سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:13 

هڪ ڏينهن هڪ همراهه زندگيءَ مان ڏاڍو مايوس ٿيو ۽ خودڪشيءَ جو پئي سوچيائين ۽ اچي مون سان صلاح ڪيائين. مون چيو مانس،”چريو ٿيو آهين، خودڪشي ڀري ڪر پر Suicide Pact  واري ڪنهن سان رومانس ڪر، اڻبرابري وارو رومانس. ان کي ڏٽا پوزيون ڏيئي، ٻئي جهان ۾ ملڻ ۽ ميلاپ وارا سبز نيرا پيلا ڳاڙها خواب ڏيکار، پوءِ هڪ معاهدي هيٺ خودڪشي ڪر، اَمر ٿي ويندين. ان طرح سڄي ڳالهه کي رومانوي بڻاءِ“ وري جو عزيزم عبدالرشيد جي ڊڪشنري مان Suicide Pact جي معنيٰ ڏيکاري وري  Romanticize  ڪرڻ جون ڪيتريون معنائون ڏيکاريون مانس ته وري پڇيائين ته،”سائين رومانس ٿيندو ڇا آهي.“

مون وري ڊڪشنري کولي رومانس Romance  جون ڪجهه معنائون ٻڌايون.”حيرت انگيز واقعو، رومانوي داستان، معاشقو، مبالغه آميز رنگين بياني، رومانوي انداز يا تخيل، شاعري ۾ تخيلي، جذباتي، هوائي قلعا ٺاهڻ، خيالي پلاءُ پچائڻ......

”بس سائين بس، مان سمجهي ويس. جلد توهان اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي جي گڏيل معاهدي هيٺ خودڪشي پڙهندوء.“

ڏينهن ئي ڪونه گذريا ، جو اخبار ۾ هڪ پريمي جوڙي جي خبر هئي. هن همراهه جو نالو به برابر هو پر ساڻس گڏ مسمات جو نالو به هو، پر هيءَ خبر خودڪشي جي نه پر پريمي جوڙي جي ڪورٽ ۾ ڪيل شاديءَ جي هئي. هن همراهه اِنهن مٿي ڄاڻايل ڪيترين ئي معنائن مان ڪهڙي معنيٰ کنئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته هُن Suicidal  واري معنيٰ به پڙهي هجي ته خودڪشي ڏانهن راغب ڪندڙ يا تباهيءَ ڏانهن ويندڙ. ڪن شادين جو ويندڙ رستو يا اُنهن جي ترغيب اهڙي به ٿيندي آهي، جيڪا آخر ۾ خودڪشي ڪرڻ جهڙو ڪري ڇڏيندو آهي.

تهان پوءِ مان ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا واقعي خودڪشي ۽ رومانس جو پاڻ ۾ ڪو گهاٽو رستو آهي. ڇا خودڪشي سان رومانس يا عشق ڪري سگهجي ٿو. جوڙن جو رومانس يا عشق سڀ ڪجهه ڪونهي. مون رومانس کي هميشه انساني جياپي، جيوت ۽ ڌرتي سان لاڳاپيل ڏٺو آهي. سڄي ڪائنات جيڪا مالڪ خلقي رومانٽڪ نظارن ۽ وارداتن سان ڀريل آهي. رومانٽڪ ماحول ۽ جذبات زندگي ۾ رومانس يا عشق کي جنم ڏيندا آهن. ڪائنات جي سونهن جڏهن ڪيترائي رنگ وکيريندي آهي. ڌرتي پٽ پٽِهرن جهڙا وڳا پائيندي آهي، وڄون وسڻ جا ويس ڪنديون آهن، جبل جاڙون ڇڏي سرسبز ٿي ويندا آهن. درياءُ پنهنجي موج مستي ۾ اچي پنهنجا خشڪ پيٽارا به ڀري ڇڏيندو آهي، ڪچا ٻڏڻ لڳندا آهن. پڪا مالوندن جا هوندا آهن، سکن جا سرمنڊل وڄڻ لڳندا آهن، ته رومانس به پنهنجا رنگ ڏيکاريندو آهي.

مون کي ياد آهي ته ڌرتيءَ جو رومانس مون تي تڏهن وڌيڪ ڇانيل هوندو هو، جڏهن مان ريل رستي ڪوئيٽا ويندو هئس. انگريزن جي ٺاهيل هيءُ ريل جي پٽي عجيب نظارا پسائيندي هئي. بولان ميل جي نالي سان هيءَ گاڏي، من موهڻي سنڌ جا سير ڪرائيندي، سنڌو درياهه بادشاهه جون ڇوليون پسائيندي، ڪئين ٻيٽ، پيٽ، پيٽارا پارڪرائيندي، کيرٿر جبل جي جُسي ۽ جان مان لنگهندي، لڪيءَ وٽ پير صدرالدين شاهه بادشاهه واري لَڪُ ٽپي، قلندر جي ننگري سيوهڻ تي ساهه پٽائيندي هئي. مان سڄو رستو گاڏيءَ جي دريءَ مان ٻيون قديم ۽ قديم قدرن جي امينن جون وستيون، مانجهند، سنُ، آمري، قديم رڻي ڪوٽ ڏانهن ويندڙ رستو ڏسندو، لڪ ٽپندو، لڪي شاهه صدر وٽ درياههُ جو آباد چهچ سائو پيٽ ۽ڇرون پسي اندر ۾ خوشي محسوس ڪندو هئس. سائين صدرالدين بادشاهه کان اجازت  پني، قلندر سائينءَ جو پري کان چمڪندڙ مقبرو ڏسي، دل مان اِها دعا نڪرندي هئي ته،”بادشاهه! هيءُ سرسبز ۽ آباد سنڌ جي ننگري هميشه آباد رکجانءِ.“

سيوهڻ جي اسٽيشن ماڻهن سان سٿيل هوندي هئي. ٻهڪندڙ

چهرا، ملڪان ملڪ کان آيل آسروند، چوڌاري نعرا نينهن جا. گاڏي جيئن قلندر سائينءَ جي مقبري وٽان موڙ مَٽيندي هئي ته ”سنڌڙيءَ جا شهباز قلندر.........حق قلندر..........دما دممست قلندر“ جا نعرا لڳندا هئا. خدا آباد، بوبڪ ڏسندا، دادوءَ جي جادونگريءَ ۾ داخل ٿبو هو. ڪي دوست ڦوٽي ۽کير واري خوشبودار چانهه کنيو بيٺا هوندا هئا، مُرڪون ئي مرُڪون هيون. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو................. ڪامريڊ سوڀي جو شهر! دوست سليم خواجه يا ديوان گوپال داس انب کنيو ٽفن جهليو بيٺا هوندا هئا. حبيب ڪوٽ جنڪشن ٽپي شڪارپور پهچبو هو ته سڳنڌ ئي ٻي هوندي هئي. ڪي دوست شڪارپوري خوشبودار ڪلفي ۽ ديوان جي سڱر واري مٺائي کنيو ايندا هئا. هٿن ۽ ڳچيءَ ۾ گلاب ۽ موتئي جون ڪنڍيون، چوڌاري خوشبو ئي خوشبو! ماڻهن ۾ چرپر ۽ حياتيءَ جا اهڃاڻ پسي خوش ٿيندو هئس. شڪارپور نينهن وارن ۽ شوقينن جو شهر آهي. حسن سان گڏ خوشبو سندن سينگار آهي. جيڪب آباد.......جان جيڪب جي گهڙيال ۽ ٽاور وارو شهر. عبدالڪريم گدائي، غالب لطيف، فتاح عابد ۽ سڌايي جو شهر، قرب وارا چانهه جهليو بيٺا آهن. رات به لڙي هلي آ. گاڏي آهستي آهستي بلوچستان جا برپٽ ميداني علائقا، جهٽ پٽ، ڊيره مراد، سبي، لتاڙيندي، جابلو علائقا ٽپندي، ٻن انجڻين سان ڌوڌاٽ ڪندي، چُرن ۽ غارن (ٽنيلز) مان ٿيندي، صبح جا نظارا پسائيندي اچي ’آب گم‘ پهچندي هئي. هن اسٽيشن تي ٺڪر جي کمرن ۾ چانهه، حلوو پوري ۽ پڪوان. جابلو سيءَ جو مزو الڳ، ٿڪ ٻڪ لهي ويندا هئا. ماڻهو ڄڻ هڪ پوري رومانٽڪ دور مان لنگهندو هڪ نئين رومانس ۾ قابو ٿي ويندو هو. اوچتو خبر پڙهيم ته ريلوي اختياري وارن بولان ميل بند ڪري، زندگيءَ جي هڪ روان دوان سفر کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو آهي. ائين ڄڻ ڪنهن وهندڙ پاڻيءَ جي وهڪري يا مست سفر کي ٻنڍو ڏئي ڇڏيو هجي. مون پڙهيو ۽ منهنجي اندر ۾ هن سفري رومانس مرڻ شروع ڪيو. دوستن، خاص طرح عزيزم غلام رباني زور ڏيئي چيو ته”رومانس کي بنهه مرڻ نه ڏي. تون هاڻ ئي ان گاڏيءَ ۾ وري وڃي چڙهه، توڙي کڻي اُها هاڻي بولان ميل نه رهي آهي. ڇاڪاڻ ته مهيني اڌ ۾ اها به بند ٿيندي. اڃان ويل وئي ناهي. تنهنجي اندر ۾ وهندڙ رومانس ڪجهه وقت لاءِ يادگيرين ۾ ته زنده رهندو.“ سو هڪ ڏينهن وڃي گاڏي ۾ ورُ چڙهيس. هيءَ اُها ميل نه هئي، ٻن چئن گاڏن واري لنڊي پئسينجر پئي لڳي. عمر ڏٺاسين خواب سهڻا سهڻا، سو خواب ساڻ ڪري دل کي دلبو ڏيئي چيم ته ڪا ڳالهه نه آهي. سنڌ جي عشق کي ورُ مچائڻ لاءِ، اُن جي ماڻهن، ماڳن، مڪانن، اسٽيشنن، جبلن، سنڌو دريا جي مست پنڌ ۽ وهڪري کي پسڻ ۽ ملڻ لاءِ، اُنهن سان رومانس کي زنده رکڻ لاءِ اِهي لنڊيون به چڱيون. بلوچستان جو حُسن الڳ ڏسبو.

ڪوٽڙيءَ کان گاڏي هلي، ڀڳل گاڏا، ڀڳل دريون، ائين لُڏان پيو، ڄڻ ڪنهن ڇڪڙي ۾ ويٺو هجان. پر عشق عشق آهي. مان دريا شاهه کي ڏسڻ لاءِ ڪڏهن هڪ دريءَ کان، ڪڏهن ٻيءَ دريءَ کان پئي ڦريس. دريا شاهه پَٽا ڏيئي گم ٿي ويو هو. ڄامشورو به ٽپي آياسين. دريا شاهه، جيڪو سنڌ جي گجگوڙ هو، سنڌ جي مستي، موج ۽ سُڪار جو اهڃاڻ هو، بنهه پَٽا ڏيئي ويو هو. واري ۽ مٽي پئي اُڏاڻي! ڪٿي ڪٿي سنواريل پاڻيءَ جا دُٻا هئا، جيڪي ٻڌائين پيا ته هتان ڪڏهن ڪو درياهه شاهه نالي واٽهڙو لنگهيو هو. جيڪو هڪ مسافر جيان هيو. الائي سفر جي ڪهڙي موڙ تي دڳ وڃائي ويهي رهيو.

ٻيٽارا، ٻيٽ، ڍنڍون، ڍورا سب سُڪل هيا. صدرالدين بادشاهه نٽهڻ ۾ هيو، وڻ سُڪي ڪوڪلا ٿيل هئا. لَڪ وٽان هيٺ نهاريم، سرسبز پَٽن ۽ پوکن جي جاءِ تي ٺوٺ ڌرتي هئي. چمڪندڙ ڇوليون هڻندڙ ڇرون ڄڻ زمين اندر پيهي ويون هيون. کرکنا ٿيل هن گاڏيءَ سيوهڻ تائين پهچائيندي سج لاهي ڇڏيو هو. اسٽيشن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هئا. چڙهيا ته ڏٺم ته سندن منهن ڀيلا ۽ لٿل هئا. حالي احوالي ٿيا ته چيائيون،”قلندر جي ننگريءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي ڪانهي. چون ٿا ته لوڊشيڊنگ آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، دريا شاهه سڪو پيو آهي، واهه واٽر به سُڪا پيا آهن، فصل سڙي ويا آهن. شايد دريا شاهه جي به لوڊشيڊنگ ٿي آهي.“ ڳالهائين پيا ته سندن اکين ۾ لڙڪ اوتجي پيا اچن. گاڏي هلي ته ڪو نعرو ٻڌڻ ۾ نه آيو. ايترو ضرور ٿيو جو قلندر سائينءَ جي مقبري ويجهو موڙ وٽ گاڏي پهتي ته ڪيترن ئي دعا لاءِ هٿ کنيا. هڪ نوجوان، جيڪو پڙهيل ڳڙهيل هو، سو دل جي درد سان پُر هيو. دانهن ڪندي سُر سان شاهه پڙهيائين:

اندر جُهڙ جهور وهي ٻهر ڪڪر نه ڪوءِ،

وسائي سا وڄڙي جنهن کي حُب هوءِ،

لالن جهين تِنِ اوڪاڻين نه اکيون،

ٻيو جوان هر  هر اِها دعا پيو گهري:

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.

ڪنهن چيس ته اڳتي به چئه ته ڳوڙهن گاڏڙ کل کليو ۽ آڱر مٿي کڻي چيائين” اڳتي سندس مرضي.“ سيوهڻ کان اڳتي به ويراني هئي. اوندهه هوندي به پسجي پيو ته خداآباد جا زبون پراڻا آثار وڌيڪ ويران هئا. بوبڪن واري ساوڪ جو هڳاءَ به نه هو. لڳو پئي ته سوڪهڙي جو شڪار هئي. بوبڪن جي ڀنگ ڄڻ ته سڙي وئي هئي، پر شايد نشئي طوطا به اُڏامي هليا ويا هئا. دادوءَ جو جادو پورو ساروهو. هڪ يار آيو، وينڊر کان سڙيل چانهه جو ڪوپ وٺي پياريائين. اصل نسل خوشبو واري چانهه جو پڇيو مانس ته چيائين،”يار ويا آهن پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڳولا ۾. اڄ مٽ دلا ڀڃي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو اٿائون ۽ ڪي بک هڙتال تي به آهن. پاڻ واري مينهن کير ئي ڏيڻ ڇڏيو آهي. کيس تڙڳڻ لاءِ پاڻي ته ٺهيو، پر پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، کير ڌوڙ تي لاهيندي! باقي رهيا ڦوٽا ته ماڻهن ۾ خوشبو ناهي رهي ته ڦُوٽن ۾ خوشبو ڪٿان ايندي.“ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جو ساهه سُڪو پيو هو. شري گوپال ڪڏهوڪو سُرڳواس ٿي چڪو هو، سليم خواجا ڪراچي آباد ٿيو هو. ڪن ٻين دوستن کي حيدرآباد وارن دوستن نياپو ڏنو هو، سو هڪ همراهه بيٺو هجي، چي،”لالڻ مختيارڪار وصولي تي ويل آهي، موٽي ئي نٿو جو نوڪري خطري ۾ اٿس. ماڻهن وٽ نه فصل نه روڪڙ، ڍل ڪٿان ڏيندا.“ زرعي بينڪ واري نالي ڀائي دوست عبدالحميد جو نياپو ڏنائين:”سائين اُهو به شهدادڪوٽ ۾ غيرآباد زمينن جي آبادگارن کان قرض اُڳاڙڻ جي ناڪام ڪوششن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي. ڪاميابي لاءِ دعا ڪجوس.“ مون سندس پيرن ڏي نه پر هٿن ڏي نهاريو. اُن هٿن ۾ نه ٽفن هو ۽ نه ديسي انب، هو ته نياپا ڏيئي هليو ويو، بک به ڏاڍي لڳي هئي. هڪ گاڏي ڇڪڙو، اي.سي گاڏا ته هليا ويا مين لائين جي نائيٽ ڪوچن ۽ تيزگامن ۾، تنهن ڪري گرمي، مٽي ۽ ڌوڙ اصل ڌوڙ ڪري ڇڏيو هو. منجهند واري مانيءَ جي هڙ ۾ مانيءَ ڀور هئا. لهي نل تان هٿ منهن ڌوتم ۽ ٿرماس ۾ پاڻي ڀريم. نل ۾ ڀلا ڍُڪ ڍُڪ  پاڻي پي آيس ته دير لڳي سو ڊوڙي پڪوڙا وٺڻ چاهيم پر اُهي ٿڌا ۽ پاروٿا لڳا. گاڏي واري پڪوڙائي کي ڪجهه چيم ته خار مان چيائين، ”صبح کان بيٺا آهيون، هڪ ته هن لائين جون گاڏيون مردار، ماڻهو ڪين. هيءَ ڍير وڪامي ته گرم مال آڻيون.“ ڀڳس انبن واري ڏي ته هڪ همسفر ساٿي بيٺو هو. هٿن ۾ ٻه وڍيل انب هيس،”سائين نه وٺجو، هڪ ڦڪا ٻيو رڌل آهن.“ انبن وارو کليو،” انبن جي باغن کي پاڻي نه ملندوته ائين ئي ٿيندو. ڪاربيٽ تي پڪل انب، وري هيءَ گرمي، ڦڪا ۽ رڌل نه هوندا ته ٻيو ڇا هوندا.“ گاڏي چُري، مان ۽ هو همراهه ڊوڙي چڙهياسين. مون هڙ کولي، منجهند جا پيل سُڪل ڀور کائي پاڻي پي ڇڏيم. ڪجهه اُنهي همراهه کي ڏنم. هِن ڦڪن ۽ رڌل انبن سان ماني کاڌي. گاڏي هلندي هلي ۽ مان سوچيندورهيس:”هئه ڙي سنڌ، تنهنجو دريا بادشاهه وڃائجي ويو، ساوا پَٽ برپٽ بڻيا، نه سلا نه گاهه، مينهنِ کير ڏيڻ ڇڏيو. پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي. سنڌ ۾ غريبن جو کاڄ پڪوڙو به پاروٿو. انب رُسُ ڇڏي ويا. ماڻهو اُٻاڻڪا، ڀيلا منهن. ڳڻتين ڳاريل، باقي رهيو ڇا؟“  شڪارپور جو بورڊ ڏٺم ته خوش ٿيس ۽ سوچيم ته ڪي يار ضرور آيا هوندا ۽ ڪا لکي دروازي واري ڪلفي کڻي آيا هوندا. ٽپ ڏيئي لٿس. اُنهيءَ همسفر ساٿي کي شڪارپور ۾ لهڻو هو. مون لهي پنهنجن يارن کي ڳوليو پئي ته سوري آيو. پڇيائين ته ڪنهن کي ڳوليو ٿا. ڇا چوانس؟ چيم”يار! سُئي پيو ڳوليان.“ هو وائڙو ٿي ويو. ”يار، دوستيون ۽ قرب جو ساٿ هاڻ سُئي مثل رهيو آهي. ڀل ڪلفي يا مٺائي نه کارائين ها پر اچن ته ها.“ کلي چيائين،”سائين اديب آهيو، تڏهن ائين چئو ٿا. ٿي سگهي ٿو، شڪارپور کي شرم کان پرچائڻ لاءِ نه آيا هجن. نه کير ،نه بجلي، نه برف، رجيل پاڻي واري ڪلفي کارائين ها ڇا. ديوان جي اصل ڪلفي ۽ سڱرن واري مٺائي هاڻ خواب رهيو آهي.مان چپ ڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺس، کائنس موڪلايم به نه.

گاڏي جيسين جيڪب آباد پهتي، منهنجو سڄو سارو سنڌ جو رومانس ڇڙيون هڻي رهيو هو. مون اڃان اُن کي مرڻ نه ڏنو. ٽپ ڏيئي جيڪب آباد تي لهي پيس. هاڻي ڪهڙا وڃي حلوا، سيرا، پوريون، پڪوان کاوان يا بلوچستان جي مٽي جي سڳنڌ ڏيندڙ کُمرن ۾ وڃي چانهه پيان يا ٿڌڙن مٺن سيئن جو مزو وٺان. گاڏي گذري ته جيڪب آباد جي اسٽيشن بنهه ويران ٿي ويئي. هت به ڪير اڳ جيان چانهه جو ٿرماس ۽ بسڪوٽن جا پُڙا کڻي نه آيو هو. اُهي يار دوست شايد جان جيڪب جي مَرم شرم کي پرچائڻ ڪارڻ نه آيا هئا. نه وري هاڻ اُت گدائي هو يا فتاح يا غالب هو. هڪ خالي بينچ تي آهلي پيس.”هيءَ سفر ڪيڏو نه ڀيانڪ هو.“ وسوسن انديشن اندر گهر ڪري ورتو هو. مان موٽي پنهنجي پوٽڙي سلمان ارشد کي ڇا ٻڌائيندس، جنهن کي اُٿندي وهندي دريا شاهه، سنڌ جي سونهن، ماڻهن جي سُکيي ستابي هجڻ جا داستان، وفا محبت ۽ بهادريءَ جا قصا ٻڌائيندو هئس. هاڻ سلمان انهن آسُن ۽ اُميدن تي وڏو ٿي رُڃ پسي مايوس ٿي ڇا نه ڪندو؟ مان ڏڪي ويو هئس.  صبح ٿي ويو هو. آهستي وڃي نل تان منهن ڌوئي. ٿيلهڙو ۽ خالي هڙ لوڏيندو اسٽيشن کان نڪتس. دوستن جي گهرن کان لنگهيس. اُهي سڀ دربند هئا. جيڪب آباد اڄ مون کي آباد نه پئي لڳو. پراڻي ميونسپلٽي ڀرسان اُنهي ديوان جي هوٽل تي آيس، جتي دال پوري، ڀاڄي ڦلڪا، مڇي يا پلو تريل ملندو هو. اڄ اُت ڪاريءَ وارا ڪک هئا. اڳيان هڪ ٻيو هوٽل هو. وڃي ويٺس. بيرو ڦري آيو.”ڇا کائيندوء ڇا پيئندو؟“  ”ابا ڪا مڇي، ڪو پلو، ڪا مڱن جي دال. ڪو ڦلڪو ڪا ڊڳڙي.“  بيرو کلي پيو. ”سائين ڪهڙن ڏينهن جي ڳالهه ٿا ڪيو؟ پاڻي لڀي ڪونه..... ڇا جي مڇي، ڇا جو پلو. فصل ٿيا ڪونه. مڱن جي دال به مهانگي، ڪير چاڙهي؟ چيم ”يا ڪو ڏس پنڌ؟“ وراڻيائين ”سائين ٻڌو اٿم ته درياهه ۾ پاڻي آيو آهي. سکر روهڙي وڃو، شايد اُتي ملي پوي. باقي چانهه پراٺو چئو ته ڏيانو.“ مون چانهه گهرائي، اُوڦراٽو هاڻ پراٺُوپرائو ٿي ويو هو، تنهنڪري اُنهيءَ کان پاسو ڪيم. ڪا ڊڳڙي يا ڦلڪو هجي ها ته کڻي کاوان ها. بسڪوٽ چانهه سان کاڌم. اُتان اُٿيس ته بس اسٽينڊ لاءِ ٽانگو ڳوليم. سوچيم ته ٽڪ ٽڪ ڪندو گهوڙي جي سنبن سان سُر ملائيندو پراڻن واقف رستن کي سڃاڻندو، منجهيل من کي پرڀائيندو ڪو مزو وٺندس. چيائون ته سائين هاڻ ٽانگا گهٽ ، ڪيونچڪي تي وڃو.هيءَ موٽر سائيڪل سان جوڙيل رڪشا جهڙي سواري هئي. ٽپ ٺينگ ڏيندو هليس. ٽانگي وارو رومانس ته پورو ٿي چڪو هو. بس هلي ته اُهي ئي سوڪهڙي وارا نظارا، سارين جا ٻيجارا سڙيل هئا. ڪن ته ٻيجارو ئي نه ڪيو هو. ماڻهن ۾ اِها ئي ٻُولاچاري هئي. هن رستي تي ڪئين ئي پنڌ ڪيل هئا. علي نواز پنهور جي ڳوٺ، آباد، مفتون ۽ نياز همايوني جو شهر همايون، آغائن ۽ پٺاڻن جو سلطان ڪوٽ، عجيب ماٺ، مايوسي ۽ موڳائي هئي. شڪارپور ٽپي سرسبز سي، اينڊ ايس ڪاليج وٽان لنگهيس ته اُهو به اُجڙيل هو. جهانو، لکي لنگهياسين. ٻهراڙيءَ جي هوٽلن تي ماڻهو چانهه تي ائين ويٺا هئا، ڄڻ ڪي پياڪ غم غلط ڪري رهيا هجن. سکر جو شهر برابر شهر هو، پر ڪو ڪاڏي پئي ڀڳو ويو ڪو ڪاڏي، افراتفري جو عالم هو. مان نئين پل تي نئين بس اسٽينڊ تي لٿس. رڪشا ملي ويئي، چيومانس، ”يار چون ٿا سنڌوءَ ۾ پاڻي آيو آهي. پري کان ڏسڻ آيو آهيان. چون ٿا ته ڏنڀرو به آهي ته پلو به آهي. يار اُتي وٺي هل ته ڪو دريا شاهه جو ديدار ڪيون.“ رڪشا وارو پهريائين منهنجي منهن ۾ ڏسڻ لڳو، پوءِ يڪدم چڙهي ويٺو. ڦٽ ڦٽ ڪندو سڌو بند روڊ تي دريا شاهه جي ڪناري تي رڪشا بيهاريائين. مون کي ٻانهن کان وٺي، بند ٽپائي اشارو ڪري چيائين،”هُو ڏس پنهنجو دريا شاهه“ هڪ واهڙُ هو، جو وهيو پئي. ڪي ٻيڙيون  پاڻيءَ جي آسري سُڪيءَ تي بيٺيون هيون. سنڌوءَ جاڪنارا آسارا آسارا هئا. هڪ جهونو مهاڻو  سُري آيو. مون کي سڃاتائين. ”سائين، توهان مرحوم رشيد ڀٽيءَ جا دوست آهيو نه، توهان رشيد سان گڏجي ڏنڀرو وٺڻ ايندا هئا. تڏهن ته پلا به جام مرندا هئا. اڄ پلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سير آهي ئي ڪانه ته پلي جي سواري ڪٿان ايندي. ڏنڀري ۾ ڏينهن لڳندا . ڪو پاڻي چڙهي، ڪو مالڪ کي رحم پوي. ڪو دريا شاهه  کي جوش اچي. ڏنڀرا ڪُرڙا کوڙ.“ مان ماٺ ميٺ ۾ موٽي اچي رڪشا ۾ ويٺس. چيومانس ته روهڙي اسٽيشن هل، ڪا گاڏي حيدرآباد لاءِ ملي ويندي. مان نه مَلڪن نه سيدن ڏي ويس، جو سندن سور سُجهيا پئي. مون سڄي واٽ رشيد کي ياد پئي ڪيو، جنهن سان سکر آباد هو. اياز ۽ رشيد ڀٽي ڀونءِ ڀيڙا ٿيا. رڪشا وارو، جيڪو ڏاڍوفهميندو هو، تنهن آرام سان هلي اسٽيشن آڏو ٿلهي تي رڪشا بيهاري. پئسا ڏنامانس ته چيائين.” سائين، اوهان نٿا سڃاڻو، آءُ به رشيد ڀٽيءَ جي پاڙي جاگيراڻي پاڙي جو آهيان. ننڍو هئس ته مون اوهان کي سندس اوطاق تي ڪئين ڀيرا ڏٺو هو. بَگن سائين (رشيد ڀٽي) جهڙا ماڻهو نه رهيا ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. بگن سائين جهڙا سخي، قربائتا، بهادر ماڻهو هليا ويندا آهن ته درياهه به سُڪي ويندا آهن. سو سائين، آءٌ پئسا نه وٺندس.“ مون کيس حيرت مان ڏٺو. هو پنڊپهڻ ٿيو ٺنڀ هنيو بيٺو هو. مون کيس ڀاڪر پاتو، پيار ڪيو، پر هو مون وانگر مايوس نه هو جو هن منهنجو چهرو پڙهي ورتو هو. پوءِ چيائين ”نيٺ هيءُ لُڙ لهي ويندا. ڏسو مان بي.اي پاس آهيان پر پنهنجي محنت ۽ پورهيي سان سکيو ٽڪر کان ٿو. سنڌ جي ڪُک هميشه سائي رهي آهي اسين نوجوان پنهنجو پاڻي ورائينداسين. هر نئون نسل سنڌڙي کي آباد رکندو ايندو، ٻيو اوهان جهڙن سڄاڻ ماڻهن سان به اُٿيا ويٺا آهيون، اهوئي اسان لاءِ گنج آهي، اُهو به ته ڪنهن ڏينهن ڪم ايندو. مان هڪ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس مون کي هوش نه هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي اندر ۾ گهڻو ڪجهه ڀڄي پيوهو. ائين لڳو پئي ته ڄڻ ڪو مري ويو آهي. شايد منهنجي رومانس خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.

پر چوندا آهن ته”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام.“ سنڌڙيءَ سان هيءُ رومانس مرندي مرندي شايد ڪا اميد جو هڪ ڪرڻو ٻاري ويو هو. اُهو هو رڪشا واري نوجوان جو ڪردار ۽ انداز! مون سوچيو ته خالي هٿين گهر وڃان پيو. ننڍڙو  سلمان ، ڪا نه ڪا شيءِ گهرندو ته پوءِ مان کيس اُن رڪشا واري پورهيت جي ڪهاڻي ٻڌائيندس، جيڪو اڃان به ٺنڀ هنيو اسٽيشن تي اُميد جو اهڃاڻ بڻجي بيٺو آهي. سندس پيشاني منهنجي رومانس جي آخري چمي سان چمڪي رهي آهي.

(هڪ ڪالم ڪهاڻي)

 

سو مون سڀ ڄمار…!

 

لڙي سانجهيءَ جا پاڇا به عجب هوندا آهن. نٻل ۽ هيڻا، جهٽ پل ۾ غائب. لهندڙ سج به ويل وَهيءَ جيان ويندو آهي آهستي آهستي پنهنجو جوش ۽ جوڀن وڃائيندو. اُنهيءَ ويل لڙي ويندڙ سانجهي ۽ وڃايل سج جي انڌي روشني ۾ به مون اُن گهڙيءَ ٻن پتڪڙن جي پدم پدم پيرن وارا ٻه پاڇا ويندي ويندي وڃايا هئا. مان ايڏو ته جهُريل هيس ۽ ڪم طاقت ۽ هيڻو هُيس جو اُنهن کي روڪڻ جي سَڌ رکندي به روڪي نه سگهيس ۽ مون اُنهن کي الائجي ڪيئن وڃڻ ڏنو. پريان سندي پار ۽ اُتي جي هوائن جي سڪ ۽ ڇڪ کي شايد ڪير روڪي نٿو سگهي، ڇو ته هوا پڙهڻ نه ڄاڻندي آهي، سنيها نياپا پيئي موڪليندي آهي، پيئي سَٽون ۽ جيءَ جهوٻا ڏيندي آهي. ويندڙن کي ڪنهن نياپي ۽ سنيهي جي هوا پئي ڇڪيو يا ڪنهن ٻي طاقت. رهي ويندڙن مان هِت رڳو مان هيس، جيڪو اهڙي هنڌ بيٺو هيس جت نه هوا هئي، نه ڪو سنيهو، نڪو نياپو – مون لاءِ ڄڻ ته ڪجهه به نه هو. ائين نه هو ته مون کين روڪيو نه هوندو، رڙيون نه ڪيون هونديون. پري کان بيهي هٿ لوڏي موڪلائڻ وارو انداز ڪيڏو اثرائتو ئي سهي، پر آهي ته جُدائي نه – سا به جيئرن جي جدائي. گهڻو ڀڳس، رڙيس، ڳوليم، پر سڀ رستا هِت موٽي آيا ٿي. هِن ئي وڻراهه تي.

پر مون کي لڳو پئي ته مان هتي رهڻ ۽ بيهڻ لاءِ مجبور هيس، جو منهنجي اُنهن هوائن ۽ اُنهيءَ هنڌ سان ڪابه سڃاڻپ ڪانه هئي. باقي اِها ڪار ضرور هئي ته ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، مان سوچيندي سوچيندي پاڻ سان پاڻ ڀُڻ جهڻ ڪندي ڄڻ ته ٿڪجي پيو هُيس. اِتي ئي ويهڻ جي ڪئي اٿم. ٽنگون ئي نستيون پيو ڀانيان. وِهڻ جي ڪيان ٿو ته ويهي نٿو سگهان. نيٺ گوڏن ڀر هڪ وڻ جي اونداهي واري پاسي جُهُڪي ويهي رهيو آهيان. ڪي چوندا آهن ته سانت ۾ سڪون هوندو آهي، پر ڪي مون وانگر درد ۽ وڇوڙي جا ماريل چوندا آهن ته سانت پاڻ هورا کورا جو نالو آهي. سانت ۾ ئي ته طوفان ڊوڙندا ايندا آهن. سڪون ته سانت جي خوفناڪ خاموشي کان ڊڄي ڀڄي ٻئي پاسي هليو ويندو آهي. مون سان به اُهائي ڪار هئي. اندر جي پيڙا اُهوئي ڄاڻي جيڪو اُنهيءَ پيڙا سان گڏ رهي ٿو. مون سان ته ورهين کان راند پئي ٿي. پيڙا، ڏک، جهوريون جي گڏ هيون، ته ’پيار‘ ۽ ’اميد‘ جون سانتيڪيون گهڙيون به ته گهاريون هيم. اڄ جڏهن سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ٻيڙو ڄڻ هوائن جي حوالي ڪري آيو هيس ۽ ڀانيو هيم ته شايد ائين ئي مالڪ کي منظور آهي، ته هورا کورا وڌي ويئي هئي. ائين مون سڀ ڪجهه وسارڻ پئي چاهيو، پر هيڏو اَجگر جيڏو بارُ ڪير کڻي! توهان جي بار کڻو ته کڻي هيءَ ڀري لاهي توهان جي ڪُلهي تي چاڙهي ڇڏيان. پر بار کڻندو باري. جي گهڻو بار سمجهو ته پل لاءِ ئي کڻو، پوءِ ڀلي لاهي ڦٽو ڪجو ۽ يقين رکو ته مان وري کڻي وٺندس. جي گهڙي پل لاءِ بار کڻندو ته هنياءَ تان تورُ ته جهڪو ٿيندم. يارو! اهڙي سولائي ڪريو ته جوُد ڪريو.

هاڻي ٻُڌو، مان هن وڏڙي ڳوٺ جو پراڻو رهواسي ته نه آهيان، پر هن ڳوٺ جي چپي چپي کان واقف آهيان جو مان ڀرپاسي جي ننڍڙي ڳوٺ جو رهواسي آهيان. پنڌ گهڻو؟ بس، ڊوڙي ايندو هوس. هوُ جو اوندهه ۾ به جرڪي پيو. اُهو ماڙي وارو حاويلي وانگي ڪچو پڪو وڏو گهر، رئيس ڪريم بخش جو گهر اٿو. هو تر جو چڱڙو زميندار هيو. اسان سان ڪا مائٽاڻي لِڇ هيس. ماڻهو ڀلو ۽ راڄائتو. اَبي سان قرب جو رستو هيس. امان کي ڀيڻ ڪيو هئائين. ڪو ويڇو سَنڌو نه هو. اِنهيءَ گهر سان منهنجو ته عشق هو. ننڍي هوندي کان اڄ تائين جو اِنهيءَ گهر ۾ منهنجي ”سنجها“ رهندي هئي. سنجها ويل جهڙي اَڇي اُجري، مُک روشن روشن. پدمڙن پيرن سان اچڻ واري هيءَ ’سنجها‘ منهنجو سڀ ڪجهه هئي. ٻالجتيءَ کان وٺي سندس نِسرڻ مون ڏٺو. توڙي جو مون کان عمر ۾ وڏڙي به هئي. وڏي ۽ ڊگهي پڌر ۾ اسان ڊوڙون گڏ پاتيون. ڳوٺان هتي جي اسڪول ۾ پڙهڻ اچان ته به مامي ڪريم بخش جي گهر ضرور وڃان. سندس ڊوڙون پَسان ۽ گدگد ٿيان. اوڙي پاڙي جا ٻارڙا گڏ ڪري کيس ڌويڙي ۽ ڦر ڦر سونٽي واري راند ڪُڏايان. پر سندس ڪي شغل پنهنجا هُيا. گُڏين راند سندس چاهه وٽان هئي. مامِي شادان کيس پُراڻن ڪپڙن جي بچيل اڳڙين مان گُڏيون ۽ گُڏا ٺاهي ڏنا هيا. مان وڏڙو ٿيس ته اٽي ڏڪر ۽ چدن راند ڏي رخ رکيم، هوءَ ساهيڙيون سرتيون ساڻ ڪري پيئي گڏين راند ڪندي هئي. آهستي اهستي پاڻ گڏيون ۽ گڏا ٺاهڻ لڳي، انيڪ اڪيچار گڏيون ۽ گڏا. ماڙيءَ تي کڻي هُنَ اُنهن جي دنيا ٺاهي ۽ ڪئين ئي سانگ رَچايا ۽ لايا سجايا ڪيا. ڪڏهن گُڏن گُڏين جي شادي ته ڪڏهن ڳيچ پيا ڳائجن. ڪڏهن تاهريءَ جو ڀت پيو رڌجي ۽ کائجي. مان اُنهيءَ دنيا ۾ تڏهن ويندو هيس، جڏهن ماڙيءَ ۾ هوءَ اڪيلي هوندي هئي ۽ سندس پنهنجون سرتيون گهرن ڏي هليون وينديون هيون. ويٺي پنهنجي ليکي اُنهن سان ڳالهيون ڪندي هئي. مان چڱيءَ سانڀر سان هيس، ۽ ويٺو سندس وڻندڙ مُک کي تڪيندو رهندو هيس. نيٺ هڪ ڏينهن چئي ڏنو مانس: ”سنجها!… تون ڪيڏي نه سُهڻي آهين. هِنن چٻن مُنهن وارين گُڏين ۾ تو ڇا ڏٺو آهي؟ تون آئيني ۾ پاڻ کي به ڏس ۽ هي اڳڙين جي ڍير مان ٺهيل ڪاري سُٽ سان اُڻيل بدشڪل بوتا به ڏس!“

پوءِ هوءَ خار مان مون ڏي نهاريندي هئي. خار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي هئي. وارن جون ڪي چڳون لڙي مُنهن تي مڙي اينديون هيس. ”منهنجن هنن شهزادين ۽ شهزادن لاءِ ائين نه ڳالهايئندو ڪر. هيءُ سڀ منهنجا ساٿي آهن. هيءُ مون سان ڳالهائيندا آهن. مان کلان خوش ٿيان ته هيءُ به کلن ۽ خوش ٿين، جي رُئان ته هيءُ مون کي پرچائين. توکي ڪهڙي خبر، تون وڃي پَٽ تي چِڌا چُٽِ ۽ اِٽي ڏڪر کيڏ.“

پوءِ مون کيس چوڻ ڇڏي ڏنو. وقت کي پَرَ آهن. جبل جيڏي جواني پنهنجي سونهن ۽ رعنائي کڻي آئي، مان ته ٿيس هڪ پورهيت جو پُٽ، پر هڪ سُکيي رئيس جي گهر جي هيءَ نينگر ڄڻ اَپسرا ٿي پيئي.

هڪ ڀُوري، مٿان وري چوٽا واسينگن جيان ڪَرُ کنيو کيس بدنظر کان بچائڻ لاءِ پيا جتن ڪندا هئا. هيءَ جواني کيس ته راس آئي، پر مون لاءِ وڇوڙو کڻي آئي. ڪا اهڙي چؤپچو ۽ ٻولاچاري ٿي جو امان جو حڪم ٿيو ته ”هاڻ هُنَ گهر ۾ جوان نياڻي آهي. تنهنجو سنجها سان گهڻو ملڻ به ٺيڪ نه آهي. لامارا ۽ ڦيرا گهٽ ڪر ۽ ڪڏهن قضاني ويندو ڪر.“

منهنجي ماءُ برجستي ۽ زمان ۽ مڪان جا سڀ ڦير ڦند سمجهندي هئي. پر مان کيس ڪيئن ٻُڌايان ته مان ته لامارا ۽ ڦيرا ڪو نه ڏيندو آهيان. مان نه عقاب آهيان جو هوائن ۾ لامارا ڏيان ۽ اُڏامي جهڙپ ڏيئي کيس جهٽي وٺان. نه وري مان ڀونئرو آهيان جو سندس واسُ وٺڻ لاءِ پيو مٿائنس ڦيرا ڏيان. مون تي کيس اک کوليندي ئي ڏٺو هو. اک ڇنڀ ۾ مَنَ اندر ڪن اڻڄاتل ناتن جي اُڻت اهڙي ته ٿي ويئي، جو ڪوريئڙي جهڙي ڪئنري نازڪ ڄاري وانگر ويا مون کي وڪوڙيندا. سنجها هلي ته سُبڪ رفتار، کِلي ته چپ مکڙي جيان کُلي پون ۽ پوءِ پيا موتي جرڪن ۽ ڳلن ۾ کُٻَ پون؛ منهن ملوڪ ٿيو پوي. منهنجو وڃڻ ويو گهٽ ٿيندو. ڪجهه مانُ مريادا، ڪجهه پڙهڻ خاطر شهر ۾ رهڻ جي ڪري. پر جي ڳوٺ آيس ته سنجها کان جيڪو منهن موڙي سو ڪافر. ڀلي چرخ آسمان ٻيو هجي. مون هاڻ هر دفعي محسوس پئي ڪيو ته آهستي آهستي سنجها ويئي پئي وسامندي. ڪاڏي ويون سرتيون ساهيڙيون، ڪاڏي ويا اَبو اَمان، ڪاڏي ويو اوڙو پاڙو ۽ شاديون مُراديون. ماڙيءَ جي طلسم کيس اهڙو ڪو سوگهو ڪري ڇڏيو هو جو هوءَ ڏينهن جا ڏينهن اُت گذاريندي هئي. رات جو به ماڻس يا ماسي ڦاپان زوري هيٺ لاهي ايندس، نه ته ٿيو خير! منجهند جو ماسي ڦاپان ماني کڻي ويندس ۽ جي گرهه کاڌائين ته ٺيڪ، نه ته ٿيو ڀلو! پڻس جي به ڏاڍي دل هيس. سو پيو پڇندو، سندس لاءِ لُڇندو، پر هيءَ ڪڏهن لهي اچي پيءُ کي ڀاڪر پائي مِٺي ڏيئي هلي ويندس. ڪڏهن پڻس ڪمري مان اندران ماڙيءَ ڏي ويندڙ ڏکي ڏاڪڻ مٿي چڙهي سهڪندو وٽس پهچندو هو. ڪڏهن ڏسي ته هوءَ گُڏن گُڏين سان ويٺي ڳالهائيندي، يا پڻس جا آندل ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪتاب (جيڪي گهڻو تڻو شهزادن، پرين، جنن، ڀوتن جا قصا ۽ داستان هئا)، پيئي پڙهندي هئي. مامي شادان پرائمري چار درجا پڙهي فائنل پاس ڪئي هئي جو پاڻ شهر جي هئي. جي هجي ها منهنجي ڳوٺ جي يا رئيس ڪريم بخش جي ڳوٺ جي ته بنهه اسڪول جو منهن نه ڏسي سگهي ها. ڪريم بخش ماڙي تي چڙهي ايندو هو ته به کيس سَمڪ نه رهندي هئي. هوءَ گڏين ۽ گُڏن جي دنيا ۾ يا پڙهڻ ۾ اهڙو ته غرق هوندي هئي، ڄڻ هِت آهي ئي ڪانه. هوش ايندس ته ٽپ ڏيئي پيءُ کي چنبڙي پوندي. سنجها، رئيس ڪريم بخش کي ڏاڍي پياري هئي، جو هيس ئي هڪ اولاد! اهڙو ڀانيائينس جو سنجها چڱي وڏي ٿي ويئي پر هو کيس اُٿارڻ لاءِ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو.

مان نوڪري سان وڃي لڳو هوس. امان کي پاڻ چيم. اَمان رئيس ڪريم بخش جو رُخ ڏسيو ويٺي هئي. ٻيو ته رئيس وارا رئيس هئا ۽ اسين بنهه پَٽ پيل. بابو منهنجو پهريائين مزوري ڪندو هو، پوءِ رئيس جي ڦٽين واري ڪارخاني جو منشي ٿيو. توڙي جو ٻنهي جي دوستي هئي، پري جي مائٽي به هئي، پر رئيس هڪ ڌڪ ۾ سڱ ڏيڻ کان انڪاري ٿيو. پر الائجي ڇو منهنجو قضاني اچڻ وڃڻ بند نه ڪيائين. مون به دل ۾ نه ڪيو. سوچيم ته سنجها اڄ به منهنجي آ، سُڀان به منهنجي. اِتي آ ته به منهنجي آ. مامي رئيس جي رُخ جي خبر هئم ته هو سنجها کي ٻاهر نه ڪڍندو. هُن کي سنجها سان عشق هو. ٻيو ته هوءَ کيس هڪ ئي هئي. هوءَ جوان ٿي وئي. پر هو کيس اڃا ٻار سمجهندو هو. اُنهيءَ دفعي جڏهن ڳوٺ ويس ته هميشہ جيان سنجها سان ملڻ ويس. هوءَ به هميشہ جيان ماڙيءَ تي هئي. مامي شادان ۽ ماسي ڦاپان کٽ تي چڙهيو ويٺيون هيون، پر هيون مُنجهيل ۽ مُوڙهل. ٻانهن کان ڇڪي کڻي پنهنجي ڀرسان وهاريون ۽ آهستي آهستي ڳالهه کي چوريون:

”ابا، اِجن! تون ئي سنجها کي سمجهاءِ، انهيءَ ماڙيءَ اسان کي ماري ڇڏيو آهي. هاڻي ته هيٺ به نٿي لهي. عجيب ڳالهيون پيئي ڪري. ماسي چئي ٿي ته مٿس جنن جو اثر ٿي ويو آهي. پڻس کيس ڏسي ٺريو پيو ٺري. تون ڪا واهر ڪر.“

مامي شادان بس ڪئي ته ماسي ڦاپان شروع ٿي ويئي.

”مُنڍ کان وٺي پئي رڙيون ڪيم ته ڇوڪرِ کي ماڙيءَ ۾ نه ڇڏيو. ابا! ڪير ٿو منهنجي ٻُڌي؟ ابي ڏاڏي کان ٻُڌندا اچون ته اِنهي ماڙيءَ ۾ هُنن جو ديرو آهي.“

”هو ڪير؟“

”هوُ بابا، هُو…! نالو نه کڻبو، وڏيءَ طاقت وارا آهن. ڪنڌ مروڙيندي دير نه ڪندا آهن. هاڻ ته سنجها به هُنن جي ٻولي پيئي ڳالهائي. تون پاڻ وڃي ڏس. گُڏيون ۽ گُڏا به ڪڍي ڦٽا ڪيا اٿئين. بس هڪ گُڏو کڻي ٺاهيو اٿائين، چئي ٿي ته اُهو جنن جو شهنشاهه آهي. بادشاهه ته ٻڌوسين، پر هيءُ شهنشاهه الائي ڪٿان آيو آهي. هاڻي تون ٻڌاءِ، ڇوڪرِ سنئين چئبي؟ پڪ اُنهن جي اثر هيٺ آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org