سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:11 

هوءَ دروازي کان هٽي آئي ۽ گل محمد کي اشارو ڪيائين. کيس ڪمري ۾ اچي ويهاريائين. هوءَ خاموش صوفي تي ويهي رهي. دروازي جو کڙڪڻ بند ٿي ويو. چوڌاري خاموشي ڇانئجي ويئي. هوءَ خلا ۾ گهوري رهي هئي ۽ اُڀا ساهه کڻي رهي هئي. ائين ماڙيءَ جي ٻي ڏاڪڻ جو در کڙڪڻ لڳو. اُهو در جتان اقبال ايندو هو. اُهو در جيڪو اڳ ڪڏهن نه کڙڪيو، هوءَ ان در کي سندس اچڻ جي ويل کان اڳ ئي کولي رکندي هئي. در پهريائين آهستي پوءِ ڏاڍيان کڙڪڻ لڳو. گل محمد کڙڪي تي کڙو ٿي ويهي رهيو ۽ ڏانهس تڪڻ لڳو. هو هراسيل پئي لڳو. مومل جهٽ رکي اُٿي ۽ پوءِ ڪمري جي ٻاهران ئي اُن در جي ويجهو ويئي. هن لوهي در جي لوهي ڪڙي کي چيڪ ڪيو ۽ پوءِ اُن کي چڱيءَ طرح بند ڪيو. قدمن جي آواز ۽ دروازي کي ڇڪي بند ڪرڻ مان اقبال محسوس ڪيو ته مومل ئي در جي پريان بيٺي آهي.

”مومل! مومل...!“

”ڪير آ“، اوچتو مومل ڳالهايو.

”مان آهيان تنهنجو راڻو، مومل!“

”ڪهڙو راڻو؟ مان ڪنهن راڻي کي نٿي سڃاڻان. هِت ڪابه مومل نه رهندي آهي.“ مومل جي اندران ائين آواز نڪتو، جو هوءَ پاڻ حيران ٿي ويئي. انهن لفظن ۾ سندس پيڙا سمايل هئي.

”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ. منهنجي شادي زوريءَ مائٽن ڪرائي آهي. مان ساڳيو ئي تنهنجو آهيان، تو جيئن چوندين مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. مان ته توسان شادي ڪرڻ لاءِ اڄ به تيار آهيان، تون به رڳو ها ڪر. دروازو کول من! مون کي ٻڌ ته سهين.“

اقبال جو آواز رئڻهارڪو هو، پر هن جو هيترا ڏينهن لوڙيو هو، فراق جون گهڙيون گهاريون هيون. هن دفعي سندس دل لوڏو ئي نه کاڌو. مومل ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪمري ۾ هلي آئي. گل محمد وري اُٿي بيٺو. هن ڪمري جي در بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ٽنگ ٽنگ تي رکي. وڏي طمطراق سان صوفي تي ويهي رهي. هن سائيڊ ٽيبل مان سگريٽ ڪڍي دُکايو. هوءَ اقبال سان گڏ سوٽا هڻندي هئي پر هاڻي ته آئي وئي پيئندي هئي. دروازي کڙڪڻ جو آواز جهڪو ٿيندو ويو ۽ پوءِ بند ٿي ويو. مومل گل محمد کي اشاري سان وهڻ جو چيو، پوءِ ڏاڍي کڙائي سان چيائين:

”گل محمد! تو سويل ڇا چيو هو.“

گل محمد سندس هيءُ رخ ڏسي گهٻرائجي ويو. کيس هيءَ مومل ئي نه پئي لڳي، جنهن جي چهري تي عجيب سختي هئي. هوءَ حاڪماڻي انداز سان سگريٽ پي رهي هئي.

”جي، الائجي ڇا چيم“.

”هاڻي ئي وسارين ٿو. تو چيو هو ته توکي ڪير ايڏو پيار ڏئي ته تون به رڳو نئون نه پر نوبنو به ٿي پوندين، ۽ تون ان جا پير ڌوئي پيئندين.“  

گل محمد منجهيل هو، پر هن ٻه دفعا ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.

”توکي جي ايڏو پيار ملي ۽ جي ’مان‘ به ملي وڃان ته تون...“ هو هڪو ٻڪو ٿي ويو.

”راضي آهين يا نه.“

”مان ۽ نه راضي ٿيان“، گل محمد ٻئي صوفي تان اُٿي اچي سندس پيرن ۾ ويهي رهيو.

”جيئن چوان تيئن ڪندين.“ مومل جو انداز حاڪماڻو هو.

”تون حڪم ته ڪر سانئڻ! مان تنهنجو ٻانهو ٿي گذاريندس.“

هن سندس مضبوط جسم ۽ ڳاڙهي بَکندڙ چهري کي ڏٺو، پوءِ سندس ملڪيت جي باري ۾ سوچيو ته سندس دل ٽپا ڏيڻ لڳي. بنهه خوشي ۾ نه پيو ماپي.

”تون رڳو حڪم ڪر سانئڻ!... حڪم سانئڻ.“ هو ڄڻ وڦلي رهيو هو.

”توکي مون سان شادي ڪرڻي پوندي.“

”قبول آ.“

”پر اڄ جو اڄ. ڪلاڪ جي اندر... نڪاح جو بندوست ڪر. امان، ماسي ۽ نينگرين کي گهرائي وٺ. ٻه چار ماڻهو پڻ، دير نه پوڻ کپي.“

هو يڪدم اُٿي بيهي رهيو.

”ڳالهه چڱيءَ طرح ٻڌ. ٻاهريون سڀ کٽون وڇرائي اُن تي چادرون وجهرائي ڇڏ. مٺائي چانهه پاڻي جو به بندوست ڪر. هاڻي تکو ٿي، دير نه پوڻ کپي. سمجهيئه.“ هو ائين ڊوڙيو جو کيس خبر نه پئي پئي. ڪيترا دفعا ته ٿاٻڙيو. هيءَ پويان ڏاڪڻ تائين آيس.

”گل محمد! آهستي... هن ماڙيءَ جي هر ڏاڪڻ ڏکي آ. چڙهڻ به ڏکي ته لهڻ به ڏکي.“ پوءِ هن دروازو بند پئي ڪيو ته اقبال گل محمد کي ٿيلهو ڏئي مٿي چڙهڻ جي ڪئي: ”پري ٿي گل محمد!“

”ڪير آن تو؟... خبردار ميان! جو پرائي گهر جي ڏاڪڻ ٽپيو آهين.“ مومل اُتان ئي رڙ ڪئي. سندس رخ ئي ڦريل هو. هيءَ مومل ئي ٻي هُئي.

”مان اقبال! تنهنجو راڻو، ڇا ٿيو آ توکي.“

”ڪهڙي مومل، ڪهڙو راڻو؟ ڇو ڇتو ٿيو آهين. مان شانان آهيان ڌي رجب علي. گل محمد سان پنهنجي رضا خوشيءَ سان هاڻي هن وقت ئي نڪاح ڪري رهي آهيان، سمجهيئه ميان محمد اقبال.“

پوءِ هن گل محمد کي گهوري ڏٺو.

”گل محمد توکي غيرت نٿي اچي؟ هيءُ ڪير ٿيندو آ جو ائين گهر ۾ گهڙي اچي.“ هاڻ گل محمد جو وارو هو. هن ٿيلهو ڏيئي اقبال کي پٺتي ڪيو ۽ ڏاڪڻ مان ڌوڪيندو هيٺ ويس. مومل وري گل محمد کي سڏ ڪيو.

”سائين گل محمد...!“ گل محمد ’سائين‘ ٻڌي ٺري پيو.

”ٻڌو،... بينڪ واري چوڪيدار کي چئو ته هاڻ هن در جي سنڀال ڪري، توهان جلد موٽجو... پهريائين امان جن کي موڪلجو.“ هن دفعي هن جو لهجو به ٻيو هو. هن مٿيون دروازو بند ڪيو. هن جي هلڻ ۾ کڙائي هئي هو. پڪا پختا قدم کڻي ڪمري ۾ آئي. آئيني آڏو بيٺي ته هوءَ مومل نه پر شانان هئي. هن ڪٻٽ مان زريءَ جو ڀريل ڀلو وڳو ڪڍيو. وهنجي سهنجي تيار ٿي نڪتي. وڳو پائي، سينگار سڙو ڪيائين، ته هوءَ پاڻ کي نه پئي سڃاڻي سگهي. کڙڪي تي دروازو کوليائين. ماڻس اچي ڀاڪر پاتس، مٺيون ڏنائينس. هن رئي سان ڪنوار وانگر مٿو ڍڪيو ۽ ٽپ ڏيئي پلنگ تي پلٿي ماري ويهي رهي. ٻاهران هاڻ ماڻهن جا آواز اچي رهيا هئا. هن وڏو ٿڌو ساهه ڀريو، پوءِ نياڻين کي ڀر ۾ ڪري ڀاڪر ۾ قابو ڪيائين. چيائين، ”ڏسي اچو، گهوٽ آيو آهي.“ هو هن جي سرتين وانگر ٽهڪڙا ڏيڻ لڳيون، هو به ساڻس گڏ کلڻ لڳي. پوءِ هو کلنديون ٻاهر هلي ويون.

هوءَ خاموش ويٺي هئي. سڀ ڪجهه خاموشي سان ٿي ويو. نڪاح ٿيو، ڇوهارا ورهايا ويا. آهستي آهستي ماڻهو به هليا ويا. ماڻس به نينگرين کي وٺي هلي ويئي. هوءَ ائين ئي پلنگ تي ويٺي هئي. ڪافي دير گذري ويئي پر گل محمد نه آيو. هو اُٿي اڱڻ ۾ آئي، جتي ڪير ڪونه هو.

وري ڪمري ۾ اچي پلنگ تي ويهي رهي. چڱي مهل گذري ويئي، ائين ٻاهرين در جي بند ٿيڻ جو آواز آيو. گل محمد اندر آيو ته ٿڙيو پئي! چانپن ڪبابن جا پُڙا ٿيلهين ۾ وجهيو کنيو آيو هو. ٽيبل تي ٿيلهيون رکيائين ۽ پوءِ شانان وٽ هليو آيو. هن دفعي ڏاڍو پراعتماد پئي لڳو. سندس ڀرسان ويهي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي کيس پاڻ ڏانهن ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڇڪيائين. لڳو پئي ته هو نشي ۾ ٽُٻ هو.

”من! دل!... هيڏي ته اچ.“

شانان ڇهاءُ تي سجاڳ ٿي ويئي. هن کي وري اُهائي بڇان اچڻ لڳي جڏهن هُن شام جو ساڻس کُلي ڳالهايو هو. جڏهن گل محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پيار ڪرڻ لڳو ته سندس بيڊولن چپن کي محسوس ڪندي سندس هنيانءُ ڪچو ٿيڻ لڳو. هن کي اُٻٿ آئي ۽ ٽپ ڏيئي سندس هنج مان نڪري، باٿ روم ۾ ڊوڙي ويئي. دروازو ڏيئي واش بيسن آڏو بيهي اوڪارا ڏيڻ لڳي. هڪ ٻه اُلٽيون به آيس، سندس دل خراب ٿي ويئي هئي. آهستي آهستي گرڙيون ڪيائين، پيسٽ هنيائين. خوشبو هنيائين ته ڪجهه سامت ۾ آئي. ساڻي ٿي ٻاهر نڪتي ته گل محمد صوفي تي چڙهيو بوتل کوليو، گلاس ۾ وهسڪي پيٽي رهيو هو. هو کيس ڏسي کِليو ۽ گلاس ڀريائين.

”هيٺ ويٺي پيتم پر اڃان نشائي نه چڙهيا آهن. اچ ويهه، ڪجهه کاءُ، سڄو ڏينهن بک تي رهي آهين، طبيعت خراب نه ٿيندءِ ته ٻيو ڇا ٿيندو.“

هوءَ آهستي آهستي اچي صوفي تي ڀرسان ويٺي. گل محمد دونا کولي کڻي اڳيان رکيس. هوءَ ڪا گهڙي خاموش رهي پوءِ اوچتو هن سَٽ ڏيئي سندس گلاس کنيو ۽ هڪ ساهي اکيون ٻوٽي ائين پي ويئي ڄڻ پياڪ هجي. گل محمد گهڻي ’هان! هان‘ ڪئي پر هن گلاس خالي ڪري ميز تي رکيو. هاڻ گل محمد پيلا ڏند ڪڍي کِلڻ لڳو. شانان گلاس ڀرڻ لاءِ اشارو ڪيس. ۽ هاڻ گل محمد کي ته مزو اچي ويو. هن سندس گلاس به ڀريو ۽ پنهنجي لاءِ به پيگ ٺاهيو. سگريٽ دکائي ڏنائينس.

”سهڻا سائين! آهستي پيءُ... تڪڙ ڇا جي آهي.“

پر شانان اهو گلاس به تڪڙا ڍُڪ ڀري ختم ڪيو ته ٽئين پيگ پيئڻ ۾ به دير نه ڪيائين، ٻه ٽي سگريٽ پي ويئي. ٿوري دير کان پوءِ سندس دماغ ڦرڻ لڳو. آهستي آهستي گل محمد جي ويجهو ايندي ويئي ۽ هن جي ٻانهن ۾ جُهلي پيئي. هن دفعي جڏهن گل محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيس ۽ بي ڊولن چپن سان مٺيون ڏيندو رهيس، ته نه کيس بڇان آئي نه اُٻٿ محسوس ڪئي. هوءَ ائين ئي سندس هنج ۾ جهولندي رهي. گل محمد آهستي سرٻاٽ ڪيس منهنجي مٺي مومل! منهنجي شانان! اکيون ته کول، ڏس ته سهين.“

مومل خماريل اکيون کوليون.

”ڪهڙي مومل! ڪهڙي شانان!... گل محمد، توکي ته هيءُ سڀ ڪجهه کپي.“ هن پنهنجي جسم ڏانهن اشارو ڪندي آهستي چيو. ”اجهو مان حاضر آهيان.“

پوءِ خماريل نيڻ پوري گل محمد جي ڀاڪر ۾ سمائجي ويئي. گل محمد ٽڙي پيو. خوش ٿي ٻانهن ڊگهي ڪري ٽيبل تان پڪل گوشت جي چانپ کڻي چٻاڙڻ لڳو.

 

ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن

 

عاشق اُن ڏينهن منهنجي سامهون جيتريون ڦيريون پاتيون ۽ هن ننڍڙي فليٽ جا جيترا چڪر ڏنا، شايد ايترو پنڌ روڊن تي به هُن نه ڪيو هوندو. هو بي چين روح جيان کنڀڙاٽيون هڻندو هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري، ننڍڙي اڱڻ ۾ پيل بالٽين، پکڙيل ٿانون ۽ ڍير ميرن ڪپڙن کي لتاڙيندو مون تائين پهچي مون تي اڻ لکي نظر وجهي وري اَلوپ ٿيو وڃي. جڏهن ساڻو ٿيو ته منهنجي سامهون پلنگ تي ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو ۽ ڊگها وڏا ساهه کڻڻ لڳو. اوچتو مون ڏي گهوري ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ رڙ ڪري چيائين:

”اهو سڀ تون آهين، تو ئي منهنجو ٺانٺو ڦِٽايو آهي. نه تون اِهي روايتي Wisdom واراGolden Word پنهنجي مُنهن مبارڪ مان ڪڍين ها، نه هيئن ورهين جو ساٿ ٽٽي ها. خبر اٿئي، اڄ ڪائون ڏينهن ٿيو آهي جو هوءَ نه آئي آهي. ميان! اٺ ڏينهن ٿي ويا آهن. مون سندس منهن ناهي ڏٺو. مان هاڻ کيس ڪاٿي ڳوليان. هوءَ پراڻو گهر به ڇڏي ويئي آهي. توکي خبر آهي Wise Man.“

مان ماٺ ڪيو سندس منهن ۾ ڏسندو رهيس. اوچتو هو ٿڌو ٿي ويو: ”تون ڪو ڏس پنڌ ڏئي. اڳي به تو ئي ٻُڏل ٻيڙا تاريا هيا. تون ئي اسان جو Wise Man آهين.“

مان کيس ڪهڙو جواب ڏيان ته تو پاڻ پنهنجو ٺانٺو ڦِٽايو ۽ هاڻ مون کي ٿو ڏوهاري قرار ڏين.

هو ساڻو ٿي پلنگ تي پئجي رهيو هو. مان آهستي آهستي اُتان اُٿي فليٽ جي ٻئي ڪمري ۾ پيل کٽ تي پئجي رهيم. هو هوڏانهن ڦٿڪي رهيو هو، هيڏانهن مان ماٺ ميٺ ۾ يادگيرين جي ڄار ۾ وڪوڙبو ويس.

عاشق ۽ منهنجي دوستي اڄ جي ڪانه هئي، ننڍي هوندي جي ياري هئي. ڪو وقت گڏ پڙهيا هياسين. پوءِ هو پنهنجي والد سان نوڪي سانگي، سنڌ جا ڪئين شهر لتاڙي، نيٺ اچي هن شهر ۾ مليو هو. مان به پڙهڻ سانگي سنڌ جي هوائن ۾ اُڏامندو هن شهر ۾ اچي نڪتو هوس. بابي هيءُ مسواڙ تي فليٽ وٺي ڏنو هو ته اڃان به پڙهان ۽ پڙهي وڏو آفيسر بڻجان. پڙهيم به پئي ته نوڪريون به ڪيم پئي.

شهر جون دوستيون- سو جُڙي وري ڊَهن، ۽ ڊَهي وري جُڙن. هڪ پکيءَ وانگر هوائن سان گڏ پئي اُڏريس. ڪڏهن مٿي آسمانن تي ته ڪڏهن هيٺ پَٽ تي. جواني جو ڪوڙو جوش. ڪنهن تي اک پئي ناهي. موهه کنيو وڃي ۽ وڃي سُهڻن جي در ٻاهران بيهاري. دريءَ جو ديدار ڪيو، لڙي پهر موٽان ته عشق ۾ ٻُڏل. رات جو خواب ئي خواب. عجيب زندگي هئي. اوچتو عاشق ڳولي لڌو. هيءُ حال ڏسي کِلي پيو.

”دلبر، هميشه جيان خوابن جا سوداگر، آخر تيرا ڪيا هوگا ڪاليا.“

کلي مون به اُردو ۾ ئي جواب ڏنو: ”يار اسان جو ته هيءُ حال آهي. نه خدا هي ملا نه وصال صنم، نه اِدهر کي رهي نه اُدهر کي رهي.“

”ڏس سهڻا، زندگي زندهه دل ماڻهن وارن لاءِ آهي. هڪ دفعو ملي آهي، وري نه ملندي. جواني به هڪ دفعو ايندي آهي، موٽ کاڌائين ته هٿ نه ايندي. شاديءَ کان اڳ واري زندگي اسان جي پنهنجي زندگي آهي، خاص طرح جوانيءَ وارو دؤر. پيارا، رُڳو خيالي عشق ڪبو يا دردناڪ چٺيون لکبيون يا دريءَ وارن جو اشارن وارو ديدار ڪبو، اِهو سڀ بيڪار آهي، مون کي ڏس!“

مون ڏانهنس نهاريو. سهڻو مست اکين وارو مست ڪندڙ جوان. مون کي ڄاڻ هئي ته سندس اکين جي تيک آڏو ڪيتريون ئي سهڻيون بيهي نه سگهنديون هيون. سندس مٺن ٻولن تي به عاشق، ته سندس ٺاهه ٺُوهه ۽ ڪپڙي لٽي جي بيهڪ به کين وٽس ڇڪي ايندي هئي. مان سندس گاڏيءَ ۾ ڪيترا ئي سهڻا مهانڊا ڏسندو هيس. ڪيترن ئي گهرن ۾ سندس اچڻ وڃڻ به هيو. سندس ڳالهين ۾ ڪيترين ئي حسينائن جو ذڪر هوندو هو. ڪڏهن ڪنهن نازنين جي ڳالهه ته ڪڏهن ڪيترا ئي سلميٰ ستارا ڌرتيءَ تي لاهي ايندو هو.

هڪ ٻه دفعا هُن چيو ته مان پنهنجي ڪنهن پرينءَ کي هِت وٺي اچان. مون کيس سختي سان جهلي ڇڏيو. گهريتڙي ٻار هجڻ سان گڏ، خاندان ۽ بابي جي ناموس جو خيال، اوڙي پاڙي جو ڊپ. مون کيس ناڪار ڪندي چيو:

”ڏس عاشق! منهنجي دنيا پنهنجي آهي ۽ تنهنجي پنهنجي. مون کي اِنهيءَ جواني جي اُبتن نشن ۾ مبتلا نه ڪر. هتي ڪير به نه ايندو. دوست، مٽ مائٽ اچي سگهن ٿا پر ڪا حسين نازنين، ماهه جبين نه ايندي. يهان ڪوئي نهين ڪوئي نهين آئي گا، سمجھيئه.“

“I don’t know when you will grow up.” عاشق ڀڻڪيو.

هڪ ڏينهن آيو ته چُپ هيو. سوچ ۾ ٻڏو پيو هو. هونئن ئي پاڻ ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجا تازا ڪارناما ٻڌائيندو هو ته مان ماٺ ڪيو ٻُڌندو هُيس. اڄ جو هو چپ هيو ته مون به کڻي ڳالهايو.

”عاشق سائين! ڇا ڳالهه آهي؟ لڳي ٿو ته اڄ سڀ عاشق حسينائون ماهه جبينون شهر ڇڏي ڪنهن پڪنڪ تي هليون ويون آهن.“

هو ٻُڏو پيو هو. نيٺ آهستي ڀڻڪيو ۽ چيائين:

”يار هنن حسينائن جي رولڙن ۽ ڌِڪن ماري ڇڏيو آهي. مان سوچيان ٿو ته هڪ Permanentبندوبست ٿيڻ کپي.“

”توکي هونئن به مستقبل بندوبست جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجو اصل عشق مبارڪ شل دائم قائم رهي. پنهنجي مڱيندي تو وٽ موجود آهي، پوءِ توکي اِنهن لؤڻن هڻن جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڇو اچي خوار خراب ٿيون آن؟ تنهنجو اِهو مڱڻو به تنهنجي عشق ۽ محبت جو وڏو ۽ پُراڻو نشان آهي. ڀلا ڪڏهن ٿو شادي ڪرين ته جان ڇُٽي.“

يڪدم جواب ڏنو هئائين:

”يار، حالتن جي توکي خبر آهي. ڪا سٺي نوڪري ملي ته شادي ڪبي ضرور، پر تون اِهو سمجھي ڇڏ ته تنهنجي سوچ ۽ منهنجي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. تنهنڪري پنهنجاSermons پاڻ تائين رَکُ. هاڻي ڳالهه ٻڌ.“

مون ڏانهنس ڏٺو، ڏاڍو سنجيدو پئي لڳو ۽ مون ڪن کڙا ڪيا.

”توکي ياد آ ته مون توسان هڪ ڇوڪري گلشن جو ذڪر ڪيو هو.“

منهنجي چهري تي سوال جي نشاني اُڀري آئي. الائي ڪهڙي گلشن، ڪهڙي گلبدن يا وري ڪا گل بڪاؤلي. سندس عشق جا ته الف ليليٰ وارا هزار داستان هيا.

”اڙي يار، …That girl جيڪا اسان جي ڳوٺ جي هئي. سندس پيءُ هتي آفيس ۾ بابي وٽ ڪلارڪ هيو ۽ سندس ماءُ ۽ هوءَ هتي اسان جي گهر ۾ اچي ڪم ڪار ڪنديون هيون. اُتي ئي پيچ لڙيو ۽ پوءِ مان سندس پيءُ جي غير حاضريءَ ۾ سندن گهر به ويندو هئس. سندس ماءُ کي ته اسان جي عشق جي خبر هئي پر پوءِ پڻس کي خبر پيئي ته ڏينهن پڄاڻان سندس شادي پنهنجي هڪ مائٽ سان ڪرائي ڇڏيائين، جيڪو هُن کان عمر ۾ به وڏو هو.“

”پوءِ؟ هُن جي شادي ٿي ويئي ته شهزادي جانعالم جو عشق خير خوبيءَ سان پورو ٿيو. هاڻي وري ڇا ٿيو.“

”اڙي سڄي ڳالهه ته ٻڌ سڄڻ! سندس مڙس واڍڪو ڪم ڪندو هو پر گڙنگ موالي هو. شڪي طبيعت جو ماڻهو هو. ڪُٽي سَٽي هڻي سندس هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيائين. ويچاري واپس اچي مائٽن وٽ ويٺي. اُن ڏينهن ماءُ سان گڏجي اسان جي گهر آئي هئي. سندس پيءُ به هاڻي تازو گذاري ويو آهي. پورهيو ڪري وقت گذارين پيا. ڏاڍو رُئي پئي. پاسيرو ٿي مون سان ملي ته چيائين ته مون تي قرب جو هٿ رَکُ، مان گولي ٿي گذاريندس. جي پيار ۽ دوستي جو هٿ نه رکندين ته مان زهر کائي مري ويندس. پنهنجي پراڻي پيار جا واسطا کڻي وڌائين. پيرن ۾ ويهي رهي. يار دلبر! اهڙي نماڻي ۽ سٻاجھي نينگر منهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪانه آئي. مان وٺي ايندوسانس، پوءِ تون پاڻ فيصلو ڪجانءِ.“

”ڇا جو فيصلو؟“

منهنجا ڪن وري کڙا ٿي ويا. مون شڪي نگاهن سان ڏانهنس نهاريو.

”يار، ڳالهه سمجھ. مون هڪ پلان سوچيو آهي ته سندس ماءُ کي هتي رکنداسين.“

”ماڻس کي؟ چريو ٿيو آهين ڇا.“ مون سندس ڳالهه کي اڌ مان ڪٽيو.

”يار، ماڻس کي ڪم ڪار لاءِ رکنداسين. مانيءَ، ٿانوَ، ٻهاريءَ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ.“

”پوءِ ڇا ٿيندو؟“

”ڪم عقلَ! هوءَ ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ هتي ايندي. گهڙي پل مون سان به ملندي. بس ائين ٻن عاشقن کي ملائڻ جو ثواب توکي ملندو.“ هيءُ ثواب جو ڪم مون کي سولو نظر نه آيو.

”يار عاشق! مان مارجي ويندس. مائتن کي خبر پيئي ته ڀت ٻاٽ مان ڪڍي ڇڏيندا. فليٽ به کسجي ويندو. بابو چڙيو ته پوءِ سمجهين ٿو. وڏو رِسڪ آهي. اِهو مون کان نه پُڄندو.“

مان ٽپ ڏيئي اُٿي ٻاهر نڪري ويس.

”دلبر! ڳالهه ته ٻڌ- ڳالھ ته سمجھ.“

هو چوندو رهيو، پر مان هيٺ لهي روڊ تي پسار ڪرڻ لڳس. هو اُتي به آيو. منهنجو سوڻل منهن ڏسي ڀاڪر پاتائين.

”چڱو دلبر! تون چِڙُ نه، باقي مان هلان ٿو. رات اِن ڳالهه تي سوچجانءِ: We have to help these poor people.

پوءِ پٺ تي تپڪي هڻي چيائين:

“You Are a Progressive Witer and Social reformar. Be brave!”

هُو هليو ويو. عاشق جڏهن به ڪنهن ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته انگريزي گهڻي ڳالهائيندو هيو. خوش هوندو هيو ته اُڙدو شعر چوندو هيو. مان جڏهن ڪنهن ڳالهه تي فيصلو نه ڪري سگهندو هئس ته اُن تي وڌيڪ نه سوچيندو هيس. معاملو وقت ۽ حالتن تي ڇڏي ڏيندو هئس. ٻئي ڏينهن منجھند جو ڪم ڪار لاهي موٽيس ته فليٽ اندران بند هيو. مون سمجھيو ته عاشق اندر آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي چاٻي عاشق وٽ هوندي هئي. اندر گهڙيس ته ڏٺم ته هڪ مائي اڱڻ ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي. مان تڪڙو ڪمري ۾ داخل ٿيس. هڪ نينگر ڪمري ۾ ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهي هئي. مان بيهي کيس ڏسڻ لڳس. هيءَ ڪا ننڍي نينگر نه هئي، پنجويهن کن سالن جي عورت نما ڇوڪري هئي. هوءَ سڌي ٿي سامهون آئي ته مون کيس ڏٺو. سندس جسم ڀريل، رنگ هلڪو سانورو، وارَ گهنڊيدار، نقش وڻندڙ، منهن تي پگهر ئي پگهر، پاڻ به سڄي پگهر ۾ وهنتل. سندس سادا لان جا سنها ڪپڙا، سندس جسم تي چهٽيا پيا هيا. هُن ڪا گهڙي پنهنجن هلڪن ناسي اکين سان مون ڏي تڪيو. پوءِ پراڻي پوتيءَ جي پلاند سان منهن اُگهيو ۽ مُرڪي چيائين: ”مان گلشن آهيان.“

مان کيس ڏسندو رهيس. شايد سدا آباد ۽ ٽڙيل گلشن اهڙائي هوندا آهن. هوءَ شايد منهنجي اکين جو تيک نه سهي ٻاهر هلي ويئي. گهڙي کان پوءِ وري موٽي آئي.

”اَمان وڃي ٿي. ٻين گهرن ۾ به وڃڻو اٿس. ڀلا توهان ماني کائيندؤ يا سائين عاشق اچي ته پوءِ گڏجي کائيندؤ؟“

مون ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو. مون کان سڀ اعتراض، مٽن مائٽن ۽ ابي جي ڪاوڙ، لوڪ لڄا جو ڀَئُه، سڀ ڪجھ وسري ويو. مان چپ چاپ اُٿي ٻاهر آيس. گلشن جي ماءُ مون کي کيڪاريو. مون کيڪر جو جواب ڏنو. پوءِ کيسي مان سوَ رُپيا ڪڍي کيس ڏنا پئي.

”نه سائين! اهو بار توهان تي ناهي“، گلشن مون کي روڪيو. مون ماڻس جي مٿي تي هٿ رکي چيو: اَمان! هيءُ منهنجو گهر آهي. هتي جو اُجورو منهنجو ذمو آهي. تون ته پورهيو ڪرين ٿي نه.“

”ابا! تنهنجي مهرباني.“

هيءَ هڪ ڏکن ماريل، هيڻن هڏن واري عورت هئي. ڦاٽل گَندي مٿي تي سوري وڌائين ته سندس چتين لڳل ڪپڙا ظاهر ٿي پيا.

”اَمان! هاڻي جڏهن به اَچين ته وڳو سولو پائجانءِ. مون کيس کيسي مان ٻيو سؤ جو نوٽ ڪڍي ڏنو. مائيءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.

هوءَ پراڻي جُتي گسڪائيندي ٻاهر نڪري ويئي. مون ڏٺو ته گلشن جون اکيون حيرت کان ڦاٿل هيون. هيءُ عاشق ڇا ڪندو رهيو آهي! هئڙن غريبن کي پنهنجو ته ڪري ٿو پر کين پالي تاتي نٿو. لٽو ڪپڙو گندي هِنن به لهڻي.“ مان ڪمري ۾ آيس ته هوءَ هلي آئي.

”سائين! عاشق ڇا چوندو. عاشق سائين قرب ڪري وٺي آيو آهي. هُن چيو ته پنهنجو گهر آهي ته پنهنجو گهر آهي. پئسا ته نه وٺبا.“

”عاشق ڀلي توهان کي پئسا نه ڏئي، پر هِتي هِن گهر ۾ جيڪو به ڪم ڪندو مان اُن کي سندس پورهئي جا پئسا ضرور ڏيندس. مان پاڻ به پورهيو ڪري ڪمائيندو آهيان. ڀلا ڇڏ اِنهيءَ ڳالهه کي، ماني پچائي اٿو ڇا؟“

”ها، عاشق سائين ڀاڄي، اٽو، چانور، گيهه وٺي ڏيئي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو. ڀلا ماني کڻي اچان.“

مون ڪنڌ لوڏي هائو ڪئي. مون ليئو پائي ڏٺو. رنڌڻي ۾ هوءَ ويهي ماني گرم ڪري رهي هئي. رئو لهي ويو هيس. باهه تي سندس مُنهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، هُن ڪنڌ ورائي ڏٺو. کِلي ڏنائين:

”بُک لڳي اٿوَ نه. اِجهو ٿي آڻيان.“ منهنجي لاءِ سڄو سلسلو نئون هو. هن گهر کي عورتاڻو هٿ لڳي چڪو هو. سڄو گهر ڌوتل اڇو اُجرو پئي لڳو.

مان ٽنگون سِڌيون ڪري پلنگ تي اکيون بند ڪري ليتي پيس. مون کي خبر ئي نه پيئي. هوءَ آئي، ننڍي ٽيبل ويجهو ڪري ماني رکي پوءِ مون کي ٻانهن کان لوڏيائين. هڪ عجيب ڇُهاءُ هو. مان ٽپ ڏئي اُٿي ويٺس. هن مُرڪي اِشارو ڪيو ته ماني کائو. مون ايڏي لذيذ ماني ورلي کاڌي هئي. هوءَ اُڀي بيٺي هئي.

”ماني ڪنهن پچائي آهي.“

”ماني امان پچائي آهي. ٻوڙ مون رَڌو آهي. ڇو مزو نه آهيس؟“

”عاليشان!... توهان جي هٿن ۾ خُوب شيري آهي.“

هوءَ کِلي هٿن کي ڏسڻ لڳي. پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري چيائين، ”عاشق سائين اڃا تائين نه آيو آهي.“ مون سندس چهري تي هلڪي پريشاني ڏٺي. پوءِ هوءَ ٿانوَ کڻي هلي ويئي. هوءَ ٿانوَ سهيڙي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي هئي. مون ليئو پاتو. ڏٺم ته هوءَ دري کان بيٺي هئي ۽ شايد عاشق جو انتظار ڪري رهي هئي. مان پنهنجي ڪمري ۾ اچي ليٽي پيس. هڪ ڪم ڪار، ٻيو پورهئي جو ٿڪ، مٿان لذيذ ماني، پيٽ ڀريو ته اک لڳي ويئي. چڱي دير کان پوءِ ڀُڻڪي ۽ هلڪن ٽهڪڙن تي اک کُلي ويئي. آهستي اُٿي اڱڻ ۾ کُلندڙ دريءَ جي اڌ ٻيڪڙيل سير مان اندر ڪمري ۾ نهاريم. هوءَ کيس گرهه ٺاهي کارائي رهي هُئي. ۽ هوءَ گرهه گرهه تي سندس آڱرين کي چڪ پائڻ جي ڪري رهيو هو. هُن ته کلي آڱريون هٽائي پئي ڇڏيون. ائين هُن ڳالهايو. هِن دفعي گلشن جو آواز ٻيو هو. اُن ۾ ميٺاڄ جا مَٽ ڀريل هيا. اوتيائين پئي ته ڳرو ۽ ڪنهن نشي ۾ ٻڏل آواز هو.

”سائين، ايڏو انتظار ڪرائبو آهي؟ صبح جا ويل، هيءَ مهل ٿي آهي. مان ته ائين آهستي آهستي ڪري هڪ اڌ ڏينهن ۾ مري وينديس.“

عاشق هُن جو گرهه روڪي ڇڏيو.

”مان توکي مرڻ نه ڏيندس، مِٺي!“ پوءِ هُن کيس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو. هوءَ آهستي سندس ڀاڪر مان کسڪي اُٿي بيٺي.

”ٿانوَ رکي اچان. توهان جا هٿ ڌئاريان. ٻانهي تنهنجي آهي. تڪڙ نه ڪر منهنجا سائين.“

منهنجي اندر ۾ الائي ڪهڙن طوفانن ڪَرُ کنيو هو جو مان اُتان چُري نه پئي سگهيس. سڌو ٿي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس. هوءَ ٻيڪڙيل در کولي ٻاهر نڪتي. هن پاسي ڏٺائين ۽ مون تي نظر پيس. هوءَ بنهه هٻڪي؛ مُرڪي رئو مٿي تي وجھي رنڌڻي ۾ لنگهي ويئي. گلاس ۾ پاڻي کڻي ويئي. موٽي اچي چلمچي ۽ لوٽو هٿن ڌئارڻ لاءِ کڻي ويئي. موٽي اچي پنهنجا هٿ ڌوتائين. مان اُتي ئي بيٺو رهيس. هر ڀيري مُرڪندي موٽي. اوچتو هوءَ بيهي رَهي.

”اوهان کي ڪجھ کپي؟“

مون ڪنڌ ڌوڻيو. آهستي ٽنگن کي چوريو. هُن دروازو بند ڪيو. پوءِ آهستگيءَ سان ٿوري کليل دري به بند ڪري ڇڏيائين. مان پنهنجي ڪمري ۾ موٽي آيس. شام تائين دماغ ڳرو رهيو.

ڪپڙا مَٽي ٻاهر نڪتس. ڪوبه آواز ڪونه هو. شايد سُتا پيا هيا.

مان نوڪريءَ سان گڏ ڪاروبار به ڪندو هيس. ڪڏهن ڪاٺين جو ته ڪڏهن موٽر پارٽس جو. ڌنڌي گؤنچ ڪڍيا هُيا. سوچيو هيم ته ڌنڌو هلي پئي ته اها هلڪي نوڪري به ڇڏي ڏيان. پيٽرول پمپ جي مامري کي لڳو پيو هوس. رات جو دير سان موٽيس ته فليٽ تي ڪير به ڪونه هو.

ائين سمجھيم ته ڏينهن جو ڪو خواب ڏٺو هيم. اسان هونئن ئي خوابن ۾ رهڻ وارا، ساڀيان هجي ته اعتبار گهٽ ايندو. رنڌڻي ۾ گهڙيس ته ماني تيار پيئي هئي. چانور دمي ۽ پٽاٽا تري ڍڪي رکي ويئي هئي. ماني ڪمري ۾ کڻي اچي کاڌم. ماني کائي ليٽيس ۽ اکيون پوريم. نه ڪو خواب نه ساڀيان، هت ته سڄي ڏينهن جي وارتا ۽ حقيقت ڪَرُ کنيو بيٺي هئي. سڄي ننڊ نه آئي. سوچيم ته مون کي ڪجھ به نه سوچڻ کپي. ائين ڇڏڻ کپي جيئن اڳ ڪندو آيو آهيان. ڏاهپ جو ڏانُ اِهوئي آهي ته ڀل وقت ۽ حالتون پاڻهي فيصلو ڪن. اُهوئي سٺو هوندو ۽ صحيح هوندو. ائين فليٽ ۾ جيڪي ٿيندو رهيو، ماٺ ميٺ ۾ ڏسندو رهيس. ڪڏهن ڏسان ته گلشن کيس زور ڏيئي ننڊ پيئي ڪرائي، ڪڏهن مٿي کي مالش پيئي ڪري.  ڪڏهن اچيو منهجي ڪمري ۾ وهن. ڳالهيون سڄي جهان جون، کُٽن ئي نه. ٽهڪڙا ئي ٽهڪڙا، پر مان ماٺ! ڪڏهن عاشق کيس شاپنگ ڪرائي وٺي اچي، گلشن ڀلن وڳن ۾ ڀلي ٿي پيئي هئي. رنگ به چٽو اڇو ٿي پيو هيس. هڪ ڏينهن آئي ته ڇِمڪا ڪندي آئي. اچي پير پلنگ تي رکي پازيب ڏيکاريائين. اڇڙن پدمڙن پيرن ۾ چانديءَ جا پازيب اهڙا ٺهيس پئي جو مون بي اختيار پازيبن کي ته ڇهيو پر نرم نازڪ پيرن کي به ڇهي ورتو. هُنَ تي ڪوبه اثر ڪونه هو. هُن کي اها به ڄاڻ هئي ته مان کين لڪي ڏسندو آهيان. پر هوءَ پنهنجي پيار ۾ مست مگن هئي. عاشق کي ڏسندي هئي ته ٺري پوندي هئي. منهنجو لحاظ به نه ڪندي هئي. ڪڏهن ته منهنجي سامهون مِٺيون پئي ڏينديس، ڀاڪر پئي پائينديس. منهنجو جسم سڄو ڏڪي ويندو هو ۽ مان پاڻ کي پنڊ پاهڻ ڪري ڇڏيندو هيس. مان اُن کي کيل تماشو سمجھي لنوائي ويندو هئس. رات جو ڪوبه کيل تماشو منهنجي سامهون ڪونه هوندو هو. مان ۽ منهنجيون ويڳاڻيون راتيون! مون به عشق ۽ فراق جا درد پرايا هيا، پر هٿ سڙيا جسم ٻريو اندر خاڪ هيو. اُن خاڪ ۾ چڻنگ باقي آهي يا نه، مون اُن رک کي ڦولهڻ جي به نه ڪئي. هيءُ نئون کيل تماشو منهنجي سامهون پئي ٿيو، اِهو منهنجو ٿوروئي هو؟ مُنهنجو ڇا وَڃي، چئي منهن ڦيري ڇڏيندو هيس.

اُن ڏينهن عاشق عاشق اڪيلو رات جو اچي نڪتو. پريشان پئي لڳو. جڏهن قصو بيان ڪيائين ته لڳم ته ٻيلي منهنجو به ڪجھ اِنهيءَ ۾ آهي. ڇا آهي، اهو بس هيئن ئي هو. هُن ٻڌايو ته مائتن سندس شاديءَ جي تاريخ رکي ڇڏي آهي. هاڻي ڇا ٿيندو.

”سو ڇا ٿي پيو؟“

”سو ڇا ٿي پيو؟ عجيب ڳالهه پيو ڪرين! شادي کان اڳ زندگي اسان جي آهي. شادي کان پوءِ واڳ ڌڻي وس ٿي ويندي. زال ماڻهوءَ کي کائي ڳهي ويندي. مڙد جو ڏس پتو ئي نه پوندو. اُها سُريت، يارڙي هوندي آهي جيڪا خوف ۾ مبتلا هوندي آهي. شيلٽر هن جو وڏو مسئلو هوندو آهي. لڳندي ته پير ڌوئي پئي پيئندي. هيءُ ته ڇوري ڇني ٿي ويندي، پوءِ ڪاڏي ويندي؟“

”زال لاءِ به ته مڙس ڇپر ڇانءُ هوندو آهي.“ مون کيس وراڻيو.

”اُهو نڌڻڪين زالن لاءِ، پر جن جا اَبا اَمان، چاچا ماما، ڀائر حيات هوندا آهن، اُهي اُن ڪيري آهر پيون ڪڏنديون آهن. جيستائين هو جيئرا هوندا آهن، تيستائين مڙسن جي جسم تي چَم ئي نه رهندو آهي. باقي رهندا آهن سندن هڏا، جيڪي زالون ۽ سندن ٻار چوپي چٻاڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ ڀلي سندس مائٽ سڀ مري وڃن، حڪومت هنن جي هوندي آهي.“ ساهي پٽي چيائين:

”ڇڏ اِنهيءَ ڳالهه کي، هاڻي ٻڌاءِ ته گلشن کي ڇا چئجي.“

”تو کيس ٻڌايو آهي.“

”ها، مون اَڄ منجھند جو کيس چيو هو.“

”پوءِ؟“

”هوءَ چوي ٿي ته ڇا به ٿئي، مان کيس نه ڇڏيان. ڀلي ٻه زالون ڪريان، پر هوءَ چوي ٿي ته هوءَ منهنجي گولي غلام ٿي رهڻ چاهي ٿي. ڏس يار، هُن سڀ ڪجھ مون کي ڏنو آهي. ايڏو پيار ته شايد زال به نه ڏيندي. هوءَ چوي ٿي ته دلبر سائين جيڪڏهن ساٿ ڏئي ته پوءِ به اَسين هِت ملي سگهون ٿا. ڇا دلبر، ائين ٿي سگهي ٿو. تون اِهو بار کڻي سگهين ٿو.“

”جي منهنجي به شادي ٿي وڃي. مان هتان هليو وڃان.“

”ڀلي، هوءَ هتي رهندي. هن فليٽ جو ڪرايو ۽ سندس خرچ مان ڀريندس. رُڳو شادي پُراڻي ٿئي. يار ڪا ته مدد ڪر يا ڪو ڏس ڏي! Wise Man.“

مون آهستي آهستي چوڻ شروع ڪيو. مون کي ائين لڳو، اُهو آواز منهنجو نه هو. ”تو پاڻ ئي چيو ته شادي کان پوءِ زال مڙس کي ڳهي ويندي آهي. ۽ شايد سُريت لاءِ به هوءَ جاءِ نه ڇڏيندي. ڇو ٿو ٻن حياتين کي برباد ڪرين. وڃ، وڃي پنهنجي معصوم زال کي بچاءِ، جيڪا ورهين کان تنهنجي انتظار ۾ ويٺي آهي. هن غريب گلشن کي ڪيستائين اُجاڙيندو رهندين. ٻه مَن نه ڪر. ٻِچِتو نه ٿي. رستو هڪ وٺ. ڪجھ ڏينهن ٿيا، هُن جي ماءُ مون وٽ آئي هئي. رُني پئي.“

”ڇا پئي چوي؟“

”بس رُئي پئي. پنهنجي ڌيءَ جي اُجڙيل قسمت تي رُئي پئي. ٻيو ڇا چوندي، ويچاري، تو به ته قهر ڪيو آهي.“

عاشق ٽپ ڏئي اُٿيو.

”تون ڪاڏي وڃجانءِ نه، مان اَچان ٿو.“

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آيو ته گلشن ساڻس گڏ هئي. عاشق بنهه منهنجي سامهون کڻي وهاريس.

”هاڻي سمجھيائينس. هيءُ نٿي مڃي، پڇينس ته ڇا ٿي چئي.“

مون گلشن ڏي نهاريو. هوءَ ڪڇي ڪانه، رُئي پئي.

”ڏس، دلبر به چئي ٿو ته مون کي هڪڙو رَستو وٺڻو پوندو.“

هُنَ مون ڏانهن نهاريو. پوءِ آهستي ڀُڻڪيو.

”چئوس ته مون کي نه ڇڏي. شادي ڀَلُ ڪري پر مون کي نه ڇڏي. توهان چئوس، مون کي اِنهيءَ ڪمري مان نه ڪڍي. مون کي ٻيو ڪجھ به نه کپي.“

هن پير مٿي ڪري، پازيب پٽي لاٿا، ڳچيءَ ۾ پيل سوني زنجير لاهي اُڇلي. منڊي به لاهي هن جي تريءَ تي رکيائين.

”پوءِ چئوس ته هاڻي مون کي نه ڇڏي. مون کان سڀ ڪجھ وٺي.“

مان سندس رُئڻ ڏسي نه سگهيس ۽ ٻاهر نڪري ويس.

“Mad Girl”، هن دفعي مون به انگريزي ۾ ڀڻڪيو.

مان اڱڻ ۾ بيهي رهيو هئس. اوچتو ڌڪن جا آواز آيا ۽ عاشق ڪمري مان نڪتو.

”يار! هوءَ چري ٿي پيئي آهي. هاڻي ڌڪ به هنيا اٿئين. پئي ٿي رُئي ۽ وڙهي .I cannot face her  مان تڪڙو آهيان. تنهنجي ڀاڄائي زرين جا پيءُ ماءُ ۽ مائٽ ڳوٺان آيا آهن. سندن ماني آهي ۽ ڳائڻ وڄائڻ به آهي. ڪا رَسم به آهي. مان هلانٿو. تون هينئن ڪر، جو هن کي پرچائي گهر ڇڏي اچجانءِ. مون سان هلندي ته رستي تي به راڄ کلائيندي. هن وقت منهنجي پوزيشن نازڪ آهي. ڪنهن ڏٺو به ته ٺيڪ نه آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org