مير خداداد جنهن جو غصو رات ۾ بلڪل ٺري ويو هو، سو
پهرا مان پهرئين ميل تائين مون سان هليو. موڪلائڻ
وقت مون کيس ڀاڪر پائي سندس شفقت جي عيوض کيس
پنهنجن ٽن اُٺن مان هڪ سوغات طور ڏنو. نوشڪي ڇڏڻ
وقت اُٺ نهايت ڀلو هو پر سفر ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو
۽ منهنجي لاءِ هڪ وبال ٿي پيو هو. مون هن آزار مان
جند ڇڏائي ۽ ساڳئي وقت خداداد کي به هڪ دلگُهري
سوکڙي ملي.
هفتور ۽ پهرا جا ڳوٺ تمام ننڍا بر صفا ۽ سهڻا ٺهيل
آهن. هفتور ۾ اڍائي سؤ ۽ پهرا ۾ چار سؤ گهر آهن ۽
ٻيئي ڳوٺ کجين جي جهڳٽن ۾ ٺهيل آهن، جن مان سندن
مالڪن کي وڏي آمدني جو ذريعو آهي. هن تر ۾ شاهه
محراب خان سڀ کان وڌيڪ طاقت وارو سردار آهي. هن کي
قاعدي ۾ ڇهه هزار ماڻهن جي فوج آهي. نه ته به هو
ٻن ڏينهن اندر ايترا ماڻهو گڏ ڪري سگهندو آهي.
ديزڪ کان باسمان تائين هن جي اختياري هلندي آهي.
اهڙيءَ طرح ٻيا سردار، نوي يا سؤ ميلن جي چڪر ۾
پنهنجين پنهنجين ايراضين ۾ حڪومت ڪندا آهن. هو شڪل
جو نهايت ٺاهوڪو آهي ۽ هن جي ڳالهائڻ مان بزرگي ۽
فضيلت پئي بکندي آهي. هو نهروبن قوم جي اربابي شاخ
مان آهي. اها شاخ ڪا خاص اهميت ڪانه رکندي هئي. هو
سرحد ڀرسان هڪ ويران پوٺي تي گمناميءَ ۾ رهندا
هئا. جتان هاڻوڪي خان جا وڏا پنهنجن ڪن ماڻهن سان
لڏي ديزڪ ۾ آيا، جتي ڪن مڪراني سردارن کين زمين جا
ٽڪرا ڏنا جنهن جي بناء تي هنن پنهنجا پير ڄمايا.
تنهنڪري شاهه محراب خان جي اباڻي ملڪيت ديزڪ ۾ هئي
پر هن ڀنڀور جي سردار جي پيءُ سعيد خان جي ڌيءُ
سان شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ هن لشڪر ڪٺو ڪري
پنهنجي سهري جي مدد سان هفتور ۽ پهرا ورتا. اهڙيءَ
طرح قصو وڌندو ويو ۽ هن ٻيا ملڪ فتح ڪيا. تان جو
هاڻي تخمينو ڪيو ويو آهي ته هن جي سالياني پيدائش
ساڍا چار لک رپيا ٿيندي.
پهرا، هفتور، مگسي وغيره ڳوٺن ۽ وچ واريءَ
ايراضيءَ جا اصلوڪا مالڪ ملڪوهه بلوچ هئا، جي
اربابين سان لڙائين ۽ جهڳڙن ۾ ذري گهٽ ختم ٿي ويا
آهن، باقي ڪي ٿورا، جي تلوار جي منهن مان بچيا، سي
نر منشير ڀڄي ويا، جتي ايران جي سرڪار کين زمين ۽
پناهه ڏني آهي.
بلوچن جون جيڪي قومون مان ڏٺيون آهن، تن سڀني
اربابي سڀني کان سهڻا آهن. هنن جي شڪل ۾ هڪ قسم جي
بزرگي نظر ايندي آهي، جا کين پنهنجن ٻين هموطنين
کان ڌار ظاهر ڪندي آهي. هو سڀ قداور، سهنا ۽
چستيءَ ڏانهن مائل هوندا آهن. هو لشڪري هئڻ تي فخر
ڪندا آهن، سندن ڪارناما جن جو اڳيئي ذڪر ڪيو ويو
آهي، سي مشهور آهن.
خير، هاڻي آءٌ وري پنهنجو تذڪرو شروع ڪريان ٿو:
مان ڀنڀور ۾ لهڻ سان محراب خان ڏي خط موڪليو. ٿوري
وقت ۾ هڪ سٺ ورهين جو ٿُلهو ۽ ٻڍو ماڻهو ڇهن- ستن
نوڪرن سان گڏ اچي حاضر ٿيو
هو اڪيلو هجي ها ته مان کيس ڪونه سڃاڻا ها ته هُو
ڪو سردار آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي تمام سادا ڪپڙا پيل
هئا. هڪ معمولي اڇو پهراڻ، نيري رنگ جي سوٽي ڪانچ
۽ مٿي تي ننڍي جمنيءَ جهڙي ٽوپي، پر هڪڙي شيءِ
منهنجو خاص طرح ڌيان ڇڪايو سا هن کي هڪ لسي لوهه
جي چار فوٽ ڊگهي ۽ چار انچ ٿلهي لٺ هئي، جنهن تي
لوهه جون ٿلهيون ڪڙيون چڙهيل هيون، جي هن سمورو
وقت پئي وڄايون. جڏهن هو ويجهو آيو ته مون ڏٺو ته
هُو منڊو هو ۽ لٺ تي ٽيڪ ڏئي پئي هليو. پر کيس
ڪڙين کڙڪائڻ ۾ خاص لطف ٿي آيو، ڇو ته جڏهن هن
ڳالهايو پئي، تڏهن به ڪڙيون هيٺ مٿي پئي ڪيائين.
لٺ جي ڇيڙن تي وڏا بمبا
هئا، جنهنڪري
ڪڙيون هيٺ مٿي ڪرڻ سان ٻاهر نڪري نٿي ويون.
مون هن جو عزت سلام ڪيو، جنهن جي جواب ۾ هن ٽي-
چار دفعا گِگهي آواز سان چيو ته ڀلي آيؤ. پوءِ
مهمانخاني جي اڳيان پاڻ سان گڏ هڪ بينچ تي
ويهاريائين. منهنجو سونهون هڪ وڏو بڪبڪيو هو. سڪو
ڪنهن به سوال لاءِ ڪونه ترسيو. پهرا ۾ جي واقعا
ٿيا هئا، سي هڪدم ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنائين، جنهن تي
هن ڪئپٽن گرانٽ متعلق گهڻائي سوال پڇيا. جنهن جي
ساراهه ۽ تعريف مان هڪ ڍاپي ئي نه پيو. هيٺ ڏنل
نقل مان ظاهر ٿيندو ته انهيءَ مرحوم عملدار لاءِ
هن کي ڪيڏي نه عزت هئي. منهنجي اتي پهچڻ کان اڏ
ڪلاڪ پوءِ پنهنجي طنبيلي مان، جنهن ۾ گهوڙين کان
سواءِ ستر- اسي گهوڙا به آهن، سڀ سٺا گهوڙا منهنجي
ڏسڻ لاءِ ٻاهر ڪڍارايا. انهن ۾ ٻه شاندا ٻِهاڻ
هئا، جي مون کي خريد ڪرڻ جي صلاح ڏنائين. مون
انڪار ڪيو جو مون وٽ ايتري روڪڙ ڪانه هئي. مون کي
چيائين ته اها به ڪا مشڪلات آهي؟ تون ڪنهن به بندر
تي وڃي فقط چئو ته مان ڪئپٽن گرانٽ جو عزيز نه
آهيان پر کيس سڃاڻا ته توکي جيترا پئسا اڌار کپن،
اوترا ملندا. پوءِ هو جلد مغرب جي نماز پڙهڻ ويو.
۽ منهنجي منهنجن ٽن ماڻهن لاءِ مختصر کاڌو
موڪليائين.
16- اپريل:
محراب خن اڄ صبح جو سج اڀرئي کان اڳ جهوپڙيءَ ۾
جتي مان رهيل هوس، اتي آيو. مون هن کي بندوق جا
پٿر، سنهي باروت جي دُنگي ۽ هڪ چاڪون سوکڙيءَ طور
ڏنا. هو هن ڀيٽا تي ناراض ٿيو. هن کي مون کي ڏسڻ
کان پوءِ وڏيون اميدون پيدا ٿيون هيون، تن مطابق
سوکڙي نه هئي، مون کي حڪم ڏنائين ته مون کي سڀ
شيون جي تو وٽ آهن سي ڏيکار، مون چيومانس تنهنجو
حڪم برچشم آهي پر ياد رک ته مان هڪ نوڪر آهيان ۽
ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم سان سفر ڪري رهيو آهيان. مون
جيڪي توکي ڏنو آهي ان کان سواءِ ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه
به ناهي. انهيءَ ڳالهه جي تصديق سندس هڪ عزيز به
ڪئي جنهن کي مان اڳهين سموري حقيقت سمجهائي هئي.
پر قسمتيءَ سان هن ٻن سواريءَ جي پستولن جو نالو
ورتو، جي اڪثر فتح محمد ۽ منهنجو هڪ جت ڪمر ۾ ٻڌي
کڻندا هئا. خان چيو ته اهي مون کي ڏيکار. ٿورو وقت
ڏسي چيائين ته ڪئپٽن گرانٽ، جو مون کي پستول ڏنو
هو تنهن جي مقابلي ۾ هيءَ ڪابه شيءِ نه آهي. مان
وري ياد ڏياريومانس ته ڏس ته اسان جي عهدي ۾ ڪيڏو
فرق آهي. هڪ هڪ سوداگر هو، جنهن پنهنجي موڙيءَ سان
تجارت ٿي ڪئي، مان هڪ هندوءَ گهوڙن جي سوداگر جو
نوڪر آهيان.
اتي وچ ۾ ٽپي چيائين ته تون اهڙي هڪ مردود بيدين
کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ ڇو ٿو اهڙا جوکا کڻين ۽ اهڙي
بيحاليءَ ۾ سفر ڪرين! اهڙي بيشرمائيءَ جي پورهيي
کان بهتر ٿيندو ته بندوق کڻي وڃي لڙائي ڪر. هن
بزرگيريءَ جي ڌنڌي ۾ نه آهي جس نه سود! منهنجي
صلاح آهي ته ڪرمان وڃڻ جو ارادو ڇڏي پنهنجي ملڪ
موٽي وڃ. هندستان ۾ پهچڻ سان هندو حرامزادي ۽ هن
جي ڌنڌن کي جهنم ۾ داخل ڪر، سپاهي ٿي وڃي ملڪ ۾
ڇاپا هڻ
هيءَ تقرير سندس خوءِ مطابق هئي، هن جي جواب ۾ مون
چيومانس ته اها صلاح بيسڪ نيڪيءَ جهڙي آهي پر هن
وقت مان لاچار آهيان پر انشاء الله مان ڪرمان پهچي
هندوءَ جي نوڪري ۽ هيءَ رولو حياتي ترڪ ڪندس. هي
وحشي انهيءَ جواب تي مطمئن ڪونه ٿيو ته ڪو منهنجي
لاءِ ڪرمان وڃڻ ضروري آهي، پر جڏهن ڏٺائين ته مان
مڙڻ وارو نه آهيان، تڏهن صاف لفظن ۾ ڇيائين ته اڃا
خوفائتي ۽ ڏکي مسافري اڳتي آهي.
جڏهن هن باري ۾ هن جي تقرير ختم ٿي، تڏهن هن مون
کان پڇيو ته انگريزن جي حڪومت ڪهڙي نوع جي آهي،
هنن وٽ ڪيتري بري ۽ بحري فوج آهي، ايڏي وڏي لشڪر
کي پگهار ڏيڻ، کارائڻ ۽ منظم رکڻ جا ڪهڙا اپاءُ
آهن. هنن کان اڪثر گهر ۾ يا ٻاهر ڪم ورتو ويندو
آهي؟ مون انهن سوالن جا جواب کيس سندس سمجهه مطابق
ڏنا. پوءِ پڇيائين ته توهان فرنگي يا يورپي،
ايراني، جي ڪافر شيعا آهن، تن جي پاڙ ڇو نٿا پٽيو؟
گرانٽ ۽ تنهنجي چوڻ مان ظاهر آهي ته انگريز سرڪار
نهايت طاقت واري آهي. جي اها حقيقت آهي ته انهيءَ
ملعون قوم کي ناس ڪرڻ ۾ هنن کي ڪا دقت ڪانه ٿيندي.
مان ٻه سؤ گهوڙيسوار موڪلي هڪ سڄو ضلعو ويران ڪري
سگهان ٿو، بلڪ هنن جا ڪتا به آڻي سگهان ٿو. مون
چيومانس ته اهي ڳالهيون منهنجي هستيءَ يا حياتيءَ
جي دائري کان ٻاهر آهن ۽ مون هنن تي ڪڏهن به غور
ڪرڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي آهي.
هوڏانهن مون کي ايرانين ۽ بلوچن جي باهمي تعلقات
معلوم ڪرڻ جو اونو هو ته جيئن نرمنشير ۾ پهچڻ سان
اهڙي نموني جي روش اختيار ڪريان. تنهنڪري پڇيومانس
ته توهان جو ڪرمان جي سرڪار سان گهڻو وهنوار آهي
يا نه؟ ۽ توهان جي ملڪن جا هڪٻئي سان تجارتي
تعلقات آهن؟ کلي چيائين ته وهنوارا نه نه، گذريل
ٻن سالن ۾ ڪوبه وهنوار ڪونه ٿيو آهي ۽ نه وري ٿيڻ
جو امڪان آهي. ان کان ٻه- ٽي مهينا اڳ شاهه مهراب
خان، قائم خان ۽ مان لارستان
۾ مشترڪ فوج موڪلي، انهيءَ صوبي کي ناس ڪيو.
قريباً ٽي مهينا صوبو اسان جي قبضي ۾ هو، پوءِ
اسان جي فوج موٽي آئي. اسان وٽ اٺن جا وڏا گلا
هئا، جي سڀ اَن ۽ کجور پاڻ سان کڻي آيا هئا. نتيجو
اهو نڪتو جو انهن جي آمدني بند ٿي ويئي. ميناب
جي حاڪم کي ڪرمان گهرائي کيس انهيءَ گهوٻيءَ لاءِ
جوابدار ٺهرايو ويو. جڏهن هن شهزادي
کي سڄي حقيقت ٻڌائي، تڏهن هن جا بند خلاص ڪيا ويا
۽ اسان ڏانهن به قاصد سخت فرمانن
سان موڪليا ويا. اسان کي ان ڳالهه جو پتو پئجي
ويو. اسان باسمان جي سردار مراد خان ڏانهن لکيو ته
هنن کي اڳتي وڌڻ نه ڏي. تنهنڪري اتي ترسي پيا ۽
اسان کين شهزادي لاءِ خط لکي موڪليا ته اسان کي
تنهنجي ۽ تنهنجن گدڙ ڀَڀڪين جي پرواهه ناهي، ۽ تون
نالائق ۽ ڪمينو آهين.
تقرير ته نه هئي رڳو گارين ۽ بدالفاظن سان ڀريل
هئي. اسان جي کل بيهي ئي نه، اسان تي رعب ويهارڻ
لاءِ اچي مَٽيو. وٺيو زور سان ڏنڊو زمين تي هڻي ڄڻ
ته ايرانين جا هڏا هئا، جن کي ڪٽي پئي کانئن
انتقام ورتائين پوءِ ويهي غنيمت، جا کيس سندس حصي
۾ ملي هئي، تنهن جو تفصيل ڏنائين هن جي خيال ۾ ان
جي قيمت ڇهه هزار رپيا هئي. ظاهراً اها ٿوري رقم
نظر اچي ٿي، پر جي داد ڪبو ته ان ڇاپي ۾ ٽن طاقتور
سردارن جي مشترڪ فوج پهرا ورتو هو ته پوءِ ايتري
نظر نه ايندي ته ٻيو ڇا؟ تنهن کان سواءِ جنهن
ايراضيءَ ۾ اهو ڇاپو لڳو هو، سا ويران ۽ غيرآباد
آهي ۽ خانه زاد غلامن کان سواءِ هرهڪ شخص کي سندس
عهدي ۽ ڪارنامن مطابق غنيمت جو حصو مليو. انهن کي
جيڪو مال هٿ آيو هو، تن ۾ چيائين ته غلام ٻنهي
جنسن جا، اُٺ، کجور، ڪڻڪ، غليچا، بندوقون ۽ ٻيا
هٿيار هئا. هن کي گهوڙا مشڪل سان هٿ ايندا هئا، سي
هُل ٻڌڻ سان گهوڙن تي سوار ٿي ڀڄي ويندا هئا.
جڏهن خان موڪلايو پئي، تڏهن مان چيو مانس ته مون
کي سيڌي جي قلت ڪري سخت تڪليف آهي. اميد ته تون
منهنجي مدد ڪندين؟ انهيءَ منٿ جو هن نهايت ترشيءَ
۽ سنگدليءَ مان جواب ڏنو ته مان توکي سيڌو کڻي وڃڻ
ته نه ڏيندس، پر مان تو کي ۽ تنهنجن ماڻهن کي
ڀنڀور ۾ به شايد ئي کارايان! مون چيومانس ته جي
تون اسان کي ايترو سيڌو نه ڏيندين، جيترو هتي
هڪ-ٻن ڏينهن جي قيام ۾ اسان کپائينداسين ته مان
هاڻي جو هاڻي باسمان روانو ٿي ويندس. پر هو سواءِ
ڪنهن جواب ڏيڻ جي هليو ويو. ڪلاڪ کان پوءِ چوائي
موڪليائين ته جيڪو پستول ڏيکاريو هوءِ سو ڏياري
موڪل. مان پهريائين ته انهيءَ فضول طلب جي پيروري
ڪرڻ کان بلڪل ننو اکرن ورايو. قاصد کي چيم ته وڃي
پنهنجي مالڪ کي چؤ ته جي تون ٿو روئي ويچار ڪرين
ها ته مون کي اڳيان سفر ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون درپيش
اينديون ۽ خبر هجي ها ته مون وٽ ٻيو ڪو وسيلو ڪو
نه آهي مون کي يقين آهي ته اهڙي گُهر ڪڏهن ڪو نه
ڪرين ها. منهنجي انهيءَ التجا، هن وحشيءَ جي جذبات
تي ڪو اثو ڪو نه ڪيو. آخر فتح محمد جي چوڻ تي مون
کيس هڪڙو پستول موڪليو جو هڪدم پنهنجي سلامن سان
واپس موڪليائينءَ جي مان وٺندس ته ٻيئي، نه ته هڪ
به نه. اهڙيءَ طرح سڄو ڏينهن گذري ويو. مون سمجهيو
ته شايد ضد ڪرڻ سان ڪو فائدو ٿئي. شام جو اسان کي
ماني ڪانه ملي. مهماننوازيءَ جي فرضن جي انهيءَ
ذليل نظراندازيءَ مان مون سمجهيو ته هي پوڙهو
شرارتي ضد ڪندو ۽ شايد مون کي تڪليف ڏيندو،
تنهنڪري مان بکيو ئي مايوس ٿي ڪري سمهي پيس ويچارو
گو سائين جو مون سان پهرا مان گڏجي آيو هو ۽ مون
سان گڏ ماني کائڻ جي اميد هيس، تنهن پاڻ کي نراس
ٿيڻ نه ڏنو. هو ويو پنڻ، اڌ ڪلاڪ ۾ موٽي آيو،
جهولي مانيءَ جي ٽڪرن ۽ کجور سان ڀريل هيس. جي هن
۽ منهنجن ٻن بروهين کائي خوب ڍؤ ڪيو.
17- اپريل:
اڄ صبح جو روشني ٿيڻ کان اڳ هڪ ماڻهو ظاهراً مخفي
طرح مخفي طرح مون وٽ آيو ۽ چيائين ته تنهنجو عزيز
گرانٽ صاحب منهنجو گَهرو دوست هو. تنهن جي خاطر
مان توکي هن طرح لڪي ٻڌائڻ آيو آهيان ته خان فيصلو
ڪيو آهي ته جيستائين تون کيس پستولن جو جوڙو نه
ڏيندين، تيستائين هو توکي سونهون نه ڏيندو بلڪ
توکي هتان نڪرڻ به نه ڏيندو. مون کي هن طرح زوريءَ
پستولن ڏيڻ جو ارادو ڪونه هو، تنهنڪري پنهنجي
خابروءَ ۽ خيرخواهيءَ جي دعوا گير کي چيم ته جي
تون مون کي باسمان پهچائيندين ته مان توکي ڪجهه
انعام ڏيندس. چيائين ته مان رستي جو واقف نه آهيان
۽ خان مون کي جلاوطن ڪري ڇڏيندو، جو مون کي ڀنڀور
يا ان جي ويجهو وري اچڻ جي همت ڪانه ٿيندي. مون کي
اميد ڪانه هئي ته هو ڪو منهنجي لاءِ اهڙي قرباني
ڪندو. پوءِ مون خيال ڪيو ته هن کي يقيناً محراب
خان موڪليو هو. تنهنڪري مان لاچار ٿي جڏهن معلوم
ٿيو ته هو اٿيو آهي، تڏهن پستول موڪلي ڏنامانس. ۽
چوائي موڪليومانس ته سونهي کي هڪدم ڏنو وڃي ته مون
سان هلڻ لاءِ تيار ٿئي. اڌ ڪلاڪ اندر سونهو اچي
حاضر ٿيو. مان هن کي خوش ڪرڻ لا3 کانئس باسمان جي
سردار لاءِ خط وٺي ڀنڀور مان روانو ٿيس. ارمان هئم
ته مان اتي آيو ڇو هئس! اسان سورهن ميل اتر- اولهه
جي ڪنڊ ڏيئي هڪ پهاڙي پوٺي تان سواءِ پاڻي ۽ اُٺن
جي چاري جي پنڌ ڪيو. شام جو ڇهين بجي اسان
ترسياسين.
ڀنڀور جو ڳوٺ ننڍو ۽ خراب ٺهيل آهي. ڪنهن وقت ان
کي چوڌاري مٽيءَ جو ننڍو ڪوٽ ڏنل هو، جنهن کي
وٿيءَ وٿيءَ تي مورچا هئا، پر هاڻي سڄو زبون ٿي
ويو آهي. ڳوٺ جي پسگردائي ۾ کجيءَ جا وڻ يا
آباديءَ جو نشان ڪونه آهي، جنهنڪري اهو غيرآباد ۽
سُڃو ٿو نظر اچي. سردار جو گهر يا ڪوٽ مٽيءَ جي هڪ
شاهدي دڙي تي ٺهيل آهي. عام روايت آهي ته گبرن جو
هڪ شاهي لشڪر اتان لنگهيو هو. لشڪر جي سپهه سالار
جبلن مان نڪرڻ وقت سوارن کي حڪم ڪيو ته توبرن کي
پٿرن سان ڀرين. فوج جو تعداد ايترو هو جو چون ٿا
ته جڏهن توبرن مان پٿر هاري ڍڳ ڪيائون ته هاڻوڪي
ٽڪري ٺهيپئي. ڀنڀور ڇڏڻ کان اڳ مان محراب خان کان
خط وٺڻ ۽ موڪلائڻ لاءِ ان دڙي جي چوٽيءَ تي چڙهي
ويس. آءٌ سمجهان ٿو ته اها ڪم از ڪم سؤ گز اونچي
ٿيندي ۽ اٺ سؤ گز ويڪر ٿيندس. ان جو لنگهه هڪ
هيٺانهينءَ سرنگهه مان آهي جا ڏهه- ٻارهن گز ڊگهي
ٿيندي. تنهن کان سواءِ هڪ ڏاڪڻ جي رستي مٿي چڙهجي
ٿو. ڏاڪڻ کهُري نيري پٿر جي ٺهيل آهي. پهرين ڏاڪڻ
دڙي مان تمام هيٺان وڃي ٿي، وري ڦري ٽڪريءَ جي
ٻاهرئين پاسي کان نڪري ٿي. ٻيون ڏاڪڻيون دڙي ۾
چار- پنج فوٽ اونهيون آهن، پر مٿان کليل آهن.
ڏاڪڻيون هڪٻئي کان ڪُنڊائتيون رکيل آهن. مان
سمجهان ٿو ته قلعو اهڙو مضبوط آهي جو اهو ڪنهن به
ايراني فوج جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. جي هي دڙو سچ
پچ هٿرادو ٺهيل آهي ته ان تي ڏاڍي محنت ٿي هوندي،
ڇاڪاڻ ته اهو جبلن کان چوڏهن ميل پري آهي، وچ ۾ ڪا
کڏ يا گهارو ڪونه اٿس، جنهن مان ايتري مٽي ڪڍي
سگهجي. دڙي جي اڌ تي مٿي، هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوهه
آهي. ماڻهن کي عام خيال ويٺل آهي ته اهو کوهه هڪ
فرسخ
اونهون آهي.
ڀنڀور جا رهاڪو رخشاڻي بلوچ آهن، جو نهروين جو هڪ
مکيه پاڙو آهي. جيتوڻيڪ اهو تعداد يا دولت جي لحاط
کان اڳرو نه آهي. هو پنهنجي پاڙيسرين اربابين کان
وڌيڪ مضبوط ۽ سانورا آهن. هنن جا اربابين سان سٺا
تعلقات آهن ۽ ٻنهي قومن جي سردارن جو پاڻ ۾ عزازت
جو ناٿو آهي. ڀنڀور جي سردار کي وڏو عيال آهي. هن
کي سؤ کن زالون آهن. هن جي پوئين زال موجود هئي،
جڏهن مان ڪوٽ ۾ ساڻس ملاقات ڪرڻ ويو هوس. هوءَ هڪ
ڪمسن ڇوڪري هئي. رنگ ججي تمام ڳوري، بدن ۽ شڪل جي
موچاري هئي. پوءِ منهنجي سونهي، جو خان جو شڪل جي
موچاري هئي. پوءِ منهنجي سونهي، جو خان جو سؤٽ هو
تنهن کان معلوم ٿيو ته هوءَ ڇوڪري هڪ ايراني
خاندان جي هئي. هن کي پنهنجي زال مون کي ڏيکارڻ
کان عار ڪونه هو. چيائين ته مون کي اوهان جي رسمن
جي خبر آهي. مان ڪئپٽن گرانٽ ۽ توکان ڳالهيون
ٻڌيون آهن. پر مان سمجهان ٿو ته مون کي مائي ڏسڻ
جو موقعو ان ڪري مليو هو، جو هن کي خود منهنجي ڏسڻ
جي اُڻتڻ هئي، ۽ نه ٻئي سبب ڪري.
ڀنڀور جي سردارن جي آمدني اڪثر ٺيڪي تي ڏني ويندي
آهي، جنهن موسم ۾ مان اتي هئس هن کي ڍلن جي عيوض
26000 هزار رپيا، 140 بندوقون، 140 رڍون يا ٻڪريون
۽ 140 ڪاسا ڪڻڪ ۽ اوترائي ڪاسا کجور جا مليا هئا.
هڪ ڪاسي ۾ هڪ سؤ ڇهه پائونڊ ٿيندا آهن. هن جي ملڪ
جي ايراضي ۽ حدون هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ داخل آهن.
هن کي ڪيترا ننڍا ڀائر آهن، جن کي ڪوٽ ۾ اچڻ جي
اجازت ڪانه اهي، ۽ نه وري ڪو هو رعيت جي ٻين ماڻهن
کان خوشحال آهن.
ڀنڀور ۾ مشترڪ فارسي ۽ بلوچڪي زبان ڳالهائي ويندي
آهي.
18- اپريل:
مون اڄ چاليهن ميلن کان وڌيڪ هڪ ويران پٽ مان پنڌ
ڪيو. انهيءَ سموري مفاصلي ۾ اسان کي پاڻيءَ جو فقط
هڪ کُوهه، ڪاسڪين نديءَ جي سڪل پيٽ ۾ جتي اسان
سمهيا هئاسين، اتان ڇهه- ميل پري نظر آيو. اهو به
نه مٺو هو ۽ نه جالارو. اهو کوهه ڀنڀور کان ٻاويهه
ميل قريباً سڌو اتر طرف آهي. پهرا ۾ سج جي اُس ۽
تاءُ ڪري منهنجي هڪ اک سُڄي پئي هئي. هاڻ ٻيئي
اکيون سُڄڻ لڳيون. اکيون اهڙيون ضعيف ٿي وييون.
جڪو پنج گز به اڳيان نظر نه پئي آيا. تنهنڪري مون
کي لاچار تيز روشني ۽ گرميءَ کان اکيون ڍڪڻيون
پيون. مان پٽڪي مٿان هڪ پراڻو ڪارورومال ٻڌي منهن
ڍڪي سواري ٿي ڪئي، جنهنڪري ڪا شيءِ ڏسي نه سگهيس.
19- اپريل:
چار ميل اتر- اولهه طرف پنڌ ڪري ستين بجي باسمان ۾
پهتس، جو جبلن هيٺان کجين جي جهڳٽن ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ
آهي. مون ڳوٺ کان اٽڪل هڪ سؤ گزن جي مفاصلي تي
سهڻن ۽ سائيدار اکروٽ جي وڻن جي هيٺان منزل ڪئي.
منهنجو سونهون، سردار مراد خان کي منهنجي اچڻ جو
خبر ٻڌائڻ ويو. هُو هن سان گڏجي مون وٽ آيو. مون
کيس پهرا جي سردار، شاهه محراب خان ۽ ڀنڀور جي
سردار محراب خان جا خط ڏنا ۽ ساڳئي وقت زباني عرض
ڪيومانس ته مون کي ڪو سونهون کپي جو نرمنشير تڪڙو
وڃڻو اٿم. هن خط ويٺي پڙهيا ته سندس غلامن غاليچا
کڻي آڻي وڇايا. جڏهن اسان ويٺاسين، تڏهن هن مون کي
آهستگي ۽ نرميءَ سان ساڳئي ڀنڀور جي سردار واري
صلاح دهرائي ٻڌائي: ته رستو ڏاڍو اڻانگو آهي.
ڪيترن مهينن ۾ ڪوبه ماڻهو دشت پار ڪري نرمنشير
ڪونه ويو اهي، تنهنڪري توکان جيڪڏهن ٿي سگهي ته
اڳتي وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪر. مون هن کي سمجهايو ته
ائين ممڪن ناهي. وڌيڪ گفتگو کان پوءِ پيائين ته
چڱو مان تنهنجو انتظام ڪندس. پر توکي بک لڳي هوندي
۽ مان هت ويٺو آهيان، تنهنجو ڪو خيال ڪونه ڪيم. اڌ
ڪلاڪ جي اندر مون کي هڪ جيئرو دُنبو ۽ هڪ وڏو
ٿالهه ڀت جو موڪليائين. ڀت ٻاجهر ۽ تازي لسيءَ جو
ٺهيل هو. ان لاءِ ٻاجهريءَ جا تازا سنگ باهه تي
سيڪي جوڙيءَ جي ڪپڙي ۾ مهٽي صفا ڪبا آهن. هي خوراڪ
لذيذ نه آهي، پر مون ڏٺو ته هو به پيٽ پالڻ لاءِ
لاچار ٿا کائين. مون هت خود پنهنجين اکين سان ڏٺو
ته ماڻهو نوت جا پن، جو هڪڙي قسم جو تيز ۽ وارو
گاهه آهي، جنهن کي اُٺ خوشيءَ سان کائيندا آهن
تنهنڪري ’اوچ خور‘ سڏبو آهي، سو اُٻاڙي کائن پيا!
منهنجي دوست تڪڙو تڪڙو دنبو حلال ڪيو، جيتوڻيڪ ڀت
سوادي ڪونه هو ته به اسان ڍؤ تي ماني کاڌي. شام جو
مراد خان مون وٽ آيو ۽ اسان مانيءَ جي وقت تائين
ويٺي ڳالهيون ڪيون. مون کي وري ٻيهر ٻاجهريءَ جي
رٻ ۽ گوشت جو شورو موڪليو ويو، جو اسان کاڌو.
21- اپريل:
منهنجو سونهون پورو تيار نه هو، تنهنڪري مون هي
ڏانهن سردار جي چوڻ تي باسمان ۾ ترسي گذاريو.
ٻارهين بجي مان گرم پاڻيءَ جو هڪ چشمو ڏسڻ ويس،
جنهن جي تعريف ڀنڀور ۾ خواهه هتي ٻڌي هئم. چشمو
دُوري ۾ ٻارهن گذن کان وڌيڪ نه هو، ۽ ٻه- ٽي فوٽ
اونهو هو. ان جي وچ ۾ ڳاڙهين پڪين سرن جو هڪ گول
ٺلهه هو. اهو اٽڪل انچ موڪرو هو ۽ پاڻيءَ جي سطح
کان اٺ انچڍ هيڍ هو، مون کي ان ۾ وهنجڻ جي همت
ڪانه ٿي. چشمي جو هڪ طرف لڳاتار پاڻيءَ وهڻ ڪري
گسي ويو هو. اتان هڪ شفاف پاڻيءَ جي نهر نڪري ڳوٺ
ڏانهن ويئي ٿي. اها ڪڙمينکي سندن زمين جي ٽڪرن جي
آباديءَ لاءِ ڪافي هوندي اهي. مان هن نهر ۽ چشمي
کان پنجن گذن جي مفاصلي تي وهنتس. پاڻي نيم گرم ۽
وڻندي هو. ان ۾ گندرف جي سخت بانس ۽ ذائقو هو،
جنهنڪري اهو رڌڻ پچائڻ لاءِ ڪارائتو ناهي. بلوچن
جو خيال آهي ته ان ۾ جلاب جو اثر آهي ۽ پيٽ جي
بيمارين لاءِ مفيد آهي. مان جڏهن ڳوٺ ڏانهن گهر
موٽي آيس، تڏهن مراد خانب پندرهن ميل پري جبل
ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اتي پهاڙ مان ڪيترن ئي
شگافن مان اهڙو گرم پاڻي نڪرندو آهي، ان ۾ گوشت
ٿوري ئي وقت ۾ رڌجي وڃي ٿو. هن جو ۽ ٻين ڪيترن
ماڻهن جو خيال هو ته آءٌ جو چشمو ڏسڻ ويو هوس، سو
هڪ زير زمين نهر جي رستي ٽَڪريءَ سان ڳنڍيل آهي.
انهيءَ جي تصديق هِن مان ٿي ٿِي، جو جِن سرن جو
چشمي جي وچ ۾ ٺلهه ٺهيل هو سو شڪل خواهه جنس ۾
اهڙين سرن جي ٽڪرن جا ڍير بلڪ سڄيون ساريون سرون
انهيءَ جي وچ ۾ ڪيترن هنڌ لڀنديون آهن. مان پڇيو
مان ته ڪنهن ايترو خرچ ڪري ۽ تڪليف وٺي زمين
اندران اهڙي گوناگون جبلن ۽ ٽڪرين ۽ ماٿرين واري
ملڪ ۾ ايڏي ڊگهي نهر کوٽي هرندي؟ چيائون ته ڪن
نادان ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو ديون يا ٻيءَ ڪنهن
غيبات جو ڪم اهي. پر هتي جي قومن ۾ هڪ روايت آهي
ته هاڻوڪي باسمان جي ڳوٺ جي مقام تي يا ان جي
ويجهو هڪ گبرن جو شهر هوندو هو ۽ ان شهر جي ماڻهن
حمامن لاءِ اِها نهر تيار ڪئي هي، پر اها ڳالهه
مشڪوڪ آهي ۽ هميسه مشڪوڪ رهندي. اسان بلوچ اهڙين
منجهيل ڳالهين تي سوچ ويچار ڪونه ڪندا آهيون. اسان
لاءِ اهو ڪافي آهي ته اسان جي وڏن به انهيءَ حالت
۾ ڏٺو هو، جنهن حالت ۾ اسان ڏسون ٿا.
اُهي جبل جن ڏانهن سردار اشارو ڪيو هو، سي ڪوههِ
نوشادر جي نالي سان سڏبا آهن. نوشادر انهن جبلن جي
پيدائش آهي ۽ جبل جي شگافن مان لڀنديو آهي. مون کي
انهيءَ معدنيات ڏسڻ جوموقعو ڪونه مليو، پر مراد
خان خاطري ڏني ته اتي گهڻو نوشادر ۽ گندرف لڀندو
آهي. چيائين سڀاڻڪو ڏينهن رهين ته مان ٻنهي شين
جون جنسون گهرائي ڏيکاريانءِ، ٻيو چيائين ته اسان
کي خبر ناهي ته نوشادر ڪهڙي ڪم ٿو اچي، پر گندرف
جو ڌاتو، بندوق جي باروت جو هڪ ضروري ۽ طاقتور جزو
آهي.
شام جو سمورو وقت مون کي رواني ٿيڻ جو ايترو ته
انتظار هو جو خان به محسوس ڪيو. اٽڪل پنجين بجي
شام جو هو سونهي کي وٺي آيو ۽ چيائين ته هي توسان
صبح جو هلڻ لاءِ تيار آهي. مان شام جو اوندهه وقت
جڏهن خان سان ڀاڪر پائي کانئس موڪلايو پئي ته مون
کي ان وقت ڏکي ٿيو تهمان هن کي سندس دوستيءَ ۽
مهماننوازي عيوض ڪو بدلو ڪونه ڏنو. مان هن جي
دوستيءَ ۽ مهماننوازيءَ جو عمر ڀر شڪر گذار رهندس.
هن ۾ مهماننوازيءَ جو بي انتها انگ هو. هن جي
مهربانين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. مان خاطريءَ سان چوان
ٿو نوشڪيءَ کان شيراز تائين مون کي ڪنهن به قوم يا
طبقي جو ماڻهو ڪونه مليو، جنهن کي منهنجي سلامتيءَ
۽ خيرعافيت جو ايترو اونو هجي. شاهه محراب خان ۽
ٻيا به سچ پچ هنن جي اميدن مطابق مهربان ۽ شفيق
هئا، پر مدار خان ۾ زياده گرمجوشي هئي. منهنجن ٻن
اڻپڙهيل جتن به اها ڳالهه محسوس ڪئي، ايتريقدر جو
شام جو جڏهن موڪلايائين پئي، تڏهن هنن چيس ته مراد
خان اسان توکي ڪڏهن ڪونه وسارينداسين؛ شل تنهنجون
نيڪ مرادون پوريون ٿين ۽ تنهنجو رزق وڌي، توکي
گهڻو ڪجهه ناهي، پر جيڪي تون ڏين ٿو، سو وڏيءَ
خوشيءَ ۽ دل سان.
فصل- 13
21- اپريل:
اسان پاڻيءَ جون سانداريون ڀري باسمان مان سج
اڀرئي مهل نڪتاسين. ٻن- چئن ميلن جي پنڌ ڪرڻ کان
پوءِ مون پنهنجي رهبر کي رپيو ڏئي رخصت ڏنيءَ
منهنجو مقصد هو ته ڪنهن به طرح فرنگي يا يورپيءَ
جي نالي کان جند آزاد ڪرايان، ڇاڪاڻ ته مون کي
خاطري ٿي وئي هئي ته سفر لاءِ اهو بري ۾ برو نالو
هو. انڪري مون کي هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ فريب جو شڪار
ٿيڻو ٿي پيو. ان کان سواءِ مون کي هر ڪنهن ڳوٺ ۽
شهر ۾ انگشت نما ٿي ويهڻ پسند نه هو. مون اڳي ئي
خيال ڪيو هو ته بلوچستان مان ڪم از ڪم ان جي آبادي
حصي مان نڪرڻ سان ائين ڪندس. اڄ صبح جو منهنجو سفر
بلوچستان جي حد کان ٻاهر هو. پر جڏهن مون کي خبر
پئي ته منهنجو سونهون جيتوڻيڪ باسمان جو رهاڪو نه
هو ته به هن کي ڪنهن رستي خبر پئجي ويئي هئي ته
مان ڪهڙيءَ قوم جو آهيان، هو لاشڪ ان ڳالهه جو
نرمنشير ۾ پڙهيو گهمائي ها، تنهنڪري البت مون کي
گهٻراهٽ ٿي. منهنجن جتن کي پهريائين هن سان موٽي
وڃن جو خيال هو، جو سمجهايو ته سونهي کي موٽائڻ
اسان جي لاءِ ضروري آهي. ۽ تسليٰ ڏنيمان ته اسان
کي ڪي ريڍار ضرور ملندا ۽ انهن مان ڪنهن کي پاڻ
سان کڻنداسين پر جي ڀاڳ نه به ڀڙايو ته به مون کي
خبر آهي ته اسان کي ڪهڙيءَ ڏس ۾ سفر ڪرڻو آهي، ۽
اسان کي رستو ضرور لڀندو.
اڃا اسان ڪلاڪ کن مس پنڌ ڪيو ته منهنجن ماڻهن مان
هڪڙي پري کان هڪ ٽڪريءَ تي هڪ ماڻهو ڏٺو. اسان هن
کي سڏ ڪيو. هو ڊڄندو ڊڄندو ويجهو آيو. مون چيو
مانس ته جي تون مون کي ريگن، جو نرمنشير جو پهريون
پهريون شهر آهي، ان تائين پهچائيندين ته مان تو کي
خرچي ڏيندس. هو پهريائين ڪجهه هٻڪيو ۽ انڪار ڪرڻ
تي هو پر منهنجي هڪڙي جت همت ڪري چس ته اسان ڀنڀور
مان آيا آهيون ۽ هي سيد حاجي آهي ۽ تو کي چڱو
انعام ڏيندو. پوءِ ڪوڙ جي تڏهن انتها ڪيائين، جڏهن
چيائينس ته تون اسان سان گڏجي موٽجانءِ. ٿوريءَ
صلاح مصلحت کان پوءِ چيائين ته چڱو ترسو ته مان
پنهنجي گهيڏڻ مان ٿي اچان. مون کي اها صلاح نه وڻي
جو ان ۾ اسان جو وقت ضايع پئي ٿيو ۽ مون کي ڊپ هو
ته متان نيت خراب نه هجيس ۽ اَٺ-ڏهه ڄڻا وٺي اچي
اسان جي ڦر نه ڪن پر منهنجو شڪ بي بنياد هو. هو
پنهنجي وعدي تي پورو رهيو ۽ مون جيترو سمجهيو هو
ان کان به گهٽ وقت ورتائين. هو پنهنجو ويس بلڪل
بدلائي آيو هو. بدن تي ٿڳڙيون هيس ۽ پنهنجي تفنگ
جا پهريائين ساڻ هيس سا به ڇڏي آيو آهيان، جو ڊپ
هو ته ڪو ڦري نه وٺي. هن جي اچڻ کان پوءِ اسان
سوار ٿي وياسين. رات جو يارهين بجي اسان ترسياسين.
آءُ سمجهان ٿو ته اها جاءِ باسمان کان چاليهه ميل
اتر- اولهه هئي. انهيءَ پنڌ ۾ اسان ستين ميل تي
ٽڪر ۾ هڪ ننڍي کڏ ۾ پاڻي ڏٺو، پر ان ۾ ايترو لوڻ
مليل هو جو اهو پيئڻ جهڙو نه هو. سڄو ڏينهن ملڪ
اسان کي ويران ۽ ٽڪرائتو نظر آيو، سواءِ پونين ڇهن
ملين جي. جتي هڪ پٿرائتو پَٽ هو، جنهن ۾ نه پاڻي
هو ۽ نه ساوڪ.
|