فصل (4)
قلات، خواه سڄي
بلوچستان ۾ قائم ڪيل حڪومت جو چرخو گهڻيءَ
آسانيءَ سان سمجهائي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان ۾
سردارن جي مختلف نظرين ۽ خيالن جي مطابق، يا وري
اتي بار بار ٿيندڙ انقلابن جي نتيجي ۾، لازمي طور
هميشه ردوبدل ٿيندي رهي ٿي. جڏهن نصير خان پنهنجي
پوري اوج تي هو، تڏهن چئي سگهجي ٿو ته سڄي
بادشاهيءَ جي مطلق العنان حڪومت جا حڪم مڪمل طور
حاوي هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪنهن به حڪم يا
قانون تي اعتراض اٿارڻ يا ان کي رد ڪرڻ جي ڪنهن کي
به همت ڪانه هئي، پر ساڳئي وقت تي اهو حڪمران
جاگيردارن کي سندن پنهنجن قبيلن اندر رعايتن ڏيڻ
سان پنهنجي اعليٰ اختياري اهڙيءَ طرح نرم ڪري
ڇڏيندو هو، جو هڪ عام رواجي ڏسندڙ کي هيءَ
بادشاهي، هڪ فوجي وفاق جي صورت ۾ نظر ايندي هئي.
سڀني قبيلن وارا پنهنجي سردار يا اڳواڻ کي چونڊڻ
جو حق استعمال ڪن ٿا، پر اهو منصب جڏهن هڪ دفعو
طئي ٿي وڃي ٿو، تڏهن اهو موروثي معلوم ٿئي ٿو.
قلات جو خيان، بهرحال، ڪنهن به اهڙيءَ چونڊ کي
نامنظور ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي فيصلي ڪرڻ جو نالي ماتر
حق پاڻ لاءِ محفوظ رکي ٿو. پر مون اهڙو ڪو هڪ مثال
به نه ٻڌو، جنهن ۾ نصير خان، ماڻهن طرفان نامزد
ڪيل ڪنهن به سردار جي مقرري کي نامنظور ڪرڻ جي قدم
کڻڻ تي اصرار ڪيو هجي ۽ جڏهن کان وٺي هن جو پٽ
حڪومت جو سربراهه ٿيو آهي، تڏهن کان ڪوبه ماڻهو هن
کي اهڙي ڪارروائيءَ جي خبر ڏيڻ جي ضرورت به محسوس
نٿو ڪري.
ڪيچ ۽ گنڊاوا جي شهرن کي، جيڪي مڪران ۽ ڪڇ گنڊاوا
صوبن جي گادين وارا شهر هئا، اهڙن گورنرن يا حاڪمن
کي پنهنجي لاءِ منظور ڪرڻو پيو، جيڪي نصير خان
طرفان مقرر ڪيل ۽ سندس مرضيءَ جا غلام هئا، حالانڪ
انهن ٻنهي شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو. مختلف قبيلن ان
واسطو رکندڙ هئا. ماڻهن انهيءَ ڳالهه کي اُتان جي
رهاڪن جي پيدائشي حقن تي اهڙو وڏو حملو سمجهيو، جو
گورنرن جي حڪومتن لاءِ مڃتا حاصل ڪرڻ خاطر گهڻائي
فوجي دست رکڻا پيا، ۽ جنهن گهڙيءَ نصيرخان وفات
ڪئي، تنهن دم ئي ٻنهي شهرن جي رهاڪن هنن کي ڀڄائي
اتان ڪڍيو. محمود خان پنهنجي والد جي حڪم جي فقط
گنڊاوا ۾ تعميل ڪرائي سگهيو، پر انهيءَ واقعي کان
وٺي ڪيچ هن کي محض اعزازي تعظيم ڏيندو رهيو آهي.
سڄي بلوچستان سان واسطو رکندڙ معاملن ۾ جنگ جي
اعلان ڪرڻ ۽ عهدنامن طئي ڪرڻ جو اختيار قلات جي
خان وٽ رهندو هو، ۽ قبيلن جي سردارن کي، کيس فوجن
ذريعي مدد ڪرڻ جو اختيار ڪونه هوندو هو. در حقيقت،
هو نه فقط ائين ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندا هئا، پر کين
طئي ٿيل عهدنامن جي اهڙن حصن جي تعميل پڻ ڪرڻي
پوندي هئي، جن جو انهيءَ قبيلي سان ڪو واسطو هوندو
هو، جنهن جا اهي سردار هئا، جيتوڻيڪ هو ان کي
پنهنجي مفاد يا فائدي لاءِ کڻي نقصانڪار به
سمجهندا هئا، پر جيڪڏهن عوام جو ڀلو يا مفاد ڪنهن
به قبيلي کان اهڙي قرباني گهرندو هو ته پوءِ قلت
جي خان ۾ اها توقع رکي ويندي هئي ته هو اهڙي قبيلي
کي انهيءَ قربانيءَ جي مساوي معاوضو عطا ڪندو.
ساڳئي دليل جي آڌار تي، کيس زميني جائدادن جي حدن
مقرر ڪرڻ جو اختيار حاصل هو، ۽ جتي به حدن جي
سلسلي ۾ تڪرار ٿيندو هو، خواهه اهو قبيلن ۾ هوندو
هو يا فردن جي درميان، ٻنهي صورتن ۾ زمين جي مالڪ
هئڻ جي حيثيت ۾ فيصلي ڪرڻ جو اختيار فقط قلات جي
خان وٽ هوندو هو ۽ ان وٽ ئي نبيري لاءِ وڃڻو پوندو
هو. ان کان پوءِ اهو هن جو فرض ٿيندو هو ته هو ست
۾ سخت تفتيش ڪري ۽ ٻنهي ڌرين طرفان پيش ڪيل شاهدن
کان بيان وٺي، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ سندن دعوائن کي
صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا ذريعا گهڻو ڪري نه، پر
بنهه ڪين هوندا هئا. ان کان پوءِ هن کي پنهنجي
راءِ جو اظهار ڪرڻو هوندو هو، جيڪا قطعي ۽ آخري
هوندي هئي.
جڏهن به ڪنهن ”خيل“ جي ماڻهوءَ طرفان پنهنجي ئي
قبيلي جي سردار خلاف خان وٽ فرياد آندو ويندو هو،
تڏهن هن کي اهڙو اختيار حاصل هوندو هو ته يا ته هو
پاڻ انهيءَ معاملي جي سماعت ڪري خود ئي فيصلو ڏئي
يا اهو معاملو فريادي ۽ جوابدار جا ”خيل“ وابستہ
هوندا هئا. بهرحال، هن جي آخري ذڪر ڪيل طريقي
اختيار ڪرڻ جو امڪان گهٽ هوندو هو، ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن ٻنهي مان ا هڪ انصاف نه ڪيو آحي، جيئن عام
طرح ٿيندو هو، ته ان صورت ۾ هو قلات جي خان وٽ اچي
اپيل ڪري سگهندو هو. نتيجي طور، قبيلي جي سردار
ڏانهن ڪنهن به معاملي جي موڪلڻ مان فقط هڪ هيءُ
فائدو حاصل ٿي سگهندو هو ته ان طرح سان معاملي جي
صحيه ۽ اصلي صورتحال هڪ نظر ۾ اعليٰ ترين عدالت جي
سامهون ظاهر ٿي پوندي هئي.
قلات جي خانن جي خودمختياريءَ جي متعلق هڪ ٻي تمام
مضبوط ثابتي هيءَ آهي ته هو پنهنجن سردارن کي اهو
حڪم ڏيئي سگهن ٿا ته هو پنهنجي فوج جي مقرر ڪيل
تعداد سميت بذات خود حضور ۾ اچي حاضري ڏين. جڏهن
اهڙيءَ طرح جمع ٿيل فوج جنگ جي ميدان ۾ بيهاري
ويندي آهي، تڏهن اها ٽن حصن ۾ تقسيم ڪئي ويندي
آهي، ۽ هر هڪ حصو پنهنجي مخصوص جهنڊي سان نمايان
نظر ايندو آهي. ڪڇ گنڊاوا، صوبي قلات ۽ نوشڪي ضلعن
جون فوجون محمود خان يا سندس نائب (عيوضي) جي سڌي
حڪم هيٺ هلنديون آهن ۽ انهن وٽ سرخ جهنڊو هوندو
آهي، ساراوان صوبي جون فوجون رائسر خان جي هٿ هيٺ
هلنديون آهن ۽ اهي سبز ٻه ـــ ڇانگي جهنڊي ذريعي
نمايان هونديون آهن. قادر بخش خان زهري ۽ ولي محمد
خان مينگل
گڏجي
جهالاوان ۽ لس نالي ٻن صون جي اضافي فوجن جي قيادت
سنڀالڻ جو اعزاز سنڀاليندا آهن ۽ انهن کي نمايان
ڪندڙ جهنڊي جو رنگ پيلو هوندو آهي. جيڪڏهن انهن
منجهان ڪي به حصا جدا ٿي ويندا آهن ته انهن جا
اڳواڻ نغارا وڄائيندا آهن، ۽ جيڪڏهن ساراوان ۽
جهالاوان جون فوجون گڏجي پونديون آهن ته انهن جا
مختلف سپهه سالار ڇانوڻيءَ جي پنهنجي پنهنجي حصي
اندر اها ڪارروائي ڪندا آهن. پر جنهن دم قلات جون
فوجون انهن جي وڃي گڏبيون آهن ته ان صورت ۾ توڙِ
انهن جي قيادت خان پاڻ ڪندو هجي يا سندس عيوضي
ڪندو هجي ته، ٻنهي صورتن ۾ اهو اعزاز اڪيلي سر
انهن مان هڪ لاءِ مخصوص ٿي ويندو آهي.
عدل ۽ انصاف ڪرڻ لاءِ قاعدن جو هڪ مجموعو قمبراڻي
قبيلي جي هڪ انتهائي قديم شهزادي مرتب ڪيو هو،
جنهن اهو اهم فرض حڪومت جي سربراهي ڪندڙ شخص جي
مٿي تي کڻي رکيو هو. جڏهن انهيءَ گهراڻي جا علائقا
ايتريقدر وسيع ٿي ويا، جيترا اهي نصير خان جي
بادشاهيءَ وارن ڏينهن ۾ هئا، تڏهن اهي قاعدا ۽
قانون ماڻهن جي مجوزه مقصدن کي پوري ڪرڻ لاءِ
ناڪافي نڪتا. انهيءَ سياڻي قانون ساز انڪري،
انهيءَ ڪوتاهيءَ جي علاج ڪرڻ لاءِ هڪدم ڪمرڪشي، ۽
هن جي علائقن مان جيڪي هاڻي سندس پٽ وٽ باقي بچيل
آهن، تن ۾ هن جو ٺهيل قانون ئي هلي رهيو آهي. قتل
جي مقدمن ۾، خان بذات خود فيصلي لاءِ ويهندو آهي،
۽ نه وري ملڪ جي ڪنهن به ٻئي سردار کي مخصوص طور
مليل اجازت جي بغير انهيءَ ڪم جو اهل سمجهيو ويندو
آهي. انهيءَ باري ۾ عام طرح جيڪي قاعدا ۽ قانون
آهن، سي هيٺينءَ طرح آهن:
جيڪڏهن هڪ ماڻهو ٻئي کي قتل ڪري ٿو، ۽ مقتول جا
مائٽ مٽ سزا ڏيارڻ لاءِ آماده آهن ته پوءِ عام طرح
سان ان جو عيوضو قيد ۽ ڳرن ڏنڊن وجهڻ ذريعي ڏٺو
ويندو آهي. ڪن به شرطن تي ٺاهه نه ٿي سگهڻ جي
انتهائي حالت ۾ خون جي بدلي ۾ خون جو مطالبو ڪيو
ويندو آهي، ۽ جيئن ته خان موت جي فتويٰ پاڻ صادر
ڪرڻ کان ڪترائڻ جي ڪوشس ڪندو آهي، ان ڪري هو عام
طرح سان ڏوهاريءَ کي انهيءَ ماڻهوءَ جي دوستن جي
سپرد ڪندو آهي، جنهن کي هن قتل ڪيو هوندو آهي ته
هو جيئن به چاهين، تيئن هن سان سلوڪ ڪن. اهو طريقو
عام طرح سان انهيءَ ماڻهوءَ جي حياتي بچائڻ ۾
ڪامياب ٿي ويندو آهي، ۽ هن کي سخت پورهيي ڪرڻ لاءِ
ٻانهي جي حيثيت ۾ رکيو ويندو آهي. انهيءَ پوئين
ذڪر ڪيل قانون ۾ هڪ ناقابل تلافي اسشنيٰ آهي،جيڪا
انهيءَ پالسيءَ ۽ انهن جذبن جي تعريف ۾ گهڻو ڪجهه
چوي ٿي، جن جي اثر کان اها اختيار ڪئي ويئي هئي.
يعني ته جڏهن به خون ٿيل ماڻهو ڪو غيرملڪي هوندو
آهي، تڏهن ان جي قتل سان واسطو رکندڙ هرهڪ ماڻهوءَ
کي هڪدم قتل ڪيو ويندو آهي. قتل کان پوءِ ٻئي نمبر
تي، کاٽ هڻڻ ۽ رات جي وقت ۾ ڌاڙا هڻڻ اهڙا ڏوهه
سمجهيا ويندا آهن، جن لاءِ سخت سزا ڏني ويندي آهي،
۽ جڏهن انهن مان ڪو هڪ ڏوهه به واضح نموني ۾ ثابت
ٿي ويندو آهي، تڏهن هميشه موت جي سزا ڏني ويندي
آهي. ڏينهن ڏٺي جي چوري ۽ دڪانن تي رکيل شين کي
تِڳائي کڻي وڃڻ، ڳنڍيڇوڙي ڪرڻ وغيره جهڙن ننڍن
ڏوهن جي پاداش ۾ گهڻو ڪري چورايل شين جي مقدار يا
قيمت جي مطابق چهبڪن ۽ جيل جون سزائون ڏنيون
وينديون آهن.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس زال کي ڪنهن بيگاني ماڻهوءَ
سان زنا ڪندي ڏسي وٺي ته کيس اختيار حاصل آهي ته
هو انهيءَ عورت ۽ سندس عاشق کي قتل ڪري؛ پر کيس
تصديق لاءِ ٻن معزز شاهدن کي پيش ڪرڻو پوندو آحي،
نه ته انهيءَ ڏوهه کي قتل سمجهيو ويندو آهي.
ساڳيءَ طرح سان جيڪڏهن هو سندس زال جي بيوفائيءَ
لاءِ چار معتبرا اکين ڏٺا شاهد پيش ڪري سگهي ٿو ته
حالانڪ خود هن کي ان باري ۾ ڪڏهن ڪو شڪ نه به
هوندو، تڏهن به کيس اها آزادي هوندي آهي ته هو
انهيءَ عورت ۽ سندس يار کي، جيڪڏهن هو انهيءَ
پوئين ذڪر ڪيل ماڻهوءَ کي هٿ ڪري سگهي ته ختم ڪري
ڇڏي. ان کان پوءِ اهو معاملو خان وٽ پيش ڪيو ويندو
آهي، جيڪو ملائن يا مولوين جي مدد سان انهيءَ
مسئلي جي جاچ ڪندو آهي، ۽ جيڪڏهن ثابتيون صحيح ۽
اعتبار جوڳيون هونديون آهن، ته پوءِ اهو معاملو
اتي ئي ختم سمجهيو ويندو آهي؛ پر جيڪڏهن ثابتين جي
معاملي ۾ ڪو شڪ شبهو جاڳندو آهي ته پوءِ انهيءَ
بدنصيب ماڻهوءَ کي، جنهن پنهنجي وهم ۽ شڪ مطابق هڪ
فرض ڏوهه لاءِ انتقام ورتو آهي، قتل جي ڏوهه جو
انتهائي سخت، ڏنڊ ڏيڻو پوندو آهي، ۽ هن جي شاهدن
کي انهيءَ وقت تائين ملزم جي ڪٽنب وارن جي حوالي
ڪيو ويندو اهي، جيستائين اهي پنهنجي طرفان لڳايل
الزامن کي درست ثابت ڪري سگهن. اهو مفيد ۽ صحتمند
قانون انتقام ۽ ڪوڙي تراشيءَ کي ساڳئي نموني سان
روڪي ٿو ـــ جيڪڏهن ڪو مرد هڪ ڇوڪريءَ کي برغلائي
سندس عصمت لٽي وڃي ٿو ۽ ڇوڪريءَ جي حاملہ ٿيڻ کان
اڳ ۾ سندس پيءُ هن جو ڏوهه ڏسي وٺي ٿو ته کيس اهو
حق آهي ته هو ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ لاءِ اصرار ڪري،
ته هو ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ لاءِ اصرار ڪري، ۽ ان
صورت ۾ خان والد جي اختياريءَ جي حمايت ۾ هنن کي
موت جي سزا ڏيڻ لاءِ بڌل آهي؛ پر هيءَ هڪ اهڙيءَ
حالت آهي، جيڪا ڪڏهن به واقع ٿيندي نه ٻڌي ويئي
آهي ۽ انهيءَ صورتحال کي گهڻو ڪري بادشاهيءَ جي
ذريعي سان طئي ڪيو ويندو آهي. هڪ خيل يا برادريءَ
۾ ٿيندڙ رواجي تڪرارن ۽ جهيڙن، چورين ۽ ٿوري ۾ کڻي
چئجي ته هر قسم جي اختلافي ڳالهين جا فيصلا گهڻو
ڪري انهيءَ خيل جو سردار ئي ڪندو آهي؛ ۽ هن کان
پوءِ ڌريون انهيءَ قبيلي جي سردار وٽ اپيل ڪري
سگهن ٿيون، جنهن سان اهو خيل وابستہ هوندو آهي؛
جيڪڏهن اهو معاملو وڏيءَ اهميت وارو هوندو آهي؛ ته
پوءِ ٽين اپيل وري قلات جي خان وٽ ٿيندي آهي؛ پر
جيئن ته هو ٿورين حالتن ۾ پهرئين فيصلي کي رد ڪرڻ
ضروري سمجهندو آهي، ۽ هن وٽ شنوائي حاصل ڪرڻ لاءِ
وقت ۽ ڏوڪڙ، ٻنهي جي ضرورت هوندي اهي، ان ڪري ڪي
ٿورائي ماڻهو اهڙي ڪوشش ڪرڻ کي مصلحت آميز سمجهندا
آهن. اهو رضاڪارانه احساس ئي آهي، جيڪو ملڪ جي
عدليه جو اڪثر ڪم سردارن ۽ وڏيرن جي هٿن ۾ کڻي
اڇلائيندو آهي، ۽ اهڙيءَ طرح خان کي ڪم جي اٿاهه
دٻاءَ کان بچائي وجهندو آهي، جيڪو قدرتي طور،
انهيءَ هنڌ ئي بهتر طريقي ۽ وڌيڪ حق ۽ انصاف سان
نبري سگهندو آهي، جتي اهڙو تڪرار ۽ ڏوهه جو ڪم
سرزد ٿيل هوندو آهي، حالانڪ ان کي انهيءَ ڍنگ سان
نبيرڻ جي ڪري رعايا جي آزاديءَ جي درجي مان ذري
برابر به ڪا تخفيف نٿي ٿئي ۽ اول قبيلن جي سردارن
کي سندن ماڻهن جي فعلن ڏانهن متوجهه پڻ ٿيڻو پوي
ٿو.
قلات جي خان جي فرمان يا اڳواٽ مليل اجازت کان
سواءِ جنهن اڪيلي حالت ۾ ڪنهن ڏوهاريءَ جي گردن
زني ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ڪنهن مسافر ماڻهوءَ کي سڌي
رستي کان گهمراه نه ڪري کيس قتل ڪيو ويو هجي. اهڙي
موقعي تي، ويجهي ۾ ويجهي سردار کي اختيار هوندو
آهي ته هو قانون جي هڪدم تعميل ڪري ۽ وڌيڪ آهي ته
هو قانون جي هڪدم تعميل ڪري ۽ وڌيڪ وقت وڃائڻ کان
سواءِ جلد از جلد اهڙي واقعي جي رپورٽ ڪري. قبيلن
يا خيلن جي درميان سنگين نوعيت جا جهڳڙا، هميشه
قمبراڻي قبيلي جي خانن وٽ انهيءَ ڪچهريءَ ۾ پيش
ڪيا ويندا آهن، جيڪا محمود خان ۽ سندس ويجهن عزيزن
تي مشتمل هوندي آهي.
بلوچي فوج جو جيڪو رجسٽر مون قلات ۾ ڏٺو، تنهن ۾
مجموعي طور اڍائي لک ماڻهو داخل هئا، پر اهو
انهيءَ موقعي تي ٺاهيو ويو هو، جڏهن احمد شاهه
پهريائين پهريائين ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن نصير
خان کيس خراج ڏيڻ قبول نه ڪندو ته هو بلوچستان تي
ڪاهه ڪري ايندو. پوءِ انهيءَ بادشاهه جي فرمان جي
جواب ۾ سندس تقاضا پوري ڪئي ويئي هئي. انهيءَ ڪري
هن ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ان تعداد ۾ گهڻي قدر
وڌاءُ ٿيل هجي، جيتوڻيڪ هينئر به ساڳين ئي
دستاويزن ۾ هڪ لک ويهه هزار فوجين جا نالا شامل
آهن، باوجود هن ڳالهه جي، جو سڀني باغي صوبن ۽
ضلعن جا نالا ڪاٽيا ويا آهن. آءٌ بهرحال، سمجهان
ٿو ته وڏي ۾ وڏي هنگامي حالت ۾ محمود خان انهيءَ
تعداد جي اڌ جيترا ويڙهو ماڻهو به وڏي مشڪل سان گڏ
ڪري سگهندو. آءٌ سمجهان ٿو ته هن جي موجوده گهٽيل
حالت ۾ سندس مجموعي آمدنيءَ جو جيڪڏهن حق ۽ انصاف
سان اندازو ڪيو ته اها وڌ ۾ وڌ 3،50،000 رپيا
ساليانه ٿيندي،
جنهن جو وڏو حصو جنس ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو. نصير خان
جي زماني ۾، آمدني ٽيهه لک رپيا ساليانه کان به
ٻاهر هئي، پر ان وقت سنڌ ۾ ڪراچي بندر جي ڪسٽم
محصول کان علاوه مڪران، لس، پنجگور، ديزوڪ، خاران
وغيره خراج ادا ڪندو هئا.
قلات ۾ جيڪي محصول مڙهيل آهن، سي تمام مناسب حد
اندر آهن. اُٺ تي رکيل هڪ لڏ (خواه ان ۾ ڪجهه به
پيل هجي) شهر ۾ داخل ٿيڻ سان حڪومت کان پنج رپيا،
۽ رپي جو چوٿون حصو هندن کي ادا ڪري ٿي. ان کان
علاوه بازار ۾ فروخت ڪيل مال تي پڻ هڪ محصول رکيل
آهي، جيڪو ان جي مُلهه جي ڏيڍ سيڪڙو کان مٿي ناهي.
گهوڙن ۽ چوپاين تي سڄي بلوچي علائقي ۾ ڪوبه محصول
وصول نٿو ڪري وڃي. اها زمين، جنهن کي کوهن يا اهڙن
تلائن مان سيراب ڪيو وڃي ٿو، جن کي مرمت ٿيل حالت
۾ رکڻ لاءِ مزدور ۽ محنت گهرجي، سا پيداوار جو
ويهون حصو ادا ڪري ٿي ۽ جيڪا زمين بارش جي پاڻيءَ
تي آباد ٿئي ٿي، تنهن تي موسم جي حالت مطابق ڏهين
۽ سورهين حصي جي وچ ۾ ڍل ورتي وڃي ٿي. جن هنڌن تي
چشما آهن، اتي ڍل اڃا به وڌيڪ آهي، ۽ قلات جي ڪن
باغن ۾ ته اها پيداوار جي پنجين حصي تائين آهي.
اها سڄي ساري رقم خان جي خزاني ۾ نٿي پيئاري وڃي،
ڇاڪاڻ ته ان جو هڪ تمام مختصر حصو قبيلن يا خيلن
جا اُهي سردار پنهنجي ڪم آڻيندا آهن، جن کي گهڻو
ڪري انهن رقمن جي وصول ڪرڻ ۽ خان جي خزاني لاءِ
قلات پهچائڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو هوندو آهي.
جڏهن جنس ۾ آيل آمدني خان جي شخصي ضروريات کان وڌي
ويندي آهي (جيئن اها گهڻو ڪري ٿيندي آهي) ته پوءِ
ان مان بچت ٿيل حصو هڪ هندو دلال جي سپرد ڪيو
ويندو اهي، جيڪيو ان جي بدلي هن کي سڄي سال جي
دوران ڏيساورن جو ٺهيل مال ۽ اُتان آيل جنسون
فراهم ڪندو رهندو آهي.
قلات جو سِڪو ڪريم خاني رپين جي صورت ۾ آهي، جن
مان هڪ رپي ۾ اٺيتاليهه ٽامي جا پئسا هوندا آهن.
هتي سونيون اشرفيون ڇهن ڪريم خاني رپين ۾ هڪ جي
حساب سان هلن ٿيون، جن مانپنج رپيا چئن زمان شاهين
جي برابر ٿين ٿا. خود قلات کان ٻاهر ڏيساورن ڏانهن
تمام ٿورو مال برآمد ٿئي ٿو. پر اهو ڪنهن زماني ۾
قنڌار، ڪابل ۽ خراسان کان آيل مال لاءِ هندستان جي
منڊين ڏانهن ويندڙ وڏو رستو هو، ڇو ته واپاري هلڪن
محصولن جي ڪري هن رستي کي ترجيح ڏيڻ لاءِ آماده
ٿيندا هئا. قلات جي درآمد ۾ لوهه، قلعي، شيهو، رڪ،
ٽامو، نير، سوپاريون، ڳڙ ۽ شڪر، مصالحا، ريشمي
ڪپڙا، ڪيمخاب، زريءَ وارو ڪپڙو، ڪاشيءَ جون سرون ۽
ٿندستان کان ايندڙ گَهريلو اوني ڪپڙو شامل آهن.
ميوو وغيره هو ڪابل ۽ خراسان کان گهرائيندا آهن، ۽
ڪڏهن ڪڏهن رڪ ۽ ٽامو سيستان کان وٺندا اهن. کجور،
پنجگور ۽ مڪران جي ڏاکڻن علائقن کان ۽ اڇو ڪپڙو،
ڪاشي، لونگيون، پَٽڪا ۽ لوڻ هُو سنڌ، ملتان ۽
شڪارپور کان گهرائين ٿا.
آءٌ بلوچستان جي آب و هوا، زمين جي نوعيت ۽ قدرتي
تاريخ جو ذڪر اڳتي هلي هن تذڪري جي پڄاڻيءَ وقت هڪ
عام فصل ۾ گڏ ڪندس، ۽ انهيءَ وچ ۾ وري آءٌ اتان جي
مختلف علائقن جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ نوعيت جو بيان
ڪندس.
فصل (5)
بلوچستان جو ٻيو ڀاڱو، جنهن ۾ لس ۽ مڪران جا صوبا
شامل آهن، تنهن جي اتر ۾ جهلاوان جا ڪجهه هصا،
وارياسو ريگستان ۽ ڪوهستان آهن. ڏکڻ ۾ هندي وڏو
سمنڊ، اولهه ۾ لارستان جو صوبو ۽ اوڀر ۾ سنڌ آهي.
ان جي انتهائي ڊيگهه، جيڪا جبلن جي انهيءَ قطار
کان، جيڪا ان کي سنڌ کان جدا ڪري ٿي، ان جي
انتهائي مغربي سرحد تائين پنج سؤ ۽ پنجاهه ميلن
کان به مٿي آهي ۽ سمنڊ جي ڪناري کان وٺي اتر ۾
ويڪرائي ڦاڪ 28 ڊگرين ۽ 34 منٽن وٽ، جلڪ نالي ڳوٺ
تائين ان جي گهڻي کان گهڻي ويڪر ٻه سؤ ويهه ميل
آهي. هن پَٽي جي نوعيت کي جڏهن پهرئين ڀاڱي سان
ڀيٽيو وڃي ٿو، ته اها گهٽ جابلو ڏسجي ٿي؛ پر ان جي
باوجود ان مان ڪيئي پهاڙ قطارون لنگهن ٿيون ۽ ڪي
ان جي آرپار وڃڻ ٿيون. خوش قسمتيءَ سان اهي زمين
کي زرخيز بنائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، جيڪا ٻيءَ طرح
حيرت انگيز طور غيرآباد آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ ڳالهه
ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته جتي به مڪران جاميدان ويڪر ۾ ڏهن
يا ٻارهن ميلن کان وڌيڪ آهن، اتي اهي پهاڙين جي
عين دامنن کان سواءِ، جيڪي انهن جي چوگرد ڦهليل
آهن،
پوريءَ طرح ريگستان آهن. مڪران ۾ سڀني کان وڌيڪ
بلند ۽ بالا پهاڙن جي قطار اها آهي، جيڪا الهندي
طرف بشڪرد ضلعي جي اندر واقع آهي، جتان کان وٺي،
جيئن مون گذريل باب ۾ ڏيکاريو آهي، اهي مشرق جي
طرف وڌن ٿا، تان جو اهي بروهِڪ جبلن جي ڏاکڻين شاخ
سان وڃي ملن ٿا، ۽ انهن ٻنهي جي ميلاپ کي ڪوهستان
چئجي ٿو.
اوچائيءَ جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي جيڪا ٽڪرين جي
قطفار آهي، سا اُهائي تمام ننڍي قطار آهي، جيڪا
بروهڪي جبلن جي ڏکڻ ـــ اولهندي ڪنڊ کان ٻاهر نڪتل
آهي ۽ جيڪا عين ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري تائين هلي
وڃي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح اها راس بنائي ٿي، جنهن کي
يورپي لوڪ ”عربہ“ ۽ مقامي ماڻهو ”عَربُو“ سڏين ٿا.
انهيءَ قطار جي چوٽيءَ تي هندن جو مشهور و معروف
مندر هنگلاج بيٺل آهي، جيڪو مندر جي ديوي، ڪاليءَ
جي نالي سان منسوب ڪيل آهي، ۽ جنهن جي زيارت لاءِ
هر سال هزارين جاتري اچن ٿا.
بروهڪي ٽڪرين جي ٻن شاخن منجهان، جيڪي مڪران جي
ذري گهٽ وڏي حصي وچان گذرن ٿيون، تن مان هڪ ان کي
اترئين ۽ ڏاکڻين حصي ۾ تقسيم ڪري ٿي، ۽ ٻي شاخ
انهن ٻنهي کي ريگستان کان علحده ڪري ٿي؛ ۽ ٻي شاخ
انهن ٻنهي کي ريگستان کان علحده ڪري ٿي؛ اترئين
حصي کي مقامي ماڻهو ”وُشوُتي“ يا ”مچ“ سڏين ٿا، جن
مان پوئين لفظ جي معنيٰ کجيءَ جو وڻ آهي. اسين
ڏسون ٿا ته کجي اتان
ئي وڏي ڪمال سان وڌڻ ويجهڻ شروع ڪري ٿي. الهندي
طرف ڏانهن، پهارن جي هڪ وڏي قطار، سمنڊ جي ڪناري
طرف، عام حالتن ۾ جبلن جي سمنڊ سان ويجهڙائيءَ کان
وڌيڪ قربت رکي ٿي ۽ اها راس مبارڪ ۽ راس جسڪ جي
چوٽين واري زمين آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو مڪران ۾
واقع سمجهندا آهن.
لس يا لسه جي صوبي کي صحيح طور مڪران جو مشرقي
ڀاڱو سمجهڻ گهرجي؛ پر جيئن ته اهو بلڪل ئي
خودمختيار آهي، ۽ جيئن ته ان کي هميشه کان وٺي هڪ
علحده ۽ جدا علائقو سمجهيو ويو آهي، ان ڪري مون به
ان کي ائين چوڻ لاءِ ساڳيائي دليل ڏيڻ شروع ڪيا
آهن. ان کي لس يا انهيءَ لفظ واسطي سان لسه سڏيو
آهي، جنهن جي جدوگالي ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي، هڪ
ميدان يا ماٿري. ان جي پکيڙ: نوي ميل ڊيگهه ۽
پنجاهه ميل ويڪر ۾ ڦهليل اهي، ۽ ان جون حدون اتر
طرف جهلاوان، ڏکڻ طرف سون مياڻيءَ جو اُپٻيٽ ۽
اولهه طرف ٽڪرين جون اهي قطارون آهن، جيڪي ان کي
سنڌ ۽ مڪران کان جدا ڪن ٿيون. ان جي ٽن طرفن کان
جبل وڪوڙي بيٺا آهن، ۽ انهن کي فقط پنجن لَڪن جي
ذريعي پار ڪري سگهجي ٿو، جن مان ٻه سنڌ ڏانهن وڃن
ٿا، ٻه مڪران ڏانهن ۽ هڪ اتر طرف، جهلاوان ڏانهن
وڃي ٿو. پهرين ٻن لَڪن کي هنگلاج ۽ ٻيلي وارا لَڪ
سڏبو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن مان هڪ جي مٿان گذرندڙ
رستو انهيءَ نالي واري مندر جي بلڪل قريب گذري ٿو
۽ ٻِو پوئين نالي واري شهر جي پنجن ميلن جي دائري
اندر شروع ٿئي ٿو؛ جيڪي رستا سنڌ طرف وڃڻ ٿا، سي
ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لفظن سان ظاهر ڪيل آهن ۽ انهن
سان لفظ ”لڪ“ ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي رستا انهن
نالن وارن شهرن ڏانهن ويندڙ رستن تي واقع آهن، ۽
جيڪو رستو قلات طرف وڃي ٿو، تنهن جو نالو جهالاوان
جي اوچن جبلن وچان لنگهڻ جي ڪري ”ڪوهون واٽ“ يعني
پهاڙي رستو آهي.
لس جون نديون ٻه آهن: پورالي ۽ هب. پهرئين نالي
واري ندي، جنهن کي قديم جاگرافيءَ ۾ عربيز جي نالي
سان سڏيو ويو آهي، ٻيلي جي اتر ـــ اوڀر وارن جلبن
مان نڪري ٿي، جتان کان هلي اها جهالاوان جلبن جي
دامن مان لنگهي، انهيءَ نالي واري شهر وٽان، وري
ڏکڻ طرف ڦيرو کائي ٿي ۽ ان جي بلڪل ويجهڙائي مان
گهزري، سون مياڻي نالي ڳوٺ کان اٽڪل ٻه ميل ڏکڻ
ـــ اولهه ۾ واقع سون مياڻي واري اپٻيٽ ۾ وڃي پوي
ٿي. هن نديءَ جو پاڻي لياريءَ تائين نهايت سٺو
آهي، جيڪا سون مياڻيءَ کان ويهه ميل اتر ـــ اوڀر
۾ واقع آهي، جتي ان کي سمنڊ ناقابل شڪست بنائي ٿو
۽ اُها ننڍين ڪشتين جي هلڻ لاءِ موزون ٿي وڃي ٿي ۽
ان جي وڌيڪ اونهين جاين ۾ تمام گهڻيون مڇيون ملن
ٿيون. ٻيلي وٽ تمام خشڪ موسم ۾ پندرهن کان ويهن
والن تائين وڪري ۽ هڪ يا ٻن فوٽن تائين اونهي
هوندي آهي، پر بارش واري موسم ۾ ان جو پيٽ ميل جي
چوٿين حصي تائين ويڪرو ٿي ويندو آهي ۽ ان مان
لنگهي پيار وڃڻ ناممڪن هوندو آهي. حب تمام ننڍي
ندي آهي، جنهن جو منهن سنڌ ۽ لس کي جدا ڪندڙ جبلن
۾ آهي ۽ اتان کان پوءِ اها سڌي الهندي طرف وهي وڃي
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انهن کان علاوه، ٻه ٽي ٻيون به
ننڍڙيون نديون آهن، جهڙوڪ وُٽا، سانگني وغيره،
جيڪي جبلن جي مختلف هنڌن تان نڪري اچي پوراليءَ ۾
ملن ٿيون. اهي بارش ۾ موسم کان سواءِ گهڻو ڪري
سُڪيون پيون هونديون آهن.
لس واري سڄي علائقي جي نوعيت سڌي سنئين پَٽَ جهڙي
آهي، جيئن ان جي نالي مان ظاهر آهي، ۽ اهو جابلو
ندين جي ڪنارن جي ويجهڙائي کان سواءِ، جتي اناج،
ڪمند وغيره جا ڏاڍا گهاٽا ۽ ڀلا فصل ٿين ٿا، باقي
سڄو سارو ملڪ غيرآباد ۽ پوٺو آهي. انهيءَ ننڍڙي
رياست جو سربراهه ڄام مير محمد خان آهي، جنهن جي
ساليانه آمدني پنجاهه هزار رپيا آهي، جنهن جو وڏو
حصو ٻيلي جي بازار ۾ ايندڙ مال تي وصول ٿيندڙ
محصول مان ۽ باقي سون مياڻيءَ جي ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾
عربو بندر واري آمدني مان ملي ٿو، جيڪو بندر مڪران
وارن جبلن ۾ پٺئين طرف واقع آهي. هڪ وقت ۾ هن کي
انهيءَ آمدنيءَ جو وڏو حصو سندس بالا حاڪم، قلات
واري نصير خان ڏانهن خراج طور موڪلڻو پوندو هو، پر
پوءِ انهيءَ حاڪ جي هڪ ڌيءَ سان سندس شادي ٿيڻ تي
هن کي انهيءَ حاڪم جي هڪ ڌيءَ سان سندس شادي ٿيڻ
تي هن کي انهيءَ ادائگيءَ کان مستشنيٰ قرار ڏنو
ويو، ۽ هاڻي هن کي انهيءَ رياست جي حڪومت سندس آقا
جي خدمت ۾ چار هزار پنج سؤ سپاهين جي بي قاعدي فوج
موڪلڻ جي شرط تي جاگيردارانه نظام جي تحت مليل
اهي. آءٌ سمجهان ٿو ته هو ايڏن سارن ماڻهن کي مشڪل
سان ڪٺو ڪري سگهي ٿو، ۽ دراصل اهي سڀ شرط شروط هن
وقت نالي ماتر وڃي بچيا آهن. هن جي علائقي تي پڻ
اهي سڀ پابنديون پيل آهن، جيڪي بلوچستان جي ٻين
سردارن جي حالت ۾ وڌل آهن، ۽ هن رياست جو ڪوبه
باشندو، خود ڄام سميت ڪنهن جي به خلاف قلات جي خان
وٽ شڪايت پيش ڪري سگهي ٿو، نه وري آءٌ سمجهان ٿو
ته هو ڪو انهيءَ درٻار مان جاري ٿيل ڪنهن به حڪم
تي اعتراض ڪري سگهي ٿو ۽ نه ان جي مخالفت يا
مقابلو ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو. هن جو سڄو ملڪ
بزنجن، مينگلن ۽ ٻين بروهي قبيلن جي حملن لاءِ
اهڙو ته کليل پيو آهي، جو انهن کي جيڪڏهن ڪنهن وقت
محمود خان وٽان ان تي حملي ڪرڻ جي اجازت ملي وڃي
ته اهي ان کان تاراج ڪرڻ ۾ زبردست خوشي محسوس
ڪندا، جنهن ڪري لس جو ڄام هر وقت خوف، هيبت ۽
اطاعت جي حالت ۾ رهي ٿو.
لس جو مکيه شهر ٻيلو آهي، جنهن جو مون هن ڪتاب جي
پهريئن ڀاڱي ۾ بيان ڪيو آهي. ان کان پوءِ بئي نمبر
تي لياري آهي، جيڪو سون مياڻيءَ جي اتر اتر ـــ
اوڀر ۾ اٽڪل ويهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍڙو شهر
آهي. اهو پورالي نديءَ جي ڪپ تي واقع آهي ۽ ان ۾
سورهن سوَن کان وٺي ارڙهن سؤ گهر ٿيندا. هتان جي
بازار جي چونگي ۽ ٻيا محصول وصول ڪرڻ لاءِ هڪ
داروغو رهي ٿو. اُٿل، جنهن جو ذڪر منهنجي ڊائريءَ
جي 20 ـــ جنوريءَ واري داخلا ۾ ملندو، هن ملڪ جو
ٽيون نمبر شهر آهي. سڄي صوبي ۾ ٻارهن کان وڌيڪ
مستقل ۽ پڪن ڳوٺن کان وڌيڪ ڪي بستيون ڪينهن. ماڻهو
اهڙين جهوپڙين ۽ تنبن ۾ رهن ٿا، جيڪي ڪنهن به وقت
مرضيءَ تي اکوڙي ۽ هٽائي سگهن ٿا.
هن ملڪ جون روانگي واپار جون مکيه شيون، ڪافي
مقدار ۾ اناج، ڪجهه بَناتون ۽ کهري قسم جا غاليچا
آهن. اهي شيون گهڻو ڪري مڪران ۽ عربستان جي ساحل
ڏانهن موڪليون وڃن ٿيون، جتان انهن جي بدلي ۾
کجور، بادام ۽ ڪافر ٻانها موڪليا وڃن ٿا؛ انهن مان
آخري ذڪر ڪيل مال، يعني ٻانها هتي ڏاڍا قيمتي آهن،
ڇاڪاڻ ته اُهي ئي ٻاهريون سخت ڪم ڪن ٿا. بمبئيءَ
کان آمدني ۽ واپار ۾ هِت پهچندڙ شين ۾ لوهه، رڪ،
قلعي، کنڊ، سوپاريون ۽ ناريل شامل آهن. سنڌ کان
انهن ڏانهن کهري قسم جو اڇو ڪپڙو، ڪاشيءَ جون
سرون، لونگيون، ۽ ڪجهه مقدار ۾ ڪچي ڪپهه موڪلي وڃي
ٿي، جنهن مان هڪ اهڙي شيءِ ٺاهي وڃي ٿي، جنهن کي
کرڳي چيو وڃي ٿو، جيڪا غريب طبقي جا مقامي ماڻهو
پائيندا آهن. لٺي پڻيي ۽ ولائتي ٺهيل ڪپڙي جي هتي
وڏي قيمت آهي، پر مقامي ماڻهن جي مفلسيءَ ۽ انهن
جي تمام خسيس واپار جي ڪري ڪوبه انهيءَ مال جي
گهرائڻ جو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
|