هنن ماڻهن جا سغل هوبهو بلوچن جي شغلن جهڙا آهن،
جن جو اڳي ئي ذڪر ٿي چڪو آهي. تنهنڪري هت وري انهن
جي دهرائڻ جو ضرور نه آهي. بروهي عموماً دعويٰ
ڪندا آهن ته اسان بلوچن کان وڌيڪ سٺا توبچي آهيون.
بلوچ پڻ اها ڳالهه قبول ڪندا آهن. پر چوندا آهن ته
بروهين کي وڌيڪ ڪرتبو آهي، هو پنهنجن گهيڏڻن مان
بندوق کان سواءِ ٻه- ٽي سوگام (قدم وکون) به ڪونه
نڪرندا آهن. اهڙيءَ طرح هو تلواربازيءَ ۾ به ڀڙ
آهن. پر هو ڀالا اصل ڪم ڪونه آڻين، جو هو انهن کي
بيڪار ۽ ڀاري هٿيار ڪري سمجهندا آهن. بروهي هميشہ
ساڳئي نموني جا ڪپڙا پائيندو آهي. سيارو هجي
اونهارو، سخت پارو پيو پئي يا سج پيو ساڙي، پر هو
هميشه هڪ ڍلي اڇي قميص ساڳئي ڪپڙي جي سٿڻ ۽ نمدي
جي ٽوپي پائيندو. ريڍار بعضي بعضي اڇي نمدي جي
چادر پائيندا آهن. اها بدن کي چوڌاري ويڙهي، مٿي
تي اهڙيءَ طرح ورائي ڇڏيندا آهن جو مٿان چوٽيءَ
وانگر ٿي بيهندي آهي. اها ٽوپي مينهن واچ ۽ برف ۾
وڏو بچاءُ ڪنڊي آهي ۽ ڪم به انهن موقعن تي آڻيندا
آهن. بروهين جي گهرو زندگي نهايت سادي هوندي آهي.
مرد مال جي سنڀال زمين جي آبادي ۽ ٻيو ٻاهريون ڪم
ڪندا آهن، جنهن ۾ ضرورت جي وقت زالون مدد ڪنديون
اٿن.
پر رواجي طرح زالون گهرو ڪم جهڙوڪ کير ڏهڻ، مکڻ،
پنير ۽ گيهه ٺاهڻ تي ڌيان ڏينديون آهن ۽ فراسيون،
نمدا ۽ ٿلهو جوڙيءَ جو ڪپڙو ٺاهينديون آهن. جيئن
مان اڳي چئي آيو آهيان، هنن کي مردن جي صحبت کان
الڳ نه ڪيو ويندو آهي. مردن سان هو گڏ رهنديون ۽
کائينديون آهن. هنن جي پوشاڪ هن ريت آهي: هڪ سوٽي
ڊگهو گهگهو ۽ سٿڻ- بلوغت کي پهچڻ کان پوءِ هڪ
گهگهي جي مٿان هڪ قسم جي چولي پائينديون آهن جا
پٺيان ڪهئين سان بند ٿيندي آهي ۽ اڳيان رنگين وٽيل
ڌاڳي سان بند ٿيندي آهي ۽ اڳيان رنگين وٽيل ڌاڳي
سان پکين ۽ جانورن جون ڏنگيون ڦنگيون شڪليون ڀريل
هونديون اٿس. مذهب ۽ بروهي سڀ سني مسلمان آهن ۽
هنن جون مذهبي رسمون ۽ شاديءَ ۾ غميءَ جو رواج سني
طريقي جي احڪامن مطابق هوندا آهن؛ تنهنڪري مون کي
انهن متعلق وڌيڪ ڪجهه چوڻو نه آهي. انهن جي اعمالن
۾ ڪا خاص قابل ذڪر ڳالهه ڪانه اهي، جنهن جو هت
احوال ڏجي، سواءِ ان جي هنن جي انهن اهم معاملن ۾
به اهڙيءَ ئي سادگي آهي جهڙي سندن زندگيءَ جي
رواجي ڪمن ڪارين ۾.
قلات جي رهاڪن جي باقي بچيل طبقن يعني هندن،
ٻانڀڻن ۽ ديهوارن جو مان ڪجهه مختصر احوال ڏيان،
تنهن کان اڳ مان ڪجهه بروهين جي ذاتين جا نالا ڏئي
هي فصل ختم ڪندس. انهي مختصر فهرست مان ڏسڻ ۾
ايندو ته هڪ سڄي قوم جون ڪيتريون مختلف شاخون آهن
۽ حقيقت معلوم ڪرڻ، ناممڪن نه ته به ڪيترو نه مشڪل
آهي.
بروهين جون ذاتيون
نالو فوج ڀرتي ٿيڻ لائق ماڻهن جو تعداد
سردار
1. قمبراڻي 1000
محمود خان
2. مهيوري 8000
قادر بخش
3. مينگل 10500
ولي محمد
4. سوملاري 4000
5. گرگڻائي
3000
6. امام حسيني 2000
شيخ لوهر
7. ڪلچي ڀڳوا 500
8. محموداڻي 590
9. موردها 1000
10. ڪوري
150
11. برجيءَ 1000
12. رڪي 700
13. پنڊراڻي 3000
14. ريستڪو 100
15.
شير واري 8000
16. رئيساڻي 1500
ملا محمد
17. نيچاري 2000
18. بيزنجا 1000
رحمت خان
19. شجاع ديني 1000
20. ماموستي 1500
21. هاروني 200
22. روديني 600
23. ساسولي 300
24. ڪرو چڪو 500
25. بجاڻي 700
26. ڪوردا 200
27. ناگري 2000
28. ڪيجن بلادي 7000
29. نصير روداڻي 3000
30. چوتوا 700
31. کدراڻي 5000
32. ميروازي 7000
33. ڪلادئي 300
34. گلوسوري 700
35. ڪولاچي 250
36. لوگي 3000
37. ڪيري
1500
38. محمود شهي 3500
39. ديبڪي 4000
40. ريساڻي 800
41. قيصري 1000
ميرقيصر
42. موزي 300
43. گچاگي 200
44. جياڻي 60
45. موسوواڻي 1000
46. سراواڻي 10000
47. سرفراڻي 2500
48. يورجهائي 200
49. ڪوچڪا 300
50. ڀولدرا 300
51. ڀوڪا 300
52. ردي 1700
53. ايسراڻي
54. مهراڻي
55. جمال زئي
56. گواراڻي
57. سموزئي
58. پوئيتي
59. چگوزئي
60. دودئي
61. جيکو
62. رودن زئي
63. حسنيي
64. چمروزئي
65. موروئي
66. بمبوڪزئي
67. راهزئي
68. شاد نزئي
69. شاهوزئي
70. ڪنتنزئي
71. رمضان زئي
72. شيرزئي
73. گلزئي
74. بنگلزئي، وغيره، وغيره.
جيڪڏهن ان مان ڪو کڙتيل نڪري ته مان انهن کان
ٻيڻين ٻين ذاتين جا نالا به ڏئي سگهان ٿو. پر هن
فهرست ۾ تعداد جي نقطهء نگاهه کان مکيه ذاتين جا
نالا ڏنل اهن، اهي بروهي قومن جي ڪثرت ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪافي آهي. ازان سواءِ اهي ذاتيون وري بيشمار
خيلن ۾ ورهايل آهن. مٿي ڏنل نالن مان ڪيترن نالن
لاءِ سبب ڏئي سگهجن ٿا، پر ٻين کي ڪابه عقلي معنيٰ
نه آهي. قمبر جي نالي پٺيان سڏبا آهن، جو حڪومت جي
نالي ۽ سڄي بلوچستان جي واليءَ محمود خان جو وڏو
هو، زهري ۽ پندراڻي انهن نالن جي علائقن ۾ رهندا
آهن. منهنجي خيال ۾ گرگڻائي جو خطاب گرگ لفظ مان
نڪتل آهي، جو بگهڙ لاءِ فارسي لفظ آهي. ساڳيءَ طرح
شيرواڻي ۽ شيرزئي شير يعني شينهن جي نالي پٺيان
سڏبا آهن، هاروني ۽ قيصري هارون خزان ۽ مير قيصر
جي پٺيان، جي هنن جي سردارن جا اختيار ڪيل موروثي
لقب اهن، محموداڻي قلات جي هاڻوڪي خان محمود خان
جي نالي پٺيان، جهل زئي، چنگو زئي، شادن زئي ۽ گل
زئي، جمل چڱو، شادن ۽ گل لفظن پٺيان، جن جي معنيٰ
آهي سهڻو خوب، خوش ۽ گلاب، جي زئي يعني قوم يا لڏي
سان ڳنڍي مرڪب لفظ سهڻي قوم وغيره ٺاهيا ويا آهن،
پڇاڙيءَ جو دودائي جي ٻن گڏيل قومن جو اولاد آهن،
اهو خطاب دو يعني ٻه ۽ دائي بعضي نپائڻ واري مان
نڪتل آهي ۽ مطلب اٿس ٻه دايون. اهڙيءَ طرح ٻيا به
گهنائي مثال ڏئي سگهجن ٿا، جي هڪ مشرقي عالم
سولائيءَ سان سمجهي سگهندو. منهنجو خيال آهي ته
هلڪين ذاتين جا نالا ملڪ جي هڪ حضي مان ٻئي حصي
ڏانهن لڏيندي هميشہ پيا بدلبا آهن. مون هي رايو هن
ڪري قائم ڪيو آهي جو مان ڪيترن موقعن تي بروهين
کان ٻين ذاتين متعلق سوال پڇيا آهن. هنن جي مون کي
خاطري هئي ته هو ٿورا سال اڳ سندن لڳ رهندا هئا پر
هو جواب ڏيندا هئا ته اسان کي ڪا خبر نه آهي يا
چون ته انهن ڏينهن ۾ کين ڪو ٻيو نالو هوندو.
قمبراڻين کان سواءِ ٻيا سڀ بروهي هڪٻئي ۾ شاديون
ڪندا آهن. قمبراڻين ۾ هڪ خاص رواج آهي جو ٻين
بروهين سان لاڳو نه آهي. هو ٽن جدا درجن يا طبقن ۾
ورهايل آهن، جن جا خطاب آهن احمد زئي، خاني ۽
قمبراڻي. 1810ع ۾ جڏهن مان قلات ۾ هوس، تڏهن احمد
زئي فقط ست ڄڻا هئا، محمود خان، سندس پٽ، ٻه ڀائر،
هڪ ڀيڻ، پڦي ۽ سؤٽ. خاني ٻئي درجي جا زميندار آهن،
مثلاً مير مراد علي، خوزدار وارو ۽ هن جا ڀائر.
انهيءَ درجي جا ويهه- ٽيهه ماڻهو هوندا، قوم جا
باقي بچيل سڀ ماڻهو خاص قمبراڻي ڪري ليکجن ٿا،
رواجي طرح اهو خطاب سڄي قوم جي ماڻهن سان لاڳو ڪيو
ويندو آهي. قمبراڻي ٻين قومن مان شادي ڪندا آهن،
پر پنهنجون ڇوڪريون ٻين کي ڪونه ڏيندا آهن. ڪي
بروهي ۽ رند بلوچ به اهڙيءَ طرح هڪٻئي سان ڏي وٺ
نه ڪندا آهن، پر ان لاءِ مون کي ڪوبه معقول سبب
معلوم ڪونه ٿي سگهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته هنن کي
پنهنجي وڏائيءَ تي فخر آهي.
قلات جا هندو اڪثر ملتان ۽ شڪارپور
جي شهرن جا سڀيئي واپاري آهن، انهن کي سرڪار ۽ عام
ماڻهو عزت سان ڏسندا آهن. انهن جي مزهبي ڪاررواين
۾ ڪا رڪاوٽ ڪانه وڌي ويندي اهي پر هنن کي اها همت
نه ٿيندي آهي جو هو پنهنجون زالون شهر ۾ وٺي اچن،
اها ڳالهه يقينا ثابت ڪري ٿي ته هنن کي سرڪار جي
ڀيٽ ۾ اهو اعتقاد نه آهي جو سرڪار جي ظاهري روش ۽
حوصله افزائي ڪري هئڻ کپين، هنن جو چڱو تعداد آهي،
شهر جي چوديوارين جي وچ ۾ چار يا پنج سو سٺي ۾ سٺا
گهر هنن جي قبضي ۾ آهن. هنن مان گهڻا تمام آسودا
آهن پر سندن دنيا ۽ دنيا جي فائدن ۽ سهولت هوندي
به قلات جا هندو هڪ ذليل قوم آهن. هو رواجي طرح
ٽن- چئن سالن ۾ هڪ يا وڌيڪ دفعا پنهنجي وطن ويندا
آهن، پر انهيءَ وچ ۾ جا هو زالن ۽ ٻارن- ٻچن جي
محبت کان پري زندگي گذاريندا آهن سا کين ملول رنج
۽ بيچاق ڪندي آهي. هندو هونئن ته هڪ لالچي قوم
آهن. ۽ پئسي سان محبت اٿن پر هي ماڻهو بي انتها
آزاديءَ جا وسيلا حاصل ڪرڻ کان پوءِ به موهه جي
مندر ۾ هرڪا دماغي نعمت ۽ دنيوي خوشي قربان ڪرڻ
لاءِ تيار آهن. مان اڳي ئي چئي آيو آهيان ته هنن
کي قلات ۾ مذهبي آزادي آهي ۽ اتي هڪ مندر اٿن،
جنهن ۾ ڪيترا برهمڻ رهندا آهن، برهمڻن جو گذران
چندن تي هوندو آهي. تنهن کان سواءِ هنن کي قديم
زماني کان وٺي سهر ۾ جو مال ايندو آهي، ان تي
محصول اڳاڙڻ جو پروانو مليل اٿن، انهيءَ محصول کي
ڌرم پئسو چئبو آهي، ان محصول مان ڪيتري پيدائش
ٿيندي آهي ۽ اهو ڪڏهن شروع ٿيو، تنهن جو ذڪر اڳتي
هلي ڪيو ويندو. هندو برهمڻن جي حڪمن جا هروڀرو
پائبند نه آهن، مون کي ڏسي تعجب ٿيو ته برهمڻ ۽
سندن شِش، ڳئونءَ جي گوشت کان سواءِ ٻيو سڀ گوشت
کائيندا آهن، پوءِ اهو ڀل مسلمان جي هٿ جو پاتل
هجي. تنهن کان سواءِ هو چم جي پخالن مان پاڻي
پيئندا آهن ۽ انهن مان ڪي بخاري جي کلن جون ٽوپيون
پائيندا آهن. هي سڀ ڳالهيون سندن ڌرم جي اصولن جي
خلاف اهن، هنن جي پوشاڪ هن ريت آهي، ڇيٽ جو انگرکو
جو ڇاتيءَ جي سڄي پاسي ٻڌو ويندو آهي، جنهن مان
انهن کي سڃاڻي سگهبو آهي، ڇاڪاڻ ته مسلمان کٻي
پاسي ٻڌندا آهن، ٻي، پيرن تائين سوڙهي سٿڻ ۽ وڏو
پٽڪو، اڇو يا رنگين هر ڪنهن جي مرضيءَ مطابق، هنن
جي شڪلين ۾ گهڻو تفاوت ڪونه هوندو آهي. هنن جو رنگ
زردو ۽ ڏاڙهيءَ جا وار ڪارا هوندا آهن. هو ڏاڙهيون
رکائيندا آهن، هنن جي زبان هندوي آهي جا پنجاب جي
صوبن ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ هو پنهنجو حساب ڪتاب
جو نمونو ان ۾ رکندا آهن.
مون اڳي ڪنهن جاءِ تي بابن جو مختصر احوال ڏنو
آهي، جنهن کي مان قلات جي رهاڪن جو هي طبقو ڪري
سمجهان ٿو، پر هو اصل بلوچستان جا ويٺل نه آهن ۽
اتان جي ماڻهن ۾ ڪا خاص اهميت ڪانه ٿا رکن،
تنهنڪري انهن متعلق وڌيڪ ڪجهه لکڻ جي ضرورت نه
آهي، هو محنتي ۽ رولاڪ ماڻهو آهن. انهن مان گهڻا
ڪابل جي بادشاهه جي مملڪت ۽ دورانين
جي ملڪ ۾ رهندا آهن، جتي هو مال چاريندا آهن ۽
خيمن ۾ رهندا اهن جيئن اڳي ڏيکاريو ويو آهي. انهن
مان ڪي وڏا واپاري آهن ۽ ڪي تجارت جي خاطر پنهنجي
وطن جا پوٺا ڇڏي شهرن ۽ ننگرن ۾ رهندا آهن. قلات
جا بابي انهيءَ قسم جا آهن، مون کي ائين سمجهڻ
لاءِ قوي سبب آهي ته اهڙا ٻيا به گهڻائي ماڻهو
گجرات صوبي جي اترين علائقن ۾ آهن.
ديهوار يا دهقان، بنهي لفظن جي معنيٰ ساڳي يعني
ڳوٺاڻا آهي، سي قلات جي آباديءَ جو چوٿون طبقو
آهن- ٻين طبقن وانگر هو به فقط قلات تائين محدود
نه آهن، بلڪ هو ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن
هيٺ پٺيان هوندا آهن، مثلاً مستونگ، تيري ۽ يرنگو
وڌجي قلات جا اتر ۾ ڳوٺ آهن، تن جا رهاڪو ديهوار
نه سڏبا آهن- پر مستونگي، تيريچي، ۽ يرنگووڌچي،
انهن جي اصليت جو مون کي پورو پتو ڪونه ملي سگهيو
آهي، هنن جي ڳالهائڻ جي زبان ڪا نج فارسي آهي،
انهيءَ حقيقت جي بناء تي ڪيترا صاحب چون ٿا ته هو
انهن ماڻهن جو اولاد آهن، جي پڇاڙيءَ ۾ نادر شاهه
جي بلوچستان مان موٽڻ وقت رهجي پيا هئا. هوڏانهن
ان ڳالهه جو رد ان مان ٿو ملي ته اهڙي هڪ قوم نادر
شاهه سان هندستان تي حملو ڪيو، تنهن کان اڳ انهيءَ
ملڪ ۾ رهندي هئي، هو آباديءَ تي گذران ڪندا آهن ۽
بنان پگهار جي خانب جي نوڪري ڏيڻ ۽ هنن جي مهمانن
۽ سندن اٽالي ۽ مال لاءِ پاڻي، پڃر، گاهه ۽ اَن
مهيا ڪري ڏيڻ، خان سان سندن پسگردائيءَ ۾ شڪار تي
همرڪاب ٿي وڃڻ ۽ سرڪار کي ضرورت وقت قاصد پيدا ڪري
ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهن. انهن خدمتن لاءِ کين خاص
رعايتون مليل آهن جن مان سڀ کان زياده فائديواريون
۽ دلگهريون هي آهن: زمين جو پٽو سواءِ مسواڙ يا ڍل
جي، بزار ۾ پيدائش آڻڻ تي ڍل نه ڏيڻ، قلات جي
علائقي مان ٻاهر فوجي نوڪريءَ جي معافي، سواءِ
آباد يا لوڙهي ڏنل زمين جي ڪٿي به مال چارڻ جي
سهوليت. ديهوار اٿ ويهه ۽ شڪل ۾ بلوچستان جي ٻين
رهاڪن کان مختلف آهن. هو طبع جا ماٺيڻا ۽ مسڪين
هوندا آهن. هو بلوچن ۽ بروهين ٻنهي کان پاڻ کي
اونچو ڪري سمجهندا آهن ۽ انهن سا ڏي- وٺ نه ڪندا
آهن، ته جيئن ان ڳالهه تي ڪو جهيڙو جهٽو ۽ فساد نه
ٿئي ۽ هو به انهن جي فضيلت کي تسليم ڪندا آهن. هو
ڳوٺن ۾ رهندا آهن جيئن سندن نالو ڏيکاري ٿو ۽
تنهنڪري لڏپلاڻ گهڻي ڪونه ڪندا آهن. هو ڳوٺن جي
نزديڪ آبادي ڪندا آهن ۽ پيدائش، خانه بدوش قومن ۽
هندن کي نيڪال ڪندا آهن. جيڪي تختگاهه کان پري
رهندا آهن، اهي انهن سردارن کي جن جي پناهه ۾ هو
لڪيا پيا هوندا آهن، ڪجهه ڏن ڀريندا آهن. هو ٻين
ڳالهين ۾ به ڪو سهڻن ماڻهن جي قوم نه آهن. هنن جون
ساديون شڪليون، منهن جا هڏا نڪتل، ڳل ڦوڪيل هوندا
آهن، جنهنڪري بدشڪل نظر ايندا آهن. پر جيتوڻيڪ هنن
جا مهانڊا موچارا نه آهن، ته به هنن جي منهن مان
هڪ قسم جي سادگي، ايمانداري ۽ خوشخلقي پئي بکندي
اهي ۽ هنن جي شڪل ڀريل ۽ وڻندڙ لڳندي آهي، هو
ڌارين کي ميٺاج ۽ محبت سان پيش ايندا آهن، پر
منجهن بروهين واري مهمان نوازي ڪانه آهي، جنهن
لاءِ هو مشهور آهن. جڏهين خان لڙائيءَ تي چڙهندو
آهي ته هو سپاهه ۾ ڪونه شامل ٿيندا آهن، پر تنهن
هوندي به هو اهڙا وفادار ۽ ڀروسي جهڙا سمجهيا
ويندا آهن، جو هنن جو هڪ دستو هميسه هن جي محل ۽
ڪوٽ جي دروازي تي حفاظت لاءِ رهندو آهي. هو سني
مسلمان آهن. مذهب ۽ گهرو عادتن ۾ هوبهو بروهين
جهڙا اهن، جن جو احوال اڳي ئي ڏنو ويو آهي؛
تنهنڪري انهن ڳالهين تي وري تفصيلوار بحث ڪرڻ
اجايو آهي. انهن خيالن ڪري ۽ جنهن نموني ۾ هو
پنهنجن زالن کي هلائيندا آهن ۽ هو رسول عربيءَ جي
ٻين اُمتين کان وڌيڪ روشن خيال آهن. افغانن ۽
ايشيا جي گهڻن ڀاڱن ۾ تاجڪن نالي هڪ وڏي قوم آهي،
جن جون وصفون ديهوارن جي وصفن سان اهڙيون ٺهڪي
ٿيون اچن جو ان ۾ شڪ نه آهي ته اهي ٻيئي قومون
ساڳئي نسل مان آهن. چون ٿا ته تاجڪ غريب، محنتي ۽
وعدي جا پختا هوندا آهن. هو آبادي ڪندا ۽ مال
چاريندا آهن ۽ ڪَچن واهڻن ۾ رهندا آهن، جن کي هو
ديهون ۽ نه ڪ تمن سڏيندا آهن. افغانستان ۾ اڪثر
عام طرح تومن لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هاڻي مون پنهنجا رايا ڏئي ختم ڪيا آهن ۽ قلات جي
مختلف رهاڪن متعلق تحقيقات به اچي پوري ٿي آهي.
تنهنڪري مان پنهنجو روزنامچو وري شروع ڪندس، البت
باقي ٻه- ٽي وڌيڪ طبقا جهڙوڪ ڪڇ گنداوا جا جت،
مڪراني يعني مڪران جا باشندا ۽ سنڌي يا سنڌ جا
رهواسي، انهن تي بحث تڏهن ڪيو ويندو، جڏهن مان
انهن صوبن جو احوال ڏيندس.
فصل (5)
16، 17، 18، 19، 20 ۽ 21- فيبروري:
مون مٿيون تاريخون گڏي لکيون اهن، ان لاءِ ته جيئن
هڪ- هڪ جو جدا روزنامچو لکڻو نه پوي، ڇاڪاڻ ته
انهن ۾ اهڙي ڪا نئين يا دلچسپ ڳالهه ڪانه ٿي جا
قابل ذڪر هجي. دستور مطابق اسان سان انبوهه
ملاقاتي گڏجڻ آيا جن مان ڪن دوائن لاءِ منٿون ٿي
ڪيون، پر حال في الحال اسان کين ان بهاني تي ٽاري
ڇڏيو ته اسان جو اڃا سامان ڪونه آيو هو. اڳتي هلي
اسان پڇتايو ته اهو بهانو ڇو ڏنو هوسين جو ان مان
تڪليفون پيدا ٿيون. 16- تاريخ اسان سان محمود خان
جو داروغو جو ڏاڍو فضيلت وارو ۽ معتبر شخص هو ملڻ
لاءِ آيو هو. ٻه ڏينهن اڳ ڪڇ گندوا مان خان لاءِ
سؤدو وٺڻ آيو هو، جنهن بکر واري مير مراد عليءَ جي
ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ تياري ٿي ڪئي. چيائين ته
اتفاق سان ٻڌم ته سندر داس جا گماشتا بمبئيءَ مان
آيا آهن. سندرجيءَ جي ڀاءُ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو
آهيان، تنهنڪري خيال ڪيم ته توهان جو نياز حاصل
ڪيان. منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته مان حاضر آهيان.
اسان هن جو شڪر بجا آندو ۽ چيو سونس ته جي توهان
کي تڪليف نه ٿئي ته اسان جو هڪ عريضو
پنهنجي ملاڪ کي پهچائي ڏئي، جو اسان کي قلات ۾ يا
هن جي حڪومت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪجهه وقت رهڻ جي اجازت
کپندي هئي. داروغي جواب ڏنو ته مان وڏيءَ خوشيءَ
سان توهان جو خط پهچائيندس. وڌيڪ چيائين ته مان
موقعو وٺي خان کي توهان جي خيالن کان واقف ڪندس ۽
اميد ته هو توهان جو عرض قبول ڪندو. هو 17- تاري
خط وٺڻ لاءِ وري اسان وٽ آيو. ان وقت ڪئپٽن
ڪرسٽيءَ چيس ته اسان کي سندرجيءَ خان لاءِ ڪا
سوغات ڏني هئي اسان جو سامان ڪڇ گندوا مان اچي ته
اها رواني ڪنداسين. هن صلاح ڏني ته سوغات نه
موڪلجو. چڱو ائين ٿيندو ته خان قلات موٽي اچي ته
روبرو کيس پيش ڪجو.
هن شهر ۾ جيترو وقت اسان کي رهڻ جو ارادو هو اسان
ان کان زياده رهيا هئاسين، پر اسان جيڪو نوڪر
سامان سان ڪنهن واٽ (پراڻي رستي) ۾ ڇڏيو هوسين
تنهن جي موٽڻ ۾ دير ٿي هئي ۽ اسان کي هن جي
سلامتيءَ متعلق انديشو ٿي بيٺو هو، تنهنڪري هتان
نڪرڻ جو آسان ڪوبه آخري فيصلو ڪونه ٿي ڪري
سگهياسين. هوڏانهن جن ملڪن مان اسان کي لنگهڻو هو،
انهن جي ڪيفيت ۽ جاگرافي متعلق معلومات گڏ ڪرڻ
لاءِ اسان جو انتظار ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو.
هندو جيڪو اسان سان بمبئيءَ مان گڏجي آيو هو تنهن
ان باري ۾ نادانيءَ کان ڪم وٺي سنئين سڌي پڇا پئي
ڪئي. تنهنڪري اسان 20- تاريخ پاڻ پڇائون ڪرڻ لاءِ
ٻيو دفعو شهر ڏانهن وياسين. اسان جو اڄ جن
واپارين، مسافرن، فقيرن ۽ جانبازن جي لشڪر سان
تعارف ڪرايو ويو ان ۾ ايران جي ڪرمان پرڳڻي جي
گاديءَ ڪرمان جو هڪ ملان هو. هو قلات پنهنجي ڀيڻ
جي ڳولا ۾ آيو هو جنهن کي ڀنڀور جي نهروئين ڇاپيءَ
۾ کڻي آيا هئا. ان کي محمود خان جي خانگي گماشتي ۽
صلاحڪار، سلطان صاحب جي خاندان خريد ڪيو هو. اسان
هن ماڻهوءَ کي دعوت ڏئي گهر گهرايوسين، ان لاءِ ته
کانئس ايران جي سفر متعلق پڇا ڳاڇا ڪريون. هو ٻئي
ڏينهن (ايڪيهين تاريخ) اچي حاضر ٿيو، هن کان معلوم
ٿيو ته هو ڪرمان کان ڀنڀور ۽ ڪيچ
جي رستي قلات آيو هو. هن، انهن شهرن ۽ سندن ماڻهن
جو اسان کي مختصر احوال ڏنو. اسان هن کان اشارو
ڏيئي پڇيو ته تون اسان سان سونهون ۽ همراهه ٿي
هلندين جو اسان کي ڪرمان مان گهوڙا خريد ڪرڻا آهن،
محمد صله ۽ بادشاهه جي ڏاڙهي
جو سنهن کڻي چيائين ته ”هاڻي ڇا به ٿي پوي ته
انهيءَ رستي کان وري ڪونه موٽندس.“ چيائين ته
”انهيءَ طرف اسان لاءِ ٻه رستا آهن، شل ڌڻي ۽ رسول
پناهه ڪري. هڪ رستو اهو آهي ته هو هڪ غيرآباد ۽
ويران ملڪ ۾ رُلي، جتي نه پاڻي، نه ان ملي سگهي
ٿو؛ ٻيو، يا ماڻهو نهروئي ڪتن وٽ رهي، جتي پل پل ۾
ساهه جو خوف آهي.“ هٿ کڻي چيائين ته ”خدا سڄي قوم
جو خانو خراب ڪري، هنن منهنجو گهوڙو ته چورايو پر
منهنجا سڀ ٽپڙ به ڦريائون، بدن تي جي ڪپڙا پيل
هئا، سي به نه ڇڏيائون. هي ڳالهه ٻڌي اسان ڪجهه
مايوس ٿياسين، پر اسان خيال ڪيو ته وڌاءُ ڪرڻ
ايرانين جي پراڻي عادت آهي، خاص ڪري جڏهن ڪري جڏهن
سندن جانشاني يا خطري جو سوال هوندو آهي. اهڙيءَ
طرح پنهنجي دل کي آٿت ڏنوسين ۽ اسان کي اها اميد
هئي ته جڏهن اسان انهيءَ رستي کان لنگهياسين ته
حالتون اهڙيون ناساز نه هونديون، جهڙيون ملان
ڏيکاريون هيون؛ تنهنڪري اسان کانئس وڌيڪ سوال نه
ڪيا ته متان شڪ نه پئيس. پوءِ اسان اڌ ڪلاڪ کن
ٻيون ڳالهيون ڪيون ۽ هو شهر موٽي ويو، وڃڻ کان اڳ
چيائين ته مون وٽ ڪي فارسي ڪتاب آهن جي ڪنهن ڏينهن
کڻي اچي توهان کي پڙهي ٻڌائيندس. هن جي اها صلاح
اسان خوشيءَ سان قبول ڪئي جو اسان کي شام جي وقت
ڪا وندر يا مشغولي ڪانه هوندي هئي ۽ اسان جو وقت
اداس ۽ ملول گذرندو هو.
22- فيبروري: اڄ شام جو ٽين بجي اسان جو سامان
پهتو جو ڏسي اسان خوش ٿياسين. هندستاني نوڪر، ڪپ
سامان جي حوالي هو تنهن چيو ته سندس ٽوليءَ کي ٿڌ
۽ خراب اُٺن جي ڪري سخت تڪليف ٿي هئي، هو وڏيءَ
مصيبت سان آهستي آهستي اچي پهتا هئا. خوزدار جا
ماڻهو قلات جي ٿڌ کان ايترا ٿي ڊنا جو پنهنجي مال
آڻڻ جي ڳالهه ئي نه پيا ٻڌن. اسان جي نوڪر ڳالهه
ڪئي ته توهان جي وڃڻ کان پوءِ اسان ٻه ڏينهن ڪنهن
واٽ ۾ ترسياسين، انهيءَ وچ ۾ نه رحمت خان، نه ڀاڙي
وارن اُٺن جو مالڪ، جنهن کي اسان گهر وڃڻ جي اجازت
ڏني هئي، پيدا ٿيا. ظاهر هو ته هن کي بيزنجن چرچ
ڏني هئي. ٽئين ڏينهن صبح جو رحمت خان اٺن هٿياربند
ماڻهن سان توهان جي اچي پڇا ڪئي، جڏهن ٻڌايوسونس
ته توهان کيس ڇڏي هليا ويا هئو، تڏهن ڏاڍو ڪاوڙيو
۽ نراس ٿيو. وري وري پيو چوي ته واپاري آهن يا چور
جو اهڙيءَ طرح لِڪي ڇپي ڀڄي ويا. شام جو هن جي
ڀاءُ بهادرخان ۽ اوٺي به اچي ساڻس گڏيا. اوٺي دير
لاءِ ڪو واهيات سبب ڏنو، سردارن کي سخت غصو هجي ته
پکي پڃري مان ڀڄي ويا. ڪنهن وقت چون پيا ته هنن
اسان جي هتڪ ڪئي آهي هلو ته هلي کين ڪا سيکت ڏيون.
وري چون ته چڱو موٽي اچن ته کين سبق سيکارينداسين.
آخر صلاح ڪيائون ته هنن جو سامان کولي ڏسجي، ان تي
ڪم از ڪم هزار رپيو سونگ يا محصول پوندو. اسان جي
ماڻهوءَ چين ته سموري سامان جي قيمت محصول جي اڌ
جيتري به نه ٿيندي، تنهن کان سواءِ توهان کي ڪا
اختياري ڪانه آهي. رحمت باهه ٿي ويو، چيائينس ته
توکي شايد خبر نه آهي ته هي ساڳي جاءِ
آهي، جي اسان بيزنجن، مغل تاجر کي ڦري ماريو هو.
هندستانيءَ چين ته اهو توهان جو خام خيال آهي ته
توهان اسان سان به ساڳي ڪاري ڪري سگهندؤ يا اسان
چار- پنج هٿياربند ماڻهو انهيءَ گيدي مغل وانگر
پنهنجون جانيون ۽ مالڪ جي ملڪيت توهان جي حوالي
ڪنداسين. جڏهن بينزجن هن جون اکيون ڏٺيون، تڏهن
چيائون ته توهان ڀُلا آهيو اسان کي توهان سان سختي
ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونه آهي. هن جي ماڻهن کي چيائون
ته توهان پنهنجون تلوارون لاهي آرامي ٿيو. اسان
توهان جي سامان جي سڄي رات حفاظت ڪنداسين. نوڪر
جواب ڏنن ته اسان جو رواج آهي ته اسان سفر ۾ هميشہ
ڪمربسته
رهندا آهيون. آخر بيزنجن ڏٺو ته هي مڙڻ جا نه آهن
۽ کين کاڌي لاءِ به ڪجهه ڪونه هو؛ تنهنڪري هنن گهر
موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. وڃڻ وقت چئين رپئين جو
سوٽي ڪپڙي جو ٽڪر گهري ورتائون. سندن سردار رحمت
خان چيو ته سامان سان گڏ منهنجي هلڻ جي ضرورت ڪانه
آهي. رستو بلڪل سلامت آهي. توهان کي ڀل ته لکن
رپين جو سامان هجي، توهان کي منهنجي اجازت آهي ته
توهان جي وار جو به ڪو نالو ڪونه وٺندو. انهيءَ
ٻٽاڪ کان پوءِ هو ڇاڙتا وٺي اُٺن ۽ گهوڙن تي چڙهي
هليو ويو. ٻئي ڏينهن پرڀات جو اسان جا ماڻهو
پنهنجو رستو وٺي ويا.
خوزدار ۾ خبر پين ته مير مراد علي پنهنجي نائب کي
شهر ۾ لکيو هو ته هنن ماڻهن کي ڪڇ گندوا موڪليو،
جتي ملڪ جا سڀ گهوڙا اچي ڪَٺا ٿيا هئا. مون کي خبر
نه آهي ته هي مشورو اسان جي فائدي لاءِ ڏنو ويو هو
يا خلاف. پر اسان اڳيئي تڪڙو تڪڙو اڳتي نڪري ويا
هئاسين پر ان جو انجام چڱو نڪتو. نائب اسان جي
سامان سان هڪ ماڻهو قلات موڪليو هو جو سوهيراب ۾
اسان کي ڏاڍو ڪم آيو، جو اتي ڳوٺ جي داروغي هر
شيءِ تي محصول ٿي گهريو ۽ ٻيءَ طرح دخل ٿي ڪيو.
مراد عليءَ جي ماڻهوءَ کيس سردار جو خط ڪڍي
ڏيکاريو ته هنن ماڻهن کي عزت آبروءَ ۽ مهمان
نوازيءَ سان پيش اچو، داروغو اهو ڏسي خاموش ٿي
ويو.
هڪڙو قاصد ٻيلي مان سندرجيءَ جي گماشتي جو خط کڻي
اچي اسان جي نوڪرن کي خوزدار ۾ پهتو هو. ان مان
اسان کي معلوم ٿيو ته اسان سونمياڻي ڇڏي تنهن کان
چار-پنج ڏينهن پوءِ ڇهن ماڻهن ڪراچي (سنڌ) مان اچي
اسان جي پڇا ڪئي هئي ته هي ڪير آهن. جڏهن خبر پين
ته اسان مٿي هليا ويا آهيون. تڏهن ٻه ماڻهو
ڪراچيءَ موٽي ويا ۽ ٻيا اسان جي پٺيان ٻيلي آيا،
جتان خوشقسمتيءَ سان اسان اڳيئي نڪري ويا هئاسين،
تنهنڪري ڄام وٽ ويا ۽ کانئن کليل درٻار ۾ سنڌ جي
ميرن جي نالي ۾ پڇيائون ته هي ڪير آهن ۽ قلات ۾
ڪهڙو ڪم اٿن. ڄام مختصر لفظن ۾ چين ته مان هنن کان
سندن نالن يا ڪم ڪار پڇڻ جي ضرورت ڪانه سمجهي هئي.
پر مون افواهي طرح ٻڌو هو ته هو سندرجيءَ جا
گماشتا آهن ۽ هن جي ڪم سان قلات ٿي ويا. سنڌي
انهيءَ جواب تي راضي نه ٿيا ۽ ڪاوڙجي حيدرآباد
هليا ويا ۽ وڃي ميرن کي اهو احوال ٻڌايائون. هن خط
پڙهڻ کان پوءِ اسان کي خاطري ٿي ته هو اسان کي
زوريءَ ٻڌي ملڪ مان تَڙي ڪڍائڻ جي هرممڪن ڪوشش
ڪندا. اسان کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته محمود خان ۽
هنن اميرن جا تعلقات دوستاڻا نه اهن، پر ممڪن هو
ته هو هنن جي دام ۾ اچي ڪو قدم کڻي، تنهنڪري اسان
مصلحت ان ۾ سمجهي ته قلات هڪدم ڇڏي وڃڻ گهرجي.
متان هن تڪڙي فيصلي جي سبب ڏيڻ لاءِ ۽ ضروري
تيارين ڪرڻ لاءِ اسان هُلايو ته سندرجيءَ اسان کي
موڪليو آهي ته قنڌار ۽ هرات
۾ وڃي، بهار جي شروع ۾ جيڪي گهوڙا ملنوَ سي وٺي
اچو.
اسان جي پريشاني اڃا به وڌي جڏهن ٻڌوسين ته ٻه
افغان اسان جي ماڻهن سان گهڻي لهه وچڙ ڪري رهيا
هئا. خوزدار ۾ هنن کُليو کلايو چيو هو ته هي
سوداگر نه آهن پر جاسوس آهن جي ملڪ جاچي ڏسڻ لاءِ
خاص طرح موڪليا ويا آهن. هنن کي قابل ۽ پشاور
بادشاهه وٽ ۽ آخر ايران وڃڻو آهي. مير مراد عليءَ
جو داروغو جنهن جي روبرو اهي ڳالهيون ٿيون هيون،
تنهن اسان جي هندستاني نوڪر کي ٻڌايو ۽ چيائينس ته
پنهنجن مالڪن کي سمجهائي ڇڏ ته هنن خببشن کان خيال
رکي. پوءِ اسان کي خبر پئي ته افغانن پاڻ ۾ ٻڌي
ڪئي هئي ته هنن کي دڙڪو ڏيئي کانئن هڪ- هڪ اُٺ
ڪڍنداسين. هنن جي انهيءَ شرارت ڪري اسان فيصلو ڪيو
ته هنن کان جلد الڳ ٿجي ته چڱو. ساڳئي وقت اهو به
ظاهر هو ته چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. تنهنڪري
ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کين فقط چتايو ته توهان جيڪي ذليل
ڪوڙ ڳالهايا اهن؛ انهن جي اسان کي سموري خبر آهي ۽
اهو به چيائين ته جيڪڏهن توهان کي سندرجيءَ کان
انعام اڪرام ملڻ جي اميد آهي ته آئيندي توهان کي
وڌيڪ خبردار ٿيڻو پوندو. هنن الزام قبول نه ڪيو پر
وعدو ڪيائون ته آئيندي توهان جي حڪم جي پيروي
ڪنداسون. شام جو ڪرماني ملان، يوسف زليخا
جو نظم کڻي آيو ۽ اسان کي ٻه ڪلاڪ پڙهي ٻڌايائين.
اسان جي گهر جو مالڪ جو ديهوار هو تنهنڪري فارسي
سمجهندو هو سو به ڪيترن ٻين پاڙيسرين سميت اچي
اسان سان شامل ٿيو. ملان کي ٻُڌي اسان جي طبيعت
ڏاڍي خوش ٿي. هن ڏاڍو سُٺو پئي پڙهيو ۽ قصي جي
مضمون ۾ ڄڻ ته محو ٿي پئي ويو.
23- فيبروري:
اڄ صبح جو سڄي شهر ۾ ’هو هو‘ ٿي ويئي ته اسان جو
سامان آخر پهچي ويو آهي. ناشتي جي وقت تائين دوائن
لاءِ ماڻهو اسان کي گهيرو ڪري ويا. شام تائين يڪي
اها حالت رهي. اسان گهڻائي بهانا ڪيا، پر هو مُڙن
ڇو ٿا! هڪ عجيب چهچٽو لڳي ويو. ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مان
وچ ۾ بيٺل آهيون، چوڌاري ماڻهن جا حشام لڳا پيا
آهن. جو دنيا جو مرض آهي تنهن جي شڪايت پيا ڪن ۽
علامتون پيا ٻڌائين ۽ سو به اهڙيءَ زبان ۾ جا اسان
کي سمجهه ۾ ئي نه پئي اچي. آخر اسان هنن کي خاموش
ڪرايو. اسان کين مدد ڪرڻ لاءِ تيار هئاسين، ڇاڪاڻ
ته اسان کي انهن سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪرڻ جو
ارادو هو، تنهنڪري اسان دوائون فراخدليءَ سان
پنهنجي ٻُڌيءَ مطابق ورهايوسين انهيءَ اميد سان ته
اسان جا ٽوڻا سندن دلين تي اثر ڪندا. اسان جي ڪِن
مريضن عجيب قسم جون غلطيون ڪيون: ڪن اسان جون
هدايتون نه سمجهيو هيون ته ڪن ڄاڻي واڻي انهن جي
پيروي نٿي ڪئي. هڪڙو ماڻهو اکين ڌوئڻ جي دوا پي
ويو ۽ اچي چيائين ته دوا جلاب جو اثر ڏيکاريو هو.
ٻين ملم کائي ڇڏيو، پر خوشقسمتي جو ان جو مٿس ڪو
برو اثر ڪونه پيو. سڀ کان وڌيڪ سخت چُڪ اسان جي
پاڙي جي هڪ جانڊاهيءَ ڪئي، جو هڪ ئي وقت جلاب جو
وڏو وزن پِي ويو. هو ذري گهٽ مئو هو، هن کي چيو
ويو هو ته دوا جا ست- اَٺ وزن ڪري پيئي. هن خيال
ڪيو ته روز روز ڪير ويٺو تڪليف ڪري. هڪ دفعو پيئڻ
سان به فائدو اوترو ئي ٿيندو، سو ڇا ڪيائين جو
سموري دوا ملائي هڪ ڳيت سان پِي ويو.
24- فيبروري:
اڄ اسان پاڻ واري هندوءَ کي چيو ته اسان کي
سندرجيءَ جا جي خراسان
۾، هرات ۽ ايران ۾، ڪرمان ۽ يزد جي شهرن ۾ گماشتا
آهن، تن جي نالي هنڊيون لکرائي ڏي. پر هن کي ايران
جون هنڊيون نه ملي سگهيون. پر هن کي پڇا ڪندي
سيستان جي رستن متعلق هڪ اهڙي خبر ملي جا اسان جي
لاءِ ڏاڍي ڪارائتي ثابت ٿي. جو اسان انهيءَ رستي
سان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسان کي باريڪ جاچ مان
معلوم ٿيو ته سڀ رستا نوشڪيءَ نالي هڪڙي ڳوٺ وٽ
وڃي ملن ٿا، جو قلات کان سٺ- ستر ميل اتر- اولهه
طرف آهي. تنهنڪري اسان صلاح ڪئي ته پهريان اتي وڃي
۽ پوءِ اتان جيئن مناسب نظر اچي تيئن اڳتي وڌجي
ٻيلي ۾ ڄام جيڪي ماڻهو اسان کي ڪري ڏنا هئا، تن جي
استعفا ڏئي پنهنجي وطن ورڻ جي مرضي هئي. اها ڳالهه
عين اسان جي مرضيءَ مطابق هئي، اسان کي به گهڻي
وقت کان خيال هو ته کين قلات ڇڏڻ کان اڳ رخصت
ڏينداسين، تنهنڪري اسان انهن جي استدعا تي کين
پگهار ڏئي روانو ڪيوسين ۽ انهن جا هٿان خان ڏانهن
به هڪ خط موڪليوسين. انهن جي جاءِ تي اسان اٺن
هڪلڻ لاءِ چار بروهي ڀاڙي ڪياسين.
25، 26، 27، ۽ 28 فيبروري: هندن هرات جي هنڊين وٺي
ڏيڻ ۾ دير وڌي ۽ ساڳئي وقت اسان کي ٻئي هنڌان
هنڊين وٺڻ ۾ به رنڊڪون پئي وڌايون، لاسڪ انهيءَ
ارادي سان ته جيئن اسان کان ڳرو اگهه ۽ دلالي وٺن
جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا. انهيءَ ڳالهه اسان کي پويان
ٽي- چار ڏينهن (هندن جي آباديءَ لاءِ مشهور آهي)
تشويش ۽ مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. هڪ وقت ته چيائون
ته هنڊيون ڪنهن به صورت ۾ ڪونه ملنديون: چون ته
توهان قلات ۾ رهو، شالو مل شڪارپور
ٿو رهي، اتان جواب اچي ته پوءِ فيصلو ڪنداسين.
انهيءَ ۾ ٽي هفتا لڳي وڃن ها. تنهنڪري ڪئپٽن
ڪرسٽيءَ انهيءَ شرط قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو.
هندن گهڻا سوال جواب ۽ اٽڪلون سٽڪلون ڪيون آخر
اسان کي لاچار بازاري مٽاسٽا جو اگهه ۽ ان تي پنج
سيڪڙي جي ڳري دلالي ڏيڻي پئي. اسان کي ان ڳالهه تي
سخت مٺيان لڳي پر اسان کي قلات ڪيئن به ڪري ڇڏڻو
هو، تنهنڪري ٻن- ٽن سون رپين جي نقصان جو خيال
ڪونه ڪيوسين. هندن جي اها روشن سندن واپاري خيال ۽
دستور مطابق آهي. هو سمجهندا آهن ته ڪنهن ماڻهوءَ
جي ضرورت جو فائدو وٺي هن مان پئسا ڪڍڻ، اعتراض جو
ڳو ڪم نه آهي. سندرجيءَ جي گماشتن، جن سمجهيو هو
ته هي اسان سودو هن جي پاران ٿا ڪيون. تنهنڪري هنن
گهڻي ئي پڪائي ڪئي، پر ٻي ڌر اسان جو انتظار ڏٺو ۽
ان جو پورو پورو فائدو ورتائون.
26- تاريخ: صبح جو هڪ معتبر پيرسن اسان وٽ آيو ۽
اکين ئي اکين ۾ ائين چيائين ته مهرباني ڪري مون
سان گڏجي شهر هلي هڪ مريض کي ڏسو. مريض ڳري ڪنڊا
ٿي ويو هو ۽ تمام ضعيف حالت ۾ هو. اسان هن کي نسخو
ٻڌايو پر ان فائدو ڪونه ڪيو ۽ هو چئن- پنجن ڏينهن
کان پوءِ مري ويو. پر خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو هن
جي موت لاءِ اسان کي جوابدار نه ٺهرايو ويو. عام
طرح چيو پئي ويو ته هنن کي سندس پنجن مائٽياڻين
مائن مان هڪ زهر ڏنو هو. جڏهن پهريون اسان هن جو
معائنو ڪيو هو ته اسان کي ڏسي تعجب ٿيو هو ته
جيتوڻيڪ هن کي شاندار پوشاڪ پئي هئي ۽ ڪيترا نوڪر
چاڪر خدمت ۾ هئس، تنهن هوندي به هو هڪ ننڍڙيءَ ۽
خسيس جهوپڙيءَ ۾ پيو هو. اسان کي پڇا تي معلوم ٿيو
ته هو روح الله بيگ نالي هڪ دولتمند تاجر جو پٽ
هو، جنهن کي قلات جي خان جي ڀاءُ مير مصطفيٰ ٻه
هفتا ٿيا ته ڪڇ گنداوا ۾ مارايو هو. هن جوان جي
عادتن ۽ اُٿ- ويهه مان بزرگي پئي بکي، ان جي غمگين
حالت تي اسان کي به تعجب ٿيو ۽ رحم به آيو ۽ اسان
هن جي پيءُ جي قتل جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ آماده
ٿياسين. اسان کي ٻڌايائين ته مير مصطفيٰ خان کي
گهڻي وقت کان شڪ هو ته شاهه محمود، جو ان وقت ڪابل
جي تخت لاءِ اميدوارن مان هڪ هو، تنهن جو وزير فتح
خان غدارانه خط و ڪتابت ڪري رهيو هو، مير هڪ رات
ڪڇ گنداوا ۾ هن جي گهر وڃي چئن نوڪرن جي مدد سان
ڪهي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائينس. بابو هڪ پيرسن ۽ بي
پناهه آدمي هو، تنهنڪري هن هچاري ۽ نيچ ڪم سڀني
طبقن جي ماڻهن ۾ جوش ۽ چوٻولو پيدا ڪيو، ڇاڪاڻ ته
هڪ اهڙي ٻڍڙي ماڻهوءَ جو موت، جيڪڏهن اهڙي ڪم کي
موت سڏي سگهجي ٿو، هڪ بيمثال واقعو هو. ان کان
پوءِ مير هڪدم قلات نياپو موڪليو ته روح الله بيگ
جا پٽن کي نظربند ڪري ۽ سندس سموري ملڪيت ضبط ڪئي
وڃي. انهيءَ حڪم جي ڪري ماڻهن کي ائين ڪرڻ لاءِ
سبب مليو ته هن بدبخت جو فقط ڏوهه اهو هو جو هو
دنيادار هو. خير حقيقت ڪهڙي به هجي پر حڪم جي پوري
تعميل ڪئي ويئي، مير جي داروغي هن جي جاءِ ۾ دامن
تي وڃي قبضو ڪيو ۽ انهن ۾ جو قيمتي سامان هو تنهن
جي يادداشت ٺاهي مير ڏي موڪليائين. چون ٿا ته
سامان جي قيمت ٽيهه لک رپين
کان به زياده هئي.
هن جي ٻن پٽن کي قيد ڪيو ويو ۽ ٽيون جو سخت بيمار
هو، تنهن تي وڏو احسان انهيءَ ڪري ڪيو ويو جو هو
بندوق باز هو، انڪري هٿيار بند سپاهين جي حفاظت
هيٺ هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهايو ويو، جتي اسان سندس علاج
لاءِ ويا هئاسين.
ڪرماني ملان هاڻي اسان وٽ روزانو ايندو هو. اسان
کي هن جي صحبت مان مزو ايندو هو. تنهنڪري اسان به
هن جو آڌرڀاءُ ڪندا هئاسين. هو هڪ ذهين ۽ صحبت جي
لائق دوست هو. 27- تاريخ هو پاڻ سان پنج چالاڪ
ڇوڪرا وٺي آيو، جي خان جي هڪڙي وڪيل سلطان صاحب
جا پٽ هئا. انهن مان وڏي ڇوڪري اسان کي هڪ انگور
جي پتي ڏني. جنهن ۾ لذيذ انگور ڪيلن جي تهن ۾
ويڙهيل هئا. موڪلائڻ کان اڳ، ملان چيو ته هن جي
ماءُ توهان جي حڪمت جي تعريف ٻڌي آهي. هن جو عرض
آهي ته توهان هن جي ٻن ڀينرن کي هلي ڏسو جي ڪجهه
وقت کان بيمار آهن. ڇوڪر منٿون ڪندو رهيو ۽ اسان
به هن سان وڌيڪ گهائل مائل ٿيڻ لاءِ کيس ڍر ڏيندا
آياسين. آخر ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ٻئي ڏينهن هنن جي گهر
وڃڻ قبول ڪيو. فيصلو اهو ٿيو ته ملان اچي کيس سندس
گهر وٺي ويندو. 28- تاريخ صبح جو سوير ملان اچي
حاضر ٿيو. اسان ڏٺو ته هن کي اسان کان به وڌيڪ
اسان جي معرفت هن جي ڀيڻ، جا ان گهر ۾ ٻانهي هئي،
آزاد ٿيندي. هن ڪئپٽن ڪرسٽي کي چيو ته پنهنجو ڪتاب
بغل ۾ کڻ ۽ مائيءَ جي نبض ڏسي چئجانئس ته دوائن تي
تمام گهڻو خرچ ٿيندو. ياد رک ته اڳ ۾ ٻولي ڪجانءِ
ته جي ڇوڪريون ڇٽيون ته هيتري رقم وٺندس. ان کان
اڳ کين نسخو هرگز نه ڏجانءِ. هنن جي پيءُ وٽ اڻکٽ
مايا آهي. هو توکي خوشيءَ سان هرهڪ ڇوڪريءَ لاءِ
ٻه- ٽي سؤ رپيا ڏيندو. انهيءَ وعظ کان پوءِ ڪئپٽن
ڪرسٽيءَ ۽ ملان روانا ٿي ويا. پوءِ ته ڏاڍو مزيدار
چهچٽو لڳي ويو. منهنجي مرحوم دوست ان جو ڏاڍو دلڪش
بيان پنهنجي روزنامچي ۾ ڏنو آهي، جو مان هت پيش
ڪندس.
ڪئپٽن ڪرسٽي لکي ٿو ته گهر پهچڻ تي اسان کي ٻه- ٽي
منٽ اڱڻ ۾ ترسايو ويو. تنهن کان پوءِ داروغي
منهنجي آجيان ڪئي ۽ مون کي حرم ۾ اندر وٺي هليو.
ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان سلطان صاحب جي بيگم منهنجي
آجيان ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙي ٿي. هوءَ ڊگهي قداور ۽
بدن جي سنهي هئي۽ هڪڙو ويڪرو ناسي رنگ جو گهگهو
پيو هوس، جو اڳيان کليل هو ۽ کڙين سان پئي لڳس.
آءٌ هن جي ڀرسان نمدي تي ويٺس. ۽ ٻانهيون سامهون
بيهي رهيون. مائي پهريائين ڪيترا دفعا تڪليف لاءِ
معافي گهري. پوءِ پنهنجي وڏيءَ ڌيءَ جي ڳالهه
ڪڍيائين، جا پندرهن سالن جي هئي ۽ پيٽ جي تڪليف
هيس. هن نبض ڏسڻ لاءِ ڪپڙي جي هيٺان هٿ ڊگهيڙي
ٻاهر ڪڍيو، پر آءٌ هن جي شڪل ڏسي نه سگهيس. جڏهن
ٻانهن ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪپڙو مٿي ڪيائين تڏهن مون کي
ائين معلوم ٿيو ته هوءَ قد جي ننڍي پر نزاڪت ڀري
هئي. منهنجي خيال ۾ هن جو مرض کاري کجور، مٺاڻ ۽
ٻين گرم شين کائڻ جي ڪري ٿيو هو. تنهنڪري مون کيس
انهيءَ قسم جو نسخو ڏنو. مون کين صلاح ڏني ته هن
کي گوشت گهٽ کارايو جا هنن کي البت ڏکي لڳي. اها
هڪ بروهي عورت لاءِ هڪ تڪليف جهڙي ڳالهه هئي. پوءِ
منهنجي اڳيان ٻي ڇوڪري وٺي آيا. هوءَ ٻارهن ورهين
جي حسين ڇوڪري هئي، ۽ اکيون ضعيف هئس. مون نهايت
اٻوجهائيءَ سان چيس ته اکيون ته ڏيکار ته اچي
ٽهڪڙو پيو. پر منهنجي حڪم جي هڪدم تعميل ڪئي وئي،
۽ هن پنهنجو نقاب هٽايو. جهڙي هيس سندر صورت تهڙو
هوس بندن. هن کي فقط اکين کي صفا ڪرڻ جي دوا جي
ضرورت هئي، جا مون کيس موڪلڻ جو وعدو ڪيو. مون
پنهنجي علم جو رعب وجهڻ لاءِ وڏيءَ ڇوڪريءَ جي نبض
ڏسڻ وقت پنهنجي کيسي مان گهڙي ڪڍي، اها بيخياليءَ
۾ هڪڙي ٿلهي ملتاني هندو داروغي جي حوالي ڪئي هيم.
هن حماقت ڪري اها کولي ۽ خبر تڏهن پئي جو هلندي
هلندي بيهجي وئي. مون منهن مٿي ڪري چيس ته قرمساق،
ڪا خبر پيئي ته ڪيڏو نقصان ڪري ڇڏيئي؟ هو منجهي
پيو پر کلي چيائين ته هاڻي پنهنجي ڪاريگريءَ سان
ٺاهينس. آءٌ ڪاوڙجي اُٿي هليس ته وڏيءَ مائيءَ چيو
ته لاله
ڪجهه ترس. مون کي چوڏهن ورهين جو هڪ پٽ آهي. هن کي
ڪا طاقت جي دوا ڏي. هاڻي هن جي شادي ٿيڻ واري آهي
پر هو سنهو سڪل ۽ ضعيف آهي. هن کي دوا ڏي ته بدن ۽
هڏ مضبوط ٿئيس ۽ مرد ٿئي. تون سمجهين ٿو ته منهنجو
مطلب ڇا آهي؟ اتي ٻانهيون ڏند ٽيڙي کِلڻ لڳيون. هن
انهن ڏي منهن ڪري ۽ پوءِ مون کي ڏسي چيائين ته
حڪيم منهنجو ڀاءُ آهي. هن کان ڪهڙو لڪ لڪاءُ آهي.
پر هاڻي دير ٿي ويئي آهي. مان توکي اڳي ئي گهڻي
تڪليف ڏني آهي. مان خوش ٿي موڪلائي هليس. جو ڏاڍو
ڏکيو ڪم هو. مس مس جان ڇٽي. ٻاهرئين در تي مس
پهتس. ته ٻانهين اچي ورايو. هڪ کي اکين جي دوا
کپندي هئي، ٻيءَ کي ٻار نه ٿيندو هو، ٽينءَ کي
بادي
هئي. پر مان انهن کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري تڪڙو تڪڙو بزار
۾ اچي افغانن سان گڏيس. ٻه- ٽي ٻانهيون ڪڍ لڳيون
آيون، پر مان انهن جي نظر کان نڪري ويس.
ڪئپٽن ڪرسٽي گهر موٽي آيو، تنهن کان پوءِ ڪلاڪ کن
جي اندر سلطان صاحب جو داروغو دوائون وٺڻ لاءِ
آيو، جي کيس ڏنيون ويون. هن اسان کي پنهنجي مالڪ
جي اثر رسوخ جي ڏاڍي واکاڻ ڪري ٻڌائي. چيائين ته
جيڪڏهن هو توهان جي مدد ڪري ته توهان کي واپار ۾
ڪابه رڪاوٽ ڪانه پوندي. هو خان کي چوندو ته توهان
جي مال تي محصول به نه وصول ڪيو ويندو. اسان چيس
ته جيڪڏهن هن جون ٻه ڇوڪريون چاق ٿي ويون ته اهو
اسان لاءِ ڪافي آهي. پر حقيقت ۾ اسان تي داروغي جي
وعظ جو ڪو اثر ڪونه پيو. ڇاڪاڻ ته سلطان صاحب اسان
جي مدد ڪري ئي ڪري تنهن کان اڳ اسان قلات مان نڪري
وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو.
1 ۽ 2- مارچ: رات جو چور روح الله بيگ جو گهر ڀڃي
ان مان شالون ۽ ٻيو پنجيتاليهن هزارن رپين جو
قيمتي وکر چوري ڪري ويا، جنهنڪري شهر ۾ هل- هلاچو
۽ غلغلو هو. گهر حفاظت هيٺ هو، تنهنڪري ظاهر هو ته
ڌاڙيل ڌاريا ماڻهو نه هئا. جيئن ته چوريءَ جو ڪجهه
مال اُٺن تي کڻي ويا هوندا ۽ ڪوٽ جا دروازا سڄي
رات بند هئا، تنهنڪري خان جي نائب پڙهو گهمايو ته
قلات کان ويهن ميلن جي اندر ٽي ڏينهن جيڪو سواري
ڪندو سو قيد ڪيو ويندو. ٻيءَ رات چار چور پڪڙيا
ويا، هنن چوريءَ جو مال ڀِت ٽُپائي ٻاهر ڪڍڻ جي
ڪوشش پئي ڪئي. جتي اُٺ تيار ٿيو بيٺا هئا. نائب
خان کي ان واقعي جي خبر ڏني. انهيءَ وچ ۾ هن
پنهنجي حڪم تي چورن کي سخت ڦٽڪا هڻائي، ڏاڙهيون
ساڙائي ٻن اُٺن تي پٺيرو ٻڌرائي شهر جي گهٽين ۾
گهمارايو. انهن جي اڳيان پڙهي وارو هو ۽ ماڻهن جي
مٿانئن ڦٽ لعنت پئي. ماڻهن نه فقط مٿانئن گند،
ڪچرو، بيدا ۽ اهڙيون ٻيون بيضرور شيون پئي اڇلايون
پر خوب پٿر، بُنڊيون، ۽ سرون به پئي هنيائون. مطلب
ته انهن جي خوب مرمت ڪئي ويئي. تنهن کان پوءِ هنن
کي وڃي جيل ۾ بند ڪيائون. هنن سان سختي انڪري ڪئي
ويئي هئي جو هو مير مصطفيٰ خان جا نوڪر هئا ۽ هو
مٿن تمام مهربان هوندو هو ۽ منجهن اعتبار هوندو
هوس. پر بلوچ هر قسم جي خانگي چوريءَ کي حقارت سان
ڏسندا آهن، تنهنڪري هنن سان اهڙي تعدي ڪئي ويئي
هئي.
2- تاريخ: هڪ ماڻهو ظاهراً اتفاق سان گهمندي
گهمندي لنگهي آيو. چيائين ته توهان کي ياد هوندو
ته توهان قلات اچڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ مير مصطفيٰ
جي داروغي سان ملڻ جو وعدو ڪيو هو. هو اڃا بيچاق
هو ۽ اسان جو روز انتظار ڪندو هو. هو اسان تي
ناراض هو ڇاڪاڻ ته اسان کيس پوري عزت ڪانه ڏيکاري
هئي. اسان داروغي کان معافي گهري ۽ چيوسونس ته
اسان مير وٽ انڪري نه آيا هئاسين جو اسان کيس
تڪليف ڏيڻ نٿي گهري. اسان جو ناصح جو داروغي جو
نوڪر هو، سو ان جواب تي راضي نه رهيو ۽ اسان کي
لاچار وعدو ڪرڻو پيو ته ٻئي ڏينهن اسان سندس مالڪ
جو نياز حاصل ڪنداسين. اسان 4- تاريخ قلات ڇڏڻ جو
فيصلو ڪيو هيوسين ۽ مسافريءَ لاءِ اٽو ۽ کجور
خورزينن
۾ بند ڪيو هوسين. پر 2- تاريخ شام جو اسان جا سڀ
هندو دوست گڏجي آيا ۽ اسان تي زور بار وڌائون ته
توهان 6- تاريخ تائين نه وڃو. اها چنڊ جي پهرين
تاريخ هئي جا شُڀ گهڙي سمجهي ويندي آهي. ٻه افغان
ان وقت حاضر هئا، هنن کي جڏهن خبر پيئي ته اسان
جلد وڃڻ وارا هئاسين، تڏهن اسان کان پڇڻ لڳا ته
توهان ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؟ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چين ته
اسان ڪنهن به صورت ۾ ڏهن ڏينهن تائين ڪونه
نڪرنداسين، شايد اڃا به وڌيڪ ترسون. هنن اسان کي
صلاح ڏني ته بهتر ائين ٿيندو ته توهان هتان سڌا
قنڌار وڃو ۽ اتان هرات. ڇاڪاڻ جو توهان سيستان
جهڙي سُڃي رستي کان ويندؤ ته ماڻهو شڪبا ۽ آخر
ڳالهه ڪابل جي بادشاهه يا سندس وزير جي ڪنن تائين
پهچندي ۽ هو توهان کي فرح ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪندا.
اسان هنن ماڻهن جي بدمعاشيءَ ۽ بُرن ارادن کان
واقف هئاسين، تنهنڪري هنن جي صلاح تي ڪو ڌيان ڪونه
ڏنوسين. پر اسان ڍونگ ڪري چين ته فيصلو ڪرڻ کان اڳ
اسان خيال ڪنداسين.
3- مارچ:
اسان مير مصطفيٰ جي داروغي سان گڏياسين، ڪالهه
واري واقعي کان پوءِ اسان کي جيتري اميد هئي. هو
ان کان وڌيڪ خوشخلق هو. چيائين ته مان توهان کي جا
شيءِ کپي سا وٺي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن اسان کان
ڪيترا سوال پڇيا ته اتر وارن ملڪن ڏانهن ويندؤ يا
قلات ۾ رهندؤ؟ توهان کي ڪيترا ۽ ڪهڙي قسم جا گهوڙا
کپن؟ توهان پنهنجي سِر واپار ٿا ڪيو يا ٻئي ڪنهن
جا پاران؟ اسان سوالن جا جيڪي جواب ڏنا سي سڀ هن
ڪاغذ ٽڪر تي لکي ڇڏيا. هن جي سموريءَ روش مان ظاهر
هو ته هن کي خان يا ڀاڻس موڪليو هو ته معلوم ڪري
ته اسان ڪير آهيون. جڏهن اسان هن کان موڪلايو ته
اسان سمجهيو ته هاڻي هن کي خاطري ٿي هوندي ته اسان
گهوڙن جا سوداگر آهيون. جيڪڏهن اسان کي محمود خان
جي علائقي ۾ زياده رهڻ جو ارادو هجي ها ته داروغو
جيڪر اسان جي هن وٽ تعريف ڪري ها ۽ اسان اڃا وڌيڪ
سلامتيءَ سان پاڻ کي گهوڙن جا سوداگر سڏائي سگهون
ها. ڏينهن جو حال احوال ٻڌائيندي هن خبر ڪئي ته
اڳين رات ڪابل جي بادشاهه جي وزير جا پنجاهه
گهوڙيسوار قلات مان لنگهيا هئا. هو مرحوم روح الله
بيگ جي خاندان کي آزاد ڪرائڻ ۽ هن جو مال واپس
وٺڻ لاءِ قنڌار کان ڪڇ گندوا وڃي رهيا هئا. هي
احوال دست دراز مير مصطفيٰ، بابي سوداگر کي قتل
ڪرڻ لاءِ جو سبب ڏنو هو تنهن جي سچائيءَ جي تائيد
ڪري ٿو. اسان کي پوءِ خبر پئي ته اها سفارش ڪامياب
نه ٿي. مصطفيٰ خان وزير جي فرمان
جو نهايت فاحشن لفظن ۾ زباني جواب ڏياري موڪليو ته
تون ڪو جاهل حيوان آهين، جو سمجهين ٿو ته مان اهڙو
هيڻو آهيان جو تنهنجو حڪم مڃيندس. خبردار! جي وري
اهڙي ڪم سان ڪو قاصد موڪليو اٿئي ته اهڙو بي عزتو
ڪري ڪڍندوسئين جو ياد ڪندين. شام جو سلطان صاحب جي
بيگم چوائي موڪليو ته جيڪڏهن ڪا قيمتي شيءِ هجيوَ
ته منهنجي گهر رکو، جتي اها سلامت رهندي. ٻاهر
چورن جو ڊپ آهي ۽ ڪابه شيءِ سلامت نه آهي. اسان هن
جي شڪر گذاري ڪئي. اسان وٽ سچ پچ ته ڪابه قيمتي
شيءِ ڪانه هئي، پر مائيءَ جي صلاح جو فائدو وٺي
کيس اسان واري هندوءَ جي هٿان پراڻن ڪپڙن جي هڪ هڙ
جنهن جي قيمت پنج رپيا به نه هئي، ڏياري موڪلي.
انهيءَ اٽڪل ڪري مائيءَ جي خاندان ۽ ٻين ماڻهن جن
کي شڪ هو خاطري ٿي ته اسان کي قلات موٽي اچڻ جو
ارادو هو.
|