’زندگي
بڻجي نه شل سسئي جا سور!‘
” اُف، هيءَ حياتي آهي! لعنت آهي هن جيئڻ تي. حيف
اٿئي ڙي جمعا، حيف اٿئي. ٿڪون اٿئي. او الا، ڇا
ڪريان، ڪاڏي وڃان، بکن وچان ڳري ڪنڊا ٿي ويو
آهيان، بار به نٿو ڍويو پڇيم، ٻچڙا ڌار پيا بک
مرنم، آخر ڇا ڪريان؟...ڪجهه نٿو ڄاڻان، ڪجهه نٿو
ڄاڻان...“
جمعي پنهنجي ليکي ڀڻ ڀڻ ويٺي ڪئي، ۽ پوءِ دک
درد جي پيڙا وچان ٻانهن ۾ کڻي منهن لڪايائين، ۽
کيس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. دل چيس ته ڏاڍيان روئي،
پر چوڌاري نظر وڌائين ته ڪير به ڪو نه هو. هو هڪ
اُجاڙ هنڌ بيٺو هو. پر پوءِ چيائين ته روئندس ته
ڇا ٿيندو؟ نڪي ڪو ٻيو ٻڌندو، ۽ نه وري ڪو لڙي اچي
آٿت ڏيندم ۽ مدد ڪندو. اهو ويچاري هو ماٺ ڪري
اُتان اُٿيو. جنهن سر تي ويٺو هو، تنهن کي کڻي
اهڙو ته زور سان زمين تي سٽيائين جو اُها ڀڳي سا
ڪا نه، باقي هڪ اُڇل کائي، ٻيءَ اُڇل سان زمين ۾
پيهي ويئي؛ ۽ کيس ائين محسوس ٿيو ته حياتيءَ ۽
سورن جو پاڻ ۾ اهڙو ڳانڍاپو آهي، جهڙو زمين ۽
سِرَ جو. هو مٿي کي ڌوڻيندو اڳتي وڌيو.
هو سوچيندو هليو ته آخر ڇا ٿيندو:هن حياتيءَ جو
ڇا ٿيندو، سندس ٻن ٻچڙن جو ڇا ٿيندو، سندس زال
زينوءَ جو ڇا ٿيندو، انهيءَ بک جو ڇا ٿيندو، جيڪا
ڏينهن کان سندن در اندر پيهي آئي آهي.
ڀرنڊ جو هاري جمعو اڄ شهر ۾ بک مري رهيو هو. اُهو
هاري جنهن اَن اُپايو، ٻين جي بُک اُجهائي، اڄ اهو
بکايل هو، سندس ٻچڙا بکايل هئا. کيس اُنهيءَ گهر
کان بي گهر ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس ابن ڏاڏن دونهين
دُکائي هئي؛ کائنس اُها زمين کسي ويئي هئي، جنهن
تي سندس وڏن ۽ پاڻ لوڙائو ڳائي، هر هلائي جيوَن
جياريو هو. اڄ ٻين جي جيوَن کي ڇڏي کيس پنهنجي
جيوَن جي ڳڻتي لڳي هئي. زمين تان هڪالجڻ کان پوءِ
هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ٻئي زميندار جو هاري ٿي
وڃي؛ پر گهڻيءَ هڻ هڻان کان پوءِ به کيس مايوس
ٿيڻو پيو، ڇاڪاڻ جو زميندار وٽ گهُرَ گهڻي ۽ مال
ٿورو وارو حساب هو. کوڙ هاري بي گهر ٿيا هئا. ڪي
ڪٿي لڳي ٿي ويا ته واه، نه ته گهڻن شهر جو رستو
ورتو هو. سوچ اها هين ته مزوري ڪري پيٽ
پالينداسين. پر شهر ۾ مزوري ته ڇا، پر حياتي خود
ڏکي ٿي پيئي هئي. سورن جا انبار، حياتي مختصر،
ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃجي. هڏ هڻي مسين وڃي ڪو ٽڪر نصيب
پوندو هون.
پر جمعي کي آئي به ٽي هفتا ٿي ويا هئا، پورهئي کي
ڳولي ڳولي ساڻو ٿي پيو هو، پر نڪي مزوري نڪي
پورهيو، نڪي حياتي؛ هر هنڌ بک ڙي بک !
ڪي ڏينهن ته زينوءَ جا ٽپڙ وڪڻي هن ڪم ٽپايو. هڪ
ڀڳل جهوپڙين مان هڪ جهوپڙي مڙئي ڏوڪڙ سوڪڙ ڏيئي
ورتائين. في الحال اَجهو ڪري پوءِ لڳو روزگار
پٺيان؛ پر ڏٺائين ته هت سواءِ پِن جي ٻيو ڪو ڌنڌو
ڪونهي. پنهنجي جسم کي ڏسي شرم پئي آيس ته ڪيئن
پنان. پر اڄ جڏهن هو سوچ ويچار ۾ ڦرندو گهرندو هن
ويراني ۾ اچي پهتو هو ۽ پنهنجي بت ڏانهن نهاريو
هئائين، ته کيس چڱيءَ پر معلوم ٿي ويو هو ته هو
اڳيون جانٺو جوان جمعو ڪونهي- بس ائين پئي لڳو ته
هو شايد پنڻ جي لائق ٿي ويو آهي.
هو انهيءَ پنڻ ۽ بک جي مسئلي تي ويچاريندو، آهستي
آهستي شهر ڏانهن وڌندو ويو. شهر ۾ گهڙندي ئي هن
خيال ڪيو ته پني ڏسجي، پر الائجي ڇو دل ئي نه
مڃيس. هو دل ڏاڍي ڪري هڪ ڀر واريءَ هوٽل جي ٻاهران
بيٺو. هوٽل ۾ وڃڻ ۽ نڪرڻ وارا ته کوڙ هئا، پر هن
کي الائجي ائين ڇو محسوس ٿيو ته هو به بکايل آهن.
گهڻن جا بت ڏٻرا هئا، ڪپڙا ڦاٽل هئن، منهن تي
ويراني، جيڪڏهن ڪن هڪٻئي سان ڳالهايو ٿي ته سندن
چپن تي هڪ ڦڪي بدنما مرڪ ڦهلجيو ٿي ويئي. هوٽل مان
گهڻن نڪرندڙن جي منهن مان ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ
ته هو خالي وڃي ۽ خالي اُٿي آيا آهن. شايد اڌ بک،
سڄيءَ بک کان وڌيڪ عذاب مثل هئي، جنهنڪري سندن
منهن وڌيڪ بي رونق ٿيندا ٿي ويا.
جمعي جي دل چاهيو ته هو به هوٽل ۾ گهڙي وڃي- جي هو
ماني کائي نه سگهي ته کائيندڙن کي ڏسي مَنَ سندن
بکايل پيٽ کي آٿت اچي- پر يڪدم اهو خيال لاهي
ڇڏيائين. کيس اِهو هڪ اهڙي عذاب مثل معلوم ٿيو،
جنهن لاءِ ڪو به ماڻهو ائين چئي ٿي سگهيو ته هن
پنهنجو پاڻ کي ڦاهو ڏنو آهي.
اچانڪ هن کي گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻچڙن جو ۽ زال
جو خيال آيو. هن يڪدم ڇرڪ ڀريو. ”الا! مون سڄي
ڏينهن ۾ صرف بک جو خيال پئي ڪيو آهي، نڪي ٻچڙن
جو...!“ هو تکو تکو شهر جي انهيءَ ڀڳل ڦٽل علائقي
ڏانهن آيو، جتي زندگيءَ جاپاسا ڇليل هئا، حياتيءَ
جو لباس تار تار هو، ساهه اُگهاڙو هو، دم بيدم هو.
جمعي جا تکا تکا قدم الائي ڇو جهڪا ٿي ويا. هو
پنهنجي جهوپڙيءَ تائين پهچندي بيهي رهيو. پنهنجي
جهوپڙيءَ ڏانهن نهاريائين- تڏن ۽ مٽيءَ جي ليپ سان
ٺهيل هڪ جسم، جو گهڻي قدر ڀُري چڪو هو. سندس اندر
اوندهه هئي- ازل جي اوندهه. هن جا قدم وڌيا. هو
آهستي آهستي ڳوڻين جي ٺهيل آڳر ۾ داخل ٿيو، سندس
ٻه ٻار زمين تي ستل هئا. سندس زال اندر تڏن جي
ٺهيل، ڀڳل ڪوٺيءَ ۾ هئي.
هو اندر ويو. زينو ڏيئي کي ٻريل ڪاٺيءَ جي چڻنگ
سان ٻارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
”زينو، ڏيئو ائين ڪٿي ٿو ٻري، ٻرڻ لاءِ گهڻي باهه
کپيس.“
زينو ڪاٺي هيٺ رکي ڏانهنس نهاريو.
”ڪجهه ٿيو؟“
”نه.ڇا ٿيندو- جڏهن نه رڳو اسين بُکارا آهيون، پر
ڪروڙين بکايل آهن. نه اُنهن جي لاءِ ڪجهه ٿيو
آهي، نه اسان لاءِ ڪجهه ٿيندو.“
”سائين، پوءِ ڀلا آخرڇا ٿيندو. اسين سڀ بک مري
وينداسين. اڄ ٽيو ڏينهن لنگهڻ کي هو. مسين مسين
ٽڪر پاڙي وارن ڏنو، سو ٻارڙا کائي ستا. سڀاڻي ڇا
کائيندا، تنهن جي لاءِ آخر ڇا ڪبو؟“
هن پريشانيءَ وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
”زينو، آخر تون ائين ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان. مزوري
ڪرڻ چاهيم، مزوري نه ملي؛ پنڻ چاهيم، پني نه
سگهيس؛ آخر ڇا ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ توکي ٿو ڏسان ته
هنيانءُ ٿو ڇڄيم. ڇا تنهنجو اڳيون جوڀن، ڀريل جسم،
ٽماٽي جهڙا ڳاڙها ڳل ۽ تن تي سُرهيي تيل سان
چمڪايل ڪارن وارن جو نقاب...۽ اڄ-اڄ تنهنجو هڏن
نڪتل جسم، سڪل پِيلو منهن، اڻڀا وار...اُف-ڇا وري
علڻ ۽ حمل جو حال ٿيو آهي!سچي گيهه ۽ مکڻ ۽ کير تي
پليل ڳاڙها ڳٽول ٻار، اڄ بکارا سمهن ته ڇا، جي ٽڪر
اَڌ ملين ته ڇا. ڀلا، ڪاڏي وڃان؟ الا، ڇا ڪريان؟“
هو روئڻ لڳو. زينو جي اکين ۾ خود ڳوڙها ڀرجي آيا،
پر هن يڪدم ڳوڙها رئي جي پلاند ۾ جذب ڪري ڇڏيا.
پوءِ ڪجهه سوچي، جمعي ڏانهن وڌي. سندس هڪ هٿ جمعي
جي ڪلهي تي هو، ٻيو هٿ سندس ڳلي جي چوڌاري. هن
سندس منهن ۾ نهاريو، ۽ جمعي ڪنڌ مٿي کڻي ڏانهنس
نهاريو.
”سائين، جي ائين همٿ هاربي ته ڇا ٿيندو. مون کي ته
ڀروسو آهي انهيءَ مالڪ تي، جنهن اسان کي خلقيو
آهي. هو ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪندو. آخر هيءَ دنيا به
ته هلي پئي، جي ڪروڙين بکايل آهن ته ڪروڙين جيئن
به ته پيا. شايد اهو ڏينهن اچي جو اسين اُنهن
ڪروڙين ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃون، جن کي جيئڻ جو حق
آهي. هن کي آخر ڪجهه ڪرڻو آهي. جي هو سڀني کان
جيئڻ جو حق کسي ڇڏي ته کيس خالق ڪير سڏي، سندس
نالو ڪير ڳنهي. توهان اُٿو، همٿ سنڀاريو. ڪجهه نه
ڪجهه الله ڪندو ته ٿي پوندو.“
جمعي ٿورو ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ پوءِ ڪنڌ کي ٿورو ڌوڻي،
ٿڌو ساهه ڀريو ۽ فرش تان اُٿي ٻاهر آيو.
ٻاهر اچڻ سان هڪ هوا جو جهوٽو سندس بت کي لڳو، ۽
هن محسوس ڪيو ته هو سڄو پگهر ۾ شل هو ۽ انهيءَ
جهوٽي ڪجهه کيس فرحت ڏني آهي. هن جي دل چاهيو ته
اهڙا جهوٽا اچن- من ڪجهه فرحت ڏين، آٿت ڏين، شايد
ساهه کي آس ٿئي.
هو اڃا هيٺ پيل ڳوڻيءَ تي ويٺو مس ته زينو ماني
کڻي آيس. ٿاليءَ ۾ خشڪ چانور، ٿورو ٻوڙ، مٺا چانور
هئا، هو وائڙو ٿي ويو ته هيءُ سڀ ڪٿان آيو.
”قدرت جو به شان آهي. اسين بکارا، ته ڪن کي گهڻو
ڏيئي ڇڏي. پاڙي واري ڪلو خان جي گهر اڄ ته گهڻو
ڪجهه پڪو هو. جهوپڙي سا اسان وانگر ڀڳل اٿن، پر
کائڻ لاءِ ۽ پهرڻ لاءِ سڀ ڪجهه اٿن. ڏاڍا ٻوڙ
پلاءَ پڪا اٿن. جوڻس نوان ڪپڙا کڻي پاتا هئا. ڏاڍو
پائوڊر ۽ سُرخي هنئي هئائين. هر هر پئي مون ڏي
آئي- شايد ڏيکارڻ- ۽ پوءِ ڏئي ويئي هيءَ ماني،
ٻارڙن کاڌي، ڪجهه توهان لاءِ بچائي رکيم.“
”ها، زينو، ڌڻيءَ جو شان نرالو آهي. جنهن کي وڻيس،
تنهن کي ڏئي. ڀلي ججهوئي ڏئين، رڳو اسان کي تڳڻ
لاءِ ڏئي. هونئن اسان جا سور گهڻا ته ڪونهن ڪي-
صرف آهي پيٽ جو مسئلو، نه ته سور آهن ئي سسئيءَ جي
سورن کان به گهٽ. ڌڻي جي عرض آگهائي ته پِن جو ٽڪر
پيٽ نه پويئون.“
”ها، آهن ته سسئيءَ کان گهٽ سور، پر بک جا سور
جڏهن اچي گڏجن ٿا، ته پوءِ زندگي سڄي سسئيءَ جا
سور بنجيو پوي. ماني کائو نه، ڇا ٿو سوچيوويٺا؟“
”ڪجهه نه. تو به ته ماني ڪا نه کاڌي آهي.“
”توهان کائو، مون کي بک ڪانهي.“
”ڏس، زينو، مون کي وڌيڪ نه ڏکوءِ، اڳي ئي ڏکويل
آهيان. پنل سنل ٽڪر مليو آهي، ته به رزق آهي.
هاڻي ائين نه ٿيندو جو مان کان ويٺو ۽ تون ڏسين
ويٺين. ڄاڻ اٿم ته تون به ٽن ڏينهن کان بکايل
آهين، ۽ مان به. هلي آ ته کائون.“
جمعي ۽ زينوءَ مڙئي ماني کائي هنياءَ جهل ڪئي.
جمعي سمهڻ چاهيو، پر آئيندي جي ڳڻتيءَ کيس سمهڻ نه
ڏنو. هو آهستي ڇنل ڳوڻيءَ تان اُٿيو ۽ در تي ڏنل
ٽپڙي کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. کڙڪي تي زينوءَ نهاريو.
”ڪاڏي ٿا وڃو؟“
”اِتي ئي، ٻاهر هوا ٿو کان.“
”پري نه هليا وڃجو. ٻه پهر ته رات جا ٿيا هوندا.“
”نه نه، اتي ئي ٻاهر بيٺو آهيان.“
هو ٻاهر آيو ته ڪجهه سڪون محسوس ڪيائين. کليل هوا
کيس ڪافي فرحت ڏني. هن چاهيو ته انهيءَ سڄي حصي ۾
گهمي، سو هڪ طرف کڻي رخ رکيائين. هڪٻئي ۾ بيٺل ۽
ڳنڀيل جهوپڙيون، گنديون ناليون، سوڙهيون گهٽيون.
هو گهڻو پري وڃي نه سگهيو ۽ واپس موٽڻ لڳو. هن کي
انهيءَڳالهه حيرت ۾ وڌو ته گهڻين جهوپڙين مان ٽهڪن
۽ خوشيءَ جا آوازٿي آيا- سنهڙن مٺڙن ٽهڪن سان گڏ
ڪي بيسُرا ڪرخت ٽهڪ؛ ڪن کي ته خاموشي ئي نصيب هئي.
هن سوچيو ته اها به رب جي جوڙ آهي. ڪٿي سورن جو
سانگهارو، ڪٿي خوشيءَ جا انبار. هو آهستي آهستي
سوڙهي گندي حصي مان نڪري ساڳئي کليل حصي ۾ آيو،
جتي سندس جهوپڙي هئي. اها جمعي جي خوش قسمتي هئي
جو کيس جهوپڙي صفا ٻاهرينءَ حد تي ملي هئي. جمعي
جي جهوپڙي جي آڏو ميدان هو- خالي، وِيران ميدان،
جنهن جي هڪ ڇيڙي تي هي ڇنل ڦاٽل جهوپڙيون هيون.
جمعي کليل هوا ۾ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پوءِ هڪ سروٽو
کڻي اُن تي ويهي رهيو. ويٺي ويٺي هن آسپاس نهاريو.
ڏٺائين ته ڪلو خان، سندس پاڙيسري، اڇن اُجرن ڪپڙن
۾، پان وات ۾، هر هر اندر ٿي آيو ۽ وري اندر ٿي
ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪلو سري سندس ويجهو آيو.
هن کانئس ڀڳل سنڌيءَ ۾ حال احوال پڇيو.
”ڇا حال هئي، جمعا سائين؟“
”ٺيڪ آهي. تون ٻڌاءِ.“
”بس، موج ئي موج هئي سائين. ٻيڙي پيو.“
”جمعي ڪلوءَ کان ٻيڙي ورتي ۽ تيليءَ جي روشنيءَ ۾
ڏٺائين ته ڪلو خوش خوش هو. ڪا دير هو ماٺ ۾ رهيا.
تان ته هڪ موٽر پڪي رستي تان ميدان ۾ لٿي ۽ سڌو هن
ڇيڙي ڏانهن رخ رکيائين. ڪلو ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. سڌو
پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن ڀڳو، جمعو وائڙو ٿي ويو.
موٽر چيچاٽ ڪندي اچي سندس ڀرسان بيٺي. جمعو به ٽپ
ڏيئي کڙو ٿيو. انهيءَ موٽر مان هڪ سيٺ ٿلهو
متارو، ٿڙندو ٿاٻڙندو لٿو. هن ڪجهه جمعي کان پڇڻ
چاهيو، پر ڪلو تکو تکو موٽر ڏانهن ڀڄندو آيو.
”آئي. سيٺ صاحب، اِدهر تشريف لائي. آئي، سرڪار!“
سيٺ ڪنڌ ڌوڻيندو، هلڪا ٽهڪ ڏيندو، ڪلوءَ سان هليو.
جمعي حيرانگيءَ وچان بيٺي تماشو ڏٺو- تان ته خبر
پئي جو سيٺ ڪلوءَ جي جهوپڙي ۾ بنا ڌڙڪ هليو ويو،
اڃا جمعو انهيءَ ويچار ۾ هو ته ڪلو تکو تکو ٻاهر
آيو، ۽ يڪدم اچي موٽر جو دروازو کوليائين. جمعي
ڏٺو ته هن اندران نئڙي ڪا شي کنئي. ڪلو پوءِ
دروازو بند ڪري پنهنجي جهوپڙي ڏانهن وريو، جمعي
جي ڀرسان لنگهيو ته جمعي جي نظر وڃي ٻن بوتلن تي
پئي. ڪلوءَڏانهن نهاريندي پنهنجا پِيلا ڏند ڪڍيا،
۽ بيشرمائيءَ سان هِي –هِي ڪندي پنهنجي هٿ ۾ بوتل
سان گڏ جهليل نوٽن جي ٿهي ڏيکاري. الائجي ڇو، جمعي
کي ائين محسوس ٿيو جو سڀ ڪجهه سمجهي چڪو آهي- هو
ويرانيءَ ۾ بهار جو مطلب سمجهي چڪو آهي- ڪنهن گل
جي خوشبو تي ڀونئر مست ٿي آيو آهي، ۽ سڏي اچڻ وارو
هڪ مالهي آهي- انهيءَ باغ جومالهي، جنهن کي ڪنهن
ڏينهن اُهو گلن جو ٻوٽو ڏاڍو پيارو هو، پر اڄ جڏهن
کيس انهيءَ ٻوٽي جي آبياري ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هو،
تڏهن هو ٻئي ڪنهن کي وٺي آيو آهي ته من انهيءَ جي
اچڻ سان ٻوٽي جي شادابي قائم رهي- پر شايد هن کي
اها خبر ڪانه هئي ته هيءَ مست هاٿي کيس پنهنجي
پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيندو. ڪلوءَ جي زال هن ڏٺي
هئي، ههڙو حسن هن جهوپڙيءَ ۾! اڄ وري کيس اُهو
ڏينهن به ياد پئي پيو، جڏهن هن کيس سڄو ڏينهن
روئندو ڏٺو هو؛ ۽ کيس اُهو ڏينهن به ياد آيو.
جڏهن هوءَ تمام خوش هئي، ۽ اڄ ڏينهن تائين خوش
رهندي ٿي آئي- شايد هن پاڻ کي حالتن پٽاندر هلڻ
لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو.
الائجي ڇو جمعي کي ڏک ٿيو ۽ چيائين ته هو هن هڪ
بيڪس لاءِ ٻه ڳوڙها وهائي. پر هو وهائي نه سگهيو.
هن ڪلوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن نهاريو. اُتي هينئر
روشني گم ٿي چڪي هئي. ڪلو ٻاهر ڏانهنس اچي رهيو
هو. هن کي ڪلوءَ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. هن يڪدم
نظر ڦيرائي ٻين جهوپڙين ڏانهن ڏٺو. چوڌاري اوندهه
جو واسو هو. کيس ائين محسوس ٿيو ته هو اوندهه ۾ سڀ
ڪجهه ڏسي رهيو آهي: هو انهن ٽهڪن جو سبب ڄاڻي ٿو،
هو خوشيءَ جو سبب ڄاڻي ٿو، گهٽين ۾ چهل پهل جو سبب
ڄاڻي ٿو، هن کي سڄي ماحول کان نفرت ٿيڻ لڳي. هن جي
دل چاهيو ته ڀڄي وڃي، پري، جتي هي سڀ ڪجهه نه
هجي... ۽ واقعي هن قدم کنيا ۽ بيخبريءَ ۾ وڃي
ڪلوءَ سان ٽڪريو.
”ڪاڊي، جمعا سيٺ!“
”اِتي، سمهان ٿو وڃي، ننڊ ٿي اچي.“
”اڀي ننڊ! هل ته عيش ڪريون. نوٽ آهي، نوٽ! ڇمون
بائيءَ جو گانو ٻُڌون. هل، هلون، پاگل!“
جمعي جي دل چاهيو ته هو کيس زال جي ڀڙوي سان
پڪاري گاريون ڏئي. پر پوءِ چپ چاپ سور پي، هو
پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن تکو ٿيو.
”اري!اري، ناراج آهي، جمعا! ڇو؟ اوه، مان سمجهيس،
مان زال جو ڀڙوو آهي! ها، مان زال کان پيشو ڪرائيس
ٿو. ها، پر جمعا سيٺ، ائين نه ڪرون ته هي ڪنو پيٽ
ڪيئن کائي. مون به جمعا سيٺ تو طرح فاقا ڪڍيا،
مزوري ڪرڻ لاءِ دوڙيو، پر ڪجهه نه ٿيو، دوست، ڪجهه
نه. نيٺ مون پنهنجي جال کي بيچيو. جال، جا منهنجي
زندگي هئي، جمعا! پر هن زندگيءَ کي، زندگي جي
ضرورت هئي، جمعا. دنيا ۾ ته دوست سڀ ڪجهه چلتا
هئي. زندگي کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“
الائجي ڇو جمعي کي ڪلوءَ جي لٿل منهن ۽ بيچارگيءَ
مان ڳالهائڻ کي ڏسي رحم اچي ويو، ۽ هن ڪجهه وڌيڪ
نه سوچي، آهستگيءَ سان ڪلو جي پٺيءَ کي ٺپريو ۽ چپ
چاپ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو. چنڊ جي هلڪي
روشنيءَ ۾ هن سڄي وايو منڊل تي نظر وڌي. ننڍڙي
آڳر ۾ ڦهليل ٽي ڪمزور جسم، ٽِئي معصوم. هو ڪي
گهڙيون پنهنجي ٻارن ۽ زال ڏانهن نهاريندو رهيو.
پوءِ الائجي ڇو هن کي زينوءَ جي معصوم چهري تي
ڏاڍو پيار آيو. هو ڪي وکون کڻي زينوءَ جي مٿن کان
بيهي هيٺ جهڪيو، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان وارن کي
سنواريندي، هن چاهيو ته زينوءَ جي ڪومل سنهڙن
چپڙن کي چمي. جيئن هو جهڪيو، تيئن هن کي ائين لڳو
ڄڻ ته زينوءَ جا چپ ڦڙڪي رهيا هئا، ڪجهه چئي رهيا
هئا. هن جو ڪنڌ جتي هو اُتي بيهي ويو. زينو ننڊ ۾
الوٽ وڦلهي رهي هئي- ”سڀاڻي ڇا ٿيندو... ٻچڙا ڇا
کائيندا.. .سڀاڻي ڇا ٿيندو...؟“
جمعي جي ڪنن ۾ شيهو ٿي پگهربو ويو. هن سوچيو،
’واقعي سڀاڻي ڇا ٿيندو، ٻچڙا ڪٿان کائيندا‘، هن وٽ
هاڻي وڪڻي کائڻ لاءِ به ته ڪجهه ڪونهي. پر پوءِ
الائجي ڇو يڪدم کيس ڪلوءَ جا اکر ياد پيا- ”نيٺ
...مون پنهنجي جال کي بيچيو.. .سيٺ، وڪڻڻ لاءِ
باقي جال باقي آهي، ٻيو ته ڪجهه ڪونهي.“۽ واقعي
جمعي جي دل چيو ته اِهو به داءُ آزمائجي.”زندگيءَ
کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“ هو بي اختيار ٽپ
ڏيئي اُٿيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. هن کي ڪجهه سُجهيو
نٿي ته هو ڇا ڪري. ٻاهر ڪير به ڪو نه هو، ڪلو نوٽن
جي ٿهيءَ سان شايد عيش ڪرڻ ويو هو. ميونسپالٽيءَ
جي بتيءَ جي جهڪي روشني جيتوڻيڪ پري هئي، ته به هو
ميدان جو جائزوچڱيءَ پر ٿي وٺي سگهيو. سڄيءَ فضا
تي خاموشي ڇانيل هئي. هو رڙهي سيٺ جي بيٺل موٽر جي
ڀرسان آيو. موٽر کي هٿ لاتائين ته ائين محسوس ٿيس
ته ڄڻ برف تي هٿ پيس. هن کي اُها ٿڌاڻ وڻڻ لڳي. هن
چاهيو ته ان جي ٿڌاڻ تي ليٽي پوي، شايد اندر جي
اُٻ نڪرڻ بند ٿئي. هو اڃا ڪجهه سوچي ئي رهيو هو ته
سندس منهن تي روشنيءَ جا ڪرڻا اچي پيا. هن اوڏانهن
نهاريو. هڪ موٽر ساڳي راهه وٺيو ميدان ۾ گهڙي پئي
هئي. هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو.
”شايد ڪو سيٺ آهي-“
هن جي دل ڏڪڻ لڳي. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته
سندس ساهه قبض ٿي رهيو هو. هن دل ٻَڌڻ چاهي. پر هن
ڏٺو ته هو سڄو پگهرجي چڪو آهي. هن جي همت سڄي
هارجي ويئي. هن سوچيو ته هو اهو ڀڙوت جو ڪم نٿو
ڪري سگهي. هو
انهيءَ جي لائق ناهي. هو
ڪنهن به ڌنڌي جي لائق ناهي. هو
ماٺ ڪري هيٺ ويهي رهيو. هن
موٽر جو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ويٺي
ويٺي هن کي خيال ٿيو ته موٽر ڇو نه پهتي. هن
تڪڙو تڪڙو ميدان ڏانهن نهاريو. نيٺ
هن جي نگاهه موٽر جي پٺين ڳاڙهين بتين تي پئي. موٽر
جي سيٺ جو شڪار ڪجهه پرڀرو وارين جهوپڙين ۾ هو. هن
شڪر جو ٿڌو ساهه کڻڻ چاهيو، پر
محسوس ڪيائين ته ڄڻ هن جي دل چئي رهي آهي ته اها
جيڪر هيڏي اچي ها. هن
’انڪار‘ ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر
دل چويس ته ’ٻچڙن جو ڇا ٿيندو...سڀاڻي ڇا ٿيندو؟“۽
هن جي دل پنهنجو پاڻ ٻڌجڻ لڳي. هن
جي همت واپس اچڻ لڳي- ’جيڪر
اها موٽر هيڏي اچي...موٽر هيڏي اچي!‘
اچانڪ هن کان دٻيل هلڪي رڙ نڪري ويئي. موٽر
اُتان موٽي هن طرف رُخ رکيو هو. جيئن
موٽر ويجهو پوندي ٿي ويئي، تيئن
هن جي دل وري ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو، موٽر
بلڪل ويجهو اچي پئي هئي. هن
دل کي ڪافي حد تائين مضبوط ڪيو، پر
پوءِ يڪدم ڪجهه خيال اچي ويس. هو
موٽر کي هٿ جو اشارو ڪري، جهوپڙيءَ اندر وٺي ڀڳو.
اندر زينو اگهور ننڊ ۾ ستل هئي .تکو تکو ڏانهس
وڌيو ۽ جهڪيو. هن کي ائين لڳو ته سندس هٿ ڏڪڻ لڳا
آهن. پر پوءِ هڪ جهٽڪي سان هٿ ڇنڊي زينوءَ کي
ڌونڌاڙيائين.
”زينو...زينو...زينو!“
”ڇو؟ڇا هي؟“
”اُٿي، تکي ٿي. اندر ته هل“
”ڇو؟......“
هوءَ وڌيڪ سوال نه پڇي سگهي. هو ڪجهه سمجهي ويئي ۽
شرمائجي ويئي. ڪنڌ هيٺ ڪري ڪوٺيءَ اندر هلي. جمعو
تکو تکو ساڻس گڏ ويو. ڀڳل ٽرنڪ کي کولي، منجهس پيل
ڦاٽل ڪپڙن کي اُٿلائي پٿلائي هڪ پراڻو پر ڌوتل رئو
ڪڍيائين. زينو ڏانهنس ٽيڏيءَ اک سان ڏٺو، کيس رئو
ڪڍندي ڏٺائين، ته ويتر شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري
ڇڏيائين. جمعو تکو تکو رئو کڻي ڏانهن آيو، ۽ مٿس
وجهڻ چاهيائين. هن کي الائجي ڇو ڏک ٿيڻ لڳو-
الائجي ڇو- ڇو؟ هن وڌيڪ سوچڻ يا محسوس ڪرڻ بدران
مٿس رئو وڌو.”زينو، تون ٺهي ويهه، مان اچان ٿو. هن
کٽ تي هوءَ ٽنگيل چادر لاهي وڇائي ڇڏ. هان، ٺيڪ آ
نه، ٺيڪ.“ |