انهيءَ عرصي ۾ هن ريگستان ۾ اهڙو تيز ۽ موتمار
جهولو لڳندو آهي جو ڪابه شيءِ ۽ جاندار يا نباتات
ان جي زد ۾ اچي وئي ته مري ويندي آهي. تنهنڪري
انهيءَ واٽ جنهن تان مان لنگهيو هوس ڪو ڪونه ايندو
ويندو آهي. بلوچستان ۾ گرم هوا کي مختلف نالن سان
سڏيو ويندو آهي جهڙوڪ جلوت يا جلو (جهولو) يعني
شعلو يا باد سموم يعني روڳي هوا. اها اهڙي ته
موتمار هوندي آهي جو اُٺ ۽ اهڙا ٻيا مضبوط جانور
به مري ويندا آهن. مون کي چشم ديد واقعن مان
ٻڌايائون ته انسان جي جسم تي ان جو اثر نهايت
گهاتڪ هوندو آهي. بدبخت انسان جي بدن جا پٽ ڇڪجي
سخت ٿي ويندا آهن. چمڙي سڪي ويندي آهي. ائين محسوس
ٿيندو آهي ته ڄڻ گوشت پيو ٿو سڙي، آخر بدن ۾
اونهان گهاءَ ٿي پوندا آهن ۽ خون ڇڪجڻ شروع ٿيندو
آهي. اهڙيءَ طرح آخر هن جا دک پورا ٿيندا آهن. ڪن
حالتن ۾ ماڻهو اوچتو ساهه ڏيندا آهن. ٻيا بدنصيب
ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلڪ ڏينهن انهن عذابن ۾ پيا چِڪندا
۽ چُڙندا آهن. اها مصيبت ان ڪري به وڌيڪ خطرناڪ
هوندي آهي جو ان جي اچڻ جي اڳواٽ خبر نه پوندي
آهي. مون ڪيترن بلوچن کان ان متعلق پڇا ڪئي.
چيائون ته والله اعلم! پر اسان ٻڌو آهي ته انهيءَ
باد لڳڻ کان اڳ ساهه منجهندو آهي ۽ اکيون سڙنديون
آهن. ان وقت علاج آهي ته پاڻ کي ويڙهي سيڙهي اونڌو
ٿي سمهي پئجي، تعجب آهي ته ڪهڙو به سنهون ڪپڙو جسم
کي باد سموم جي خراب اثر کان بچائيندو آهي.
3- اپريل:
منهنجي اڳيان وڏو سفر هو. تنهنڪري مون فيصلو ڪيو
ته اڌ رات جو نڪرجي. سونهين چيو ته مون رستو ڏٺو
آهي. تحقيق جيڪڏهن هن کي خبر هجي ها ته اسان کي
ڪهڙي ڏس ۾ سفر ڪرڻو آهي ته هو ڪڏهن به چوڪ نه ڪري
ها، ڇاڪاڻ ته هاڻي واري ختم ٿي ٿئي ۽ ريگستان جو
روپ بدلجي ويو هو. ڪارو ڪلر هو. نڪو ڪانڊيرو هو نه
پٿر سنئون ميدان لڳو پيو هو. ڪا اٽڪ ڪانه هئي. ان
هوندي به اسان پنج سؤ گز مس ڪياسين ته آسمان مان
سهي ڪيو ته جتي اسان منزل ڪئي هئي ان جاءِ کي
اڳيئي ٽي- چار چڪر لڳائي چڪا هئاسين. هاڻي اسان سڀ
منجهي پياسين، مون خيال ڪيو ته صبح تائين ترسي
پئجي. پوءِ چيم ته مون کي خبر آهي ته جبل ۾ لڪ ڪٿي
آهي. قطب نما
جي سئيءَ ڏسڻ سان شايد معلوم ٿئي ته ڪهڙي طرف هلڻو
آهي، پوءِ مون مون قطب نما جو شيشو ڪڍي قطب نما
ساڄي هٿ ۾ جهلي ڦيري پاتم جيستائين اُتر منهنجي
اڱوٺي جي سامهون ٿيو، پوءِ اولهه منهنجي سامهون
هو، مان ستارا ڏسي چيومان ته اچو ته هاڻي مان ٿو
توهان کي رستو ڏيکاريان. مراد ۽ بروهيءَ ٻنهي جو
خيال هو ته اها ڪوشش اجائي آهي، پر منهنجي
هندستاني نوڪر جنهن جو مون ۾ ڪلي اعتماد هو، هن جو
رخ ڏسي ٻين به منهنجي رٿ قبول ڪئي تنهنڪري اسان
اڳتي وڌڻ شروع ڪيو، پرهه ڦٽيءَ مهل ڏٺوسين ته اسان
سڌي رستي تي هئاسين، جتي اسان جو اڳواڻ منجهند مهل
پهچي ها ۽ جبل کي تيرهن ميل ويجهو هئاسين.
منهنجن دوستن جن کي خبر نه هئي ته قطب نما ڇا
ٿيندو آهي تن جي نظر ۾ هي معمولي ڳالهه هڪ معجزو
هو. پندرهن ڏينهن کان پوءِ اهو واقعو مون هڪ
ماڻهوءَ جي واتان ٻڌو، جنهن کي مراد هيءَ ڳالهه
منهنجي دانائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ ٻڌائي هئي.
اسان شام جو ستين بجي تائين يڪساهيءَ سفر ڪندا
رهياسين ۽ اٺيتاليهن ميلن کان به زياده پنڌ ڪري
وياسين. منهنجي مرضي اڃا اڳتي هلڻ جي هئي پر
منهنجا ماڻهو ۽ اُٺ اڄوڪي ۽ گذريل ٻن ڏينهن جو پنڌ
ڪري ٿڪجي پاهه ٿي پيا هئا، مون پنهنجن ماڻهن سان
مشورو ڪيو. فقط مان ئي ان ڳالهه جي فائدي ۾ هوس ته
جبلن کي پهچڻ کان اڳ ساهه نه پٽجي. وڏي مصيبت ته
اها هئي جو کاڌو کُٽي ويو ۽ پاڻي، جو اسان وٽ هو
سو هن منزل ڪرڻ کان اڳ اسان ورهائي ڇڏيو هو. تنهن
ڪري اسان جي سڄي رات ٿَڪ، بک ۽ اُڃ ۾ واجهائيندي
گذري، مون کي فقط اُڃ جي ڪري تڪليف ٿي، پر پاڻ ۽
ٻين کي دلاسو ڏئي خوش ڪيم ته صبح جو اسان کي اهي
سڀ ضروري شيون ملنديون ۽ آرام حاصل ٿيندو.
4- اپريل:
اسان ٻارهن ميل پٿرين سان ڇانيل ريگستان ۽ ويران
ٽڪرين مان پنڌ ڪري ڪِلوگن جي ڳوٺ پهتاسين جو مڪران
جي هڪ سوڙهي ۽ دلڪش واديءَ ۾ آهي. نوشڪي ڇڏڻ وقت
مون جلڪ جي شهر وڃڻ جو خيال ڪيو هو جو ڪلوگن کان
چوڏهن ميل اُتر طرف آهي. پر مون کي خبر پئي ته
مراد سردار جي ڌيءَ سان پرڻيل هو سو مون کي هت وٺي
آيو هو. ڳوٺ کان اڌ ميل ٻاهر مرد چيو ته تون کجين
جي وڻن جي ڇانوَ ۾ ترس ته مان وڃي سردار کي تنهنجي
اچڻ جو اطلاع ٿو ڪيان. مون ان ڳالهه تي اعتراض
ورتو جو سمجهيم ته ان ڳالهه مان منهنجي وڏائي ظاهر
ٿيندي، پر مراد چيو ته هي هن ملڪ جو رواج آهي. ان
کان پوءِ مان به هن ملڪ ۾ ان تي عمل ڪندو هوس.
مراد جلد موٽي آيو، چيائين ته سردار جنهن جو نالو
هن مير خداداد ڪري ٿي ورتو، تنهن جي مرضي هئي ته
تون پاڻ کي پيرزادو
ڪري سڏاءِ نه ته مان توکي پنهنجي گهر ۾ پناهه نه
ڏيئي سگهندس. مراد وڌيڪ چيو ته هاڻي تون ائين نه
سمجهه ته ڪو تون خان
جي ملڪ ۾ آهين. هن ملڪ ۾ خان جي ملڪ جهڙو انتظام ۽
سلامتي نه آهي. اسان هاڻي مڪران ۾ آهيون جتي هرهڪ
آدمي ٿورو ذات جو آهي ۽ جتي ماڻهو ڀائرن ۽
پاڙيسرين کي به ڦرڻ کان ڪين ٽرندا آهن، تنهنجو
نالو مسافريءَ لاءِ تمام خراب آهي. ڪير اعتبار
ڪندو ته هڪ سوداگر جي نوڪر کي سامان سڙو يا گهٽ ۾
گهٽ سامان خريد ڪرڻ جو وسيلو ڪونه آهي. انهيءَ
صلاح لاءِ مون کي مراد جي نيت خراب ڪانه سمجهڻ ۾
آئي. هن جي ڳالهه ۾ البت ڪجهه وڌاءُ هو، پر جيئن
نوشڪيءَ ۾ پوڙهي سردار چيو هو ته ان ۾ گهڻو سچ هو.
وڌيڪ صلاح مصلحت لاءِ وقت ڪونه هو، تنهنڪري مون
هڪدم پاڻ کي پيرزادو سڏائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي نالي
مطابق پيرزادن جهڙي روش اختيار ڪيم.
ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ مان مسجد جي در تي لٿس
جتي مراد مون کي پنهنجي سهري سردار ۽ ٽن- چئن مُلن
سان- قلات جو پيرزادو جو هاڻي حج تي وڃي رهيو آهي،
تعارف ڪرايو. سردار چيو ته معاف ڪجو جو توهان کي
مسجد ۾ رهايان ٿو. مهمانخانو رهڻو جهڙو نه آهي پر
مان تنهنجي لاءِ هڪ خالي گهر صفا ڪرايان ٿو. مون
چيومانس ته مان توهان جي ڳوٺ ۾ ٿورو وقت آهيان،
ڪهڙي به جاءِ هجي سا ٺيڪ آهي. ٿوري وقت آهيان،
ڪهڙي به جاءِ هجي سا ٺيڪ آهي. ٿوري دير کان پوءِ
هو ۽ ٻيا رونشي ڪوڏيا ماڻهو جي اچي گڏ ٿيا هئا سي
هليا ويا ۽ مون کي آرام ڪرڻ لاءِ ڪلاڪ- ٻه مليا.
شام جو مون کي پنهنجي نئين حويليءَ ۾ وٺي ويا. اها
ٻن ڪمرن سان ڪکائين جهوپڙي هئي. ٿوري وقت کان پوءِ
سردار اسان لاءِ ڪجهه کاڌو موڪليو، جو ڏسي اسان
ڏاڍا خوش ٿياسين، ڇاڪاڻ ته اسان ٽيهه ڪلاڪ فاقو
ڪڍيو هو. رات جو وري مون کي ڪجهه بخار ٿيو. مان
اتفاق سان سردار سان اها ڳالهه ڪئي، هن مون کي
زورن
ڏيڻ لاءِ پنهنجو هڪ ٻانهو موڪليو، جنهن کان مون کي
گهڻو آرام پهتو. هو زور ڏيندو رهيو تان جو ننڊ وٺي
ويم. صبح جو مان اٿيس ته بلڪل تازو توانو ۽ تندرست
هئس.
5- اپريل:
صبح جو سردار وري اسان لاءِ ٻاجهريءَ جي ماني ۽
لَسي موڪلي. ناشتي کان پوءِ مون مراد کي پاسي ڪري
مختصر لفظن ۾ چيومانس ته مان ڪلو گن ۾ هڪ- ٻه
ڏينهن کان زياده نه ترسي سگهندس جو مون کي ٻئي
ڏينهن سرحد وڃڻ جو ارادو آهي. تنهنڪري مون کي رستي
لاءِ سيڌو سامان وٺي ڏي، جنهن لاءِ مان واجبي قيمت
ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. تون به مون سان گڏجي هلڻ
لاءِ تياري ڪر. چيائين ته تو هنن ٻن- چئن ڪلاڪن ۾
ڏٺو هوندو ته ڏڪر هن ملڪ ۾ راڱا ڪيا آهن. کاڌي
پيتي جي شين جي قيمت چڙهي آسمان تي وڃي پهتي آهي.
سيڌو ملڻ مشڪل آهي. پر منهنجي سُهري توکي پنهنجي
توشاخاني مان ٿوري کجور ۽ جوَن جو اڏو ڏيڻ جو
ارادو ڪيو آهي. اڻاٺ جي خبر جيتوڻيڪ اڻوڻندڙ هئي،
پر ان جي ڪري مون کي ڳڻتي ڪانه پيدا ٿي. پر مراد
چيو ته مون ٻُڌو آهي ته تفنگچن جي حفاظت کان سواءِ
اڳتي وڌڻ خطرناڪ ٿيندو. سرحد وڃڻ جو ته سوال ئي
نٿو اٿي. گذريل ٽن ڏينهن ۾ سرحد جي بلوچن
ڪلو گن تي حملو ڪيو هو ۽ ٻنهي ڳوٺن جا ماڻهو هڪٻئي
جي خون پيئڻ لاءِ تيار هئا. تنهنڪري بهتر ٿيندو ته
توهان ڀنڀور يا هفتور
واري رستي کان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪڏهن مير
خداداد کي ٿوري خرچي ڏيندؤ ته هو پاڻ توهان سان
گڏجي هلندو. مون ان جو جواب ڏنومانس ته مون وٽ
پئسو ڪونه آهي. جڏهن مون کي توکي ڀاڙي ڪيو ته تو
وعدو ڏنو هو ته سرحد تائين مون کي سونهين تي وڌيڪ
خرچ ڪرڻو ڪونه پوندو. هن اها ڳالهه قبول ڪئي پر
چيائين ته ان وقت کيس اها خبر ڪانه هئي ته ملڪ ۾
اهڙي بدامني پيدا ٿيندي. مان تنهنجي لاءِ سڀڪا
زحمت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جي تنهنجي مرضي
هجي ته مان توکي وري نوشڪيءَ واپس پهچايان. ٻيءَ
ڪنهن حفاظت کان سواءِ اڳتي سفر ڪرڻ ممڪن نه آهي ۽
نه مان اها جوابداري پاڻ تي کڻي سگهندس. مون هن کي
انهيءَ ارادي ڦيرائڻ لاءِ گهڻائي دليل ڏنا پر هو
آواره سمجهي ويو ته هي هاڻي منهنجي چنبي ۾ آهي.
اها خاطري هئس ته هي هاڻي ڪونه موٽندو ۽ نه مون تي
ڪو ٻيو زور هلائي سگهندو، تنهنڪري هو ڪين مُڙيو.
لاچار مون کي ساڻس معاهدو ڪرڻو پيو ته مير خداداد
مون کي ڇهن هٿياربند ماڻهن سان پنجويهه رپين ۾
هفتور يا ڀنڀور پهچائيندو ۽ اسان ٻئي ڏينهن ٻارهين
بجي جي نماز کان پوءِ ڪنهن به صورت ۾ روانا ٿي
وينداسين. مون هڪدم روڪ پئسا ڪڍي هٿ ۾ ڏنامانس ته
وڌيڪ نه ڪا گُهر ڪري ۽ کولي ڏيکاريومانس ته مون وٽ
باقي ڇويهه رپيا بچيا آهن. ڪرمان پهچڻ کان اڳ مون
کي اڃا ست سؤ ميلن جو سفر ڪرڻو آهي. سونهين جي
ڪِرايي کان سواءِ مون کي پنهنجي ۽ ٽن نوڪرن لاءِ
کاڌو خوراڪ کپي. هن خانه بدوش منهنجو باقي بچيل
خزانو ڏسي کنگهيائين به نه.چيائين ته ڌڻيءَ تي
آسرو رک، هو پاڻيهي توکي روزي رسائيندو. مون کي هن
جي ڪميڻائپ تي سخت مڍيان لڳي پر سور پِي ويس. ٿوري
وقت کان پوءِ سهُري کي موڪليائين جنهن چيو ته مون
کي سودو قبول آهي، تون خاطري ڪر. اسان مقرر ڪيل
وقت تي روانا ٿي وينداسين. مون ان ڳالهه تي گهڻو
زور ڏنو هو ڇاڪاڻ ته ڊپ هو ته وري نوشڪيءَ وانگر
هت به دير نه پوي.
سج لٿي مهل اسان دستور موافق ماني کاڌي. مون تڪڙو
تڪڙو ماني کائي پوري ڪئي ته گهر، جنهن ۾ مون کي
رهايو ويو هو سو ماڻهن سان ڀرجي ويو. خداداد به
انهن ۾ هو. مون ٻڌو ته اڳئين ڏينهن تي منهنجي
بيماريءَ ڪري هن ماڻهن کي چئي ڇڏيو هو ته مون کي
تنگ نه ڪن. اهڙي مروت ۽ لحاظ کان سونمياڻيءَ پهچڻ
کان پوءِ ڪٿي ڪونه ڏٺو هو. اهو ته خواب خيال به نه
هو ته ڪو ڪلوگن ۾ اهڙي فضيلت هوني. اسان گهڻن
موضوعن تي بحث مباحثو ڪيو، جن جي ڇيڙڻ جي مون کي
مرضي نه هئي، خاص ڪري مزهب جو سوال. سردار ڦِريو
ڦِريو ان ڳالهه تي پئي آيو. هن جو مقصد هو ته ڏسان
ته هي ڪهڙي فرقي جو مسلمان آهي. مون کي هن جي
خيالن مان جلد معلوم ٿيو ته هو ڪٽر سُني هو. مان
به هن جو سُر کنيو، اهڙيءَ طرح مان ردبدل کان پاسو
ڪيو. منهنجي هندستاني نوڪر فتح محمد اڳي ئي مون کي
هدايت ڪري ڇڏي هئي ۽ هن اڄ شام جو منهنجي ڏاڍي
وقتائتي مدد ڪئي. اهڙيءَ طرح مان سواءِ ڪنهن
غلطيءَ جي پنهنجي جند ڇڏائي. منهنجي علم جو ماڻهن
تي ايترو ته اثر پيو جو هڪ- ٻه دفعا ته منهنجي
راءِ مطابق فيصلو ڪيو ويو.
اٽڪل ڏهين بجي مان هڪ ڪُنڊ ۾ ڪنبل
وڇائي انهيءَ اميد ۾ ليٽي پيس ته ٻيا به مون کي
ڏسي وڃي سمهي پوندا. پر جلد ئي مون هڪ دلچسپ بحث
ٿيندو ٻُڌو. ٻن ڳوٺاڻن پاڻ ۾ مناظرو ٿي ڪيو. هڪڙو
چئي ته سج ۽ چنڊ هڪ شيءِ آهن. ٻئي هن جا لاجواب رد
ڏنا. آخر ڪاوڙجي ماڻهن جن وچ ۾ پئي ڳالهايو تن کي
چيائين ته ماٺ ڪيو. مان پاڻيهي هن کي جواب ڏيندس.
پوءِ کِلي پڇيائين ته سج ۽ چنڊ ساڳئي وقت تي آسمان
۾ مختلف طرفن کان ڇو نظر ايندا آهن؟ ٻيو ڪجهه وقت
ته منجهي ويو، پر جواب تي مطمئن نه ٿيو. چيائين ته
آڻ مڃڻ مڙس جو ڪم نه آهي، سو نهايت اطمينان سان
جواب ڏنائين ته چنڊ سج جو پاڇو آهي. اهو بحث ڪلاڪن
جا ڪلاڪ هلندو رهي ها، پر ڪنهن چين ته هن سُتل جو
رايو ڇو نٿا وٺو. مان پهرين ته ڇَپ هڻي سمهي پيس،
پر پوءِ خيال ڪيم ته اهي سمورا دليل وري مون کي
ٻُڌڻا پوندا. سو جند ڇڏائڻ لاءِ چيومان ته مان سڄو
بحث ڪَن لائي ٻڌو آهي. مون کي ان معاملي ۾ فتوا
ڏيڻ جي لياقت ڪانه آهي، پر مان پوئين جوان سان
شامل راءِ اهيان. اهو مثال هنن ماڻهن جي جهالت جي
انتها ڏيکاري ٿو. انسانن کي خدا عقل ڏنو آهي، هنن
کي خالق جي خبر آهي ۽ هن ۾ ايمان اٿس. تعجب آهي ته
پوءِ به هو اهڙين واهيات ڳالهين تي اعتبار ڪن ٿا.
فصل- 10
6- اپريل:
مير خداداد وعدي تي پورو رهيو. مان ٻن پهرن جي
نماز کان پوءِ هڪدم روانو ٿيس، مون کي به لاچار
مسجد ڏي وڃي نماز ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. انهيءَ قسم جي
ٺڳيءَ کان هن وقت تائين پاسو ڪندو آيو هوس ۽ اڃا
به پاسي ڪرڻ جي مرضي هئي. پر سردار رواجي طرح مون
کي گهران سڏي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. حقيقت
هيءَ هئي ته هن سمجهيو هو ته مان شرط ڪيو هو ته
نماز پڙهي نڪرنداسين. مان ڏٺو ته هاڻي ٻيو چارو
ڪونه آهي، تنهنڪري منهنجي هلڻ جي ضرورت نه آهي.
مان هن جي ڪميڻائپ کان اڳي ئي واقت هوس، تنهنڪري
مون کيس زور ڪونه ٻڌو ته پنهنجو ارادو بدلائي، مان
دل ۾ خوش هوس ته هو ڀلي پٺتي رهي. مون سان هاڻي
فقط ٽي پهريدار جي سچ پچ ڇوڪرا هئا سي وڃي بچيام،
سواءِ مير خداداد ۽ هڪڙي ڪابلي فقير جي، جو مڪي
پئي ويو. اسان پهاڙن جي وچان هڪڙي ڪڙيي مان اٽڪل
ڇهه ميل ڏکڻ- اولهه پنڌ ڪيو ۽ واٽ تي پورا ۽ ٻي
نالي ٻه ڳوٺ ڏٺاسين. چئين بجي شام جو هڪ کليل
ميدان ۾ ترسي پياسين ته جيئن رات جو اوچتو ڪو ڇاپو
نه هڻي.
ڪلوگن ۾ اتڪل ڏيڍ سؤ گهر ٿيندا. انهن مان گهڻا ٻه-
ٽي ماڙ آهن. اهي گهر ان ڪري ماڙين سان ٺاهيا ويا
آهن ته جيئن انهن جا مالڪ حملي جي وقت ماڙيءَ تي
پناهه وٺي سگهن. شهر جا ماڻهو اڪثر مٿي سمهندا
آهن. هو هڪ ڏاڪڻ جي رستي ڇت ۾ دريءَ مان مٿي چڙهي
ويندا آهن ۽ پوءِ ڏاڪڻ مٿي ڇڪي وٺندا آهن، ان لاءِ
ته جي رات جو چور اچن ته هو گهر وارن کي ستائين نه
سگهن ۽ نه انهن جو ان ۽ ٻيو سامان کڻي سگهن. ڳوٺ
هڪ کجين جي سوڙهي جهڳٽي جي پاسي. ۾ ٺهيل آهي، جو
ڏکڻ طرف ميل کان به زياده پري هليو وڃي ٿو. هيٺ
زمين ۾ ساريون ۽ ٻيو اَن پوکيندا آهن، وچ مان هڪ
ويڪري نهر وهي ٿي، جنهن جي ڪپرن تي وڏا سائدار
گهاٽا وڻ آهن. ڳوٺ جي لڳ وڏا جبل آهن. جي هن وقت
ساوڪ سان ڍڪيل اهن. مون ٻي ڪا اهڙي جاءِ ڪانه ڏٺي
آهي جنهن کي قدرت پنهنجي هٿن سان ايترو سينگاريو
هجي، هڪ سوڃي، ويران ۽ بيابان ۾ نڪري اهڙي سانتيڪي
۽ سندر جاءِ تي اچڻ ڪري پاڻ دل کي وڌيڪ فرحت ٿي
آئي.
هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ مڪران جي صوبي جو تفصيلوار
بيان ڏنل آهي. هي ضلعا مڪران جو حصو آهن تنهنڪري
مان هٿ انهن جو مختصر احوال ڏيندس. هتي هر ڪنهن
ڳوٺ ۾ سردار يا چڱو مڙس هوندو آهي. هو انهيءَ عهدي
لاءِ عام ماڻهن جي راءِ سان چونڊيو ويندو آهي.
ماڻهو هن کي ساليانو اَن ۽ کجور جي فصل جو حصو
ڏيندا آهن. ان جي عيوض هو صرف مسافرن کي پاڻ وٽ
رهائيندو آهي، جي ان خدمت جي لائق هوندا آهن؛ پر
مڪران ۾ مهمان نوازيءَ جو انگ بلوچستان کان گهٽ
آهي ۽ مهمان نوازي ڏيکارڻ جا موقعا به گهٽ هوندا
آهن. ڪلو گن کان هفتور تائين جي علائقا اهن، تن جا
رهاڪو مڪراني يعني مڪران جا رهاڪو سڏبا آهن، هو قد
جا ننڍا ۽ مضبوط ۽ جيتريقدر مون کي معلوم ٿيو ته
بهادر آهن. هو هر وقت پنهنجن پاڙيسرين بلوچن جي
خوف ۾ رهندا آهن، هو اها ڳالهه قبول ڪندا آهن ته
هو سندن مٽ نه آهن. انهن جي پوشاڪ، روزگار، ۽
عادتون قريباً ساڳيون آهن. انهن جون زالون رواجي
شڪل جون هونديون اهن. ڪلوڪن مان ڪافي وقت رهيو هوس
۽ مون ڏٺو ته هڪ به زال ڪانه هئي جنهن جون اکيون
ضعيف نه هجن. مون سردار جي ٻن- ٽن عزيزياڻين کي
ڦٽڪيءَ ۽ آفيم جو ڊڀُ ڏنو جو مون ساڻ هو، پوءِ ته
مان ڳوٺ جي زالن مان اچي ڦاٿس. ڦون ڦون ڪري وٺي
ويون. فقط اکين جو دارو ته نه پيون گهرن پر ڪيترن
ٻين مرضن جا نالا ورتا جن جون علامتون بنا ڪنهن شڪ
شرم جي پيرزادي کي ٻڌايائون، سڀني مون کي پيرزادو
ٿي سڏيو. ڪيترن رسول جو نالو وٺي ۽ حج قبول پوڻ جي
دعا گهري چيو ته اهڙو ڪو تعويذ ڏيو جو ٻار ٿئي.
ٻين کي خفقان ۽ باديءَ جي شڪايت هئي. مطلب ته
جيتريون زالون هيون اوترا مرض هئن. هر ڪنهن کي
پنهنجي پنهنجي بيماري هئي. آخر جند ڇڏائڻ لاءِ
چيومان ته مون کي انهن ڳالهين جو علم ڪونه آهي.
7- اپريل:
اسان رات ڏاڍي مينهن ۽ جهڙ ۾ گذاري. صبح جو سوير
سج اڀرئي کان اڳ اٿياسين. انهيءَ اميد سان ته اُٿ-
ويهه ٿيندي ته بت گرم ٿيندو، خبر تڏهن پئي ته هڪ
پادر ٺهي ئي ڪونه، ڪو گدڙ يا ٻيو جانور کڻي ويو
هو، مطلب ته مون سان ويل ٿي ويو. رستو اهڙو خراب
هو جو ٻن- ٽن سون گامن جي مفاصلي ۾ ٻه- ٽي دفعا
لهڻو ٿي پيو. انهن مصيبتن جي هوندي به مان، ڇپرن
تان ۽ پهاڙي ٻوٽن وچان ٻوٽن وچان رستو وروڪڙ هو،
ان جو گهڻو رستو ڪلپور ڪڻ
جي ننڍڙي ضلعي مان ٿي لنگهيو، جو درچوڪ جي سردار
جي ماتحت آهي. مان شام جو ستين بجي مهل دوزڪ جي
وڏي ۾ وڏي شهر لڳ هڪ پٽ ۾ لهي پيس، شهر جي ويجهو
به عجيب ٽڪريون آهن جن مان هڪ کي ڪوم گبر سڏيندا
آهن؛ مان ان کان ٻارهن يا چوڏهن ميل پري هوس. جيل
عجيب شڪل جو آهي پريان هڪ قبي وانگي ٿو نظر اچي ۽
آسپاس وارن ٻين سڀني پهاڙن کان اوچو آهي، چون ٿا
ته ان جي چوٽيءَ تي هڪ آتش ڪده جا نشان آهن پر مون
سان اهڙو ماڻهو نه مليو جنهن اهو اکين سان ڏٺو
هجي، ٻي هن پَٽ تي هڪ اڪيلي ٽڪري آهي، جنهن کي
ڪوههِ گدانڪا يعني پراڏي جو جبل چوندا آهن. چون ٿا
ته جيڪڏهن ان جي تري ۾ پنجاهه گزن جي مفاصلي تي ڪو
بيهي ڪجهه چوندو ته هرهڪ لفظ چٽو ٻڌڻ ۾ آيا. مون
کي جبل شڪل مان پورو ٿي نظر آيو. هندستان موٽڻ کان
پوءِ مون انهن ملڪن جي هڪڙي رهاڪوءَ کان ٻڌو آهي
ته ڪوم گبر تي تصويري اکر آهن، عام ماڻهن کي ڀرم
ويٺل آهي ته انهن ٻنهي جبلن تي ويو رهندا آهن.
ماڻهو عجيب ڳالهيون ٻڌائيندا آهن ته اڳين ڏينهن ۾
جن ماڻهن مٿي وڃي کوجنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تن
کي ڪيئن نقصان پهتو آهي ۽ ديون جو پاڇو پيو آهي،
هن وقت سڀ ماڻهو انهن کان پاسو ڪري لنگهندا آهن.
سج لٿي مهل اسان پهتاسين ته مير خداداد نماز پڙهي،
هو ٽي دفعا ڏينهن ۾ باقاعدي نماز پڙهندو هو ۽ اتي
ارڙهن هٿيار بند ماڻهو اسان سان اچي شامل ٿيا.
اسان هنن کي پريان جهاتيون پائيندو ڏٺو هو. ڄڻ ته
اهو معلوم ڪرڻ ٿي گهريائون ته اسان پاڻ ۾ ڪيترا
مڙس آهيون پوءِ جڏهن اسان هنن سان ڳالهايو، تڏهن
چيائون ته اسان توهان جو ٽولو ٻين بجي مهل ڏٺو هو،
ان وقت سمجهيوسون ته توهان رات جو هن ضلعي جي ڪن
ڳوٺن کي ڦريندؤ. اسان رات جو توهان تي حملي ڪرڻ جو
خيال ڪيو هو جو سمجهيوسين ته توهان ان وقت مقابلي
لاءِ تيار نه هوندؤ. پر جڏهن توهان کي لهندو
ڏٺوسين، تڏهن توهان کان حال احوال وٺڻ لاءِ وڌي
آياسين. هو مضبوط جوان هئا، تعداد اسان کان ٻيڻو
هننِ ۽ هٿيار به اسان کان وڌيڪ هئن. جيڪڏهن اسان
اتفاق سان لهون نه ها ته ممڪن هو ته اسان مان
ڪيترا مارجي وڃن يا زخمي ٿي پون ها. پر اسان جي
ترسڻ ڪري هنن جون رٿون برصواب نه ٿيون. خدا داد
منهنجي لاءِ چين ته هي پيرزادو آهي ۽ حج تي وڇي
ٿو. ان تي هنن شڪر ڪيو جو سندس غلط فهمي دور ٿي ۽
مون کي تڪليف ڪانه پهتي. مون کي سڀني سان ڀاڪر
پائي ملڻو پيو. هو پوءِ ٿورو وقت ترسي، پنهنجن
گهرن ڏانهن موٽي آيا.
8- اپريل: آءٌ گل ۾ جو ديزڪ جو پهريون ڳوٺ آهي،
ستين بجي صبح جو پهتس. مان ڳوٺ مان ٻه- ٽي سؤ قدم
ڪري ٻاهر نڪتس ته مسجد جي ملان جنهن منهنجي اچڻ جي
خبر رات جو انهن ماڻهن کان جي اسان سان گڏيا هئا،
تن کان ٻڌي هئي تنهن جو ڇوڪر ڀڄندو آيو ته قدم رنج
فرمائي چانهه پاڻي پِي پوءِ وڃو. مون سمجهيو ته هن
کي اُڻتڻ آهي ته ڪير آهن، انهيءَ سبب منهنجي مرضي
هئي ته ڪو مذهبي بحث نه ٿئي، پر مون کي انڪار ڪرڻ
لاءِ ڪو معقول سبب ڪونه هو ۽ منهنجن سڀني دوستن جي
دعوت قبول ڪرڻ جي مرضي هئي، ڇاڪاڻ ته هنن هڪ سڻڀي
ناشي ڪرڻ جو موقعو منهنجي لڄ جي ڪري هٿان وڃائڻ
نٿي گهريو. مون کي لاچار موٽڻو پيو.
مون ڏٺو ته چار- پنج معزز ۽ خوش پوش آدمي هڪ وڻ جي
ڇانوَ ۾ ڪاٺ جي پاٽوڙن ۾ ماني ۽ لسي رکيو ويٺا
هئا. هو سڀ اٿي مون سان گڏيا، اسان هڪٻئي جا هٿ
چمي ڀاڪر پائي گڏياسين، مون کي صدر ملان جي سڄي
پاسي کان ويهاريائون- هن بسم الله چئي ۽ اسان مان
کائڻ شروع ڪئي، سڀ کاڌي کي جنبي ويا ۽ اسان کان
سوال جواب ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ملين. اسان ماني
کائي پوري ڪئي. هڪڙو ٻانهو هٿ ڌوئڻ لاءِ پاڻي کڻي
آيو. منهنجي کاٻي پاسي کان جو مانهو ويٺو هو، تنهن
کي جهڙي تهڙي فارسي ايندي هئي، هن چيو ته هاڻي
پيرزادو فاتحه
پڙهندو اها ڳالهه منهنجي خواب خيال ۾ به نه هئي.
تنهنڪري آءٌ پهرين منجهي پيس. پر آءٌ بمبئيءَ ۾
رهڻ کان اڳ پنهنجي هندستاني نوڪر کان رواجي
مسلمانن جون دعائون سکيو هوس، تنهنڪري نهايت
بردباري ۽ ڌيرج سان ڏاڙهيءَ کي هٿ لائي ٻه- ٽي
سورتون
چپن ۾ چيم پر ڪوشش ڪري الله، رسول ۽ شڪراني جا لفظ
ڏاڍيان چيم ته جيئن ٻڌڻ ۾ اچن، ان جو ڏاڍو سٺو اثر
پيو ۽ اسان هڪٻئي کان ساڳئي نموني ۾ موڪلائي
اٿياسين.
من نَو ميل وڌيڪ دوزڪ جي ضلعي مان پنڌ ڪيو، جو
ڏاڍو زرخيز ۽ آباد آهي، ۽ ست- اٺ ڳو اٿس جن ۾
هرڪنهن کي پنهنجو پنهنجو نالو آهي، پر مڪاني ماڻهو
سڀني کي ديزوڪ جي عام نالي سان سڏيندا آهن. اهو
رواج سموري بلوچستان بلڪ ايشيا ۾ آهي ۽ ڌارين
ماڻهن کي هميشہ منجهائيندو آهي. ديزڪ جو مکيه
سردار نعمت الله خان هي. مون کي نوشڪيءَ جي سردار
هن لاءِ واقفيت جو خط ڏنو هو پر مون کيس خط ڪونه
ڏنو، ڇاڪاڻ ته ڊپ هو ته متان هو مون کي ٻه- ٽي
ڪلاڪ يا رات نه رهائي ڇڏي. هن کي کجور ۽ ڪڻڪ جي
سموري فصل جو ڏهون حصو ڍل ۾ ملندو آهي. فصل هميشہ
چڱو ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ماٿريءَ ۾ هڪ سدا واهه
آهي ۽ کجور جا گهڻا ۽ وڏا باغ آهن. شاهه محراب
خان، جو ڇهن ڏينهن جي سفر جي مفاصلي تي هفتور ۾
رهندو اهي، تنهن کي هتي هڪ ديهه آهي، جنهن مان
سندس چوڻ مطابق کيس سال ۾ ڏهه هزار رپيا پيدائش
ٿيندي آهي. نعمت الله خان کي اهڙيون ڏهه ديهون
آهن، تنهنڪري خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هن جي
پيدائش سال ۾ سٺ- ستر هزار رپيا هوندي.
اڄ شام جو سروجي جي ڳوٺ جي ڀرسان جتي مان جُتي
خريد ڪرڻ لاءِ ترسيو هوس، اسان تي باقاعدي مذهبي
سببن ڪري حملو ڪيو ويو. هنن مون کي ايراني ڄاڻي
شيعو سمجهيو هو. هو شيعن جي فرقي کي سخت نفرت سان
ڏسندا آهن. پر مون پنهنجي هندستاني نوڪر جي مدد
سان کين ٿوري وقت ۾ خاموش ڪرائي ڇڏيو. اهڙن موقعن
تي هندستاني هميشه وفاداريءَ سان منهنجي مدد ڪندو
هو. مان جڏهن موڪلائي اُٿيس ته هڪڙي ماڻهوءَ چيو
ته تون ضرور بهشت ۾ ويندين. تنهنجي شڪل ڏيکاري ٿي
ته تون پنهنجي ملڪ ۾ خوشحال هوندين، تو دنيا جا
سمورا سک ترڪ ڪري غربت جي حياتي ۽ سفر اختيار ڪيو
آهي. انهيءَ رياضت ڪري توکي آخرت ڪريان ته مون کي
تو جهڙي سعادت نصيب ڪانه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته مان گهر
۾ به اهڙو ئي غريب ۽ ڪنگال آهيان جهڙو ٻاهر.
مون چيومانس ته منهنجو گهر ۾ به اهوئي حال آهي،
جهڙو هينئر ڏسين ٿو. پوءِ مشڪي منهنجن پيرن ڏي
نهاري چيائين ته هي تنهنجي انهيءَ دعوا کي غلط
ثابت ڪن ٿا ۽ ڏيکارين ٿا ته تون غربت جي حياتيءَ
تي هريل نه آهين. مون هڪدم پنهنجي جُتي کڻي پيرن ۾
پاتي. آءٌ ڪوشش ڪري اُس ۾ پيرن اُگهاڙو گهمندو
هوس، تان جو لڦون پئجي وينديون هيون، پر تنهنجي
هوندي انهن جو رنگ هنن جي هٿن پيرن جي رنگ جهڙو
ڪونه ٿيندو هو. مان جيستائين پنهنجي اُٺ تي چڙهي
روانو ٿيس، تيستائين هو ماڻهو منهنجي ڪڍ آيو پر
مون کي خاطري آهي ته جيتوڻيڪ هو منهنجي رنگ تي
ڀُليو هو. هن کي اهو شڪ ڪونه هو ته مان ڪو يورپي
آهيان.
9- اپريل:
اسان رات ديزڪ ٽڪرين جي الهندي واريءَ قطار جي تري
۾ گذاري، اڄ صبح جو ٽڪرين تي چڙهياسين ۽ ڏهه ميل
اولهه طرف سفر ڪيوسين ۽ هڪ وسيع پٽ ۾ داخل ٿياسين.
اهو سب علائقي ۾ اچي وڃي ٿو. جنهن جي واٽ کان چار
ميل ڏکڻ طرف ’سب‘ نالي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ هو ۽ ٻه ميل
اولهه ڏي ڪلنگيءَ جو ڳوٺ هو، اتر طرف ٻيو به هڪ
ڳوٺ هو جنهن کي ’پوکي‘ ٿي چيائون. مان انهن ڳوٺن
مان ڪنهن ڏي ڪونه ويس. انهن جو سردار شيخ مراد خان
آهي جو ذات جو ڪُرد بلوچ آهي. هن تي ۽ هن جي قوم
جي ڪن ماڻهن کي مڪاني ماڻهن پنهنجي علائقي جي
حفاظت لاءِ گُهرائي پاڻ وٽ رهايو آهي. هو پنهنجي
بهادريءَ ۽ پئتي ارادي ڪري انهيءَ ڪم لاءِ نهايت
موزون آهي. هو هن وقت تائين پنهنجي آزادي قائم ڪرڻ
۾ ڪامياب رهيو آهي، جيتوڻيڪ پهرا جي خان، محراب
شاهه، جو هن تَر جو سڀ کان زياده طاقتور سردار
آهي، تنهن مٿس بارها حملا ڪيا آهن. سب جو علائقو
اڪثر ويران آهي. ان جي اولهائين طرف هڪ وڏو ڪڙيو
آهي، جنهن جي ڪري سب ۾ وڏيون ڪڻڪ جون ٻنيون ۽ کجين
جا جهڳٽا آهن. جي اهو ڪڙيو نه هجي ته هوند سڄو
علائقو غيرآباد هجي. سب جي پٽ لنگهڻ کان پوءِ اسان
کي هڪ ننڍي جبلن جي قطار نظر آئي، جنهن جي پٺيان
اسان منزل ڪئي. اڄ اسان سراسري ٽيويهه ميل پنڌ ڪيو
۽ قريباً اولهه جي ڏسن ۾، ڪِن سوڙهين ماٿرين ۾ مون
کي لئيءَ جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا، انهن کان سواءِ ٻي ڪا
ساوڪ يا وڻڪار ڪانه هئي.
10- اپريل:
اڄوڪي سموري سفر ۾ رستو وروڪڙ هو ۽ ملڪ جو حُليو
بدليل هو. تعجب هو ته ايتري ٿوري مفاصلي ۾ ايڏو
تفاوت هجي. ڪلوگن ۽ ديزڪ جي ڀرسان جبل ۽ ٽڪريون
چوٽين تائين ساوڪ ۽ ٻوٽن سان ڇانيل هيون. هتي فقط
ڪارا پهڻ هئا. ڪلپورڪڻ، ديزڪ ۽ سب جي وسيع ۽ سنون
علائقن بدران هتي ڪي ٿورا گهڻا پَٽ هئا، تن ۾ به
ننڍيون ٽڪريون ۽ اونهان تلاءَ هئا. جنهن جي ڪري
انهن مان سفر ڪرڻ مشڪل ۽ ناخوشگوار هو. اتي هڪ ڪو
ڦل
هو جو نه خاص اونچو هو ۽ نه ڊگهو، پر اهو هڪ
اهڙيءَ جاءِ تي هو جو ان جو ٿورائي ماڻهو، هڪ وڏي
لشڪر جي مقابلي ۾ بچاءُ ڪري سگهن. رستو ٻه سؤ گز
ڊگهو ۽ ڏهه اونهون آهي ۽ نهري پٿر مان ٽُڪيو ويو
آهي. چاڙهي اهڙي ته اُڀي آهي جو پٿر ڪيرائجن ته
جيڪو مٿي ايندو سو موت جي گهاٽ رسندو. ماڻهن جو
اندازو آهي ته اڄ اسان اٺاويهه ميل سفر ڪيو.
جيتوڻيڪ هڪ منزل کان ٻيءَ تائين سڌو رستو ان جي اڌ
جيترو به نه ٿيندو. سترهين ۽ پنجويهين ميل تي به
ننڍا شروڪ ۽ مگسين جا ٻه ڳوٺ آهن، جن کي مٽيءَ جا
ڪوٽ ڏنل آهن. مان مگسين جي ڳوٺ ۾ رات رهڻ جي ارادي
سان لنگهي ويس. ٻڌم ته لورين جي هڪ ٽولي ٻه- ٽي
ڏينهن اڳ سردار جو خون ڪيو هو ۽ لورين جي اڳواڻ کي
شاهه محراب خان مقرر ڪيو هو، تنهنڪري مان اهڙن
خونخوار بدمعاشن جي نزديڪ رهڻ مناسب نه ڄاتو. ۽
اڳتي وڌي وڃي رات جهنگ ۾ گذاريم.
مان گهڻي وقت کان وٺي انهيءَ راءِ جو هوندو هوس ته
مڪران جي هن علائقي جا ماڻهو بيرحم ۽ ڪٺور دل آهن.
پر هڪ پيرسن، جو هڪ خوني ٽولي جو اڳواڻ هو، تنهنجي
سنگدليءَ منهنجو عقل چرخ ڪري ڇڏيو. هن خداداد ۽
منهنجي اوٺيءَ کي سردار جي خون جو تفصيلوار احوال
ٻڌائي ڳوٺ ۾ هڪ اونچي ماڙيءَ ڏانهن خوشيءَ ۾ نهايت
بيحجابيءَ سان اشارو ڪري چيو ته جڏهن بدبخت
سردارکي سندس ڪٽنب سميت قتل ڪيو وي هو، تڏهن هن جي
پٽ اتي وڃي پناهه ورتي هئي. هو هاڻ لٿو ته ان جو
به خاتمو ڪيو ويندو، ٻڍڙي گنهگار نهايت ٿڌيءَ دل
سان وڌيڪ چيو ته هو جلدي لهي اچي ته چڱو نه ته ته
اسان هن کي محاصرو ڪري بک مارينداسين ته جيئن جاءِ
۽ ٻيءَ ملڪيت کي ڪو نقصان نه پهچي. مون پڇيو مانس
ته سردار، شاهه محراب خان جو جاگيرادر هو، ڇو هن
سان اهڙا ظلم ڪري رهيو آهي. حيران ٿي ويس جڏهن ٻڌم
ته انهيءَ مرد ود ڪم کان پوءِ، لورين هن جي
تابعداري قبول ڪرڻ، رسي خراج ڀرڻ جو ذمو کينو هو.
۽ هنن جي تابعداريءَ جي آڇ قبول ڪئي ويئي هئي، ۽
هنن جي رئيس جنهن کي هو بادشاهه سڏيندا هئا تنهن
کي مگسين جي سرداري باقائدي سونپي ويئي هئي. پر
تنهن هوندي به هنن انتقام وٺڻ جي ارادي سان اهو
هچارو ڪم ڪيو هو. هنن، ڳوٺ جي ڀرسان ٻيجي جي وقت
کان اڳ هڪ زمين ٽڪر آباد ڪرڻ جي ارادي سان رهڻ سان
رهڻ جي اجازت گهري هئي مگر کين جواب مليو هو. هنن
کي چيو وي هو ته جيڪڏهن مقرر معياد کان پوءِ هو
علائقي ۾ ڏٺا ويا ته کين سخت سزا ڏني ويندي، تنهن
کان پوءِ هو گم ٿي ويا، جيستائين هٿياربند ماڻهو
جيڪي هنن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ موڪليا ويا هئا موٽي اچي
پنهنجي کيتي ٻاريءَ جي ڪم کي لڳا (1)، هڪ رات هو
پهاڙن مان جتي هو وڃي لڪا هئا، يڪساهيءَ پنڌ ڪري
اوچتو سردار
جي
گهر کي گهيرو ڪري هن کي ساري ڪٽنب سميت ماري
ڇڏيائون. ڳوٺ جي ماڻهن هنن مان ڪنهن کي به بچائڻ
جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ نه سندس پٽ ڏانهن توجهه ڪيو.
ٻين صلح پسند ملڪن ۾ جتي ماڻهن جي جان ۽ ملڪيت جي
حفاظت لاءِ خدائي ۽ انساني قانون آهي، اتي اهڙيءَ
بيرحميءَ جو تصور ئي هردي کي ڪنبايو ڇڏي ۽ ڳالهه
اعتبار ۾ ئي نه ايندي، پر هتي حالتون نراليون آهن.
هتي خونريزي ۽ ڦُرلُٽ کان سواءِ ٻي ڳالهه ئي
ڪانهي! ماڻهو ڏوهن ڪرڻ اهڙا ته عادي ٿي ويا آهن جو
هو ڪيترن گناهن، جن جو ٻڌي انساني فطرت ڏڪيو وڃي،
بُري نگاهه سان نه ڏسندا آهن، بلڪ انهن جو فخر سان
ذڪر ڪندا آهن.
لوري، جن هن موقعي تي زياد تيءَ کان ڪم ورتو هو سي
هڪ رولو ۽ رهزن ذات آهن، جنهنڪري ٻين به گهڻين
ڳالهين ۾ يورپ جي رولاڪن جهڙا آهن. هو هڪ خاص قسم
زبان ڳالهائيندا آهن ۽ هر هڪ ٽولي جو بادشاهه
هوندو اٿن ۽ ٻارن چورائڻ ۽ چورين ڪرڻ لاءِ مشهور
آهن. هو سڀيئي ناچ ۽ راڳ جا شوقين آحن ۽ پنهنجا
ساز هميشه جماعت سان ساڻ هوندا اٿن. تنهن کان
سواءِ هنن سان اڌ درجن رڇ ۽ باندر به هوندا آهن،
جي عجيب غريب کيل ڪري ڏيکاريندا آهن. جي رمل ۽
قرعسازي (ڍاري)
جي پيچيدن علمن جي ڄاڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. ان کان
سواءِ هو پيشنگوئي ڪرڻ ۽ ٻين طريقن کان به واقف
آهن، جنهن ڪري هنن کي هر طبقي جي ماڻهن ۾ دخل
ملندو آهي، خاص ڪري انهن ماڻهن وٽ جن جو تقدير ۾
پڪو ويساهه هوندو آهي.
|