يا وري سندس هڪ ٻي ڪهاڻيءَ ”ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾“
مائي نور جي ڪردارن کي پڙهندي محسوس ٿيو ته حميد
سنڌيءَ وٽ يادگيرين جو هڪ وڏو سمونڊ موجود آهي،
انهي يادگيرين کي هو ڪهاڻين جي روپ ۾ آڻيندو رهي
ٿو۔ يادگيرين
جي حوالي سان مون کي ياد اچي ٿو، منير نيازيءَ جو
هي شعر:
بدلجندڙ موسم جي رات آهي
ميدان ۾ اونداهي آهي
هو سامهون اوچي ڪرسيءَ تي گهرن جي روشنيءَ ۾
درن جي ٻاهر بيٺل
ماڻهو ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن؟
سياست جي؟ محبت جي؟ جنگ جي؟
گذري ويل ڏينهن جي.
ايندڙ مهينن ۽ سالن جي،
ڪجهه به خبر نٿي پوي
بس پريان کان سندن چپ هلندي ڏسجن پيا.
اصل ۾ يادگيري جي هڪ شعوري عمل وسيلي، ماضيءَ کي
ڳولڻ جي هڪ ڪوشس، ناڪامي ۽ زوال، ۽ آخرڪار پاڻ
تخليقي شخصيت جو خاتمو، اهو سڀ هڪ حساس ليکڪ جو
داستان آهي۔ يادگيريون
هڪ اونهي سمنڊ وانگر هونديون آهن، انهن مان ڪي
ماڻڪ موتي لال ڳولي، انهن کي لفظن جي روپ ڏيڻ، هڪ
فن آهي۔ هتي
يادگيرين جي حوالي سان مون کي ياد اچي ٿو ٽريڊڪ
زندگيءَ بابت هڪ ڪوٽيشن:
Memory is the basis of individual Personality,
Just as tradition is the basic of the collective
Personality of a people. We live in memory and
by memory and our spiritual life is bottom
simply the effort of our memory to persist, to
transform, it self into hope the effort of our
past to transform it self our Future.
انسان جي سموري زندگي يادن جي گلابي گلن سان ڀريل
آهي ۽ اهي يادگيريون ڏاڍيون عجيب به هونديون آهن۔ مشهور
فرينچ ناولسٽ ماسيل يروسٽ (1922-1871) پنهنجي هڪ
طويل ناول:
Ala Recherché du
temps perdu (IN SEARCH OF LOST TIME). ۾
لکي ٿو: ڪنهن خاص شڪل کي ياد ڪرڻ جي معنيٰ آهي
ڪنهن خاص پل جو افسوس ڪرڻ ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي
ته گهر ۽ گهٽيون ۽ پاڙا، گذريل سالن جي مثال وانگر
هليا وڃن ٿا!
پر هڪ بيحد حساس ليکڪ کي ڪائي ڳولا به ضرور آهي،
هيءَ ڌرتي، هوا، ستارا، چنڊ، سمنڊ، سج، درياء، وڻ،
آسمان، ۽ وايومنڊل، هن جي ڳولا بابت ڪوبه جواب نٿو
ڏي. پوءِ هو قلم جو وسيلو ٿو وٺي. انهيءَ قلم
ذريعي هو پنهنجي يادگيرين، ذهن جي ڪئنواس تي
اُڪريل سمجهه ۾ ايندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ نقشن کي
ٿو لفظن جو ويس ڍڪائي. ڪهاڻيڪار/شاعر ويندڙ رتن ۽
اماوس راتين ۾ سپنا اُڻندو آهي، هو ويندڙ راتين جو
عڪس هوندو آهي، اهو عڪس ڪنهن خوبصورت اپسرا جي
يادگيرين، ٻڏندڙ سج ۽ اُڀرندڙ چنڊ وانگر آهي، ذهن
جي زرتاب ڪنڊن مان ڇڻي ايندڙ سنهرن ۽ ايندڙ وقت جي
سندر سپنن، اڪيلاين، سرمئي رتن جو پيامنبر هوندو
آهي. دل جا دک ۽ درد ۽ لفطن جو بار کڻي هلندو رهي
ٿو. حساس ليکڪ، جيڪي سرء ۽ وڻن هيٺان، ڊگهن رستن
تي آهن چپ چاپ بيٺل، پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي چوڻ جا
منظر!! ڪنهن نئين رت جا منظر! نيون رتون، وڻن مان
ڇڻيل ۽ اڏامندڙ پنن ۾ ويڙهيل ۽ ستارا سندن اکين ۾
لهي ٿا اچن، زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ فطرت ۾ موجود
ماحولياتي اثر، ڊپ، خوشي ۽ اُميد هن کي تخليق ڪرڻ
تي ٿي مجبور ڪري، شاعرن، ڪهاڻيڪارن، پنهنجي ان
تخيل جي ڪارفرمائي سان انسانن کي علم جي بادشاهت
سان روشن ڪيو ماڻهن ۾ احساسن، جذباتن ۽ خيالن جي
وحدت پيدا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سياسي شعور ۽
تجزيو پيدا ٿيو. تجزيو جيڪو دنيا ۾ انساني تجزيي
کي سمجهڻ جي ڪوشش آهي ۽ ان کي ئي فلسفو ڪري سڏين
ٿا.
هڪ فلسفي چيو آهي، ”ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کي سمجهڻ
ايترو ضروري نه هوندو آهي، فقط زنده رهڻ ئي گهڻو
ڪجهه هوندو آهي، پر اسان جو زمانو انهن مان ڪونهي.
اسان جي لاءِ ضروري آهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.“
سمجهڻ جي ان ڪوشش ۾، هڪ ليکڪ گهڻو اڳتي ٿو نڪري
وڃي. ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري به جو، انسان عدم جي
اونداهي مان نڪري وجود جي روشنيءَ ۾ اچي ٿو ۽
انهيءَ روشنيءَ سان وڙهندي وڙهندي هو اوچتو عدم جي
اونداهين ۾ ٿو گم ٿي وڃي.
پر هڪ ليکڪ پنهنجي لکڻين وسيلي ايندڙ ڪيترن دورن
تائين زنده رهي ٿو. هن جي من ۾ انيڪ کٽڻهار کڙيل
رهن ٿا، هتي مون کي حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻي ”اکڙيون
ميگهه ملهار“ ڏاڍي پئي ياد اچي. اهي ڪردار يعني
ڏاڏي سونل جو ڪردار اڄوڪي نسل ڏٺوئي ڪونه. جيتوڻيڪ
سندس اها ڪهاڻي، مختصر ڪهاڻي آهي، پر اها ڪهاڻي
پڙهي منهنجيون اکيون الائي ڇو آليون ٿي ويون.
منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب ۾ آيل ڪيتريون ڪهاڻيون
سهانجهڙي جي خوشبوءَ وانگر آهن، ڪنهن به هڪ
ماڻهوءَ جون نه، پر هر هر ماڻهوءَ جون ڪهاڻيون
آهن.
ڇا حميد سنڌيءَ جي هيءُ شاندار ڪهاڻي ”مرين ته
آرهڙ ۾ مرجانءِ“ سنڌ جي هر سنڌي ماڻهوءَ جي ڪهاڻي
ڪونهي؟
اڄ جي سنڌ: سڀاڻي جي سنڌ ۽ سُڪل سنڌو درياهه جي ۽
هن ديس واسين جي درد ڪٿا جو داستان- ”مرين ته آرهڙ
۾ مرجانءِ“ بابت فقط ايترو چوندس ته اِها ڪهاڻي
پڙهڻ سان ماڻهوءَ جو لڱ لڱ ٿو ڪانڊارجي وڃي، ان
ڪهاڻيءَ کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ ممڪن ڪونهي.
مون کي اميد آهي ته حميد سنڌي پنهنجي قلم جي سگهه،
پختي شعور، يادگيرين جي ڪئنواس سان سنڌي ادب کي
آئينده به ڪهاڻيون ڏيندو رهندو. منهنجي ته کيس
گذارش آهي ته هو هڪ ناول تي به ڪم ڪري، ساڳئي وقت
يادگيرين لکڻ لاءِ به هوم ورڪ ڪري. هو پاڻ سنڌ جي
شاندار قومي ۽ سياسي جدوجهد جو اکين ڏٺو شاهد آهي.
هن شاندار گذري ويل سنڌ جي قومي اتهاس جي آسمان تي
چمڪندڙ روشن ستارا اکين سان ڏٺا. ڪيڏا نه جهونجهار
ڪيترا نه سچا انسان هئا، اهي؟ شيخ اياز، رشيد ڀٽي،
مولانا غلام محمد گرامي، عبدالڪريم گدا، عبدالڪريم
پلي، معصوم هالائي، حفيظ قريشي، نياز همايوني،
اشفاق قاضي، نبي بخش کوسو، عبدالفتاح عبد، عنايت
الله ڌمچر، استاد بخاري، بيگم زينت چنا، ڪامريڊ
ابن حيات پنهور، محسن ڪڪڙائي، شوڪت سنڌي، مجرم
لغاري، پروفيسر عمر ميمڻ، جمال رند، غلام رباني
آگرو، سراج الحق ميمڻ، قاسم پٿر سنڌي، سرويچ
سجاولي، نثار حسيني، ڪامريڊ علي احمد قريشي،
ڪامريڊ عمر شورو، ڪامريڊ يعقوب گل، محمد صديق
پکيئڙو، ارباب نورمحمد پليجو، محمد ابراهيم منشي،
شوڪت سنڌي، مومن مليرائي، زرينا بلوچ ۽ ٻيا انيڪ
قومي ڪارڪن، سنڌ جي آسمان جا تارا هئا. سنڌ جي
مقدر کي بدلائڻ جا سُنهري سپنا کڻي هنن هڪ ڊگهي
لڙائي لڙي، جيلن ۾ ويا، قيد جون سختيون ڪاٽيائون ۽
هڪ تاريخ ٺاهي ويا.
اهي سڀ ماڻهو مشعل هئا، ٻارڻ ڏيئي ٻاري هليا ويا،
هن هجوم حيران ۾ سڀ کان اڳتي هوندي به پوئتي رهجي
ويا، ڄڻ چنڊ جا مسافر هئا، جيڪي چانڊوڪيءَ کان ڀڄي
ويا، زندگي کي ڏسندي، پرکندي، اُجڙيل شامن، رات جي
پوئين پهرن جا مسافر، اونداهين راتين ۾ پرهه ڦٽي
جي آس جا پانڌيئڙا. اسان جي اکين ۾ جوت جلائي، پاڻ
گم ٿي ويا.
مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي، جا واٽ آ ٺاهي،
اُن واٽ تان گذري، ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
(راشد مورائي)
مدد علي سنڌي
ڪارو رت
اڃا اک ئي مس لڳي هيس، ته در تي کڙڪو ٿيو. اُٿي ئي
اُٿي، ته ٻيو ڀيرو زور سان ڪڙو کڙڪيو.
”رُلي مُئا آهن! اچيو آڌيءَ رات جو سکُ ڦٽائين!“
پيرو بڙ بڙ ڪندو هنڌ مان اُٿيو.
ٻه سجاڳ اکيون کيس پويان پويان ڏسڻ لڳيون.
”ابا، ڪهڙو؟“ ٻاهر اڱڻ ۾ ايندي، هن وڏي سڏ پڇيو.
”ميان، جواب ته ڏي! ڪير آهين؟“ هو خار کائيندي
ٻاهرئين در ڏانهن وڌيو.
اندر، ڪوٺيءَ ۾، ڪا نازڪ دل ايندڙ خطري جي احساس
کان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.
پيروءَ در کولي ٻاهر ليئو پاتو. ڪنهن سڃاتل شخص جو
پاڇو معلوم ٿيس. خوشيءَ وچان بي اختيار ٿي
پڇيائين، ”ڪير!.... متان اَدو شير.....“ هن جي
جملي پوري ڪرڻ کان اڳ اُهو شخص اندر گهڙي آيو.
پيروءَ هاڻي کيس چڱيءَ طرح سڃاتو، ۽ ڀاڪر پائڻ
لاءِ ٻنهي ٻانهن کي کوليندي ڪجهه چوڻ تي هو، ته
ايتري ۾ آيل شخص جي هٿن کي تيزيءَ سان حرڪت
آئي.... هلڪيءَ دانهن سان، پيروءَ جي سري وڃي پرتي
پيئي، ۽ ڌڙ اُتي ئي نچندي نچندي ڊهي پيو.
اندران هڪ سنهي چيخ ٿي، ۽ ڪو ڊُڪندو ٻاهر آيو.
”تون ڇو آئي آهين؟ آءٌ پاڻيهي اچان ٿو. ڏس ته،
منحوس اڃا پيو ڇڙيون هڻي! تون اندر هل، آءٌ
اڃا.... اڙي، جنو، تون ته ڏڪين پيئي!“ هن جنوءَ کي
ڀاڪر ۾ جهليندي چيو، ”ڊڄي ويئي آهين؟ ڊپ ڇا جو،
آءٌ جو موجود آهيان!“
”شيرو!.... تو هي ڇا ڪيو!“ جنو شيروءَ جي ڪلهي تي
اهلي پيئي.
”ٺيڪ ٿيو، هن پوڙهي کي مرڻ ئي کپندو هو. هي سڀڪجهه
تو لاءِ ئي ته ڪيو اٿم!.... هاڻي تون شيروءَ جي
زال آهين، شيروءَ وانگي بهادر ٿيءُ. تون هل اندر،
آءٌ اچان ٿو. گهٻرائي بلڪل نه....“
شيرو سٽ پائي در ڏانهن وڌيو. ٻاهر آسپاس نظر
ڪيائين. رات جو اوندهه ۾، پري تائين پکڙيل ٻنيءَ ۾
گاهه جي ڪارن لڏندڙ لمندڙ پاڇولن کان سواءِ ٻيو
ڪوبه ڪونه هو. هن آهستگيءَ سان دروازو بند ڪيو، ۽
موٽي لاش وٽ آيو.
”اڙي، تون اڃا اتي بيٺي آهين! هتي گهڻو نه بيهه،
تنهنجي دل ڪمزور آهي. جنو..... او جنو!....
جنت!.....“
جنت، لوئيءَ ۾ ويڙهي، ائين خاموش ۽ بيحرڪت بيٺي
هئي، ڄڻ ڪو پٿر جو بي پساهه بوتو هجي. شيروءَ وڌي
اچي ٻانهن ۾ ورتس. جنوءَ، ڇرڪي، ڪنڌ کڻي سندس ڪلهي
تي رکيو، ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”چري آهين ڇا، روئين ڇو ٿي؟ توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ
کپي! هل. اندر هلي آرام ڪر. آءُ به هلان ٿو....“
شيروءَ کيس ڀاڪر ۾ وٺي اچي اندر کٽ تي ليٽايو. پاڻ
سندس سيرانديءَ کان ويهي رهيو. لالٽين جي جهڪي
روشنيءَ ۾ کيس جنوءَ جو منهن بلڪل هاريل ۽ نپوڙيل
نظر آيو. هوءَ اکيون بند ڪري پيئي هئي، ۽ سندس
ساهه زور زور سان کڄي رهيو هو. شيروءَ سوچيو، ’زال
ذات آهي، لاش ڏسي ڊني آهي. اسان جي دل ته اهڙي پڪي
ٿي ويئي آهي جو حرام ڪو لوڏو اچيس!.... جنوءَ کي
حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونه هو.... خود
جنوءَ به ته ائين ئي ٿي چاهيو!‘
”جنو!“ هن جنوءَ کي ڌونڌاڙيو.
”هون....“
”اُٿي ته ويهه، اڃا گهڻي رات پيئي آهي. مس مس دل
جو غبار هلڪو ٿيو آهي. هاڻي اسين هميشه لاءِ هڪٻئي
جا ٿي رهنداسين. جيڪو وچ جو ڪنڊو هو، سو به خيرن
سان دفع ٿي ويو.“
”وچ جو ڪنڊو ته دفع ٿي ويو، ..... پر.....“ وڌيڪ
چوڻ بدران، جنو اکيون کولي شيروءَ جي منهن ۾ تڪڻ
لڳي.
”.... پر؟.... چئه، چئه.“
”مان ڀانيان ٿي، ..... شيرو،..... اهو چڱو نه
ٿيو!“ جنوءَ وري اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
”تون اجايا کُٽڪا نه ڪر، جنو، جيڪي ٿيو سو ڏاڍو
چڱو ٿيو. پيروءَ مان توکي سک به ڪهڙو هو... هو
پنجاهه ورهين جو، تون ٻاويهن ورهين جي.... ڪيڏو نه
ظلم چئبو! ننڍي هوندي کان نالي ٿيل هئاسين، پوءِ
آءُ ملٽريءَ ۾ ويس هليو، پر آخر ته موٽي اچڻو هوم!
سچ پڇين، جنت، توکان سواءِ مون کي ڪٿي به آرام
ڪونه هو!“
”پر،.... آءٌ ته هاڻي اها ساڳي....“
”ڏس، جنو، تنهن ڏينهن به تو اها ئي ڳالهه ڪئي...
چيومانءِ ته تون مون لاءِ اُها ئي جنو آهين، اها
ئي جنو آهين! ڪجهه اڳيون ڳالهيون ته ياد ڪر... اڄ
ورهين کان پوءِ اهو زمانو وري آيو آهي، جڏهن اسين
ڏينهن رات هڪٻئي کان جدا نه ٿيندا هئاسين!...“
جنوءَ جي ذهن تي يادگيرين جا انبار تري آيا. ننڍپڻ
جو زمانو، جڏهن ٻئي ڄڻا سڄو سڄو ڏينهن پيا ٻنين جي
ڪشادين ساوڪن ۾ ڊوڙون پائيندا هئا، ۽ پوءِ جوانيءَ
جون اهي يادگار گهڙيون، جن ۾ جنوءَ ۽ شيروءَ هڪٻئي
سان قول قرار ڪيا هئا. جنو شيروءَ جي ڪنهن رشتي
سان سوٽ ٿيندي هئي. شيرو گهڻو ڪري ٻنيءَ تي رهندو
هو. جيتوڻيڪ گهر پري ڪونه هئا، ته به اهو اڪثر ڪري
راتيون به منهه ۾ گذاريندو هو. ڀلا گهر ڪنهن لاءِ
وڃي؟ سڳي پيءُ جو ته گهر ڪونه هوس. شيروءَ جي ماءُ
خيران ڀر واري ڳوٺ جي هڪ هاريءَ جي زال هئي، جا
پيروءَ جي پيءُ، محمد خان ڪمدار، زميندار جي زور
تي ڀڄائي هئي. شيرو ان وقت ستن ورهين جو هو، ۽
ماڻس کيس به ساڻ کڻي آئي هئي. شيروءَ جي سڳي پيءُ
گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪئي، پر مائيءَ خيران جو محمد خان
ڪمدار سان اهڙو نينهن لڳي ويو جو کلي ڪورٽ ۾ چئي
ڏنائين ته ’مڙس منهنجو هيءُ، ٻيو سڀ ڪوڙ‘. شيروءَ
کي نه نئون پيءُ محمد خان وڻيو، ۽ نه وري محمد خان
کي ئي شيرو پسند پيو. پيرو، جو محمد خان جي اڳينءَ
زال مان هو، تنهن مڙئي شيروءَ سان سنگت رکڻ چاهي.
جيتوڻيڪ پاڻ ان وقت پنجويهن ورهين جو جوان هو، پر
پيروءَ کي الائي ڇو شيروءَ جي ٻالي ڀولي شڪل ڏاڍي
وڻندي هئي. پر شيرو انهيءَ سان به نه ٺهيو. شيرو
ٺهيو، ته ’جنت‘ سان، جا پيروءَ جي سڳي سوٽ هئي....
۽ هاڻ شيروءَ جي به سوٽ ٿي. شيرو ۽ جنت اهڙا ٺهيا،
جو جواني اچي ويئي ته به هنن ۾ اها ئي مستي ۽
چلولائي هلندي آئي. ڪڏهن ڪڏهن مزي ۾ اچي، شيرو جنت
کي چوندو هو:
”جنو، تون مون سان شادي ڪندينءَ نه؟“
”هون، توسان“ جنو منهن ۾ ڪُوڙو ور وجهي چوندي هئي،
”شڪل ڏٺي اٿئي پنهنجي! امان مون کي چوندي آهي ته
’تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين‘، پوءِ ڀلا تو ڇا آهين
جو مون سان شادي ڪندين!“
شيرو ٻانهن کان جهلي وٺي مروٽڻ لڳندو هوس، ته
جنوءَ کان ڪيڪ نڪري ويندي هئي: ”اَلا، ڇڏ، منهنجي
ٻانهن ٿي وڃي!“
”تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين نه!“ شيرو ٻانهن کي
ٿورو وڌيڪ موڙو ڏيندو هو.
”نه نه، تون آهين چوڏهينءَ جو چنڊ، بس!.... الا،
منهنجي توبهه!“
”ٻڌاءِ، مون سان شادي ڪندينءَ نه؟“
جنو، شرمائجي، منهن کڻي ٻئي پاسي لڪائيندي هئي.
”ڀلا، چنگ ته ٻڌاءِ!“ جنو چوندي هئي. شيرو چنگ
وڄائيندو هو، ته جنت جي دل جي تار تار تڙڦي اُٿندي
هئي، ۽ هوءَ شيروءَ جي ڪلهي تي ليٽي پوندي هئي.
ائين ئي، پيار محبت جون گهڙيون گذاريندي، هو هڪٻئي
جي نالي ٿي ويا. شيروءَ جي ماءُ ڏاڍي ڪوشش ورتي:
جيتوڻيڪ محمد خان ڪمدار راضي نه هو، پر زال جي ڪري
چپ رهڻو پيس. جنوءَ کي اهي سڀ ڳالهيون هڪ هڪ ٿي
ياد اچي رهيون هيون.
.... محمد خان جي نفرت لڪل ڪانه هئي. هو شيروءَ کي
آهاني بهاني پيو ڇيڙيندو ۽ ڇڙٻون ڏيندو هو. شيرو
اهي سڀ ڳالهيون سهي، ماٺ ۾ پيو وقت گذاريندو هو.
هڪڙي ڏينهن، واٽر ڪورس جو پاڻي ٻڌي موٽيو، ته
پويان ٻُنڍو ٽُٽي پيو. پاڻي اڃا گهڻو ڪونه نڪتو هو
ته محمد خان اچي اتي نڪتو، جنهن وٺ وٺان ڪري پاڻي
ته وري ٻڌرائي ڇڏيو، پر موٽي اچي شيروءَ سان ڏاڍي
جُٺ ڪيائين، ڏاڍو ڇينڀيائينس ۽ ڏاڍو بيعزت
ڪيائينس، شيروءَ اُها رات منهه ۾ گذاري. سڄو وقت
بيقرار ۽ بي آرام رهيو. انهيءَ رات هن جنوءَ کان
وفاداريءَ جو ٻول ورتو هو. جنوءَ کيس گهڻو ئي
روڪيو، رُني ۽ رڙي، پر شيرو ڳوٺ ڇڏڻ جو اصل فيصلو
ڪري چڪو هو. هن جنوءَ سان جلد موٽڻ جو واعدو ڪيو،
۽ صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو.
..... ان کان پوءِ، ساندهه ٽي سال شيروءَ جو پتو
ئي ڪونه پيو. انهيءَ وچ ۾ شيروءَ جي سڳي پيءُ کي
موقعو ملي ويو، جنهن هڻي محمد خان جا ڳپل لاهي
وڌا، ۽ ان سان گڏ خيران کي به ڳڀا ڳڀا ڪري
ڪُٺائين.... ٻنهي کي ڪارو ڪاري ڪري ماريائين.
.... شيروءَ جي فوج ۾ وڃڻ جي خبر جڏهن ڳوٺ ۾ آئي
هئي، ته جنو ڏاڍو رُني هئي. کيس خبر هئي ته فوج
وارا جنگ ڪندا آهن، ۽ جنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو مري
ويندا آهن. پوءِ جڏهن ڪنهن اچي شيروءَ جي مري وڃڻ
جي خبر هُلائي هئي، ته جنوءَ جا تمام بُرا حال
ٿيا هئا. جنوءَ کي اهو وقت چٽيءَ طرح ياد هو، جڏهن
مائٽن کيس زبردستيءَ پيروءَ سان پرڻائي ڇڏيو.
پيروءَ جي اڳين زال بي اولاد مري ويئي هئي. جنوءَ
کي جڏهن به شيرو ياد ايندو هو ته هن دل دانهون ڪرڻ
لڳندي هئي. ۽ وري جڏهن کيس شيروءَ جي مري وڃڻ جو
خيال ايندو هو، ته هوءَ بنهه نيم پاڳل بنجي ويندي
هئي. ڪيترائي ڏينهن هوءَ شيروءَ جا خيال پچائيندي،
اندر ئي اندر ۾ لڇندي رهي.
دائمي جدائيءَ جو اونهون ناسور وقت جي مجرب مرهم
سان مس مس وڃي ڀريو هو، ته هڪ ڏينهن اوچتو شيرو
موٽي آيو... ٽن سالن کان پوءِ! هو جڏهن گهر ۾ قدم
رکي رهيو هو ته کيس اها خبر ئي ڪانه هئي ته هو صرف
پيروءَ جي ئي گهر ۾ داخل نه ٿي رهيو آهي، پر خود
جنوءَ جي چانئٺ پڻ ٽپي چڪو آهي. نماشام جي ويل
هئي، جنوءَ کير پئي لاٿو، ته پٺيان شيروءَ اچي
کيڪار ڪئي.... ”ڀاڄائي، سلام......!“
جنو انهيءَ آواز تي سڄي ڇرڪي وئي. چونري هٿن مان
ڇڏائجي وئيس. ٽپ ڏيئي اُٿي، ۽ بت بڻجي بيهي رهي.
اهو ته کيس وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو شيرو وري
جيئرو ٿي ايندو! شيرو به صفا ٺاپرجي ويو. کيس بلڪل
اعتبار ئي نه پئي آيو ته هوءَ جنو ٿي سگهي ٿي. ڪا
گهڙي، هو ٻئي هڪٻئي کي ائين چپ چاپ، اکيون ملائي،
حيرت سان ڏسندا رهيا، ڄڻ ٻئي هڪٻئي لاءِ اجنبي
هئا، ڄڻ ٻئي هڪٻئي کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
جنوءَ کي چڱي طرح ياد هو..... جڏهن هن شيروءَ کي
پنهنجي سموري ماجرا ٻڌائي هئي، ته شيرو بيحد جوش ۾
ڀرجي ويو هو. هو ڳوٺ ڇڏي وڃڻ تي ڏاڍو پشيمان هو.
هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون، ۽ ڪيتريءَ دير تائين
هو فقط جنوءَ جي منهن کي گم سم تڪيندو رهيو.... ۽
پوءِ هو يڪايڪ جوش ۾ اچي چوڻ لڳو، ”جنو شيروءَ جي
آهي، ۽ شيروءَ جي ٿي رهندي!“ ايتري ۾ پيرو آيو.
پهرين هٻڪي بيهي رهيو، ۽ پوءِ وڌي شيروءَ کي ڀاڪر
پاتائين. ڏاڍو خوش ٿيو، ڏاڍا ڏک ڏوراپا ڏنائينس،
پر شيروءَ رڳو ’هان‘ ۽ ’هون‘ ۾ پئي جواب ڏنس....
ڄڻ ته هو پيروءَ کي سڃاڻندو ئي ڪونه هو. پيروءَ
ڄاتو، ڀائو پري کان ٿڪجي آيو آهي، سو شيروءَ جي
رُک- مُنهانئيءَ جو خيال ڪونه ٿيس. شيرو ته رات ئي
ويو ٿي، پر پيروءَ ۽ جنوءَ جي زور ڀرڻ تي ٽِڪي
پيو. ماني کائي، پيرو هليو ويو پاڻيءَ جي واري تي.
شيروءَ ۽ جنوءَ.... ٻنهي سڄي رات ڳالهين ڪندي
گذاري. ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ جون ڳالهيون، ملٽريءَ جون
ڳالهيون، ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون ڳالهيون، ۽ جنوءَ
سان پنهنجي اٿاهه محبت جون ڳالهيون ورجائيندي،
شيروءَ آخر جنوءَ کي سندس وفاداريءَ جو انجام ياد
ڏياريو. جنو، اضطراب ۽ مجبورءَ جي گڏيل احساسن ۾
کوئجي، بلڪل چپ چاپ ويٺي اهي ڳالهيون ٻڌي رهي هئي،
ته شيروءَ يڪايڪ پنهنجو خوني ارادو ظاهر ڪيو، جنهن
جنوءَ کي بلڪل ڏڪائي ڇڏيو. هن شيروءَ کي ڪيتروئي
سمجهايو، ٻاڏايو، آزي ۽ نيزاري ڪئي، پنهنجيون
مجبوريون ٻڌايون، پر شيروءَ سندس هڪ به نه ٻُڌي، ۽
آخر تائين ائين ئي چوندو رهيو ته ”آءٌ ڪنهن به
حالت ۾ توکي حاصل ڪندس،.... يا پاڻ کي ختم ڪري
ڇڏيندس!“ جنو ٻنهي حالتن ۾ مجبور هئي. هوءَ فقط
روئي سگهي ٿي، خاموش رهي سگهي ٿي. صبح جو شيرو کيس
خاموش روئندو ئي ڇڏي، بنا موڪلائڻ جي هليو ويو...
۽ ٽيءَ رات، پيروءَ جي ئي گهر ۾، پيروءَ جي رت جا
دُٻا ڇانئجي ويا.
رت جي دُٻن جي خيال ايندي، جنو ڇرڪ ڀري اُٿي.
”ڇو، جنو!“ شيروءَ کي به جنوءَ جي پاسي ۾ ويٺي
ويٺي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا هئا. ”تون هاڻي آرام
ڪر، جنو، دل تي ڪنهن به خيال کي نه اچڻ ڏي. آءٌ به
ٿوري دير اتي ئي ٿو پنڪي کائي وٺان، ۽ پوءِ......
ڀلا، توکي ڇا ڪرڻو آهي؟..... آءٌ نڪري وڃان، پوءِ
تون ’خون خون!‘ ڪجانءِ..... زور سان! ٻيا گهر ڪافي
پرڀرو آهن.... بردباريءَ کان ڪم وٺج، سڀ ٺيڪ ٿي
ويندو..... چڱو، هاڻي آرام ڪر.....“ شيرو سنئون ٿي
ليٽي پيو. پر جنوءَ کي آرام ڪٿي هو؟ ڪئي خيال، ڪئي
وسوسا هن جي ذهن ۾ ايندا ۽ ويندا رهيا. ’هيءُ ڇا
ٿي ويو؟‘..... هوءَ ڪيتري دير تائين اڄوڪي واقعي
بابت سوچيندي، خوف کائيندي، ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي
رهي. طرح طرح جي جذبن جي طوفان ۾، هن ڪنهن وقت
پيروءَ جي بيگناهه خون تي ملامت پئي محسوس ڪئي، ته
ڪنهن وقت شيروءَ جي محبت مٿس غالب هئي. رات اڌ کان
مٿي چڙهي آئي هئي. بيحد بيچينيءَ وچان، هوءَ آهستي
آهستي اُٿي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي، جتي تارن جي جهڪي
روشنيءَ ۾ پيروءَ جو پٽ تي پيل لاشو بلڪل ڀوائتو
منظر پيش ڪري رهيو هو. جنوءَ جي دل زور زور سان
ڌڙڪڻ لڳي. هوءَ ڪا گهڙي بلڪل گم سم هڪ هنڌ بيٺي
رهي، ۽ پوءِ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳي. لاش جي
قريب اچي، هوءَ بيهي رهي. پرتي پيروءَ جي سسي
پيئي. رت جا وهي هليل دُٻا، خشڪ ٿي، هڪ هنڌ ڄمي
ويا هئا. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي هئي. رات جي
سناٽي ۾، گهر جي وڏي ويڪري اڱڻ ۾، اڪيلي جنو ائين
خاموش ۽ بيحرڪت بيٺي هئي، ڄڻ ته ڪو آسماني روح
عبادت ۾ مصروف هو. جهُڪيل نگاهن سان، هوءَ پٽ تي
پيل لاشي کي ائين هڪ ٽڪ ڏسندي رهي، ڄڻ ته هن جي
سموري سوچ سندس اکين ۾ اچي گڏ ٿي هئي. هوءَ ڏسندي
رهي، سوچيندي رهي، آسپاس جي ماحول کان بلڪل بيخبر،
سڀني خيالن کان بي نياز، فقط پيروءَ جي باري ۾....
پيروءَ، هن جو خاوند، هن جو سڳو سوٽ، گهر جو مالڪ،
جنهن جو جنازو ڌرتيءَ تي ائين بيواهو پيو هو، ڄڻ
ته هي گهر سندس گهر نه هو، ڄڻ ته سندس ڪوبه عزيز
قريب، ڌڻي ڌوڻي، هوئي ڪونه! يڪايڪ جنوءَ کي ائين
محسوس ٿيو ته پيرو ساڻس شڪايت ڪري رهيو هو... ’تون
ئي ته منهنجي سڀڪجهه هئينءَ!..... آءٌ، تنهنجو
سهاڳ، تنهنجي ئي ڪري ته بيگناهه مارجي ويس!...‘
انهيءَ گهڙيءَ هوءَ پنهنجو پاڻ کي مجرم سمجهڻ
لڳي.... ’الا، ڌڻي منهنجا، هي مون ڇا ڪري وڌو!....
نڪاح ٻڌي هئيسانس، ائين بيواهو ٿي مُئو!‘ جنوءَ
کان هڪ دٻيل اوڇنگار نڪري ويئي. اکين مان لڙڪن جي
قطار وهي هلي. همدرديءَ ۽ ڪهڪاءَ جو هڪ شديد جذبو،
دل جي گهراين مان اُڀري، هن جي حواسن تي ڇانئجي
ويو.... ۽ هوءَ بي اختيار پيروءَ جي بيجان جسم تي
ڪري پيئي. سندس سيني ۾ پيار جي هڪ انوکي لهر
اُڀري، جا هن پيروءَ لاءِ پهريون ئي دفعو محسوس
ڪئي هئي. انتهائي رقت جي حالت ۾، پيروءَ جي ڇاتيءَ
سان چنبڙي، هوءَ لڳاتار اونهان سڏڪا ڀريندي ۽
اُسڙڪندي رهي. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن چاهيو ته هوءَ
زور زور سان دانهون ڪري، چلائي، فرياد ڪري، پر غم
جي شدت کان هن پنهنجو گلو گهٽبو محسوس ڪيو. اکين
جو سمورو پاڻي خشڪ ٿي چڪو هو. بدن بيسُرت، ۽ دماغ
ڀاري هو. هٿ ۽ ڪپڙا سڀ رت سان رنڱجي ويا هئا. ڳچ
ڳچ دير کان پوءِ، اوچتو هن جي نظر پنهنجن رت ڀريل
هٿن تي پيئي، ته هوءَ لرزي ويئي..... ’خون!‘ بي
اختيار، منهن کڻي هٿن ۾ لڪايائين. انهيءَ ئي
گهڙيءَ، يڪايڪ هن کي خيال آيو... ’خوني منهنجي گهر
اندر آهي‘.... خوني، قاتل..... پيروءَ جو قاتل....
منهنجي خاوند جو قاتل!..... شيرو؟... شيرو؟....
خوني، قاتل، منهنجي سهاڳ جو چور!....‘ هن جون
نگاهون پيروءَ جي پري تائين پکڙيل رت ڏانهن کڄي
ويون، جيڪو تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڪارن وهڪرن جو
روپ ڏيکاري رهيو هو، پر جنوءَ کي ان ۾ پنهنجي ڀاڳ
سهاڳ جي لالائي نظر اچي رهي هئي. اندر جي اضطراب
کان، هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي. هن جي دل وري تيزيءَ سان
ڌڙڪڻ لڳي، جنهن ۾ جذبن جو هڪ بيپناهه طوفان جاري
هو: ’شيرو خوني آهي! هن هڪ بيگناهه جي حياتي ورتي
آهي.... منهنجي حياتي تباهه ڪئي آهي..... منهنجو
دشمن آهي.... منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي، ڪوبه واسطي
ڪونهي، شيروءَ سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي!....‘
خيالن جي بيخريءَ ۾، جنو ڪوٺيءَ جي دروازي تائين
پهچي آئي. شيرو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو. جنوءَ کي
ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪو ڌاريو ستو پيو هو.
’خوني!.... منهنجي گهر ۾؟.....‘ اکين ۾ رت ڀرجي
آيس. هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ منجهي بيهي رهي، ۽ پوءِ
وڌي شيروءَ جي قريب آئي. شيروءَ جو لاپرواهه چهرو
هن کي بيحد ڀيانڪ معلوم ٿيو. ڪنهن نامعلوم احساس
کان، هن جو سڄو بت ڏڪڻ لڳو. سندس ٿڙڪندڙ ٽنگون خود
بخود پوئتي هٽڻ لڳيون، ۽ ڀت تائين پهچي بيهي
رهيون. ڀت جي ٽيڪ تي رکيل ڪنهن چيز جي ڇهاءَ سان
جنوءَ جي ذهن کي اوچتو جهٽڪو آيو. سندس ڏڪندڙ هٿن
کي زوردار حرڪت آئي، .... ٻيءَ گهڙيءَ سڄيءَ
ڪوٺيءَ ۾ شيروءَ جي گرم رت جا ڦوهارا ڦهلجي ويا.
جنوءَ جو مغز چڪرائجي ويو. هوءَ غش ٿي هيٺ ڪري رهي
هئي، ته شيرو ڦٽُڪي رهيو هو: جنوءَ کي ائين محسوس
ٿيو ته شيروءَ جو وهندڙ رت ڪارو هو... ۽ انهيءَ
ڪاري رت ۾ وهنجي، هوءَ پاڻ به سڄي ڪاري ٿي ويئي
هئي.
(مهراڻ 2-1/1960ع) |