جيئن ئي اسين ويٺاسون ته مونجهاري جو هڪ عجيب و
غريب نظارو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي
۽ ان کي فقط اسان جي اصلي مقصدن ڏانهن بي
اعتماديءَ سان ئي منسوب ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته
بندوقچين، نوڪرن ۽ تراربازن جو هڪ وڏو هجوم هڪدم
اندر داخل ٿيو، جنهن پنهنجي دٻاءَ سان اسان کي ذري
گهٽ ٻوساٽي رکيو، انهن مان جيڪي سڀني کان اڳتي
بيٺا هئا، تن ته اسان جي ترارين جي مياڻن ۽ ڪوٽن
جي دامن تي به پنهنجا پير کڻي رکيا، جيڪي اسان جي
غاليچي تي ويهڻ جي خاص ڍنگ جي ڪري غاليچي تي ڦهليا
پيا هئا. پر اها ڳاله اڳوات سوچيل سمجهيل رٿا جي
تحت هئي يا محص هڪ اتفاق جو نتيجو هو، تنهن جو ان
وقت فيصلو ڪرڻ ناممڪن هو. بعد وارين ملاقاتن،
بهرحال، مون کي اول الذڪر خيال طرف آماده ڪيو آهي.
شهزادن، هڪ ـــ هڪ ٿي نرميءَ سان اسان سڀني جي خير
و عافيت معلوم ڪئي. جيئن ته هيءَ رسمي ملاقات هئي،
ان ڪري ان ۾ فقط مهذب نموني ۾ هڪٻئي سان عليڪ سليڪ
ڪئي ويئي ۽ اسان کي جڏهن درٻار ۾ ويٺي اڌ ڪلاڪ کن
گذريو، تڏهن انهن مان سڀني کان وڏي امير زباني طور
اسان جي روانگيءَ سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو،
جنهن بابت سڀني هندستاني درٻارين ۾ پان سوپاريءَ
۽ عطر يا
گلاب جي گلن جي تيل آڻڻ سان اشارو ڏنو ويندو آهي،
پر سنڌ ۾ اهڙي ڪابه رسم ڪانهي، ۽ نه وري اتي ايران
وارن جي ڪلياڻ ۽ قهوه پيش ڪرڻ وارو ڪو رواج آهي.
اميرن کي سندن ترارين جي دستن ۽ خنجرن جي ميانن ۾
لڳل هيرن جواهرن کانعلاوه، تمام گهڻي تعداد ۾ هيرا
جواهر بدن تي پيل هئا. انهن کان علاوه سندن ڪمرپٽن
۾ ڪي انتهائي غير معمولي طور وڏا زمرد ۽ يا قوت
لڳل هئا. ٽيئي امير سندن عمرين جي حساب سان ويٺل
هئا، يعني سڀنيکان وڏو وچ ۾، ان کان پوءِ ٻيو نمبر
سندس ساڄي هٿ تي ۽ ننڍي کان ننڍو سندس ڏائي هٿ تي
هڪ سنهي نمدي تي ويٺا هئا، جيڪو چوڌاري سڄيءَ
گولائيءَ ۾ وڇايل هو ۽ ان جي مٿان فقط سندن ويهڻ
واريءَ جاءِ تي اٽڪل هڪ انچ ٿلهو هڪ ريشمي گاديلو
رکيل هو، جنهن جي مٿان هڪ نفيس ململ جو ڪپڙو پيل
هو، جنهن تي زريءَ ۽ چانديءَ جي سرمي ۽ ستارن سان
ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ گل ۽ ٻوٽا ڀريل هئا. هنن جي
پٺيءَ وٽ ٽي وڏا طول وهاڻا رکيل هئا، جن تي اهڙا
گل ۽ ٻوٽا ڀريل هئا، جهڙا سندن هيٺان رکيل ڪپڙي تي
هئا، ۽ اهي سڀ شيون سندن هيرن جواهرن جي نمائش سان
گڏجي سڄيءَ درٻار تي نهايت شاندار اثر وجهي رهيون
هيون. حڪومت جي عملدارن مان پڻ ڪن کي نهايت سٺي
طرز جون پوشاڪون پهريل هيون ۽ اهي سڀ شيون گڏجي
انهيءَ منظر جي چمڪ ڌمڪ ۽ دولتمنديءَ جو هڪ اهڙو
مجموعي نظارو پيش ڪري رهيون هيون، جنهن جو اسان
حيدرآباد جي درٻار جي سلسلي ۾ تصور به نه ڪيو هو.
جسماني طور امير ماسيرا وچولي قد ڪاٺ وارا ماڻهو
اهن. انهن مان سڀني کان وڏو، مير غلام علي
پنجيتاليهن سالن جي عمر کان وڏو نه پئي معلوم ٿئو،
۽ هن جا ٻه ڀائر، جن جا نالا مير مراد علي ۽ مير
ڪرم علي آهن، هن کان ڪيئي سال ننڍا آهن. سڀني کان
ننڍو، مير ڪرم علي وڻندڙ ۽ کليل پيشانيءَ جو مالڪ
آهي ۽ سندس چهري تي دائمي مرڪ آهي، جنهن مان تمام
وڻندڙ طبيعت ۽ مزاج جو سراغ ملي ٿو ۽ هن لاءِ ائين
ئي ٻڌايو پئي ويو ته هن ۾ سندس ٻنهي وڏن ڀائرن جي
مقابلي ۾ اهي
ٻيئي
خصلتون موجود آهن، ۽ ٻيئي وڏا ڀائر زود رنج ۽
درگذر نه ڪندڙ طبيعت جا مالڪ چيا وڃن ٿا، پر ساڳئي
وقت هو ڪنهن به طرح ظالم. ناهن.
ٽيئي ڀائر سندن ڪپڙن جي فقط سينگار وارن حصن کان
سواءِ سنهي ململ جي پهراڻن ۽ تمام قيمتي لونگين ۾
ساڳين پوشاڪن ۾ ملبوس هئا، جيڪي سندن چيلهين جي
چوڌاري ٻڌل هيون. سندن پٽڪا سنهي ۽ شفاف ڄاريءَ جا
هئا ۽ ڦهلاءَ ۾ اهي ايڌا ته وڏا هئا، جو مون هن
کان اڳي انهن جي مقابلي جا پٽڪا ڪڏهن نه ڏٺا آهن.
حد اندر ڳالهائيندي، آءٌ سمجهان ٿو ته انهن جو
گهيرو ٻن کان وٺي اڍائي فوٽن تائين هو ۽ ان جي
باوجود اهي اهڙيءَ ته صفائيءَ سان ٻڌل هئا، جو اهي
ڪنهن به طرح سان ڳرا يا اڻوڻندڙ ڦيڙن جي ڏِک نه
ڏيئي رهيا هئا
.
اسان حيدرآباد ۾ جيترو عرصو رهياسون، تنهن جي
دوران انتهائي سخت وٺي ۽ ڦليلي درياهه ڦوڪجي،
پنهنجن ڪپن کان ٻاهر نڪري آيو ۽ اسان جي ڇانوڻيءَ
۾ ذري گهٽ سيلاب اچي ويو، پر پاڻيءَ جي واهن ۾
نيڪال لاءِ، جيڪي سمورن علائقن جي هيڏانهن هوڏانهن
وهي رهيا آهن، ڪجهه ناليون کوٽڻ سان اسان پنهنجي
جاءِ تي رهي سگهڻ جهڙا ٿياسون، جيڪا ڳالهه ڪجهه
ڪلاڪن لاءِ ڏاڍي مشڪوڪ نظر اچي رهي هئي. آب و هوا
جي گرميءَ ۽ ٻوسٽ ۾ زمين مان نڪرندڙ اُٻ تمام گهڻو
اضافو ڪيو هو، جڏهن اها بارش جي پاڻيءَ ۾ تربَتر
ٿي ويئي ته اسان جي وفد ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن مان ڪيترن
کي بخار ۽ ٻيون اهڙيون بيماريون ٿي پيئون، جيڪي آب
و هوا جي اهڙيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ عام ٿينديون
آهن. وفد جا آفيسر، البت باقاعدگيءَ سان ورزش ڪرڻ
۽ ضروري حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ ذريعي پاڻ کي
وڏي ڪوشش ڪري سٺيءَ صحت ۾ رکي سگهيا، حالانڪ سڀني
کي سخت گرميءَ ٿوري يا گهڻي قدر ستايو هو، جنهن ۾
ايتري ته شدت اچي چڪي هئي، جو ٿرماميٽر جو پارو
مشڪل سان ئي ڪڏهن 102 ڊگرين کان هيٺ پئي ڪِريو، ۽
ماحول خاص طور سان راتين جو ايتريقدر ته حبس وارو
هو، جو مون ان جهڙو حبس هندستان ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ
ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو.
فصل (13)
حيدرآباد جو شهر ويڪرائي ڦاڪ 22ء25اتر، ڊگهائي
ڦاجڪ 6741 اوڀر ۾، انهيءَ ٻيٽ جي اڀرندي طرف واقع
اهي، جيڪو جيئن مون هن کان اڳي به ذڪر ڪيو آهي،
سنڌونديءَ ۽ ڦليليءَ جي وچ ۾ ٺحي پيو آهي.
سنڌونديءَ جو قلعي کان ويجهي کان ويجهو هنڌ، چار
ميل ڏکڻ ـــ اولهه طرف واقع آهي ۽ ڦليلي ندي
انهيءَ ٽڪريءَ جي دامن کان، جنهن تي حيدرآباد ٻڌل
آهي، اٽڪل هڪ هزار ورانگهن جي مفاصلي وٽان وهي ٿي،
پر ان مان هڪ اهڙي شاخ ڦُٽي نڪري ٿي، جيڪا
ايتريقدر وڏي آهي، جو قلعي جي فصيلن کان ڪجهه ئي
والن جي مفاصلي تائين ان ۾ ٻيڙيون اچي سگهن ٿيون،
جڏهن درياهه ۾ پاڻي چڙهيل هوندو آهي. هي قلعو مير
فتح علي خان ٺهرايو هو، جيڪو موجوده اميرن جو وڏو
ڀاءُ هو ۽ سنڌين طرفان انهيءَ قلعي کي ايڏو ته
مضبوط سمجهيو وڃي ٿو، جو هنن جو اعتقاد آهي ته ان
کي فتح ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون وينديون، تن
کي اهو ناڪام بنائي ڇڏيندو، پر اهو هڪ يورپي دشمن
جي باقاعده حملن جي خلاف ڪو خاص بچاءُ ڪري نه
سگهندو. فصيلن جي شڪل و صورت بلڪل بيقاعدي آهي،
ڇاڪاڻ ته اهي اهڙي نموني ۾ ٺاهيون ويون آهن، ته
جيئن اهي پهاڙيءَ جي ڪنڊن ۽ ورن وڪڙن سان مشابهت
رکن. ديواريون زياده تر سرن جون ٺهيل آهن ۽ انهن
جي اوچائي پندرهن کان وٺي ٽيهن فوٽن تائين آهي. ان
جا بنياد چڱا خاصا ٿلها ۽ مضبوط آهن، پر اهي
چوٽيءَ ڏانهن ويندي سنها ٿيندا وڃن ٿا ۽ ديوارين ۾
رکيل نالين ۽ ٻاهر ڏسڻ لاءِ ڪيل سوراخن سبب
ايتريقدر ته ڪمزور ٿيل آهن، جو انهن تي جيڪڏهن
مهارت سان ڪي ٿورائي گولا هنيا وڃن ته انهن جو
ڪوبه حصو ڊهي پوندو ۽ فصيلن جي پناهه ۾ بيٺل ماڻهو
ٻاهران موڪليل بندقون جي گولين جو آسانيءَ سان
نشانو بنجي پوندا. مڙني فصيلن جي پاسن کان جيڪي
گول برج تعمير ٿيل آهن، سي ڏاڍن مناسب هنڌن تي
بيهاريل آهن، ۽ انهن جو هڪٻئي کان مفاصلو ٽن يا
چئن سون قدمن جيترو آهي ۽ اهي سڀ تعميرات، پهاڙيءَ
جي اوچائيءَ سان گڏجي، سڄو قلعو مجموعي طور رعبدار
نظارو پيش ڪري ٿو. ان کان علاوه، ٽڪريءَ جو پٿر
تمام نرم ۽ ڀُرڻو آهي ۽ ان جي سلامي اهڙي آهي، جو
ديوار ۾ وڌل رخني مان ڪِرندڙ ڪچرو ان تي بيهي
رهندو ۽ حمله آور فوجن کي مضبوطيءَ سان پٻيرن
ڄمائڻ لاءِ فراهم ڪري انهن جي مادي طور مدد ڪندو.
اتر طرف، هڪ سُڪل گڏ آهي، جنهن جي مٿان هڪ پل ٺهيل
آهي، جيڪا قلعي جي هڪ دروازي وٽ وڃي کُٽي ٿي، جنهن
جي بچاءُ لاءِ ان جي مٿان هڪ زبردست مورچو تعمير
ڪيل آهي. حيدرآباد جي قلعي جي فصيلن تي اٽڪل ستر
توبون لڳل آهن، پر دروازي جي مٿان اڏيل مورچي ۾
رکيل اَٺن يا ڏهن توبن کان سواءِ، جيڪي ڳري ڌاتوءَ
مان ٺهيل آهن؛ باقي ٻيون سڀ توبون ننڍيون ۽ خراب
حالت ۾ ٻڌايون وڃڻ ٿيون. ”پيٽاهه“ يا پسگردائي
واري بستي قلعي جي اترئين طرف ڌرتيءَ جي هڪ
مٿانهين حصي تي واقع آهي ۽ اها ٻن هزار پنج سؤ
گهرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اٽڪل ڏهن هزارن جي
آبادي آهي. قلعي جي اندرئين حصي ۾ پڻ ذري گهٽ
ساڳئي تعداد ۾ گهر آهن، پر انهن ۾ ماڻهو اڌ جيترا
به ناهن، ۽ جيڪي اندر رهن ٿا، سي سڀ سپاهي آهن.
حيدرآباد ۾ ٺهندڙ مکيه شين ۾، مختلف قسمن جا هٿير
جهڙوڪ: توڙيدار بندوقون، نيزا، تراريون ۽ ڀرت ڀريل
ڪپڙا شامل آهن. چيو وڃي ٿو ته فقط هٿيارن مان ئي
پسگردائيءَ جي آباديءَ جي پنجين حصي کي روزگار ملي
ٿو ۽ انهن مان ڪن هٿيارن جي بناوٽ اهڙي آهي، جو
انهن کي يورپي ڪاريگرن جي ٺهيل هٿيارن کان مشڪل
سان جدا ڪري سگهجي ٿو.
جنهن ڏينهن اسان جي دربار ۾ اجيان ڪئي ويئي هئي،
تنهن جي ٻئي صبح جو هندستان کان آميرن لاءِ آندل
سوکڙيون پاکڙيون هر هڪ امير جي مختلت محلات ڏانهن
وفد جي چوبدارن جي حفاظت ۾ موڪليون ويون. انهن ۾
ڪافي وڏي قيمت واريون آرسيو، سونيون گهڙيون،
گهڙيال، ڇيريدار بندوقون، دوربينيون، پستول، بخمل
۽ چينيءَ جون سرون شامل هيون ۽ اهي فقط آخري ذڪر
ڪيل چيز کان سواءِ، جنهن کي انهن قبول ڪرڻ سندن
شان کان گهٽ سمجهي واپس ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ٻيون سڀ
شيون شڪر گذاريءَ سان وصول ڪيون ويون. درحقيقت، هو
انهن سرن کي ڪافي قيمتي نه سمجهي رهيا هئا، ۽ هنن
انهن جي بدران ڪا وڌيڪ قيمتي شئي وصول ڪرڻ لاءِ،
انهيءَ چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻ ٿي چاهيو. پر جيئن ته
هنن جو اهي شيون وٺڻ کان انڪار ڪرڻ کي، سوکڙيون
موڪليندڙ جي بيعزتي سمجهيو وڃي ها، ان ڪري ايلچيءَ
هنن جي اعتراض جي سخت مخالفت ڪئي ۽ انهيءَ اڻهوءَ
کي، جنهن جي ذريعي اميرن انهيءَ باري ۾ پنهنجي
جذبات جو اظهار ڪيو هو، هيئن چيو ته هو پنهنجن
آقائن کي سمجهائي ته چينيءَ جون سرون ٻين سڀني شين
سان گڏ، انهيءَ حڪومت جي دوستيءَ جون علامتون
هيون، جنهن جي هو نمائندگي ڪري ٿو، ۽ اهي شيون،
سوکڙين کان وڌيڪ انهن مختلف صنعتن جا نمونا اهن،
جيڪي انگلنڊ جي ڪارخانن ۾ ٺهن ٿيون، ۽ سمجهيو وڃي
ٿو ته انهن جون قيمتون سنڌ جي اميرن جي خيال ۾ ڪا
اهميت نه رکنديون هونديون، پر جيئن ته معاملو ائين
نه پئي نظر آيو، ان ڪري هو سڀ ئي سوکڙيون واپس
وٺڻ، وفد جي واپسيءَ تي اهي هندستان کڻي وڃڻ لاءِ
تيار هو، جنهن کان پوءِ رائيٽ آنربل دي گورنر جنرل
کي انهيءَ ڳالهه جا سبب سمجهائڻ اميرن جو ڪم
ٿيندو، جن جي ڪري سندن طرفان انهيءَ قدم کڻڻ جي
ضرورت پيئي. اهي ڳالهيون، جيڪي اميرن جي فطري حرص
۽ لالچ جي اثر ڪرڻ ۽ سندن دلين ۾ انگريزي حڪومت کي
ناراض ڪرڻ جي خطرن کي بيدار ڪرن لاءِ چڱيءَ طرح
سان سوچي سمجهي چوائي موڪليون ويون، تن اهو اثر
ڪيو جو هنن جي سڀني اعتراضن کي خاموش ڪري ڇڏيو ۽
ان کان پوءِ هنن جواب ۾ دستوري ۽ رسمي سوکڙيون
اسان جي ڇانوڻيءَ ڏانهن ڏياري موڪليون. عالي حڪومت
لاءِ هنن جيڪي سوکڙيون موڪليون، سي فقط گهوڙا هئا،
ايلچيءَ کي، هر هڪ ڀاءُ جي طرفان هڪ هڪ گهوڙو ۽ هڪ
خوبصورت ترار موڪلي ويئي، ۽ اسان جي جماعت جي باقي
ماڻهن کي سنڌ ۾ ٺهندڙ گهٽ قيمت واريون مختلف شيون
ڏنيون ويون.
اميرن سان تعارفي ملاقات کان پوءِ اسان کي ٻيو
دفعو سندن درٻار ۾ پيش ڪيو ويو، ۽ انهيءَ موقعي تي
سڀ ڳالهيون انتهائي باقاعدگيءَ ۽ آرام سان سرانجام
ڪيون ويون. هو اسان جي انهيءَ ساڳئي ٿلهي تي ۽
ساڳيءَ تعظيم سان مليا، پر هن ڀيري محافظن ۽ نوڪرن
جي اندر گوڙ ڪري بيهڻ بدران، جيئن انهن اسان جي
پهرين ملاقات جي موقعي تي ڪيو هو، فقط چند محافظن
کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ اهي اسان کان
گهڻو پري ديوارين سان لڳي چوڌاري نهايت احترام
سان، پنهنجا هٿ سيني تي رکي بيٺا رهيا. ٽيئي
شهزادا هن موقعي تي خوب ڳالهائيندا رهيا، ڇاڪاڻ ته
منهنجي راءِ موجب، هنن جي دلين تان سندن شخصي
سلامتيءَ متعقل خطرو لهي ويو هو، جيڪو شڪ ناهي ته
هنن کي اسان جي پهرين ملاقات جي موقعي تي موجود
هو. هو نه فقط اسنا جي ترارين سميت سندن موجودگيءَ
۾ حاضر رهڻ جي خيال سان لهي ويا هئا، پر هنن واري
وٽيءَ سان اسان سڀني کي پنهنجيون تراريون مياڻن
مان ڪڍي کين ڏيارڻ لاءِ چيو ته جيئن هو انهن جي
ڌاتوءَ ۽ فنڪاريءَ جو اندازو لڳائي سگهن. ان کان
پوءِ هنن پنهنجون تراريون ۽ انهن کان پوءِ خنجر به
ڪڍي ڏيکاريا، جن مان هر هڪ نهايت اعليٰ درجي جي
فولاد مان ٺهيل هو ۽ هنن اسنا کي ٻڌايو ته اهي
شيون خريد ڪرڻ لاءِ سال بسال پنهنجا عيوضي ايران ۽
ايشيا مائنر ڏانهن موڪليندا هئا، جن کي اهي
هدايتون هونديون هيون ته هو بهترين قسمن جون
تراريون ۽ خنجر هٿ ڪرڻ ۾ خرچ جو خيال نه ڪن. حقيقت
ته اها آهي ته جيئن اسان کي سندن ڳالهين ٻولهين ۽
گفتگوءَ مان اندازو لڳو ته هو ترارين ۽ ٻين هٿيارن
جي شوق پوري ڪرڻ لاءِ فضول خرچيءَ جي حد تائين خرچ
جي جيڪا اجازت ڏيندا هئا، سا سندن خرچ جي هڪ ئي
اهڙي حد هئي، جيڪا سندن پئسن گڏ ڪرڻ جي حرص تي
حاوي هوندي هئي ۽ هو پنهنجي انهيءَ سوق کي اهڙي ته
حيرتناڪ حد تائين وڃي پهچائيندا هئا، جو ڀائر
هڪٻئي سان انهيءَ باري ۾ مقابلو ڪندا هئا ۽ انهن
مان ڪهڙي وٽ مهانگيءَ کان مهانگيون عجيب و غريب
شيون، گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ موجود هيون. انهيءَ
جنون جا، بين اهڙن اڪثر شوقن وانگر، ڪي مخصوص عام
فائدا به نڪرندا آهن: ڇاڪاڻ ته دربار ۾ موجود
رهندڙ امير ۽ سردار جيئن پنهنجن حاڪمن کي ڪندو
ڏسندا آهن، تيئن قدرتي طور اُهي پڻ سندن مثالي وٺي
نقل ڪندا اهن. اهو جذبو آباديءَ جي هيٺين طبقن ۾
پڻ پکڙجي ويو آهي، جنهن مان حيدرآباد ۾ هٿير سازن
جي وڏي تعداد لاءِ روزگار، ۽ ساڻ ئي گڏ انهيءَ
دستڪاريءَ جي اعليٰ نموني ۾ نفاست جا موقعا پيدا
ٿيا آهن.
هن دربار جي موقعي تي امير اڳينءَ درٻار جي ڀيٽ ۾
اڃا به وڌيڪ شاندار پوشاڪن ۾ ملبوس هئا، بهرحال،
سندن لباسن جي تبديليءَ ۾ ڪابه اهڙي غير معمولي
ڳالهه ڪانه هئي. جنهن جو هت بيان ڪيو وڃي. وڏي
ڀاءُ جي ڳچيءَ ۾ سچن موتين جا ڪجهه تمام ڊگھا هار
پيل هئا، ۽ هڪ ٻيو سندس هٿ ۾ هو، جنهن کي هو تسبيح
وانگر استعمال ڪري رهيو هو، ۽ انهن جي ڪشادگي ايڏي
ته وڏي هئي، جو هن موقعي کان اڳي آءٌ ان کي بلڪل
ناممڪن سمجهان ها. ننڍن مان هڪ شهزادي وٽ سندس
ڪمرپٽي ۾ هڪ خنجر لڳل هو، جننه جي دستي وٽان هڪ
اهڙو مڪمل طرح گول زمرد لٽڪي رهيو هو، جيڪو هڪ
ڪبوتر جي آني کان به وڏو هو.
هن حاضريءَ کان پوءِ ايلچي اميرن سان گڏجي اڪيلائي
۾ هليو ويو ۽ ساڻن تخليه ۾ ڳالهيون ڪيون، جڏهن هن
انهن شهزادن کي انهن مذاڪرات جي نوعيت سمجهائي،
جيڪي کيس گورنر جنرل طرفان ڪرڻ لاءِ سونپيا ويا
هئا ۽ ساڻ ئي گڏ هن پنهنجي هن خواهش جو به اظهار
ڪيو ته هو پنهنجي حڪومت جي اهڙن آفيسرن کي نامزد
ڪن، جن کي هو پنهنجي طرفان انهن مختلف موضوعن تي
ڳالهين ڪرڻ جا اهل سمجهن ٿا، جيڪي سندس وفد جي اچڻ
سان واسطو رکن ٿا. انهيءَ تجويز کي هنن هڪدم تسليم
ڪيو ۽ وعدو ڪيو ته سندن وزير روزانو انگريزي
ڇانوڻيءَ ۾ حاضري ڏيندا، جيسين سڀني ڳالهين کي
آخري طور طئي نه ڪيو ويندو.
اميرن طرفان جن وزيرن کي مقرر ڪيو ويو، سي ولي
محمد لغاري، آخوند بقا خان ۽ هڪ هندو نالي مشتاق
رام هئا، جن سڀني جي قابليت تسليم ٿيل هئي ۽ انهن
کي سندن آقائن جو پورو پورو اعتماد حاصل هو. پر هن
هنڌ مذاڪرات جي تفصيلن جي واڌاري جو بيان ڪرڻ غير
دلچسپ ۽ اهڙوئي غير مفيد ٿيندو، جن ۾ اسان جي
حيدرآباد جي بعد واري قيام جي دوران ۾ ايلچيءَ جو
ڌيان مڪمل طور مرڪوز رهيو. انهن ڳالهين جي نوعيت،
ڇاڪاڻ ته انتهائي نازڪ ۽ مُنجهائيندڙ هئي، ان ڪري
اهي بطور خاص دلچسپيءَ کان خالي هيون
، ۽ جيئن
ته سنڌ جي حڪمرانن حاڪمانه برتريءَ جو اهو رويو
ترڪ ڪري ڇڏيو هو، جنهن اسان جي سندن ملڪ ۾ آمد جي
شروعات ۾ هنن جي مذاڪرات جي رهنمائي ڪئي هئي، ان
ڪري ان کان پوءِ جيڪي به ڳالهيون ٻولهيون هيون، تن
جي نوعيت خالص طور سياسي هئي. چنانچه هن هنڌ
منهنجي لاءِ فقط ايترو اضافو ڪرڻ ڪافي آهي ته انهن
جو نتيجو هندستان جي اعليٰ ترين برطانوي اختياريءَ
لاءِ انتهائي درجي تائين اطمينان بخش هو ۽ ايلچيءَ
کي سندن بالا عملدارن طرفان، انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ
۾، جيڪي کيس ڏنا ويا هئا، جنهن پختگيءَ، وقار ۽
فيصلي جي صحيح قوّت جو مظاهرو ڪيو هو، تنهن لاءِ
کيس آفرين نامو ڏنو ويو ۽ جنهن شڪرادائيءَ جو
مستحق هو، تنهن جو پورو پورو اظهار ڪيو ويو. اميرن
طرفان گورنر جنرل ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ ايلچي مقرر
ڪيو ويو، جنهن کي اسان جي وفد جي همراهه سان هلي،
انهيءَ عهدنامي جي تصديق ٿيل نقل واپس آڻڻو هو،
جيڪو اسان جي وچ ۾ طئي ٿيو هو.
اسان اميرن سان الوداعي ملاقات ڪرڻ بعد سندن طرفان
مهيا ڪيل ٽن ”جمپٽين“ يعني سرڪاري ڪشتين تي 25 ـــ
آگسٽ جي صبح جو سوار ٿياسون، جڏهن ته اسان جي
سامان انهن ٻيڙين تي چاڙهي روانو ڪيو ويو، جيڪي
انهيءَ مقصد لاءِ خاص طور ڪرايي تي حاصل ڪيون ويون
هيون ۽ اسان حيدرآباد کان ڏکڻ ـــ اوڀر واري طرف
ڦليليءَ ۾ اچي داخل ٿياسون، تان جو اچي گونيءَ جي
منهن ۾ گهڙياسون، جنهن نهر جو مون اڳيئي ذڪر ڪيو
آهي، اتان کان پوءِ اسان ٽئين ڏينهن سدام جو وقت
ڪَڍڻ واري ڳوٺ پهتاسون ۽ جيئن ته اتي پاڻي
ايتريقدر ته لهي چڪو هو، جو ٻيڙيون ڏاڍي مشڪل سان
تري پئي سگهيون، ڇاڪاڻ ته اهو ڳوٺ گونيءَ
جي بلڪل
پڇڙيءَ وٽ واقع هو، ان ڪري اسان ٻيڙين مان اهو
معمولي سامان لاهي ڇڏيو، جيڪو اسان پاڻ سان گڏ
آندو هو. اتي ڪجهه ڏينهن تائين شڪار ڪرڻ لاءِ ترسڻ
کان پوءِ، اسان انهيءَ کاري پاڻيءَ ۾ داخل ٿياسون،
جيڪو سنڌ کان ڪڇ کان جدا ڪري ٿو ۽ انهيءَ آخري ذڪر
ڪيل ملڪ جي بلڪل اولهه ۾ واقع لکپت بندر تي 7 ـــ
سيپٽمبر تي پهتاسون. جن ٻيڙين تي اسان جي سامان جو
گهڻو ڀاڱو ۽ وفد جي ملازمت ۾ شامل ٿيل ديسي ماڻهن
کي چاڙهيو ويو هو، سي سڌيءَ طرح گونيءَ وچان وڃي
علي بندر پهتيون، جتي انهن سڀني کي لوڻي نديءَ ۾،
ٻين ٻيڙين ۾ چاڙهيو ويو ۽ اهي اسان سان ڪڇ ۾ اچي
مليا.
انهيءَ سڄي سفر جي دوران اسان جنهن هڪ ئي قابلِ
ذڪر هنڌ وٽان لنگهياسين؛ سو محمد خان جو ٽنڊو هو،
جيڪو هڪ وڏو خوشحال ۽ قلع بند شهر آهي ۽ حڪمران
اميرن جي هڪ عزيز سلطان عليءَ جو رهائش گاهه آهي.
هو ڪيترن ئي آباد ضلعن جو مالڪ آهي ۽ سندس گاديءَ
وارو شهر انهن سڀني اُترين واپارين جي ملڻ جو هنڌ
آهي، جيڪي هر سال هندستان جي منڊيءَ ڏانهن گهوڙا
آڻيندا آهن. هن جي آمدني هن وقت (1813ع) ۾ چئن کان
پنج لک رپيا (پنجاهه هزارن کان وٺي 6255 پائونڊ
اسٽرلنگ) ساليانه آهي، ۽ هن جو علائقو اهڙيءَ تيز
رفتار ترقيءَ ۾ آهي، جو جيڪڏهن ه ٻين شهزادن جي
سازشن ۽ تعصب کان آجو ۽ آزاد رهيو ته هو جلد ئي
انهيءَ آمدنيءَ کي ٻيڻي بنائڻ جي اميد رکي سگهي
ٿو. حيدرباد ۽ ڪَڍڻ جي درميان درياهه جي عين ڪپن
تي واقع سڄو ملڪ عام طرح ڏاڍو سٺو آهي ۽ ڀلن فصلن
پيدا ڪرڻ وارو آهي، پر جتي به زمين اميرن جي ملڪيت
آهي، اتان جا آبادگار ڏاڍا بددل ٿيل آهن ۽ انهن جي
زمين ويران پيئي آهي.
ڪڍڻ کان وٺي لکپت تائين ويندڙ رستو هڪ لوڻياٺي
ميدان مان لنگهي ٿو، جيڪو ٽنڊي محمد خان جي گاديءَ
واري شهر کان چار ميل پري آهي. لکپت بندر کان وٺي
اسان ڏاڍي آسانيءَ سان ماندويءَ تائين پهتاسون،
جيڪو ڪڇ جي نار تي الهندي طرف واقع هڪ سامونڊي
بندر آهي، جنهن هنڌ آنربل ڪمپنيءَ جي جنگي جهازن
”بنارس“ ۽ تيگنمائوٿ“ کي ايلچيءَ ۽ سندس عملي کي
بمبئي پهچائڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو هو، هتي اسان
آڪٽوبر جي آخري تاريخن ۾ پهتاسون. سنڌ جي تاريخ ۽
رقبي بابت هن سان ڳنڍيل باب ۽ جاگرافيءَ ۽ ڪن اهم
انگن اکرن بابت پڻ ڪجهه اهم ڳالهيون شامل ڪيل آهن،
جن کي مون هن کان اڳ ۾ شامل ڪرڻ ۾ آساني محسوس نه
ڪئي آهي. هن وقت سنڌ جي آبادي هندن، جتن
، بلوچن يا
وڌيڪ صحيح طرح بيان ڪجي هڪ ته آخر ۾ ذڪر ڪيل ٻن
نسلن جي ميلاپ مان اُڀريل هڪ ٽئين نسل جي گاڏڙ
آباديءَ تي مشتمل آهي.
سنڌ جا ماڻهو رنگ جا پڪا آهن، پر مجموعي طور انهن
کي بيحد خوبصورت چئي سگهجي ٿو، قد ڪاٺ ۾ اهي ٻين
ايسائي قومن جي وچولي قد کان مٿڀرا آهن ۽ شڪل
شبيهه توڙي بدن جي عضون جي بناوت سٺي اٿن. سندن
زالن جي سونهن پهاڪي چڙهيل آهي، ۽ اهي واقعي آهن
به انهيءَ تعريف لائق. ٺٽي ۽ حيدرآباد جي قيام
دوران جڏهن اسان گهوڙن تي سواريءَ لاءِ ٻاهر
نڪرندا هئاسون، تڏهن اسان کي اعليٰ طبقي جي ڪن
عورتن کي ڏسڻ جو رواجي موقعو مليو هو، جيڪي اسان
کي ڏسڻ جي شوق کان اوڏانهن ڇڪجي آيون هيون، پر
ناچو ڇوڪرين جي مختلف ٽولين ۾، جيڪي اسان جي اڳيان
پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ مختلف موقعن تي
اينديون رهيون، مون ڪا هڪ به اهڙي ڪانه ڏٺي، جيڪا
پنهنجي شڪل و صورت جي خوبصورتي يا پنهنجي بدن جي
ڊول ڊيل کان نمايان نه هئي ۽ اڪثر حالتن ۾، هنن ۾
سونهن جون اهي ٻيئي خوبيون حيرت انگيز حد تائين
گڏيل موجود هيون.
مردن جي پوشاڪ ڍولو پهراڻ، مُرن وٽ جهُل هڻندڙ
سلوار، ۽ چورسين اڳڙين کي ڳنڍي ٺاهيل يا ڪپڙي جي
لسي ٽوپيءَ تي مشتمل آهي، جنهن جي شڪل انگريزي
ٽوپلي جي مٿئين حصي وانگر آهي ۽ انهن کي هيٺين
ڪناري وٽ خوبصورت ريشمي يا زريءَ جي گلن ۽ ٻوٽن
سان سينگاريو وڃي ٿو. زالن جو لباس، ٽوپيءَ کان
علاوه، ذري گهٽ ساڳيو آهي، ان کان سواءِ هو ٻاهرين
لباس جي هيٺان ريشمي چولي پائين ٿيون، جيڪا سندن
بدن تي پوريءَ طرح سان لڳي بيهي ٿي ۽ پٺئين طرف
کان ٻڌي مضبوط ڪجي ٿي ۽ اهي جڏهن ٻاهر نڪرن ٿيون،
تڏهن ساڙهي يا وڏي چادر بندن کي ويڙهين ٿيون ۽
جڏهن به اهي ڪنهن نامحرم جي مُنهن چڙهن ٿيون، ته
انهيءَ چادر جي هڪ ڪناري کي پٺيان کان مٿي تان
ورائي، منهن تي پردي وجهڻ جو ڪم وٺن ٿيون.
فصل (14)
سنڌ صوبي جي اتر طرف ڪڇ گنداوا جو صوبو، شڪارپور
ضلعو، ۽ بهاول خان جا علائقا اهن، جنهن کي عام طرح
دائود پوٽو چيو وڃي ٿو؛ ڏکڻ طرف هندي سمنڊ ۽ ڪڇ ڀڄ
جو ڪجهه حصو آهي؛ اوڀر طرف هڪ وسيع ريگستان آهي،
جيڪو ان کي اجمير، مارواڙ، اڌيپور، جوڌپور،
بيڪانير وغيره کان جدا ڪري ٿو ۽ الهندي طرف لس ۽
جهلوان جا صوبا واقع آهن.
هيءُ ملڪ مصر سان جيڪا مشابهت رکي ٿو، سا ايتريقدر
ته گهڻي آهي، جو اها ڏسندڙ کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي،
هڪ سنڌو سنئون ميدان، جنهن جي وچان هڪ شاندار
درياهه وٿي ٿو ۽ ڪجهه مفاصلي تائين ٻنهي ڪنارن
واري علقئي کي سائو ۽ آباد ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ
ان جي هڪ ڪناري تي زمين جو مٿاڇرو وارياسو ريگستان
ٿيو پوي ۽ ٻيو ڪنارو غيرآباد ۽ خشڪ ٽَڪرن سان
ڀرجيو وڃي، جيڪي سندن زمين توڙي آب و هوا، ٻنهي جي
لحاظ کان نهايت غير مهمان نواز آهن.
هن صوبي جي قدرتي بيهڪ، جيڪا هندستان ۾ انگريزي
حڪومت جي مقبوضه علائقن جي الهندي طرف تي آهي، ۽
اها عظيم رڪاوٽ، جيڪا ان جي درياهه انهيءَ طرف کان
ايندڙ ڪنهن به حمله آور جي آڏو پيش ڪندو، جيڪا
ڳالهه انهن سهوليتن سان گڏجي، جيڪي انهيءَ ئي
رڪاوٽ طرفان اسان کي سمنڊ جي مالڪ هئڻ جي حيثيت ۾،
هندستان ڏانهن پيشقدمي ڪندڙ ڪنهن به دشمن جي
ڪاررواين کي منهن ڏيڻ لاءِ مهيا ڪندي، سي سڀ گڏجي
هميسه سنڌ کي وسيع سياسي اهميت جو علائقو بنائين
ٿيون؛ ٻئي طرف ان جي گجرات ۽ ٻين اهڙن ملڪن سان
ويجهڙائي جيڪي گذريل ڪجهه سالن کان برٽش اپسٽ
انديا ڪمپنيءَ جي انتظامي اختياريءَ هيٺ رهيا آهن؛
انهيءَ صوبي کي محض هڪ اڻ ڏٺل علائقي جي حيثيت ۾
ئي، ان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ متعلق اڳي کان وڌيڪ
قريبي کوجنا جو حقدار بنايو آهي، جيڪا هن وقت
تائين اسان جي طرفان ان تي ڪئي ويئي آهي. ان جي
جاگرافيءَ متعلق کوجنا، بنان ڪنهن شڪ شبهي، جي، ان
مون کي سنڌ جي متعلق معمولي نوعيت جي تاريخي جانچ
جونچ ڪرڻ جي آماده ڪيو، ڇاڪاڻ ته هڪ ته اهو صوبو
بلوچستان جي بادشاهيءَ سان لڳولڳ آهي ۽ ٻيو ته
ٻنهي جي آبادي ساڳي ئي نسل مان آهي، ان ڪري آءٌ ان
بابت هڪ مختصر جائزو شامل ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو
آهيان، پر منهنجي اها خواهش آهي ته اهو اڳواٽ ئي
سمجهڻ گهرجي ته آءٌ اهو جائزو ماڻهن اڳيان قطعي
بيان طور پيش نٿو ڪريان، پر هن خيال کان شامل
ڪريان ٿو ته شايد اهو هن کان پوءِ ايندر کوجنا
ڪندڙن کي ڪجهه مدد ڏئي. جڏهن من اوائل ۾ پنهنجو
فرصت جو وقت انهن کوجنائن کي شايع ڪرڻ جي مقصد سان
صرف ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن منهنجو مقصد سنڌ جي هڪ وڏي
تايرخ گڏ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ جو هو، پر جيئن ته مون
جلد ئي ڏٺو ته اهو مواد بذات خود هڪ وڏو جلد بڻجي
پوي ها، ۽ ان کان سواءِ، مون جيڪي اڳين ٻن صوبن
بابت معمولي دستاويز هٿ ڪيا هئا، سي نهايت ناقص ۽
اڻپورا هئا ۽ جيئن ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ وارن
موضوعن کي لکڻ ۽ ماپائڻ ۾ ئي مون کي ڪافي محنت
ڪرڻي پوندي، ان ڪري آءٌ اهڙي ڪوشس ڪرڻ جي همت ساري
نه سگهيس، ۽ هاڻي ته هن حقيقت جون مون کي ايتريقدر
شعور حاصل ٿيو آهي، جو منهنجي انهيءَ معاملي ۾ ڄاڻ
بلڪل معمولي آهي، جيڪڏهن مون لکڻ دوران مختلف هنڌن
تي تاريخي حوالا نه ڏنا هجن ها، ته آءٌ هن باب کي
ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو خيال ئي ترڪ ڪري ڇڏيان هان.
سنڌ جي صوبي جي ڄاڻ، سڀ کان اڳ ۾ عيسوي سن کان چار
صديون اڳي ان وقت يونانين کي حاصل ٿي، جڏهن سڪندر
جي فوجن هن سان گڏ هندستان ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو،
جيڪو ان کان پوءِ سنڌونديءَ ۾ داخل ٿيڻ کان مجبور
ٿيو ۽ نيٺ اچي سمنڊ ۾ پهتو. اسان کي معلوم ٿئي ٿو
ته انهيءَ وقت هو پنجاب کان وٺي سمنڊ تائين جن
علائقن وچان لنگهيو، سي مختلف حڪومتن جي گادين جا
هنڌ هئا، انهن مان سڀني کان وڌيڪ اتر ۾ واقع حڪومت
سوگدي نالي هئي. جنهن لاءِ خيال آهي ته اهو نالو
ان وقت جي بکر شهر يا قلعي جو هو، جيڪو سنڌو
درياهه جي وچ ۾ واقع هڪ ٻيٽ تي هو ۽ جنهن سان سکر
۽ روهڙي نالي جا ٻه پسگردائي وارا شهر درياهه جي
ٻن ڪنارن تي هئا. آئين اڪبري اسان کي ٻڌائي ٿو ته
انهيءَ شهر کي بعد ۾ منصوره سڏيو ويندو هو. پر اهو
نالو ان کي گهڻو ڪري هن ملڪ جي عرب فاتحن
طرفان
بلڪل مختصر مدت لاءِ عارضي طور لقب خاطر هن سبب
کان ڏنو ويو ٿو ڏسجي، جو هنن کي انهيءَ هنڌ سنڌ جي
مقامي هندو راجائن تي سوڀ حاصل ٿي هئي، اها جاءِ
اڃا به ڪجهه اهميت واري آهي، جيتوڻيڪ ان جون
باهريون فصيلون ڀڄي ڀري ويون آهن، پر هن باري ۾
مون کي ڪوبه تحريري رڪارڊ دستياب ڪونه ٿي سگهيو
آهي ته ان تي بکر نالو ڪهڙي وقت پيو. مون انهيءَ
سهر جو سڀ کان پهريائين، انهيءَ نالي سان ذڪر هجري
سال 416 (مطابق سنه 1001ع) ۾ ڏٺو آهي، جڏهن ان تي
مشهور ۽ معروف شهنشاهه محمود غزنويءَ جي فوجن
طرفان قبضو ڪيو ويو هو، تنهن کان اڳي عباسي خاندان
جي پنجويهين خليفي القادر با الله اهو سنڌ جي
مقامي سردار جي حوالي ڪيو هو، جيڪو انهيءَ خاندان
جو پويون خليفو هو، جنهن کي ايران جي موجوده سلطنت
جي الهندي طرف واقع ڪن به علائقن تي قبضو حاصل هو.
|