زرين جوئر جي ماني ۽ لوٽو کير جو ٽيبل تي رکي اچي
کيس ڀاڪر پاتو. ضمير جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
”هيءَ جوئر جي ماني ۽ کير ٻاهرئين در کان سوير هڪ
ڇوڪرو ڏئي ويو. هي پَريان جيڪي گهر آهن، اُنهن مان
ڪو کڻي آيو هو. صبح جو نيرن به موڪلائي اٿن.“
ضمير خوش ٿي کير به پيتو ۽ جوئر جي ماني به کاڌي.
سڀاڻي کان نئون صبح ٿيندو. اسين سڀ ۽ ڳوٺ وارا
گڏجي انهن ظالمن سان مقابلو ڪنداسين، جن اسان جهڙن
غريبن جو جيئڻ جنجال ڪيو، گِرهه نِرهه ڪيو، گهر
کان بي گهر ڪيو!“
ائين دڪان واري در تي کڙڪو ٿيو، ضمير اُٿي لالٽين
کڻي دروازي تي آيو. زرين گڏوگڏ چهُٽي پئي هئس.
”اَبا ڪير؟“
”اُستاد! مان تارو.... توڏي خير“، تاري نشاني وارا
اکر ڏنس.
ضمير يڪدم وراڻيس، ”هيڏي سڀ خير“. هُن وڃي دڪان جو
اڌ در کوليو.
”استاد! هيءُ ٻه ماڻهو بندوقن سان شاهه محمد کير
واري جا ۽ ٻه ماڻهو ڳوٺ وارن طرفان قبول فرمايو.“
”اَبا، ايترا ماڻهو.... مون کي جنگ وڙهڻي آهي
ڇا؟.... تون ماڻهو موٽاءِ. هيءَ منهنجي به سنڌ
آهي.... هيءُ منهنجو به وطن آهي... مون کي ڇا جو
ڊپ! رڳو چئجانءِ ته هتان به ڪنهن مهل وڻين ته چڪر
ڏين. سامهون باهڙيءَ تي وِهن ته ڪَنُ هيڏانهن
هُجين.“ هُن وڌي تاري کي ٻانهن کان وٺي اندر
ڇِڪيو.
”تارا! هيءَ زرين آهي منهنجي گهرواري. ڪِڪڙي
منهنجي ڌيئڙي آهي ۽ امان منهنجي سَسُ. هيءُ
منهنجوئي ڪٽنب آهي. تو منهنجو ڪٽنب مون سان ملائي
مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. ٻيو احسان اَڌ رات جو
اُٿي آيو آهين خبرگيري ڪرڻ ۽ ماڻهن جو بندوبست
ڪرڻ. تنهنجا ٿورا مان ڪيئن لاهيندس.... هاڻي هي
ڪيڏانهن نه ويندا. اسين هاڻ هِت رهنداسين.“ ضمير
ڳالهائي دنگ ڪيو ۽ تاري ڏي ڏٺائين. هُن جو وات
ڦاٽل هو، هو حيران ۽ پريشان هو. هو بت بڻيو زرين
کي ڏسي رهيو هو. صبح واري زرين بيمار ۽ اُجڙيل،
هينئر واري زرين جَرڪي پيئي! سندس منهن ڪُندن
وانگر چمڪيو پئي. هوءَ جيئن کِلي ته سندس سهڻا
اَڇا ڏند جرڪيا.
ضمير تاري کي ٻانهن کان وٺي دروازو کولي ٻاهر
ڪڍيو. تاري کي اعتبار نه پئي آيو، ته حُسن ائين به
حيران پريشان ڪندڙ هوندو. زرين کِلندي کِلندي تاري
وارو نظارو ڏسي اهڙي ساڻي ٿي جو بيهي نه پئي سگهي.
ضمير ڪنڊ ۾ پيل هڪ رنگ جو دٻو کنيو ۽ برش به ۽ دَر
کولي ٻاهر نڪري ويو. هاڻ ٻاهر ڪير به نه هو. زرين
مٿي تي پلئه وجهي، يڪدم در وٽ بيهي ڳچي ڪڍي ٻاهر
ڏسڻ لڳي. ضمير چانهه جي اشتهار واري بورڊ وٽ وڃي
بيهي رهيو ۽ پوءِ ”ضمير خان بلوچ غريب الوطن“ مان
”غريب الوطن“ لفظ تي ڪارو رنگ ڦيري يڪدم اندر اچي
ويو. زرين کانئس رنگ جو دٻو ورتو، در ڏنو ۽ پوءِ
هُن ضمير کي پنهنجي ٻانهن ۾ سوگهو ڪيو ۽ ضمير سندس
سيني سان لڳي سڀ غم وساري ڇڏيا. هيءُ ٻئي ورهين جي
وڇوڙي جا ماريل هئا. هنن کي هر بيخودي مباح هئي.
(مهراڻ 4/2008ع)
اُف! هيءُ جيون.بم ڌماڪا
نانو موسو اسان جي ڏاڏي قبله سونل جو هڪڙو ئي ڀاءُ
هو، جنهن کي ڏاڏي صاحبه پيار مان ’موسن‘ سڏيندي
هئي. اسان جڏهن کيس ڏٺو ته هُو جهُونو ٿي چڪو هو ۽
اسين ڇوڪراڻي وَهيءَ تي مس پهتا هئاسين، پر هُو
هلڻ ڪرڻ ۽ ڪم ڪار ۾ جوپ بيٺو هو. نانو موسن اسان
سان گڏ وڏي گهر ۾ ڪونه رهندو هو، هُو شاهي بازار
جي پُٺ ۾ هڪ ماڙي نما جاءِ ۾ رهندو هو، جنهن کي
اسين ”گُلي ماڙي محل“ به چوندا هئاسين. هيٺ پاڻ
رهندو هو، مٿي سندس ڏوهٽو گُلي جيڪو پڙهڻ سانگي
اُتي آيل هو، اُهو رهندو هو. نانو موسن پنهنجي
ڏوهٽي کي پيار مان ”گُلي“ سڏيندو هو. هن ماڙيءَ تي
به ”گُلي ماڙي محل“ لکرائي ڇڏيو هو. گُليءَ جو اصل
نالو غلام مرتضيٰ هو. کيس اِنڪري پيارو هوندو هو
جو هُو سندس سڪليڌي ۽ اَڪيلي ڌيءَ جو پُٽ هو. سندس
اُها ڌيءَ قبله ڏاڏي سونل کي به ڏاڍي پياري هئي.
قبله ڏاڏي سونل کيس پيار مان بَگن ماءُ سڏيندي
هئي. بَگو هن جو وڏو پُٽ ۽ گُليءَ جو وڏو ڀاءُ هو.
ماسي بگن ماءُ جڏهن سڄي خاندان سان عيد براد تي
بَگي ڀرائي ڳوٺان اسان جي شهر پهچندي هئي ته ڏاڏي
قبله سونل ته ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، پر اُن کان وڌ
نانو موسن خوش ٿيندو هو. گُليءَ جي ته اصل عيد ٿي
ويندي هئي، خاص طرح شب برات جي موقعي تي، جنهن کي
ڦٽاڪن واري عيد به چوندا آهن. ڦٽاڪن واري عيد هجي
يا پاڙي ۾ هولي ۽ ڏياري جو موقعو، ڦٽاڪن کي ٻرندي،
سُوسرين مان نڪتل رنگ برنگي چڻنگون اُڏامندڙ چڌين
جا آسمان ۾ ڦهلجندڙ رنگ، بم نما ڦوڙجندڙ ڪنن تي
تاڙيون چاڙهيندڙ ڌماڪا، گُليءَ کي خوش ڪري ڇڏيندا
هئا، ۽ هُو فقط پري کان بيهي اِهو رنگ برنگي تماشو
ڏسندو رهندو هو، ڇو ته ناني موسن جو کيس حڪم هوندو
هو ته هُو نه ڦٽاڪا ٻاريندو ۽ نه وري اُنهيءَ جي
ويجهو ويندو.
گُلي ناني موسن سان ايڏو پيار ڪندو هو، جو هُو
سندس حڪم جي پوئواري ۾ هن تماشي ۾ هڪ پري بيٺل
تماشائين جيان بيٺو هوندو هو. اسان وڏي گهر جي اڱڻ
۾ ڦٽاڪا ٻاريون يا گهٽيءَ ۾، هُو پري بيهي تاڙيون
وڄائيندو هو يا وري گندرف جي بوءِ تي وڏا ساهه کڻي
چوندو: ”يار! مزو اچي ويو.“ رات جو اسين گُليءَ کي
ڇڏڻ ويندا هئاسين ته نانو موسن در ڏيو اندر ويٺو
هوندو هو. هنن ڦٽاڪن جي ڏينهن ۾ نانو شام کان گُم
ٿي ويندو هو. هو پنهنجي ماڙي محل ۾ هنڌن رکڻ واري
اندرئين ڪوٺي ۾ فراسي وڇايو هيٺ ليٽيو پيو هوندو
هو. گُلي ۽ اسين ڦٽاڪا ساڙي قبله ڏاڏي سونل جا ڏنل
پلاءُ ۽ چاشني سان ڀريل طباخ کڻي گُلي ماڙي محل
پهچي در کڙڪائيندا هئاسين ته نانو موسن هنڌن ۽
بسترن واري اندرئين ڪوٺيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪيو جو
ويٺو هوندو هو، سو ڪٿان ٿو در کولي. نيٺ گُلي ڀِت
ٽپي ڪڙو کولي اسان کي اندر ڪندو هو. مان، سؤٽ گُلڻ
۽ گُلي طباخ کڻي اندر ڪوٺيءَ ۾ ويندا هئاسين ته
نانو هيٺ فراسي وڇايو گرميءَ ۾ مٿان سَوڙ وجهيو،
ڪنن کي مفلر ويڙهي، ائين اندر پيو هوندو هو جو ڄڻ
ته کيس ڪنهن غنيم کان ڀَئه هجي. نانو اُٿي ٻاهرئين
ڪمري تائين مس ايندو هو ته ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪو ڌماڪو
ٿيندو هو ته نانو ڦيرو ڏيئي ڊوڙ پائي ڪوٺيءَ ۾
لِڪي ويندو هو. ائين گُليءَ کي اِشارو ڪندو هو ۽
اسين مٿي ماڙيءَ ۾ ٽِپ ٽِپ ڪندا گُليءَ وٽ وڃي
ويهندا هئاسين ۽ گُلي پنهنجو خزانو ڏيکاريندو هو.
هُو ماڙيءَ ۾ پهچي اسان کي کٽ تي ويهاري ۽ پاڻ کٽ
هيٺان نئڙي پنهنجي لوهي پيتي ڇِڪي ڪڍندو هو. پوءِ
جادوگر وانگر پيتي مٿان هٿ گهمائي وات مان جادو
منتر جا نه سمجهه ۾ ايندڙ آواز ڪڍي ”شُو…شڙام… اُف
غلام…“ چئي آخر ۾ پيتي کوليندو هو ۽ پيتي مان ڪاٺ
جي هڪ ننڍڙي صندوقچڙي ڪڍندو هو، جنهن تي عجيب نقش
اُڪريل هوندا هئا. پوءِ وات مان فلمن واري ميوزڪ
وانگر ”ڊڙينگ... ڊڙينگ... ڊڙام... ڊڙام...“ چئي
صندوقچڙي کوليندو هو. صندوقچڙي ۾ لغڙائي پَنن ۽
چمڪندڙ رنگين پَنين ۾ ويڙهيل مختلف قسمن جا ڦٽاڪا
پيل هوندا هئا. هُو هر ڀيري ٻُڌائيندو هو ته نانو
موسن ٻي مهاڀاري لڙائي ويل فوج ۾ هو. هُو ڪو سپاهي
ڪونه هو. پر بيرڪن کي ٺيڪ ٺاڪ رکڻ لاءِ رازو هو.
هو جڏهن وڏي گهر ايندو هو ته ڏاڏي قبله سونل
گهرائيندي هيس ۽ کيس ڪلر کاڌل پُراڻين ڀتين جي
پاڙن وٽ وهاري کانئس صلاح پڇندي هيس. هُو پوءِ
کيسي مان انگريزن جي دؤر واري پُراڻي ڪانين بنا
عينڪ ڪڍي، نڪ تي رکي، ڪانين بدران پيل ڌاڳن کي ڪنن
جي چوڌاري ويڙهي، ڪنڌ کي ڪڏهن ’ها‘ ۾ ڪڏهن ’نه‘ ۾
لوڏيندو هو ۽ چوندو هو:
”نو... نو... ييس.... ييس... اَدي سونان! دِس ڀِت
کاڄي فاءِ... پاڙ وٽان ڇِڄي فاءِ... هول حويلي
ڊينجر، ڊينجر... پر نوڳڻتي... آءِ ايم، آفٽر آل
ميسن... رپورٽنگ آرمي سَر... ڀِت آر نو ڀِتِ
پاڙ... آرنو پاڙ...، آءِ مرمتي فاءِ... ائنڊ ڇِنل
ڀِت به فَٽافٽ تيار...فاءِ“
گُلي هر عيد تي اسان کي سِڪڻن وانگر ڦٽاڪا ڏيکاري
۽ سوسريون کڻي زوُن زوُن ڪري مُنهن ۾ هڻي ڇڏي، ڄڻ
ٻرن ٿيون. اسان جي مٿي تي چڌيون رکي ڪُوڙ پچاڙ ۾
ٻاري ۽ اسان کي چڌين وانگر گهوماٽيون کائي ڪِرڻو
هوندو هو سو اسان وري ڦِري ڦِري پَٽ تي ڌڙام سان
ڦهڪو ڪري گُليءَ تي ڪِري پوندا هئاسين. ماڙي ڪچي
هوندي هئي، دَٻڪي جي آواز تي نانو ڪڏهن سَوڙ مان
ئي رڙ ڪندو هو: ”اڙي گُلي! ڪير ڪِريو؟“ ڪڏهن هڪ
ٻئي کي ڊوڙي پڪڙيندا هئاسين، تڏهن به هُو دانهون
ڪندو هو: ”اڙي بابا، ڇِت ڪيرائيندؤ ڇا؟“ گُلي سڀ
ڦٽاڪا رُڳو ڏيکاريندو هو، باقي ٺڪاءُ ڪندڙ بَم به
هئا، جن کي هٿ لائڻ سان رڙ ڪندو هو ”اڙي آهستي!
اڙي! بَم اَٿو... ڪٿي ڦاٽي نه پون! هي انگلش آرمي
بَم اٿو. ناني هنن ۾ انگريزي بارود پاڻ هٿ سان
ڀريو آهي.“ پوءِ هُو ٺڪر ٺوٻر جو ڪوُڙو بَم ٺاهي
فرش تي هڻندو هو ۽ پاڻ ’ آ ‘ ڪري ڦهڪو کائي ڪِري
پوندو هو. پوءِ ته اها سندس هيرَ ٿي ويئي هئي.
اِسڪول ويندي، هلندي چلندي، ’آ‘ ڪري هيٺ ويهي
رهندو هو يا کٽ تي ليٽي پوندو هو. قبله ڏاڏي سونل
هر وقت کيس مرندي به ڏسندي هئي ۽ يڪدم جيئرو ٿيندي
به ڏسندي هئي ته کِلندي هئي، تنهنڪري کيس چوندي ئي
”مرحيات گُلي!“ هئي، پر مزي سان ”مَر....“ آهستي ۽
حيات...“ ڏاڍيان. هاڻ ته سندس نالو ئي ”مرحيات
گُلي“ پئجي ويو. وڏڙا ٿي وياسين. نانو موسن اُهوئي
رهيو. گُلي ۽ ڦٽاڪا به اُهي ئي رهيا، عيد براد تي
اسان جا رؤنشا اُهي ئي رهيا. هڪ ڏينهن ناني موسن
واري گهٽيءَ ۾ چور گهڙيا. نانو پُراڻي فوجي بندوق
کڻي وٺي جو چورن کي للڪاريو ته چورن به ڏنو کُڙيءَ
تي زور. نانو موسن: ”کلا اَٿو ڙي... نه ويندؤ!
اچيوَ ٿي گولي...“ چور ته ڀَڄي ويا، پر پوءِ خبر
پيئي ته ناني موسن ڪڏهن به ڀريل بندوق نه هلائي
آهي. باقي خالي بندوق اُلاري ضرور آهي.
اَسان هاڻي ڪجهه سمجهه سان ٿيا هئاسين. هڪ ڏينهن
پُڇي ويٺومانس:
”نانا، توهان ٺَڪائن کان ڇو ڊڄندا آهيو.“
”بابلا! انگريزي فوج ۾ جڏهن هئس ته ٻي مهاڀاري
لڙائي لڳي هئي. بندوقن، بَمن ۽ توپن جا ايڏا ٺڪاءَ
ٻُڌا جو سارو جيون ڌماڪا ئي ڌماڪا ٿي ويو آهي. هاڻ
ئي ٻُڌ ته هر طرف ڌماڪا ئي ڌماڪا آهن. شهر شهر
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ به ڌماڪا آهن. هاڻ مان نه ڌماڪن
جي ويجهو وڃان ۽ نه گُليءَ کي ويجهو وڃڻ ڏيان.
توهان ٻنهي (مان ۽ سؤٽ گُلڻ) کي به صلاح آهي ته
ٻيلي ڦٽاڪا ٻارڻ ڇڏيو، بَم ڦوڙڻ ڇڏيو. باهه سان
کيڏڻ ڪو چڱو ڪم آهي؟... اَمن ڳوليو، اَمن سان ئي
سُک شانتي آهي. اَمن وارو جيون ئي جيون آهي. اَچو
ته سڄي جَڳ ۾ اَمن قائم ڪريون تڏهن ههڙا گُلڙا سدا
ٽِڙندا رهندا.“
نانا موسن اِهو چئي چُپ ٿي ويو. هُو هاڻ ڪافي
جهُونو ٿي ويو هو، تنهن هوندي به وڏي گهر جو ڀيرو
نه ڀَڃندو هو. ڪڏهن ڏاڏي قبله سونل سان رهاڻيون
ڪري پاڙان کاڌل ۽ ڇَنَ پيل ڀِتين جي جاچ پڙتال ڪري
ٻاهران رازو ۽ مَزور گهرائي گارو ڪِنو ڪرائي منجهس
چمڪندڙ سونو بُهه وجهرائي چڱي لِنب ڪرائي پوءِ
اُتان نِڪرندو هو سڌو ’گُلي ماڙي محل‘ تي. هُو هاڻ
چال ۾ ڍرو، مٿي تي پوتڙو، هڪ وَرُ سڄي ٻيو وَرُ
کٻي لاڙي، وڏي گهٽي لتاڙي، بزار مان نڪري پاڻ واري
گهٽيءَ ۾ داخل ٿي سِڌو پنهنجي گهر. هُو الائي
ڪهڙين سوچن ۾ گُم هو، جو کيس هڪ عجيب خيال آيو.
اسين مئٽرڪ پاس ڪري چڪا هئاسين. هرهڪ جو سعيو پڙهڻ
سانگي مختلف ڪاليجن ڏانهن وڃڻ جو هو. گُلي به اسان
جو هم خيال هو، پر نانو موسن پِڙُ ڪڍي بيٺو. چي:
پهريائين گُليءَ جي شادي ڪرايو. گُليءَ جي وري
فرمائش هجي ته نوڪري پهريائين وٺي ڏيو. ناني موسن
چَئه چواءِ ڪرائي نوڪري وٺرائي ڏنس. ڀاڻس بَگو جي
تپيدار هو ته گُلي به ڪلارڪ وڃي ٿيو. گُليءَ جي
شاديءَ جون تياريون شروع ٿيون. اندر ئي اندر
پروگرام اِهو ٺهيو ته گُليءَ جي شاديءَ تي آتشبازي
به ٿيندي، خاص طرح گُليءَ وارا صندوقچڙيءَ وارا
ڦٽاڪا ٻاربا ۽ بم ٺِڪر جي ٻن کُمرن ۾، جيڪي بقول
گليءَ جي، بارود سان ڀريا ويا هئا، اُنهن جي
فَتيلن کي باهه ڏيئي ڌماڪا ڪڍبا. ڪي رنگبرنگي
چڻنگون اُڏامنديون. چڌيون ڦرڙاٽ ڪنديون فلائنگ
ساسرين وانگر آسمان ۾ اُڏامنديون. سُوسريون سَرڙاٽ
ڪري ٻَرنديون. وڏا جشن ٿيندا. اسان ڇوڪرن کي
گُليءَ جي شادي سان مطلب ايترو هو ته ورهين جون
سانڍيل تمنائون ۽ حسرتون پوريون ٿينديون، جو گُلي
جنهن خزاني تي نازان ٿيندو هو اُهو هڪ گندرف جو
ڍير هو، جنهن کي ٻاري هڪ دفعو ناس ڪنداسين، جو
گُلي اسان کي سِڪائي پاڻ پَڏائي پنهنجو قد وڏو ٿو
ڪري. اسان ناني موسن کي خبر ئي پوڻ نه ڏني ته اَڄ
رات آتشبازي جو تماشو به ٿيندو.
اَسين سڀ مٽ مائٽ گُليءَ جي ڳوٺ ويا هئاسين، ڏاڍا
ٺينگ ٽپا ڏناسين. قبله ڏاڏي سونل کِلي خوش ٿئي.
ماسي بگي ماءُ به نچندي هلي. نانو ٺَهي جُڙي ويٺو
هجي، پر ريچڪ اَچيس ته ڦيري پائي نچي. رات ٿي.
نڪاح جون رسمون اَسر جو ٿيڻيون هيون. اَڃان ڇَني ۾
مهمان به گڏ ڪونه ٿيا هئا، جو اسين ٽيئي گُليءَ جي
ڏَسيل ميدان تي سامان سوڌو پهتاسين. آهستي آهستي
ڦٽاڪا ٻارڻ جي ڪئيسين، پر سڀ ڦٽاڪا شُون ڪري ڪنڌ
لاڙي پَئجي پئي رهيا ۽ ڪنهن به ڦٽاڪي ٻوُٽو ڪونه
ٻاريو. مان ۽ سؤٽ گُلڻ ڇَني ۾ موٽي آياسين. نانو
موسن سامهون ويٺو هو ۽ کِليو پئي.
”بابلا، ڇا پئي ڪيوَ؟“
”بس نانا! چيوسين ته خوشيءَ جو موقعو آهي، آتشبازي
ٿي وڃي.“
”پر اِنهن ڦٽاڪن ۾ گندرف هجي ته ٻَرندا نه... مون
اِنهن مان گندرف ئي ڪڍي ڇڏيو هو.“
”نانا، ٺِڪر جي کُمرن ۾ ته گندرف ڀريل آهي. گُليءَ
وٽ کُمرن وارا ٻه بَم ڦٽاڪا به هيا.“
نانو وائڙو ٿي ويو.
”ٺِڪر جي کمرن وارا بَم ڦٽاڪا؟... مون ته کيس اُهي
کُمرن وارا بَم ڦٽاڪا ڏنا ئي ڪونه هئا.“
”گُلي ڪاٿي آ؟“
”گُلي ٻاهر ميدان ۾ آهي.“
ناني جي ڇهين حِس ڪم ڪيو. ”متان هُو اُنهن کي
ڦوڙي... اُنهن ۾ بارود نه ڀريل هجي.... ڀَڄو،
گُليءَ کي جهليوس.“
اَسين ڇَني کان ٻاهر نڪتاسين. پرڀرو ميدان ۾ گُلي
جهُڪيو ڪو ڦٽاڪو ٻارڻ جي ڪري رهيو هو.
”گُلي، اِهي بَم نه ڦوڙجانءِ....، گُلي! پري
ڀَڄ....“
نانو رڙيون ڪرڻ لڳو. اَسان به رڙيون ڪرڻ لڳاسين.
گُلي مُرڪي ڪنڌ ورائي اسان ڏي نهاريو ۽ چمڪاٽ سان
هڪ ڌماڪو ٿيو. اُن کان پوءِ گُلي اُت نه هو، باهه
ئي باهه هئي!
اسان اڃا حيران پريشان بيٺا هئاسين ته ڏسون ته
نانو موسن ميدان واري هنڌ ڏانهن ڊوڙندو ويو ته ٻيو
وڏو ڌماڪو ٿيو. ٻيو کُمرو به شايد ڦاٽي پيو هو.
هاڻ نانو به باهه ئي باهه هو. ٻه اِنسان سڙي رهيا
هئا. مون کي اِئين لڳو ته سڄي اِنسانيت سڙي خاڪ ٿي
رهي آهي. اَمن به سڄو سارو سڙي خاڪ ٿي ويو آهي. ڪا
شيءِ به ڪانه بچي آهي. بچي آهي آخري مشڪ گليءَ جي
۽ ناني جا جملا: ”فاءِ- فاءِ“، جيڪي منهنجي ڪَنن ۾
ٻُري رهيا آهن. اَڄ ڏينهن تائين اسان کي خبر نه
پئجي سگهي ته اِهي اصلي بَم گُليءَ کي ڪنهن ڏنا
هئا.
(مَنوتولارام گدواڻيءَ جي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل مشهور
ڪهاڻيءَ تان
صرف عنوان کنيل)
(مهراڻ 1/2009ع
سُهانجڙي جي خوشبو
قد جي ننڍي، منهن موڪرو، رنگ جي سانوري، چپ ٿلها ۽
بيڊولا بُت سنهو گهنڊيدار ڇڙيل وار پر ڪٽيل، هي هو
ان سهڻي جو جائزو جنهن کي مان ۽ منٺار اسپتال
۾ ڏسڻ ويا هئاسين، هيءَ نينگر نالو سهڻي هوندي به
سهڻي نه هئيپر بدصورت به نه هئي، هن ۾ هڪ عجيب ڪشش
۽ ڪا وڻندڙ ڳالهه هئي. مثال طور هوءَ جڏهن کلندي
هئي ته سندس ٿلها چپ ڦهلجي ڪنهن کي سڏڻ لاءِ جڻ ته
آٽا هوندا هئا، سندس کير جهڙا اڇا ڏندڙا ٻاهر نڪري
ايندا هئا پر اُهي هن کي اڇاڻ بخشي کيس خوبصورتي
جو هڪ انگ بخشيندا هئا.
سهڻي جو جائزو ايترو ته وڻندڙ نه به هجي پر مونکي
وڻي وئي ۽ وڻندي وئي. هن جي خوبصورت نه هجڻ ڪري به
کيس ڪير بدصورت نه ٿي چئي سگهيو، هن ۾ هڪ عجيب ڇڪ
هئي، اُها ڇڪ، شايد ڇڪي وئي، ڳالهه هيئن ٿي جو
منٺار منهنجو دوست جيڪو منهنجي آفيس ۾ آنجهي
مانجهي ويٺو هوندو هو، تنهن چيو ته يار منهنجي هڪ
سؤٽ ڄامشوري واري ايل ايم سي اسپتال ۾ ڏاڍي بيمار
ٿي آئي آهي، کيس مائٽ کڻائي آيا آهن، هلو ته کيس
هلي ڏسي اچون ۽ پڇي به اچون.
منٺار وارا نسلئن خانداني زميندار ۽ ڳوٺ جا چڱا
مڙس ليکبا آهن، پيسي پنجڙ ۽ ملڪيت ۾ به اڏيل آهن،
تڏهن ته منٺار نوڪري بنا ٽيڪيل هو.
ايل ايم سي جي پرائيويٽ وارڊ کي پٺيان هڪ دروازو
هوندو هو، اسين اندر داخل ٿي پڇاڙي واري وارڊ ۾
وياسين. هي آخري نمبر وارو وارڊ هو، اُن پرائيويٽ
ڪمري ۾ ان جي پاسي وارن ڪمرن لاءِ ان آڏو خوبصورت
لان، بوگن ولا جا گل، ٻوٽا، ڪيترائي وڻ ته گل
جهليو بيٺا هئا، مان گهڙي کن لاءِ هن خوبصورت
نظاري کي ڏسڻ لڳس. موت جو انتظار ڪرڻ وارن لاءِ
مسيحائن جو هي تحفو وڻندڙ پر عجيب هو. هن باغيچي
ڏانهن ڪيترن ڪمرن جا مهڙ وارا دروازا هئا ته ڪن جا
پٺيان دروازا پي کليا، درد جي ماريلن کي اهو هوش
نه هو ته هو ٻاهر نڪري گلن جي هٻڪار واري ڄامشوري
جي هوائن ۾ ڪي گهڙيون ويهي وڏا ساهه کڻن. باغيچي ۾
ڪوبه نه هو، اسان جنهن پرائيويٽ ڪمري جي ٻاهران
بيٺا هئاسين، ان آڏو ننڍو ورانڊو هو، مان اُت بيهي
رهيس. منٺار ٺڪ ٺڪ ڪري اندر گهڙيو، ورانڊي کي هيٺ
باغيچي لاءِ وڃڻ ڏانهن ڪي ڏاڪا هئا اُنهن ڏاڪن وٽ
پاسن کان هڪ پاسي بوگن وِلا جهڪيو بيٺي هئي ٻئي
پاسي سهانجڙي جا گل بهار ڪيو بيٺا هئا، مون کي
اوچتو خيال آيو ۽ مون سٽ ڏئي ڪجهه بوگن ولا جا رنگ
برنگي گل ۽ سُهانجڙي جا اڇڙا گل ڇني ورتا. ائين
منٺار سڏ ڪيو ۽ دروازو کولي بيهي رهيو. ٻاهر شام
ٿيڻ واري هئي اندر به هلڪي اوندهڙي هئي. هڪ خاتون
وڌي روشني ڪئي، سامهون منهنجي هڪ نينگر آرام ڪرسي
تي ويٺي هئي. مون وڌي کيس گل آڇيا، هن رڳو سهانجڙي
جا اڇڙا گل کنيا ۽ انهن کي سنگهي وڏا ساهه کنيا،
هن بوگن ولا جي رنگ برنگي گلن ڏانهن نهاريو به نه،
مون وَرُ ڪري ڳاڙها، گلابي، پيلا گل کيس آڇيا هو
کِلي پئي.
”سائين هي گل بيجان آهن نه خوشبو نه وري هي رنگ
مون لاءِ آهن.“
هوءَ اُداس ٿي وئي، پر چهري تي رنگ ئي رنگ هئا.
درد ۽ پيڙا جا رنگ، ويچار ۽ فڪرمندي جون ليڪون
جيڪي هن جي معصوم چهري کي وڪوڙي کيس پنهنجي ننڍڙي
عمر کان وڏو ڪري ڏيکاري رهيون هيون.
هي هئي اُها سهڻي جنهن جو ذڪر پيو هلي. جيئن چيم
ته هي سهڻي هوندي به سهڻي نه هئي، سندس ڳل ۽ بت
بيماري کائي وئي هئي. سندس رنگ لُوساٽجي جهڪو ٿي
ويو، انهي ڳريل حالت ۾ هن جي اکين ۾ جيئڻ جي تمنا
نه هئي پر ڳالهائڻ مان ائين لڳو ته هوءَ زندگي جي
بازي هارائي ويٺي آهي ۽ هوءَ آهستي آهستي مري رهي
آهي. هوءَ اسان کي ڏسي ڪرسي تي کڙي تڙي ٿي ويٺي.
”منٺار، توهان جو ذڪر ڪندو آهي ۽ توهان جون ڏاڍيون
چڱايون بيان ڪندو آهي، مون کي هاڻي لڳي ٿو ته
توهان سٺا ماڻهو آهيو جو نه ڄاڻ نه سڃاڻ پر مونکي
پڇڻ آيا آهيو. مان ڏاڍي بيمار آهيان نه؟“ هو
ڳالهائيندي ماٺ ٿي وئي، هوءَ پيڙا ۽ سور کان ٻيڻي
ٿي ويئي، هن اُن خاتون کي سڏ ڪيو جيڪا پاسي واري
ڪمري ۾ هلي وئي هئي، هي ٻن ڪمرن وارڊ گڏيل سئويٽ Suit هو.
”امان، امان! سور ٿو ٿئي، مران ٿي اچي دوا جو ڍڪ
ته ڏينم.“ |