سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :14

لس جي صوبي کان افغانستان جي سرحد تائين 65 ۽ 66 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ جو بلوچستان جو حصو اچي وڃي ٿو، سو سارو ڪوهستاني علائقو آهي. اها حيرت انگيز جبلن جي قطار جنهن کي مان بروهي جبلن جو نالو ڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ بروهي رهن ٿا، سا سڀني ٻين جبلن جي جڙ آهي. تنهنڪري هن ڪتاب ۾ ان تي خاص توجهه ڏنو ويندو ۽ آءٌ ان جي خاص بناوت سبب، دستور جي خلاف ان جو بيان ڏکڻ کان شروع ڪندس ۽ ڏيکاريندس ته ڪيئن اها ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري کان اتر طرف مٿي هلي ويئي آهي.

اها قطار اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 25 ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 58-66 ۾ ماوري يا منزي راس وٽان سمنڊ مان نهايت شان شوڪت مسان مٿي اڀري نوي ميل اتر- اوڀر هلي وڃي ٿي. اتي ان مان هڪ شاخ اوڀر- اتر نڪري ٿي. سيوهڻ جي قلعي وٽ سنڌوندي، انهيءَ جي شاخ اوچائي جي لحاظ کان قابل ذڪر ناهي. ان جو نالو هِت انڪري ورتو ويو آهي جو اها انهن جبلن جي اوڀارين حد آهي. اها شاخ ويڪرائي ڦاڪ جي 45-25 ۽ 30 جي وچ ۾ نڪري ٿي، جتان اصلي قطار سڌو اتر هلي وڃي ٿي ۽ هاڻي سنڌ، ڪڇ، گندوا ۽ سيوستگان جي حصي جي حد نروار ڪري ٿي. اڳي اها هندستان جي حد ڪري سمجهي ويندي هئي. ان کان پوءِ، اها وري پنهنجو اصلوڪو رخ اتر- اوڀر وارو وٺي ٿي ۽ تڪڙو تڪڙو سُسندي وڃي ٿي، تان جو وڃي انهن ٽڪرين سان هڪ تئي ٿي، جن ۾ ڪاڪڙ ۽ ٻيون افغان قومون رهن ٿيون. ظاهر اهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي تفتيش انهيءَ طرف وڌايان ها ته مون کي پهريائين انهن ٽڪرين جي اصليت تي کوجنا ڪرڻي پوي ها. مون کي هڪ مضمون لکڻو پوي ها جنهن جو بلوچستان جي جاگرافيءَ سان ڪو تعلق نه هجي ها. انهن سببن ڪري مون انهيءَ موضوع کان ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو آهي.

اولهه طرف بروهي جبل وڌيڪ پيچيدا آهن. سمنڊ کان نڪرڻ وقت انهن جي تر جي ويڪر هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين ٽيهن ميلن کان زياده نه آهي. جبلن جي اوچائيءَ جي لحاظ ان اها ويڪر ڪجهه به ناهي مگر ساڍن ويهن جي ويڪرائي ڦاڪ جي ساڍن ٽيهن کان اُهي آهستي اتر، اتر- اولهه، اتر- اولهه ۽ اولهه اتر- اولهه هليا وڃن ٿا. تان جو اهي ڊگهائي ڦاڪ جي ڪيترن خطن اندر ڦهلجي وڃن ٿا ۽ انهن مان ڪيتريون، ننڍيون ننڍيون شاخون نڪرنس ٿيون. انهن مان شاخون ڪي سڄو بلوچستان لتاڙي اولهه طرف ايران جي جبلن سان وڃي ملن ٿيون. ٻيون ڏکڻ طرف سمنڊ تائين يا ان جي ويجهو وڃي پهچن ٿيون ۽ ان کان پوءِ يا ساحل سان گڏ وڃن ٿيون يا ان دجي ويجهو ويران ڀٽن ۾ گم ٿي وڃن ٿيون. اصلي قطار يا ان جي اولهائين ڀت اتر، اولهه- اتر طرف اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 28 خط تائين وڃي ريگستان جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪنڊ سان ملي ٿي. اتان وري اها اتر- اوڀر نوشڪي طرف هلي ٿي جا اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 30 خط ۾ آهي. اتان وري اها اوڀر جو رخ وٺي ٿي تان جو سُسي افغان ٽڪرين جيتري وڃي ٿي ٿئي ۽ پنهنجي حيثيت وڃائي ڇڏي ٿي.

مگر انهن ٽڪرين جي وچ ۾ ڪيتريون اونچيون قطارون جي اڪٿر اتر- اوڀر کان اچي ريگستان جي پاسي ۾ 66 ۽ 67 ڊگهائي ڦاڪ جي 66 ۽ 67 خطن جي وچ ۾ ختم ٿين ٿيون. ممڪن آهي ته بروهي جبلن جي قطار جنهن جو مون هي نقشو چٽيو آهي سا انهن ٽڪرين سان ڳنڍيل هجي ۽ اها هندوڪش يا هندستان يا ڪوهه قاف جي پربت جي ڏاکڻي شاخ جو پڇ هجي، جنهن مان هزارو يا رويوميسين شاخ نڪري اولهه طرف ڪئسپين سمنڊ تائين وڃي ٿي. انهيءَ جي هڪ شاخ مشهور تخت سليمان جبلن جي، ان جي چوٽيءَ واري نالي سان سڏبي آهي. پر اهي جبل منهنجي ڪتاب جي مقصد کان ٻاهر آهن، تنهنڪري مان انهن جو وڌيڪ احوال ڪونه ڏيندس.

انهيءَ پربت کي جتي ريگستان روڪي ٿو. ان کان ٿورو پري ٻيون شاخون ڦٽي ڏکڻ ۽ اولهه طرف وڃن ٿيون. انهن مان هڪ اولهائين شاخ جا ٻين کان اونچي ۽ جبري آهي سا ريگستان جي ڏاکڻي طرف کان ٻه خط اولهه طرف وڃي ريگستان جي حد بندي ڪري ٿي. اتان اها اوچتو ڦري اتر- اولهه پنجاهه ميل هلي وڃي ٿي. اتي جو ڦيرو کائي ٿي تنهنجو سبب مان اڳتي هلي ڏيندس. تنهن کان پوءِ اها اڃا به وڌيڪ اولهه وڃي ٻين ڪيترين شاخن سان هڪ هنڌ ملي ٿي. اهي سڀ شاخون اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 31 خطي وٽ گڏجي هڪ اونچي مگر اتانهين شاخ ٿئي ٿي. جا ڊگهائي ڦاڪ 59 ۽ 60 خطن جي وچ ۾ ايترو ته اتر طرف هلي وڃي ٿي جو اها ننڍين ٽڪرين جي وسيلي هزاره جبلن سان خراسان جي تختگاهه هرات وٽ وڃيو ڳنڍجي.

اها قطار سيستان جي پرڳڻي کي ڪرمان جي ريگستان کان جدا ڪري ٿي ۽ ايران ۽ ڪابل جي بادشاهن جي حڪومتن جي حد ڏيکاري ٿي. اها ٻين آسپاس ملڪن وانگي ويران ۽ خشڪ آهي. نه پاڻي اٿس نه ساوڪ، ان ۾ اڻڌريل ۽ وحشي ريڍار رهن ٿا. جن کي بلوچ به جهنگلي آدمي ڪري سڏيندا آهن.

ڏيل ۽ فوقتيت جي لحاظ کان ٻيو نمبر شاخ بروهي جبلن جي ڏکڻ- اولهه ڪنڊ مان اڳين قطار کان اٽڪل ڏيڍ خط ڏکڻ ۾ نڪري ٿي. اهي ٻيئي شاخون ٻه سئو ٽيهن ميلن کان به زياده مفاصلي تائين پهلو وڃن ٿيون. وچ ۾ ڪيتريون ريخائون ٻنهي مان نڪري کين ڳنڍين ٿيون. جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ وسيع ۽ ويران پٽ نه هجن ها ته کين هڪ جبلن جو ميڙ ڪري ليکيو وڃي ٿا. اولهه طرف هڪ ٻيو شاهي پربت جهڙو جبلن جو ميڙ اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو. تنهنڪري انهن امن هڪڙو ڦري اتر طرف هليو وڃي ٿو جيئن مٿي ڏيکاريل آهي. مذڪور قطار ڦُٽي ٻه شاخون ٿين ٿيون جي ٿورو وڪڙ ڪري وري اڳتي ڳنڍجن ٿيون. ان کان پوءِ اها شاخ ڏکڻ- اولهه طرف ڪٿي سوڙهي ڪٿي ويڪري ٿيندي، ٻين پهاڙن کي چيريندي ايران جي لارستان ڪوهستان علائقي سان ملي غائب ٿي وڃي ٿي. شروع کان آخر تائين انهيءَ قطار مان ڪيتريون ريسخون ڏکڻ طرف نڪري وڃي مڪران جي ساحل ۾ راسين جي صورت اختيار ڪن ٿيون. انهن مان عربو راس ۽ مبارڪ (جي اسان جي بحري نقشي ۾ بمبارڪ ڪري ڏيکاريل آهي. سڀ کان اونچيون آهن[1]. جي مڪران جي اولهه ۾ جيڪي جنل نڪرن ٿا، انهن کي اڳتي وڃڻ جو رستو ناهي، تنهنڪري اهي ڄڻ ته پٺتي هٽي اصلوڪن جبلن سان ملي ڍير ٿين ٿا، ڏيهي ماڻهو انهيءَ ايراضيءَ کي سڏين ڪوهستان. ڪئپٽن گرانٽ جي لکئي موجب انهيءَ علائقي جي اولهاين ضلعي کي شڪرد[2] چوندا آهن. شڪرد هڪ مرڪب لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڪُد يا ڪُرد بلوچن جو گهر. انهن جبلن جون فلڪ بوس چوٽيون بنپور مان نظر اينديون اهن، جو سئو ميل کان به زياده پري آهي.

انهن ڪوهستان جي جبلن مان، اتي ملڻ کان اڳ ڪيتريون ننڍيون وڏيون شاخون نڪري مڪران جي انهيءَ حصي ۾ هليون وڃن ٿيون جنهن مان مون سفر ڪيو هو. انهن شاخن کي هڪ طرف ڏانهن ڪوهستان جا بيابان آهن ۽ ٻئي طرف کان ڪوهستان جبلن جي اها قطار، جا اتر طرف وڃي ٿي. انهن جي وچ ۾ شاخون سوڙهيون ٿينديون وڃن ٿيون. تان جو وڃي هڪ هنڌ گڏجن ٿيون. جيئن مٿي ڏيکاريل آهي. ڪي شاخون وري ڏکڻ اولهه وڃن ٿيون ۽ اڳتي هلي انهيءَ قطار سان ڳنڍجن ٿيون جا مون باسمان مان نڪرڻ وقت ڏٺي هئي[3] جنهن ۾ ڪوهه نوشادر اچي وڃي ٿو.

اهي سڀ شاخون ريگستان واري شڪرد کي نرمنشير کان جدا ڪن ٿيون ۽ وڃي اُڀن ۽ هولناڪ وڪڙن جي صورت ۾ ختم ٿين ٿيون.

هاڻي اسان انهن پربت جهڙن قطارن سجي مقدار ۽ اونچائي متعلق ڪجهه لکنداسين. لاشڪ بروهي جبل ٻين سڀني کان زور آهن اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 20 خطي ۾ انهن جي گهڻي ۾ گهڻي ويڪر تقريباً ٻه سئو ميل ٿيندي ۽ نوشڪيءَ کان سيوستان جي آباد پَٽ تائين ان جي اترئين طرف کان هڪ سئو ٽيهه ميل مگر انهيءَ قطار جي وچ ۾ هڪ ويهن ميلن جو شگاف آهي جنهن ۾ هڪ ويران پَٽ آهي، جو اهڙو ته غيرآباد آهي جو ان کي سڏين ئي دشت بي دولت[4]. بروهي جبلن جي قطار سمنڊ جي ويجهو وڃي سوڙهي ٿئي ٿي. جهلوان صوبي جي ڏکڻ ۾ ڪوهه نوات وٽ ان جي ويڪر اوڀر کان اولهه تائين ويهن ميلن کان زياده نه آهي. مووري يا مانزي جي راس تائين ان جي ساڳي ويڪر آهي. ان جي گهڻي ۾ گهڻي ڊيگهه ڏکڻ، ڏکڻ- اوڀر کان اتر، اتر- اولهه ۾ آهي جتي اها ٻه سئو اسي ميلن کان به زياده آهي. ان جي سڌي ماپ اتر کان ڏکڻ تائين ٻه سئو ميلن کان گهٽ نه ٿيندي. مگر ياد رهي ته مان فقط سڌيون ماپون ڏنيون آهن، رستن جي ڏنگائي ۽ ور وڪڙن کي مون خيال ۾ ڪو نه آندو آهي. هيٺ ڏنل مثال مان ظاهر ٿيندو ته ورن وڪڙن جي ڪري ڪيترو تفاوت ٿي سگهي ٿو. نقشي تي جيڪڏهن ڏسبو ته ائين نظر ايندو ته لس جي گادي ٻيلي کان قلات تائين مفاصلو هڪ سئو سٺ ميل کان زياده ناهي پر ڪئپٽن ڪرسٽي ۽ مون حساب ڪري ڏٺو ته اهو ٻه سئو ٽيانوي ميل يا ان کان به زياده آهي.

اها تسليم شده ڳالهه آهي ته انهيءَ قطار جي سڀ کان زياده اونچائي قلات وٽ آهي. ڏيهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به طرف وڃبو ته قلات کان ضرور هيٺ لهڻو پوندو. مگر جبل جي سلامي گهڻي ڪانه آهي، تنهنڪري قلات مان آسپاس وارو پَٽ نٿو نظر اچي. انڪري اونچائيءَ جي ماپ وٺڻ لاءِ ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو. اونچائي ماپڻ جو سڀ کان آسان طريقو آهي نهرن جون لاهيون چاڙهيون ڏسڻ. مون انهيءَ طريقي جو پورو استعمال ڪري پنهنجو رايو قائم ڪيو جو مٿينءَ راءِ سان ٺهڪي اچي ٿو.

قلات جي وادي4 ۾ نهرون اتر کان اوڀر ڏانهن وهن ٿيون. ڏهه ميل ڏکڻ ڏي اهي اُبتيون ٿيون وهن. معلوم ڪيو ويو آهي ته اولهه طرف جبل جي اونچائي هموار آهي. منهنجي خيال موجب ڪور جي ڳوٺ کان جو قلات کان سَت ميل اتر- اولهه کان وٺي سروان جي جبلن تائين جي ريگستان جي وٽ تي آهن، هڪ مٿانهون پَٽ آهي مگر ان جي اها معنيٰ ناهي ته اهو ڪو سنئون سڌو ميدان آهي. ان ۾ ڪيتريون اونچيون چوٽيون ۽ ٽڪريون آهن جي آسمان سان پيون لڳن. مگر سراسري انهن جبلن جو تر هڪ سطح تي آهي. برسات جي ڏينهن ۾ نَئيون هر طرف وهنديون آهن پر قلات جي طرف اهي ڪور جي ڳوٺ کان اڳتي نه وڌنديون آهن. قلات جي اوڀر طرف پنجويهن- ٽيهن ميلن تائين ملڪ جو حُليو ساڳيو آهي. ان کان پوءِ ڪڇ گندوا جي پَٽ تائين هلڪي هلڪي سلامي آهي، پر سلامي به يڪي نه آهي. بلوچستان جا ڏکيي ۾ ڏکيا لَڪ انهيءَ ايراضيءَ ۾ آهن. اهي هر طرف نَئن کي لنگهڻ کان روڪين ٿا. مون کي ياد آهي ته سرڪجور منزل گاهه جو پاڻي، جو قلات کان ستر ميل اتر- اوڀر طرف آهي. هيٺان مٿان ماٿرين مان لنگهي ساڳئي هموار ايراضيءَ ۾ پهچي ٿو.

مون کي ڪو اوزار ساڻ ڪونه هو جنهن جي مدد سان آءٌ قلات جي اونچائي جي صحيح ماپ وٺي سگھان ها. منهنجو رايو حقيقتن جي مقابلي جي بناءَ تي ٻڌل آهي. جيئن مون اڳي عرض ڪيو آهي ته قلات جي ويجهو بيهي ڏسبو ته ان جي اونچائي معلوم ڪانه ٿيندي مگر ڏکڻ طرف سلامي ڪافي نمايان آهي. رودنجي تائين جو قلات کان پنجويهه ميل پري آهي وڏيون لاهيون آهن. ڪي ڪي لاهيون ايڏيون آهن جو سارو ڏينهن انهن جي پار ڪرڻ ۾ لڳيو وڃي. اتر طرف ڪرڪ تائين جو قلات کان ست ميل پري آهي، سلامي ڪانه آهي مگر ڪرڪ کان نوشڪيءَ تائين ڇهه اونچا لَڪ آهن جن جي اترين لاهين ڏاکڻي لاهيءَ کان ٻيڻي ۽ ڪٿي ڪٿي ته چوڻي اهي، انهن لاهين چاڙهين جو تفاوت ڪافي ٿيندو. پر اسان جڏهن اهي لَڪ ٽِپي تري آياسين ته ڏسڻ ۾ آيو ته ريگستان اڃا گهڻو هيٺ هو. اڳتي اڃا به ستون لَڪ هو جنهن جي لاهي ٻين لَڪن کان ٻيڻي هئي تنهن کان پوءِ به هڪ مٿانهون پَٽ هو جتان برسات يا برف جو پاڻي نَئن جي رستي تيز رفتاريءَ سان وهي وڃي مڪران جي صوبي ۾ ٿي پيو.

قلات جي حرارت به ان جي اونچائيءَ جي تصديق ڪري ٿي. هن تذڪري جي پڇاڙيءَ ۾ آءٌ ملڪ جي جدا جدا حصن جي موسمن بنسبت ڪجهه تبصره ڪندس، تنهنڪري ان باري ۾ وڌيڪ لکڻ مناسب ناهي. قلات جي ايراضي فقط اڍائي گهڙيون راس الجديءَ کان دور آهي[5]. تنهن هوندي به ان ۾ تمام سخت ٿڌ پوندي آهي. نومبر جي پڇاڙيءَ کان وٺي فيبروريءَ جي شروع تائين تراين ۾ برف هوندي آهي. ساريون ۽ ٻيا فصل جن جي پچڻ لاءِ گرميءَ جي ضرورت آهي سي اتي ڪونه ٿيندا آهن. ڪڻڪ ۽ جَو برطانيا کان به دير سان پچندا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته قلات، يوپر ۾ جي سڀ کان اونچا پهاڙ آهن تن کان گهٽ نه آهي. ان ڳالهه ۾ تعجب نه هئڻ گهرجي[6]. تاريز کوجنائن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته دنيا جا سڀ کان عظيم ۽ اونچا پهاڙ ايشيا کنڊ ۾ آهن[7]. بلوچستان جي جبلن جون ٻيون قطارون ڏيک ۽ اونچائي جي لهاظ کان اهڙيون نه آهن جو انهن تي هن مقدمي ۾ بحث ڪجي يا نڪته چيني ڪجي. مختلف صوبي جو احوال ڏيندي آءٌ انهن نمايان جڳهين جو خاص ذڪر ڪندس، جي هت رهجي ويون هونديون. ساڳين سببن جي ڪري آءٌ هت ڇوٽين موٽين نهرن جو احوال به ڪو نه ڏيندس. ها، البت ايترو چوندس ته بلوچستان جي اترئين حصي ۾ ڪا اهڙي نهر نه آهي، جا ڪسيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي لقت جي لائق هجي. البت نئيون برسات جي ڏينهن ۾ تِکيون ۽ ڀرپور وهنديون آهن ۽ نه وري ڪا اهڙي نهر آهي جا شروع کان آخر تائين يڪي وهي، جو مان بلوچستان جي پرڳڻن جي بيان ۾ ٻڌائيندس _ هاڻ اهو شروع ڪريان ٿو.

فصل (2)

جهلوان ۽ سروان جا صوبا ۽ قلات جو ضلعو بروهي جبلن جي قطار ۾ سواءِ انهيءَ حصي جي، جو ويڪرائي ڦاڪ جي ڇويهين خط جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ اچي وڃي ٿو. انهيءَ حصي جون وڌيڪ حدون نروار ڪرڻ شايد فضول نظر اچن پر منهنجي خيال موجب انهي ملڪ جي جاگرافي چڱي طرح سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جا سنڌا چٽائي سان ظاهر ڪيا وڃن.

جهلوان سڀ کان ڏاکڻو ۽ وڏو صوبو آهي. ان جي ڏکڻ ۾ لس ۽ مڪران جو حصو آهي: اتر طرف قلات جو ضلعو ۽ سروان، اوڀر طرف سنڌ جا ڪجهه حصا ۽ ڪڇ گندوا ۽ اولهه طرف خود مڪران، ان ۾ ود، خزدار، نال پندران، زهري، زيدي ۽ ڪي ٻيا ود يا ضلعا جي قابل ذڪر ناهن، اچي وڃن ٿا.

انهن جو مجمل طور احوال ڏيڻ جو ضرور ناهي. هر هڪ ضلعي کي پنهنجو پنهنجو حاڪم آهي. هو سڀ قلات جي خان جا زيردست آهن. جيتوڻيڪ کين خان کان اختياريون مليل نه آهن. جيئن اڳتي هلي ڏيکاريو ويندو.

صوبي جو وڏي ۾ وڏو شهر زهري آهي. زهري هڪ ضلعي جو به نالو آهي ۽ بدوءَ جي قوم جو به. انهن جو سردار آهي قادر بخش. شهر ۾ ٻه- ٽي هزار گهر آهن ۽ چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. وڏي ۾ وڏي ازباڪ نهر آهي جا مون فيبروري جي مهيني ۾ ڏٺي هئي. ان وقت ان جي موڪر ٽن والن کان زياده نه هئي ۽ اونهائي ڏهه انچ. خشڪ موسم ۾ اها نه وهندي آهي، مگر ان جي پيٽ ۾ ٿوري کڏ کوٽڻ سان آباديءَ جيترو پاڻي هميشه ملي سگهي ٿو اهڙي طرح نئن مان به پاڻي ڪڍي سگهجي ٿو.

سروان جي اتر ۾ افغان جبل ۽ ريگستان، جو انهن کي قنڌار کان جدا ڪري ٿو. ان جي اوڀارين پاسي آهن. ڏکڻ ڏانهن جهلوان ۽ قلات، اوڀر ڏانهن سيوستان ۽ ڪڇ گندوا اولهه ڏانهن ريگستان- نوشڪي، ڪور، ڪوهڪ، نئين ڪوتل سروهه، ڪشتن ۽ خاران وغيره سروان جا ضلعا آهن. انهن متعلق ڪجهه وڌيڪ معلومات ڏيڻ جي ضرورت ناهي، مگر جهلوان جهڙائي آهن. انهن ۾ ڪي پڪا شهر يا ڳوٺ ڪين آهن. بروهين جا تمن هر وقت چاري پٺيان پيا هلندا آهن.

درحقيقت قلات جو ضلعو سروان جي صوبي جو حصو آهي. مگر رواجي طرح اهو هڪ جدا ايراضي ڪري ليکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته قلات جا خانَ ان جي آمدني پنهنجن خانزادن[8] ۽ ٻين توصل وارن کي عطا ڪندا آهن. خيلن جي سردارن جي منظوري کان سواءِ. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سردار آهستي آهستي نڪري ويا آهن ۽ ٻيا ماڻهو انهن جو فائدو وٺندا رهندا آهن.

ڏسبو ته انهن ٻن صوبن مان هڪڙي کي بمقابل ٻئي جي وڌيڪ قدرتي سهولتون آهن. جهلوان هڪ ڪوهستاني علائقو آهي مگر ان ۾ ٻه- ٽي ننڍا پٽ يا واديون اهن جهڙوڪ وڍ، سو هيراب ۽ خوزدار. مگر سوران ۾ دشت دولت کان سواءِ جنهن جو احولا اڳئي ڏنل آهي ڪو اهڙو پٽ ناهي. جنهن جي ايراضي ٻن- ٽن ميلن کان زياده هجي. جهلوان جي آبهوا به موافق آهي ۽ برسات ڪثرت سان پوندي آهي، جنهنڪري ان جي زمين، جا هنءَ ته سادي ۽ سخت آهي، آباد ۽ زرخيز ٿيو پوي. انهن سهولتن هوندي به تخمينو ڪيو ويو آهي ته قلات جي ضلعي کان سوا3 سروان جي آبادي جهلوان کان ٻيڻي آهي. ڏسجي ٿو ته ماڻهن کي اترين ملڪن لاءِ ڪا خاص رعايت آهي.

ڪيترين پيڙهين کان وٺي قلات جو شهر انهن صوبن جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪنهن وقت ته اهو سموري بلوچستان ۾ برک هو. جيتريقدر مون کي خبر آهي ته بلوچستان ۾ اهو هڪ ئي شهر آهي جو هڪ منتظم حڪومت جو تختگاهه آهي تنهنڪري انهيءَ جي احوال ۾ ٻين صوبن بابت، جي قابل ذڪر ۽ نمايان ڳالهيون آهن تن جو ذڪر ڪيو ويندو ان ڪري مون وٽ جو ٿورو گهڻو ۽ غير مسلسل مواد اهي تنهن کي مان سلسليوار ۽ باترتيب نموني ۾ هن ۽ ايندڙ فصل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوششش ڪندس پر ان کان اڳ مناسب آهي ته هن تذڪري ۾ ملڪ جي قديم احولا تي هڪ سرسري نظر وجهجي.

بلوچن جي باري ۾ تحقيقات ڪندي بار بار منهنجي ڌيان تي اها ڳالهه آئي آهي ته آفريڪا کان سواءِ پراڻي دنيا ۾ بلوچستان جي صوبي جهڙو ٻيو ڪو ملڪ نه آهي جنهن بنسبت ايتري ڪم معلومات هجي: ۽ اهڙا غلط ۽ مختلف رايا هجن. هندستان جي اولاهين سرحد وارن ملڪن جو سڀ کان ڪهنو احوال اسان کي يونانين کان ملي ٿو. مگر اهي به هن ايراضيءَ کان غير واقف هئا يا ته کين معلوم ٿيو هو ته هي هڪ غيرآباد ۽ ويران علائقو آهي. جنهنڪري هو ان باري ۾ بلڪل خاموش آهن. البت کين اهو معلوم هو ته ملڪ پهاڙي آهي، ان ۾ هڪ ڏيهي قوم رهي ٿي جن جا رواج ۽ شغل سَٿين قوم جهڙا هئا، تنهنڪري انهن ان کي انڊوسٿيا جو نالو ڏنو. درحقيقت اهو نالو فقط بروهي جبلن جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪُنڊ ۽ قديم مالي قوم جي ملڪ يعني ملتان جي صوبي تائين جا ايراضي پکڙيل آهي ان سان سچ پچ لاڳو ٿي سگهي ٿو. مون کي شڪ آهي ته ڪو يونانين جي چڙهائي وقت انهن جبلن جي اترئين حصي ۾ آبادي هئي، ان لاءِ آءٌ پنهنجا سبب اڳتي هلي ڏيندس.

سڪندر اعظم پٽالا (ٺٽو) جو سنڌونديءَ تي آهي ڇڏڻ کان پوءِ پنهنجي لشڪر سان عربيٽا قوم جي ايراضيءَ مان، جا هاڻوڪي لس جي صوبي ۾ آهي لنگهيو هو ۽ ان ۾ عربس يعني پورالي ندي ٽپيو هو[9]. تنهن کان فپوءِ هو انهيءَ ننڍڙي نديءَ جي اولهه ۾ اوريٽا قوم جي ملڪ مان لنگهي هڪ جبلن جي قطار ٽِپي گيڊروسيا يعني مڪران جي صوبي ۾ داخل ٿيو، جتي اُڃ، ڏڪار، ضعف ۽ ٻين تڪليفن وگهي سندس لشڪر جو ڪيترو حصو ناس ٿي ويو. لاشڪ هن جو رخ بروهي جبلن جي ڏکڻ ڏانهن هو. جيڪڏهن يوناني تاريخ نويس ان باري ۾ چِٽا نه به هجن ها ته به ملڪ جي نوع مان انهن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

اها به خاطري آهي ته ڪرئيٽريس ڳري سامان ۽ بيمار سپاهين جي سپرد هو. آرڪوسيا ۽ ڊرئنگيانا جي رستي اتر طرف ويو هو، ڇاڪاڻ ته اهي صوبا هاڻوڪي قنڌار ۽ سيستان جو حصو آهن ۽ ساڳئي ويڪرائي ڦاڪ ۾ به آهن جنهن ۾ بلوچستان آهي. اهو به ظاهر آهي ته ڪرئٽيريس کي فوج کان انڪري ڌار ڪيو ويو هو ته جيئن هن کي گيدروسيا يعني مڪران جي ويران پَٽن مان لنگهڻو نه پوي، تنهنڪري هنن اهو رستو نه ورتو هوندو جنهن ۾ سڪندر جي هٿ هيٺ جي دستا هئا تن کي انيڪ مشڪلاتون پيش آيون هيون، جي جبلن جي لَڪن، لاهن ۽ لنگهن ۾ پيش اچن ها.

يونانين جي ڪاهه ۽ سڪندر جي وفات بعد جو ان جي وسيع سلطنت جي ورهاڱي کان پوءِ ساڍين نَون صدين تائين وري انهن ملڪن جو نالو نشان به ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. سواءِ ڪن گبرن يا قديم ايرانين جي اڌورين ڏند ڪٿائن جي انهيءَ دوران ۾ هندستان جا هندو راجائون ايران جي سلجوقي، ارسا سيڊي ۽ ساساني خاندانن جي تعبيداري قبول ڪري کين ڏَن ڏيندا هئا[10]، تنهنڪري ناهن ملڪن جي وچ ۾ ڪافي آمدرفت يا اچ وڃ ۾ ڪافي آمدرفت يا اچ وڃ هوندي هئي، مگر اها آمدرفت يا ته سمنڊ جي رستي يا خراسان جي رستي ٿيندي هئي. جنهنڪري انهن ملڪن تي جن جي باري ۾ هن وقت بحث هلي رهيو آهي ڪابه روشني ڪانه ٿي پوي ۽ اُهي ملڪ تاريڪيءَ جي پردي ۾ رهجي وڃن ٿا. هجري[11] 92 سال ۾ بغداد جي خليفي دين اسلام ڦهلائڻ جي شوق ۾ ۽ بت پرستن (ڪافرن)[12] جا سندس شان جي هتڪ ڪئي، تنهن جي انتقام وٺڻ جي ارادي سان ساڳئي رستي کان جنهن رستي هزار سال اڳ مقدونيه جو سورمو بئبلان موٽيو، سنڌ جي فتح لاءِ هڪ لشڪر چاڙهي موڪليو. اها ڳالهه خاص طرح واضح ڪئي ويئي آهي ته اها فوج سمنڊ جو ڪنارو وٺي آئي هئي ته جيئن کين پاڻيءَ جي تڪليف نه ٿئي ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي وراياسي ڪناري تي ٿوري ئي کڏ کوٽڻ سان پاڻي نڪرندو آهي. تنهنڪري کين انهن اندرين ملڪن جي ڪابه خبر ڪانه هئي. جيتريقدر مون کي معلوم ٿيو ته اميه ۽ عباسيه گهراڻن جي خليفن جي ڏينهن ۾ انهن جي باري ۾ ڪا تحقيقات ڪانه ڪئي ويئي هئي.

غزنوي گهراڻي جي پهرئين سلطان سبڪتگين جي پُٽ محمود، جڏهن پنهنجي طاقت جي اوج ۾ هندستان ڏانهن رخ ڪيو، تڏهن سنڌو درياءُ جي اولهه ۾ جو پَٽ آهي سو سارو بروهي جبلن جي تري تائين هن فتح ڪيو. پوءِ هن جي پُٽ مسعود پنهنجي سلطنت جون حدون اولهه طرف مڪران تائين وڌايون، مگر هن پنهنجي پيءُ وانگر جبلن وٺڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. هن کان پوءِ ٻين جن سنڌ فتح ڪئي، سي به انهن جي نقش قدم تي قائم رهيا. جيڪڏهن هو اتفاق سان شڪست خورفده دشمن جو پيڇو ڪري جبلن ۾ اندر ڪاهي ويا ته به هنن انهن کي باقاعدي مستقل طرح فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي.

ان لاءِ به مختلف سبب آهن هڪ ته ملڪ ويران آهي ٻيو ته پنڌ اڙانگو آهي. ملڪ جي غيرآباديءَ جي خبر ڪافي گذريل وقت کان هُليل هئي. سنڌ جي بهجترين تاريخ چچنامي ۾ لکيل آهي ته ڪافر، جن جو قرآن جي عقيدن ۾ اعتقاد ناهي تن کي جبلن ڏانهن ڀڄايو ويو ته ڀل ته هو بک ۽ ٿڌ ۾ پاهه ٿي مرن. غالباً انهن جبلن ۾ ان وقت آبادي ڪانه هئي. منهنجي خيال موجب جهلوان ۽ سروان صوبا ڪم از ڪم انهن جي پهاڙن کي پهريون دفعو ان وقت آباد ڪيو ويو هو[13]. انهن ملڪن بنسبت جيڪي ڪجھ آءٌ لکي چڪو آهيان ان مان ظاهر ٿيندو ته پنڌ اڻانگو آهي. جيڪڏهن وڌيڪ اکين ڏٺي ثابتيءَ جي ضرورت هجي ته ڪيترن موقعن تي هندستان ۽ ايران جي هٿ ڪرڻ لاءِ جي تاتاري پٺاڻن ۽ مغلن جا مقابلا ٿيا آهن تن ماڻهن انهن ملڪن ۾ وڃي عارضي طور پناهه ورتي آهي. تازو 1806ع ۾ ڪابل جي شاهي خاندان جي قيصر نالي هڪ شهزادي بلوچستان ڀڄي وڃي امان ورتي هئي. اها جاءِ اهڙي ته محفوظ سمجهي ويئي هئي جو باوجود ڪه شهزادي کي ڪو به لشڪر ساڻ ڪونه هو ته به هن جو پيڇو ڪونه ڪيو ويو. پراڻن خواهه نون نقشن تي هڪ نظر ڦيرائڻ سان ظاهر ٿيندو ته هن وقت تائين اهو ملڪ تاريڪيءَ جي پردي ۾ رهيو آهي. ڪنهن به نقشي ۾ بلوچستان يا بلوچن کان سواءِ ان ملڪ کي ٻيو نالو ڪونه ڏنل آهي[14]. مگر اهي نالا فقط ڏيهي ماڻهن جي هڪ قوم ڏنا آهن.

هاڻي اسان انهيءَ هنڌ کي پهتا آهيون جنهن ۾ بلوچستان جي ڪن تاريخي واقعن جي يادگيري زباني ڏند ڪٿائن ۾ محفوظ ٿيل نظر اچي ٿي. مگر انهن کي سمجهڻ لاءِ مناسب بلڪه ضروري آهي ته ڏيهي ماڻهن جي مختلف طبقن جي اصليت تي ڪجهه روشني وڌي وڃي. اهي ماڻهو هن غيرآباد ۽ ويران ملڪ ۾ پهريائين ڪڏهن ۽ ڇو لڏي آيا ۽ زمين ڪهڙي طرح پاڻ ۾ تقسيم ڪيائون. پڙهندڙ محسوس ڪندا ٽه ان باري ۾ منهنجا رايا قياس آرائي تي ٻڌل آهن. اڻپڙهيل ماڻهن کان زياده اميد نٿي رکي سگهجي ۽ نه وري هنن ماڻهن ۾ پنهنجي اصليت معلوم ڪرڻ جو شوق آهي جيڪو زياده تربيت يافته ماڻهن ۾ هوندو آهي. مگر مون پنهنجي معلومات ڪوشش ڪري بهترين ۽ باسند ڪتابن مان اخذ ڪئي آهي ۽ فرضي ۽ بي حظ ڳالهين کي دخل ڪونه ڏنو اٿم.


[1] . عرب جهاز ران ان کي راس المبارڪ چوندا هئا. مگر اشتقاق جي ماهرن لفظ جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي. ان راس کي ڪوهه مبارڪ انڪري چوندا آهن جو اها خلاصين کي ڏکڻ طرف کان سمنڊ مان ايندي پهريائين نظر ايندي آهي. اها ٽڪري سمنڊ کان نوَ ميل اندر آهي. نائپر ان کي ڪوهم بارڪ ڪري لکي ٿو. هو لکي ٿو ته اها راس وارياسي آهي جنهن مان ظاهر آهي ته هن کي صحي املا جي خبر هئي. مگر لفظ جو اشتقاق معلوم نه هوس. هن جي چُڪن ٻين کي به گمراهه ڪيو آهي. انگريز آفيسرن جن انهيءَ ساحل جو معائنو ڪيو آهي تن به چُڪن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. سنڌو نديءَ کان شط العرب تائين ڪا جاءِ ناهي جا انهيءَ نقشي ۾ صحيح ڏيکاريل هجي، جا ڏيهي ماڻهو نه سمجهي سگهن.

[2] . فارسي لفظ باشدن يعني رهڻ ۽ ڪرد قوم جو نالو آهي.

[3] . 2- اپريل جو روزنامچو ڏسو.

[4] . ان کي دشت بي دولت يعني ويران پَٽ به چوندا آهن.

[5] . قلات اتر ويڪرائي ڦاڪ 6-29 ۾ آهي.

[6] . ان باري ۾ ڌُڪو هڻڻ شايد فضول نظر اچي. پر منهنجو رايو آخرين ناهي. ممڪن آهي ته اهو صحيح نه هجي، جيڪو ريگستان جي ويجهو لَڪ آهي ان جو هندستان جي انهن لَڪن سان، جن جي اونچائي معلوم آهي، مقابلو ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته ان جي اونچائي ريگستان جي سطح کان پنج هزار فوٽ مٿي ٿيندي. جيڪڏهن ان ۾ ڇهن لَڪن جي به اونچائي ڳنڍجي ۽ فرض ڪجي ته ريگستان خود سمنڊ جي سطح کان پنج سئو فوٽ مٿي آهي ته قلات جي اونچائي اَٺ هزار فوٽ ٿيندي. اها اونچائي اسپين جي پرنيز جبلن کان اٺون حصو زياده آهي.

[7] . ليفٽيننٽ مئڪارٽيني 10-1809ع ۾ ڪابل جي سفارت سان گڏجي سروير جي حيثيت ۾ ويو هو تنهن جي حساب مطابق هندوڪش جي جبل جي اونچائي ٻاويهه هزار فوٽ ٿيندي. ليفٽيننٽ ويب جنهن کي 1807ع ۾ گنگا نديءَ جي منڍ جي ڳولڻ لاءِ موڪليو ويو هو، ان جو چوڻ آهي ته هماليه جبلن جي قطار روهل کنڊ جي پَٽ کان ايڪويهه هزار فوٽ مٿي آهي.

[8] . خانزادا، گهرو غلام آهن. اهو لفظ خانه يعني گهر ۽ زادن يعني ڄمڻ مان نڪتل آهي. هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي جي چوٿين فصل ۾ غلامن جي باري ۾ جي بلوچن جا رواج آهن تن جو ڪجهه احوال ڏنل اهي. خانزادن جو اوچو درجو هوندو آهي، تنهنڪري سردار کين هميشه پاڻ سان گڏ رکندا آهن ۽ کين اهم ڪمن ۾ استعمال ڪندا آهن هو نهايت معتبر ۽ معزز سمجهيا ويندا آهن. هنن کي جڏهن آزاد ڪيو ويندو آهي ته کين زمين جو حصو پڻ ڏنو ويندو آهي تنهن کان سواءِ هو خانزادا به سڏبا آهن.

[9] . جيڪڏهن سڪندر برسات جي موسم ۾ پورالي ندي وٽ پهچي ها ته هو شايد درياءُ نه ٽپي سگهي ها. اها ڳالهه منهنجي 30- جنوري جي روزنامچي مان واضع ٿيندي. جهلوان جي صوبي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ لشڪجر لاءِ سواءِ سخوزدار کان پنجگور ويندڙ رستي جي، جو اتر ويڪرائي ڦاڪ 54-27 خط ۾ آهي، ٻاهر نڪرڻ جي ٻي واهه ڪانه هئي.

[10] . گجرات جي هڪ قديم قلمي تاريخ ۾ لکيل آهي ته ايران جو بادشاهه بهرام گور ويس بدلائي گجرات ويو هو. مگر هندستان ۾ شڪار ڪندي هن جو ڀيد ظاهر ٿي پيو، جنهنڪري هو نيمروز يا هاڻوڪي سيستان جي صوبي رستي پنهنجي شاهي لشڪر سان واپس ويو. هي واقعو هندو راجا رامديو جي ڏينهن ۾، چوٿين صدي هجريءَ ۾ ٿيو هو. ان وقت سيستان هڪ سرسبز ۽ آباد صوبو هو. هاڻي اهو هڪ غيرآباد ريگستان آهي.

[11] . برابر 677 عيسوي.

[12] . مسلم مصنف، هندن کي ڪافي ڪوٺيندا آهن.

[13] . محمود جي پٽ مسعود انهن ملڪن کي فتح ڪرڻ لاءِ مڪران ۾ لشڪر ڪٺو ڪيو هو، مگر سلجوقي تاتارين پهريون دفعو ان وقت منهن ڪڍيو، جنهن ڪري هن پنهنجو لشڪر واپس گهرائي ورتو هو.

[14] . ميجر رينيل مڪران جو صوبو نقشي ۾ ايترو ته مٿي ويڪرائي ڦاڪ ۾ ڏيکاريو آهي جو جهلوان ۽ سروان به ان ۾ اچي وڃن ٿا مگر انهيءَ قابل ۽ بامعلوم صاحب سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۽ سنڌ جي اولهه وارن ملڪن جي باري ۾ جا معلومات حاصل ڪئي، سا ناقص نطر ٿي اچي، جنهنڪري کانئس ڪيتريون غلطيون ٿيون آهن. منهنجو ڪيترين ڳالهين ۾ ميجر رينيل ۽ موسيو ڊي ائنول جيڪي غلطيون ڪيون آهن، تن سان اختلاف آهي. انهن فاضلن جيڪو قيمتي ڪم ڪيو آهي تنهن تي نڪته چيني ڪرڻ جي نه مون کي لياقت آهي ۽ نه ارادو. آءٌ ته فقط اکين ڏٺيون حقيقتون پيش ڪريان ٿو: سڪندر جي زماني کان پوءِ ممڪن آهي ته آدمي بدليا هجن مگر زمين جو حليو ڪونه ڦريو هوندو. مون اهو ملڪ اکين سان ڏٺو آهي، تنهنڪري ان جي باري ۾ ڪجھ خاطري سان چئي سگهان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: