حامد: (کلي ٿو) توسان ته ڪا ڳالهه ڪري آءٌ اڙجيو
وڃان. ٻار جي ڳالهه، ڪرڻ کي کڻي ڪيم، پوءِ ته اڙجي
ويس. زرينه جي ماءُ! حقيقت اها آهي ته منهنجي ڌيءَ
ويچاريءَ جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي. هن پنهنجي ذهن جي
پرورش اهڙي نموني ڪئي آهي جو ائين پيو لڳي، سندس
منزل ئي ڪا ٻي آهي.
امينه! اوهان جون اهي تقريرون منهنجي ذهن ۾ ڪين
ويهنديون. مون ته هڪ ڳالهه ڪئي، هاڻي اوهان جيئن
مناسب سمجهو، تيئن ڪريو. آءٌ هلان ٿي.
حامد: ٻڌ ته سهي! مان ته ادي سان ڳالهه ڪريان ٿو،
پر هاڻي تون رڳو هڪڙي مهرباني ڪر جو زرينه کان
پُڇ.
امينه: پڇڻ جو ڪوبه ضرور ڪونهي، ٻيئي راضي آهن.
حامد: زرينه جي ماءُ تون نٿي ڄاڻين، اڄڪلهه جو
اولاد مائٽن کي پنهنجي ٿورڙي غلطيءَ جي ڳري سزا
ڏئي ٿو، ۽ پاڻ به هڪ نه ختم ٿيندڙ عذاب ۾ مبتلا
ٿيو وڃي، تنهنڪري مناسب آهي ته سڀ کان پهرين تون
هن کان پُڇي خاطري ڪر. باقي سمورو معاملو آءٌ پاڻ
طئه ڪندس.
امينه: چڱو، جيئن اوهان جي مرضي.
(5)
اصغر: زرينه! مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر توکي
ڇا ٿيندو ٿو وڃي. اءٌ ڪيڏو نه خوش خوش آيس توکي
خوشخبري ٻڌائڻ، پر هت ڏس ته سائيجن جو موڊ آف لڳو
پيو آهي.
زرينه: اصغر! مون کي پريشان نه ڪر. مون کي مٿي ۾
ڏاڍو سور آهي.
اصغر: پر مان پُڇان ٿو ته اهو سور ڇو ٿيو آهي؟
زرينه: مون کي سڀ خبر پئجي ويئي آهي، اسان ٻنهي جي
شادي... اوه! ڪيڏو نه خوش ڪندڙ خيال آهي، پر اصغر!
مون کي الائجي ڇو ڊپ ٿو ٿئي ته اهو صرف خيال ئي
آهي، ان جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ڪونهي.
اصغر: زرينه! هيءُ تون ڇا ٿي چئين، زرينه!
زرينه: آءٌ سچ ٿي چوان. حقيقت آخر ڪيستائين لِڪل
رهندي! هاڻي ته فيصلو ٿيڻ وارو آهي، پوءِ ڇو نه
مصيبت کان پهرين ان جي بچاءَ جو تدارڪ سوچجي.
اصغر: هون! ته اها ڳالهه آهي. پر اهو سڀڪجهه آخر
ڇو... صاف صاف ٻڌاءِ زرينه!
زرينه: ڇا چوان، اصغر! مهنجي ذهني ڪيفيت عجيب ٿي
پيئي آهي. دل چوي ٿي ته تون هميشه منهنجي قريب
رهه، پر جڏهن تون منهنجو ويجهو هوندو آهين ته
لڳندو اٿم ته اصغر... مون کي... نه اصغر، آءٌ ڪجهه
به نٿي چئي سگهان. مون کي اهي لفظ ئي نٿا ملن.
اصغر: ڇا مون کان توکي خوف ٿئي ٿو؟
زرينه: نه اصغر نه، توهان کان نه، مون کي ته پاڻ
کان خوف ٿو ٿئي. منهنجو ذهني ٻيٽ ڇولين جي لپيٽ ۾
آهي. اڀرندڙ لهرون... جيڪر اهي ڇوليون مون کي ٻئي
هنڌ گهلي وڃي ڦِٽو ڪن ته به چڱو اهي ته وري ويران
واري جي ڍِڳن تي اُڇلين ٿيون، جتي الائجي ڇو مون
کي اُڃ جو احساس ٿو ٿئي.
اصغر: مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي زرينه! مان
ڪيترن ڏينهن کان تو ۾ اها تبديلي پيو ڏسان. جيئن
ئي اسان جي شاديءَ جون ڳالهيون هليون آهن. تيئن
تون وڌيڪ انهن اجابن ۽ بيڪار خيالن جي ڄار ۾
ڦاسندي پئي وڃين. خدا جي واسطي تون انهن خيالن کي
ڇڏي ڏي. نه ته انهن خيالن جو وهڪرو اسان جي پيار
جي گهرڙي جو نالو نشان به مٽائي ڇڏيندو زرينه!
زرينه: اصغر! مون کي سڀني ڳالهين جو اعتراف آهي.
آءٌ توسان وڙهان ٿي، تنهنجي خيالن سان ٽڪرجان ٿي،
پر منهنجو من جيڪا بغاوت ڪري ٿو، ان سان ٽڪرجڻ
منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. مون ۾ اها همت نه آهي،
اصغر!
اصغر: زرينه! خدا جي واسطي بس ڪر، آءٌ ڪجهه ٻُڌي
نٿو سگهان. اهي خيال الائجي ڇا آهن، ڇو پيدا ٿيا
آهن؟
زرينه: تون به ته سوچ ته اهي ڇو پيدا ٿيا آهن؟ مون
۾ اختلاف جي خواهش پيدا ٿيندي وڃي ٿي ڇو، تون به
ته سوچ.
اصغر: مان سوچيان؟ تون اهو نٿي سوچين، جهن کي تو
پيار ڏنو. اڄ ان کي ٿي چوين ته پيار تي نه سوچ. من
جي مِٺين ڳالهين تي نه سوچ.
زرينه: تون ناراض ٿيو آهين؟
اصغر: ناراض ڇو ٿيندس. تون رڳو خوش رهه، اهائي
منهنجي لاءِ خوشي آهي.
زرينه: اصغر! مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. توکي شايد
اها خبر نه آهي ته جيسين تون اچين اچين، تيسين
منهنجي الائجي ڪهڙي حالت ٿي ويندي، تون سمجهين به
ڪٿي ٿو سگهين.
اصغر: اها تنهنجي ڀُل آهي زرينه! تون مون کي اڃا
تائين نه سمجهي سگهي آهين. جيئن ئي مون شاديءَ جي
ڳالهه ٻُڌي، مون کي پنهنجي من جي دنيا روشن ٿيندي
نظر آئي. آءٌ خوشيءَ ۾ ٽِڙندو توڏي هليو آيس.
هيڏانهن ٻاهر ته نهار! فضا ۾ مسرت جون لهرون پکڙيل
آهن چوڌاري چراغان آهي. آءٌ خوش آهيان، زرينه!
اسين خوش آهيون، دنيا خوش آهي زرينه! ڏس ته سهي،
اڙي تون ته روئي رهي آهين، تون روئي رهي آهين،
زرينه! ڇو زرينه؟ زرينه!
زرينه: (روئندي) ڪجهه به نه آهي، اصغر آءٌ ته خوش
آهيان، پر مون کان خوشي برداشت ٿي نٿي سگهي. توکي
خبر آهي ته اصغر، مان ڪڏهن به خوشين جي حقيقي محلن
۾ نه رهي آهيان. مون هميشه خوشيءَ جي تصوراتي
خيابانن تي گذارو ڪيو آهي. منهنجي لاءِ اها خوشيءَ
جي ڳالهه آهي اصغر! پر اها خوشي، اها خوشي مون کي
ماري ڇڏيندي!
اصغر: زرينه! هيءُ توکي ڇا ٿي ويو اهي؟
زرينه: اصغر! مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي. مان خوش
آهيان، اسين به چراغان ڪنداسين. بيهه ته مان بتيون
ٻاري ڇڏيان.
اصغر: زرينه، زرينه! تون چري ته نه ٿي آهين زرينه!
زرينه: (سختيءَ مان) مون کي ڇڏ، اصغر! آءٌ اڄ سڄي
گهر جون بتيون ٻارينديس، چراغان ڪنديس، روشني
ڪنديس. ذهني انڌيري ۾ رهندي رهندي آءٌ بينور ٿي
پيئي آهيان. مون کي روشني گهرجي. مون کي ڇڏ، مون
کي ڇڏ، روشني... چراغان... بتيون...
اصغر: زرينه! زرينه! (چماٽ ٿو هڻيس) تنهنجو
پاڳلپڻو اِئين ختم ٿيندو! (وقفو) اُف... مون هي ڇا
ڪيو؟ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. تون پاڻ سان
گڏ مون کي به پاڳل بڻائي ڇڏيندينءَ زرينه! آءٌ
وڃان ٿو.
زرينه: (جهيڻي آوز ۾) هڪ ڳالهه ته ٻڌ!
اصغر: چؤ؟
زرينه: مون کي معاف ڪر، اصغر! مون توکي ڏکويو
آهي... آءٌ... آءٌ شرمسار آهيان...
اصغر: ائين نه چؤ، زرينه! معافي ته مون کي گهُرڻ
کپي. مون توکي اهنج رسايو آهي، تون ته منهنجي
زندگي آهين! زرينه!
زرينه: اصغر! منهنجو اهو پاڳلپڻو ختم نه ٿيندو.
تون مون کي پنهنجن هٿن سان ماري ڇڏ، نه ته منهنجي
ذهني اٿل پٿل مون کي ماري ڇڏيندي.
اصغر: زرينه! خدا جي واسطي اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.
زرينه: نه اصغر! هاڻي سڀئي ڳالهيون منهنجي وس کان
ٻاهر نڪري ويون آهن، منهنجي هڪڙي التجا آهي.
اصغر: پهريائين مون کي رڳو اهو ٻڌاءِ ته تون ايترو
گهڻو سوچين ڇو ٿي؟ سوچبو تڏهن آهي جڏهين ڪا تڪليف
پهچندي آهي يا ذهن ڪنهن ڳالهه کان متاثر ٿيندو
آهي. تنهنجي سوچ جو آخر ڪهڙو سبب آهي؟
زرينه: اصغر! اهي ڳالهيون ڇيڙي تون مون کي انهيءَ
ذهني دنيا ۾ واپس وٺي ٿو هلين، جتي خيال ۽ سوچ جون
شمعون ٻرنديون رهن ٿيون. ڏس، ائين نه ٿئي ته هوا
جو جهُوٽو انهن کي وسائي ڇڏي ۽ اتي تاريڪي ۽
اوندهه جو راڄ ٿي پوي. اصغر! منهنجي انهيءَ دنيا ۾
انڌارو نه آڻ. انهن شمعن کي ٻرڻ ڏي، ٻرڻ ڏي،
ايتريقدر جو اهي پاڻ ئي جلي ٻري ختم ٿي وڃن!
اصغر: منهنجي زرينه! آءٌ تنهنجي حڪم کان انڪار نٿو
ڪري سگهان. تنهنجي پيار منهنجي پير ۾ زنجير وجهي
ڇڏيا آهن.
زرينه: ته پوءِ ٻڌ، اصغر! جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته
اسان جي آئنده زندگي خوشگوار گذري ته...
اصغر: چؤ نه، ته پوءِ...؟
زرينه: ته... ته تون ڪيڏانهن ٻاهر هليو وڃ. اصغر!
ٿورن ئي ڏينهن لاءِ
اصغر: هون!
زرينه: اصغر! آءٌ چاهيان ٿي ته اها ذهني ڪيفيت
پاڻهي ختم ٿي وڃي.
(6)
زرينه: ٻاهر طوفان جي اڃا اهائي حالت آهي (طوفان
جو آواز) پر هيءُ طوفان نيٺ ختم ٿيندو ۽ پٺيان
تباهيءَ جا ڪي نشان رهجي ويندا. پر هو ڪهڙو طوفان
هو اصغر... اصغر... تون ڪيڏانهن هليو وئين؟ اصغر!
(موسيقي، پس منظر ۾ طوفان ۽ مينهن جو تاثر)
زرينه: ۽ اصغر واقعي هليو ويو، ناراض ٿي. مون
ڪيترو ئي منع ڪيو، پر هو نه رهيو ۽ مون کي اڪيلو ۽
تنها ڇڏي هليو ويو، هميشه هميشه لاءِ.
مسافر: محترمه! اوهان ڪجهه همت ۽ صبر کان ڪم وٺو.
زرينه: ها، اهوئي باقي هڪڙو سهارو آهي. اصغر جي
وڃڻ کان پوءِ آءٌ بيمار ٿي پيس. سخت بيمار ٿي پيس،
۽ وري مسرت ۽ خوشيءَ جي ٽهڪن منهنجي ذهن دنيا ۾
ٿرٿلو مچائي ڏنو.
(ماضيءَ جي ياد ڏياريندڙ موسيقي)
(7)
سلطان: کِلو، مس زرينه! هي ڇا آهي، سڄو ڏينهن ائين
ليٽيا پيا آهيو، خاموش ۽ اُداس. اٿو، ٻاهر ته ڏسو
ڪيڏي نه شاندار موسم آهي. باغ ۾ ٽڙيل گل، ٿڌڙي هوا
۽ موسيقي پکڙيندڙ ماحول! اُٿو ته سَهي، هلو ته
ٻاهر لان ۾ ويهون. هاڻي توهان بلڪل ٺيڪ آهيو، مس
زرينه! (کلي ٿي) کِلو نه مس زرينه!
زرينه: (آهستي کِلي ٿي).
سلطان: ها ها، ائين بلڪل ٺيڪ، ڪنهن ٿي چيو ته
توهان بيمار آهيو؟ توهان ٺيڪ آهيو، ائين نه، مس
زرينه!
زرينه: ڊاڪٽر صاحب، هُو...
سلطان، ها، ماحول ۽ فضا ۾ ڪيتري نه سونهن ۽ حسن
آهي. قدرت جي هن فياضيءَ جا شڪرانا بجا آڻيو.
زرينه: ڊاڪٽر صاحب! توهان کي خوشيءَ سان ڏاڍو چاهه
ٿو ڏسجي.
سلطان: خوشيءَ جي چاهت ڪنهن کي نه هوندي؟
زرينه: چاهت ته ڪڏهن به حقيقت نٿي سڏي سگهجي. چاهت
ته چاهت ئي رهندي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ اهڙي ڪيفيت جي
باري ۾ آهي، جنهنجو ڪوبه وجود ڪونهي.
سلطان: مس زرينه! اوهان وري اهي ڳالهيون شروع
ڪيون. ڏک سک، خوشي ۽ غم تي نه ويچاريو ته بهتر.
توهين رڳو اهو ويچاريو ته توهان ٺيڪ آهيو.
زرينه: ڊاڪٽر صاحب! اهي ئي خيال ته مون کي سڪون
بخشي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ جو ذهن ٻيو وڌيڪ ويچاري ئي نه
سگهندو.
سلطان: چڱو، ائين سهي، پر معاف ڪجو توهان هر هر
”ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽر صاحب“ جو گردان شروع ڪري ڇڏيو
آهي. منهنجو پيشو بيشڪ ڊاڪٽر جو آهي، پر منهنجو
نالو ”سلطان“ آهي. (کِلي ٿو.)
زرينه: هون، ته توهان کي ”سلطان“ سڏائڻ ۾ خوشي
محسوس ٿي ٿئي؟
سلطان: توهان خود چيو ته خوشيءَ کي ڪو وجود ڪونهي،
پوءِ منهنجي خوشي اوهان کي ڇو ٿي نظر اچي؟
زرينه: ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر! اسين سڀ خوشيءَ جي بيابان
۾ رهون ٿا، جتي رڃ ئي رڃ آهي. هر ڪنهن کي ٻئي لاءِ
خوشي نظر اچي ٿي، پر جڏهن هو ان جي ويجهو وڃي ٿو
ته اُتي ته ويران وير وڌ لڳي پيئي آهي. ڊاڪٽر
صاحب! معاف ڪجو، مسٽر سلطان، ڇا ائين ٿي نٿو سگهي
ته اسين انهيءَ احساس کان ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري
سگهون؟
سلطان: ڪهڙي احساس کان؟
زرينه: خوشي ۽ غم جي احساس کان! اسين ذهن کي ان
ڳالهه تي آماده ڪريون ته غم غم نه آهي، خوشي خوشي
نه آهي ۽ اهو ئي سڪون جو ذريعو آهي.
سلطان: مس زرينه! بس اهو سوچڻ ڪافي آهي ته جيڪي
ڪجهه ٿئي پيو سو ٺيڪ آهي، جي ٺيڪ نه آهي ته ٺيڪ ٿي
ويندو. مون کي ڏسو، توهان سمجهو ٿا ته ڪوبه غم
منهنجي ويجهو نه آيو هوندو، مس زرينه! منهنجي
زندگيءَ ۾ اهڙيون ويرانيون آيون آهن، جتي ڪيترو ئي
وقت ڀٽڪندو رهيس. پر پوءِ، احساس ٿيو ته زندگي
جيئڻ لاءِ آهي، جيڪي ٿئي پيو سو ٺيڪ آهي. بهرحال،
هينئر اسان کي ڪجهه به سوچڻ نه کپي. منهنجا ڏک مون
تائين رهن ته چڱو. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ (کلي ٿو) هو
ڏسو اوهان جو والد هيڏي پيو اچي. توهان اتي ويهو،
قدرت جي فياضيءَ جي فراخدليءَ سان تعريف ڪريو ۽
پاڻ کي خوش رکو. مان اجازت وٺان ٿو. مون کي ٻين
مريضن کي به ڏسڻو آهي.
زرينه: مهرباني، ڊاڪٽر او مسٽر سلطان! خدا حافظ.
سلطان: خدا حافظ. (کلڻ جو آواز)
حامد: هلو ڊاڪٽر!
سلطان: (کلندي) هلو سَر!
حامد: زرينه جي طبيعت ڪيئن آهي ڊاڪٽر صاحب؟
سلطان: بلڪل ٺيڪ آهي. بهرحال، منهنجي تشخيص صحيح
ثابت ٿي. هو جسماني مرض کان وڌيڪ ذهني مرض ۾ مبتلا
هئي. هن کي دوا کان وڌيڪ همدرديءَ جي ضرورت آهي.
حامد: ڊاڪٽر! اوهان جي وڏي مهرباني. انهيءَ مرض ته
هن جي ذري گهٽ جان ورتي هئي. بهرحال، شڪرانا ڌڻيءَ
جا جو هوءَ هينئر ٺيڪ آهي.
سلطان: مان سڀاڻي کان وٺي ڪونه ايندس. ڇاڪاڻ ته مس
زرينه ٺيڪ ٿي چڪي آهي. ڪڏهن ڪڏهن حال احوال پيا
ٻڌائجو.
حامد: ضرور ضرور، اوهان سچ پچ ته ڇوڪريءَ جي زندگي
بچائي آهي.
سلطان: چڱو ڀلا آءٌ اجازت وٺان ٿو. خدا حافظ.
(کِلڻ جو آواز)
(8)
سلطان: مس زرينه! اوهان هتي؟ طبعيت ڪيئن آهي؟
زرينه: طبيعت ٺيڪ هجي ها ته ڊاڪٽرن جا در ڇو ڏسڻا
پون ها. پر خبر تڏهن پيئي جو خود ڊاڪٽر صاحب جي
طبيعت خراب آهي!
سلطان: (کلندي) نه نه، آءٌ ته ٺيڪ آهيان. پر اوهان
کي ڪنهن ٻڌايو؟
زرينه: ٻه ڏينهن ٿي ويا، توهان نه آيا، ماڻهو دوا
خاني موڪليم ۽ خبر پيم ته توهان جي طبيعت خراب آهي
۽ آءٌ هلي آيس. توهان ٻڌايو به نه...
سلطان: مس زرينه! توهان جي طبيعت اڃا ٺيڪ نه آهي ۽
توهان وتو ٿا ٻين جي مزاج پرسي ڪندا؟
زرينه: توهان کي شايد منهنجو هتي اچڻ نه وڻيو. چڱو
ڀلا، مان هلان ٿي.
سلطان: پر ترسو، توهان ته پنهنجي طبيعت ڏيکارڻ آيا
آهيو نه... ها... (کلي ٿو).
زرينه: منهنجي طبيعت کي ڇڏي ڏيو، مان ٺيڪ آهيان.
توهان رڳو پنهنجي صحت جو خيال رکو. ٻن ڏينهن ۾ اڌ
ٿي ويا آهيو. چڱو ڀلا مان...
سلطان: ٻڌو، توهان پنهنجي مرضيءَ سان آيا آهيو، پر
ويندو منهنجي مرضيءَ سان. ڪيئن ها نه... (کلي ٿو)
زرينه: چڱو، جيئن اوهان جي مرضي.
سلطان: ترسو، مان توهان جي لاءِ چاءِ گهرايان.
زرينه: ۽ اوهان ترسو ته مان اوهان جي لاءِ چاءِ
ٺاهيان.
سلطان: توهان چاءِ ٺاهيندؤ؟ (کلي ٿو)
زرينه: ڇو، توهان سمجهو ٿا ته مون کي چاءِ ٺاهڻ
ڪانه ايندي آهي؟
سلطان: نه نه، منهنجو اهو مطلب نه آهي. توهان
تڪليف نه ڪريو، نوڪر آهي، اُهو ٺاهي کڻي ٿو اچي.
زرينه: نوڪر جيڪا چاءِ ٺاهي کڻي ايندو سا به ڏسبي.
سلطان: ڇو؟
زرينه: توهان جي گهر جي حالت ڏسان ويٺي ڪيڏو نه
ننڍڙو سهڻو ۽ سٺو بنگلو آهي، پر حالت ڏسي ڏک پيو
ٿئي. ڇا ته ڪمرن جي حالت آهي، ڇا هن ڊرائنگ روم جي
حالت آهي، توهان جو ريڊنگ روم به سامهون پيو ڏسجي.
مان ڀانيان ٿي ته ڪو پوري ٻهاري به نٿو ڪڍي، ۽
توهان به ته ڪو خيال نٿا ڪيو.
سلطان: مِس زرينه! جي ايئن گهر جي بي ترتيبيءَ جو
خيال ڪندؤ ته پوءِ توهان کي منهنجي سڄي زندگي بي
ترتيب نظر ايندي، بي ترتيب! اوِجر... اڇائي... ڪٿي
آهي. مس زرينه! نه ذهني طور اسين با ترتيب اهيون ۽
نه وري ظاهري طرح اڇا اُجرا... بس جيڪي ڪجهه آهي،
ٺيڪ آهي. ڏسو جمن پاڻ ئي چاءِ کڻي آيو آهي. اسان
جي لاءِ ايتري سمجهه ۽ سوچ ڪافي آهي. بس وڌيڪ شايد
ڪجهه به نه... جُمن! چاءِ رک. اوه! بسڪيٽ به آهن.
ٺيڪ آهي. توهين وري ڪهڙي سوچ ۾ پئجي ويؤ؟ ڇڏيو اهي
خيال ۽ چاءِ ٺاهيو.
(چانهه جي ڪوپن جي کڙ کڙ جو آواز)
زرينه: ڊاڪٽر! اوهان کان هڪڙي ڳالهه پڇان؟ اوهان
کلندا آهيو ته محسوس ٿيندو آهي ته زوري ٿا کلو!
سلطان: جي!
زرينه: اوهان منهنجي ڳالهه نه سمجهي؟
سلطان: مان اوهان کي سمجهي نه سگهيس.
زرينه: توهان ڇو سمجهي نه سگهيا؟ آءٌ انهي ئي سطح
تي ڳالهائي رهي آهيان، جنهن سطح تي توهان پاڻ کي
ٽهڪن ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو.
سلطان: مس زرينه! توهان اهڙن ڳالهين تي نه سوچيو
ته بهتر.
زرينه: مسٽر سلطان! اهو ناممڪن آهي. سوچ ته منهنجي
زندگي آهي. مان پنهنجيءَ سوچ سان پيار ڪندي آهيان،
۽ سوچ ۽ ويچار مون کي زندگيءَ جي اڀوڳن رازن کان
واقف ڪندا آهن. اهي ڪنهن جي ڳالهه ڪونه لڪائين.
توهان جي زندگيءَ جي بي ترتيبي ۽ ٽهڪن ۾ ٻه متضاد
ڳالهيون آهن. اهي توهان جو راز فاش ڪري ٿيون وجهن.
ڊاڪٽر! توهان منهنجو نفسياتي علاج ڪيو آهي، پر
توهان خود نفسياتي مريض آهيو. توهان جو من مريض
آهي، ڊاڪٽر! توهان جي من کي علاج جي ضرورت آهي.
سلطان: مس زرينه! مس زرينه! خدا جي واسطي... مان
وڌيڪ ٻڌي نٿو سگهان.
زرينه: ڊاڪٽر! توهان کي ياد آهي، جڏهن اوهان
منهنجي ذهن کي ڦولهڻ جي ڪوشس ڪئي هئي، مٺين ۽
شيرين ڳالهين سان. پر مٺين ڳالهين سان به ڪڏهن
ذهني زخم دور ٿيا آهن؟ نشتر کڻو ڊاڪٽر. مان ٿي
توهان جو علاج ڪريان. توهان ته ڊاڪٽر آهيو. توهان
ڇرڪو ڇو ٿا؟ اڄ توهان مريض آهيو ۽ مان ٿي ڊاڪٽر
بڻجان. اڙي هيءَ ڇا؟ کلو نه ڊاڪٽر صاحب!
(سلطان کلي ٿو.)
زرينه: هيءُ کلڻ سچ پچ ائين پيو لڳي، ڄڻ اوهان جو
سچو پچو کلڻ آهي.
سلطان: ها، مس زرينه! اڄ محسوس ٿيو ته مان مصنوعيت
کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيو آهيان. زندگي حقيقت
بڻجي منهنجي آڏو اچي بيٺي آهي. توهان ڀلي منهنجو
علاج ڪريو. نشتر کڻو. پر مون جيڪي هن گهڙيءَ ۾
محسوس ڪيو آهي. ان لاءِ نشتر کڻڻ جو ضرور ناهي.
زرينه: توهان سمجهيو ته آءٌ وڍڪٽ جو سامان کڻي ٿي
آيس، ائين نه! (کلي ٿي)
سلطان: مس زرينه! مذاق نه ڪريو، مون کي ڏک ٿيندو.
زرينه: نه مسٽر سلطان! مان اوهان سان مذاق نٿي
ڪريان. اسان جي جهڙي نموني ملاقات ٿي ۽ جهڙي قسم
جو سٻنڌ ٿي ويو آهي، مان ائين ٿي چوان ته اسين ٻه
ڀٽڪيل راهي هئاسون. اسان جڏهن ملون ٿا، الائجي ڇو
مون کي منزل جو احساس ٿو ٿئي.
سلطان: مس زرينه! اسين رڻ جا راهي آهيون، رڃ جا
رولاڪ! آءٌ ته رڃ کي منزل سمجهي زندگيءَ جي بيابان
۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان. پر سچ پچ ته جنهن ڏينهن مان
اوهان سان مليس ۽ اوهان جون ڳالهيون ٻڌم ته محسوس
ٿيم ته منهنجي منزل ويجهو اچي ويئي آهي. پر اهو
سوچي ته شايد اوهان جي ڪا ٻي منزل هجي، مون اچڻ
ڇڏي ڏنو.
زرينه: ڊاڪٽر!
سلطان: نه زرينه، ”سلطان“!
زرينه: سلطان! سلطان! آءٌ ڪيئن ٻڌايان ته اڄ تو
مون کي ڇا ڏنو آهي. اڄ مايوسين جي تاريڪيءَ ۾ اميد
جي شمع روشن ٿي آهي. مسرت ۽ خوشيءَ جي روشني، ازلي
آرزو، ازلي خواهش (ويندي) آءٌ... آءٌ... (ڊڪندي
ڊڪندي ٻاهر هلي وڃي ٿي).
سلطان: زرينه! زرينه! ٻُڌ ته سهين.
زرينه: آءٌ وڃان ٿي سلطان! آءٌ وري اينديس، وري
اينديس.
سلطان: تون ضرور ايندينءَ زرينه! هن گهر جي راڻي
بڻجي. هن گهر جي سونهن، هن گهر جي خوشي!
(شرناين جي گونج)
سلطان: زرينه، زرينه،
زرينه: جي!
سلطان: زرينه، اڄ منهنجي خوشين جو ڪاٿو ئي نه آهي.
سوچ ته سهي. جيڪو ورهين جا ورهين راتين جو ڀٽڪندو
رهيو. هُن شهر کان هن شهر تائين، صرف منزل جي تلاش
۾، سڪون جي تلاش ۾، اُن جي آڏو جي ان جي منزل هلي
اچي ته ان کي ڪيڏي نه خوشي هوندي؟ مون کي ته
سڀڪجهه ملي ويو آهي. سڀئي خوشيون، سڀئي منزلون.
(9)
(طوفان ۽ مينهن جو آواز،
درين کڙڪڻ جو آواز)
زرينه: توبهه! ڪيڏو نه سخت طوفان آهي. سلطان کي
جهليم به ته نه وڃ، پر هو ڪٿي ٿو مُڙي. الله خير
ڪري. منهنجي ته دل جي کٽ کٽ وڃي ئي نٿي. بيقراري
ٿي پئي آهي. ننڍڙو اسلم به مس مس ستو آهي. طوفان
جي شور تي جاڳي پيو ته آزار ٻاري ڏيندو.
(در کڙڪي ٿو، آهستي پوءِ ڏاڍيان)
زرينه: ڊاڪٽر اچي ويو! آيس ڊاڪٽر، تو به انصاف ڪيو
آهي. (در کولڻ جو آواز) اوه! تون ڪير آهين؟ تون
صغر! اچ اصغر. اصغر، تون سڄو مينهن ۾ ڀِڄي ويو
آهين. اندر اچ، سخت طوفان آهي، تون اندر ته اچ.
اصغر: طوفان کان ڊپ ٿي ڪرين.
زرينه: اصغر! توکي ڇا ٿي ويو آهي. مون کي طوفان
کان نه پر توکان خوف آهي. تون... تون... ائين مون
ڏي نه وڌ، اصغر!
اصغر: زرينه! مون کان نه ڊڄ. مون تنهنجي حڪم جي
تعميل ڪئي. رڳو اهو سمجهي ته اهڙيءَ طرح من ڪو دل
کي قرار ۽ سڪون اچي، پر، مون کي ڪجهه به نه مليو.
ڪجهه به نه زرينه! منهنجي اميدن ۽ آسن جو دامن
ائين جو ائين خالي رهيو.
زرينه: اصغر! مون کي بيحد افسوس آهي. مون... مون
ته هميشه توکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته...
ته...
اصغر: ته تنهنجو مون سان پيار نه هو، ائين نه...
زرينه: ائين ته آءٌ نٿي چئي سگهان، پر ايترو ضرور
آهي ته مون ڪڏهن به توکي پنهنجي منزل نه سمجهيو.
ان ڪري ئي آءٌ هميشه ذهني عذاب ۾ مبتلا رهيس. مون
ذهني طور ڪڏهن به توکي قبول نه ڪيو. آءٌ تنهنجي
ڪري هميشه پنهنجي ذهن سان بغاوت ڪندي هيس ۽ اُها
بغاوت ڪيڏي نه بيقرار ڪندڙ هئي.
اصغر: ليڪن تو مون کي ته ائين محسوس ڪرايو ته
تنهنجو مون سان پيار آهي. تون منهنجي آهين. تنهنجو
اهي مٺيون وڻندڙ ڳالهيون، پيار جو احساس. تون چوين
ٿي ته تنهنجو مون سان ڪنهن به قسم جو پيار نه هو!
تون ائين چئي پنهنجو پاڻ کي بيوفائيءَ جي الزام
کان ڇڏائي نٿي سگهين.
اصغر! خدا جي واسطي مون کي ڇڏ. مون گهڻي مشڪل ۽
تڪليف کان پوءِ اها خوشي حاصل ڪئي آهي. منهنجي
خوشي مون کان نه ڦر، اصغر!
اصغر: آءٌ تنهنجي خوشين تي ڌاڙو هڻڻ ڪونه آيو
آهيان. توکي صرف ايترو چوندس ته هن دل جي ويراني ۾
هاڻي ڪڏهن به بهار نه ايندو، هن گلشن ۾ ڪڏهن به گل
نه ٽڙندا. هتي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا واچوڙا اٿندا
۽ منهنجي ساري ڪائنات ان ۾ لڙاٽجي ويندي!
(چرين وانگر کلي ٿو)
زرينه: اصغر! اصغر! هوش ۾ آءُ...
(اصغر کلندو رهي ٿو)
اصغر! اصغر! پنهنجو پاڻ سنڀال، هي توکي ڇا ٿيندو
وڃي؟
(۽ ڪنهن جي تيز قدمن سان ڀڄڻ جو آواز)
زرينه: اوه! هيءُ ڪير هو؟ ڊاڪٽر سلطان!
(درن جي ٽڪرجڻ جو آواز)
(زور سان) سلطان! سلطان! منهنجو سلطان! هو پاڇو
جيڪو هتي بيٺو هو، هو هليو ويو. تاريڪن ۽ اونداهين
هميشه ڪوڙ ڳالهايو آهي. هو انهيءَ ڪوڙ کي سچ سمجهي
ويو. هوا ئين مون کي ڇڏي وڃي نٿو سگهي، هو منهنجي
زندگي آهي، منهنجو جياپو آهي، هو ته منهنجي منزل.
اُف الا مان ڇا ڪريان!
(ماضيءَ جي ياد ڏياريندڙ موسيقي)
زرينه:... ۽ هو جيئن ويو، تيئن نه موٽيو. پندرهن
ورهيه ٿي ويا آهن، ۽ هاڻ ته اميد جا آخري ڪرڻا به
غروب ٿيندا پيا وڃن. مايوسيءَ جي تاريڪي آهستي
آهستي وڪوڙيندي وڃي.
(روئي ٿي)
منهنجي باقي حياتي ائين ڪاري رات وانگر اڪيلي ۽
تاريڪ رهندي.
(اجنبي جي سڏڪن جو آواز)
اوه، اوهان به رؤ پيا! شايد اوهان به دکي آهيو. ڏک
سک ته اسان جي منزل جا رکوال آهن. صبح ٿي چڪو آهي،
آءٌ توهان جي نيرن جو بندوبست ڪريان. اوهان کي
شايد پري وڃڻو هوندو.
مسافر: نه، منهنجي منزل منهنجي سامهون آهي.
زندگيءَ جي فريبن ۽ ڌوڪن منهنجي سڪون ۽ آرام تي
ڌاڙو هڻي منهنجي مسرتن کي قتل ڪيو هو. زرينه! آءٌ
ئي تنهنجو ”سلطان“ آهيان!
زرينه: سلطان! منهنجا سلطان! هيءُ آءٌ ڇا پيئي
ڏسان!
مسافر: ها زرينه، مون توکي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ ان
جي سزا ۾ آءٌ ڀٽڪندو رهيس هڪ راهه وڃايل مسافر
جيان منزل ۽ سُڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيس. مون
اصلي منزل کي منزل نه سمجهيو، پر نظر جو فريب
سمجهي فريب ۾ مبتلا رهيس. آءٌ ڇا ٻڌايان زرينه!
مان هينئر ڇا محسوس ڪري رهيو آهيان. پشيماني ۽
خوشيءَ جا احساس مون کي بيهوش ڪري رهيا آهن.
(زرينه سڏڪا ڀريندي رهي)
(ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي شڪريه سان) |