سندڙيان
سِڱڙي، ڳالهه ڳُجهڙي،
مون ماريندي ڪڏهين!
هُن جي کَڙڪي تي اک کُلي وئي، ڪمري ۾ ڪجهه اوندهه،
ڪجهه روشني هئي. هن وهاڻي جي پاسي کان هٿوراڻي ڏئي
عينڪ ڳولي ڪڍي. سندس لُڙاٽيل اکيون چٽو ڏسي نه
پيون سگهن. هن عينڪ پاتي ته سندس نظر هڪ ڪاري
برقعي ۾ ويڙهيل خاتون تي پئي. هوءَ ڪا گهڙي بيٺي
رهي، پوءِ هُن برقعي جي منهن جا پلئه کنيا. علي
ڏني حيرت وچان کيس گهڙيءَ پل ۾ ئي سڃاڻي ورتو.
روشن مُک ۽ روشن پيشانيءَ واري هيءَ خاتون سندس
مامي جي ڌيءُ زهره هئي. زهره ڪنهن وقت سندس نالي
به ٿيل هئي، جا ورهين پڄاڻان اڄ وٽس هلي آئي هئي.
علي ڏني جو مٿس ڪوبه حق ڪونه هو، پر اڄ آس نراس جي
ٻواٽي تي ليٽيل جهونو هيءَ شخص وَر وَر ڪري کيس
ڏسڻ لڳو.
”ڇا وقت ايڏو تيز ڊوڙي ٿو جو ماڻهوءَ جو وجود گهڻو
ڪجهه وڃائي وِهي ٿو!“ هن ورهين پڄاڻان زهره کي اڄ
ڏٺو هو، هيءَ جيڪا ڪنهن وقت هڪ شهزاديءَ جيان
ٽِلندي هئي. ڊگهو قد، سيپڪڙي، ڪم ڪار ڪندي سڄو جسم
وَري ايندو هوس. ڄڻ ته هوءَ رٻڙ جي گُڏي هئي، جيئن
وَرائينس تيئن وَري! سندس چيلهه ته ڄڻ هئي ئي
ڪانه، هوءَ جهٽ ۾ هيٺ مٿي ٿيندي هئي. سندس منهن جا
نقش موچارا ۽ وڻندڙ پر سندس اکين ۾ ڄڻ ٻرندڙ
مشعالون هيون. هوءَ گهر۾ پئي ٽِلندي هئي ۽ هو کيس
ڏسندو هو، پر تمام گهٽ چاهه ۽ پاٻوهه منجهان کيس
ڏسندو هو. هو ٻئي ڳالهائيندا هئا، پر ائين جيئن ڪو
چاهت ۽ محبت جو اظهار نه ٿئي. ڀلي ڪنهن جي به محبت
جا انبار هجن. جيتوڻيڪ هوءَ سندس مامي جي ڌيءَ
هئي. گڏيل ڪٽنبن جي رهڻ ڪَهڻ ائين هوندو هو جو
ڪنهن کي ڪنهن سان لنوَ لائڻ جي اجازت نه هوندي
هئي. زهره به ائين اُنهيءَ گهر جو حصو هئي، جت عشق
محبت جي اجازت نه هوندي هئي، پر جي ٿي وڃي ته
نهائينءَ جيان اندر ۾ دَمي ڇڏڻ ئي ريت هئي. علي
ڏني کي عشق ۽ چاهت جو هلڪو احساس ته ٿيو هو پر هُو
جڏهن شهر ۾ پڙهڻ ويو ته سندس عقل چرخ ۽ اکيون مٿي
تي اچي ويون هيون، جو مسلسل چمڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ چنڊ
تلاش ڪرڻ لڳو، هڪ چنڊ ته آسمان تي هوندو آهي، پر
گهڻا چنڊ زميني هوندا آهن، جيڪي چمڪندڙ چنڊ جيان
هوندا آهن، پر سندن هِردو سنگلاخ پهاڙن جيان نه
ڀرندڙ، سندن اندر جي زمين سخت هوندي آهي. هو اهڙن
زهره وارن جهڙن هردن رکندڙ ڪُئنرن ماڻهن کان ڏور
هو. اوچتو کيس خبر پيئي ته سندس مائٽ کيس زهره سان
پرڻائڻ چاهين ٿا. هن اِنهيءَ نگاهه سان کيس ڏسڻ
چاهيو. هوءَ سامهون هوندي به ڄڻ سامهون نه هئي. نه
رنگ برنگي ڪپڙا نه چپن تي نه وري چهري تي لالي، نه
انداز نه اِشارا. هيءَ هڪ سادي سودي گهريتڙي
ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، جيڪا کانئس عمر ۾ به وڏي هئي.
هن جي سامهون هيءُ کانئس ڪهاڻيون آکاڻيون ۽ ٻاراڻا
گيت ٻُڌي وڏو ٿيو هو. هوءَ گهر ۾ ئي ڪجهه نه ڪجهه
پڙهي هئي. سندس وڏڙن جا آندل ڪتاب ۽ شاهه جا بيت
پڙهندي ۽ ڪتابي ٻول ۽ بيت پئي جهونگاريندي هئي.
وڏڙن کان ٻڌل شاهه سائينءَ جي بيتن سان ته عشق
هئس. علي ڏنو سندس اندر کي پرکي ويو. ڪُئنري مَن
جا ٻول ٻُڌي خوش به ٿيندو هو، خاص طرح جڏهن هوءَ
جهونگاريندي هئي:
الا، اي مَ هوءِ جو آءٌ مران بند ۾،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄنم ڏينهڙا،
ڪڏهن هوءَ اها دعا گهرندي چوندي هئي:
”سَترُ ڪر ستار آءٌ اگهاڙي آهيان،
ڍڪين ڍڪڻهار ڏئي پاند پناهه جو.
پوءِ رُئندي چوندي ويندي هئي:
جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهندڙ گهڻو.
هوءَ رئندي ائين به چوندي هئي:
سندڙيان سِڱِڙي، ڳالهه ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏهين.
”نه هوءَ مُئي بند ۾، نه سڄڻ ٻاجهيندڙ نڪتو“
ڳالهه وڃي ايتري بيٺي: ”ڳالهه ڳجهڙي، مون ماريندي
ڪڏهين.“
عليءَ ڪاليج ۾ ڪيئي چنڊ پئي تڪيا. هُن جي ليکي ته
اِهي چنڊ جهڙا ڏسڻ ۾ سهڻا، رنگ برنگي رنگن سان
سينگاريل هئا، اهڙا ضرور مَن جا اُجرا ۽ خيالن ۾
ڪيترن ئي رنگن وارا هوندا، پر سندس سوچ موجب هن
جيون جو سفر انهن ٻولن، ڪهاڻين، گيتن ۽ شاهه جي
بيتن جي سهاري ته نٿو گذاري سگهجي. سفر جي ساٿي کي
چنڊ جيان چمڪندڙ موسم بهار جيان ٽڙندڙ نون جذبن
سان آشنا هجڻ کپي. هڪ ذهني قوت سان، ذهني سگهه
واري سان ئي گهاري سگهجي ٿو. ائين هو زهره کان ڏور
ٿيندو ويو. زهره جي چهري تي وقت جي دز چڙهندي پئي
وئي ۽ چهري تي هر وقت بي رونقي ڇانيل هئي! چپ
اُڃايل جيان خشڪ. هوءَ هر هر خشڪ زبان کي خشڪ چپن
تي ڦيرائي آلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، پر لڳندو
ائين هو ته اها اُڃ ڪا ازلي اُڃ آهي، جيڪا سندس
نصيب آهي، ۽ ائين هوءَ سالن تائين اُڃايل بُکايل،
اُجڙيل ۽ ويران رهي. ڪنهن به نه هن جي وجود کي
سنڀاريو، ۽ نه ڌيان ڏنو. نه ڪي واعدا پاڙيا ويا،
نه مٽيون مائٽيون سنڀاليون ويون. ٻئي طرف علي ڏنو
هميشه سيراب رهيو. سندس چَپ ڪڏهن به خشڪ نه رهيا،
سندس زبان آلي رهي. هن ڪيترائي ٻيا چپ چُميا،
سونهن ۽ عشق جي ظاهري جذبن کان آگاهه ٿيو. ذهني
قوت ۽ سگهه جا ڪيترائي مظاهرا پسيا، جن کيس
ڪيترائي دفعا شڪست کائڻ ۽ پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو.
هو هٽندي هٽندي وڃي پَٽ پيو. هيءُ اُهوئي علي ڏنو
هو، جنهن جي ڪنهن ۾ به ڪڏهن اک نه ٿي ٻُڏي. هيءُ
پيسي ڏوڪڙ جي حساب ۾ سُکيو ستابو به بڻيو ته
چوڌاري اُهي چنڊ پسيا جو سندس اکيون هميشه اُڀ ۾
هيون. هُن اُنهن چنڊن مان هڪ ماهه جبين کي زندگيءَ
جو همسفر چونڊيو، پر هوءَ کيس جلد ڇڏي وئي ۽ اولاد
به کنيو وئي. علي ڏني کيس پنهنجي وڏپڻي ۾ مبتلا
ڏٺو ۽ حسن تي نازان ڏٺو. ائين ٻي آئي، تنهن وري
اُن کي ذهني مريض قرار ڏئي پاڻ ڪنهن ٻئي کي چريو
ڪرڻ لاءِ هن وٽان ته هلي وئي ۽ وڃي رهيا علي ڏني
جا ڀاڳ علي ڏني سان! سهڻين محبوبائن جو به ميڙو
رهيو، جيستائين جواني هئي. هو جڏهن رٽائر ٿي شهر
ڇڏي ڳوٺ پنهنجين اباڻين زمينن تي پهتو ته اُتي وري
وڏيرڪي سياست جي وَر چڙهي ويو. آهستي آهستي ڪڏهن
دل جي تڪليف، ڪڏهن موتيو پاڻي، ڪڏهن کنگهه کُڙڪو.
پيسو هئس، سو علاج پئي ڪرايائين. اُن سان گڏ
آپريشن به ڪرايائين ته ڪجهه نوبنو ٿي پيو، پر
پوڙهائپ جا ڏند پنهنجا ٿين ٿا. ڪڏهن ته چٻاڙيو
ڇڏين، ڪڏهن جيئدان به ڏيو ڇڏين. زهره جيئن ئي اندر
داخل ٿي سندس کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺي ته هو اُٿي
ويٺو ۽ کيس ڏيکارڻ لاءِ ته هو چاق نوبنو آهي، ۽
پنجهٺ سال به کيس پوڙهو نه ڪري سگهيا آهن، هو ٽپ
ڏئي سامهون پيل ڪُرسيءَ تي ويٺو ۽ ٽيبل تان ڪجهه
ڪاغذ کڻي ڏسڻ لڳو. هُن عينڪ به نه پاتي، ڪاغذن جا
اَکر گم ٿيو موٽيو اچن ۽ وري گم ٿيو وڃن. ڪاغذ رکي
وري زهره کي ڏسڻ لڳو.
هُن جو اَڇو پر روشن منهن مهانڊو ڪاري برقعي جي
ڪري چمڪيو پئي. هوءَ برقعي جي منهن وارين ٻن پلوُن
کي مٿي ڪيو ويٺي هئي. ٻي سڄي برقعي ۾ ڍڪيل هئي،
سندس مٿو به ڍڪيل هو. هو سندس چمڪندڙ روشن منهن ۽
روشن پيشاني کڻي تڪيندو رهيو.
”ڪنهن سان آئين آن؟“
علي ڏنو ڀُڻڪيو ۽ ڪمري جي سانت هاڻي ڪنهن طريقي
سان کانئن موڪلائڻ لڳي.
”اَدي شانان سان آئي آهيان.“ زهره آهستي وراڻيو.
”اَدي شانان ڪٿي آ؟“
”ٻاهر اَدي وڏي سان ويٺي آ، ادي وڏي نياپو ڪري
اسان کي سڏايو آهي. اسان غريبن ۾ اَلائي ڪهڙو ڪم
پيو اٿس.“ زهره ڳالهه کي وڌايو.
”اَدي وڏي ڀرت ٽوپي لاءِ ڪپڙا اسان کي موڪليندي
آهي. مان ۽ شانان آر ۽ ڀرت جو ڪم سٺو ڪنديون
آهيون. گذر سفر لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو پوي ٿو نه.“
علي ڏني کي ماٺ هئي. ائين سندس وڏي ڀيڻ زهره جي
ڀيڻ شانان سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿي. سندس ڀيڻ گوڏن
جي سور سبب هلي نه پئي سگهي. هوءَ يڪدم اچي کٽ تي
ويهي رهي ۽ دَم کان سهڪي پئي. هُن آهستي آهستي
ڀُڻڪو ڪڍيو:
”ادا علي ڏنا! مان ته پوري ٿي پئي آهيان. توکي ته
خبر آهي ته اَدي شانان جو ڪير به ڪونهي. مڙس ڇڏي
ويس، هي ٻئي اَڪيليون مامي مرحوم جي گهر رهيون
پيون آهن. گهر به پنهنجو اٿن، پر جيئڻ لاءِ ڇا نه
کپي. هاڻ گذر سفر ڏکيو ٿئي ٿو. زهره ۾ اَڃا حال
آهي. شانان ويچاري بيمار رهي ٿي. توکي ته خبر آهي
ته زهره جي شادي نه ٿي سگهي. مون شانان کي چيو آهي
ته زهره کي هت ڇڏي ته گهر سنڀالي، سندس گذر سفر به
ٿيندو ته شانان کي به ڪجهه نه ڪجهه موڪلي ڏيندس.
زهره جو کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو خرچي اسان تي. توکي
الله سڀ ڪجهه ڏنو آهي. علي ڏنا! ڪجهه هنن جي واهر
ڪر. گهٽ ۾ گهٽ زهره جو توتي حق ٿئي ٿو.“ علي ڏني
جي اندر ۾ ٺڪاءَ ٿيا. اڃا چڱو ٿيو جو سندس ڀيڻ کيس
اهو نه چيو ته هيءَ تنهنجي نالي ٿيل هئي. مائٽن
وهاري ڇڏي اِن لاءِ ته من موٽي اچين پر فيشن،
رنگين ڪپڙن ۽ تيل ڦليل وارين جي ڪڍ تو عمر وڃائي
ڇڏي. هڙ حاصل ڪجهه نه. اڄ تون اڪيلو آهين. توکي
پنهنجون ٻه زالون به ڇڏي ويون، توکي سنڀالڻ وارو
اولاد به الائي ڪاٿي آ. اولاد به ڇڏي ويئه. اڄ تون
اڪيلو آهين. علي ڏنا! اڪيلو. بنهه اڪيلو آهين،
بنهه اڪيلو. تنهنجي نه اڳياڙي چڱي ٿي نه وري
پڇاڙي.
علي ڏني جا ڪن ٻَرڻ لڳا. سندس ڀيڻ بنا چوڻ جي به
اکين اکين ۾ گهڻو ڪجهه چوندي وئي. زهره به اُٿي
وئي، ڪمري ۾ ڪير نه هو. هو سوچڻ لڳو ته زهره جو
مٿس حق لڳي. هُن ڪجهه پيسا ڪڍي سندس ڀيڻ شانان کي
ڏنا، هوءَ کيس دعائون ڪندي هلي وئي، ۽ زهره کي هُت
ئي ڇڏي وئي. زهره آهستي آهستي گهر جو ڪم ڪار
سنڀاليو، سندس ڪمري کي سولو ڪيو. ماني جو سواد
بدليو ۽ کيس وقت سر ماني ملڻ لڳي. کير ۽ فروٽ به
ملڻ لڳس گهر جو سڄو خرچ هاڻ زهره هلائڻ لڳي. علي
ڏنو ۽ سندس وڏي ڀيڻ آجا ٿيا ويٺا هئا. گهر جو خرچ
ڪُمَ واري مائي اڳي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو، زهره اُنهن
ئي پيسن مان هنن ڀاءُ ڀيڻ کي سُک ڏئي ڇڏيا. هُن ڪم
واري مائي کي نه ڪڍيو، پر کانئس چڱي طرح ڪم وٺڻ
لڳي. زهره رڌ پچاءُ پاڻ ڪندي هئي. ٻُهاري، ٿانوَ ۽
ڪپڙا ڪم واري مائي جي بِلي هيا، پر زهره کي سندس
ڪم نٿي وڻيا ته ڪڏهن ٿانوَ پاڻ مليندي هئي، ٻهاري
پاڻ ڪڍندي هئي، ڪڏهن ڪپڙا به پاڻ ڌوئيندي هئي.
علي ڏنو هاڻ چاق ٿي ويو هو. ڪاڏي وئي دل جي
بيماري، ڪاڏي وئي نظر جي جهڪائي، ڪاڏي ويو زڪام ۽
کنگهه کڙڪو، هلڻ چلڻ ۾ جوپ، هاڻ ته هو ٻنيءَ تي
وڃڻ لڳو هو. زمين ۽ مسواڙ تي ڏنل جاين ۽ دڪانن جي
سنڀال چڱي پر اڪيلي سر ڪرڻ لڳو. سندس ڀيڻ به هاڻ
هلڻ چلڻ لڳي هئي. سور سهڪا، سار سنڀال لهڻ ۽ کاڌي
مَٽ ڪري گهٽيا. گهر جا مسئلا به سندس مٿي جو سور
نه رهيا. زهره ڏينهن رات ڪم کي جُنبي پئي هوندي
هئي. زهره کي هميشه رَئي جو نقاب ٻڌل هوندو هو.
اُن نقاب سان سندس مٿو ڍڪيل هوندو هو، پر نقاب مان
سندس روشن مک روشن پيشاني سان ٻهڪندو هو. هُن جي
منهن تي ڄڻ نُور اچي ويو هو. هوءَ هيڏي وڏي گهر ۾
ٽلندي ٽلڪندي وتندي هئي. علي ڏنو سندس جهونگار لڪي
ٻڌندو هو ته کيس فرحت ايندي هئي ۽ پراڻو زمانو ياد
ايندو هوس. زهره جو سحر آهستي آهستي علي ڏني کي
وڪوڙيندو ويو. هوءَ رڌڻي ۾ وڃي ته رڌڻو ٻهڪي، اڱڻ
۾ ٻهاري ڏئي ته اڱڻ اُجرو. هوءَ هلي چلي، ٽلي ۽
ٽُلڪي ته علي ڏنو خوش ٿئي. جي شاهه جا بيت
جهونگاري ته به علي ڏنو ڌيان اوڏانهن ڌري ۽ اُهي
بيت چپن ۾ پاڻ جهونگاري. هونئن ته هوءَ شاهه جا
بيت:
الا ائين مَ هوءِ، جو آءٌ مران بند ۾.
يا
ستر ڪر ستار آءٌ اُگهاڙي آهيان.
يا
ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
۽ ٻيا ڪيترا بيت پيو ٻڌندو هو. کيس عجب ٿيندو هو
ته هن گهريتڙي نينگر پنهنجين وڏڙين کان ٻُڌل بيت
ڪيئن نه ياد ڪيا آهن ۽ سُر سان ڪيئن نه جهونگاري
ٿي.
علي ڏنو شاهه جي هيءَ وائي گهڻو ڪري ڏکويل آواز
سان کيس چوندي ٻڌندو هو، پر هوءَ هن ڊگهي وائي کي
ڪڏهن مڪمل نه چئي سگهندي هئي.
”سندڙيان سڱِڙي، ڳالهه ڳجهڙي، مون ماريندي
ڪڏهن...“
پهرين سٽ چوندي روئي ڏيندي هئي. هُو اِهي سٽون
درديلي دانهن جيان ٻُڌندو هو ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها
ڳڙي ايندا هئا ۽ هو پاڻ به جهونگارڻ لڳندو هو:
”سندڙيان سِڱِڙي، ڳالهه ڳُجهڙي، مون ماريندي
ڪڏهن...“
علي ڏني جو گهر اِنهيءَ گونجار سان گونجندو رهيو.
زهره هن گهر ۾ رهڻ لڳي ڄڻ هيءُ سندس پنهنجو گهر
هو. هن گهر به مس مس وڃي سُک جو ساهه کنيو هو، جو
اهڙي اَڌ ڪچي اَڌ پڪي سانجهي جو، جنهن سانجهي جو
هُن زهره کي هن گهر لاءِ سُکن ۽ خوشين جو پيامبر
بڻجي ايندي پَسيو هو. اهڙي سانجهي جو هُن جي
کُڙيءَ جي کَڙڪي تي اک کُلي. هُن لڙاٽيل اکين سان
سڃاڻي ورتو، پوءِ به هن عينڪ کڻي چاڙهي. هُن جي
سامهون هڪ بي ڊولي ٿلهي وَهي لتاڙيل ميڪ اَپ ۽
خوشبو ۾ ويڙهيل رنگين لباس ۾ ملبوس هيءَ عورت ٻي
ڪير ڪانه، سندس پهرين زال فريده هئي. زهره وانگر
نه هُن کي برقعو يا نقاب هو، نه هُن نقاب جا پلئه
مٿي ڪيا. نه هُن کي رَئي جو نقاب هو. جنهن سان
سندس خضاب سان ڪٽيل ڪاراٽيل وار ڍڪجي سگهن. هوءَ
بي حيائيءَ سان ٽپ ڏئي، کٽ تي چڙهي ويٺي ۽ سندس
ويجهو ٿي کيس ڀاڪر ۾ ڀري چمي ڏيڻ جي ڪيائين. پوءِ
نقلي ميخن وارن ڏندن سان کيس چڪ پائڻ لڳي. وات جي
ڌپ سندس مغز ۾ گهڙي ويئي. ”ڊيئر علي! آءِ ايم
بيڪ... يو شوڊ هيو ڪالڊ مي... واءِ ڊڊ يو ڪيپ
مسٽريس... او ڊيئر! او ڊيئر! آءِ اسٽل لَو يُو...
يُو آر ناٽ گوڊ باءِ ايني مور.“ هُن، هِن عورت کي
پئتي هٽائڻ چاهيو. هو هن گوشت جي جبل جو بار آهستي
آهستي ائين محسوس ڪرڻ لڳو جو سندس دَم گهُٽجڻ لڳو.
هُڻ کيس زور سان ڌڪي پري ڪيو. پوءِ هو ٻاهر ڊوڙيو.
اڱڻ ۾ سندس ڀيڻ وڏا اُڀا ساهه کڻي رهي هئي ۽ روئي
پئي: ”علي ڏنا! اِنهيءَ ظالم عورت ويچاري زهره کي
بدشد ڳالهائي گاريون ڏئي ڪڍي ڇڏيو. بس! مون کي
زهره وٽ وٺي هلُ، هتان ڪڍي هلُ.“ رُئندي، هوءَ
آهستي آهستي رڙهندي هُن سان هلندي هلي. علي ڏني
ٻاهران گهر جو در بند ڪيو، اندران هُن جي زال جون
رڙيون ٻُڌڻ ۾ اچي رهيون هيون. هوءَ کيس گاريون ڏئي
رهي هئي: ”آءِ ول ڪِل يُو علي ڏنا! اينڊ ڪِل يوئر
مسٽريس... اوپن دَ ڊور“ هيءَ عورت ويهن سالن کان
پوءِ اچي مٿس حق ڄمائي رهي هئي. هيءُ گوشت جو جبل،
هاڻ سندس روح ۽ وجود کي ڄڻ چيڀاٽي رهيو هو. ڀيڻ
ڀاءُ هلندا ويا ۽ سڌو زهره جي گهر پهتا. شانان
گهٻرايل، در وٽ بيٺي هئي. زهره اندر هئي. علي ڏني
واٽ تي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. علي ڏني ڀيڻ کان اجازت
ورتي، پوءِ شانان ڏي نهاريو. هوءَ روئي رهي هئي.
هُن اُنهيءَ ڪمري ڏانهن نهاريو، جت زهره پاڻ کي
بند ڪيو روئي رهي هئي. سندس روئڻ جو آواز ٻڌي هو
اندران ڦٿڪڻ لڳو. هو پاڻ کي هاڻ گهڻو گنهگار سمجهڻ
لڳو. هُن کي ڪوبه حق نه هو ته هڪ معصوم کي پنهنجي
گهر ۾ گهرائي ڪوڙهيل ماضي جي ڍير تان اُٿي آيل
بدبودار جاندار کان هڪ ڌوتل پوتل نينگر کي بي عزتو
ڪرائي، سُريت جا خطاب ڏياري. هُن معصوم هُن غريب
جو ڪهڙو ڏوهه؟
علي ڏني در کي کڙڪايو. ڪو جواب نه آيو. هُن کي هڪ
ڊپ ويڙهي ويو. هو هاڻ در کي چرين وانگر
ڌڪا ۽ ٿيلها ڏيڻ لڳو. اندران ڪوبه آواز نه ٿي آيو.
ائين در کُليو. سامهون هڪ عورت، جنهن نقاب لاهي
ڇڏيو هو، کير جهڙي اڇي مٿي جي کنڊريل وارن سان هڪ
مستاني، هڪ درگاهه جي فقيرياڻي جيان بيٺي هئي. هُن
جي ڳلن تان ڳوڙها بس نه پيا ڪن. هُن جهڪي روشني ۾
به هنن ڳوڙهن کي ڏسي ورتو. هوءَ هڪ عذاب ۽ پيڙا ۾
هئي. هن کي بي اختيار هن ڇڙيل ڇَتن واري زهره تي
بي اختيار قياس ۽ پوءِ پيار آيو. اڻ ميو پيار! هو
جيئن اندر داخل ٿيو ته زهره پوئتي هٽي بيٺي!
”زهره! مان توسان نڪاح ڪري وٺي وڃڻ لاءِ آيو
آهيان. مون کي تون معاف ڪر ۽ اجازت ڏي.“
زهره نيٺ ڳالهايو: ”سائين علي ڏنا! منهنجي ويجهو
نه اچ. مان تنهنجي گهر جي پگهاردار نوڪرياڻي ضرور
آهيان. پر سُريت نه آهيان. توکي هاڻ ته خبر پوڻ
کپي ته مون جوڳ ورتو آهي، هڪ فقيرياڻي آهيان.
منهنجو ماضي، منهنجو جوڀن ڏسڻو هجئي ته هي اَڇا
کير جهڙا وار نه ٿو ڏسين. مون سان هاڻ لنوءَ لائڻ
مان ڇا ورندءِ؟ هاڻي ٻُڌ شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت
۽ پوءِ موٽي پنهنجي ماڳ ڏي وڃ. ڌڻي ڪو توکي معاف
ڪري. منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.“
صبح سِڱِڙيون کڻي، ويا وڄائي وير،
ڏوريان ڏوريان نه لهان تن بيراڳين بهير،
جن آسڻ منجهه عنبير، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
پوءِ هُن ورائي چيو، ”آءٌ نه جيئندي اُن ري.“ هن
جي آڱر اُڀي.
پوءِ هوءَ آهستي ڍرڪندي زمين تي آهلي پئي. هيءَ
شاهه سائينءَ جي جوڳياڻي ورهين جا ورهيه اندر ۾
الائي ڇا سانڍيندي رهي هئي. هُن به ڪو عشق ڪيو هو،
چنڊ تڪيو هو، پر نه هُن ڳوليو نه هُن کان لڌو. اڄ
هوءَ حالئون بي حال ٿي زمين تي پئي هئي. شانان
ڊوڙي اچي کيس سنئون ڪيو. پر هُت هاڻ ڪجهه به ڪونه
هيو. شانان، علي ڏني ڏانهن نهاري ڪنڌ سان نهڪر
ڪيائين. علي ڏنو حياتي ۾ پهريون دفعو اوڇنگارون
ڏئي روئڻ لڳو. هو زهره جي ويجهو وڃي بيٺو ۽ رئندو
رهيو ۽ چوندو رهيو: ”تو ڇو تڪڙ ڪئي، مان ته اڳيون
حساب ڏيڻ آيو هيس، توکي سهاڳڻ ڪرڻ لاءِ” تنهنجو
خواب پورو ڪرڻ لاءِ” تون ٿورڙي مهلت ته ڏين ها.“
شايد علي ڏني کان کيس ڏنل مهلتون ئي مهلتون وسري
ويون هيون. هو اُتي فرش تي ويهي رهيو. سامهون زهره
اڇن وارن هوندي به هڪ ازلي حسن سان سنواريل سُتي
پئي هئي. هُن کي لڳو ته هن ڌرتي جا اصل چنڊ هيئن
ڌرتي تي وڇايل هوندا آهن. شل ڪير کين ڳولهي لهي.
آسماني چنڊ سراب ۽ دوکو هوندا آهن. علي ڏنو اڃا به
جيئرو آهي. هو گهڻو اُت ويندو آهي، جت زهره سُتل
آهي، توڙي جو هو هوش وڃائي ويٺو آهي. پر هو سندس
ابدي آرامگاهه تي لکيل شاهه سائينءَ جي وائي جي
هيءَ سِٽَ وَرُ وَرُ پڙهندو آهي:
سَندڙيان سِڱِڙي، ڳالهه ڳُجهڙي، مون ماريندي
ڪڏهين!
(مهراڻ 1-2/2008ع)
جڏهن آسمان ۾ تارا نه هوندا
هيءَ هڪ سياري جي رات هئي
۽ اَڌ پنڌ ٽپي هلي هئي. هِن بس جو رُخ اُتر ڏي هو
۽ سامهون اُتر جي هوا به سَرڙاٽ پئي ڪيا. هن شهر
جي باءِ پاس تي، شهر جي ويجهو، ٻه مسافر اُٿي بيٺا
۽ هڪ مسافر کُهري آواز ۾ چيو، ”اُستاد روڪي!“
اُستاد سيءَ جي ڪري لوئي ۾ ويڙهيو ويٺو هو، ڪجهه
آفيم جي پنڪي به هيس. سُتل بس ڪجهه سجاڳ ٿي ويئي.
هيءُ ڪارين لوين ۾ ويڙهيل ٻه همراهه، پهلوانن
جيان، بس جي وچ تي بيٺا هئا. ڊرائيور ائين ئي
هلندو پئي هليو.
”اڙي، موالي! ٻُڌين نٿو؟ بس جَهل!“ همراهه وڌيڪ
کُهرو ٿيندي چيو.
هن کُهري آواز تي سڄي بس سجاڳ ٿي ويئي. مسافرن کي
اچي سِر سان لڳي ته ڪٿي هيءُ ڌاڙيل ته نه آهن! ڦُر
ٻُر ته ڪرڻي ڪانهين! هاڻ سُتل ڪنڊڪٽر به ڇرڪ ڀري
جاڳي پيو.
”اُستاد، باءِ پاس جا هيءَ مسافر آهن. هنن کي هِت
لاهه، نه ته وري شهر اسٽاپ تي هلڻو پوندو.“
ڊرائيور آهستي آهستي سائيڊ ڪري گاڏي بيهاري.
ڪنڊڪٽر اُٿي در کوليو. سڄي بس ۾ وِلهه پکڙجي ويئي،
اُتر پئي لڳو. هيءُ مسافر ٽپ ڏيئي لهي پيا. هنن جي
لهڻ سان ڪنڊيڪٽر يڪدم دروازو بند ڪيو. ايتري دير ۾
مسافرن ۾ ڏڪڻي پئجي ويئي هئي. ڪجهه وِلهه جي ڪري،
ڪجهه هِنن مسافرن جي مشڪوڪ انداز ۾ بس بيهارڻ جي
ڪري، ۽ ڪجهه ڦُرجڻ جي خوف کان. هيءُ ٻن ڪارين لوين
۾ ويڙهيل ٻه همراهه هئا: هڪ ٿُلهو ٿنڀرو، ٻيو
سَنهو لِيڙ. ٿڌ تي لِيڙ کي ته ڪجهه نه پئي ٿيو، پر
ٿُلهو ٿَنڀرو ڏَڪڻ لڳو هو. هُن لوئيءَ کي سولو ڪري
بُت تي ويڙهيو ۽ مفلر کي ڪنن ۽ مٿي کي ڇڪي ٻَڌو.
هاڻ هُو ٻيئي تڪڙو پنڌ پيا. هيءُ شهر ڏي وڃڻ واري
چودڳي هئي، پر هن ويل ڪابه سواري ڪانه هئي.
هيءُ پهريان چؤطرف نهاريندي آهستي هلندا پئي هليا،
پر پوءِ وِلهه جڏهن کين وٺي ويئي ته هنن جي وِکن ۾
تيزي آئي. هو ائين تکا ٿيندا ويا ڄڻ ڊوڙون پئي
پاتائون. هن چودڳي کان شهر چڱو پنڌ پري هو. هيءُ
پهريائين ته سَهڪي پيا، خاص طرح ٿُلهو ٿَنڀرو
همراهه ته هَڦي پيو. سندس وکون ڍريون ٿيون ته
سَنهڙي ٻه وکون گهٽايون. هيءُ هُيا ته اڌڙوٽ عمر
جا، پر ڦُڙت لڳا پيا هئا. هلڻ ۾ تکا ۽ تڪڙا هئا.
”يار پهلوان! همت ڪر، هُو ڏس، بَتيون سامهون آهن.
ائين سُست ته نه ٿي، اَڃا توکي وڏي جُڌ پَٽڻي
آهي“، ائين چئي هُو هڪ کجين جي اُجڙيل باغ ۾ لهي
پيو ۽ پهلوان به سندس ڪڍ ڊوڙندو ويو.
”يار ممتاز! بيهه ته سهين، هيءُ ڪاڏي پيو وڃين.“
”هيءُ ڪنهن زماني ۾ باغ هوندو هو، پارومل جو کجين
جو باغ هاڻ هيءُ ڏس، ڪيئن کجيون وڍي پَٽ پلاٽ ڪيا
اٿن! وچان اِنڪري ٿا هلون، جو شهر ۽ بازار وچان
هلڻ ۾ خطرو آهي، ٻيو نالو نه کڻ.“
”ها، هيءُ ڏس، آسمان ۾ تارا ۽ ڪتيون سڀ بيٺل آهن.
جي وڇڙي يا اڳي پوءِ ٿي وڃون ته هن باغ ۾ اوستائين
انتظار ڪجانءِ، جيستائين آسمان ۾ تارا آهن. جيئن
هيءُ سڀ آسمان مان غائب ٿي وڃن ته ڪير به ڪنهن جو
انتظار نه ڪري، سمجهيئه پهلوان؟ جيستائين آسمان ۾
تارا آهن، بس اوستائين.“ ممتاز پهلوان کي سمجهايو
۽ پهلوان ڪنڌ سان ها ڪندو هليو.
”يار، هيءُ تارا ٻاجهه ۽ اُميد جا تارا آهن. هيءُ
آهن ته دُنيا ۾ ٻاجهه ۽ اُميد قائم آهي،“ ممتاز
ڳالهائيندو هليو.
ممتاز هن جو سونهون هو. ڦٽل سٽل باغن کان ٿيندو
شهر جي ڳُتيل علائقي کي پاسيرو لتاڙيندو، شهر جي
پراڻين ۽ ڀَڳل ڀُريل جاين جي وچ ۾ اچي
بيهاريائينس. هڪ چاڙهي چڙهي هو گهٽي ٽپيو ۽ هُن
پهلوان کي زبون ٿيل ۽ سِرن جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويل
هڪ پراڻي پر شاندار جاءِ ڏيکاريائينس، جنهن جي
ڊَٺل ڀُريل حالت کي ڏسي به ماڻهو چئي سگهيو ٿي ته
ڪنهن وقت هيءَ جاءِ ضرور شاندار ۽ عظيم هوندي، جو
کنڊر ئي ٻڌائين پيا. هن جاءِ جي ٻاهرئين ڀت اڃا
بيٺل هئي، پر ڪٿان ڪٿان ڊٺل به هئي. ممتاز پهلوان
کي اِشارو ڪيو ۽ اُنهي پاسي مُڙي ويو، جتان ڀت
گهڻو ڊٺل هئي. هو ٽپ ڏيئي ڀڳل ڀت اورانگهي جاءِ ۾
وڃي بيٺو. سندس ڳچي ظاهر هئي. هُن اُتان پهلوان کي
اِشارو ڪيو. هُن اوندهه ۾ شايد نه ڏٺو، پوءِ ٽارچ
ڪڍي هلڪو چمڪاٽ ڏيکاريائينس. پهلوان ٿلهو ۽ ڳرو
مڙس، ڀت تي هٿ رکيائين ته سِرن جون ٻه ٽي قطارون
ممتاز واري پاسي وڃي ڪِريون. ممتاز ٽِپ ڏيئي وڃي
پرڀرو ٿيو. سِرن جي ٺڙ ٺڙ ڪري ڪِرڻ سان چڱو آواز
ٿيو . ڪا گهڙي هيءُ ٻيئي ڄڻا دم جهلي بيهي رهيا،
پوءِ پهلوان لانگ ورائي اندر داخل ٿيو. سياري جي
رات، اوجهڙ پاسو ۽ سيءَ جي ڪري ڪُتا به وڃي لڪا
هئا ۽ ڪڏهن آواز ته ڪڏهن وري اوناڙون به پئي
ڪيائون. ممتاز جاءِ. اندر وڌندو ويو ۽ اڱڻ ۾ پيل
ڀڳل سِرن ۽ ٺڪرن ڀِترن کي لتاڙيندو وڃي زبون ڀڳل
ورانڊي تائين پهتو. سندس سامهون ٻه ڪمرا هئا. ٻنهي
کي قلف ڏنل ها. پهلوان هڪ کان پوءِ ٻئي قلف کي
سَٽون ڏنيون، پوءِ لوئي اندر لڪل ٿيلهيءَ کي ٻاهر
ڪڍيو ۽ اُن مان هڪ انگڙي هنيل شيخ ڪڍيائين. اُن کي
قلفن ۾ وجهي ٻه ٽي ٻيون سَٽون ڏنائين ته قلف اچي
پَٽ پيا.
هڪ ڪمري ۾ گهڙيا ته سڄو ڪمرو ڀڳو پيو هو. ممتاز
”هون هون“ ڪري کيس ٻئي ڪمري ڏانهن اِشارو ڪيو.
هيءُ ڪمرو بهتر صورت ۾ هو. هڪ کٽ، ٻه وڏيون آرام
ڪرسيون ۽ هڪ منجي ائين لڳو ٿي ته هت ڪو جهونو
اوطاق ڪري ويهندو آهي. پَريان ڪنڊ ۾ ٻه ٽي ڀڳل
تختا پيل هئا. ممتاز رڙهندو، اُنهن تختن وٽ ويو ۽
آهستي آهستي هڪ هڪ ڪري تختا هٽائيندو ويو. سامهون
تختن پويان لڪل هڪ وڏي ٽجوڙ هئي. ممتاز وڏو ٿڌو
ساهه ڀريو، پوءِ هُن پهلوان کي اشارو ڪيو. پهلوان
وڌي اچي اڃا به تختا پرڀرو هٽائي ٽجوڙ کي نروار
ڪيو. هُو ڪا گهڙي ٽجوڙ کي تڪيندو رهيو، پوءِ ڪُرسي
تي سامهون ويهي ٽجوڙ کي ڏسڻ لڳو. هيءَ ڳري ٽجوڙ
گودريج ڪمپني جي هئي. مٿان ئي مٿان ”Godrej“
انگريزي ۾ نالو ڪٽ آئوٽ ۾ چنبڙيل هو. پهلوان کي
ٽجوڙ کي کولڻ جي سوچ ۾ ڇڏي ممتاز ٻاهر نڪري آيو.
هُو ورانڊي ۾ پيل هڪ صندل تي ويهي رهيو. هُن اڱڻ ۾
نهاريو، ورانڊي کي ڏسي ٻئي کُليل ڪمري ڏانهن اُٿي
وڌيو. چوڌاري اوندهه جو راڄ هو، پر هُو سڀ ڪجهه
چٽو پٽو ڏسي پئي سگهيو. ائين پئي هليو، ڄڻ هو چپي
چپي کان واقف هو. کيس ڀڳل سرون ۽ ٺڪر ٺوٻر به نظر
آيا. هُو ڪمري مان نڪري ورانڊو ٽپي وري اڱڻ ۾ آيو.
آسمان ۾ اڃان تارا ڀريا پيا هئا. تارن جي روشني
اڱڻ کي چمڪائي بيٺي هئي. هُن لاءِ هاڻ وقت پوئتي
هلڻ لڳو. هيءُ اُهو ممتاز هو، جيڪو ويهه ورهيه اڳ
ڇوڪراڻي وَهيءَ ۾ هيءُ ڀريو گهر ڇڏي ڀڳو هو. کيس
لڪ ڇپ ۾ روپوش ٿي وقت گذارڻ ڪو سٺو يا سولو نه لڳو
هو. هو ڪڏهن ڪراچيءَ ڄي شهر ۾، ته ڪڏهن بلوچستان،
ڪيئي جبل جهاڳيا هئائين. زمانا ڏسي هُو اڄ پنهنجي
ماڳ تي واپس وريو هو. هُن کي هِن ٽجوڙ جي ته خبر
هئي. پر هن ٽجوڙ جو عاشق هو. هُن کي اِها خبر نه
هئي ته اِها ٽجوڙ ڪڏهن کُلندي هئي، ڪڏهن بند ٿيندي
هئي. ڪهڙي ويل ۽ ڪيئن کُلندي هئي. سندس وڏا پئسي ۽
سون مين ۾ شاهوڪار هئا. ٽجوڙ ڪيئي، دُهريون، پنڙا،
پازيب ۽ اَمانتون سنڀاريون هيون. سندس چاچو ۽ ٻيا
مٽ مائٽ سونارڪو ڪم ڪندا هئا. کيس اِها خبر پيئي
هئي ته هيءُ پراڻا گهر ڪِري پيا آهن، پر ٽجوڙ صحيح
سلامت آهي. سندس چاچو هن ٽجوڙ کي ائين سنڀاليندو
آهي، جيئن وڏن جي ڪا يادگار شيءِ سنڀالبي آهي. هو
ننڍي هوندي کان هن ٽجوڙ کي حسرت سان ڏسندو هو.
سندس خواهش هوندي هئي ته هُو ٽجوڙ اندر ڏسي ته
اندر ڪيترا زيور، پيسا، سون مين ڪهڙيون اَمانتون
رکيل آهن. ممتاز ڄائو ته سندس پيءُ گذاري ويو.
هيءُ سندس چاچو محمد پريل سونارو هو، جنهن هن کي
سنڀاريو. محمد پريل جي گهر واري، جنهن کي پُٽيلو
اولاد ڪونه هو، تنهن هن کي لاڏ ڪوڏ سان نپايو
تاتيو. توڙي جو ممتاز جي ماءُ جيئري هئي، پر هُو
کيس ليکيندو ئي نه هو. سڀ لاڏ محمد پريل جي گهر
واري کڻندي هئي. محمد پريل کي نياڻي هئي، سونان
جهڙو نالو هوس تهڙي ئي هئي سون وَرني! سندس جسم به
سون جهڙو، پر وار به سونهري! سونان کانئس ڏهه
پندرنهن ورهيه کن وڏي هئي، هنج کڻي کيس ڄڻ ته
پاليو هئائين. ٻچو ڪري ڀائيندي هئس ته هيءُ به کيس
دليئون ڀائيندو هو. پر ٻاهران تنگ ڪرڻ لاءِ
ستائيندو هو ۽ وڙهندو به هوس. لاڏ ڪوڏ ڪري ممتاز
ننڍي لا ڪرون ارڏو ۽ ضدي ٿي پيو هو. ٿوري ٿوري
ڳالهه تي جهيڙو فساد ڄڻ سندس سرشت ۾ پيل هو. سونان
ماءُ جيان کيس سنڀاليندي هئس، جنهن سان انگل آرا
هوندا هئس. هو کيس سڏيندو ئي ”اَنا“ هيس. ”انا
سونان“ جي چوڻ تي ئي پرچبو هو يا محمد پريل جي گهر
واري، جنهن کي هو ”جيجي“ چوندو هو. اُها به کيس
هَٺ تان لاهيندي هئي. هُن جو جهيڙو محمد پريل جي
سخت هلت چلت سببان هو. ممتاز اسڪول جو گوسڙو هوندو
هو. نيٺ دوڪان تي وهاريائينس ته آهستي آهستي هٿڙي
هڻڻ لڳو. ڪڏهن اڌ مرادي گم ته ڪڏهن زيورن جو سون
گم، ته مَٺُ موجود! پوءِ جوا تي هِريو. نيٺ هو
ويهين ورهين جو ٿيو ته محمد پريل، سندس گهر واري ۽
ممتاز جي ماءُ هن شادي جو فيصلو ڪيو سونان کانئس
وڏي هوندي به سندس نالي ٿيل هئي. پر سونان تيل
ترين لائڻ نه ڏئي. چي، ”ممتاز منهنجي پٽن مثل آهي،
مون ئي ته کيس نپائي وڏو ڪيو آهي. هنج تي کنيو
آهي.“ ممتاز جي اکين آڏو فلم وانگر واقعا گذرندا
رهيا. هُن زور جي شادي جا نظارا پسيا. هيڏانهن
سونان جو انڪار ۽ پڇاڙون هيون، هوڏانهن شهر ۾ وڏا
منگل ٿيا. هو شاديءَ رات جي نظارن ۾ گُم ٿي ويو.
سونان سچي سون ۾ جنجهجي سوني ٿي آئي. هُو هن جي
حسن تي حيران ۽ شادي مان خوش هو پر اُن سان گڏ
پريشان.
ائين هو خيالن ۾ ٻُڏو پيو هو ته ڪو پٺيان اچي
بيٺس. هو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو. پهلوان اِشاري سان کيس
سڏي رهيو هو ۽ اِشارو ڪري رهيو هو ته ٽجوڙ جهڙوڪر
کلي وئي آهي ۽ هُو هلي پنهنجن هٿن سان هينڊل
گهمائي ۽ ٽجوڙ جي اندر نظارو ڪري ته منجهس ڇا آهي.
ممتاز، پهلوان کي اڳ ئي ٻڌايو هو ته هُو ننڍي
هوندي کان هن ٽجوڙ جي عشق ۾ مبتلا رهيو آهي ته
اِنهيءَ ٽجوڙ ۾ ڇا آهي. ڀلي هينئر مال گهٽ هجي، پر
چاچس جو ڪجهه ته مال هوندو. محمد پريل اڃا جيئرو
پر بيمار گذاريندو هو. سونارڪو دوڪان اڃان قائم
هو، جنهن جو اوج ختم ٿي چڪو هو، پر پوءِ به محمد
پريل جو دوڪان هو. پراڻو سونارو هو، ڪي اڙيا ٿڙيا
گراهڪ يا امانتون وٽس ضرور اينديون هونديون، ٽجوڙ
۾ ڪو ته مال هوندو. ممتاز پهلوان جي پويان ڪمري ۾
گهڙيو هو ٻيئي ٽجوڙ جي ويجهو ويا. پهلوان ممتاز جو
هٿ وِٺي اشارو ڪيو ته هينڊل گهمائي. ممتاز هينڊل
گهمائي پوءِ ڇڪيو، پر ٽجوڙ جو دروازو نه کُليو.
پهلوان سندس هٿ پري ڪري ٻه ٽي سَٽون پاڻ ڏنيون ته
دروازو آهستي آهستي کُلندو ويو. پهلوان اندر
هٿوراڙيون ڏيئي مال کي ڳوليو، پر سندس هٿ خالي
موٽي آيا. هُن ممتاز ڏي نهاريندي کيس آڱوٺو
ڏيکاريو. ممتاز يڪدم اندر هٿ وڌو. ٽجوڙ ۾ ڏنل
هيٺيان ۽ مٿيان خانا کوليا، پر اُت ڪجهه ڪونه هو.
ائين ممتاز کي ڀون ڀون ٻُڌڻ ۾ آئي. ممتاز پوئتي
هٽيو.
”کَکر! اندر کَکر آهي. ڀون ڀون جو آواز ٻڌين ٿو!“
پهلوان پهريائين هٽڪيو، پوءِ کِلڻ لڳو.
”هن زنگيل ۽ بند ٽجوڙ ۾ کَکر ڪٿان داخل ٿيندي.
ڪُنجين وارن سوراخن تي به ڍَڪ ڏنل آهن. ڪابه کَکر
ڪانهي. ٽجوڙ ائين خالي ڪئي ويئي آهي، جو ڄڻ ته
مالڪن کي خبر هجي ته اَسين اَچڻان هجون. هاڻ هل ته
هلون، هت ٻيو ڇا رکيو آهي.“
پهلوان اُٿيو، پر ممتاز سامهون پيل ڪُرسيءَ تي
جيئن ويٺل هو تيئن ويٺو رهيو.
”پهلوان! بيهه، هيءَ ککر ناهي ته هيءُ ٽجوڙ اندران
ايندڙ آوز آهن. ٻُڌ، آواز ٻُڌ پهلوان ٻُڌ!“ پهلوان
کي ڪجهه به نه پئي ٻُڌڻ ۾ آيو.
هُن اشاري سان پڇيس: ”ڪٿي آهن آواز؟
ممتاز چيس: ”هو ٻُڌ ٻُڌ! گهُٽيل آواز هو منهنجي
ڪنوار سونان جا آواز آهن. هو روئي رهي آهي. چئي
رهي آهي ته کيس ماري ڇڏيان، پر کيس هٿ نه لايان.
هوءَ ڏس چئي رهي آهي. ممتاز! مون توکي پاليو آهي.
مان ته تنهنجي ماءُ آهيان، تون منهنجو سهڻو پُٽڙو
ناهين؟... شال جواني ماڻين.“
ممتاز اوچتو رڙيون ڪرڻ لڳو: ”يا خدا، هن ٽجوڙ ۾
هيترا آواز محفوظ آهن.“
پهلوان حيران پريشان هو. هُن ممتاز کي هن جذباتي ۽
هيجاني ڪيفيت ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. هو ڏک سک ۾ گهڻن
ڏينهن کان گڏ هئا، پر هُن ڪڏهن ڪو سور نه سليو هو.
هُن رڳو کيس اَباڻي ٽجوڙ جو ٻڌايو هو ۽ بس.
”پهلوان هيءَ منهنجي شادي پئي ٿئي. هيءَ عجب شادي
آهيان. مان خوش آهيان، پر سونان خوش ناهي. اڌ رات
ٿي رهي آهي. ڪوٺي تي سونان ڪنوار ٿيو، مومل جيان
ويٺي آهي. مان ويجهو وڃانس ٿو ته هوءَ روئي ٿي ۽
پيرن تي ڪِري پوي ٿي. هوءَ ٻُڌ، ڇا ٿي چوي؟ منهنجا
پٽڙا، منهنجا ٻچڙ،ا صدقو وڃانءِ. مان ته تنهنجي
ماءُ جيان آهيان. مان تنهنجي ماءُ ٿي رهڻ چاهيان
ٿي. ڇڏ ته مان تنهن جي ماءُ جيان خدمت ڪريان. ماءُ
جيان توکي مٿڙي کي زور ڏيان، مانڙي کارايان،
منهنجا ٻچڙا ممتاز! مون سان انگل آرا ڪر، رُسي وڃ،
پر پنهنجي امڙيءَ کي ائين نه مار! ماءُ کي اِئين
بي عزتو نه ڪر ممتاز!“
”پهلوان! مون هُن تي شڪ ظاهر ڪيو ته هوءَ ٻئي ڪنهن
سان کَريل آهي، اِنڪري مون سان زال واريون قرب جون
گهڙيون نه ٿي گهارڻ چاهي. مون هُن کي زوريءَ
ڇاتيءَ لاتو، چميون ڏنيون ۽ کيس پان ساڻ گڏ سمهڻ
لاءِ زور ڪيو. پر هوءَ سڏڪندي رهي، ڦٿڪندي رهي ۽
روئندي رهي. هوءَ پوءِ رُئندي هيٺ هلي ويئي.
گهڙيءَ ۾ هوءَ منهنجي ماءُ ۽ پنهنجي ماءُ کي وٺي
آئي. هو ٻُڌ اَمان جا اکر: ”اڙي بي حيا! سونان
تنهنجا زال آهي. ڪهڙي ڀاڄ پئي اَٿئي. قرب محبت سان
راضي ڪرينس. پيار ۽ قرب ۾ زور زبردستي نه ٿيندي
آهي ممتاز!“ هو ڏس جيجي به آئي آهي. هو ٻئي کلن
پيون ۽ سونان کي سمجهائن پيون. ”سونان، سونان،
لالي رو نه، ڏاهي ٿي. ممتاز اُهو تنهنجو ٻچڙو نه
رهيو آهي، هاڻ هو تنهنجو مڙس آهي. ڏاهي ٿي ، پيار
ڪرينس!“
پر سونان بي جان آهي، پٿر جهڙي سونان! هُن جي بي
جان رَويي، سڄي رات ستائڻ تي، نيٺ مون کي ڪاوڙ اچي
ٿي. مان کيس ماريان ٿو. هوءَ ڪُڇي نه ٿي، نه
دانهون ڪري ٿي. هو ٻُڌ گهٽڪا کائي ٿي. نيٺ اڌ مئي
ٿي. ٻُڌ ڇا ٿي چئي، ”ماءُ کي مارين ٿو ته ڀلي مار،
پَر ٻڌ جڏهن آسمان ۾ هيءُ ٻاجهه جا تارا نه هوندا،
مان به تو وٽ نه هوندس، ممتاز ٻچا! ڀلي مار. اڇو
فجر مان به نه ڏسندس.“
مون کيس مارڻ ۽ گهُٽا ڏيڻ بند ڪيا. هيءَ اُها
سونان نه هئي. هيءُ ”اَنا، سونان“ هئي. شل نه
انسان جي اندر شيطان جاڳي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ
سونان مون سان بهانا پيئي ڪري. ڪڏهن خيال اَچيم ته
دوڪان تان هڪ سيکڙاٽ ڇوڪرو رانجهو اچي ٻوڙ ٻاڙي
وٺي ڏيئي ويندو هو. مون کيس ساڻس کِلندي
ڳالهائيندي ڏٺو هو. ڪڏهن سؤٽاڻي سوٽ بشير کي به
وٽس ويٺل ڏٺو هيم. ذهن ۾ جيڪي شڪي ماڻهو آيا، اُهي
سونان سان جوڙيم، باقي رات ڦٿڪندي گذاريم. هوءَ
منهن کي ٻانهن ڏيو پيئي هئي. مون آهستي ويجهو وڃي
سندس ٻانهون پري ڪيون ۽ پوءِ کيس پيار ڪرڻ لڳس.
ڳلن تي، چپن تي، اُنهن هنڌن تي جتي ڌڪ هنيا
هيامانس. هُن ڪا گهڙي اکيون کولي مون کي ڏٺو، پوءِ
آسمان ڏي ڏٺو. هاڻ آسمان مان تارا گم ٿيندي پئي
ويا. پوءِ هُوءَ اُٿي منهنجي ويجهو آئي ۽ مون کي
اکين تي پيشانيءَ تي چمي ڏنائين. پوءِ رَئو ڳچيءَ
۾ وجهي سهڪندي ليٽي پيئي. ائين ڄڻ ڪو وڏو پنڌ ڪري
آئي هجي. هاڻ منهنجي اندر اِيرکا ۽ شڪ جي چڻنگ
دُکي ڀڙ ٿي ويئي هئي. مون سندس ڳچيءَ ۾ ويڙهيل رئي
کي ڇڪيو، جو ڳچيءَ ۾ سُڪ ڦاٿل هو. مون وڌي پاسن
کان ڇڪيو ته هڪ ئي سَٽ ۾ هڪ گهٽڪو، هڪ ڳيت ڏنائين.
ڏس هوءَ مري وئي آهي. ٺيڪ اُن وقت جڏهن آسمان ۾
تارا نه هئا، فجر جو وقت ٿيو هو. هو ٻُڌ، آذان
ٻُڌ، ڀر واري مسجد مان اچي رهي آهي: ”حَي علي
الصلاة... حيء علي الفلاح.“
مون اُن وقت کان نماز ته نه ڇڏي آهي. پر فلاح لاءِ
رُلندو رهيو آهيان، توبنهن جي لاءِ واجهائيندو
رهيو آهيان. پر ڇا هيءُ فلاح جو رستو آهي جنهن تي
اَسان هلندا رهيا آهيون پهلوان!“ |