قائم رهيا.
پر آخر ڪيستائين. آهستي آهستي آڪهيون وڌيون، ڪن
وڃي ٻاهر نوڪريون ڪيون، ڪن اُتيئي ڌنڌي کي ورتو،
پر اها اوج وري نصيب نه ٿين. هونئن به نيٺ ڪمال کي
زوال آ. نورپور جي اوج به ڪا رئيسن جي دم سان هئي.
آهستي آهستي، اهي ئي ڀٽون ڀاڻا، اُهي ئي ڇن ۽
وٿاڻ. جهڙيءَ طرح وقت سان گڏ ماڻهن جي طبيعتن ۾ به
هيٺ مٿاهيون اچيو وڃن، اهڙيءَ طرح رئيسن جي حالت ۽
گهرن جون رونقون لٽجي خزان جي صورت اختيار ڪري
ويون. اڄ به نورپور جي شهر ۾ گهڙبو ته منهن ۾ وڏي
بازار پوندي جا نالي ماتر وڏي بازار وڃي رهي آهي،
جنهن ۾ سواءِ چند دڪانن جي ڪي به ڪينهي. اُهي ئي
دڪان لتاڙي صابوگرن واري گهٽي ۾ پئبو ۽ جيئن وڏي
مسيت کان هيٺين ميدان ۾ لهبو ته چڱي مٿانهين تي هڪ
ڪوٽ نظر ايندو، جنهن جا ڪنگرا جهور، سندس وڏين
ڊگهين ڀتين ۾ جهيرون، سندس پاڙون کٿل ۽ کاڌل. اها
آهي رئيس گل محمد جي ٺهرايل حويلي، جا اڄ به رئيسن
جي حويليءَ جي نانءُ سان مشهور آهي.
جيئن ئي حويليءَ ڏانهن وڃبو ته هڪ چڱي چاڙهي چڙهي
حويليءَ جي لنگهه وٽ پهچبو. چاڙهيءَ جي هيٺان
رئيسن جي پونيَرن جون مَنهين واريون اوطاقون نظر
چڙهنديون. انهن اوطاقن جي اوج اجڙيل آهي. سندس
پونيَرن مان ڪنهن به اهڙي اوج ڪانه ڪئي. جي ڪن ڪئي
به آهي ته اهي ٻين شهرن ۾ نوڪرين يا ڌنڌي سانگي
آهن.
حويليءَ کي هڪ تمام وڏو در ۽ هڪ ڏيڍي آهي جا اندر
وڃي هڪ وڏي ميدان ۾ پوي ٿي. لنگھ شايد ان ڪري
مختلف نه آهن جو سڀني جا پاسا ورهايل ۽ طرف کنيل
آهن.
ڪنهن وقت ۾ ته طرفن ۽ پاسن کي ڪنهن کنگهيو به نه
ٿي جو وڏڙن جو قرب ڀريو ساهه به هڪ ئي نڪئون کڄندو
هو. گهرن ۾ نه ويڇا نه ويريون، نه دوريون نه
جدايون، بس پنهنجائي وارو ڪارخانو هو. رئيس گل
محمد ڪي ناتا اهڙا اُڻيا هئا جو ڪي ورهيه ته
ڪارخانو ائين پئي هليو. گڏ جا گهر، وڌ ۾ وڌ ڏاڏن
جي نالي تي ڪمرا وراهيل، پر نه ڪو ڪي ڌار ڀتيون نه
ڪي ويريون.
گڏ جو کائڻ، گڏ جو اٿڻ ويهڻ، لنگھ هڪڙو، ڪهڙي ڀاءُ
کي ڪهڙي ڀاءُ کان جدا ڪري ڳڻائجي. بس سڏجي ته بابا
رئيس گل محمد جو ڪڙم. رنگيءَ جا رنگ آهن، ڪڙم جو
ته وڃي هن دؤر ۾ هن رنگ ۾ نانءُ رهيو آهي. هاڻي هر
هنڌ ڪڙم جي نانءُ کان اڳ هر ڪنهن جي پنهنجي حيثيت،
ڳڻپ ڌارئون ڌار آهي. اڳ رئيس گل محمد جي آڪهه،
پوءِ ٿي رئيسن جي آڪھ. پوءِ ڇا، جي هي محمد
ابراهيم جو ويڙهو، هي نظير احمد جو ويڙهو، هي ولي
محمد جو ويڙهو، هي شمس الدين جو ويڙهو. هيءُ سڀ
هئا رئيس گل محمد جا ڀائر. اڃان به اڳتي هلو ته
شمن جو گهر، رسول بخش جو گهر، مٺڻ جو گهر، مولا
بخش جو گهر، ۽ اڄ بس گهر ۾ گهر. ڪنهن جو نانءُ
وٺجي. اندر ويريون پئجي ويون، حويلي ڀاڱا ٿي ويئي،
هيٺ اوطاقون ٽڪرا ٿي ويون. آڪهه وڌندي ويئي، ڪٽنب
ڇڄندا ويا. حويليءَ ۾ ٽڪرن ۽ ڀاڱن جو تعداد وڌي
ويو پر جي نه ڇڄي ها ته ڏيڍي نه ڇڄي، جتان حويليءَ
۾ اندر داخل ٿيو هو ۽ اها پنهنجي ننڍڙي پر ڊگهي ڇٽ
سان قائم دائم لنگهندڙن کي گس ڏيندي رهي. ڏيڍيءَ
کي پنهنجا ٻه در هئا، هڪ منهن ۾، هڪ آخر ۾. ڪير جي
ٻن درن کي بند ڪري ته ڄڻ ته صفحو ٿي ٿي پيو. رئيس
گل محمد جي آڪهه جو چڱو مڙس محمد ابراهيم پراڻي
کَهي جو ماڻهو، پراڻن قدرن ۾ ايمان، پر ليکي چوکي
۾ ڏاڍو سخت ۽ ڏکئي طبيعت جو ماڻهو هو. سندس شمس
الدين وارن سان اصل ڪانه پوندي هئي، جو رئيسن جي
ڏاڏنگ ۾ ڪونه هو. هونءَ به ناناڻي پَرِ زالون ۽
ٻار پاڙيندا آهن، باقي مڙداڻي پَر اها آهي جو
هميشه ڏاڏنگ پيا ساراهيندا. شمس الدين جو گهر
ڏيڍيءَ سان گڏ هو. شمس الدين پورهيت ماڻهو هو، پر
سندس نينگر پڙهي پيا. ان مان ڪو مليريا جو صاحب هو
ته ڪو فيملي پلاننگ ۾ هو. نوڪرين سانگي ٻاهر. گهر
۾ پيرسن شمس الدين ڏيڍيءَ جي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، آرسين
لوپن ۽ جاسوس بليڪ جا جاسوسي چڪر وارا ناول پڙهي
وقت گذاريندو هو. سندس گهر جو خرچ نينگر کنيو ويٺا
هئا، هن رازڪو ڪم گهڻا ڏينهن ڇڏي ڏنو هو.
هڪ ڏينهن، جيئن هو اکين تي عينڪ چاڙهيو ڪتاب کنيو
ويٺو هو ۽ ڏسي رهيو هو ته ڪيئن جاسوس بليڪ، سمٿ کي
دڙڪا پيو ڏي، ايميلي ڪارٽر کي سمجھاڻي پيو ڏي،
سندس هٿ ڀت جي هڪ دز تي پيو. هن جو هٿ بي اختيار
هٿوراڙيون ڏيندو رهيو ۽ هڪ هوشيار رازي وانگر ڀت
کي توريندو رهيو ۽ ائين هن ڪتاب رکي ڇڏيو. هن کٽ
ريڙهي پري هٽائي ڇڏي، هٿ لائي ڏٺو ته ڀت چڱي کاڌ
ڪري ويئي ۽ ڪافي هنڌن کان ڏري ڇڄي به پئي آهي.
پراڻو ڪاريگر هو، قصي کي سمجھي ويو. صبح جو اٿڻ
سان هڪڙو رازو جو سندس يار به هو، ٻه مزور وٺي اچي
ڏيڍيءَ ۾ بيٺو. ڏيڍي ۽ سندس ڪمري جي ڀت مڙيوئي
هڪڙي ڀت، سو خيال پچائڻ لڳو ته اهڙو ڪم ٿئي جو ڀت
جي مرمت ٿئي نه ته سڄي ڏيڍي ڇت سوڌي هيٺ لاهڻي ٿي
پئي. شمس الدين ۽ سندس يار رازي گلڻ جا هٿ ڀت کي
توري رهيا هئا ته ائين محمد ابراهيم اچي لانگهائو
ٿيو. پراڻي ٿلهن شيشن وارين عينڪ مان نظر ڪرڙي ڪري
شمس الدين کي ڏٺائين ۽ لڪڻ کي زمين تي ٽيڪي
چيائين: ”اڙي ماما! ڇا کي لڳو آهين، ڀت ٿو ڊاهين
ڇا!“ اڃان شمس الدين وراڻي ئي ورائي ته مٿان
ڦهڪايائينس، ”ڏسجانءِ ماما ڀاڙين مٿان ڀت ڪانون
ڪيرائي وڌي، ڪاٿي گلڻ پارا مٿان نه ڀت ڪيرائينئي.“
شمس الدين کي خبر هئي ته محمد ابراهيم ڏکي طبيعت
جو ماڻهو آهي، تنهنڪري سور پي چيائينس، ”ڀائو،
ڏيڍيءَ جي ڀت ڪمزور ٿي پئي آهي، جي ڪري پئي ته نه
رڳو ڏيڍي ويندي پر مون واري ڪوٺي کي به کنيو
ويندي. تنهنڪري گلڻ کي وٺي آيو آهيان ته ڪا صلاح
بيهاريون ته ڪيئن ڏيڍيءَ کي بچائجي.“ ۽ ائين محمد
ابراهيم عينڪ لاهي هٿ ۾ ڪئي، تکي رڙ ڪري چيائينس
”اڙي متان ڀت کي هٿ لاتو اٿئي، هي سڄي ڏيڍيءَ وچ
جي ملڪيت آهي شما! جي تو ڪابه حرڪت ڪئي آهي ته
سڀني کي سڏائي انهيءَ ڀت ۾ لنبائي ڇڏيندوسانءِ،
سمجھيئه!“
“پر به ڀائو، جي ڀت ڪري پئي ته مان ڪاڏي ويندس.
چڱو ڀلا ايترو حق اٿم ته اندران پنهنجي ڀت کڻايان،
پوءِ ڀلي هيءُ ڪريَو ته ڪريَو توهان جي مرضي.“
محمد ابراهيم جي ڪنن جون پاڙون ڳاڙهيون ٿي ويون.
لڪڻ کي ڀت تي هڻندي چيائين، ”شما، مان سڀ سمجھان
ٿو، انهيءَ بهاني تون هيءَ ڀت ڪيرائڻ ٿو چاهين ته
جيئن مان ڏيڍيءَ تي قبضو ڪيان. تون نه نئين ڀت
ٺهرائي سگهين نه هن کي هٿ لائيندين. نه ته-- بس
سمجھين ٿو.“
محمد ابراهيم لڪڻ سان گڏ ڏند کڙڪائيندو هليو ويو.
شمس الدين حويليءَ جي ٻاهران گلڻ ۽ مزورن سان گڏ
ويهي رهيو. سندس نظرون پاتال ڏي کتل هيون، سندس
نرڙ تي پگهر هو. هو سوچڻ لڳو ته هن کي ڪيڏو نه گهٽ
۽ ذليل سمجھيو پيو وڃي. هن انهيءَ ذلت کي انهيءَ
نموني گهٽايو هو، جو نياڻيون ويهاري ڇڏيائين، پر
رئيسن ۾ نه ڏنيون هئائين. رئيسن جي آڪھ ۾ پنهنجي
پيءُ جو اوج تڏهن ڏٺو هئائين جڏهن رئيس گل محمد
حيات هو.
پر جيئن هو الله ڏي هليو ته سندس ساڻ اها ڪار
ڪيائون جو پهريائين حويلي اندر اڱڻ ۾ ويري وجهائڻ
وارو سندس پيءُ هو. لنگهه به ايڏو ڏيڍيءَ جي ويجهو
رکيو هئائين، جو شمس الدين يا ٻيا گهڻو حويلي
ڏانهن ويندا نه هئا. |