هو وڦلندو تيز تيز ٻاهر هليو ويو. زينوءَ کٽ تي
چادر وڌي، وهاڻو رکيو، ۽ ٺهي ٺڪي مٿس ويٺي، هن کي
شاديءَ رات ياد پوڻ لڳي. هوءَ يادن کي ياد ڪندي
اُداس ٿي ويئي. پوءِ اڄوڪيءَ رات کي ياد ڪندي ڪجهه
خوش ٿي. هن کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. ڏکن جي دور
مان لنگهندي، اڄ ئي جمعي کيس چڱيءَ طرح ياد ڪيو
هو. هوءَ انهيءَ سنهري خواب کي ڏسندي ڏسندي آهلي
پئي، ۽ اُنهيءَ ۾ گم ٿي ويئي. هوڏانهن جمعي دل کي
ڏڍ ڏيڻ لاءِ سيٺ سان ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو.
ماٺ ميٺ ۾، نشي ۾ ڏُت سيٽ کي آڏو هلڻ لاءِ اشارو
ڪندي، دروازي جي ڳوڻ مٿي کڻي ڇڏيائين. سيٺ هڪ گندي
مشڪ چپن تي آندي ۽ کيسي ۾ هٿ وڌو، هڪ چڱي خاصي
ڏهين جي نوٽن جي ٿهي ڪڍي جمعي ڏانهن وڌائي. جمعي
ڪي گهڙيون ته نوٽن تي نظرن کي کُپائي ڇڏيو، ۽ پوءِ
نوٽن جي ٿهي ڏڪندڙ هٿن سان ورتائين، سيٺ هِي- هِي
ڪندو اندر ٿيو. سندس کاٻي هٿ ۾ ڀريل بوتل هئي.
جمعو به پٺيان آيس. پوءِ کانئس اڳ نڪري وڃي ڪوٺيءَ
جي در تي بيٺو. هن ڳالهائڻ جي ڪئي، پر ڳالهائڻ
کانئس نڪري ئي نه پيو. ڄڀ خشڪ ٿي وڃي تارونءَ سان
لڳي هيس. جمعي چپ ۾ رهندي سيٺ آڏو اچڻ جو اشارو
ڪيو ۽ در ڏانهن آڱر کنئي. جڏهن سيٺ وڌي دروٽ آيو،
تڏهن جمعي جي آڱر ڪجهه ڦيرو کائي آهليل زينوءَ
ڏانهن اشارو ڪرڻ لڳي. زينوءَ جو جسم ۽ چهرو وڻندڙ
ٿي معلوم ٿيا. سيٺ پنهنجي هلڪي کل جاري رکي، هي –
هي ڪندي اندر داخل ٿيو. پوءِ پٺي ورائي در ڏيڻ
چاهيائين، پر اُن کان اڳ ۾ جمعي جا ڏڪندڙ هٿ
درڏانهن وڌي چڪا هئا. هن در کي ٻاهران ڪڙو ڏنو، ۽
پوءِ هڪ ٿڌو ساهه ڀريو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو ته اهو
سک ۽ سڪون جو ساهه آهي، پر ٻڏل دل ساٿ ئي نٿي ڏنس.
لاچار هيٺ ويهي رهيو. سندس نگاهون ستل ٻارن تي
پيون.’هي ٻه زندگيون ته بچي پيون، جي هڪ زندگي
قربان ٿي ته ڇا ٿيو.‘ هو پوءِ رڙهي ٻارن وٽ ليٽيو
۽ مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳو.۽ پوءِ هن چاهيو ته آرام
ڪري، سڪون واري رات گذاري، جنهن جو صبح اطمينان
بخش هوندو. سندس هٿ بي اختيار کيسي ڏانهن وڌي
ويا. زور ڏيڻ سان نوٽن چرچر ڪئي. هن خوش ٿيڻ
چاهيو، پر هن جي خوشي دٻجي ويئي، جڏهن اندران
زينوءَ جو ڏاڍيان ڳالهائڻ، روئڻ، سڏڪا ۽ ڪشمڪش جا
آواز ٻڌائين. زينونءَ جو روئڻ تي تيز تر ٿيندو ٿي
ويو. هن کي اها خبر ڪا نه هئي ته زينو ڪهڙو خواب
ڏسڻ لاءِ ستي هئي، ۽ جاڳي کيس هڪ ڀيانڪ خواب ڏسڻو
پيو هو. شايد هن کي اها به خبر ڪا نه هئي ته هوءَ
هڪ مشرقي عورت آهي، جيڪا مرڻ گهڙيءَ تائين انهن
سنهرن خوابن کي ڇڏي نٿي سگهي؛ هوءَ به ڀيانڪ خوابن
کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
زينوءَ جي روئڻ ۽ پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوششن جي
آوازن هن کي بي بس ڪري ڇڏيو. هو بي اختيار تڙپي
اُٿيو. سندس ڪنن جا پردا ڦاٽڻ لڳا. هن همٿ کي
پڪاريو، دل کي پڪاريو، ڪنهن کيس جواب نه ڏنو. هن
همٿ هاري ڇڏي، دل کي دٻائي ڇڏيو، پر اُتان ته آواز
ئي عجيب ٿي نڪتا.
”جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو! جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو!
توکي ڪهڙو حق آهي جو ڪنهن کان جيئڻ جو حق کسين؟
عصمت کان سواءِ عورت جي زندگي ڪهڙي؟ هن کي به ته
جيئڻ جو حق آهي. ڇو ته اوهان جون زندگيون قربان
ٿيون، هن زندگيءَ مٿان؟ ڇو نه ائين ٿئي؟ ڇو نه ؟ڇو
نه ڀلا!“ هن ڪنن تي هٿ کڻي رکيا. هوسڄو ڏڪڻ لڳو.
هو بيقرار ٿي ويو. سندس مغز ۾ ڌمڪن وانگر آواز پئي
آيا. سندس سوچ موٽي آئي- سوچ، جا اڳ ۾ هيترو وقت
خاموش هئي، هاڻ موٽي آئي.
”اُف مون هيءُ ڇا ڪيو؟ زينو پنهنجي زال، اُف!
منهنجي مٺي، زينو! اُف، مان ...زال جو ڀڙوو!غيرت،
عزت-خاندان جي عزت، قوم جي عزت، مون بک جي ڀيٽا
رکي! اُف، مون هيءَ ڇا ڪيو؟ پر مان هاڻي ڇا ڪيان؟
او،او الا!“
هو سڄو پگهرجي ويو. سندس جسم ڏڪڻ لڳو هو، ٿڙڪندڙ
ٽنگن سان در ڏانهن وڌيو ۽ يڪدم ڪڙو لاهي ڇڏيائين.
ڏڪندڙ ٽنگ سان در کي ٿڏو هنيائين.پراڻو درکڙ- کڙ
ڪندو کلي ويو.زينو همت وڃائي چڪي هئي، صرف هلڪي
جدوجهد باقي ڪري رهي هئي، هو ساڻي ٿي چڪي هئي.
وحشي درندو هينئر هن تي ڪافي حد تائين قابو پائي
چڪو هو. زينوءَ جا ڪپڙا ڦاٽي ليڙون ٿي چڪا هئا.
سڄي رتورت ٿي وئي هئي. پر هن پڇاڙيءَ تائين عصمت
کي برقرار رکڻ ٿي چاهيو. جمعو اِهو منظر ڏسي ڏڪي
ويو ۽ بي اختيار تکو تکو سيٺ ڏانهن وڌيو. ڇڪي کيس
زينوءَ مٿان پٽيو. هو گهلجي آيو. جمعي کي غيرت جي
باهه ۾ ڪجهه نظر نٿي آيو. هن ابتا سبتا ٽي چار ڌڪ
اهڙا سيٺ کي هنيا جو سيٺ اُتي ساڻو ٿي ڪري پيو.
جمعي سهڪندي سهڪندي کيس گهليو ۽ گهليندو، صفا ٻاهر
موٽر تائين آيو. سيٺ انهيءَ گهلڻ ۾ ويتر اڌ مئو ٿي
ويو. هن آخري ڪوشش ڪري اُٿڻ جي ڪئي، رڙيون ڪرڻ
چاهيون، پر جمعي ڪڍندي ئي کيسي مان نوٽن جي ٿهي
سندس ٻوٿ تي هنئي. پوءِ اهڙو وٺي ٿڏو هنيائين جو
اهو اتي موٽر جي ڦيٿي وٽ پئجي رهيو.
جمعو آهستي آهستي، سهڪندو سهڪندو واپس موٽيو. ڳوڻ
کڻي اندر گهڙيو. بي اختيار کانئس ٿڌو ساهه نڪري
ويو. کيس محسوس ٿيو ته اهو هڪ سڪون جو ساهه هو.
پوءِ آهستي آهستي ڪوٺيءَ ۾ آيو. زينو اُتي ئي هيٺ
ساڳئيءَ حالت ۾ ويٺي هئي. جمعي جي قدمن وڌڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو. هن کان ڪنڌ ئي نٿي کڄيو. هو چپ
چاپ اُتي ويهي رهيو، هيٺ ڪنڌ ڪريو. الائجي ڇو کيس
اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، ۽ اُتي ٻانهن ۾ منهن ڪريو
روئڻ لڳو. زينو روئڻ جي آواز تي ڪنڌ کنيو ۽ ڪي
گهڙيون جمعي کي تڪيندي رهي. سندس اکين ۾ ڳوڙها
تري آيا، پر هن اُنهن کي ڦاٽل چولي سان اُگهيو ۽
آهستگيءَ سان اُتان اُٿي. سورن هنيل جسم کي
گهليندي جمعي وٽ آئي.
جمعي کي الائجي ڇو محسوس ٿي ٿيو ته انهيءَ روئڻ
سان هن کي سڪون ملي رهيو آهي. هو روئندو رهيو. پر
اچانڪ هن محسوس ڪيو ته ڪي قدم وٽس اچي رڪجي ويا
آهن. ۽ پوءِ اُهو جسم هيٺ جهڪيو، ڪي ٻانهون سندس
ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهجي ويون، ۽ هن کي پنهنجن هٿن
تي ڪنهن جو ساهه محسوس ٿيو، ۽ پوءِ پنهنجن هٿن تي
هن ڪنهن جي چپن جي گرمائش محسوس ڪئي. جمعي
آهستگيءَ سان هٿ هٽائي ڇڏيا. زينو ڏانهنس نهاري
رهي هئي. سندس اکين ۾ پيار هو، قرب هو، ۽ اُنهيءَ
سان گڏ همٿ هئي، زندگيءَ جو پيغام هو، هو اُنهن
اکين ۾ گم ٿي ويو. کيس انهن اکين مان هڪ پيغام
مليو- ڄڻ زينو چئي رهي هجي،’سور آهن ته سسئيءَ جي
سورن کان به گهٽ-‘ ۽ پوءِ هن آهستگيءَ سان زينو کي
سيني سان لاتو، ۽ پوءِ سس پس جي انداز ۾ زينوءَ کي
چوڻ لڳو، ”مون کي معاف ڪر، زينو! معاف ڪر، زينو!
اسين انهيءَ زندگيءَ جو مقابلو ڪنداسين-ها،
مقابلو، انهن سورن جو، سسئيءَ وانگر مقابلو! انهن
سورن کي نيٺ شڪست ٿيندي، زينو، ها نه؟“
”ها، منهنجا سرتاج، ها...“زينو سڏڪندي آهستگيءَ
سان وراڻيو، ۽ پوءِ پنهنجو منهن جمعي جي ڇاتيءَ ۾
لڪائي ڇڏيو.
هڪ خواب، هڪ حقيقت
تن ڏينهن مان شيلانگ (آسام) ۾ ٻيلائي کاتي جو وڏو
عملدار هوس. ديس ته ڏاڍو وڻيو هوم، پر هڪ گنديءَ
جاءِ ۾ رهڻ ڪري، اصل مزو ڪونه پئي آيو. پنهنجي
نوڪر ’منگلو‘ کي ڏاڍو چيم ته ڪا سٺي جاءِ يا ڪو
بنگلو ڳول، نه ته هت ته مري وينداسين.
نيٺ شهر جي ٻاهران هڪ ٽڪري تي ننڍڙو پر سهڻو بنگلو
ملي ويو. مڙئي ڪجهه آفيسري رعب ڪجهه منگلوءَ جي
اثر رسوخ ڪري، بنگلو تمام ٿوريءَ مسواڙ تي ملي
ويو.
منگلو آسام جو رهاڪو هو. نهايت شريف ۽ ايماندار.
غربت کيس تمام گهڻو اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو. کيس ٻه
پٽ، هڪ ڌيءَ هئي. زالس گهڻو اڳ مري ويئي هيس. سندس
وڏو پٽ به، زال ۽ چار ٻچا ڇڏي گذاري ويو هو، سڄي
ڪٽنب جو بار مٿس هو. ڌيءَ سامائيل، پٽس ننڍو، ٻيا
پنج ساهوارا کائڻ وارا، تن جي فڪر ڪري هو هميشه
موڙهل پيو لڳندو هو. مون کيس تمام سٺي پگهار تي
رکيو، جنهن ڪري مڙئي سندس مالي حالت ڪجهه سڌري
ويئي هئي. هاڻي کيس رڳي ڳڻتي هئي ته سندس ڌيءَ جي
شادي ٿئي. انهن ڳڻتين جي ڪري هو نئين جاءِ ڳولڻ
کان نٽائيندو رهيو. پر هڪ ڏينهن جو صبح جو نڪتو،
سو منجهند جو موٽي اچي ٽپڙ کڻائي سڌو انهيءَ بنگلي
۾ رکايائين. مان آفيس ڏانهن هوس، اتان سڌو منگلو
مون کي بنگلي تي وٺي آيو. بنگلو نهايت ئي سندر هو.
ننڍڙو سو هو، پر سندس جوڙجڪ اهڙي ته سهڻي ۽ انوکي
هئي جو دل چوي ته رڳو پيو ان کي ڏسجي. تاري وانگر
کڙيل، پنج ڪنڊو باغ وچ تي هوس. ان جي هڪ ڪنڊ کان
بنگلو هڪ سنهيءَ ليڪ وانگر شروع ٿي ٿيو. وچ تي
ڪجهه ويڪرو ٿي، وري سنهو ٿيندو، ليڪ وانگر، ٻيءَ
ڪنڊ تي ڇيڙو ٿي ڪيائين. چنڊ- تاري جو هيءُ ماڊل
مون کي ايڏو وڻيو، جو منگلو کان مسواڙ به نه پڇيم.
ايترو سو پڇيومانس ته هيءُ بنگلو ڪنهن جو آهي.
تنهن جي جواب ۾ هن مون کي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي، جا
دلچسپ ضرور هئي، پر مون بنگلي جي ملڻ جي خوشيءَ ۾
ان تي گهڻو غور ڪونه ڪيو.
ٻئي ڏينهن اسان بنگلي کي صفا ڪيو ۽ سٺي نموني ۾
سجايو. منگلوءَ کي مانيءَ تي دير ٿي ويئي هئي،
تنهنڪري هو ڀڳو بورچيخاني ڏانهن، ۽ مان ڊرائننگ
روم ۾ ويهي ٿڪ پٽڻ لڳس. اڄ مان آفيس به ڪونه ويو
هوس، صرف انهيءَ بنگلي کي سنوارڻ ۽ سجائڻ جي ڪري.
اوچتو گهنٽي وڳي. ڏٺم ته منگلو پوئين پاسي هو. مان
يڪدم اُٿي در تي آيس. ٽپالي بيٺو هو.
”صاحب، سلام!“
”هون. ڇا هي؟“
”پارسل.“
”مون کي ڏي.“ مون بيخيالي ۾ پارسل وٺي، رسيد تي
صحيح ڪري ڇڏي. پارسل کڻي آڻي ڪوچ تي ڦٽو ڪيم، تڏهن
اوچتو منهنجي نظر ايڊريس تي پئي: ”اندر!--- اندرس
نواس---- شيلانگ---- آسام.“
”هيءُ پارسل منهنجو ته نه آهي، پوءِ موٽائي ڏيڻ
گهرجي.“ يڪدم مان ٻاهر ڀڳس. اوچتو مون کي ياد آيو
ته ’اندر نواس‘ ته هيءُ ئي آهي! مان وري واپس اچي
ڪوچ تي ويهي رهيس.
”اندر نواس!“ منهنجي ذهن تي اکر اُڀريا...
”اندر!... اندر نواس!“ مون کي منگلو جي ٻڌايل
ڪهاڻي ياد اچڻ لڳي.
هيءُ بنگلو سيٺ سندر داس پنهنجيءَ اندر الاءِ
ٺهرايو هو. هوءَ بمبئيءَ جي چترڪار اسڪول ۾ ڊپلوما
ڪري رهي هئي. هن کي بنگلو اصل نه وڻيو هو. هت صفا
ڪانه رهي. وري موٽي بمبئي ويئي، جتان وري واپس نه
موٽي. ڪن ته چيو ٿي ته ڪنهن سان ڀڄي ويئي. پڻس
سندس ڳولا ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڏنو. نيٺ هو چريو ٿي
پيو ۽ سيگهه ئي مري ويو. ’اندر نواس‘ ويران ئي
رهيو. جائيداد سڄي مائٽن ۾ ورهائجي ويس. هيءُ
بنگلو به هڪ ڪنگال مائٽ کي هٿ اچي ويس، ۽ اهو وري
اچي ويو منگلو جي آور ۾، جنهن کيس چڱي مسواڙ ٻولي،
۽ ائين اسان اچي هتي واسو ڄمايو.
اوچتو مون کي پارسل جي يادگيري آئي. پارسل ڪافي
ڊگهو ۽ ويڪرو ٿي لڳو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنهن تصوير
جو فريم هو. الائجي ڇو، منهنجا هٿ بي اختيار ان جي
چوڌاري ويڙهيل رسين کي ٽوڙڻ ۾ لڳي ويا. تان خبر
پيئي جو مون آڏو هڪ ڪاٺ جو فريم هو، جنهن تي باقي
هلڪو پنو چڙهيل هو، جنهن مان ڪنهن جي چتر پئي
جهلڪا ڏنا. اتي مون کي احساس ٿيو ته مون پارسل
کولي غلطي ڪئي آهي، پر پوءِ آخري پنو به هٽي ويو.
مان ڪي گهڙيون ته يڪٽڪ انهيءَ فريم ۾ پيل چتر کي
ڏسندو رهيس. منهنجي سامهون هڪ فنڪار جو اعليٰ پر
سندر خواب هو. پينسل جون ڪي ڦهليل ريکائون هيون،
جن گڏجي هڪ جسم کي جنم ڏنو هو. ڇا اهو جسم، ڇا اُن
جو مک- سندرتا جي انتها هئي. سندريءَ جي چهري تي
گنڀيرتا ڇانيل هئي. اُن گنڀيرتا پهريائين ته رعب
ٿي وڌو، تنهن کان پوءِ ظاهر ٿي ٿيو سندريءَ جو هٺ
۽ غصو- ۽ اهائي فنڪار جي خوبي هئي ته هوءَ انهيءَ
هٺ ۽ غصي جي عالم ۾ ڪهڙي نه خوبصورت ٿي معلوم ٿي!
اهو سڀڪجهه صرف چند ليڪن جو کيل هو. سندس لباس به
ٻن ٽن لڪيرن سان ظاهر هو- ڄڻ ڪنهن فرشتي کي ڪو اڇو
ڊگهو جبو پارائي ڇڏي ڏنو ويو هجي. فنڪار جو تخيل
خوبصورتيءَ جو بهترين مثال هو: هڪ خوبصورت معصوم
فرشتو، غصي جي عالم ۾، ان ۾ به وڻندو هجي! فنڪار
ٻه ضد پاڻ ۾ ملائي، ان سنگم کي سندرتا بخشي هئي.
هڪ ڳالهه جا تصوير ۾ سڀني کان مختلف هئي، سا هئي
سندريءَ جون اکيون: گول گول، ڪاريون، ڊگهن ڇپرن
سان ڍڪيل، جن ۾ غصي جي بجاءِ هڪ عجيب مڌر جوت هئي،
جا سندس ڪردار کي وڌيڪ جِلا بخشي رهي هئي.
اوچتو منهنجي نظر تصوير جي هڪ ڪنڊ تي پيئي:
”هيءَ روپ- ڀيٽا اُهي، اُن روپ کي، جو هن کان
مختلف نه آهي. روپ؟“
مون ان جملي کي ور ور ڪري پڙهيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش
ڪئي. نيٺ انهيءَ نتيجي تي پهتس ته هيءَ تصوير
اندرا جي ئي آهي، جا حسين پر مغرور، هٺيلي ۽ غصيلي
هئي. سندس ڪردار جي اها ادا ڪنهن چترڪار کي وڻي به
آهي، ته ان سان گڏ کٽڪي به آهي، ڇاڪاڻ ته لڳي ائين
پيو، ڄڻ ته سندس ڪردار جي انهي پهلوءَ چترڪار کي
اندرا جي ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي، جنهن ڪري هو هميشه
ڏکويل رهيو آهي. پر، الائجي ڇو، اکين جي انو کائپ
مسئلي کي ڪجهه منجهائي ڇڏيو. اکين جي جوت، پيار ۽
ڪجهه ٻين گڏيل جذبات کي ظاهر ڪري رهي آهي.
مون به وڌيڪ سوچڻ کي ڇڏي، تصوير کي کڻي اچي آتشدان
مٿان ڪارنس تي رکيو. پوءِ ٿورو پرڀرو ٿي کيس وري
جاچڻ لڳس. مون کي سندس بيهڻ جي انداز ڪافي متاثر
ڪيو هو. ان ۾ بيباڪي هئي، جان هئي، جنهن کيس بلڪل
زنده انسانن جي صف ۾ ٿي بيهاريو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ
ته هوءَ زنده ڪارنس تي بيٺي آهي: سندس هڪ هٿ سفيد
جبي جي ڪنڊ کي ڪجهه مٿي کنيو بيٺو آهي، جنهن سان
سندس رعب وڌيڪ نمايان ٿي ويو آهي، ۽ ٻئي هٿ سان ڪو
اشارو ڪري رهي هئي. الائجي ڇو، مان ائين محسوس ڪرڻ
لڳس ته واقعي هوءَ تصوير مان نڪري آئي آهي، ۽ ڪو
حڪم ڪري رهي آهي: ’هيءُ ڪم ڪر، هو ڪم ڪر، تکو ٿي!‘
مان سندس تحڪمانه انداز تي ڪجهه ڇرڪجي ويس. يڪدم
اکيون کڻي مَليم، پر ڏٺم ته ساڳي تصوير هئي. انوکن
جذبن جو انوکو مجموعو. ۽ مون کان زبان مان نڪري
ويو، ”ڪاش، اها زنده هجي ها، ۽ مان بنا ڇهڻ جي کيس
ائين ڏسندو رهان ها!.... ڪاش!....“
۽ پوءِ مون کي پنهنجي انهيءَ خواهش تي کل اچي
ويئي. منهنجي کلڻ جي آواز تي منگلوءَ، جو شايد
ڪنهن ڪم سان مون ڏانهن ٿي آيو، هڪدم ڊڪ پاتي ۽
چيائين:
”سائين، سڀ سک!“
”ها، ڇو؟“
”الائي، بابوجي، توهان جو ائين پنهنجي ليکي کليو،
سو يڪدم وهم اچي ويٺم. بابوجي، هونئن ئي هت ڀوت
پريت گهڻا آهن. نه بنگلي لاءِ به ماڻهو ائين چون
ٿا. سو اوهان مڙئي خيال ڪجو، ڀڳوان پيو ڪرپا ڪري!
شائين، جاءِ جي تنگي نه هجي ها ته اسين هت هن رهون
ها. پر مجبوري..... اڙي هيءُ ڦُوٽو ڪٿان آيو؟“
”هڪ دوست موڪليو آهي.“
”پر، بابوجي، هيءَ ته ڪا آسامي عورت لڳي ٿي!“
”ها، اندرا جي تصوير آهي.“
”اندرا جو ڦوٽو! توهان کي ڪٿان هٿ آيو؟ پر
بيهو.... سچ، هيءَ ته اندرا آهي.. نس پس اندرا!
سندر، تيز، پر سٺي ڇوڪري.“
منگلو الائجي ڇو اداس ٿي ويو، ۽ پوءِ ماٺ ڪري،
تکو تکو بورچيخاني ڏانهن هليو ويو. مون کي ائين
لڳو، ڄڻ منگلو ڪا ڳالهه مون کان لڪائي رهيو آهي،
هو اندرا جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ڄاڻي. دل چاهيو ته
کيس سڏيان، ۽ کائنس پڇان اندرا جي جيون- ڪٿا. پر
پوءِ سوچيم ته ڪنهن جي جيون- ڪٿا ۾ گهُري وڃڻ سان
ڇا ٿو ٿئي: جڏهن ان جي گهاريل جيون جو هڪ عڪس ئي
سڄي جيون جي اُپٽار ڪري رهيو آهي، ته پوءِ باقي
رهيو ڇا؟ ۽ پوءِ مان وري گم ٿي ويس ان لڪيرن ۽
ريکائن جي ديس ۾. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ ته اهو
ديس ئي حقيقت آهي، باقي سڀ ڪوڙ.
مون کي چٽو پٽو ياد آهي ته اهو سڄو ڏينهن منهنجو
ڪيئن گذريو. تصوير ڪارنس تي رکي هئي. مان سامهون
ڪرسي وجهيو ان کي تڪي رهيو هوس. ان ۾ ايترو ته گم
رهيس جو منگلوءَ ٻه ٽي دفعا مانيءَ جو پڇيو، پر
مون ٽاري ڇڏيومانس. مان جنهن ديس جو سير ڪري رهيو
هوس، تنهن جي منگلوءَ کي ڪهڙي خبر؟
دراصل مان انهيءَ ڪوشش ۾ مصروف هوس ته اها تصوير
جاڳي، ڪَرَ موڙي اُٿي، منهنجي تصور تي ڇانئجي وڃي،
بلڪل منهنجي مرضيءَ مطابق، جيئن مان کيس چوريان،
تئين چري، لطيف لهرون من ۾ پيدا ڪري. پر پوءِ ڏٺم
ته شام ٿي ويئي، ۽ مان ناڪام رهيس. هوءَ ساڳئي
انداز ۾ مون تي ڇانيل رهي. رُعب ۽ تمڪنت سان گڏ،
هراسيندڙ ادا! نيٺ مون منگلو کي سڏ ڪيو ۽ ماني
کاڌم. منگلو خاموش هو. هن ڪنهن قسم جو تبصرو
منهنجيءَ محويت تي نه ڪيو، پر مون چاهيو ٿي ته هو
ڪجهه پاڻيهي چوي، اندرا جي ڪردار جي وڌيڪ اُپٽار
ڪري، تان ته هوءَ وڌيڪ واضح ٿي منهنجن جذبن مٿان
ڇانئجي وڃي. پر جڏهن ڏٺم ته هو ڪجهه خاموش ڪجهه
اُداس ٿي رهيو، تڏهن کيس کولڻ لاءِ کائنس پڇيم:
”ڇا ڳالهه آهي، ڪاڪا منگلو، ڪجهه اُداس آهين؟“
”ڪجهه ناهي، سائين. مڙئي آهي جِندگي گذارڻي.“
”آخر، چئه کڻي!“
”سائين، ساڳي پراڻي ڳالهه آهي. جمنا جي سسرال وارا
گهڻو جهيز گهرن. نه ته چون ڇوڪري نه کپي! مان غريب
ڪٿان ايترا جيور ۽ ڪپڙا، ڏيان؟ ڇوري به وڏي ٿي
ويئي آهي. سائين، بس، وڏو سور اٿم انهيءَ جو، ڇا
ڪريان! پر سائين، اوهين ڇو ويچار ڪريو؟ ڇڏيو
انهيءَ ڳالهه کي، اوهين ماني کائو.“
منگلو ائين چئي چپ ٿي ويو، ۽ الائجي ڇو، مان به
ڪجهه چئي نه سگهيس. ماٺ ڪري ماني کاڌم، ۽ پوءِ
ٻاهر نڪري باغ ۾ ڦرڻ لڳس. منگلو جي ڏک جي خيال
ڪجهه دير مون کي به دُکي ڪيو، پر پوءِ اندرا جو
ساڳيو روپ منهنجن خيالن مٿان ڇانئجي ويو. پر صرف
انهيءَ ويچارسان، ڄڻ مون کي هراسي رهي هجي. بس، جي
ڪجهه ڪوملتا هئي، سا سندس اکين ۾ هئي. مون گهڻي ئي
ڪوشش ڪئي ته هوءَ چُري پُري ۽ پنهنجي هستيءَ کي
جلا بخشي، پر هوءَ خاموش، هڪ ڀت مئل، ائين ئي
ڇانيل رهي. مان وري ڇڪجي واپس ڪمري ۾ موٽي آيس.
منگلو کي مون رات جي مانيءَ لاءِ جهلي ڇڏيو، ڇاڪاڻ
ته منجهند جي ماني دير سان کائڻ ڪري پيٽ تي ڪافي
بار پئي محسوس ڪيم.
مان ساڳي ڪرسي تي ويهي رهيس. تصوير وري منهنجي
سامهون هئي. اوچتو مون کي هڪ خيال آيو ته فنڪار
جهڙي لباس ۾، جهڙي لباس ۾، جهڙي انداز سان ان کي
بيهاريو آهي، ان ۾ نزاڪت يا لطافت ته ڪڏهن به پيدا
ٿي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو مون کي هُري آيو ته عورت کي
لطيف ۽ نازڪ بڻائڻ لاءِ لباس ۽ زيور گهڻي قدر
ذميوار آهن.
منهنجون نگاهون سندس اڇي جبي کي جاچي مايوس ٿي
ويون. ۽ پوءِ سندس خالي ڳچيءَ جي چوڌاري ڦري، وري
ٻانهن تي اچي بيٺيون، اتان لهي، سنهڙين آڱرين تي
آيون: ’نه هار، نه چوڙي، نه منڊي..... بس، اها
تصوير فنڪار پنهنجي لاءِ ئي ٺاهي آهي، اسان جي
تصور تي ڇانئجي نٿي سگهي!“ مان اهو سوچي اُٿيس.
اوچتو منهنجي نظر پنهنجيءَ آڱر ۾ پيل سونيءَ،
قيمتي ٻڙي واريءَ منڊيءَ تي پيئي، جا مون کي مڱڻي
جي موقعي تي ڏني ويئي هئي. منڊيءَ کي ڏسندي ئي مون
کي ڪجهه ياد پيو. مان يڪدم پنهنجي سامان واري ڪمري
ڏانهن ڀڳس، پيتي کوليم، جنهن ۾ هڪ قيمتي بنارسي
ساڙهي ۽ ٻه جڙائو سونا ڪنگڻ پيا هئا، جيڪي مون
پنهنجي شاديءَ لاءِ گڏ ڪيا هئا.
ٻئي شيون کڻي، مان واپس ڊرائنگ روم ۾ آيس. آهستي
آهستي، تصوير ڏانهن وڌيس. منهنجون نگاهون هر
ساڙهيءَ کي، هر ڪنگڻن کي، ۽ هر منڊي کي تڪي، وري
اچي اندرا تي کتيون ٿي. مون سوچيو ٿي ته ڪيتري نه
سندريءَ جي سندرتا وڌي ويندي، هن وڳي ڍڪڻ سان ۽
زيورن پائڻ سان! مان لباس ۽ زيورن کي سندس آڏو
ائين جهلي بيٺو هوس، ڄڻ ته سندس ڏاج کڻي ٿي آيس.
مون سندريءَ جي آڏو لباس رکي، تصور ۾ کيس اهي زيور
۽ اهو لباس پهريل ڏسڻ ٿي چاهيو، پر ڏٺم ته اندرا
جي بت جي ساڳي حالت هئي. تصوير، تصويرئي رهي هئي،
منهنجو ذهن ڪافي ٿڪجي چڪو هو، ۽ مان پنهنجي
تصوراتي مقصد ۾ ناڪام ٿيو هوس. مون ڪجهه خار سان
لباس، منڊي ۽ ڪنگڻ اُتي ئي ڪارنس تي ڦٽا ڪيا، ۽
موٽيس پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ڏانهن. سمهڻ جي ڪوشش
ڪيم. پر ننڊ ئي نه اچي، تصوير جي سندرتا جي ڇايا
ڇانيل ئي رهي. مان ان جي تصور کي موڙڻ سوڙڻ جون
ڪوششون ڪندو رهيس. گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ ياد
آيم ته ڊرائنگ روم جا در کليل ۽ بتيون ٻريل ڇڏي
آيو آهيان. مان آهستگيءَ سان اُٿيس ۽ واپس ويهڻ
واري ڪمري ۾ آيس. بتي وسائڻ چاهيم، پر قدم ڌڪجي
آتشدان تائين ويا.
’اُف، هيءَ بيجان سونهن! ڪاش، جيڪر هيءُ روح ئي
هجي، پر تصور ۾ ته مختلف ادائن سان اچي، تشنه آتما
سڪون ته حاصل ڪري، باقي هن هٺ، غصي، ۽ هڪ ئي
سهڻيءَ پر مغرورانه ادا سان ڇا ٿو ٿئي!‘ سوچيندي،
مون ڪارنس تي پيل ساڙهيءَ، ڪنگڻ ۽ منڊيءَ تي نظر
وڌي، ۽ محسوس ڪيم ته واقعي هيءُ سندرتا جو مجسمو
هن لباس ۽ زيورن کي پهري، ته جيڪر لباس ۽ زيورن جي
خود سونهن وڌي وڃي ها، هو ٻهڪي اُٿن ها.
مون ڪنگڻ آڱرين ۾ جهليا، منڊي کڻي، آڱر ۾ ورائي
پائي ڇڏيم، ساڙهي کي ڪلهي تي رکي، اچي بتيون وسايم
۽ در ڏنم، ۽ پوءِ واپس آيس سمهڻ واري ڪمري ۾،
ساڙهي پلنگ جي مٿن کان پيل ٽيبل تي ڦٽي ڪيم، ڪنگڻ
کي حفاظتي طور وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيم، ۽ پوءِ کڻي
پاڻ کي پلنگ تي سٽيم، آهستي آهستي، ننڊ جا پنک مون
مٿان ڇانوَ ڪندا ويا.
ڪا مهل ٿي ته مون محسوس ڪيو ته ڪير منهنجي وهاڻي
کي هيٺ مٿي ڪري رهيو آهي. مون وهم سمجهي، پاسو
ورائي ڇڏيو. پر پوءِ پنهنجين آڱرين تي ڇهاءُ محسوس
ڪيم، ۽ هڪ آڱر کي سخت ڇڪ آئي. مان يڪدم ٽپ ڏيئي
اُٿي ويهي رهيس. واقعي، هڪ پاڇو منهنجي مٿي کان
بيٺو هو! هاڻي هو رڙ هي پرڀرو ٿي ويو هو. مون يڪدم
اُٿي بتي ٻاري.
’هان، هيءُ ڇا!‘
مان حيران ٿي ويس..... ساڳي تصوير، ساڳيو روپ،
ساڳي ادا، ساڳيو هٺ ۽ غصو! بس، فرق رڳو ايترو هو
جو هن جي هٿن ۾ ساڙهي، منڊي ۽ ڪنگڻ چمڪي رهيا هئا،
۽ هوءَ جيئري جاڳندي منهنجي سامهون هئي، هُن يڪايڪ
سامان ورائي ٽيبل تي ڦٽو ڪيو، ۽ سندس قدم مون
ڏانهن وڌيا. منهنجي ويجهو اچي، گهُور ڪري، هوءَ
خار ۽ غصي وچان مون ڏانهن نهارڻ لڳي.
”اندرا.... ديوي!“
”ها، اندرا، پر تنهن سان تنهنجو ڇا؟“ هن جا نازڪ
چپ غصي وچان ڏڪي رهيا هئا. مون سندس اکين ۾
نهاريو، جت ڪجهه نرمي هئي، پر اتي به مون هينئر
تيزي ڏٺي. سندري تمام گهڻو ناراض ٿي ڏٺي.
”اوهين ناراض آهيو؟“
”تو گهر آئي جو اپمان جو ڪيو!“ هن جي لهجي ۾ تيزي
هئي.
”اپمان؟“ مان حيران ٿي ويس.
”ڪي شيون سوکڙيءَ طور اَرپي، انهن کي موٽائي وٺڻ،
ڄڻ ته مان انهن جي لائق ئي نه هيس.... اپمان ناهي
ته ٻيو ڇاهي....“
”مان شرمندو آهيان، اندرا ديوي! هيءُ سڀڪجهه توهان
جو ئي ته آهي، توهين ڀلي کڻو. پر....“
”پر ڇا؟“
”پر مان چاهيان ٿو ته توهين هڪ مهرباني مون تي
ضرور ڪندا وڃو: پنهنجيءَ ڪٺورتا ۽ غصي کي ڪوملتا ۽
مڌرتا ۾ بدلي ڇڏيو ته منهنجيءَ تشنه آتما کي سڪون
ملي!“
”هون، سڪون! سڪون واري ڪُٽيا ۾ رهندي به سڪون جي
ڳولا؟ پر توکي جنهن سڪون جي ڳولا آهي، اُهو ڪڏهن
به نه ملي سگهندو. اهو سڪون ڪوملتا ۾ مڌرتا جو
نچوڙ آهي: پر جيئن اهي شيون خود اڻلڀ آهن، تنهنڪري
اهو سڪون به اڻلڀ آهي!“
”پر مان پنهنجي من کي ڇا ڪريان، جو ان تي ضد ٻڌي
بيٺو آهي؟“ مون بيتاب ٿيندي چيو.
”من کي مار! هون، جي من کي انسان ماري ها ته جيڪر
ههڙا افعال ئي نه ٿينس ها، تنهنڪري، توکي به من جي
مارڻ جو، تن کي تسيي ڏيڻ جو اُپديش ڏيڻ بيڪار
آهي.“
هوءَ آهستي پٺتي هٽي، در وٽ وڃي بيهي رهي. هوا جا
هلڪا لوڏا سندس لباس ۽ سهڻن گهاٽن ڪارن وارن کي
لوڏي رهيا هئا. هن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو. سندس
اکين جي انوکي جوت موٽي آئي هئي.
”ڪن کولي ٻڌ ته تون جنهن ڪوملتا ۽ مڌرتا جي تلاش ۾
آهين، سا ته توکي ڪٿي به نٿي ملي سگهي. مون جيڪي
ڪجهه انهيءَ دنيا ۾ رهي محسوس ڪيو آهي، ان جا آثار
تون منهنجي چهري تي پسي سگهين ٿو. فنڪار جي ليڪن
بلڪل صحيح نموني ۾ منهنجي ضمير، منهنجي روح کي
چٽيو آهي. مون کي غصو آهي، دنيا جي اڍنگيءَ هلت
چلت تي، مون کي بانور آهي، پنهنجي پاڪ ۽ نيڪ ضمير
تي، مون کي هٺ آهي، پنهنجن خيالن تي، جن جي مدد
سان مون هڪ الڳ دنيا ٺاهي آهي.“
”الڳ دنيا؟“
”ها، الڳ دنيا.... ليڪن ۽ ريکائن جي دنيا، جت خيال
جو واسو آهي ۽ هٿ چُرن ٿا، زندگيون جنم وٺن ٿيون:
پاڪ، نيڪ نيت، دنيا جي بغض، حسد ۽ ڪيني کان
اڻواقف، دکن کان پرڀرو، سک جي ڇانو ۾، پنههنجو
جيون، پنهنجي دنيا! بس، ائين چئجي ته هيءَ خيالي
تخليق، حقيقي يا مادي تخليق کان به مٿڀري آهي.
جيتوڻيڪ خيالن کي جنم ڏيڻ واري هستي خود مادي
تخليق آهي.“ |