- جنوري:
اڄ صبح جو هڪڙو هندو واڻيو، جو ٻيلي کان سون مياڻي
موٽيو پئي، اسان کي نياز ڪرڻ آيو. هن اسان کي اها
خوشخبري ٻڌائي ته ٻيلي کان سونمياڻيءَ تائين رستو
سلامت هو. افغانن اسان جي دل ۾ بزنجن بلوچن جو ڊپ
ڏيئي اجايا شڪ جاڳايا هئا. اسين هڪ بجي شام جو
اُٺن تي سوار ٿي روانا ٿياسين ۽ پنجين بجي اوٿل ۾
پهتاسين، جو هڪ سهڻو ۽ صفا ڳوٺ هو. ان ۾ اٽڪل چار
سؤ گهر ٿيندا. رستو چڱيرڙو هو. ملڪ غير آباد هو ۽
سنئون سڌو هو. ڪٿي ڪٿي گهاٽو جهنگ هو جنهن ۾ وڏا
ٻٻر جا وڻ پئي نظر آيا. اسان رستي ۾ ٻه نهرون- هڪ
ولتا ۽ ٻي سنگاڻي ٽپياسين. ولتا پورالي ندي جي شاخ
آهي ۽ ٿورو وڪڙ ڪري وري وڃي پوراليءَ سان ملي ٿي.
جڏهن اسان ستگاڻي ٽپياسين تڏهن اها سڪل هئي. ان جو
پيٽ هڪ ڪپر کان ٻئي تائين اٽڪل ٻارهن وال هو. رستو
اتر طرف پئي ويو ۽ مفاصلو نَو ميل هو. اوئل ۾ کوهه
تمام اونها آهن ۽ پاڻي مٺو اٿن. ڳوٺ جا ماڻهو خوش
۽ آسودا ٿي نظر آيا. انهن کي رڍن ۽ ٻڪرين جا وڏا
ڌڻ آهن. ان کان سواءِ ڳائو مال ۽ اٺ به اٿن.
اسان اڃا اُٺن تان ئي نه لٿاسين، ته جمعدار يا ڳوٺ
جي چڱي مڙس اچي هڪ ٻڪري مهماني طور پيش ڪئي، مگر
اسان اها اجوري ڏيڻ کان سواءِ قبول نه ڪئي. اسان
کي پوءِ خبر پيئي ته اسان جي اها خوشامد انهيءَ
ڪري ڪئي ويئي هئي جو ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي هڪڙي
پخالي، جو سنڌ جي سفارت ۾ اڳين سال نوڪر هو، تنهن
اسان کي سڃاتو هو، جو اسان ٻيئي به ان سفارت ۾
شامل هئاسين. پخاليءَ ان ڳالهه جو وڃي سڄي ڳوٺ ۾
پڙهو ڏنو. اسان اها ڳالهه قبول ڪري پاڻ تان مصيبت
ٽاري. چيوسون ته هاڻي اسان سندر جيءَ جي نوڪري ۾
آهيون. انهيءَ دروغ گوئيءَ تي وڌيڪ ٽيڪاٽپڻيءَ
ڪانه ڪئي ويئي.
21- جنوري:
اوٿل مان اسان منجهند ڌاري نڪتاسين. شام جو ڇهين
بجي کان ٿورو پوءِ اسان وري آري نالي هڪ بدحال ڳوٺ
۾ وڃي لٿاسين. اتي مس ڏهه- ٻارهن گهر يا جهوپڙيون
نيروٽين، کٽين، رنگسازن يا کهنباٽين جون هيون.
اسان رات هڪڙي نيروٽيءَ جي لانڍيءَ ۾ رهياسين.
هيءَ منزل ارڙهن ميل اتر- اوڀر هئي. ملڪ ويران،
سڌو ۽ وارياسو هو. اسان ٻه کوهيون ڏٺيون، انهن جو
پاڻي چکي ڏٺوسون ته کارو هو ۽ منجهن پاڻي به ٿورو
هو.
23- جنوري:
اڄ چئين بجي اسان ٻيلي ۾ پهتاسين جو اڳينءَ منزل
کان ساڍن ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هو. آسپاس وارو
ملڪ ڪٿي ڪهڙو هو ڪٿي ڪهڙو. ڪٿي گهاٽو جهنگل هو ته
ڪٿي ويران پٽ هئا. اسان کي ٽي- چار ڳوٺ نظر آيا.
انهن جي ڀرسان ڀليون آباديون هيون. اڌ رستي تي هڪ
مقام هو جنهن ۾ ڄامن جا عزيز پوريل آهن. ٻن مقبرن
تي ننڍا پٿر جا قبا اڏيل آهن. پٿر ڀر وارن جبلن
مان آندل آهي. گهڻين قبرن تي اڇين ۽ ڪارين پٿرين
سان قرآن جون آيتون لکيل آهن. انهن جي چوڌاري
پٿرين سان ساڳئي نموني ۾ گلڪاري ٿيل آهي. نقش سادو
آهي پر سهڻو لڳي ٿو.
اسان ٻيلي جي ويجهو آياسين ته معلوم ٿيو ته اهو
موڪل جو ڏينهن هو. ڄام گهوڙي- ڊوڙي ڏسڻ ويو هو،
جنهن جو هنن ماڻهن کي شوق آهي. انهيءَ موقعي تي سڀ
ماڻهو گهوڙن ۽ اٺن تي چڙهي شهر جي آسپاس سواري
ڪندا آهن. اُٺ نهايت تيز رفتار سان ڀڄندا آهن ۽
سوارن کي انهن تي پورو قبضو هوندو آهي. مان ٻڌندو
هوس ته اٺ تکا ڀڄندا آهن، پر اعتبار نه ايندو هوم.
ڄام شام جو موٽيو. اسان سندرجيءَ جي گماشتي کي، جو
اسان سان سونمياڻيءَ ۾ گڏيو هو، موڪليو ته وڃي ڄام
کي اسان جي اچڻ جو اطلاع ڪري ۽ کانئس اجازت وٺي ته
اسان ٻه- ٽي ڏينهن اتي رهون. ڄام اسان جي قاصد کي
چڱيءَ طرح پيش آيو. هن اسان کي رهڻ جي اجازت ڏني ۽
آئينده مدد جو پڻ وعدو ڪيو. اسان کي انديشو هو ته
هو اسان کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو. ڄام جي اها مُروت
ڏسي اسان خوش ٿياسين. گويا اسان جو اڌ مقصد پورو
ٿيو هو.
اسان جو دوست سونمياڻيءَ جو اجاريدار اسان کان الڳ
ٻيلي ۾ پهچي ويو هو. هو ڪا ٻي واٽ وٺي آيو هو. هن
اسان جي رهائش جو انتظام پنهنجي گهر ۾ ڪيو هو. هن
جو گهر تمام پوشيده ۽ سهولت وارو هو. ان کي پناهه
لاءِ ڀت ڏنل هئي ۽ آڳر ۾ دروازو هوس. ان ۾ اندر هڪ
وڏو ورانڊي سان ڪمرو هو ۽ ٻه ننڍيون ڪوٺيون هيون.
اهو سندرجيءَ جي غريب نوڪرن لاءِ ڪافي هو.
23- جنوري:
اڄ شام جو تلسئي اسان کي ٻڌايو ته راڻي سيٺ کي
ڪراچي سنڌ مان هڪ ڊگهو خط پهتو هو، جنهن ۾ کيس
هدايت ڪئي ويئي هئي ته انگريز سرڪار جي هڪ نمائندي
کي سندن مالڪ ڄام جي ملڪ ۾ آڻڻ هڪ غلط ڪم هو. هن
کي صلاح ڏني ويئي هئي ته اسان کي سڀني همراهن سان
گڏي زوريءَ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي بمبئيءَ روانو ڪيو وڇي.
خط جي لکندڙ
جي خيال ۾ جيتوڻيڪ اسان ظاهراً واپار جي ارادي سان
آيا هئاسين، پر اسان جو اصلي مقصد هو ملڪ جو حال
احوال وٺڻ، جو ڪمپنيءَ جي ان متعلق نيت خراب هئي،
اڳئين سال گهڻو خرچ ڪري ساڳئي ارادي سان هڪ سفير
سنڌ ڏانهن موڪليو ويو هو، پر ٽالپرن انگريزن جي
حوصله افزائي ڪانه ڪئي هئي. انهيءَ جي جواب ۾
تلسئي کيس، راڻي سيٺ کي هنڊيون ۽ خط ڏيکاريا جن ۾
ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون کي سندرجيءَ جا گماشتا ڪري
تسليم ڪيو ويو هو. ان تي هو ظاهري ته راضي رهيو،
پر احتياطاً اسان تلسئي کي چيو ته اجاريدار کي
سمجهائي ته سندس خاطوءَ اهو خط ان ڪري لکيو هو جو
کيس ڊپ هو ته متان انگريزن، جن جو اسان جو سيٺ
سندرجي نوڪر هو، جي مدد سان ڪراچيءَ جو واپار
سونمياڻيءَ نه هليو وڃي.
اٽڪل ڏيڍ بجي اسان کي ڄام سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ
گهرايو ويو. هو درٻار ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ ماڻهن سان
ويٺو هو، جن مان گهڻا تماشبين هئا. انهن مان ٿورا
ڪي خدمتگار هئا. هو اسان کي نهايت فضيلت سان پيش
آيو ۽ اچڻ ۽ موڪلائڻ وقت اُٿي بيٺو. گفتگو جي
دوران هن اسان کان ڪيترا عجيب مگر سنوان سڌا
انگريزن جي مزهب، رسمن ۽ ذاتين متعلق سوال پڇيا.
اهو به پڇيائين ته فرينچ لوڪن جون رسمون به اسان
جهڙيون آهن يا نه؟ وڌيڪ چيائين ته مون پنهنجن
ماڻهن کان، جي هندستان گهمي آيا آهن، ٻڌو آهي ته
توهان جو انهيءَ قوم سان ازلي جهيڙو آهي ۽ توهان
جو سمنڊ تي زور آهي. پڇيائين ته توهان کي اڃا
فوقيت آهي يا نه؟ هن اسان کان انگلنڊ جي بادشاهه
جي نالي، هن جي بحري ۽ بري فوجن جي انداز ۽
انتظام، دارالسلطنت جي قسطنطنيه کان مفاصلي ۽
حڪومت جي انتظام متعلق سوال پڇيا.
انهن سوالن جا اسان هن کي معقول جواب ڏنا. اهي
سوال هن اسان کان اهڙيءَ سادگيءَ سان پڇيا هئا، جو
کيس جدا جدا سوالن تي مطمئن ڪرڻ ڏکيو هو. هن کي
ڪيترين ڳالهين تي تعجب لڳو ۽ ٻين هندن کان، جي
اسان سان گڏجي آيا هئا، تصديق گهريائين. هنن چيس
ته هي جيڪي چون ٿا تنهن ۾ مبالغو ڪونه آهي پر هو
مطمئن نه ٿيو ۽ ڪنڌ ڌوڻي چيائين ته توهان چئو ٿا
ته اهڙا جهاز به آهن جي سؤ توبون ۽ هزار ماڻهو کڻي
سگهن ٿا، اهو تقريباً ناممڪن آهي. ايترن توبون
توبخاني ۾ آهن ته اهڙن ٻن جهازن جا ماڻهو منهنجو
سمورو ملڪ وڍي سگهن ٿا. اسان جيڪي کيس ٻڌايو هو سو
بلڪل صحيح هو. اسان اهو به ٻڌايس ته اسان جي بحري
فوج ٽرئفلگر جي لڙائيءَ ۾ ڇا ڪري ڏيکاريو هو. آخر
جواب ڏنائين ته توهان چئو ٿا ته مان قبول ڪيان ٿو،
پر لس جا نومڙيا هن کان ان ڳالهه جي ثابتي گهرن
ها!
پڇاڙيءَ جو پڇيائين ته آخر توهان جو مقصد ۽ مراد
ڇا آهي. اسان چيس ته اسان بمبئيءَ جي واپاريءَ
سندرجيءَ جا گماشتا آهيون ۽ هندستان ۾ وڪري لاءِ
هتان گهوڙا خريد ڪرڻ آيا آهيون. اسان کي قلات پهچڻ
لاءِ توهان جي مدد درڪار آهي. هن هڪدم پنهنجي
ديوان کي حڪم ڏنو ته اسان لاءِ رهبرن ۽ نوڪرن جو
هڪدم بندوبست ڪري. پوءِ اسان ڏانهن منهن ڪري
چيائين ته بهتر ٿيندو ته توهان مون وٽ مهينو يا
ڇهه هفتا رهو، قلات ۾ هن وقت ايتري ٿڌ آهي جو
توهان سڀ سڪي مري ويندؤ. اسان چيس ته اسان ٿڌي ملڪ
جا ويٺل آهيون ۽ ٿڌ تي هريل آهيون. اسان هڪدم جبلن
تي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. چيائين ته برابر، پر انهن
تي ته رحم کائو جيڪي توهان سان گڏجي هلن ٿا. پر
توهان تڪڙا آهيو، تنهنڪري ڀلي تياري ڪريو. مان
توهان کي ڪن سردارن لاءِ خط ڏيندس جن جي ملڪ مان
توهان لنگهندؤ. اڄ مان بزنجن جي قوم جي سردار رحمت
خان ڏانهن خط لکان ٿو، هو توهان کي پنهنجيءَ حد
مان لنگهائيندو، جو اتي ڌاريلن جو ڊپ آهي. ائين
چئي اسان کي رخصت ڏنائين ۽ اسان پنهنجيءَ ملاقات
تي خوش ٿي روانا ٿياسين.
اسان کي ڄام هڪ بيدار ۽ باخبر شخص نظر آيو. هو شڪل
جو ٺاهوڪو هو ۽ فارسي نهايت فصاحت سان پئي
ڳالهايائين. جتي هو اسان کي چڱيءَ طرح نه پئي
سمجهي سگهيو، اتي هندن کان سنڌيءَ ۾ اسان جو مطلب
پئي پڇيائين. هو هڪ ساديءَ اڇي گديءَ تي ويٺل هو،
جنهن تي ڪو هيرو جواهر جڙت ٿيل ڪونه هو. هن کي
ڳاڙهي ڪيمخواب
جو هڪ الخليق پيل هو. مٿي تي کيس هڪ وڏي پڳ هئي،
پر اها ايڏي نه هئي جيڏي سنڌي ٻَڌندا آهن. هن جي
ترار ۽ ڍال اڳيان غاليچي تي رکي هئي. هن جو پٽ ۽
ٻه ڀائر ڀرسان ويٺا هئس. هو سڀ مسڪين ٿي نظر آيا ۽
کين پنهنجيءَ غربت تي لڄ ڪانه پئي آئي، ۽ نه ڪري
ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون. درٻار، جتي ملاقات
ٿي هئي، سو زمين کان ٻه- ٽي فوٽ مٿي هڪ وڏو کليل
ڪمرو هو. ان جي سڌي مٽيءَ جي ڇت ڏنگين اڻگهڙيل
ڪاٺين جي ٿوڻين تي بيٺل هئي. حڪومت جي دٻدٻي يا
انتظام جو ڪو نالو نشان ڪونه هو، نه چوبدار يا
سپاهي هئا. هرڪنهن پنهنجيءَ مرضيءَ تي بنان پڇڻ جي
پئي ڳالهايو، پر ڄام لاءِ سڀني کي عزت ۽ محبت ٿي
نظر آئي.
اسان جي موجودگيءَ ۾ درٻار ۾ هڪڙو عرب هڪ خط کڻي
آيو، جو هنن ملڪن جي رواج مطابق ڀريءَ درٻار ۾
پڙهيو ويو. مسقط جي امام جو ڪو جهاز سونمياڻيءَ جي
ڀرسان ڪناري تي ڀڄي پيو هو ۽ ڪي معمولي شيون هٿ
آيون هيون. امام جو چوڻ هو ته اهي سندس ماڻهن جي
حوالي ڪيون وڃن. اهڙا حڪم ڀريءَ درٻار ۾ ديوان وڏي
آواز سان پڙهي ٻڌايا. مون ڏٺو ته خط، جو فارسيءَ ۾
هو، سو مودبانه لفظن ۾ لکيل هو. ان ۾ امام جي
وڏائي ڪانه ڪيل هئي. ڄام ان ڳالهه تي خاص توجهه
پئي ڏنو. خط پنهنجي منشيءَ کان جدگاليءَ ۾، جا ملڪ
جي ٻولي آهي، ترجمو ڪرائي ٻُڌائين. درٻار مان
موٽندي اسان بزار مان لنگهياسين. بزار سٺي صفا
هئي. گهٽيون سوڙهيون هيون، پر شهر مٿي ٽَڪر تي
ٺهيل آهي، تنهنڪري گهٽيون برسات ۾ به آليون يا
گهميل نه هونديون، ڇاڪاڻ ته منجهن پاڻي نه بيهي
سگهندو هوندو. ٻيلو پورالي نديءَ جي ڏاکڻي ڪپر تي
ٺهيل آهي. شهر جو ٽيون حصو، جو اتر- اولهه طرف
آهي، تنهن کي چڱيرڙي ڪچي ڀت ڏنل آهي، باقي ٻيو
ڀاڱو صفا کليل آهي ۽ ڪا پناهه ڪانه اٿس. ان ۾ ٻن
هزارن کان وڌيڪ گهر آهن. انهن مان اڍائي سؤ يا ٽي
سؤ گهر هندن جا ٿيندا، جن کي ڄام جي انصاف پسند
حڪومت ۾ پناهه ڏيئي همٿايو ويو آهي.
جڏهن اسان پنهنجيءَ جاءِ تي موٽي آياسين ته اتي
ڪيترا ملتان
۽ شڪارپور جا واپاري اسان سان ملڻ آيا. اسان انهن
سان واپار متعلق ڪيتريون ڳالهيون ٻولهيون ڪيون.
اسان هنن کي رواج مطابق سوپاريون ۽ لونگ کارائي
روانو ڪيو. هو اسان جي تجارتي علم ۽ هنر کان چڱا
متاثر ٿيا. منهنجي همراهه ڪئپٽن ڪرسٽيءَ هنن کي هڪ
لنبو چوڙو وعظ ڪري ٻڌايو ته بمبئي ۽ هندستان ۾
ڪهڙين ڪهڙين شين جي ضرورت آهي ۽ هنن اهو تمام غور
۽ اطمينان سان پئي ٻڌو آءٌ سمورو وقت دل ۾ پئي
کِليس. اسان جي هندو دوستن کي به اِها ڳالهه
اعتبار ۾ نه پئي آئي. جڏهن هو واپاري هليا ويا،
تڏهن اسان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي مبارڪ ڏني ته هن
انهيءَ موضوع تي ڳالهايو هو، جنهن کان هو بلڪل
غيرواقف هو. انهيءَ خسيس ڳالهه مان پوءِ اسان کي
وڏو فائدو پهتو. ٻيلي جي واپارين کي خاطري ٿي ته
اسان قابل تاجر آهيون، ايتريقدر جو اسان قسم کڻون
ته اسان کي واپار جي ڪک جي به خبر نه آهي ته هو
اعتبار نه ڪن ها.
24- جنوري:
اڄ صبح جو سوير ڄام جو ديوان اسان وٽ آيو. اسان کي
ڄام جا سلام ڏيئي خوش خيرعافيت معلوم ڪيائين. هن
اسان جي ايتري خوشامد ۽ تعظيم ڪئي جو اسان کي شڪ
پوڻ لڳو ته شايد هن کي خبر آهي ته اسان سچ پچ غير
آهيون. هن جو شڪ لاهڻ لاءِ اسان ساڻس هيٺانهين
ورتي. ديوان موڪلائي ويو، تنهن کان پوءِ جلدئي
اسان ڄام ڏي سوغاتون
موڪليون، جنهن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو.
شام جو وري ڄام جو ڀاءُ ڄام دريا خان اسان سان
ملاقات ڪرڻ آيو. اسان کي وري اچي شڪ پيو ته شايد
هنن کي خبر پئجي ويئي اهي ته اسان ڪير آهيون. هن
اسان سان زوريءَ ويهي ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ٻولهيون
ڪيون. هو شڪل جو سهڻو ۽ عمر ۾ اڌ- وهي آهي. جو
پنهنجن ٻين هموطنين جي مقابلي ۾ فضيلت ۽ سليقي
وارو ماڻهو آهي، پر ڪپڙا تمام سادا پائيندو آهي.
ان ڳالهه تي تعجب ٿيڻ نه کپي. اسان کي پوءِ خبر
پيئي ته هن کي سال ۾ خرچ لاءِ فقط پندرهن سؤ رپيا
ملندا آهن. ڳالهه اها آهي ته هنن ماڻهن جو گذران
تنگ آهي، جو ملڪ جو هڪ مکيه ماڻهو به اهڙي سادگيءَ
سان رهي ٿو. هو لڙائيءَ وقت فوج جو سالار هوندو
آهي. لڙائيءَ جي زماني ۾ هن کي ڄام جي اصطبل مان
ٻه گهوڙا سواريءَ لاءِ ۽ ڪجهه معمولي خرچ ملندو
آهي. هن پڇڻ کان سواءِ اسان کي پنهنجي ڀاءُ جي ملڪ
جي آمدنيءَ ۽ حڪومت جي سرشتي جو احوال ٻڌايو ۽ ان
جي اسان جي حڪومت سان ڀيٽ ڪئي. ڳالهائڻ مان هو عقل
۽ فهم وارو پئي نظر آيو. هو هڪ وڏڪ شڪاري آهي. هو
پنهنجي گهڻو وقت شڪار ۾ گذاريندو آهي. چيائين ته
مان هر سال سياري ۾ ڪيترا دفعا جبل تي شڪار لاءِ
ويندو آهيان ڪيترا ڀيرا ٻن ڏينهن جي شڪار ۾ ويهه
يا ٽيهه پهاڙي ٻڪر ماريا اٿم. انهن جانورن جو شڪار
ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. هو خوفناڪ ۽ ڏکين هنڌن تي
رهندا آهن. انهن جو گوشت نهايت لذيذ ٿيندو آهي.
اهي تمام سياڻا جانور آهن ۽ ويجهو اچڻ نه ڏيندا
آهن. اهوئي سبب هو جو ڄام پنهنجي سورهيائي ڏيکارڻ
لاءِ اسان کي ٻڌايو ته مون هيترا جانور ماريا آهن.
ڄام ۽ هن جي سمورن مائٽن کي شڪار جو شوق آهي،
تنهنڪري هر قسم جي شڪار تي بندش آهي. جبل ۾ ڪيترن
علائقن ۾ رکه رکيل آهي. جيڪڏهن ڪو شينهن، واگهه يا
ٻيو ڪو وڏو جانور ڪٿي به نظر ايندو آهي، پوءِ خواه
اهو ٻيلي کان ڪيترو به پري هجي. ته ڄام کي اطلاع
ڏنو ويندو آهي، جو وڃي هڪدم ان کي ماريندو آهي.
ڄام جي ڀاءُ موڪلائڻ وقت اسان کي چيو ته ڄام کي
اطلاع ڏنو ويندو آهي، جو وڃي هڪدم ان کي ماريندو
آهي. ڄام جي ڀاءُ موڪلائڻ وقت اسان کي چيو ته
جيڪڏهن توهان جي هوندي ڪو اهڙو موقعو مليو ته مان
توهان کي پنهنجن اُٺن تي چاڙهي پاڻ سان وٺي هلندس.
ڄام جي ڀاءُ سان ملاقات ۾ اسان کي ڏاڍو لطف آيو ۽
اسان کي لس جي ماڻهن جي رسمن ۽ رواجن جي خبر پيئي،
جا هونءَ اسان کي ايتري ٿوري عرصي ۾ ٻئي ڪنهن
ذريعي ڪانه پوي ها.
اڄ شام جو ٻيلي ۾ بروهين يعني جبل جي بلوچن جي هڪ
ٽولي آئي. هنن سان ڪڻڪ جي سٺ- ستر اٺن جو گلو هو،
جا هن بنڪر جي ڳوٺ مان آندي هئي. بنڪر قلات جي
رستي تي ٻيلي کان ڇهن- ستن ڏينهن جو پنڌ آهي. اسان
ماڻهو موڪلي سراءِ مان هڪ- ٻه بروهي پڇا لاءِ
گهرايا. چيائون ته جيڪڏهن توهان سان قيمتي قافلو
ساڻ نه آهي ته پوءِ بزنجن جو گهڻو خوف نه رکو. هو
برابر ملڪ لاءِ آزار آهن، پر توهان کين ٿورو ڏن
ڏيندؤ ته پوءِ هو توهان کي هٿ ڪونه لائيندا. هنن
اسان کي صلاح ڏني ته جي اسان کي ڪو وکر ساڻ آهي ته
پوءِ سنڌ جي واٽ وڃون. پر اسان سان ڪو ساٿ ڪونه
هو، تنهنڪري اسان سڌو وڃن جو فيصلو ڪيو.
25- جنوري:
اڄ اسان ٽي- چار اٺ سستي اگهه تي خريد ڪيا ۽ باقي
وقت تياري ڪرڻ ۾ گذاريوسين. ڄام جي ديوان اطلاع
موڪليو ته بزنجن جو سردار اڄ ايندو، تنهنڪري توهان
ٻيلي مان هلڻ لاءِ هڪدم تيار رهو. اسان اها ڳالهه
خوشيءَ سان قبول ڪئي. شام جو ڄام اسان جي گهر جي
ڀرسان لنگهندي پڇا ڪئي ته ڪيئن آهيو؟ هو هڪ شاندار
اترادي گهوڙي تي سوار هو، جنهن تي ڀريل جهُل پيل
هئي. هن سان گڏ ويهه- ٽيهه ماڻهو اٺن ۽ گهوڙن تي
هئا. هن جو پُٽ به سواريءَ ۾ شامل هو. هو هڪ
عاليشان اٺ تي چڙهيل هو، ۽ نهايت هوشياريءَ سان اٺ
کي مهارن کان وٺي پئي هلايائين. مهارون ريشمي ڌاڳي
جون هيون، جي اُٺ جي ناسن ۾ ٽُنگ ڪري انهن مان
ڪڍندا آهن. شتر سوار ٻه- ٻه گڏجي ٿي هليا.
گهوڙيسوار پاسن کان هئا. سوارن کي تلوارون، ڍالون
۽ تفنگون ساڻ هيون.
26- جنوري:
اڄ شام جو ڄام تلسئي هندوءَ کي گهرائي هيڏانهن
هوڏانهن جون ڳالهيون ٻوليون ڪري چيائينس ته مون کي
توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي، جا مون هن وقت تائين
بلڪل مخفي رکي آهي ۽ پنهنجي پُٽ سان به ڪانه ڪئي
اٿم. مان نٿو ڀانئيان ته هي ٻه انگريز ڪي واپاري
آهن. هنن جي مُراد ۽ مقصد ڇا آهي، تنهن سان منهنجو
واسطو ڪونه آهي. پر جي عملدار آهن ته مون کي سندن
ملاقات وقت تعظيم ڪرڻ کپندي هئي. تنهنڪري تون
مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته هو سچ پچ ڪير آهن.
تون خاطري ڪر ته جيڪڏهن هو انگريز سرڪار جا ماڻهو
آهن ته مان خوشيءَ سان سندس خدمت ڪندس. هندو چالاڪ
هو ۽ ڄام جو مطلب سَهي ڪري ويو، تنهنڪري هو ان
ڳالهه تي اڏول ٿي بيٺو ته اسان سندرجيءَ جا گماشتا
آهيون.ڄام کانئس پڇيو ته هنن کي پگهار ڪيترو ملندو
آهي ۽ هو مون کي بمبئي مان ننڍيون بندوقون گهرائي
ڏيئي سگهندا يا نه. تلسئي چيس ته مان توهان جو حڪم
وٽن پهچائيندس. اسان جواب موڪليس ته اسان وعدو ته
نٿا ڪريون، پر هندستان موٽڻ بعد کيس بندوقن موڪلڻ
جي ڪوشش ڪنداسين.
شام جو ديوان ٽي- چار خط کڻي آيو، جي قلات جي ڏکڻ
۾ رستي جي سردار رهن ٿا، تن ڏانهن لکيل هئا. اهي
اسان کي پڙهي ٻڌايا ويا. رات جو راڻو سيٺ
سونمياڻيءَ موٽي ويو. موڪلائڻ وقت اسان کيس هڪ ڇيٽ
جو ٽڪر، دوربيني ۽ ٻيون ڪي معمولي شيون تحفو ڪري
ڏنيون. هو اسان سان تمام فضيلت سان هليو هو ۽ اسان
خوشيءَ سان کيس معقول عيوضو ڏيون ها پر اسان
گماشتا هئاسين، تنهنڪري اهو ممڪن نه هو. هو ويو
تنهن کان اڳ اسان کي خاطري ٿي ته هن کي اسان ۾
ڪوبه شڪ نه آهي. تلسئي ڄاڻي واڻي کيس چيو ته تو
قلات جي رستي تي بنڪر جي شهر ڏانهن گهوڙن خريد ڪرڻ
لاءِ ماڻهو موڪليو آهي. هن سمجهيو ته اسان ان
ڳالهه تي غصو ڪنداسين، تنهنڪري چيائين ته ها مون
برابر ماڻهو موڪليو آهي، پر مون کي اُچو گهوڙو نه
کپي ۽ بهرحال منهنجو ماڻهو بنڪر کان پرتي نه
ويندو. اسان کي پوءِ ٻڌي ڏک ٿيو ته هن اسان کي خوش
ڪرڻ لاءِ پنهنجو ماڻهو واپس گهرائي ورتو.
فصل (2)
20- جنوري:
اسان ٽين بجي شام تائين ترسياسين، پر بزنجن جي
سردار رحمت خان جو پتو ڪونه پيو، تنهنڪري اسان
ٻيلي مان روانا ٿياسين ۽ ساڍا چار ميل پنڌ ڪري ڄام
جي هڪڙي باغ ۾ پهتاسيند. رات باغ ۾ هڪڙي شاهي
گدامڙيءَ جي وڻ هيٺ رهياسين. اسان سان ڇهه نوڪر
هئا ۽ اسان سڀ اُٺن تي سوار هئاسين. ڪئپٽن ڪرسٽيءَ
۽ مون کي اڃا اُٺ هلائڻ ڏانوَ نه پئي آيا، تنهنڪري
اسان اڳيان اُٺ ڪاهڻ لاءِ پاڻ سان سوار ٿي کنيو.
ملڪ جو هي حصو آباد آهي ۽ ان ۾ گهڻيون نهرون آهن.
ٻيلي ۽ باغ جي وچ تي ڪمند جي هڪ وڏي پوک آهي. ڪمند
کي پيڙي رس ڪڍڻ لاءِ جو گهاڻو آهي، سو پاڻيءَ تي
هلي ٿو ۽ ڏاڍو سولو ٺهيل آهي. نار ٻن سراين کي
ڦيرائي ٿو. ڪمند جا پن ڪپي انهن سراين جي وچ ۾
ڇڙيون وجهبيون آهن. سرايون ڇڙين کي ڇڪي وٺنديون
آهن ۽ انهن مان رس نڪرندو آهي. توتڙ ٻئي پاسي کان
نڪرندا ويندا آهن ۽ رس هيٺ هڪ ٿانوَ ۾ گڏ ٿيندو
ويندو آهي. پوءِ رس ٽامي جي تَين ۾ ڪاڙهي ان مان
ڳُڙ ٺاهيندا آهن. ڳڙ پيش جي ٽوڪرين ۾ بند ڪري سمنڊ
رستي ٻاهرين ملڪن ڏي موڪليو ويندو آهي. ڳڙ اُٺن کي
به کارايو ويندو اهي ۽ ڏيهي ماڻهو اهو رڌڻ- پچائڻ
۾ ڪم آڻيندا آهن. تين ۾ جو اکر بچندو آهي، سو ڀاڻ
ڪري ڪم آڻيندا آهن.
29- جنوري:
اڄ صبح جو اسان اُٺن جا ٻورا ٿي ڀريا ته رحمت خان
به پندرهن- ويهن ماڻهن سان اچي باغ ۾ نڪتو. چيائين
ته توهان جي سلامتيءَ لاءِ مان جوابدار آهيان،
تنهنڪري توهان کي اڪيو وڃڻ ڪونه ڏيندس. وري هو ڄام
سان ڳالهائڻ کان سواءِ اسان سان هلڻ لاءِ به تيار
نه هو، تنهنڪري لاچار اُٺن تان ٽپڙ لاهي سردار سان
ٻيلي موٽڻو پيو، جتي اسين يارهين بجي اچي پهتاسين.
رستي تي اسان پنهنجي نئين دوست سان ڳالهائيندا
هلياسين. هو بلوچ قوم جي ٻين ماڻهن وانگر جهڙو هو
مهمان نواز تهڙو هو خونخوار رهزن. اسان کي بار بار
ڏارهيءَ جو قسم کڻي چوي ته جيڪڏهين توهان منهنجي
اجازت کان سواءِ منهنجيءَ حد مان لنگهڻ جي ڪوشش
ڪريو ها ته سبڀنيءَ کي فنا ڪري ڇڏيان ها. ان کان
پوءِ وري هڪدم نهايت فراخدليءَ ۽ سچائيءَ سان
چيائين ته توهان هڪ هفتو منهنجي ڳوٺ ۾ رهيو. اها
دعوت، جيڪڏهن اسان جون حالتون موافق هجن ها ته
اسان وڏي خوشيءَ سان قبول ڪريون ها. اسان چيس ته
اسان جو اڳتي وڃڻ جو ارادو هو ۽ اسان سمجهيو هو ته
اسان چپ چپاتيءَ ۾ سلامتيءَ سان هليا وينداسين. هو
اسان جي انهيءَ جهالت تي اچي کِل ۾ پيو. پوءِ اسان
کي خاطري ٿي ته اسان صحيح هئاسين، پر ڄام هن
وحشيءَ کي گهرائي هڪ حماقت ڪئي هئي، جيتوڻيڪ هن جي
نيت صاف هئي. سردار چيو ته توهان کي اهڙي ڳالهه
خيال ۾ ڪيئن آئي؟ توهان سمجهو ٿا ته هت به لس جا
نومڙيا ٿا رهن؟ نه، توهان بلوچ ٿيو ۽ مون کان مدد
گهرو. رحمت خان جي ملڪ مان هڪ سهو به سندس اجازت
کان سواءِ نٿو لنگهي سگهي. پر جيڪڏهن هڪ دفعو هو
اجازت ڏئي ته توهان جو وار به ونگو نه ٿيندو، وڌيڪ
خدا ۽ هن جي رسول جي هٿ ۾ آهي. اسان چيس ته اسان
کي تنهنجي وعدي تي پورو يقين آهي ۽ اسان کي خاطري
آهي ته توکي اسان کي پناهه ۽ مدد ڏيڻ جي طاقت ۽
وسيلو آهي.
ڏينهن جو اسان ڄام سان گڏياسين. هن رحمت خان کي
ٻڌايو ته اسان جو ارادو ڇا هو ۽ کيس چيائين ته مون
کي تنهنجي لاءِ هنن وٽان سٺ رپيا مليا آهن. تون
هنن کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ ڏئي ۽ سلامتيءَ سان
پار پهچائين. بزنجي سواءِ لڪ لڪاءِ جي چيو ته هو
سنَدرجيءَ جهڙي وڏي واپاريءَ جا گماشتا آهن،
تنهنڪري هنن کي وڌيڪ پئسا ڏيڻ کپن. ڄام چيس ته مون
جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو ٻنهي لاءِ فائدي وارو
آهي. اسان کي چيائين ته توهين درٻار مان وڃو ته
مان فيصلو ڪندس. ساڳئي وقت چيائين ته توهان رات
ٻيلي ۾ منهنجا مهمان ٿي رهيو. اسان کي لاچار اها
دعوت قبول ڪرڻي پيئي. پوءِ اسان هليا وياسين. ڄام
جي بزنجن جي سردار سان اسان جي روبرو وڌيڪ ڳالهين
ڪرڻ جي مرضي نه هئي، شايد ان ڪري جو سردار ۽ هن جي
ماڻهن تمام گهڻي بڪ شڪ ٿي ڪئي ۽ اجايا سجايا
مطالبا ٿي ڪيائون. تنهن کان پوءِ اسان جلدئي
پنهنجي اڳينءَ جاءِ تي وياسين. ڄام جي نوڪرن اسان
کي هڪ دنبو، چار ڪڪڙيون، چانور، گيهه ۽ ڀاڄي آڻي
ڏني، جا ٽيهن ماڻهن جي کاڌي لاءِ ڪافي هئي. شام جو
رحمت خان نياپو موڪليو ته صبح جو تيار رهو، مان
توهان کي خضدار وٺي هلندس جو قلات جي اڌ پنڌ تي هڪ
ڳوٺ آهي.
30- جنوري:
ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مان ساجهر ئي ڄام جي باغ ڏانهن
پنهنجي سامان تي موٽي آياسين. پر رحمت خان ۽ هن جي
ماڻهن کي ٻيلي ۾، جنهن کي هن شهر ٿي سڏيو، ايترو
ڪم هو جو شام جو مس آيا. اسان ان وقت اُٺن تي سوار
ٿي نڪتاسين. چار ميل اتر- اوڀر طرف اڪثر پورالي
نديءَ جي پيٽ مان پنڌ ڪيوسين. هن هنڌ پورالي ندي
جبلن جي وچ ۾ سموري ايراضي والاري ٿي. چون ٿا ته
برسات ۾ ان جو پيٽ ڪيترن ئي ميلن ۾ هوندو آهي.
شام جو ڄام جي باغ ۾ اسان کي رحمت خان جي ماڻهن
کان معلوم ٿيو ته ساڻن بهادر خان نالي بزنجن جو هڪ
ننڍڙو سردار ۽ اڳئين سردار جو ڀاءُ، جنهن کي ملان
ٿي سڏيائون، سو به هو. ملان جي هونءَ ته معنيٰ آهي
پادري، پر بلوچن ۽ ٻين ايشيا جي قومن ۾ ملان ان کي
چوندا آهن جو قرآن شريف پڙهي سگهي.سردارن ۽ سندن
ماڻهن کي هڪجهڙي پوشاڪ پيل هئي. هڪ ڍلي سوٽي قميص
گوڏن تائين، نيري رنگ جي يا ليڪن واري سٿڻ ۽ هڪ
ننڍي گول سوڙهي ٽوپي، تفاوت فقط گهوڙن ۽ انهن جي
سنجن ۾ هون. رحمت خان جڏهن ڄام سان ملڻ آيو هو
تڏهن کيس چيلهه سان هڪ لونگي ٻڌل هئي. لونگي هڪ
اهڙي شئي آهي جنهن جي پائڻ جي حيثيت ملازمن جي وت
کان ٻاهر آهي. اسان نديءَ جي پيٽ ۾ هڪ دڙي تي
ترسياسين. بلوچن ڪاٺين جو هڪ وڏو ڍڳ ڪري هڪدم باهه
ٻاري. اسان رات جو ڳچ وقت باهه جي چوڌاري ويٺا
رهياسين. ٽي- چار سوڪريا، جي بزنجن سان گڏ آيا
هئا، تن ويهي پنهنجن سردارن جي ڪارنامن جا گيت
ڳايا. ڳائڻ وقت هنن هٿن سان اجايا ۽ بي معنيٰ
اشارا ڪري راڳ سان سُر پئي ملايو. ڪي گيت ۽ راڳ
مٺا ۽ سُريلا هئا، پر ماڻهن گهڻو ۽ اجايو ڳائيندڙن
سان سُر ملائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي.
هي منظر بزنجن ۽ ٻين بلوچ قومن جي وحشي زندگيءَ تي
چڱي روشني وجهي ٿو. ان مجلس ۾ سردارن جو ڪوبه
امتياز يا عزت ڪانه هئي. وقت بوقت سردار ۽ ملازم
سوڪرين کان ستارون کسي جوش جي غلبي ۾ پنهنجا قومي
سُر ڳائن پيا؛ پوءِ هو وٺيو نچن ۽ ٽپن، تان جو وجد
۾ اچيو وڃن. پوءِ ته غل مچيو وڃي. ماڻهو ويٺا
تاڙيون وڄائين ۽ سُر آلاپين، تان جو سڀ ساڻا ٿي
ڪِري پون. وري ٻيا ستار کڻي راڳ شروع ڪن، تان جو
ستارون سڀني وٽان ڦري وري ساڳيءَ جاءِ تي اچن.
31- جنوري:
اڄ صبح جو پرهه ڦٽيءَ مهل رحمت خان ۽ هن جي ماڻهن
ٻه ميل پري هڪ پوک مان وڃي ڪمند جا گَڏا پئي آندا.
ويچارو مالڪ هٿ مهٽيندو ڏسندو رهيو، ايتري همت
ڪانه ٿيس جو کڻي ڪا دانهن ڪوڪ ڪري. هي واقعو
ڏيکاري ٿو ته لس ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ڪيترو نه
تعاون آهي، جيتوڻيڪ هڪ هڪٻئي جي ويجهو رهن ٿا ۽
هڪٻئي سان روزانو واهپو اٿن!
اسان جي ٻي منزل لس جي پرڳڻي ۾ پوئين منزل هئي،
تنهنڪري مان هت لس جي ماڻهن متعلق پنهنجو رايو
ڏيندس. پڇا ڳاڇا تي مون کي معلوم ٿيو ته لس جي
آبادي اٽڪل پنجويهه هزار ٿيندي، جنهن جو تقريباً
ٽيون حصو خانه بدوش آهن، جي سهولت مطابق پنهنجي
رهڻ جون جايون بدلائيندا آهن. هو سڀ هڪ ئي قوم جا
آهن، جيتوڻيڪ چئن مختلف نالن سان سڏبا آهن، جهڙوڪ:
نومڙيا، جدگال، جوکيا ۽ جت، جنهن جي لفظي معنيٰ
آهي ڪڙمي. هي ماڻهو تمام سست طبيعت آهن. هو ڀنگ ۽
ٻيون نشيدار شيون پيئندا، ڇڪيندا، ۽ پنهنجو وقت
اجاين مشغلن ۾ وڃائيندا آهن. هو ڌارين ماڻهن سان
فضيلت سان پيش ايندا آهن، پر هنن جي فضيلت نمايان
نه هوندي آهي. هو اهڙا ته راز جو طبع جا آهن جو
خانگي ڪمرن ۾ نوس نوس ڪندا لنگهي ايندا اهن، ۽ بدن
تي هٿ لائي ڪپڙا ڇُهندا ۽ ڏسندا آهن. هنن جي ٻي
خصوصيت هيءَ آهي ته هو ورلي ڪو سوال پڇندا آهن.
مون ٻيلي ۾ ڏٺو ته نومڙيا بنان ڪوٺ جي منهنجي گهر
۾ هليا ايندا هئا، جي انبوهه ماڻهن جا ويٺا هوندا
هئا. هو به ڪلاڪ کن ويهي سواءِ منهن کولڻ جي هليا
ويندا هئا. هو به ڪلاڪ کن ويهي سواءِ منهن کولڻ جي
هليا ويندا هئا. مرد شڪل جا ٺاهوڪا، قد جا وچولا،
مضبوط ۽ جانٺا آهن. زالو رواجي شڪل جون آهن، ۽
پنهنجي بدن يا پوشاڪ جي صفائيءَ تي خيال ڪونه ڏين.
مرد ڍلو پهران“ سٿڻ ۽ هڪ ننڍي ٽوپي پائيندا آهن.
ٽوبين مان سڃاڻي سگهبو آهي ته ڪهڙي ضلعي جا ويٺل
آهن. زالو ساڳيا ڪپڙا پائينديون آهن، پر هنن جا
گهگها ڊگها مُرين تائين هوندا آهن. ڪي گهگهن هيڄان
ريشمي يا سوٽي چوليون پائينديون آهن. عام ماڻهن جي
غذا چانور ۽ ٻين قسمن جو ان، جو هو گهڻي انداز ۾
پوکيندا آهن، ۽ مڇي گيهه آهي. اوچي طبقي جا هندو
خواهه مسلمان بعضي گوشت به واپرائيندا آهن، جو
غريبن جي طاقت کان ٻاهر هوندو آهي. هنن وٽ رڍن ۽
ٻڪرين جا وڏا وڻ ڌڻ هوندا آهن، تنهن کان سواءِ ڀلا
اُٺ، ڍڳيون ۽ مينهون پڻ. هنن وٽ گهوڙن جي ڪمي آهي،
جي گهوڙا هوندن به ته ننڍي قد جا ۽ گهگير. لس جي
ٻولي لڳ ڀڳ سنڌ جي ٻوليءَ جهڙي آهي، اها جدگالي يا
جيٺ گلي سڏبي آهي. ظاهر آهي ته ٻولي قوم جي نالي
پٺيان سڏجي ٿي. مان هاڻي نومڙين جو هي مختصر احوال
ختم ڪري، فقط ايترو وڌيڪ چوندس ته اسان ٻنهي ڪئپٽن
ڪرسٽيءَ ۽ مون کي هنن جي شڪل شبيهه ۽ عادتون هندن
جهڙيون نظر آيون. هنن ماڻهن جي چهري ۾ هڪ قسم جي
سُستي ۽ آرس نظر اچن ٿا، جي مون مسلمانن جي ڪنهن
ملڪ ۾ ڪونه ڏٺا آهن. هو ان ڳالهه ۾ پنهنجن سنڌ،
مڪران ۽ بلوچستان جي پاڙيسرين کان نرالا آهن.
خير، هاڻي مان وري پنهنجي مقصد تي اچان ٿو. بلوچن
ناشتو کائي پورو ڪيو ته اسان اڳتي وڌڻ جو ارادو
ڪيو، پر بهادرخان ۽ رحمت خان جو ڀاءُ ملان پڙ ڪڍي
بيٺا، چون ته اسان محبت ڪئي آهي ۽ توهان کي وٺي
آيا آهيون، اسان کي به ڪجهه عيوضو ڏيو. اسان چين
ته ڄام، رحمت خان سان بزنجن جي سردار جي حيثيت ۾
فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان وڌيڪ عيوضو گهرندؤ
ته اسان ٻيلي موٽي، مڪران جي گاديءَ ڪيچ جي واٽ
وٺي قلات وينداسين. انهيءَ دڙڪي کين خاموش ڪري
ڇڏيو. تنهن کان پوءِ هو اچي پاڻ ۾ اٽڪيا ته رحمت
خان جي سٺ رپيا ورتا هئا، انهن مان کين ڪيترو حصو
ملي. تنهن کان پوءِ اسان روانا ٿياسين، ۽ سورهن
ميل سڌو اتر ٽڪرين تان پورالي نديءَ جي پيٽ مان يا
ڪناري سان پنڌ ڪيوسين. ملڪ ويران ۽ غيرآباد هو.
رستو سڄو پٿرن سان ڀريل هو. نديءَ جي پيٽ ۾ گُز ۽
ٻٻر جي وڻن جو گهاٽو جهنگ هو. رستي ۾ اسان رحمت
خان جي ٽوليءَ کان جدا ٿي وياسين. ٽين بجي اسان هن
لاءِ ترسي بيٺاسين. ساڳئي وقت اُٺ، جي اسان ٻيلي ۾
ڀاڙي ڪيا هئا، تن جي مالڪ چيو ته منهنجو ڳوٺ ٽي
ميل پري جبل ۾ آهي، مان اتان ٿي صبح جو ڪيئن به
ڪري موٽي ايندس. پوءِ معلوم ٿيو ته هن کي موٽڻ جو
ارادو ڪونه هو. اسان جا سامان وارا اُٺ اڄ تمام
آهستي پئي هليا، تنهن کان سواءِ اسان خيال ڪيو ته
رحمت خان سان گهڻائي ماڻهو ساڻ هوندا، جنهن ڪري
اسان رستو چڱيءَ طرح جاچي ان جا پار پتا لکي نه
سگهنداسين، تنهنڪري اسان فيصلو ڪيو ته هن کي ساڻ
ڪري هڪدم مهري اٺن تي قلات روانا ٿي وڃون ۽ سامان
هن هندستاني نوڪر ۽ ڪن بلوچن جي حوالي ڪيون.
1-
فيبروري:
اڄ صبح جو اٺين بجي اسان ڪناجيءَ مان، جتي ترسيا
هئاسين، نڪتاسين. چوڏهين ميل پنڌ ڪري اسان باران
لڪ جي تري وٽ پهتاسين. لڪ تان پنڌ ڪيوسين. لڪ جو
چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ لڳو. چوٽيءَ تي
اٽڪل سؤ والن ۾ رستو تمام سوڙهو آهي، ڄڻ ته ٽَڪر
مان ٽُڪي ٺاهيو اٿن. لڪ جي اوچائيءَ تان سمورو
آسپاس وارو علائقو چڱيءَ طرح نظر پئي آيو. چوڌاري
ويران جبلن تي جبل هئا، جن ۾ ڪي بروهي ريڍارن جون
ننڍيون ننڍيون خيليون يا قبيلا رهن ٿا. مطلب ته هڪ
عاليشان نظارو هو. چوڌاري خاموشي لڳي پئي هئي. هر
طرف اٿاهه ۽ گونا گون جبلن جون فلڪ بوس چوٽيون هڪ
ڀيانڪ سمنڊ جي لهرين وانگر هڪٻئي جي مٿان سٿيون
پيون هيون: هر شيءَ مان قدرت جي عظمت ۽ هيبت پئي
ظاهر ٿي. لڪ جي چوٽيءَ کان هيٺ لهڻ جو رستو بلڪل
ڪونه هو. اسان ٻه- چار ميل پٿرن تان پنڌ ڪيو، پوءِ
اُٺن کي ساهي ڏيڻ لاءِ اورناڪ جي نئي ۾ لهي
پياسين. نئي جي تري ۾ ٿڌو ٿڌو ۽ تازو پاڻي پئي
وهيو. هڪڙو بروهي ڌنار، جنهن رڍن ۽ ٻڪرين جو هڪ
وڏو ڌڻ پئي چاريو، سو به اتفاق سان اچي اسان سان
شامل ٿيو. اسان هن کان ڪجهه کير ۽ هڪ رڍ رپئي ۾
خريد ڪئي. ان کان پوءِ پنج ميل پنڌ ڪري وڃي تور
قبر نالي هڪڙيءَ جاءِ تي پهتاسين. اها رات به
اڳئين رات وانگر گذري، مگر اڄ رات اسان پڪل گوشت
جو مزو ورتو. اُٺن وارن نهايت صفائيءَ سان رڍ
ڪُهي، ٽُڪر ٽُڪر ڪري بندوقن جي گزن تي تمام لذيذ
ڪباب پچايو. هن جاءِ تي تور قبر
نالو هن ڪري پيو آهي جو اتي تور نالي هڪ مشهور
ديويءَ جي هڪ دڙي تي قبر آهي. ديويءَ جون نهايت
عجيب غريب ڳالهيون مشهور آهن.
3- فيبروري:
اڄ اسان ستين بجي صبح جو تورقبر ڇڏيسين ۽ سڄي
ڏينهن ڏينهن ۾ چوويهه ميل پنڌ ڪيوسين. اسان جو
رستو ٻن پٽن يا وادين مان هو، جي ٻارهن- چوڏهن
ميلن کان وڌيڪ ڊيگهه ويڪر ۾ نه هيون. انهن ۾ ڪن
رولو ڪوهستانين تازو آبادي ڪئي هئي. هاڻي، انهن ۾
ڪک ڪانا ۽ جهنگ هو. ٻنهيءَ مان وڏي پٽ جو نالو وڍ
آهي. رستي کان ڇهه ميل پري اوڀر طرف جبلن ۾ ساڳئي
نالي جو هڪڙو ڳوٺ آهي. شڪ ناهي ته پٽ تي اهو نالو
ڳوٺ جي نالي تان پيو هجي. اسان کي ڄام، وڍ جي
سردار ولي محمد خان ڏانهن تعارفي خط ڏنو هو. هو
بروهين جي مينگل قوم جو وڏو آهي، جي بلوچستان ۾
وڏي تعداد ۾ آهن. اسان کي ٻيلي ۾ معلوم ٿيو هو ته
هو ڪاڏي ٻاهر ويل هو، تنهنڪري اسان هن جي ڳوٺ
ڏانهن لڙي وڃڻ مناسب نه سمجهيو. خط اسان هڪڙي قاصد
هٿان سندس ديوان ڏي موڪليو ته پنهنجي مالڪ کي
پهچائي. مون ٻڌو ته وڍ جو ڳوٺ تمام ننڍڙو ۽ غليظ
آهي. سردار واديءَ ۾ هڪ نئين ڳوٺ قائم ڪرڻ جي ڪوشس
ڪئي آهي، پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. عام ماڻهن
کي وهم ويٺل آهي ته اهو ڳوٺ ڪِن خاص وقتن تي ڳؤرو
هوندو آهي. اسان سان جيڪي ماڻهو ساڻ هئا، تن چيو
ته ڪيترن هندن ۽ ٻين ماڻهن، جن انهيءَ ڳوٺ کي
وسائي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سي هڪ سال اندر مري
کپي ويا آهن!
|