ضميمو
نوشڪيءَ وٽ ليفٽيننٽ پاٽنجر کان
عليحد ٿيڻ کان پوءِ ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي روزنامي جو
اختصار
22- مارچ:
آءٌ نوشڪيءَ کان ئي روانو ٿيس، ۽ ننڍيون وارياسون
ٽڪريون پار ڪرڻ کان پوءِ، بارش جي پاڻيءَ جي هڪ
ننڍڙي تلاءُ وٽ جمعا خان لاءِ ترسيس، جنهن تلاءُ
جو پاڻي ميرو هئڻ جي باوجود، تازو هو. اسان اٽڪل
هڪ ڪلاڪ ترسياسون، جيستائين جمعا خان (جنهن جو اُٺ
جلدئي لڀي پيو) اچي پهتو، ۽ ان کان پوءِ اسان اتان
اڳتي وڌياسون. هن ۽ سندس ساٿين اسان کي چيو ته
اسين توهان جي صحبت ۾ تسليٰ سان ٿا هلون، ڇاڪاڻ ته
اسين سڀ ڀائرن وانگر هئاسون. اسان هڪ سڌي لوڻ واري
پَٽ کي پار ڪرڻ کان پوءِ جيڪو لڪ جي مٿانهينءَ تان
پاڻيءَ وانگيان نظر اچي رهيو هو، اسان چوڏهن ميلن
هلڻ بعد قيام ڪيو ۽ هڪ تڪري جي هيٺان ويهي ماني
کاڌي. اسان مانيءَ ۽ کجور تڙتڪڙ ۾ کائي، الهندي
طرف پيشقدمي ڪئي ۽ لوڻ وارو رڻپٽ پار ڪيو. اسان جي
سونهي اسان کي تيز رفتاريءَ سان هلڻ لاءِ زور ڏنو
ته جيئن اسان پنهنجن دشمنن کي گوهي ڏيئي نڪري وڃي
سگهون، جيڪي هن چيو ته جيئن ئي اسان تومن کان
روانا ٿي نڪتاسون، تيئن ئي اهي هڪ ٻئي رستي تان
اچڻ شروع ڪندا ته جيئن اسان سان رڻ ۾ اچي گڏجن.
رات جو اٽڪل ڏهين بجي مهل اسان دور کان هڪ روشني
ڏٺي ۽ جلدئي هڪ ريڍار جي جهوپڙيءَ وٽ اچي پهتاسون،
جنهن پنهنجين رڍن کي اندر بند رکڻ لاءِ پنهنجي
جهوپڙيءَ جي چوڌاري ڪنڊن وارن ٻوڙن جو لوڙهو ڏيئي
ڇڏيو هو. هو هڪ غاليچو کي آيو ۽ دستوري عليڪ سليڪ
بعد اسان کي ٻڌايائين ته ٽيهه افغان اتي آيا هئا ۽
سندن متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سوال پڇي رهيا
هئا ۽ هاڻي اهي ٽڪرين ڏانهن ويا آهن، جتي هنن اتان
جي هڪ لڪ تي قبضو ڪيو آهي. ان کان پوءِ هو ڏهي کڻي
آيو ۽ اسان هڪ ٻڪري خريد ڪئي، جيڪا اسان جي ماڻهن
ذبحگھ ڪئي ۽ جلد ئي سڄيءَ کي ڳڙڪائي ويا. تنهن کان
پوءِ اسان ڪجهه ميلن تائين اڳتي وڌياسون ۽ پيچري
کان ٻاهر نڪري، جونَ جي ٻنيءَ جي هڪ صاف ٽُڪري ۾
سمهي رهياسون.
23- مارچ:
پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ننڊ مان سجاڳ ٿي اسان الهندي
رخ ۾ پيشقدمي شروع ڪئي ۽ زمين جو اهڙو ٽڪرو پار
ڪيو، جيڪو ڪنهن وقت هڪ سرسبز رتبو هو، پر هاڻي اهو
خشڪ ساليءَ جي ڪري بلڪل ويران پيو هو. اسان غلام
شاهه جي کنڊرن وٽ نيرن ڪرڻ لاءِ ترسياسون، شهر جو
ڪجهه حصو اڃا به موجود آهي، اتي اسان کي ٻارهن جي
پاڻيءَ جو هڪ تلاءُ مليو ۽ ٻن ڪلاڪن جي آرام کان
پوءِ اسان پنهنجو رستو وٺي اڳتي وياسون؛ اسان جي
تمام ويجهو ساڄي هٿ وٽ واريءَ جون ٽڪريون آهن،
ساڄي هٿ طرف ويندڙ پيچري کي ڍڪ چيو وڃي ٿو ۽ اهو
ساوڪ کان بلڪل خالي آهي. اسان هڪ بلوچي تومن ۽ ڌڻن
وٽان اچي لنگهياسون پر انهن جي ويجهو وڃڻ جو خطرو
نه کنيوسون، جو دشمنن جي جماعت اسان لاءِ واجهائي
رهي هئي. اوچتو گجگوڙ ۽ وڄ سان هڪ زبردست برسات
اچي شروع ٿي، تنهن سان گڏ تيز رفتار هوا پڻ هئي
جنهن واريءَ کي اُڏائي اسان جي منهن تي هنيو،
جنهنڪري اسان ڪجهه ڪلاڪن تائين هڪ ٽڪريءَ جي ڪناري
هيٺان هوا ڏانهن پٺيون ڪري پناهه وٺڻ تي مجبور
ٿياسون. صفائي ٿيڻ کان پوءِ اسان اڃا به ڪجهه اڳتي
وڌياسون ۽ ننڊ ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ قيام ڪيوسون.
24- مارچ: رات جي مانيءَ کائڻ ۽ چند ڪلاڪن جي آرام
ڪرڻ بعد اسان ننڊ مان بيدار ٿياسون ۽ اٺن تي سوار
ٿياسون، هوا ۾ هلڪي برسات ۽ ڪوهيڙي سبب خنڪي هئي؛
صبح جو ستين بجي مهل اسان نيرن لاءِ قيام ڪيو.
جبلن جي هڪ قطار ۾ اسان جي اڳيان ۽ ڏائي طرف اٽڪل
ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هڪ عجيب وغريب صورت واري
هڪ ٽڪري، ٽڪنڊي ميخ وانگر بيٺي هئي، جنهن کي ”ميخ،
رستم“ سڏيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ اسان وري ساڳي
رستي تي سفر شروع ڪيو ۽ اسان کي پوئتان جيڪا ٽڪرين
جي قطار نظر آهئي هئي، سان ويجهي ايندي ويئي ۽ ان
جي دامن ۾ هڪ ڏاڍو سٺو هيٺانهون چراگاهه مليو،
جنهنڪري مون پنهنجي اٺ کي اڙي هڻي تکو ڪيو ۽ اسان
جلدئي اتي وڃي پهتاسون، جتي اسان ڪن ننڍن وڻن ۽
ٻوڙن جي هيٺان ترسياسون ۽ اتان ٻن-
ٽن بلوچن کي پاڻيءَ جي تلاش ۾ روانو ڪيوسون. هو
پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ ۾ اڻٿڪ هئا ۽ جلدئي واپس اچي
اسان کي اطلاع ڏنائون ته هنن کي ٻن ميلن جي مفاصلي
تي هڪ تومن مليو هو، جنهن ۾ بارش جو جام ۽ سٺو
پاڻي هو. هو جمعا خان لاءِ تحفي طور ٻڪري پڻ ساڻ
وٺي آيا هئا، جنهن لاءِ انهن اهو ظاهر ڪيو ته هو
حج تي وڃي رهيو آهي. انهيءَ جهنگ جو نالو چاڳئي
هو، ۽ ان ۾ جانورن جي چرڻ لاءِ سٺو گاهه موجود هو؛
ڏاکڻين طرف هڪ ڏينهن جي سفر تي، لوڻياٺي پاڻيءَ جا
دُٻا موجود آهن، جيڪي تمام سوڙها، پر اونها آهن.
25- مارچ:
اسان پنهنجن چوپاين جانورن کي گاهه چارڻ لاءِ اڌ
ڏينهن تائين اتي قيام ڪيو. اسان کي ننڊ جي ڪري
تازگي ۽ فرحت محسوس ٿي، حالانڪه اسان حملي وقت
تيار رهڻ واسطي ڪپڙن ۽ هٿيارن سميت ليٽيائي
رهياسون ۽ اٽڪل هڪ بجي ٻنپهرن بعد اسان سوار
ٿياسين ۽ جلد ئي سامهون واري ٽڪرين جي قطار وٽ اچي
پهتاسون. اها قطار خاران کان گول دائري جي صورت ۾
وڪڙ کائي اتي پهچي ٿي ۽ جنهن هنڌ تي آءٌ ان وٽان
اچي لنگهيس، اتان کان اتر طرف اها ڪو ٿوروئي
مفاصلو اڳتي هلي ختم ٿي وڃي ٿي. ساڄي هٿ طرف سڄو
ملڪ قنڌار تائين هڪ بيابان آهي، قطار جي مٿان (مون
کي بعد ۾ معلوم ٿيو) ٻه لڪ آهن، جن مان اسان جي
آڏو اتر طرف کان ايندڙ لڪ ۾ اهي افغان لڪل چيا پئي
ويا، جن کان گوئي ڏيڻ لاءِ اسان ڏائي هٿ طرف، ورن
وڪڙن وارو رستو ورتو ۽ انهن ٽڪرين کان پٺتي موٽ
کائي هڪ اهڙي رستي تي اچي نڪتاسون، جيڪو متوازي هو
۽ ٽئين ڏينهن (27- مارچ) تي اچي ڪُوچن نڪتاسون. ان
هنڌ تي سٺو ۽ صاف پاڻي جام ملي ٿو. روزاني سفر جي
دوران مون سڄي ضلعي جي وچان جنهن کي پشت ڪوهه يعني
جبل جي پٺي سڏيو پئي ويو، رڍن جا ڌڻ ڏٺا. 27-
تاريخ تي اسان کي بلوچن جي هڪ جماعت ملي، جيڪا اتر
طرفکان اتي پهتي هئي، ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجين زالن،
ٻارن، تنبن ۽ ڌڻن کي مڪران ڏانهن وٺي وڃي رهيا
هئا. هنن ٻڌايو هو ته ڪابل جي بادشاهه جو وزير فتح
خان قنڌار کان انهيءَ طرف ڏانهن اچي رهيو هو.
28- مارچ:
صبح ٿيڻ سان ئي اسان اڳتي وڌياسين ۽ الهندي رخ ۾
پيرن هيٺيان ترڪندڙ واريءَ جي پهاڙين مٿان اترئين
ڏس طرف سفر ڪيوسين ۽ مموءَ وٽ نيرن لاءِ قيام
ڪيوسين. انهيءَ جاءِ کي اهو نالو انهيءَ ڪري مليو
آهي، جو اتي هڪ پير نالي ملڪ مموءَ کي دفن ڪيو ويو
هو ۽ اتي موجود بلوچ ماڻهن اسان کان خير سلامتيءَ
لاءِ خيرات گهري، هنن جمعا خان ۽ مون کان اسان جي
اُٺن جي تعداد جي تناسب سان اٽو ۽ کجور ڪڍيون ۽
انهن مان مانيون ٺاهي، هر هڪ ۾ هڪ جيتريون تقسيم
ڪيون. اهي سڀ جمعا خان ۽ هڪٻئي ماڻهوءَ کان سواءِ
جنهن کي ننڍيءَ عمر ڪري معاف ڪيو پئي ويو، درگاهه
تي پابنديءَ سان نماز ادا ڪرائي رهيا هئا. مموءَ
وٽ اسان کي ڏاڍي خراب آبهوا سان مقابلو ڪرڻو پيو،
پر اسان ٻنپهرن کلان پوءِ الهندي طرف ڏانهن ست ميل
کن سفر ڪرڻ بعد ڪُلچيءَ پهتاسون، جيڪا جاءِ پڻ هڪ
پير جي مرقد هئڻ ڪري مشهور آهي، جنهن جبل ۾ نيزو
هڻي ڏاڍي مٺي ۽ صاف پاڻيءَ جو چشمو ڪڍيو هو. اسان
رات جي ماني کائڻ کان پوءِ اها جاءِ ڇڏي ۽ جڏهن
اونداهي ڦهلجي چڪي، تڏهن چار ميل اتر- اولهه طرف
هڪ هنڌ سمهڻ لاءِ ترسياسون.
29. مارچ: اسان کي وري ريتيءَ جي ٽڪرين سان مقابلو
ڪرڻو پيو ۽ اتان کان ٻارهن ميل پري نيرن ڪرڻ لاءِ
انهن پهاڙين
۽ گزٻوڙن جي وچ ۾ اچي قيام ڪيوسون. اتي اسان کي
خالي اُٺ مليا، جيڪي گرم سيل ڏانهن موٽي رهيا هئا.
نيرن کان پوءِ اسان کي واريءَ ۽ پٿرن سان ڀريل
کڙٻڙ واري رستي تان تڪليف ده سفر ڪرڻو پيو. پندرهن
ميل پري اسان ڪجهه سفر کان پوءِ اٺن تان لٿاسون،
جنهن جهڙي ڏکيي سفر جو مون کي ان کان اڳي ڪڏهن
تجربو ڪونه ٿيو هو، جنهن درميان پنجيتاليهن ميلن ۾
ڪو پاڻي ڪونه هو. بهرحال هيلمند درياهه ويجهو هو،
۽ مون کي معلوم هو ته ان جي وسيلي اسان کي جيڪي
تڪليفون برداشت ڪرڻيون پييون هيون، تن جو ڪافي چڱو
عيوضو ملي ويندو.
30- مارچ:
اڄ صبح جو اسان سوير روانا ٿياسون ۽ وارياسين
ٽڪرين تان اتر- الهندي رخ ۾ هيٺ لهندي، جلدئي سخت
پٿريلي زمين تي اچي چڙهياسون ۽ يارهن ميلن کان
پوءِ هيلمند درياهه جي ڪپ تي اچي پهتاسون. اسان
خشڪ نين جي رستي هيٺ هيلمند ندي هڪ گهاٽي جهنگ جي
وڻن درميان وهي رهي هئي، اتي پهچي، اسان ترسياسون
۽ پنهنجا سڀ گذريل ڏک وساري، اتي ويهي رهياسون ۽
نيرن لاءِ تياري ڪرڻ خاطر ماني پچائڻ شروع ڪئيسين.
نوشڪيءَ کان وٺي هيلمند نديءَ تائين، منهنجي
اندازي موجب هڪ سئو ايڪانوي ميلن جو مفاصلو آهي،
جيڪو اسان نون منزلن طئي ڪيو. پهريون ٽي ذرا
ڊگهيون (هر هڪ پنجويهه ميل) آهن ۽ مٺو برسات جو
پاڻي ٻئي ڏينهن تي دستياب ٿيو. رستو گهڻو ڪري سخت
ريتيءَ مٿان آهي. چوٿين منزل ڪجهه ننڍي آهي؛ پنجين
۽ ڇهين وري ڪجهه ڊگهيون آهن. بهرحال، انهن ۾ پاڻي
چڱي خاصي مقدار ۾ دستياب ٿئي ٿو ۽ رستو جيتوڻيڪ
ٽڪرائتو آهي، ان هوندي به ڏکيو يا ٿڪائيندڙ ناهي.
ڪَلچيءَ ڏانهن ويندڙ ستين منزل ڏاڍي ڊگهي،
ٿڪائيندڙ ۽ وارياسين ٽڪرين جي ڪري ڏُکي آهي ۽
ساڳيءَ طرح ان سڄي سفر ۾ پاڻي خراب ملي ٿو. اٺين
منزل ۾ پاڻي بلڪل ڪونهي ۽ اها ٿڪائيندڙ آهي. آخري
منزل ننڍي ۽ يارهن ميلن جي ڊيگهه ۾ آهي. اسان کي
آخري ٽن منزلن کي سوڙهو ڪري ٻه بنائڻ گهربيون
هيون، جيئن انهن ٻنهي مان هر هڪ منزل کي ٻٽيهن
ميلن جي ڊيگهه جيترو بنائي ڇڏيون ها. سڄي رستي ۾
اٺن لاءِ لاڻو ملي سگهي ٿو، ۽ ڍڪ، چاڳئي ۽ بُولؤ
وٽ رڍون دستياب ٿي سگهن ٿيون.
هيلمند درياهه قنڌار کان ڏکڻ- اولهه ۾ وهي ٿو ۽
الهندي طرف وهي سيتان ۾ وڃي پوي ٿو، جتي اهو دوشڪ
کان چئن ڏينهن جي مسافريءَ بعد ٽڪرين جي چوڌاري
وڪڙ کائي ٿو ۽ هڪ ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ٿو.
پلالڪ وٽ اهو تلاءُ اٽڪل چار سئو وال ويڪرو، ڏاڍو
اونهو ۽ غير معمولي طور صاف پاڻيءَ سان ڀريل آهي.
درياهه جي هر هڪ ڪَپ تي اٽڪل اڌ ميل کن علائقو
آبپاشيءَ ذريعي آباد ڪيل آهي، جنهن کان پوءِ بلڪل
سڌين پهاڙين جي صورت ۾ بيابان ڦهليل آهي، درياهه
جا سڄا ڪپ وڻن سان سٿيا پيا آهن ۽ چوپاين جي چرڻ
لاءِ گاهه به جام آهي. اسان جي اڄوڪي منزل وٽان
قنڌار فقط ست منزلون دور هو؛ وچ وارو سڄو ملڪ
ڌاڙيلن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڏاڍو ويران آهي. ڏينهن
جي دوران اسان پنهنجو سفر درياهه جي ڪپن کان جاري
پئي رکيو ۽ انهيءَ وچ ۾ اسان کڪيترن ئي ويران ڳوٺن
۽ ننڍن قلعن جا ڦٽل نشان ڏٺا. رات جو اسان هڪ
افغان ڳوٺ جي ڀر ۾ جهنگ اندر قيام ڪيو، جنهن جا
رهاڪو اسان جي انهيءَ باهه جو دونهون مٿي چڙهندو
ڏسي، جنهن تي اسان ماني پچائي رهيا هئاسون، اسان
تي اوچتو حملو ڪرڻ جي اميد تي اسان ڏانهن لهي آيا.
اسان مان اڪثر ڄڻا سمهي پيا هئا، پر هڪ ماڻهوءَ
چورن کي ڏسندي ئي خطري جو آواز ڪيو، ۽ ٿوري ردوبدل
بعد هو اسان سان ٺهي ويا.
31- مارچ:
اڄوڪي ڏينهن تي اسان رودبار وٽ پهتاسون ۽ بلوچن جي
تؤڪي قبيلي جي سردار لونيار خان جي تومن تي
ترسياسون. هو سهڻي شڪل و شبيهه جو هڪ نوجوان آهي،
۽ هن جا ماڻهو انهن بلوچن کان اعليٰ قسم جا ماڻهو
آهن، جيڪي مون نوشڪيءَ ۾ ڏٺا هئا، ۽ هي ماڻهو انهن
جي هڪ پاڙي جا آهن. انهيءَ هنڌ مون پاڻ کي هڪ حاجي
ظاهر ڪيو، حالانڪه منهنجو خيال آهي ته اتان جو
سردار مون کي خفيه لباس ۾ هڪ ايراني سمجهي رهيو
هو.
1- اپريل:
اڄ ڏينهن جو اسان رودبار وٽان درياهه پار ڪري (ٻن
ناڪمياب ڪوششن ڪرڻ کان پوءِ) سيستان ۾ داخل
ٿياسون. رات جو اسان هڪ تمام وڏي ڦِٽل شهر جي
کنڊرن ۾ سمهياسون، جنهن جو نالو پولڪي چيو وڃي ٿو؛
اتي ڪن ماڻهن، جيڪي انه کنڊرن ۾ رهن ٿا، منهنجن
اُٺن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خوش قسمتيءَ سان هنن
هڪ اهڙي اُٺ جي چونڊ ڪئي، جيڪو منهنجي سونهي جمعا
خان جو هو ۽ هو انهيءَ کي ڪاهي ويا.
2- اپريل:
اڄ آءٌ هن اُميد تي تمام سوير صبح جو سوار ٿيس ته
جيئن اوندهه ٿيڻ کان اڳي علمدار پهچي وڃون، پر
اٽڪل پنجين بجي شام جو خانجهان خان جي سردارن جي
تومن وٽ پهچڻ تي، منجهن ماڻهن اعلان ڪيو ته هو
انهيءَ شام جو اڳتي نه هلندا، ۽ آءٌ انهن جي
مرضيءَ جي آڏو جهڪڻ لاءِ مجبور ٿي پيس؛ بهرحال،
مون هنن کي نوشڪيءَ ڏانهن واپس وڃڻ جي ڌمڪي ڏني،
جنهن ڳالهه جو هنن تي اهڙو ته اثر ٿيو، جو هو فقط
چند ڪلاڪن تائين آواره گردي ڪندا رهيا ۽ ٻئي ڏينهن
پرهه ڦٽيءَ مهل اسان علمدار کان فقط اڌ ميل جي
مفاصلي تي اچي پهتاسون. آءٌ پنهنجي سونهي جي صلاح
تي، انهيءَ هنڌ ترسي پيس ۽ پوءِ ٽهلداس نالي
انهيءَ هندوءَ کي گهرائي ورتم، جنهن ڏانهن مون کي
سفارش ڪري موڪليو ويو هو. هو جلدئي هڪ گهوڙي تي
چڙهي اتي اچي پهتو، جڏهن آءٌ سندرداس جو ملازم
آهيان ۽ مون وٽ هن جي نالي ٻن سئو رپين جي هڪ منڊي
۽ سفارش جو خد ساڻ آهي، جن مان پوئين شيءِ مون هن
جي حوالي ڪئي. هن خط پڙهي ڏسڻ بعد مون کي چيو ته
جنهن رقم جي آءٌ ڳالهه ڪري رهيو هوس، سا وٽس تيار
هئي. هن هر ٻئي طريقي سان مون کي پنهنجين خدمتن جي
آڇ ڪئي ۽ مون کي چيو، ”پر هن هنڌ جا سڀ ماڻهو
ڌاڙيل آهن؛ توهان هنن بلوچن کان جان ڇڏايو ۽ هڪ
حاجيءَ جو ڪردار اختيار ڪيو ۽ پوءِ آءٌ هن ڳالهه
جو انتظام ڪندس ته اوهان کي اُنهيءَ حيثيت ۾ هڪ
سونهون ڏنو وڃي“. آءٌ هڪدم پنهنجي جماعت ڏانهن
موٽي آيس ۽ منجهانئن هر هڪ کي هڪ هلڪو سلڪو تحفو
ڏيئي جمعا خقن کان اجازت ورتم ۽ پوءِ پنهنجي اُٺ
تي سوار ٿي، علمدار نالي ننڍي شهر ڏانهن ٽهلداس
سان گڏجي آيس، جنهن اها رات مون کي پنهنجي گهر ۾
ٽڪايو.
3- اپريل:
اڄ صبح جو آءٌ سردار (جنهن جو نالو خانجهان خان
هو)، سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ان ڏانهن پنڌ ڪري ويس،
جنهن اهو معلوم ڪري ته آءٌ حاجي آهيان، مون سان
ڏاڍي شريفانه نموني ۾ ملاقات ڪئي. هن کي ڏاڍي
خوبصورت پوشاڪ پهريل هئي ۽ سندس خدمت ۾ پنج- ڇهه
نوڪر هئا. هيءُ سردار آسپاس جي سڀني علائقن لاءِ
هڪ ڏهڪاءُ آهي ۽ ذري گهٽ پوريءَ طرح لٽ ڦر جي مال
تي گذر ڪندو آهي ۽ هن جو پنهنجو علائقو تمام ٿورو
آهي.
4- اپريل:
انهيءَ ڏينهن جي دوران مون ٽهلداس سان حساب چُڪتو
ڪيو، جيڪو مون لاءِ سڄي ملڪ جو بهترين سونهون حاصل
ڪرڻ ۾ خوش نصيب ثابت ٿيو هو. مون کيس انهيءَ تڪليف
جي صلي ۾، جيڪا هن مون لاءِ ڪئي هئي، هڪ مناسب
سوکڙي ڏني، ۽ پوءِ اتان کان جلد از جلد رواني ٿيڻ
لاءِ مون هر شيءِ تيار ڪئي.
سيستان، هيلمند جي ڪنارن تي واقع هڪ تمام ننڍو
صوبو آهي، جيڪو پنج سئو چورس ميلن جي پکيڙ کان
وڌيڪ ايراضيءَ تي مشتمل ڪونهي ۽ ان جي اتر ۽ اتر-
اوڀر ۾ خراسان، اولهه ۾ ايران، ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اوڀر ۾
هڪ غيرآباد ريگستان جي ذريعي مڪران کان جدا ٿيل
آهي. سيستان جا هن وقت فقط اهي حصا آباد آهن، جيڪي
هيلمند درياهه جي ڪپن تي واقع آهن، ۽ جنهن جو ترو
هر سال هيٺ لهندو وڃي ٿو ۽ ٻنهي ڪنارن وارو
ريگستان پڻ اوتري تناسب سان اڳتي وڌندو پيو اچي.
اسان رودبار شهر وٽان سيستان ۾ داخل ٿياسون؛ اتي
درياهه جا ڪنارا چڱيءَ طرح سان آباد ۽ ڦلدار آهن،
ڇاڪاڻ ته انهن جي ڏاڍي ڀلي مٽي آهي، جنهن جي
آبپاشي درياهه طرفان ٿئي ٿي، پر انهيءَ سائي پٽي
جي وڌ ۾ وڌ ويڪرائي ٻن ميلن کان مٿي ڪانهي، جتان
کان ريگستان اوچين پهاڙين ۾ مٿي وڌندو پيو وڃي ۽
اهو هڪ اهڙي غيرآباد علائقي جي اڻ کٽ سلسلي جي
مٿان، جنهن ۾ نه ڪو پاڻي آهي ۽ نه ڪا ساوڪ نظر اچي
ٿي، وڍندو هڪ طرف کان قنڌار کان هرات ڏانهن ويندڙ
عظيم شاهراهه سان وڃي ملي ٿو ته ٻئي طرف کان اهو
هيٺ لهندو وڃي انهيءَ پيچري سان ڳنڍجي ٿو، جيڪو
ليفٽيننٽ پاٽنجر طرفان نوشڪيءَ کان ديزوڪ ۽ بنپور
ڏانهن ويندي اختيار ڪيو ويو هو. اهو علائقو
جيتوڻيڪ هن وقت فقط تنبن ۾ رهندڙ افغانن ۽ بلوچن
سان آباد آهي، ان جي باوجود ان تي سابق تهذيبن ۽
آسودگيءَ جا نشان اڃان تائين واضع آهن. ان کان
علاوه، رودبار کان وٺي گاديءَ واري شهر دوشڪ
تائين، جنهن تي هن وقت سردار جي وڏي ۾ وڏي پٽ جي
اعزازا ۾ جلال آباد نالو وڌو ويو آهي، سڄو رستو
ڳوٺن، قلعن ۽ پن- چڪين جي کنڊرن سان ڀريو پيو آهي.
پهرين جاءِ جيڪا ماڻهوءَ جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائي
ٿي، سا ڪيڪباد آهي، جيڪا رودبار کان اٽڪل پنج ميل
پري آهي. اهو هنڌ، اڳئين زماني ۾ شاهه ڪيخسرو جو
رهائشگاهه هو. هن وقت اتي هڪ ننڍي چورس شڪل واري
قلعي جي برجن، فيصلن ۽ ان جي ڀرسان ڪجهه عمارتن جي
ڪچيءَ مٽيءَ جي ديوارين جي نشانن کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به نه بچيو آهي. درياهه کي پار ڪرڻ تي اسان
سائن آباد پهتاسون، جيڪو ان جي اتر- الهندي ڪپ تي
واقع آهي، البت جديد دؤر جو آهي ۽ عربن هٿان آباد
ڪيل چيو وڃي ٿو. ان طرح، پنهنجي سونهي جي غلطيءَ
سبب آءٌ پنجويهه ميل پري، ريگستان پار ڪري پولڪي
پهتس ۽ درياهه تي واقع شهر ڪُلياپَت ڏسڻ جو موقعو
وڃائي ويٺس. چيو وڃي ٿو ته اتان جو محل اڃا تائين
چڱيءَ طرح محفوظ آهي، پر آءٌ شهر جي ماپ يا ان جي
بنياد پوڻ جي تاريخ متعلق ڪابه معلومات حاصل ڪري
نه سگهيس. پولڪيءَ ۾ ڪنهن پراڻي زماني جي وڏي ۽
خوشحال شهر جا ڦٽل نشان نظر اچي رهيا آهن. ان جي
ديوارين، گهرن ۽ باغن جا کنڊر گهٽ ۾ گهٽ سورهن
چورس ميلن جي جاءِ والارين ٿا؛ هيلمند درياهه جا
ڪنارا، هن هنڌ تي انتهائي سرسبز آهن ۽ رڍن لاءِ
ڏاڍو سٺو چراگاهه مهيا ڪن ٿا، جن جا مون تمام وڏا
ڍڻ اتي ڏٺا. درياهه اٽڪل ٻه سئو وال ويڪرو، ناقابل
عبور ۽ انتهائي خوبصورت ۽ رنگ برنگي نظارو پيش ڪري
ٿو. اسان اتي مهمان نواز نوشيرواني بلوچن جي هڪ
تومن ۾ رهياسون، جن اسان جي اُٺن جي سلامتيءَ لاءِ
ڪابه ذميداري پاڻ تي نه کڻڻ چاهي، ڇاڪاڻ ته سندن
چوڻ موجب هاڻي اسان ڌاڙيلن جي عين مرڪز ۾ پهچي چڪا
هئاسون، جنهنڪري اسان پنهنجي ٽولي جي ڪجهه حصي کي
هميشه پهري تي رکڻ لاءِ مجبور ٿياسون.
علمدار، هن ملڪ جي انتهائي مشهور ڌاڙيل، خانجهان
خان طرفان تعمير ۽ آباد ڪيو ويو هو ۽ هو هرات ۽
قنڌار جي درميان رستي تي سفر ڪندڙ سڀني قافلن لاءِ
ڏهڪاءُ آهي. انهيءَ هنڌ پهچي، هيءُ علائقو هڪ نئين
صورت اختيار ڪري ٿو. درياهه جي ٻنهي ڪپن تي فقط
سوڙهي پٽي تي زراعت هئڻ جي بدران، هن هنڌ درياهه
مان وڏيون شاخون کوٽيون ويئون آهن ۽ پاڻيءَ کي سڄي
علائقي جي رقبي ۾ چڱيءَ طرح سان ورڇيو ويو آهي ۽
خانجهان خان سان حق ۽ انصاف ڪرڻ لاءِ سندس تعريف ۾
ايترو سو ضرور چوڻو پوي ٿو ته جيتوڻيڪ هو پنهنجن
پاڙيسرين جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڏو رهزن آهي، ان جي
باوجود هن جو علائقو ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي قدر
بهتر آباد ۽ سائو آهي.
6- تاريخ:
مون علمدار ۾ قيام ڪيو ۽ 7- تاريخ تي ٽهلداس کي
ساڻ کڻي مون، چار ميل پري واقع جلال آباد شهر يا
دوشڪ ڏانهن سواري ذريعي سفر ڪيو. قديم شهر جا ڦٽل
نشان گهٽ ۾ گهٽ ايتري پکيڙ ۾ ڦهليل آهن، جيترو
اصفهان شهر آهي. اهو شهر پڻ اهڙي نموني ۾ تعمير
ٿيل آهي، جهڙيءَ طرح سيستان جا ٻيا شهر، جي اڌ
سڙيل سرن جا آهن ۽ ڪن جي گهرن جون ڇتيون گنبذ نما
۽ ٻه منزلون مٿي آهن. جلال آباد جو جديد شهر صاف ۽
سڌاري جي حالت ۾ آهي. ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار گهر
۽ هڪ چڱي خاصي بازار آهي. ان تي بهرا سان ڪياني
حڪومت ڪري ٿو، جيڪو هڪ تمام قديم ۽ خود مختار
گهراڻي جو فرد آهي، پر هن جي سالياني آمدني ٽيهن
هزار رپين کان وڌيڪ ناهي ۽ هن وٽ خانجهان خان جي
حملن ۽ لٽڦر کي روڪڻ جي طاقت ڪانهي. دوشڪ کان وٺي
ايران ۾ واقع ڪرمان تائين، هڪ گهوڙيسوار لاءِ ويهن
ڏينهن جو سفر آهي ۽ ساڳيوئي عرصو يزد ڏانهن وڃڻ ۾
لڳي ٿو، جنهن جو رستو هڪ اهڙي ويران بيابان جي
وچان آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جو هڪ قطرو به ڪونهي؛ اهو
رستو غائين (جيڪو غاليچن جي صنعت کان مشهور آهي) ۽
خوبيز شهرن جي پاسي کان گذري ٿو، جنهن پوئين شهر
جي متعلق مون کي ڪابه معلومات نه ملي سگهي.
8- اپريل:
آءٌ پنهنجي محتاط دوست ٽهلداس کان اجازت وٺڻ کان
پوءِ، اڄوڪي ڏينهن، صبح جو اٽڪل اٺين بجي مهل دوشڪ
کان روانو ٿيس. منهنجو سونهون جنهن جو نالو ملان
غني هو، جوئائين جي خلجي قبيلي جو هڪ افغان ۽
نهايت وسيع معلومات وارو، جيڪا هو، وڏي خوشيءَ سان
ٻين تائين پهچائڻ لاءِ تيار رهندو هو، ۽ ڏاڍو خوش
خلق ۽ کلمک ماڻهو هو ۽ ان کان سواءِ هن وٽ هڪ ڏاڍو
ڀلو وهٽ هو (جنهن جو مون کي ڏاڍو قدر هو). اهو سفر
بلوچن جي سست رفتار چال جي ڀيٽ ۾ ايڏو ته وڏو فرق
ظاهر ڪري رهيو هو جو آءٌ ڏاڍي چاهه سان روانو ٿي
ويس ۽ اڪبر ۽ دولت آباد جهڙن ننڍن ڳوٺن کان لنگهي
وڃڻ کان پوءِ، اسان دوشڪ کان اٽڪل پنجويهه ميل اتر
۾ سيستان کان نڪري وياسون ۽ خراسان ۾ داخل ٿياسون،
جتي اسان معمولي چاڙهيءَ سان سخت زمين واري ويران
ريگستان وچان سفر ڪيو. منجهند کان اڳي اسان
آسانيءَ سان پنجويهن ميلن جو سفر طئي ڪري ورتو.
جڏهن اسان پيشاورون نالي شهر جي کنڊرن وٽ پهتاسون،
جن جي وسعت حيرت انگيز حد تائين گهڻي آهي، تڏهن
اسان پنجن ميلن تائين سڌو انهن جي بلڪل وچ مان
لنگهياسون. ڪجهه اڳڀرو اسان سيد اقبال جي مزار تي
پهتاسون. اتي گندرف جي پاڻيءَ جو کوهه آهي. اها هڪ
مضبوط ۽ طاقتور جماعت لاءِ ترسڻ جي جاءِ آهي، پر
جيئن ته اسان جي ٽولي تعداد جي لحاظ کان اهڙي
ڪانه هئي، انڪري اسان جي سونهي اتان اڳتي هلڻ ئي
مناسب سمجهيو. چنانچه اسان ائين ڪيو ۽ چوٽيهن ميلن
تي اسان اوڪ جي ضلعي ۾ واقع جوئائين نالي هڪ پراڻي
شهر جي کنڊرن ۾ ترسياسين. اسان پنهنجن وهٽن کي
کنڊرن ۾ ڇڏي ڏنو ۽ اسان پاڻ ماني کائڻ کان سواءِ
سمهي پياسين، جو باهه ٻارڻ کان هن ڪري ڊڄي رهيا
هئاسين ته متان دونهون اسان جي جاءِ ڏانهن ڌاڙيلن
جي ڪنهن رهيل کهيل ٽولي جو ڌيان ڇڪائي، جن سان اهو
سڄو ڀريل رهندو آهي.
9- اپريل:
اڄ صبح جو اسان قلع ۽ ماڻهن سان آباد ڳوٺ ڏانهن
وياسون ۽ پنهنجي سونهي جي گهر تي وڃي لٿاسون. ڪيئي
افغان اسان کي ڏسڻ لاءِ مڙي آيا ۽ ملان جي طرفان
مون کي حج تي ويندڙ هڪ سيد جي حيثيت ۾ انهن سان
متعارف ڪرايو ويو. هو مون سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽
مون تي ڏاڍو توجهه ڏنائون ۽ پڇيائون ته آءٌ ڪهڙي
قسم جو سيد آهيان، جنهن تي مون کين جواب ۾ چيو ته
آءٌ قريشي آهيان. منهنجي سونهي هاڻي هڪ رڍ ذبح ڪئي
۽ جلد ئي اسان هيٺ ويٺاسون ۽ پنهنجن اوٺين ۽ هڪ
ٻئي ملاقاتيءَ سميت گڏجي شوروي ۽ گوشت جي هڪ وڏي
ٿالهه مان کاڌوسون. جڏهن نيرن پوري ٿي، تڏهن آءٌ
هيٺ ليٽي پوڻ ۽ انهيءَ بهاني ڪرڻ سان ته آءٌ
سواريءَ ڪري ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، پنهنجن ملاقاتين
کان جان ڇڏائڻ ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪئي. مون ٻيو
ڏينهن پڻ گهڻي قدر انهيءَ ساڳئي طريقي سان انتظار
ڪندي گذاريو، جيسين منهنجي سونهي محمود خان خلجيءَ
جي طرفان، فراه شهر ۾ رهندڙ هڪ افغان سردار ڏانهن
سفارش جو هڪ جعلي خط هٿ ڪيو.
جوئائين، اوڪ جي نالي واري ضلعي ۾ هڪ ننڍو سرسبز
ٽڪرو آهي، جنهن کي چوڌاري پهاڙيون وڪوڙي بيٺيون
آهن، جن مان هڪ ندي نڪري ٿي ۽ سڄي ماٿريءَ کي پاڻي
پهچائي ٿي. انهيءَ هنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ کي مٿي
ڇڪلڻ ۽ ان کي پيهڻ لاءِ سڌيون پَوَن- چڪيون
ٺاهيندا آهن. هتان جو قلعو (سڀني ايراني قلعن
وانگر) بلند و بالا ۽ سنهين، ڪمزور فصيلن سان ٺهيل
آهي،. جنهن جي چوڌاري هڪ ننڍي کڏ آهي، جنهن جي
پاسن وٽ گولائيءَ ۾ ٺهيل برج آهن. جوئائين جا
باشندا محمود خان جي تحت آهن، جيڪو خلجيءَ قبيلي
جو سردار آهي. هو پاڻ جوئائين کان ٻن ميلن جي
مفاصلي تي واقع دُرگ نالي هڪ قلعي ۾ رهي ٿو. هن وٽ
چار سئو گهوڙيسوار سپاهي رهن ٿا، ۽ هن کان سڄي
علائقي ماڻهو ڪنبن ٿا. اسان خط هٿ ڪرڻ کان پوءِ ان
تي محمود خان جي مُهر هڻائي ۽ پوءِ رات جو ٻاهر
سمهي رهياسون، ۽ ٻئي ڏينهن صبح ٿيڻ سان اتر جي
اڀرندي رخ ۾ هلياسون. پندرهن ميلن کان پوءِ اسان
بهترين قسم جي پاڻيءَ واري هڪ چشمي وٽ پهتاسين،
جتي اسان ٻه يا ٽي ڪلاڪ قيام ڪيو ۽ پوءِ اتان کان
ڏهه ميل اڳتي وڍي وياسين ۽ سج لهڻ مهل هڪ ڪڙئي جي
اندر ترسي پياسون. وهٽن لاءِ ڪو داڻو دستياب
ڪونهي، جتوڻيڪ اسين ايليسا آباد جي ڀر پاسي ۾
آهيو، جيڪو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي.
10- اپريل:
اڄوڪي ڏينهن تي اسين فراه پهتاسون ۽ سڌو ابراهيم
خان جي گهر وياسون، جنهن جي لاءِ مون وٽ اهو جعلي
خط هو. هو ٻاهر آيو ۽ خط پڙهڻ کان پوءِ هن پنهنجن
ماڻهن کان غاليچا وڇرايا ۽ اسان کي ڏاڍي مهمان
نوازيءَ واري نموني ۾ مليو. مون ڏينهن جي گرميءَ
جڪو سڄو وقت سندس باغ ۾ گذاريو، جتي ڪنهن به
منهنجي آرام ۾ خلل نه وڌو. اسان جو ميزبان ۽ سندس
ڀاءُ مانيءَ ۾ اسان سان شريڪ ٿيا، جنهن ۾ افغانن
جو دستوري کاڌو، ٻڪريءَ جي گوشت جو شوربو ۽ پلاءُ
جي ٿالهي شامل هئي.
شام جو هڪ مُلان مون کي ڏسڻ لاءِ آيو ۽ جيئن ته هو
مون کي ڦڏئي پئي معلوم ٿيو، انڪري مون نند جو
بهانو بنايو ۽ آرام ڪرڻ لڳس. بهرحال، هو منهنجي
انهيءَ مڪر سان ٽرڻ وارو ڪونه هو. هن مون کي ڌاڳن
جي مٿان ۽ ٻارن جي واتن ۾ شوڪارا هڻندي ڏٺو هو ته
جيئن اهي انهيءَ سموري فائدي مان فيضياب ٿين، جيڪو
کين هڪ سيد ڏيئي پئي سگهيو ۽ هو دليل بازيءَ جو
شوقين هو، انڪري هن چيو ته هو مون کسان گفتگو ڪرڻ
لاءِ آيو آهي. هن جي بغل ۾ هڪ وڏو ڪتاب دٻيل هو ۽
هن کان منهنجي سونهي دريافت ڪيو ته هن جيڪا ملڪيت
هڪ مخصوص طريقي سان حاصل ڪئي هئي سا حلال هئي يا
نه؟ مُلان قانون جي وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ چيائين
ته هو هڪ سيد جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه هٻڪ سان ڳالهائي
رهيو هو ۽ ان کان پوءِ مون کي عرض ڪيائين ته آءٌ
کيس مطلع ڪريان ته هو صحيح هو يا نه. مون
بيخياليءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي ۽ جڏهن اها ڳالهه
زير بحث آئي، تڏهن هن مون تي هن سوال پڇڻ سان حملو
ڪيو ته آءٌ شيعو آهيان، يا سُني
مون هن کي جواب ۾ چيو ته آءٌ سُني آهيان، جنهن تي
هن ائين چئي من هنجا الفاظ دهرايا ته هڪ سيد لاءِ
اهو جواب موزون ڪونه آهي. آءٌ منجهي پيس ۽ موقعو
وٺي ڪن ٻين ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳس، جن ان وقت مون
کي مخاطب ڪيو هو ۽ اميد ڪيم ته ان طرح سان آءٌ
انهيءَ سوال کان پاڻ کي بچائي وٺندس. پر اورچ
طبعيت وارو مُلان اهڙي آسانيءَ سان چپ ٿيڻ وارو
ڪونه هو. ڪجهه وقفي کان پوءِ، هن ڏاڍي نرميءَ سان
چوڻ شروع ڪيو ”توهان شايد اهو سوال نه ٻڌو آهي،
جيڪو مون اوهان کي ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان ناراض
نه ٿيو ته آءٌ اهو دهرايان ٿو“، ۽ هُنن ائين ئي
ڪيو. مون هن کي هندستانيءَ ۾ جواب ڏنو ته آءٌ کيس
ايتريقدر نٿو سمجهان جو انهيءَ باري ۾ پنهنجي راءِ
ظاهر ڪري سگهڻ جي همت ڪريان. پوءِ ته هن منهنجي
سونهي غنيءَ کي سڏ ڪيو ۽ اهو ڄاڻي ته آءٌ فارسي
نٿو سمجهي سگهان، هن کي ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو. غنيءَ
مهرباني ڪري هن کي سمجهايو ۽ مون کي وڏي خطري مان
بچائي ڪڍيو. جڏهن مُلان هليو ويو تڏهن غنيءَ مون
کي چيو ته توهان اهو سمجهي ڇڏيو ته جڏهن اوهان
دليل بازيءَ کان پاڻ بچائڻ چاهيو، تڏهن هڪ هاڪار
کان هڪ سئو ڀيرا ناڪار بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ
ڪوئي به توهان جي لفظن يا جملن جي اظهار کي پڪڙي
نه سگهندو. ان کان پوءِ مون انهيءَ صلاح تي سختيءَ
سان عمل ڪيو، حديث
۽ قرآن شريف وغيره جي ڄاڻ کان پنهنجي لاعلمي ظاهر
ڪرڻ کي دستور بڻائي ڇڏيو، جنهن جي ذريعي مون پاڻ
کي انهن چئن ڏينهن جي دوران، جڏهن آءٌ اتي ترسيل
هئس، وڏيءَ تڪليف ۽ ردقد، شايد ظاهر ٿي پوڻ کان
پاڻ کي بچائي وڌو.
فراه هڪ وڏو شهر پناهه وارو شهر آهي، جيڪو هڪ
سرسبز ماٿريءَ ۾ واقع آهي ۽ قنڌار کان هرات
ويندڙ شاهراهه جي ذري گهٽ اڌ پنڌ تي بيٺل آهي. چيو
وڃي ٿو ته ان ۾ چڱي خاصي بازار آهي، پر جيئن ته هن
شهر ۾ داخل ٿيڻ آسان آهي ۽ وري ان مان ٻاهر نڪرڻ
انتهائي دشوار آهي، انڪري مون ان ۾ داخل ٿيڻ جي
همت نه ڪئي ۽ سڄو وقت باغن ۾ رهيس، جيڪي شهر کان
اٽڪل هڪ جميل پري هئا. هن ماٿريءَ کي جبلن مان
نڪرندڙ نهر مان چڱو پاڻي ملي ٿو ۽ اتان جا باغ
ڏاڍا وڏا ۽ وسيع آهن. افغان زمين لاءِ ڪابه ڍل نٿا
ڀرين ۽ بازار جا محصول پڻ تمام مختصر ۽ خسيس آهن.
دوشڪ کان وڄي فراه تائين مفاصلو اٽڪل روءِ پنجهٺ
ميل يا هڪ گهوڙيسوار لاءِ آرام سان سفر ڪرڻ جهڙيون
ٽي منزلون آهن. پهرين منزل ٻارڻ جي ڪاٺين يا
پاڻيءَ کان سوا پنجويهه ميل آهي، پويون ٻه منزلون
ننڍيون آهن ۽ انهن ۾ ٻيئي شيون موجود آهن، پر سڄو
ملڪ هڪ ويران ۽ سئون سڌو بيابان آهي.
14- اپريل:
اڄ هتان کان هرات لاءِ هڪ قافلو روانو ٿيڻ وارو هو
۽ مون کي انهن سان گڏجي وڃڻو هو، پر منهنجي دوشڪ
واري سونهي ڇهن رپين جي قيمت جيترين چينيءَ جي سرن
لاءِ مون سان اول الذڪر شهر جي اڌ رستي تائين گڏجي
هلڻ جي آڇ ڪئي. مون اها قبول ڪئي ۽ مون وڌيڪ
سلامتيءَ خاطر، هن جي سالي کي پنهنجن اُٺن منجهان
هڪ تي چاڙهيو. اسان هڪ سٺي ۽ سخت رستي تي اتر-
الهندي واري رخ ۾ سڌن ميدانن مان، جن جي چوڌاري
هيٺانهيون ۽ ويران ٽڪريون بيٺل هيون؛ جن تي ڪابه
آبادي ڪا نه هئي، سفر ڪيو. اسان سج لهڻ ڌاري هڪ
قافلي وٽان اچي لنگهياسين ۽ انهن کان سواءِ ئي
اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو؛ ايڪيهن ميلن وٽ اسان ٽڪرين
جي قطخار وٽ پهتاسين ۽ هڪ ”رود خانو“ يا نديءَ جي
پيٽ ۾ داخل ٿي، انردرو وٽ اچي نڪتاسين، جيڪو هڪ
انتهائي خوبصورت ۽ روماني خطو آهي، جنهن جهڙي ٻئي
ڪنهن خطي جو تصور ڪرڻ به ممڪن ڪونهي. انردرو هڪ
ننڍو شهر آهي، جيڪو هڪ ننڍڙي نديءَ جي ڪپ مٿان
ٺهيل آهي، جيڪا ٻن بلند ۽ بالا جبلن جي درميان
واقع اڌ ميل ويڪري ماٿريءَ مان وهي ٿي. انهن جبلن
جي دامن ۾ هڪ پاسي کان گهر اڏايل آهن ۽ ان جي
سامهون واري طرف باغ آهن، جيڪي شهتوتن، شفتالن،
صوفن، ناسپاتين ۽ ٻين ميون سان ڀريل آهن.
15- اپريل:
اسان اڄ صبح جو سج اڀرڻ مهل باغن جي وچان
لنگهياسون ۽ ٻن ميلن تي ماٿريءَ جي آخري ڇيڙي وٽ
پهتاسون. اتي هڪ مسجد ۾ قيام ڪليوسين ۽ شام مهل
وري ٽڪرين جي وچ ۾ اتر ۽ اتر- اوڀر واري رخ ۾ سفر
شروع ڪيوسون. وچ ۾ ڪابه پوک ڪانهي. سترهن ميلن وٽ
اسان رستو ڇڏيو ۽ ان جي ساڄي طرف ڏانهن وڃي
انردروءَ کان اٽڪل ٻٽيهه ميل پري، اوڪل نالي هڪ
ڳوٺ جي ويجهو هڪ خشڪ ناليءَ جي پيٽ ۾ ترسياسون. اڄ
شام مهل، جيئن منهنجو سونهون مون سان گڏ اُٺ تي
سواري ڪري رهيو هو ته هن چيو ته جيڪڏهن آءٌ نماز
نه پڙهندس ته ڳوٺ جا ماڻهو رڙيون ڪري چوندا ”هاءِ
هاءِ! توبهه. افسوس! افسوس! مون هن کي، هن دليل جي
آڌار تي ٽارڻ چاهيو ته مون وٽ وضو ڪرڻ لاءِ پاڻي
ڪونه هو. ”ريتي کڻي وضو ڪريو“، هن چيو ۽ شام ٿيڻ
مهل، جيئن ته مون کان اڳڀرو هلي رهيو هو، انڪري هو
ترسي پيو ۽ سڌو نماز لاءِ هليو ويو. آءٌ هن سان
گڏجي هلندي، نماز پڙهڻ کان پاڻ بچائي نه پئي
سگهيس، انڪري هن جي حرڪتن کي جاچي جوچي، آءٌ
انهيءَ طريقي سان نماز پڙهڻ لڳس. بهرحال، مون وري
ٻيهر ائين نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ايتري تائين سلامتي
سان اچڻ کان پوءِ، مون سمجهيو ته خدائي تحفظ وڃائڻ
جو انتهائي امڪاني طريقو، عبادت کي مذاق ۽
مسخرائيءَ سان ادا ڪرڻ ٿيندو.
16- اپريل:
اسان هڪ بيابان ۾ واقع هڪ اهڙي زيارتگاهه ڏانهن
وياسين، جتي گهڻي وقت کان وٺي ماڻهن جو گهٽ
گذرگاهه هو. اتي پهچڻ سان پنهنجي سونهي کي خدا
حافظ ڪرڻ کان پوءِ، جيڪو اوڪل واري ڳوٺ ڏانهن واپس
ويو، آءٌ شام جو ٽين بجي مهل هرات ڏانهن روانو ٿيس
۽ رستي تي پنهنجي سلامتيءَ لاءِ خدا تي ڀروسو ڪيم.
اوڪل هڪ وسيع ماٿريءَ جي ڏکڻ- اوڀر واريءَ ڪنڊ ۾
هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو اوچن پهاڙن جي ٻن قطارن جي
وچ ۾ واقع آهي، جيڪي اولهه ۽ اوڀر طرف وڃن ٿيون.
ويهن ميلن وٽ هڪ اهڙو کوهه آيو، جنهن جو پاڻي ٻاڙو
هو. اها قافلن لاءِ هڪ باقاعده منزل آهي، پر اسين
الهندي، اتر- الهندي طرف هلندا رهياسون؛ رستو سٺو
آهي ۽ ٻنهي پاسن کان ننڍيون ٽڪريون آهن. ٽيهن ميلن
وٽ اسان سفر بند ڪيو ۽ رستي جي اڀرندي طرف جيڪي
ٽڪريون هيون، تن ۾ سمهي رهياسين.
17- اپريل:
صبح ٿيڻ تي آءٌ وري اتر، اتر- اولهه طرف روانو
ٿيس، جتي رستو پهاڙين جي مٿان ور وڪڙ کائي رهيو
هو. اسان اڃا ڇهه ميل اڳتي مس ويا هئاسين ته
پنهنجي پٺيان ڇهن افغان سوارن کي پاڻ ڏانهن ايندو
ڏٺوسون، جيڪي سڀيئي هٿياربند ۽ ڀلن وهٽن تي سوار
هئا. منهنجي سونهي پنهنجي بندوق کي سنڀاليو ۽ مون
پنهنجا پستول تيار رکيا، ءٌ پنهنجي ٽوليءَ کي رستي
جي ڏائي طرف ڏانهن هٽائي، بندوق جي گوليءَ جي
مفاصلي وٽ هڪ دڙي تي مورچو سنڀاليو. اتي اسان
پنهنجن وهٽن تان هيٺ لٿاسون ۽ اسان جي سونهي، جنهن
وٽ ئي هڪ بندوق هئي، گوڏو ڀڃي ويهي رهيو. افغان
رستو وٺي اڳتي وڌندا آيا، تان جو اسان جي بلڪل
سامهون رستي جي ٻئي ڪناري وٽ اچي پهتا ۽ ان کان
پوءِ پڇيائون ته ”اوهين ڪير آهيو؟“ سونهي جواب ڏنو
ته ”هيءُ محمد خان غلزئي جو هڪ پيرزادو آهي ۽ هن
وقت خراسان ۾ واقع مشهد جي زيارت تي وڃي رهيو
آهي.“ آخري گهوڙيسوار پنهنجي گهوڙي کي اسان جي طرف
ڦيرايو، جنهن تي منهنجي سونهي پنهنجي هٿ سان اشارو
ڪندي هن کي چيو ته جيڪڏهن هو هڪ قدم به اڳتي
وڌائيندو ته هو مٿس گولي هلائيندو. انهيءَ تي
افغان پڇيو، ”تون اسان جي ڇهن بندوقبازن جي
سامهون، جيڪي چڱيءَ طرح سان مسلح آهن، هڪ بندوق
سان ڇا ڪري سگهندي؟“ ”بلڪل سچ“، سونهي جواب ڏنو،
”پر انهيءَ پيرسن ماڻهوءَ کي پري ڇڏيو، جيڪو توهان
جي مُنهڙ ۾ بيٺو آهي. اهو ته ڪجهه به ڪونه لهي؛
پوءِ اسان پنج اوترائي ٺيڪ آهيون، جيترا توهان
آهيو.“ پنهنجا هٿيار ڇڏي ٻانهون مٿي کڻي هلو.
پوڙهي بزرگ چيو، ”۽ پيرزادي کي اهو سمجهڻ نه ڏيو
ته اسان ڪي ڌاڙيل يا خوني آهيون؛ ائين چئي هنن
پنهنجي گهوڙن جا منهن ڦيرايا ۽ اتان هليا ويا.
اسان دل ۾ پوريءَ طرح مطمئن ٿياسون ته اسان
افغانن کان صلح پسنديءَ سان جان ڇڏائڻ ۾ ڪامياب
ٿيا آهيون. اسان پنهنجو سفر وري جاري ڪيو ۽ اٺن
ميلن تي هڪ کوهه تي پهتاسين، جنهن کي پليسي جي
نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اها جاءِ قافلن جي ترسڻ جي
آهي، جو اتي سٺو پاڻي ۽ جانورن لاءِ چارو موجود
آهي. هتي اسان ٽڪرين جي ٻن قطارن جي درميان، جيڪقي
اولهه ۽ اوڀر ڏانهن وڃن ٿيون، هڪ ويڪري ميدان ۾
نڪري آياسون، جنهن ۾ اونهيون پهاڙي نديون هيون.
اسان سڌي رستي کان رخ ڦيرايو ۽ انهيءَ علائقي جي
وچان ساڄي رخ تي وياسون ته جيئن ان کان پوءِ ڪن
ٻين افغان ٽولين سان ملڻ نه ٿئي. منجهند مهل، اسان
شمالي جبلن جي قطار جي دامن وٽ هڪ کڏ ۾ ترسياسون،
جنهن ۾ ٻاڙي پاڻيءَ جو هڪ کوهه هو. نيرن ڪرڻ کان
پوءِ اسان جبل جي دامن جو چڪر هڻي ۽ رستي تي ايندڙ
ڪيئي پهاڙي نديون پار ڪري ۽ انهن جي وچ وارو رستو
وٺي ايڪيهن ميلن وٽ هڪ لڪ جي چوٽيءَ تي پهتاسون،
جيڪو ننڍو ۽ چڙهڻ ۾ آسان هو. اسان رات جي وقت دشت
هام يا هام واري بيابان ۾ ترسياسون، جيڪو هرات جي
چئني طرفن کان واقع انهيءَ ماٿريءَ کي وڪوڙي بيٺل
جبلن جي چوٽيءَ تي آهي.
18- اپريل:
اڄ اسان سوير سوار ٿياسون ۽ هڪ ننڍي زيارت گاهه وٽ
ترسي نيرن ڪرڻ کان اڳي پنجويهه ميل طئي ڪياسون،
جنهن کان پوءِ اٺ ميل سفر ڪرڻ بعد اسان هرات جي
شهر وٽ اچي وارد ٿياسين، پر وچ وارو سڄو علائقو،
فقط مختلف ڳوٺن جي پسگردائي کان علاوه، بلڪل ويران
۽ بيابان هو.
فراه کان وٺي ازندرو تائين رستو سٺيءَ حالت ۾ هئڻ،
۽ پهاڙين کان آجو هئڻ ڪري اهو فقط ايڪيهن ميلن جي
هڪ آسان منزل آهي، حالانڪ سڄي رستي ۾ ڪٿي به پاڻي
ميسر ڪونهي.
|