سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :22

فصل (12)

ان کان اڳ ۾ آءٌ پنهنجي سفرنامي ۾ وفد جي آخري طرح بمبئي واپس پهچڻ تائين ڪارروائيءَ جي بيان کي اڳتي وڌايان، آءٌ هتي ڪئپٽن ڪئڪسويل ۽ پنهنجي طرفان سنڌو نديءَ ۽ ان جي وجهڙائيءَ وارن ضلعن جي مشاهدي ۽ ٻين[1] ذريعن کان حاصل ڪيل معلومات متعلق ڪجهه تفصيل ددرج ڪرڻ چاهيان ٿو. انهيءَ مشهور ۽ معروف درياهه لاءِ ڪنهن وقت ائين سمجهيو ويندو هو ته اهو سندس نڪرڻ واري هنڌ کان وٺي سمنڊ ۾ دخل ٿيڻ تائين سڌو سنئون ڏکڻ طرف وهي ٿو. پر ايشيا کنڊ جي جاگرافيءَ بابت گذريل ڪجهه سالن جي دوران جيڪي ڪامياب تحقيقات ڪيون ويون آهن، تن انهيءَ غلطيءَ جو ازالو ڪيو آهي ۽ هندستان جي اتر ـــ الهندي سرحد تي اها روشني وڌي آهي، جنهن بابت سانئس جي انتهائي سنجيده بانين مشڪل سان ئي اندازو لڳايو هوندو. انهن محققن طرفان اسان کي اهو يقين ڏياريو ويو آهي ته سنڌوندي اتر ويڪرائي ڦاڪ جي پنجٽيهين ۽ ڇٽيهين ڊگرين جي درميان نڪري ٿي، جتان کان اها الهندي طرف ڇهن يا ستن ڊگرين تائين ڏکڻ ۾ وهي، ڪشمير ۽ ننڍي ٿٻيٽ کي جدا ڪندڙ برف سن ڍڪيل جبلن جي وچان پنهنجي لاءِ رستو ڪاٽي وڃي ٿي. ان کان پوءِ اها اُڀرندي ڊگهائي پاڪ جي ٻاهرين ڊگريءَ وٽ پهچي اوچتو وڌيڪ ڏاکڻين رخ ۾ وهڻ لڳي ٿي، جو ان کي ڪاشغر جي جبلن وچان وڌيڪ الهندي رخ ۾ رستو نٿو ملي سگهي، جتان کان پوءِ اها ڏکڻ ــ اولهه جي درميان پنهنجو وهڪرو بدلائيندي رهي ٿي، تان جو اها اَٽڪ قلعي تائين، اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 33055 ۾ پهڍي ٿي. انهيءَ هنڌ کان اتر واري طرف اها ندي ”ابوسين“ يعني درياهه بابو جي نالي سان مشهور آهي، ۽ اٽڪ وٽ ان کي عام طرح ”رودِ اٽڪ“ يعني اٽڪ وارو درياهه، جي نالي سان سڏبو آهي، ۽ ان تي اهو نالو تيستائين قائم رهي ٿو، جيستائين اها پنجند ياپنجن درياهن سان وڃي گڏجي ٿي، جن جو پاڻي[2] پنجاب جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو. اتي پهچڻ بعد، ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو درياهه سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح اتان کان وٺي ان تي خصوصاً درياهِ سنڌ جو نالو ئي رهي ٿو، جنهن جي معنيٰ اسان کي ”سنڌ جو درياهه“ ئي سمجهڻ گهرجي، حالانڪ در حقيقت ان جو مطلب آهي سنڌ جو سمنڊ. اهي لفظ استعاري طور استعمال ٿيل آهن، جن جو مقصد انهيءَ درياهه جي وسعت ظاهر ڪرڻ آهي.

مون کي ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ هنڌ کان وٺي، جتي سنڌونديءَ ۾ پنجند جي موڪلڻ ڪري پاڻيءَ جي ايڏي زبردست مقدار جو اضافو ٿئي ٿو، اُتان اها ڏکڻ ڏکڻ ـــ اولهه واري رخ ۾ بنان ڪنهن ورڪڙ جي، هڪ سؤ سٺ ميلن جي مفاصلي ۾ سڌي وهي ٿي ۽ انهيءَ وهڪري جي دوران ۾ اها سکر، روهڙي ۽ بکر جي شهرن وٽان اچي نڪري ٿي، جن مان پوئين نالي وارو شهر درياهه جي ٻن شاخن جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي. انهن شهرن کان سترهن ميل ڏکڻ ۾ ان مان هڪ شاخ نڪري الهندي طرف وڃي ٿي ۽ اها وڪڙ کائي، پنهنجي منهن کان اٽڪل پنجاهه ميل هيٺڀرو سيوهڻ جي شهر وٽ اصلي درياهه سان وري وڃي گڏجي ٿي. اها شاخ قمبر ندي ۽ لاڙڪاڻو نديءَ جي ٻن مختلف نالن سان سڏجي ٿي. ان تي پويون نالو انڪري پيو آهي، جو اها ساڳئي نالي واري شهر جي پاسي کان گذري ٿي، ۽ هڪ هنڌ تي اها ڦهلجي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ٿي، جتي ان جو ڦهلاءُ ڏهه يا ٻارهن ميل آهي ۽ اها براهوئڪ جبلن جي بلڪل دامن وٽ واقع آهي، ۽ ان جا ڪنارا اهڙي گهاٽي جهنگ ۽ ڪانن سان ڍڪيل آهن، جو انهن مان گذرڻ مشڪل آهي ۽ انهيءَ جهنگ ۾ شينهن ۽ ٻين وحشي جانورن جو آماجگاهه آهي. چانڊوڪيءَ جو ضلعو، جيڪو درياهه جي انهيءَ شاخ جي اندر آهي، اميرن جي سڀني علائقن کان وڌيڪ سائو ۽ آباد آهي، جتان کين[3] اَٺن لکن رپين جي سالياني آمدني حاصل ٿئي ٿي، پر اها آمدني انهيءَ رقم جي اڌ جيتري به ڪانهي، جيڪا پنجٽيهه سال اڳي ان سان ملندي هئي. اڀرندي طرف بکر ۽ سيوهڻ جي وچ وٽ، سنڌونديءَ ۾ هڪ مددگار ندي اچي ملي ٿي، جنهن کي خيرپور شهر جي پاسي مان وهڻ ڪري خيرپور ندي نالو ڏنل آهي، ۽ مينهوڳيءَ واري موسم ۾ هلڪي قسم جون ٻيڙيون سامان کڻي انهيءَ هنڌ تائين وڃي سگهنديون آهن، مون کي معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ نديءَ جو اصلي نالو ”دورلي“ (Doorlee) ٿيو آهي، پر منهنجو خيال آهي ته ان تي انهيءَ نالي پوڻ جو سبب، مذڪوره نديءَ جي مُنڍ جو ”ديورلي“ (Durelee) ضلعي ۾ هئڻ آهي، جتي ان سان ٻه ٻيون ننڍيون نديون اچي ملن ٿيون، جن منجهان هڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ڏکڻ طرف وارياسي ريگستان جي ڪناري سان وهي آخرڪار وڃي سمنڊ ۾ ڇُڙي ٿي، پر ان جو اصلوڪو پيٽ هاڻي واريءَ ۾ گم ٿي چڪو آهي، ۽ خيرپورنديءَ جي حشر پڻ تيزيءَ سان ساڳيو ٿي رهيو آهي.

درياهه جي هڪ ٻي شاخ، جيڪڏهن ان کي شاخ جي نالي سان سڏي سگهجي، سيوهڻ واري قلعي جي عين سامهون آهي، جتي درياهه هڪ ننڍڙو ٻيٽ ٺاهي ٿو، جيڪو خشڪ موسم ۾ بهترين قسم جي چراگاهه جو ڪم ڏئيٿو، پر جڏهن درياهه ۾ پاڻي چڙهي ٿو، تڏهن اهو گم ٿيو وڃي. انهيءَ شاخ منجهان ڪي ٻيون ننڍڙيون شاخون پڻ ڦُٽي نڪرن ٿيون جيڪي انهيءَ موسم ۾، جڏهن وڏي درياهه ۾ ڦوهه پاڻي وهندو آهي، ٽيهن يا چاليهن ميلن جي علائقي ۾ زمينن کي خوب سراب ڪن ٿيو، پر عام خشڪ موسم ۾ اهي شاخون سڪل رهنديون آهن. ان کان پوءِ اسين انهيءَ شاخ تي اچون ٿا، جنهن کي ڦليلي سڏيو وڃي ٿو، جيڪا انهيءَ ٻيٽ کي چوڌاري وڪوڙي بيٺي آهي، جنهن تي دارالحڪومت حيدرآباد تعيمر ٿيل آهي. هيءُ شاخ انهن سڀني کان وڌيڪ وڏي آهي، جن جو مون هن مهل تائين بيان ڪيو آهي، ۽ ان جو سبب بلڪل واضح آهي، ڇاڪاڻ ته شاخ جي ڦُٽڻ واري هنڌ کان هڪدم مٿڀرو اها ٽڪرين جي دامن وٽان وڪڙ کائي وهي ٿي ۽ الهندي ڪپ تي سوڙهي رستي هئڻ ڪري ان جي پاڻيءَ جي وهڪري جي رفتار ايتري ته تيز ٿي وڃي ٿي، جو جنهن هنڌ تي ان کي اوڀر طرف ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، اتي اها پنهنجو سڄو واڌو ۽ اجايو پاڻي ان ۾ کڻيو اڇلائي. ڦليلي، پنهنجي درياهه جي پاڻيءَ سان حيدرآباد کان ڏهه ميل ڏکڻ ـــ اولهه طرف وري وڃي گڏجي ٿي، حالانڪ ان جي پاڻيءَ جي وهڪري جي ورن وڪڙن ڪري اهو مفاصلو، اصلي مفاصلي کان ذري گهٽ ٻيڻو آهي. ڦليليءَ جي انتهائي اڀرندي نقطي وٽان ان مان گوني ڦُٽي نڪري ٿي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ سنڌو نديءَ جي اٿاهه ڇوڙ کان اٽڪل هڪ ڊگري اوڀر طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. پر سن 1799ع ۾ فتح علي نالي هڪ مرحُم امير ان جي مٿان علي بندروٽ هڪ بند ٻڌايو جتي ان جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو، ۽ هاڻي هڪ طرف کان مٺو پاڻي بند تي دٻاءُ وجهي ٿو، ته ٻئي طرف کان سمنڊ جي  وير ان تائين باقاعدگيءَ سان چڙهي اچي ٿي. سچ آهي ته انهيءَ بند ٻڌجڻ کان اڳ ۾ ـــ جيڪو حڪمران خاندان جي ڪنهن به فرد طرفان عوامي بهبود جو هڪ اهوئي ڪم سر انجام ڏنو ويو آهي ـــ سمنڊ جو کارو پاڻي وڏين ويرن دوران ٻارهن ميل مٿي چڙهي ويندو هو ۽ انهن ڀلن فصلن کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيندو هو، جيڪي هن وقت آسپاس وارين زمينن تي اُڀرن ٿا. بند کان هيٺ انهيءَ نديءَ کي. ”لوڻي“ يا لوڻ واري ندي، سڏيو وڃي ٿو، ۽ ان جي برعڪس گوني نالو آهي، جنهن جو مطلب آهي فائديمند يا سٺي اثر واري. ڦليليءَ جي دستوري ويڪر ٻن سون کان وٺي چئن فوٽن تائين آهي ۽ ان جي پاڻيءَ جي غمق ٻن کان وٺي ڇهن گزن تائين آهي. گوني گهڻي قدر سوڙهي ۽ وڌيڪ تگراکڙي آهي ۽ مقامي  ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها هر نئين سال خشڪ ٿيندي پيئي وڃي، ۽ اها هڪ اهڙي دعويٰ آهي، جيڪا اسان جي هن کوجنا سان ٺهڪندڙ آهي ته سڄي سال جي دوران وڌ ۾ وڌ چار مهينا اهڙا آهن، جن جي دوران ڪنهن به وزن واريون ٻيڙيون حيدرآباد ۽ علي بندر جي وچ ۾ هلي سگهنديون، حالانڪ ڪجهه سال اڳي انهن هنڌن جي درميان سڄي سال جي دوران ۾ پاڻيءَ وچان آمد و رفت جو اڻ کٽ سلسلو جاري رهندو هو ۽ انهيءَ نديءَ جي ذريعي صوبي[4] جي اڀرندي ڪناري وارن حصن ڏانهن ڪافي مقدار ۾ وڻج واپار پهچندو هو.

سنڌوندي، ڦليليءَ جي ٻيهر گڏجڻ کان پوءِ، ڏکڻ جي الهندي طرف وڪڙ کائي ٿي، پر جلدئي اها پنهنجي ڏکڻ ڏکڻ ـــ اولهه واري اصلوڪي رخ طرف موٽ کائي اچي ٿي، جنهن ۾ اها ڄٽي کان گذري هلڻ کان پوءِ اولهه طرف وهڻ ۾ وڌيڪ تيزي آڻي ٿي ۽ پوءِ اها يڪساهيءَ ۾ بلڪل الهندو رخ اختيار ڪري، هڪ ئي وڏي شاخ جي صورت ۾ وڃي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿي. آءٌ ان کي هڪ شاخ چوان ٿو، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ سمنڊ کان اٽڪل ارڙهن ميل پري ان مان ڪجهه هلڪيون سلڪيون شاخون نڪرن ٿيون، ۽ ڪن ورن وڪڙن کائڻ ۽ هڪٻئي کي ڪاٽڻ کان پوءِ ٽن يا چئن منهن ذريعي وري اجي ان ۾ گڏجن ٿيون. ان جي باوجود انهن کي سوڙهين نالين کان سواءِ ٻئي ڪنهن نالي سان سڏي نٿو سگهجي، ڇاڪان ته اهي سمنڊ جي ويرن ۽ درياء جي حالت مطابق ڪڏهن خالي ته ڪڏهن ڀريل ۽ ڪنارن وٽان توڙي پيٽ ۾ هر موسم ۾ سامونڊي گاهه سان ڀريل رهن ٿيون. سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جي وهڪري جي تيزي خشڪ يا مينهوڳيءَ وارين موسمن جي نوعيت مطابق گهٽ وڌ ٿيندي رهي ٿي ۽ ان کان علاوه انهن علائقن جي نوعيت پڻ ان تي اثرانداز ٿيندي معلوم ٿئي ٿي، جن جي وچان اها وهي ٿي. ٺٽي کان منهنجو اندازو آهي ته ان جي رفتار اڍائي ميلن کان وٺي چار ميل في ڪلاڪ ٿيندي. ان کان هيٺ پاڻيءَ جي رفتار کي سامونڊي وير جو اثر غالب آهي، جيڪا ان کي ڪڏهن ڪڏهن ته يارهن يا ٻارهن ميلن جي رفتار سان ڊوڙائي ٿي، پر اها صورتحال انهن موقعن تي ظاهر ٿيندڙ ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن سمنڊ ۾ وڏي وير به چڙهي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ مٺي پاڻيءَ جو وڏو مقدار به هيٺ لهي ٿو. هن نديءَ جي ويڪرائي ۽ گَهرائيءَ بابت به منهنجي راءِ ساڳي آهي، پر انهن تي وڌيڪ وڏو اثر پاڻيءَ جي وهڪرن جي ٿئي ٿو، جنهنڪري مون پنهنجي انهيءَ ڳالهه کي صاف ڪرڻ لاءِ، درياهه جي وهڻ وارن مختلف هنڌن تي ان جي گَهرائي، ويڪرائي ۽ ٻين ضروري تفصيلن بابت وچولو رستو اختيار ڪري هڪ خاڪو تيار ڪيو آهي، جيڪو هڪ ڊگهي پئراگراف* لکڻ جي بدران انهيءَ معاملي کي بهتر نموني ۾ واضح ڪري سگهندو. ان جي پيٽ جي سچي پچي ويڪرائي به مون ساڳيءَ طرح هن خاڪي ۾ شامل ڪئي آهي، ۽ مون کي ان ۾ فقط ايترو اضافو ڪرڻ باقي آهي ته مقامي ماڻهو دعويٰ سان چون ٿا ته درياهه جي ڇوڙ وٽ واريءَ جو ڪوبه پٽو ڪونهي، ۽ نه وري لاهوري بندر کان وڌيڪ اوچي ڪا ٻي رڪاوٽ اهي (لاهوري بندر دراصل سمنڊ جي هڪ ٻانهن آهي)، جيڪا جنگي جهاز جي هڪ رسي کي به مٿي وڃڻ کان روڪي سگه يٿي، بشرطيڪ اهو جهاز ڪنهن ڪاريگر ۽ هوشيار ناکوئي جي ضابطي هيٺ هجي. سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ جي اونهائي جي باوجود، جيڪا مٿي ڏيکاريل خاڪي ۾ نظر اچي ٿي، سنڌ، پنجاب ۽ افغانستان جي درميان سڄو واپار تراکڙن ترن وارن اهڙن ٻيڙن جي ذريعي هلي ٿو، جن ۾ هڪ کان وٺي ٽن سؤ ٽنن تائين مال کڄي سگهي ٿو ۽ ان هوندي به اهي ٻيڙا اهڙيءَ طرح ٺهيل آهن، جو اهي چند فوٽن تائين مس پاڻيءَ کي مٿي اڀاري سگهن ٿا. [5] ٻيڙن جي اهڙي بناوٽ هئڻ ڪري، اهي اوڀاري وڃڻ وقت ڪناري سان لڳولڳ هلي سگهن ٿا، جتي پاڻيءَ جو وهڪرو مشڪل سان نظر ايندو آهي، ۽ موٽ تي ڏکڻ طرف لهواري هلڻ وقت، جيتوڻيڪ انهن جي رفتار گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري سبب تيز ٿي سگه يٿي، پر ان جي باوجود اهو نقص اهڙو آهي، جو فائدي جي مقابلي ۾ نقصان گهڻو وڌيڪ آهي. انهن ٻيڙن تي، هوا جي اڳيان هلڻ جي حالت ۾ هڪ وڏو چورسو سڙهه چاڙهيو ويندو آحي، جيڪو ٿوٿي جي مٿان لهرايو ويندو آهي، پر اهي ماڻهو ان کي ڪڏهن به ڇڪڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن ۽ ناسازگار حالت ۾ جيڪڏهن کين ابتي طرف وڃڻو پوندو آهي ته ٻيڙيءَ کي درياهه جي وچان ماڻهو ڇڪيندا آهن.

سنڌونديءَ جي اڀرندي طرف سنڌ جو سڄو صوبو پنهنجي انتهائي سمالي سرحد کان وٺي ويندي سمنڊ جي ڪناري تائين، ٻن يا ٽن ننڍين سرحد کان وٺي ويندي سمنڊ جي ڪناري تائين، ٻن يا ٽن ننڍين ٽڪرين کان سواءِ، جن کي گنجيون ٽڪريون سڏيو وڃي ٿ ۽ جيڪي انهيءَ ٻيٽ تي آهن، جن تي حيدرآباد جو سهر بيٺل آهي، ٻيو سڄو علائقو پوريءَ طرح سان سڌي مٿاڇري وارو پَٽُ آهي. درياهه جي الهندي ڪپ تي سيوهڻ جي ويڪرائي ڦاڪ 2606 کان وٺي، ملڪ جي شڪل و صورت جدا جدا آهي، ڇو جو ڪي ضلعا جابلو ۽ سنوان سڌا آهن، ته ڪن جي وچان وري ننڍين ٽڪرين جون ڊگهيون قطارون لنگهن ٿيون، تان جو اسين اچي سمنڊ تي پهچون ٿا. سيوهڻ کان اتر وارو ميدان سيوستان جي ٽڪرين تائين يڪو هليو وڃي ٿو. سنڌ جا موجوده حڪمران، جيئن ته سڪار جا جنون جي حد تائين شوقين آهن، ۽ جيئن ته کين پنهنجن علائقن کي ويران بنائڻ ۽ رعايا تي ظلم وس ستم ڪرڻ ۾ کين ڪوبه خيال نٿو ٿئي، انڪري هنن پنهنجي انهيءَ شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ نديءَ جي ڪناري سان لاڳو بهترين ضلعن کي شڪار جي جانورن لاءِ شڪار گاهن طور گهيري ۾ رکيو آهي، ۽ اهڙا هنڌ، جيڪي گذريل ويهن سالن جي عرصي جي دوران ۾ نهايت آباد ۽ ساوا هئا، اڄ نهايت بيڪار وڻن، ڪانڊيرن ۽ ٻُوڙن سان ڀريل جهنگ ٿي ويا آهن.

جنهن ڏينهن ايلچي حيدرآباد پهتو، تنهن جي ٻئي صبح جو هرهڪ امير اسدان جي ڇانوڻيءَ تي هڪ ـــ هڪ رسمي وفد موڪليو، اسان جي ڇانوڻي ڦليلي درياهه جي ڪناري تي، قلعي کان اٽڪل هڪ ميل ڏکڻ ـــ اوڀر طرف لڳل هئي ۽ اميرن طرفان اهي وفد اسان کي خير وسلامتيءَ سان سفر پورو ڪري اتي پهچڻ لاءِ مبارڪباد ڏيڻ ۽ اسان جي خير و عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ موڪلي اويا هئا. پر جيئن ته جاچ مان معلوم ٿيو ته جيڪي ماڻهو اسان وٽ اهي پيغام کڻي آيا هئا، ۽ جن کي اسان وٽ مٺاين جا ڪيترائي وڏا ٿالهه پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو[6]، تن مان ڪوبه خدمتگارن جي درجي کان مٿانهون ڪونه هو، ان ڪري حالات جي تحت اهو مناسب نه سمجهيو ويو ته مسٽر سمٿ انهن سان پاڻ اچي ملي ۽ ان ڪري اهو ڪم مسٽر ايلس ڪيو. انهيءَ انتظام ٿيڻ تي اهي ماڻهو ڪاافي نراس نظر اچڻ لڳا، پر جڏهن اهو ڏٺائون ته ان جي باوجود انهن مان هرهڪ کي انعام مليو، تڏهن هنن جي دلين تان اهو يال لهي ويو ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيندا واپس ويا. اميرن بهرهال، سندن شان ۾ ڪيل انهيءَ نام نهاد گستاخيءَ کي هڪ ڊگهي احتجاج ڪرڻ کان سواءِ ائين ئي ڇڏي نه ڏنو، پر اهو پيغام، انهن جي هڪ ديوان يا منتظم، مشتاق رام اسان وٽ پهچايو، جنهن خاص طور اسان کي اها ڳالهه  ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايلچيءَ کي اميرن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ظاهر احترام ڪرڻ جو خاص طور خيال رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن جي چوڻ مطابق، هو انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍا سخت هئا. هن ساڳيءَ طرح موقعو وٺي اها ڳالهه به ڌيان ته آندي ته ايلچيءَ طرفان جواب طور اميرن جي خير و عافيت معلوم ڪرڻ کي نظرانداز ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ کيس ٻڌايو ويو ته اها ڳالهه نظراندازا نه ڪئي ويئي هئي، پر حقيقت اها هئي ته جنهن منشيءَ کي انهيءَ مقصد لاءِ موڪليو ويو هو، تنهن قلعي اندر داخلا جي اجازت هاصل ڪرڻ جون سخت ڪوششون ڪيون هيون ۽ کيس سچ پچ ٻاهر ترسڻ لاءِ چيو ويو هو؛ تيستائين انتظار ڪندو رهيو، جيستائين هن مسٽر سمٿ ڏانهن هڪ ماڻهوءَ هٿ نياپو موڪلي ان باري ۾ سندس مرضي معلوم ڪئي ته: کيس سندس پيغام اميرن تائين پهچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ شريف انسان (ايلچيءَ) دستوري رسمن کي ايتريءَ حد تائين نظرانداز ڪيو، جو پنهنجي ماڻهوءَ کي چوائي موڪليائين ته اهو اتي ترسي ۽ جيڪو به حڪومت جو عملدار کيس قلعي اندر ويندو ملي وڃي، تنهن جي هٿان اهو پيغام موڪلي ڏي ته جيئن اهو اميرن تائين انهيءَ وسيلي سان ئي پهچي وڃي.

ديوان کي وڌيڪ اهو به ياد ڏياريو ويو ته ايلچيءَ جي حيدرآباد پهچڻ کان اڳ ۾ مسٽر ايلس هڪ کان وڌيڪ ڀيرا اميرن سان سرڪاري معاملن تي لهه وچڙ ۾ اچڻ جو موقعو پيدا ڪيو، ۽ جنهن منشيءَ کي انهن موقعن تي پيغام ڏيئي موڪليو پئي ويو، تنهن کي اڪثر طور قلعي اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو پئي ويو ۽ هن کي ان وقت تائين ٻاهر بازار ۾ بيهي انتظار ڪرايو ويو، جيسين هن کي ڪو جواب موڪليو ٿي ويو. انهيءَ ڪري هيءَ ڳالهه واضح هئي ته جيڪڏهن ڪا غيردوستانه ڪوتاهي ٿي آهي، ته ان جي شروعات يقيناً سنڌ جي حڪومت طرفان ڪئي ويئي آهي، ۽ اها ڳالهه به اوتريقدر ئي صاف آهي ته اميرن کي هن ڳالهه تي ناراض ٿيڻ جو ڪوبه سبب ڪونه هو ته سندن خدمتگارن سان خود ايلچي اچي نه گڏيو هو، جڏهن انهن پاڻ هڪ منشيءَ کي پنهنجي روبرو حاضر ٿيڻح جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جيڪو انهن کان گهڻي وڌيڪ رتبي ۽ عزت وارو هو، حالانڪ هن کي اهم زباني پيغام ڏيئي موڪليو ويو هو.

اسان جي ماڻهن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ذري گهٽ هڪ خطرناڪ فساد ٿي پيو هو، جن مان هڪڙي ماڻهوءَ سنتريءَ جي پاسي کان نڪري اندر اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن کيس ان کان روڪيو ويو تڏهن هن سنتريءَ کي ڌڪ هڻي هن جي ٽوپي ڪيرائي وڌي. ڏوهاريءَ کي پڪڙڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويئي، پر هو ماڻهن جي انبوهه ۾ گم ٿي ويو. ايلچيءَ اهڙي ٻئي واقعي جي رونما ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ، جنهن جا نتيجا مذڪوره سپاهيءَ جي صبر ۽ تحمل کان سواءِ، موتمار نڪرن ها، هيءَ تجويز ڏني ته آئيندي لاءِ سنترين کي تنبوءَ جي قناتن جي اندرئين پاسي بيهاريو وڃي، جنهن کان پوءِ ان تي عمل ڪيو ويو.

اسان جي ڇانوڻيءَ کي انهيءَ وقت ڏسڻ سان ائين سمجهيو وڃي ها ته اها ڪنهن ميلي جي وچ ۾ لڳل آهي، جو ان کي ڏسڻ لاءِ هرهڪ طبقي ۽ ڌنڌي وارن ماڻهن جا وڏا انبوهه هروقت اسان جي چوڌراي گهمندا ڦرندا نظر پئي آيا ۽ اسان کي ڏينهن رات مسلسل صدائن ۽ نعرن سان خوش ڪرڻ لاءِ مسخرن، مدارين، رڇن کي نچائيندڙن ۽ فقيرن طرفان پنهنجا ڪرتب ۽ تماشا ڏيکاريا ٿي ويا، جن مان فقير انهيءَ سڄي گوڙ گهمسان ۾ پنهنجا ناد ۽ توتاڙا وڄائي نئين ۽ مختلف نوعيت جي لئي پيدا ڪري رهيا هئا. انهن مان گهڻن پنهنجي فن ۾ حيرت انگيز نموني جي اورچائي جو مظاهرو پئي ڪيو، ۽ اهي ايلچيءَ جي خانگي تنبوءَ جي ايترو ويجهو پئي بيهي رهيا، جيترو ٻاهريان پردا کين ويجهي اچڻ جي اجازت ڏيئي رهيا هئا، جتي پهچڻ کان پوءِ هو ڏينهن جا ڏينهن اتي موجود پئي رهيا ۽ وڏا واڪا ڪري رهيا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڌمڪيون به ڏيئي رهيا هئا ته جيڪڏدهن وفد طرفان سندن خواهشون پوريون نه ڪيون وينديون ته هو مئن قهر ۽ غضب نازل ڪرائيندا. ڪن ٻين وري سندن حملو انهيءَ وقت تائين محفوظ پئي رکيو، جڏهن اسان گهوڙن تي سوار ٿي ٻاهر ٿي نڪتاسون، جيڪو ڪم اسين سڍيءَ آب و هوا ۾ گهڻو ڪري هر شام جو ڪندا هئاسون. پوءِ اهي ايلچيءَ جي گهوڙي جي اڳيان اچي کيس خاطري ڏيندا ڊوڙندا هلندا هئا ته جيڪڏهن کين چڱيءَ طرح معاوضو ڏنو ويندو ته هو وفد جي پاران اميرن وٽ سفارش پيش ڪندا. پر ٻئي طرف، جيڪڏهن سندن آڇون نظرانداز ڪيون ويون، ته پوءِ کين بنان دير جي ائين ئي هندستان ڏانهن موٽي وڃڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سندن رضامنديءَ ۽ اتفاق راءِ کان سواءِ کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، پرهيائين ته انهن پنهنجي گوڙ گهمسان سان اسان کي ڏاڍو تنگ ۽ بيزار ڪيو، پر اسان جلد ئي انهن جي رڙين ۽ آوازن ٻڌڻ جا عادي بنجي وياسين ۽ پوءِ ته انهن جون دردمندانه آهون ۽ صدائون اسان لاءِ تماشي جو ذريعو بنجي ويون.

ايلچيءَ جي حيدرآباد پهچڻ جي ٻئي ڏينهن تي، درٻار ۾ هن جي پهرين حاضريءَ جي متعلق دستوري رسمن جي ادائگيءَ جو سوال اُٿاريو ويو، جڏهن اسان جي اڳواٽ اندازن مطابق اميرن طرفان مختلف ماڻهن جي ذريعي سان پيش ڪيل تجويزن جي نتيجي ۾ ڊگهيون ڳالهيون شروع ٿي ويون، جن جي ڪري معاملو اينگهي پيو* آخري انتظامن کي طئي ڪرڻ ۾ هڪ هفتو دير ٿي ويئي، ۽ هڪ يا ٻن موقعن تي اسان حڪمرانن سان روبرو ملاقات ڪرڻ کان سواءِ ئي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو خيال ڪيو.

ائين سمجهيو ويو ته هو مَسند يا تخت[7] زمين ان ڪافي گهڻي اوچائيءَ تي رکيل آهي، جنهن ڪري ايلچيءَ طرفان اهو مناسب سمجهيو ويو ته کيس ويهڻ لاءِ ڪرسي ملڻ گهرجي، ۽ وفد جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ وت ٽيئي امير اٿي بيهن. پر هنن پنهنجي طرفان نه فقط اٿي بيهڻ ذريعي وفد جي ظاهري تعظينم جي ڪنهن علامت ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر سچ پچ اها تجويز پيشڪئي ته اسان سڀني کان ملاقات واريءَ جاءِ اندر داخل ٿيڻ کان اڳ ۾، سڀ هٿيار لهرايا وڃن، ۽ هنن پنهنجي انهيءَ ناجائز مطالبي جو بنياد هڪ اهڙي دليل تي پئي رکيو، جنهن سندن انهيءَ ڪارروائيءَ کي اسان لاءِ وڌيڪ بيعزتيءَ وارو پئي بناو. اهو دليل، ڪنهن وقت جئپور جي راجا جي ٻن[8] وڪيلن طرفان اميرن منجهان هڪ ڄڻي کي، هڪ عام درٻار جي موقعي تي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ هو.

مسٽر سمٿ انتهائي فيصله ڪن لفظن ۾ انهيءَ بيعزتيءَ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي متعلق نياپي آڻيندڙ کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هو پاڻ انهيءَ مطالبي جي مڃڻ لاءِ کڻي آماده هجي به ها، جيڪا ڳالهه سندس خيالن کان گهڻي دور هئي، پر انهيءَ هوندي به هو پنهنجي وفد جي ٻين ميمبرن کي سندس مثال تي هلڻ لاءِ مجبور ڪري سگهڻ ۾ آزاد ڪونه هو. هو جنهن حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيو هو، تنهن جي شان ۽ مان ۾ ذري برابر به رخني وجهڻ بدران، سنڌ سرڪار جي علائقن کي هڪدم ڇڏي وڃڻ کي ترجيح ڏيندو.

آخرڪار ولي محمد خان، جيڪو اهو ساڳئيو سردار هو، جو اسان وٽ ٺٽي ۾ آيو هو، اسان کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجي خطابت جي قوت آزمائڻ لاءِ آيو، جنهن لاءِ اسان ائين ٻڌو ته اميرن طرفان کيس اسان سان اهڙن شرطن شروطن طئي ڪرڻ جي اختياري ڏني ويئي هئي، جيڪي هو پنهنجي خيال موجب موزون سمجهي؛ پر مٿئين موضوع جي پهرين ئي ذڪر ڇيڙڻ تي هن ايلچيءَ کي اهڙو ته مضبوط ڏٺو جو هن انهيءَ نڪتي تي بحث ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ مٿي ذڪر ڪيل ننڍي مسئلي تي موٽي آيو.

خان جي طرفان، اسان کي وفد جي درٻار ۾ داخل ٿيڻ تي اميرن جي اٿي بيهي سندن آجيان ڪرڻ جي مطالبي تگان هيٺ لهڻ ۽ ان جي بلڪل ناممڪن هئڻ متعلق سندس حرفتي دماغ ۾ پيدا ٿيل سڀ دليل دلائل کُپائي بيهڻ کان پوءِ هو ڏاڍي حڪمت عمليءَ سان انهيءَ اوچي مقام تان مختلف ددرجن جي آڇن ذريجي هيٺ لٿو ۽ هن هنڌ کان شروع ٿيو ته امير فقط اهڙو اشارو ڪندا ته ڄڻ هو اٿي رهيا آهن، تان جو نيٺ اهو معاملو هن طرح طئي ٿيو ته امير ايلچيءَ جي درٻار ۾ داخل ٿين تي اٿي بيهندا ۽ تيسين انهيءَ حالت ۾ بيٺا رهندا، جيسين هو انهيءَ هنڌ تائين پهچي وڃي، جتي کيس اميرن جي ساڄي هٿ کان ويهڻو هو ۽ هو انهيءَ وقت پڻ تعظيم جو ساڳيو مظاهرو ڪندا، جيستائين اسان کانئن اجازت وٺي واپس وينداسون.

هن بحث جو نتيجو سنڌي حڪومت جي روش تي انتهائي صحيح تنقيد آهي ۽ حقيقت ۾ اها ئي تنقيد ٻين سڀني ايشيائي حڪومتن سان پڻ لاڳو ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي پاليسيءَ کي انهن محض پابندين جي ذريعي ڪامياب سمجهن ٿا، جيڪي هو پنهنجي طرفان غير ملڪين کان سندن رسمن جي پوري پوري ادائگي ڪرائڻ لاءِ مٿن عائد ڪري سگهن ٿا ۽ ان باري ۾ هر اهڙي ماڻهوءَ جو خاص طرح اهو مقصد هئڻ گهرجي، جيڪو ڪنهن به سرڪاري عهدي تي ڪم ڪندڙ هجي ته هو نهايت واضح ۽ سخت قدمن ذريعي انهيءَ ذهنيت کي چٿي رکي، نه ته کيس اهو سمجهڻ گهرجي ته هن کي نه فقط انهيءَ درٻآر جون چٿرون برداشت ڪرڻيون پونديون، جنهن ۾ هو ملازم رکيل هوندو، پر ڪنهن به معاملي طئي ڪرڻ ۾ سندس ڳالهين هلائڻ جو طريقو دٻيل رهندو ۽ سندس ڪم ۾ هر اهڙي تڪراري رسم ۽ دستور سان رڪاوٽ وڌي ويندي، جيڪا اهي ماڻهو ٺاهي سگهندا، ۽ ممڪن آهي ته خود انهيءَ ڳالهه مان ئي هن جون سڀ ڳالهيون آخر ۾ بيڪار ۽ بيعزتيءَ جو باعث ثابت ٿينديون.

اسان جي استعمال بابت دستور طئي ٿيڻ کان پوءِ شام جو اسان کي آخوند محمد بقا خان طرفان اميرن سان متعارف ڪرايو ويو، جيڪو اسان کي درٻار ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ آيو، ايلچيءَ سندس وفد ۾ شامل هر هڪ آفيسر جي عهدي ۽ رتبي جو جدا جدا اعلان ڪيو. ٽڪريءَ جي اها چوٽي جنهن تي حيدرآباد جي قلعي جو اڀرندو رخ تعمير ٿيل آهي، گهرن جا ڪوٺا ۽ خود قلعي جون فصيلون ٻنهي جنسن جي بيشمار ماڻهن سان سٿيل هيون، جن اسان لا3 پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار نعرن ۽ تعريفي لفظن ادا ڪرڻ ذريعي ڪيو. پهرين دروازي کان وٺي، جنهن مان اسان قلعي ۾ داخل ٿياسون، هڪ اوچي چاڙهي مٿي پئي ويئي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان بندوقچي سپاهين جون قطارون بيٺل هيون، تان جو اسان ٻئي برج وٽ پهتاسون، جنهن جي هيٺان وروڪڙ کائيندڙ رستو وڃي رهيو هو، جتان کان وٺي محل تائين گهٽيون ايتريقدر ته ماڻهن سان ڀريون پيئون هيون، جو اسان وڏي دشتواريءَ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجن گهوڙن جي سنبن هيٺان چيٿاڙڻ جي خطري سان، انهن جي وچان لنگهي سگيهاسون. آخر اسان انهيءَ هنڌ پهتاسون، جتي اسان کي گهوڙن تان هيٺ لهڻو هو ۽ اتي اسان جو استقبال ولي محمد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي اعليٰ رتبي وارن آفيسرن طرفان ڪيو ويو، جيڪي اسان جي اڳيان هڪ وڏي کليل ٿلهي طرف هليا، جنهن جي ڇيڙي وٽ ٽيئي امير ويٺا هئا. ٿلهي تي انتهائي قيمتي ايراني غاليچا وڇايل هئا، جنهنڪري اسان تي پهچي پنهنجا بوٽ لاٿا ۽ جنهن گهڙيءَ ايلچيءَ شهزادن طرف وڌڻ خاطر پنهنجو پهريون قدم اڳتي کنيو، ته هو سڀ اٿي کڙا ٿيا، جيسين هو پنهنجي مقرر جاءِ تي پهتو؛ جنهن جي مٿان ڀريل ڪپڙو وجهي ان کي باقي جماعت جي ويهڻ واريءَ جاءِ کان الڳ ظاهر ڪيو ويو هو.


[1] . سنڌونديءَ جي، ڪابل ۽ سنڌ ڏانهن ويل مهمن جي سروي کان علاوه، جن ٻين ذريعن کان مون معلومات حاصل ڪئي  آهي، تن بابت آءٌ ٿوري وقفي بعد انهيءَ نقشي جي سلسلي ۾ بيان ڪندس، جيڪو مون هن جلد سان منسلڪ ڪرڻ تجويز ڪيو آهي.

[2] . پنجاب جون پنج نديون، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف وهين ٿيون، تن جا نالا بيهات يا چيلم، قديم نالو هائڊ اسپين، چناب يا جيناب، قديم نالو ائسيسائينس، راوي يا قديم نالو هائڊرائوٽس آهن. اهي ٽيئي ملتان جي اتر ـــ اوڀر ۾ اٽڪل 70 ميل پري هڪٻئي سان ملن ٿيون، جتي ان کي وچين ديراهه يعني چڍناب جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، چوٿون درياهه بياهه ۽ پنجون ستلج آهي. اهي جڏهن ملن ٿا، تڏهن اهو قديم جاگرافيءَ وارو هائفاسيس درياهه بنجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهي ستلج جي نالي سان سڏجن ٿا، پر اڪثر حالتن ۾ اڄڪلهه انهن کي گرو يا گُرا سڏيو وڃي ٿو. اهي ٻيئي ويڪرائي ڦاڪ 29010 اتر ۽ ڊگهائي ڦاڪَ 71028 اوڀر ۾ چناب ۾ وڃي ڇڙن ٿا ۽ اهي سڀيئي گڏجي ”پنجند“ يعني پنج نديون نالو اختيار ڪن ٿا؛ تان جو جيئن مٿي ڪتاب جي متن ۾ ٻڌايو ويو آهي، اهي سنڌونديءَ ۾ وڃي داخل ٿين ٿا.

[3] . هڪ لک پائوند اسٽرلنگ.

[4] . جڏهن بمبئي سرڪار طرفان سنڌ ڏانهن موڪليل مهم سيپٽمبر سن 1808ع ۾ واپس موٽي، تڏهن ان جي ٻيڙن جي گونيءَ جي گپ وچان ڪيترن ميلن تائين گهلي ڪڍڻو پيو هو. اسان جي ڀاري سامان جو ڪجهه حصو پڻ ساڳئي رستي کان اسان کي ڪڇ ۾ ملڻ لاءِ روانو ڪيو ويو هو، پر جيئن ته اهو هڪ مهينو اڳڀرو موڪليل هو، انڪري ننهن ماڻهن کي جن وٽ انهيءَ سامان جي چارج هئي، اهڙي قسم جون داشواريون پيش نه آيون.

[5] . سنڌونديءَ تي هلندڙ واپار هن وقت ذري گهٽ نالي ماتر وڃي بچيو آهي. اميرن جي ڪوتاهه انديشيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ واري پاليسيءَ ان کي انهيءَ صوبي ۾ چٿي رکيو آهي ۽ اتر وارن ملڪن جي افراتفريءَ واريءَ حالت ان کي اُتي جوکم وارو بنائي وڌو آهي. هن وقت واپار ڪن ٿورن ٻيڙن کان وڌيڪ ناهي، جيڪي اُن، قلمي شورو، لوڻ ۽ ٻارڻ جون ڪاٺيون. ڀري هيٺ ۽ مٿي ويندا نظر اچن ٿا.

[6] . خدمتگار، شخصي نوڪر هوندا آهن ۽ اسان اهو لفظ دسترخوان تي خدمت لاءِ موجود بيٺل سڀني قسمن جي نوڪرن چاڪرن سان لاڳو ڪندا آهيون. سنڌ ۾ اهو لفظ وڌيڪ محمدود مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ هيٺئين درجي جا ديوان پڻ ان ۾ شامل آهن. اهي ماڻهو برحال، پنهنجي آقائن جي خدمت ۾ حاضر رهندا آهن ۽ سندن گهرن گهاٽن اندر نيچ قسم جي ڪي ڪم به سرانجام ڪندا آهن. ايران جا پيش خدمتگار پڻ ساڳئي درجي جا آهن ۽ مون کي ائين نظر آيو ته اهي به ساڳين ئي ڪمن ۽ فرضن انجام ڏيڻ ۾ مصروف آهن.

[7] . انهيءَ غلطيءَ جو فورن ازالو ڪيو ويو ۽ ڪرسيءَ بابت پيش ڪيل شرط واپس ورتو ويو، جو اهو معلوم ٿيو ته امير فرش يا رنگارنگي ٽُڪرين مان ٺهيل گاديلي تي ويهندا اهن، جيڪو کين زمين جي سطح کان ٻه انچ به مٿي نه ڪندو هو.

[8] . وڪيل معنيٰ ايجنٽ يا عصوضي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: