سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:5 

مان مسحور ٿيو، بت بڻيو، خاموش انهن نازڪ لبن کي ڏسي رهيو هوس، جن مان فلسفيانه ڪرخت نظريا نڪري رهيا هئا.

”مون صفا ڪونه سمجهيو.“ مون ڀڻڪيو.

”تون سمجهندين به ڇا. توهين چاهيو ته لطيف جذبا هجن، ۽ انهيءَ خيالي دنيا ۾ رهي صرف نفس جي پوڄا ڪندا رهو. توهان جو فرض آهي ته ڪجهه ڏسو، سوچيو، پنهنجي اردگرد ڦهليل زندگين تي ڪجهه سوچيو. ڪڏهن توهان سوچيو آهي ته ماءُ خود بکايل آهي، ٻار ڇاتي ۾ کير نه ڀانيو، اُن ڇاتيءَ تي منهن به هڻي رهيو آهي، ڦٿڪي به رهيو آهي، ۽ روئي رهيو آهي.. اُن مهل ماءُ جا جذبا ڪهڙا هوندا؟ ڳول، اُن ڇاتيءَ ۾ مڌرتا ۽ ڪوملتا تلاش ڪر! ڪڏهن انهن خيالن تي طبع آزمائي ڪئي اٿو، جڏهن ٻار بک وچان ڦٿڪي رهيا آهن، ماءُ- پيءُ ڳڻتين ۾ آهن: ان وقت ٻيو حيلو ڪونهي، سواءِ انهيءَ جي جو ماءُ پنهنجي عصمت انهن ساهوارن تان گهوري ڦٽي ڪري: انهن مسئلن تي سوچ ته تنهنجو ذهن، زندگيءَ جي عياشيءَ جي ٻئي رخ کان واقف ٿئي. لطافت نزاڪت ته اُتي به آهي، جت ڪنهن جي عصمت، ڇير پايو، ڪوٺي تي چند ٽڪن واسطي نچي رهي آهي. پر شايد اُها ڪجهه تلخ آهي، ائين نه؟ شايد، اُن مهل به تون انهن جي ڇاتين ۽ چرندڙ جسمن ۾ ڪومتا تلاش ڪندو هوندين، جڏهن اُهي ڇاتيون ڀينر، زال ۽ ماءُ ڪٽي رهيون هونديون: جسم ۾ ڏهڪاءُ هوندو، طوفان هوندو، ڇا نه هوندو، جڏهن هڪ ڀاءُ، هڪ مڙس، هڪ پٽ، هڪ مزدور، محنت ڪندي، مل جي مشين ۾ اچي ويو هجي، ۽ ان جو چچريل لاش، بي ڪفنيو، انهن آڏو پيو هجي. چئه، ڪجهه ته چئه! ٻال وڌوا جي جليل سڙيل جوانيءَ ۾ به هڪ نزاڪت ۽ ڪوملتا ٿئي ٿي، ڪڏهن انهيءَ تي غور ڪيو اٿئي؟ ڪڏهن ان پيءُ جي نراڙ ۾ پيل گهنجن ۾ ان جي ڌيءَ جي ڪوملتا ڏٺي اٿئي، جنهن جي هٿن تي ميندي لڳيو ڇڻيو وڃي، ڄڃ در وٽ اچي موٽيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو پيءُ ڌيءَ کي ڳهن ڳٽن ۽ لباس سان نٿو جهنجهي سگهي. ڳول نه! انهن سڀني واقعن ۾ پنهنجي مڌرتا ۽ ڪوملتا! ڏس ته اُها ڪهڙي رنگ ۾ آهي؟ ڳول نه!.... هليو آ زندگيءَ کي مڌر ۽ ڪومل بڻائڻ!“ هن جا چپ غصي وچان ٿڙڪي رهيا هئا، منهن ڳاڙهو هوس. سندس لفظن منهنجن ڪنن ۾ زوزٽ ٿي ڪيا. مان سڄو پگهرجي ويو هوس. هڪ بت زندگيءَ کي بي نقاب ڪري رهيو هو، منهنجو ڪنڌ هيٺ هو.

”تون ڪنڌ ڇو ٿو هيٺ ڪرين؟ مون اهو سڀڪجهه ڏٺو هو، مون ڪنڌ هيٺ نه ڪيو: مون انهن لاءِ سڀڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي مون کان ٿي سگهيو. مان پڇاڙيءَ تائين اهو ڪجهه ڪندي رهيس، جنهن سان ماءُ جي سڪل ڇاتيءَ ۾ کير اچي سگهي، ٻارن جي ماءُ کي عصمت وڪڻڻي نه پوي، ڀيڻ کي ڪوٺي تي نچڻو نه پوي، شهيد ٿيل مزدور جي ڀينرن، زال ۽ ماءُ کي آٿت ملي، وڌوائون سهاڳڻيون بڻجي وڃن، غمگين پيءُ جي نراڙ جا گهنج لهي وڃن، ۽ ان جاءِ تي سک ۽ اطمينان جون لهرون هجن. پر ڏٺم ته هيءُ دنيا ايڏي ته وسيع آهي جو جيڪڏهن هڪ دک جو خاتمو ٿو ڪجي ته ٻيا دک ازخود پيدا ٿيو ٿا پون. تنهنڪري مون دنيا ئي الڳ ٺاهڻ جو ارادو ڪيو. مون زندگيون تخليق ڪيون: پينسل جي ليڪن سان انهن انسانن کي جنم ڏنم، جن جي پيشاني عزم ۽ استقلال سان چمڪندڙ هئي، جن جا جذبا سندن مضبوط ۽ سٻري جسم مان ظاهر هئا. سندن ٻارڙا، ننڍڙن پر سهڻن گهرن ۾، خوش خوش ڦيريون پائيندا نظر ايندا هئا. سندن زالون، چپن تي آجيان جي مشڪ کنيو، گهر جي ڪم ڪار ۾ مشغول هونديون هيون. مائرن جون اکيون، پٽن جي خوشحال زندگي ڏسي .....تي ٿي وينديون هيون. ڌيئر پنهنجي پيءُ جي ڏنل سهاڳ جي ڪنگڻن کي ائين کڙڪائينديون هيون، ڄڻ ڪو خوشيءَ جو نغمو الاپي رهيون آهن. اهڙين خوشين کي تخليق ڪرڻ منهنجو فرض هو، جن کان هيءَ زندگي واقف به نه هئي. انهن خيالن کي پينسل جي ذريعي هٿ جي چرپر سان چٽيندي، مون پاڻ هن روپ ۾ اچڻ پسند ڪيو. مون پنهنجن چپن جي مشڪ انهن ڪاغذي ڪردارن کي ڏيئي ڇڏي. ڪوملتا، نزاڪت..... سڀ انهن مائرن، ڀينرن، زالن جي نالي ڪري ڇڏيم پڇاڙيءَ جو پوترتا جهڙي قيمتي زيور کي ڪن ساهوارن مٿان گهوري ڦٽي ڪيم. مون اها ڪوشش پڇاڙيءَ تائين نه ڇڏي ته ڪيترو به ٿي سگهي، ساهوارن جي چپن تي مشڪ آڻي ڇڏيان، ۽ اُنهيءَ سان گڏ پنهنجيءَ حسين دنيا جي تخليق ڪندي رهيس.“

هوءَ ڪجهه وقت ماٺ ۾ رهي، ۽ مون بيتاب ٿي پڇيو:

”پر..... توهان جي پوترتا!“

”ڏٺئه، ٿي وئين نه پوترتا جي ڳالهه تي بيتاب. توهين جسماني انسان سوچيو به جسم جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ ٿا. ڇو نٿا ضمير جي پاڪيزگيءَ جي باري ۾ سوچيو، ڇو نٿا روح جي پوترتا جي باري ۾ سوچي امر ٿيو؟ نه ته اوهان جهڙو جيون ته ڪروڙين انسان گذاري ويا آهن، توهين جي اهڙو جيون گهاريندؤ ته ڪهڙو تير هڻي ڇڏيندؤ! منهنجو مثال ئي وٺ. مون کي ناز آهي پنهنجي وويڪ جي پوترتا تي، جا مون جسم جي پاڪيزگي ڏيئي حاصل ڪئي آهي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي جو هڪ چترڪار کي، جو غربت ڪري ڪاليج ڇڏي چڪو هو، پيءُ جي مري وڃڻ سبب نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پيئي. نوڪريءَ جو نيٺ کيس آسرو مليو. ان وقت سندس ماءُ اڌرنگ جي مرض ۾ مبتلا هئي، وڏو ڀاءُ ٽي. بي جي حوالي هو، سامائيل ڀيڻ بک جو شڪار هئي، ۽ ننڍي ڀاءُ جي حادثي ۾ ٽنگ ڪپجي پيئي هئي. مصيبتن جي هن اوڙاهه ۾ ويهي، هن گهڻيئي تصويرون چٽيون، پر سڀني ۾ غم جون ريکائون ظاهر هيون، تنهنڪري ڪنهن نه ورتيون، چي، ’غم وارا غم خريد ڪن، خوشيءَ وارن جو غم سان ڪهڙو واسطو؟‘ مان ان غريب جي وس آهر مدد ڪندي رهيس. پر آخر ڪيستائين؟ نيٺ هو انهيءَ نوڪريءَ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، جنهن جي هڪ شرط پاڙڻ سان هڪ زندگي سا تباهه ٿي وڃي ها، پر سڄو خاندان نه رڳو بچي ها، پر خوشحال زندگي گهاري ها. هن نيٺ سيٺ سان ها ڪئي، ۽ ڀيڻ کي چيائين ته تيار ٿيءُ ته توکي گهمائڻ ٿو وٺي هلان. دکن ماريل ڀيڻ به سڀڪجهه  سمجهي ويئي... ته اڄ سندس قرباني ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. هوءَ خوشيءَ سان تيار ٿي. ڀاءُ، ڀيڻ کي وٺي هليو. چِتا تي چاڙهڻ.... شايد سَتي ٿي ڪيائينس. ڪيڏو نه جيون ۾ دک آهي!“

هن جي چهري تي غصي سان گڏ دک جون ريکائون به ڦلهجي ويون هيون. مون صرف ائين پئي محسوس ڪيو ته مان اڳ ڪنهن اونداهيءَ غار ۾ هوس، اڄ ڪا زندگي مون آڏو مشعل جهلي بيٺي آهي، ۽ مان سڀڪجهه ڏسي رهيو هوس... دک جي انتها، انسان جي بيڪسي، زندگيءَ جو اصل روپ. هوءَ بيان ڪندي رهي:

”جڏهن هو ڀيڻ کي سيٺ وٽ ڇڏڻ آيو، تنهن کان اڳ مون کي خبر ملي چڪي هئي. مان سيٺ وٽ پهچي ويس، ۽ کيس ساڳيو زيور آڇيم جو هڪ ڀاءُ پنهنجيءَ ڀيڻ کان کسائي رهيو هو. سيٺ ڇوڪريءَ جي مٿي هٿ رکيو، ۽ ڀاڻس کي ٻئي ڏينهن آفيس ۾ اچڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو، ۽ پوءِ موٽي اچي مون کان ان جي قيمت وصول ڪيائين. ڀاءُ ڀيڻ کي موٽائي گهر وٺي آيو، ڏاڍو خوش سوچيائين ته سيٺ ڪيڏو نه ديالو آهي! سيٺ جي انهيءَ ڳالهه ته هن کائنس امتحان ٿي ورتو، کيس سڪون بخشيو. پر مون ته اها سچي تسڪين پاتي، جا خواب ۾ به نه ڏٺي هيم. مون زندگيون بچايون هيون، جسم تي گندگي ملي، جرڪندو ضمير پاتو هوم، انهي تي جيترو به بانور ڪريان، ناز ڪيان، ٿورو آهي.

”سيٺ وٽان ٿي، سڌو مان چترڪار وٽ آيس. کيس زبان سان ڪجهه نه چيم، پر ڏانهنس ڏاڍي غصي وچان نهاريم، صرف انهيءَ ڪري جو هو پنهنجين زندگين مٿان ٻي زندگي کي قربان ڪندي نه هٽڪيو. ۽ پوءِ اتان هلي آيس، کيس اکين ۾ هڪ پيغام، هڪ جوت ڏيئي. مون پوءِ شام جوئي گندي جسم کي سمنڊ جي لهرن جي حوالي ڪيو، ۽ صاف روح کي کڻي اچي چترڪار جي خيالن تي قبضو ڪيم، جنهن مون کي هيءُ روپ ڏنو. واقعي ’روپ‘ مون کي صحيح روپ ڏنو.“

”روپ؟“ مون کان بي اختيار زبان مان نڪري ويو.

”ها، اهو ساڳيو ئي روپ آهي. هن سمجهيو ته مان غائب ٿي ويئي آهيان. ماڻهن جي چوڻ تي ته مان ڪنهن سان ڀڄي ويئي آهيان، تصوير هيڏانهن ڏياري موڪليائين. جيتوڻيڪ هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته مون کي جيترو ڪٺور ۽ هٺ وارو ڏيکاري اوترو ٿورو آهي، ڇاڪاڻ جو مان سندس پريم جي بدلي ۾ پريم ڏيئي جو نه سگهي هيس. بي سمجهه  هو نه، هن کي ڪهڙي خبر ته مون پريم جي ورکا اڳي ئي پنهنجيءَ دنيا مٿان ڪري ڇڏي آهي. ها، سو ڳالهه ٿي ڪيم ته هو تصوير ٺاهي خود حيران ٿي ويو، جو ان ڪٺورتا ۽ هٺ ۾ به هڪ قسم جو شان هو. آخر ڇو نه ٿئي؟ ڇو نه بانور ڪريان پنهنجي آدرشي جيون تي! هاڻي ته ڪنهن جي پرواهه ڪانهيم... پنهنجي دنيا جو وسائي اٿم!“

هوءَ آهستگيءَ سان، در وٽان رڙهي، ٽيبل وٽ آئي. سندس نگاهون ساڙهيءَ، منڊيءَ ۽ ڪنگڻ تي هيون. هن آهستگيءَ سان انهن شين کي کنيو، ۽ هٿن ۾ جهلي مون ڏانهن نهاريو.

”هونءَ... ته هن لباس ۽ زيورن سان منهنجي نزاڪت ۽ مڌرتا وڌي ها؟ ٺيڪ ته آهي،.... منهنجي نه، ته ڪنهن ٻيءَ ڪنيا جي خوبصورتي وڌائيندي، جنهن جا هٿ شاديءَ رات جو خالي هوندا، لباس ڦاٽل هوندس، پيءُ وٽ نه زيور، نه ڪپڙا، بس هن جي ڪمر انهيءَ دک کان وڌيڪ جهڪي ويندي.“

الائجي ڇو، سندس انهيءَ جملي تي منهنجي آڏو منگلوءَ جي جهڪيل ڪمر ڦرڻ لڳي. ان سان گڏ منگلوءَ جا چيل دکي لفظ، جمنا جي خالي سينڌ، خالي ڳچي، خالي ٻانهون مون آڏو ڦرڻ لڳيون. ۽ پوءِ انهن سينڌن، انهن ڳچين، انهن ٻانهن جو تعداد وڌندو ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ لاتعداد سينڌون اُجڙيل آهن، سندن لباس، سندن اُمنگن سان گڏ، تار تار آهن. ’اُف، دکي دنيا!‘ مون زور سان ڪنڌ ڌوڻيو. ڏٺم ته اندرا ڪمري ۾ ڪانه هئي. يڪدم ٻاهر ڀڳس. هوءَ باغ ۾ بيٺي هئي. هن جي. هٿن ۾ ساڳيون شيون هيون.

”اچ، مان ڀانيان ٿي ته جي مان هيءُ شيون کڻان ته توکي اعتراض ته ڪونه ٿيندو.“

لهجي ۾ ساڳي تيزي هيس.

مون ڪنڌ ڌوڻيو، ۽ هن وري چيو:

”مان چاهيان ٿي ته هي شيون صحيح حقدارن وٽ پهچن. هيءُ لباس، هي زيور ڪنهن جا به آهن، هاڻ اُن ڪنيا لاءِ آهن، جنهن وٽ ڪوبه زيور ڪونهي، سواءِ عزت جي زيور جي. تنهنڪري هيءُ سامان منهنجي قبضي ۾ رهندو، جيستائين ان جو صحيح حقدار پيدا ٿئي. تنهنجو فرض ٿيندو ته ان جي صحيح مالڪ کي ڳولي، ان تائين شيون پهچائين!“

منهنجين اکين آڏو منگلوءَ جي تصوير ڦرڻ لڳي.

”حقيقت ته اها آهي ته اهڙين گهڻين ساڙهين، منڊين ۽ ڪنگڻن جي ضرورت پوندي. جي ٿي سگهيئي ته ڪوشش وٺي خالي آڱرين، خالي ٻانهن ۽ خالي سينڌن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، جيئن منهنجيءَ آتما کي وڌيڪ تسڪين حاصل ٿئي. ۽ ٿي سگهيئي ته ڪوشش ڪندو رهجانءِ جيئن ماءُ پٽ کي ٿڃ ڏيئي سگهي، ٻارن جي ماءُ کي عزت وڪڻڻي نه پوي، ڀيڻ کي ڪوٺي تي نچڻو نه پوي، شهيد ٿيل مزدور جي ڀينرن، زال ۽ ماءُ کي آٿت ملي. پر تون اهو سڀڪجهه ڪٿي ٿو ڪري سگهين، مان ئي پوري نه پئجي سگهيس! پر، چڱو ڀلا، جي ايترو نه ڪري سگهين ته پوءِ اها دنيا ته ضرور ٺاهج، جا خيالي ڀلي هجي، پر ان ۾ زندگي پنهنجي نالي سان نمايان هجي. پوءِ ڀلي چترڪاري هجي يا شاعري هجي يا نثر جي دنيا هجي، پر قلم هجي ۽ خيال هجن. پوءِ انهن انسانن جي تخليق ٿي سگهندي، خوشحال هوندا، بت تي ڪپڙو هوندن. کائڻ لاءِ سڀڪجهه هوندن، رهڻ لاءِ چڱو مضبوط اجهو هوندن، سندن ٻارن جو مستقبل روشن هوندو، سندن زالن جي چپن تي سدائين وڻندڙ مشڪ هوندي، ۽ مڌرتا ۽ ڪوملتا خود بخود جاڳي نروار ٿيندي. بيشڪ، اها دنيا دنيا هوندي، پوءِ خيالي ئي سهي پر انسان جوڙيندڙ جي آڏو ائين ته چئي سگهندو ته ’اي ڀڳوان، ڀيٽ ٻيئي دنيائون: ڏس، اسان توکي ڇا ڪري ڏيکاريو آهي! انهيءَ دنيا جي تخليق ڪئي آهي، جنهن جهڙي تو هن دنيا کي بنائڻ چاهيو ٿي، پر ائين ٿي نه سگهيو. پر اسان توکي الڳ هڪڙي دنيا ٺاهي ڏني، جتِ ڪوبه غم نه آهي، جت زندگيءَ جون لهرون آهن، قرب آهي، مِٺ محبت آهي، سڀڪجهه آهي: ڪوملتا، مڌرتا، پوترتا، ڇا ڪجهه ناهي؟ سڀڪجهه، جيڪي تو وٽ موجود ته آهي، پر ساهوارو مادي انسان حاصل ڪري نه سگهيو، ۽ خيالي انسان ڪيئن نه حاصل ڪيو!“

هوءَ خاموش ٿي ويئي، هن هڪ وڏو ٿڌو ساهه کنيو.

”ڪيڏو نه گهڻو ڳالهايو اٿم، سڀڪجهه انهيءَ اميد تي ته شايد ڪو ٻيو هڏ ڏوکي انسان پيدا ٿي پوي، ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري. مان ڪوشش ڪنديس ته سڀني وٽ وڃان، کين اهو پيغام ڏيان ته يا زندگي ٺاهين يا ته خيالي زندگيون ٺاهي، ساهوارن کي رشڪ ڏيارين ته هو انهيءَ وانگر پنهنجي جيون کي بنائين. ڏسان، ڪيترا ٿا جاڳن، ڪيترا ٿا سمهي پون!“

مان بلڪل خاموش کيس تڪي رهيو هوس. مون کان ڪجهه به اُڪلي نه رهيو هو. دل چاهيو ته ڪجهه چوان، پر......

”مان سڀڪجهه توتي ڇڏيان ٿي ۽ وڃان ٿي، موٽي پنهنجي ديس ڏانهن. هن دنيا جا ڦيرا پيئي ڪنديس، پر جي هيڏانهن نه آيس ته  ڪو ڀولو نه آهي، ڇاڪاڻ جو ڀانيان ٿي ته تون گهڻو ڪجهه ڪندين. ڪريان ڪجهه اميد!“ هن مون ڏانهن نهاريو. سندس اکين ۾ جوت هئي، پيغام هو. مون ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي. ۽ پوءِ مون ڏٺو ته هن  جي پيشانيءَ جا گهنج هٽي ويا، اکين جي جوت وڌنڌي ويس، چهرو وڌيڪ ٻهڪڻ لڳيس: مشڪ چپن تي پنڌڙو ڪندي آئي، ۽ هوءَ کلي ويٺي. هن هڪ ادا سان ساڙهي پنهنجن ڪلهن تي پکيڙي ڇڏي، ڪنگڻن کي پنهنجين ٻانهن ۾ پاتو، منڊيءَ کي هڪ آڱر ۾ وڌائين، ۽ هڪ وڻندڙ مشڪ سان مون ڏانهن ڏٺائين. مان صفا بت بڻجي ويس. مون آڏو منهنجي تصور جي سندري هئي. بس، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪا نئين ڪنوار آهي، جا پنهنجي سندرتا ۽ سينگار تي ناز ڪري رهي آهي. ساڙهيءَ جي چمڪ وڌي ويئي هئي. ڪنگڻ ٻهڪي رهيا هئا. منڊيءَ جي ٽڪ تنهان ئي تيز چمڪي رهي هئي. ۽ هوءَ ديويءَ سمان هلڪي مشڪ مشڪندي رهي.

”چڱو ڀلا، مان هلان ٿي.“ هن جا نازڪ چپ چريا.

ائين چئي، هوءَ مست چال سان ڊرائنگ روم ڏانهن وري. هينئر نه غصو هو نه ڪٺورتا، بس چوڌاري ڪومل فضا ڇانيل هئي. هوءَ ڪمري ۾ داخل ٿي چڪي هئي. مون کيس ويندو ڏسي ڊڪ پاتي...... تان خبر پيئي جو ڊرائنگ روم جي چائنٺ تان ٿاٻڙجي وڃي ڦهڪو ڪيم. هاڻ مون کي ڪجهه هوش اچڻ لڳو. ائين محسوس ٿيم، ڄڻ ڪو جادوءَ جو اثر هو جو هاڻ لهڻ لڳو آهي. سوچيم ته اهو سڀڪجهه ڇا هو؟ ويتر، حيران ٿي ويس، جڏهين ڏٺم ته ڊرائنگ روم جا ڏنل در پٽيا پيا هئا ۽ وسايل بتيون ٻريل هيون. مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس... ته پوءِ اهو ڇا هو؟ خواب يا حقيقت!

سامهون ڪارنس تي ساڳي تصوير رکي هئي. مان يڪدم ڏانهنس وڌي ويس. ساڳيو روپ، غصو، هٺ، اکين ۾ جوت. اوچتو منهنجي نگاهه ساڙهيءَ ۽ زيورن تي پيئي، جيڪي ڪارنس تي رکيا هئا. الائجي ڇو، اها سوچ منهنجي مٿان ڇانئجي ويئي.

’ڀلي خواب ئي ڇو نه هجي، پر مون لاءِ اها حقيقت آهي. هڪ ديوي هئي، جا آئي هئي مون کي جاڳائڻ ۽ انهيءَ دنيا ڏانهن توجهه ڏيارڻ، جا انسانن جي دنيا آهي. جي هن دنيا جا دک مايوس ڪن ته پوءِ هڪ اهڙي دنيا ٺاهجي، جا خيالي بيشڪ هجي، پر قابل رشڪ هجي، جو يڪدم ساهوارا احساس ڪن ته ٺاهجي ته اهڙي دنيا ٺاهجي!‘

مون لباس ۽ زيور تي هٿ رکيو، ۽ تصوير ڏانهن مخاطب ٿي چيم، ”ديوي، ائين ئي ٿيندو، جيئن تو چاهيو آهي. اها ساڙهي اهو جسم اهو جسم پائيندو، جيڪو هميشه ليڙن ۾ گذاريندو آيو آهي. منڊي ان آڱر ۾ پوندي، جنهن ڪڏهن سون نه ڏٺو هوندو. ڪنگڻ انهن ٻانهن ۾ پوندا، جيڪي هميشه ٻُٽيون رهيون آهن. ۽ پوءِ ان ڪنيا جي سينڌ ضرور سندور سان ڀربي!“

منهنجي تصور ۾ منگلوءَ ۽ سندس ڪنواري ڌيءَ، جمنا، جون تصويرون ڦري رهيون هيون.

”مان اهڙيون گهڻيئي ڪنيائون سهاڳڻيون ڪندس، ديوي! مان اها به ڪوشش ڪندس ته مائرون فخر سان پنهنجن نونهالن کي ڇاتيءَ سان امرت اوتي ڏين، ڀينر سهاڳڻيون بڻجي ڀائرن جو ڪنڌ مٿي ڪن، استريون پنهنجيءَ لڄ کي وڪڻڻ بجاءِ پنهنجن ٻارڙن جي زندگيءَ کي سڦلو ڪن ۽ پيءُ جي شيوا ڪن. منهنجين ڪوششن جي اها انتها هوندي جو مان شهيد ٿيل مزدورن جي وداوئن، مائرن ۽ ڀينرن جا ڳوڙها اُگهي سگهان. مان سڀڪجهه ڪندس، ديوي، سڀڪجهه!“

منهنجو ڪنڌ شرڌا وچان اُن تصوير جي آڏو جهڪي ويو. ڪنڌ کنيم ته ڏٺم ته ديوي مشڪي رهي هئي. چوڌاري پوتر، ڪومل ۽ مڌر مهڪ ڦهليل هئي، جيڪا هر روح ۽ ضمير جي خوراڪ هوندي آهي.

(مهراڻ 1/1962ع) 

واچوڙن ۾ لاٽ

 

”ابا اُٿي، ٻاهر ڪمدار پيو ٿو رڙي، تيار ٿي وٺ، مان نيرن کڻي ٿي اچان_!“

ماءُ جي اُٿارڻ تي هو ٽپ ڏئي اُٿي ويهي رهيو. کيس ياد آيو ته اڄ کيس بٽئين تي وڃڻو آهي. هن گهڻن ڏينهن کان پئي نٽايو، پر پوءِ خيال ڪيائين ته سڀ ڪجهه آخر کيس ئي ته ڪرڻو آهي. رات جو ئي ڪمدار کي چئي ڇڏيو هئائين ته فجر جو سويل ئي هلبو، جيئن ڏينهن نه تپي وڃي. تنهنڪري هو به فجر جو ئي در تي گهوڙو جهلي بيهي رهيو.

هو جلدي جلدي تيار ٿيو، ماءُ کان چانهه جو ڪوپ ورتائين، گرهه ڀڃي وات ۾ وڌائين، مٿان جلدي جلدي چانهه جو ڍُڪ ڀريائين. ماڻس کيس ”في امان الله“ چئي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي. پاڻ حويلي جي ڏيڍي ٽپي ٻاهر آيو.

”ڪمدار، سويل ئي اچي وئين_!“

”ڀوتار، سويل وري ڪهڙي اهي، ڪم به ته سنڀاليو. پنج ديرا آهن، پنج ديرا. وري ٻي ترائي واري زمين جي چڪاس به ته هلي ڪيو، ڏسو ته هيل ڇا ڪرايونس_!“

”چڱو، چڱو هاڻي چڙهه ته هلون، وڌيڪ ڳالهيون اُتي_“

اختر ۽ ڪمدار وڌي گهوڙن تائين آيا. نوڪر گهوڙا جهلي بيٺو هو. اختر ٽپ ڏئي گهوڙي تي چڙهيو. شهر ۾ گهڻو عرصو رهندي به هيءَ سواري ڪا سندس لاءِ نئين ڪانه هئي. ها، ايترو سو هو جو گهڻي عرصي کان پوءِ هو گهوڙي جي سواري ڪري رهيو هو. ٻئي ڄڻا آهستي آهستي گهوڙن کي هڪليندا ڳوٺ جي ٻاهران آيا ۽ پوءِ کڻي گهوڙن کي ڪچي دڳ تي ڇڏيائون.

اختر، تر جي وڏي زميندار دين محمد جو اڪيلو پٽ هو. پڻس کيس هميشه شهر ۾ رکيو_ وچ، وچ ۾ هو ڳوٺ ايندو هو ۽ زمينون گهمندو هو. پر الائجي ڇو، هو جڏهن به ڳوٺن ۾ گهمڻ يا بٽئين تي ويندو هو ته سندس هنيانءُ منجهڻ لڳندو هو. پڻس سندس بيزاري ڏسي کيس چرچي وچان چوندو هو، ”منهنجو پٽ زنانو آهي، رڳو گهر ۾ويهي مکيون ماري ڄاڻي.... بس، چوويهه ڪلاڪ ڪتاب هجنس، ٻيو ڪُل خير_!“

واقعي هو به ائين، اختر پنهنجي زندگي کي خشڪ ساٿين يعني ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڏوڪڙ پيسي جي گهڻائي هئڻ ڪري، چاپلوسي ڪرڻ ۽ کارڻ ورا ماڻهو، ڪڍ ته گهڻا هئس، پر هو ڪنهن سان ڪونه ٺهيو. ٺهيو ته ڪتابن سان. علم سندس طبيعت ۾ ماٺائي پيدا ڪئي. سندس طبيعت نهايت ئي ماٺي ۽ ٿڌي قسم جي هوندي هئي_ هو هرڪنهن ڳالهه تي ويچارڻ جو اهڙو ته عادي ٿي ويو جو جيڪا به شيءِ ڏسندو هو، اُن تي ويچارڻ ان سواءِ رهي نه سگهندو هو. انهيءَ ڪري هو جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ۽ ٻني تي ويندو هو ته اُتي جون حالتون ڏسي، هارين جي ڪسمپرسي، زندگي جون اوڻايون پسي هو مايوس ٿي ويندو هو. ڪي گهڙيون ته سندس آڏو، هاريءَ جو پٺي لڳل پيٽ، پٺا اُگهاڙا، اکين ۾ ويراني، اُگهاڙا ٻار ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽيءَ ۾ ڀريل وارن سان، اُداس اُداس زالون، بک جا چڪ، جهيڙا، خون ۽ صدين کان هلندڙ عداوتون، اِهي سڀ ڳالهيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ پاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهي ۾ گم هوندو هو.

Text Box:  

پڻس بيمار ٿيو، پاڻ يڪدم ڳوٺ هليو ايو. اچڻ سان ڏاڍي ڪوشش ورتائين. ڊاڪٽر سڀ گهرايائين، پر کيس اڳ سجهيو ٿي ته هاڻ سندس يتيمي جا ڏينهن اچي ويا آهن. هواُداس پر خاموش رهيو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪي ڏينهن هن ماءُ جي اُداسائي کي ونڊيو، ۽ هو غم ۽ ڏک جي ونڊ ورڇ ڪندو رهيو. جڏهن ڏٺائين ته وقت سندس ساٿ ڏنو آهي، ونڊڻ لاءِ ڪي يادون باقي آهن، تڏهن هن زمينن ڏانهن ڌيان ڏنو.

کيس ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو هو ته هو اُنهن اکين جي حسرت ۽ آس ڪيئن ڏسي سگهندو، جيڪي کُتل هونديون اُنهن داڻن مٿان، جيڪي هو ميڙي چونڊي پنهنجي حصي ۾ ڪندو ويندو_ هوا ُهي فيصلا ڪيئن ڪندو، جنهن ۾ هڪ هاريءَ ٻئي هاري کي لٺ هڻي ڪڍي هوندي، ڇاڪاڻ ته هن سندس پاڻي جو وارو ڀڳو هوندو، صرف ان ڪري ته من هو ڪي داڻا وڌيڪ کڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org