ڇپائيندڙ پاران
ڪهاڻي انساني زندگيءَ جي عڪاس آهي. اِهوئي سبب آهي
جو دنيائي ادب ۾ گهڻي کان گهڻيون ڪهاڻيون لکيون
ويون آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻي پنهنجي پنهنجي دور جي
عڪاسي ڪري ٿي. اوائلي دور ۾ داستان، قصا ۽ لوڪ
ڪهاڻيون مشهور هئا، جيڪي اُن قديم دور جي پس منظر
۾ لکيل آهن ۽ اُنهن مان اُن دور جي تهذيبي، ثقافتي
۽ سياسي، سماجي حالات جي ڄاڻ ملي ٿي.
اهڙيءَ طرح جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، تيئن تيئن
ادب ۾ ترقي ٿيندي رهي ۽ لوڪ داستان ۽ قصا ڪهاڻي-
افساني جو روپ ڌاري هڪ نئين انداز ۾ ادب ۾ متعارف
ٿي.
سنڌ ۾ به جڏهن ڪهاڻي لکي وئي ته سنڌي ادب جا
ڪيترائي ليکڪ هِن صنف تي طبع آزمائي ڪري سنڌي
ٻوليءَ جا ناميارا ڪهاڻيڪار ليکجڻ لڳا؛ انهن مهان
ڪهاڻيڪارن ۾ حميد سنڌيءَ کي هڪ اعليٰ مقام حاصل
آهي، جنهن 1960ع ڌاري ڪهاڻيون لکيون، جن پڙهندڙن
وٽ وڏي مقبوليت ماڻي. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌيت جي جهلڪ
نمايان نظر اچي ٿي.
حميد سنڌيءَ جون ڪهاڻيون اُن وقت جي رسالن ۾
باقائده شايع ٿينديون هيون، جن مان ٽماهي ”مهراڻ“
رسالي جو نالو سرفهرست آهي. شايد ئي ”مهراڻ“ رسالي
جو ڪو اهڙو پرچو هجي جنهن ۾ حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻي
نه ڇپي هجي!
هيءُ ڪتاب ”ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون“ ٽماهي ”مهراڻ“
رسالي ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي. جنهن
کي حميدي سنڌي صاحب مرتب ڪرڻ بعد پروفن تي نظرثاني
ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي اها
ڪوشش رهي آهي ته بورڊ جو جيڪو اصل ڪم آهي، ان
مطابق سٺا ۽ معياري ڪتاب آڻجن جنهن لاءِ جناب
مخدوم جميل الزمان چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جن جي
رهنمائي حاصل آهي جو بورڊ طرفان هينئر تائين سٺا ۽
معياري ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو
پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.
04- ذوالحج 1434هه الهڏتو
وگهيو
10- آڪٽوبر 2013ع
سيڪريٽري
ارپنا
ارپيم اُنهن قرب وارن همسفرن، دوستن، دشمنن جي
نالي جن ماڻهپي ۽ انسانيت جي قحط جي زماني ۾ مون
کي سجاڳ ۽ زندهه رکيو، اصل ۾ اِهي به مالڪ جا ڪرم
باقي هر ڪنهن پنهنجا ناتا اُبتا سبتا نڀايا، ڌڻي
انهن جو به خير ڪري ۽ مون کي ۽ کين به هر شر کان
پناهه ۾ رکي.
دعاگو
حميد سنڌي
2-8-2013
اسان پاڻ کي بهتر نه ٿا سمجهون
اسان رُڳو چئون ٿا ته اسان وٽ ڪارونجهر آهي
جنهن جي چوڌاري ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون
ڦهليل آهن، اسان وٽ ڪينجهر آهي
جنهن تي آڙين جا پر اُڏامندي ونجهه هڻندي ويندا
آهن
اسان کي تاريخ آهي.
۽ اُن ۾ دودي ۽ دريا خان جون دليون ڌڙڪي رهيون آهن
اسان اِهو نه ٿا چئون ته اسان ٻي ڪنهن کان بهتر
آهيون
رڳو اسان مختلف آهيون.
ها اِهو سمجهي ڇڏ!
اسان جي هٿ ۾ جو مانيءَ ڳڀو آهي
اُهو توکي کسڻ نه ڏينداسين
مان جاگرافي جي ڀل آهيان
تاريخ جو اٽل فيصلو آهيان.
(شيخ اياز جي طويل نثري نظم مان کنيل
ڪجهه سٽون- حوالو ساهيوال جي ڊائري
تاريخ 23- ڊسمبر 1968ع)
حضرت نوح ؑ جي ٻيڙي جو مسافر
مون گهڻي وقت کان وٺي ڪهاڻيون جوڙڻ ڇڏي ڏنيون آهن،
مون آبرودار نِجُ سچا پچا، مانائتا، شانائتا
قربدار خالق جي خلقيل ماڻهن، اِنسانن جهڙن ڪردارن
تي ڪهاڻيون جوڙڻ لکڻ ڇڏي ڏنيون آهن، هن سهڻي سيبتي
سنڌو ڌرتي تي جڏهن ڪروڌ، بغض، ڪوڙ بدوڙ سان گڏ حسد
ساڙ ۽ منافقي جا وارَ ٿين، روشن ڏينهن سوجهري کان
محروم ٿي اونداهين راتين ۾ تبديل ٿي وڃن، جت ناحق
ناانصافي جي باهه ٻري ڌرتي ٽامڻي هجي، اُت منهنجا
تخليق ڪيل ڪردار ڪٿي ٿا جيالي سگهن، اهڙين ڪهاڻين
جن نه رُڳو منهنجي اندر ۾ اُميد جا ڏيئا ٻاريا
هئا، پر سڄي سنڌ اندر هن گُڻائي ڌرتي تي رهندڙ
ملهاتي ماڻهن، نيڪي جي پتلن انسانن، مثالي
قربانيون ڏيندڙن جي اندر ۾ به ڪيئي آسرن اُميدن
جهڙيون مشعالون روشن ڪيون هيون، روشن صبحن جهڙيون
جيءَ جياريندڙ گهڙيون ۽ پل جنميا هئا. هاڻ جڏهن
اهنجائيندڙ اهڙو ڪو ڪارو طوفان لڳو آهي جو هن
ڌرتيءَ جيڪا ساهه سرتي آهي تنهن جي وجود سان اهڙا
ڪلور ٿيا آهن جو ماڻهن کان ساهه کڻڻ وسري ويو آهي.
سنڌ جي سرحدن جي گُم ٿيڻ جو انديشو سنڌي ٻوليءَ جي
ٻولاچاري جي گُم ٿيڻ جو امڪان ۽ سنڌي ادب جا سُڪل
سرچشما پسيو ساهوارن جي چشمن جو به پاڻي سڪي ويو
آهي، وائڙائپ ۽ منجهيل هنن مسافرن جو مقدر بڻبي
اها خبر هن ڪهاڻيڪار کي نه هئي جي هجي ها ته مان
هئڙا اُميدن ڀريا جهان نه جوڙيان ها، جن ۾ ٺوٺ
ڌرتي، جو مينهاڻي مست جيڪو ڌرتي دان گهري ٿي جي
گهُر تي ٺوٺ ڌرتي کي رَت پياري ٿو وري جي سگهي ٿو،
ڇا ڪاڪي موتيرام (مرين ته آرهڙ ۾ مرجان) استاد
ڇاڱي مل (مٺوءَ جي ڪهاڻي) زور آور جي مامي جهڙا
ڪردار وري تخليق ٿي سگهن ٿا.
ڪيئن آهن سنجهار (سومون سڀ ڄمار) زهره (سندڙيان
سڱڙي) ڪٿي آهي ڏاڏي سونل (اکڙيون ميگهه ملهار) ۽
ڇوٽڪاري جو پيغام ۽ استاد شفيع محمد (هيءُ زهر ڪير
پيئندو) ڪٿي آهن ايم.آر.ڊي تحريڪ جا ڪردار مولو ۽
رياض. ڇا اِهي چيا وانگر اُڏامي سرڪڻ ڦاهي جو بَکُ
تي ويا. ڇا هيءَ سڀ وَرُ ڳالهائي سگهن ٿا، ڇا
منهنجي سنڌ (جنهن جو ماڊل نوشهروفيروز هئو). اهڙي
انتشار جو شڪار ٿيندي جو حق سچ ڳالهائڻ وارا سڀ
ائين بي قدر روين ڪري آهستي آهستي مرندا ويندا،
ائين جيئن انسان جا اخلاقي قدر، ماپا ماڻ گهُٽجي
ختم ٿي رهيا آهن. اڄ جڏهن منهنجو وطن انهن قدرن
کان اَڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪري ٿو ته پوءِ مان هن
سماج جو هڪ اڻ ڄاتل اڻ سڃاتل فرد جيڪو پنهنجي فن ۽
هُنر سان گڏ مري سگهي ٿو. منهنجو قلم ڪيترين
ناانصافين، چٿيل، انسانيت جي چيخن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ
کان پوءِ به لکڻ کان عاري آهي مون جڏهن پنهنجن کي
پنهنجن جو پڪو پختو ويري بڻجندي ڏٺو، علمي، ادارن
کي بداخلاقي جي وَرُ چڙهندي ڏٺو، زبان بندي مقدر
بڻجي وئي. مون لکڻ ڇڏي ڏنو، هيءُ ڪڻ ڪڻ ريت
ڪهاڻيون مهراڻ ۾ ڇپيل اُنهي دور جون ڪهاڻيون آهن
جڏهن اسان جي سنڌي سماج ۾ جيئڻ جو حوصلو هو. تنهن
ڪري هاڻ هي اُهي ڏياٽي وانگر آهن جنهن ۾ باقي ڪو
تيل رهيو آهي. هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان ڪو وڏا شعلا
ڀنڀٽ ڪري نه ٻرندا، نه اڳ ڪي سماجڪ سڌارا اچي ويا.
انهن سڌارن جي بنياد تي ملڪ ۾ وڏا انقلاب اچي ويا،
وڏا وڏڦڙا مينهن پوندا اڻکٽ وڏن وسڪارن سڪارن جا
ڏينهن ايندا پر ٿيو ائين جو وڏيون ٻوڏون آيون، سڀ
ڪجهه سنڌ سنڌين جو لُڙهي ويو انهن ٻوڏن ۾ سڀ سنڌي
ٻولي جا ڪتاب درسي هجن يا ادبي لڙهي ويا، اُنهن
سان گڏ اسان جو مانُ مرتبو لڙهيو، اسان جي ٻولي جي
الف ب ت ث لڙهي وئي، اسان جي ثقافت جي شڪل ئي ڦري
وئي. ايڏيون ڪي ٻوڙ ٻوڙان ٻوڏيون، طوفان واچوڙا
ايندا آهن ڇا؟ ڇا سنڌ جي نئين نسل لاءِ سمنڊ مان
نئين سنڌ جي ڌرتي نئين سر ڦٽي ۽ ڦاٽي نڪرندي، ۽
سمنڊ جي ٻاهران حضرت نوحؑ جهڙو نسلن جو رکوالو
پنهنجو ٻيڙو جهليو لنگر هنيو بيٺو آهي. انهيءَ
حضرت نوحؑ ڪئين ئي نون نسلن کي ڍوئي هن ڌرتي کي
آباد رکيو آهي. مان هر ڀيري اِنهي حضرت نوحؑ سان
گڏ ٻيڙي جي هڪ ناکئي جي صورت ۾ گڏ آهيان، لنگر اُت
هڻبو جت سمنڊ جو سينو چيري ڌرتي ٻاهر نڪري ايندي
مون کي يقين آهي ته هن ڀيري جڏهن نئين ڌرتي نوان
ويس وڳا پهري پنهنجي نئين روپ ٻهروپ سان سمنڊ چيري
ٻاهر نڪرندي ته مان ۽ حضرت نوحؑ ٻيڙي ۾ سوار
نسلن جي نسلن کي اُنهي تي آباد ڪنداسين ۽ پوءِ مان
اُنهن سنڌ جي نون نسلن تي نئين سر نيون ڪهاڻيون
لکندس جنهن جا ڪردار فرشتن جهڙا ڪردار هوندا.
اُنهن سان گڏ يقيناً فرعونن، راوڻن، ظالمن جهڙا
ڪردار هاڻ ڪڏهن به جنم نه وٺندا. تڏهن مان وَرَ هن
گڻائتي ڌرتي تي هڪ مسافر جيان ٽپ ڏئي لهي پوندس ۽
ڪئين اَڇا اُجرا نون پيغمبرن، نون ولين سان گڏ
هيءَ نئين ڌرتي نئين سنڌ تي لهي پوندا ۽ نئين جنت
جهڙي سنڌ اڏيندا. تيستائين مان نيون ڪهاڻيون نه
جوڙيندس. تيستائين مان هن ڌوڙ ڌڪا، طوفانن ۽ ٻوڙ
ٻوڙان کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي تي ئي اهڙي قبر ۾
داخل ٿي انتظار ڪندس جڏهن ڌرتي سڄي لس ليٽ ٿي
ويندي ۽ پوءِ حضرت نوحؑ يا جهولي لال يا خواجه
خضرؑ جهڙيون هستيون ٻيڙا جهلي وقت بوقت پٺيان
هونديون ۽ سنڌ تي اسان جهڙا سمنڊ جو سينو چيري
نڪرندا ڪو حضرت نوحؑ سان ته ڪو جهولي لال سان گڏ
ته ڪو خواجه خضرؑ سان گڏ، نڪتل هن نئين ٽُٽل ٻوٽي
جيان نئين سنڌ کي آباد ڪنداسين. تيستائين مان
انتظار ڪندس ۽ ڪهاڻيون نه کڻندس منهنجا سائين!
حميد سنڌي
نئين رُت جو
ڪهاڻيڪار
جڏهن منهنجي شعور اک کولي، ان وقت ڏٺم، سنڌي ادب
جي دنيا ۾ شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي، غلام
رباني آگري، جمال ابڙي، مولانا
غلام محمد گرامي ۽ حميد سنڌي جي وڏي هاڪ ۽ ڌاڪ
ويٺل هئي. حميد سنڌي بنيادي طور تي هڪ ڪهاڻيڪار
آهي، پر اُن وقت جي علمي دنيا ۾ سندس رسالي روح
رهاڻ، ٽماهي مهراڻ، ماهوار سهڻي ۽ نئين زندگي
رسالن جو وڏو نالو هو. خاص طور تي ٽماهي مهراڻ جي
علمي حيثيت ۽ منزلت اُن دور جي هڪ مڃيل حقيقت هئي.
هي اُهي ئي ڏينهن هئا اُهوئي وقت هو، جڏهن حميد
سنڌي ۽
روح رهاڻ سنڌ جو آواز ٿي اُڀريا، روح رهاڻ جا جشن،
سنڌ جي حقن جي حاصلات جو هڪ وڏو وسيلو هئا. ان وقت
حميد سنڌي جي ڪهاڻين جو مجموعو ’اُداس واديون‘،
اسان جي هٿن ۾ آيو، ته خبر پئي ته هو هڪ سٺي
ايڊيٽر سان گڏ هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به آهي.
هِتي مان روح رهاڻ رسالي جي جشن وارين تقريبن جو
ذڪر نه ڪندس، ان موضوع تي منهنجو هڪ تحقيقي مقالو
”روح رهاڻ رسالو ۽ شيخ اياز“ ٽماهي مهراڻ ۾ ٻه سال
اڳ چپجي چڪو آهي، هتي موضوع حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين
جي هن تازي مجموعي جو آهي. اهي ڪهاڻيون، ٽماهي
مهراڻ ۾ ئي ڇپيل آهن، انهن کي سنڌي ادبي بورڊ
طرفان سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. يقيناً
اها هڪ سٺي روايت آهي، پر ٿيڻ ائين گهرجي ها ته
حميد سنڌي صاحب جي سمورين ڪهاڻين کي ڪتابي شڪل ۾
آندو وڃي ها، ته جيڪر اها هڪ سٺي روايت بنجي وڃي
ها. جو حال وري به هڪ چڱو ڪم ٿيو آهي، ان لاءِ
سنڌي ادبي بورڊ کي شابس هجي.
حميد سنڌي هڪ حساس، ذهين ڪهاڻيڪار آهي. سنڌي ادب
سان هن جو ساٿ 1960ع کان وٺي هلندو پيو اچي. اڌ
صديءَ کان مٿي جي ان دور ۾ حميد سنڌي وڪيل هجي،
سنڌ يونيورسٽي ۾ ايڊيشنل رجسٽرار هجي، يا پبلڪ
اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال هجي، تعليم کاتي ۾
ڊئريڪٽر ڪاليجز هجي، خيرپور يونيورسٽي جو وائيس
چانسلر هجي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمن هجي يا
وري سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمن هجي، هن سنڌي
ڪهاڻيءَ سان پنهنجي نينهن جو ناتو ڪڏهن به نه
ڇِنيو آهي، اهو ائين کڻي چئجي ته مينهن هجي، يا
کڻي جُهڙ هجي، حميد سنڌي سنڌي ادب ۽ ڪهاڻي نويسيءَ
سان تعلق قائم رهندو پيو اچي.
حيدرآباد شهر، سنڌ جو هڪ آبرومند ۽ سنڌي ادب جو
بيروميٽر شهر آهي، هن شهر جي ادبي سڃاڻپ حميد سنڌي
به آهي، جيتوڻيڪ پاڻ آهي ته ساهتي پرڳڻي جو، پر
نينهن جو ناتو حيدرآباد سان جڙيل اٿس، مان شخصي
طور تي اها ڳالهه چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نٿو محسوس ڪريان.
شيخ اياز کي اسان جي نسل حميد سنڌي جي مخزن روح
رهاڻ ذريعي پڙهيو، سندس ئي روح رهاڻ رسالي جي جشنن
وسيلي کيس ٻُڌو ۽ ڏٺو. اڄ جي نسل کي ته شايد اُن
دور جي مشڪلاتن جو صحيح طريقي سان اندازو ئي
ڪونهي، پر اُهو دور ڏاڍو ڏکيو ۽ ڀيانڪ هو، سنڌ ون
يونٽ جي قهري ڪوٽ ۾ بند هئي. سنڌي اخبارون ان وقت
جون ملڪ جي صدر فيلڊ مارشل صدر ايوب خان جي حڪم
جون غلام بڻيل هيون، سنڌ جي حقن لاءِ قومي اسيمبلي
۽ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ڪوبه ميمبر هڪ اکر
ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه هوندو هو، سائين
جي.ايم.سيد سن ۾ نظر بند ۽ سنڌ سموري ۾ ڄڻ ڪوئي
راڪاس گهمي ويو هو. ڪنهن ديو جي اثر ۾ ماڻهو سمهيل
هئا.
اهڙي دور ۾ سنڌي اديبن جو گڏ ٿيڻ شيخ اياز جو ٻاهر
نڪري اچڻ، هڪ وڏو معجزو هو. اها هڪ وڏي ۽ ڊگهي
تاريخ آهي، ان لاءِ هي صفحا موزون نه آهن، ڇاڪاڻ
ته هِتي ذڪر حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو ڪرڻو آهي.
حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو جڏهن به ذڪر ڪجي ٿو ته
الائي ڇو مون کي لڳندو آهي ته حميد سنڌيءَ کي
ڪهاڻي لکڻ جو ڍنگ، ڏانءُ چڱيءَ ريت اچي ٿو. هن کي
پنهنجي انهيءَ ڏانءُ جي ڄاڻ آهي.
حميد سنڌي بنيادي طور تي هڪ ڪهاڻيڪار آهي ۽ سنڌي
ڪهاڻي، سنڌي ادب جو هڪ مکيه جز آهي. سنڌي ٻوليءَ
جي ڪهاڻين جي تاريخ ۾، لالچند امرڏني مل، امر لعل
هنڱوراڻي ۽ آسانند مامتوراءِ کي وڏي اهميت حاصل
آهي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جمال ابڙي، غلام رباني
آگري، آغا سليم، نسيم کرل، حميد سنڌي، امر جليل،
طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل جي لکڻ جو پنهنجو منفرد
انداز آهي. اصل ۾ پيا نيا انداز ۾ لکيل ڪهاڻين جي
هڪ جدا ٽيڪنيڪ آهي، پر ٽيڪنيڪ جي وصف بيان ڪرڻ به
ڏکي آهي. مواد، اسلوب ۽ هيئت سان ڪهاڻي جڙندي آهي،
سٺو مواد، سٺي ٽيڪنيڪ ۽ وڏي ڳالهه ته ڪهاڻي بيان
ڪرڻ لاءِ نزاڪت، لفظن جي چونڊ ۽ ڪلاڪاريءَ جي
صلاحيت مکيه ڪردار ادا ڪندي آهي. اها ٽيڪنيڪ فقط
جديد ڪهاڻيءَ جي پيداوار آهي، ماضي، حال ۽ مستقبل
هاڻ ڪهاڻيءَ لاءِ ڪائي معنيٰ ڪونه ٿا رکن.
مثال طور، هن ڪتاب ۾ شامل حميد سنڌي جي ڪهاڻي
”ڪهڙي مومل، ڪهڙو راڻو“، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ شاندار
ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اسان جي سماج جي انتهائي
ڏکوئيندڙ... پر حقيقتن کي هن وڏي ڪلاڪاري سان ويهي
بيان ڪيو آهي. ’شانان‘ هن سماج جي هڪ ڇوڪري آهي،
وقت ۽ حالتن هٿان مجبور... خاص طور تي هن دور ۾
اهڙيون ڇوڪريون سدائين اهڙن شڪار ٿينديون پيون
اچن، اسان جي اوسن پاسن کان اهڙا ڪيترائي ڪردار
ٽڙيل پکڙيل آهن. هن بدبودار سماج ۾، مجبورين ۽
حالتن جو شڪار به سدائين عورت ئي ٿيندي آهي. پوءِ
مومل هجي يا کڻي شانان وقت ۽ بيرحم سماج جا اهي
ڪردار اڄ به اسان جي سامهون آهن، پر انهن ڪردارن
تي لکڻ، هڪ وڏو فن آهي.
حميد سنڌي ۽ هن مجموعي ۾ آيل ڪهاڻيون ”زماني جي
دستور“،
”ويريون“، ”سندڙيان سڱري، ڳالهه ڳجهڙي“ پڙهندي مون
کي محسوس ٿيو ته اسان جي ليکڪ وٽ سنڌي سماج جو
ڪيڏو نه وشال ڪئنواس موجود آهي۔ سنڌ
جا ڳوٺ، سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، سنڌ جون پراڻيون
روايتون جيڪي هاڻ موجود نه رهيون آهن، سنڌي ڪردار،
هن جي ڪهاڻين جا موضوع آهن، ماڻهن جي پس منظر ۾
ڳوٺن جو ماحول
موجود آهي. انهن کي ان ڳالهه جو چڱي ريت اندازو
هوندو، ته اهي ڪردار ڪيڏا نه عجيب هوندا هئا،
”زماني جو دستور“ ڪهاڻيءَ ۾ ماما شمن جو کڻي مثال
وٺو، خبر نٿي پوي ته اهي نياز ۽ نوڙت وارا اڻپڙهيل
پر داناء ماڻهو ڪيڏانهن هليا ويا؟ |