سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :19

انهيءَ نديءَ جو پاڻيءَ الهندي طرف واقع ريگستان جي واريءَ ۾ غائب ٿي وڃي ٿو. ڪاسڪين ندي، ڪيترين ئي پهاڙي نهرن جي ميلاپ مان ٺهي ٿي، جيڪي اڀرندي طرف کان اچن ٿيون. آءٌ جڏهن 18 ــ اپريل سن 1810ع تي اتان اچي لنگهيو هوس، تڏهن اها بلڪل سڪي پيئي هئي. ان جي اتر طرف جيڪي نهرون آهن، سي ۽ اُهي جيڪي سرحد جبلن مان نڪرن ٿيون، الهندي طرف پڻ وهن ٿيون، ۽ ڪرمان جي ريگستان ۾ وڃيو گم ٿين، جيئن ڪاسڪين ندي بَنپُور جي ريگستان ۾ غائب ٿي وڃي ٿي.

ڪوهستان جا ٻه مکيه ضلعا آهن، ”ميداني“ يعني سِڌن سَنون پَٽن وارا ۽ ”ڪوهُوڪي“ يعني پهاڙين وارا. ميداني ضلعن ۾ هفتُور، پُهرا، بنپُور، ۽ باسمان نالي شهر ۽ ڳوٺ آهن، جن کان علاوه بيشمار ”تُومن“ يا پشميني تنبو پڻ آهن، جيڪي ٻين ضلعن جي جابلو ماڻهن جا فقط اڪيلا پناهگاهه ٿين ٿا، پر جيئن ته هر نئين ”خيل“ سان انهن جي بدلجڻ جو امڪان آهي، ان ڪري انهن کي شمار ڪرڻ مان ڪوبه مطلب نه نڪرندو [1]. ڪوهستان خاص طور فقط بلوچن سان آباد آهي، جن جو نسل ڪن به ٻين طبقن جي ماڻهن سان مليل ڪونهي، نه وري ڪي هندو يا غيرملڪي ماڻهو انهن جي اختيار هيٺ آبادين ٺاهڻ جي همت ڪندا آهن. انهيءَ سڄي ڊويزن ۾ جنهن ۾ تمام ڇڊي آبادي آهي، فقط اٺن يا ڏهن نمايان قبيلن کان وڌيڪ ٻيا ڪينهن، ۽ انهيءَ صورتحال لاءِ ذميداري جزوي طور زمين جي عام طور غيرآباد ۽ بنجر هئڻ تي ۽ ڪجهه حد تائين انهيءَ لڏ پلاڻ تي آهي، جيڪا تازو ايران ۽ اوڀر طرف ڪڇ گنڊاوا جي طرف ڏانهن ٿيڻ لڳي آهي.

هن ڳالهه جي باري ۾ پوري وثوق سان هيءَ تصديق ڪري سگهجي ٿي ته اهي ماڻهو حڪومت جي طريقن ۽ سماج جي قاعدن ۽ قانون کان بلڪل بي خبر ۽ عاري آهن ۽ اهي انهن جي بلڪل پرواهه نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي ڳالهين جو دارومدار محض انهن قبيلن جي سردارن جي مرضيءَ ۽ ذهني حالت تي ٿئي ٿو، جن تي انهيءَ ملڪ جي آبادي مشتمل آهي؛ پر جئين ته اهو اتياز موروثي ٿئي ٿو ۽ پٽن کي سندن پيئرن جي بغضن ۽ خيالن سان گڏ پالي وڏو ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري اهي بلڪل قدرتي طور، انهن جون سڀ عادتون ۽ اصول توڙي انهن جا طور ۽ طريقا اختيار ڪن ٿا، جنهن جو نتيجو اهو آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ، اهو سرشتو جيڪو ابتدا ۾ محض هڪ اتفاق جو نتيجو هو، سو وڃي هڪ اهڙي باقاعدگي جي صورت اختيار ڪري ٿو، جيڪا هڪ نسل کي ٻئي وٽان ورثي طور ملندي رهي ٿي. انهيءَ روشنيءَ ۾ ڏسون ٿا ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ڪوهستان ڪيترن ئي ننڍڙين جمهوري رياستن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ برادريءَ جو هرهڪ فرد اهو محسوس ڪري ٿو ته کيس ساڻس ڪيل سڀني زيادتين جي انتقام وٺڻ، ۽ مشترڪہ ڀلائيءَ سان وابستہ سڀني ڳالهين تي فيصلي صادر ڪرڻ جو حق حاصل آهي. درحقيقت، اِتي اوچي ۾ اچي ماڻهوءَ کان وٺي نيچ ۾ نيچ ماڻهوءَ تائين جذبات ۽ اعمالن جي متعلق سڀني جي وچ ۾ هڪ انتهائي مساوات موجود آهي؛ ۽ جيتوڻيڪ عموماً رايا ۽ تجويزون ٻئي ڪنهن صلاحڪار جي ڀيٽ ۾ اهي ئي قبول ڪيون وينديون آهن، جيڪي سردارن طرفان پيش ڪيون ويندوين آهن، ان هوندي به اها ڳالهه هن يقين جو نتيجو نظر اچي رهي آهي ته انهن ماڻهن وٽ زير بحث موضوعن (جيڪي عام طرح پاڙيسري ضلعن ۾ دخل اندازين ۽ حملن سان وابسته هوندا آهن)، جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ بهتر ذريعا حاصل آهن. اهڙن ماڻهن جي دلين ۾ ساڳئي قسم جو جذبو، جنهن ۾ هڪ قبيلي جي سردار لاءِ سندس دولت ۽ رتبي جي ڏهڪاءَ ۽ احترام جو جذبو مليل ٿئي ٿو، سي گڏجي انهن جي جيڪي سندن ماتحتيءَ ۾ رهن ٿا، ننڍن ننڍن تڪرارن جي فيصلي لاءِ انهن ڏانهن ڏسڻ تي آماده ڪن ٿا، ۽ سندن معاشري جي امن امان ۽ عام قسم جي سهوليتن جو خيال کين سندن سردار جي فيصلي کي قطعي ۽ آخري تصور ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. اها صورتحال، البت، تمام خسيس تنازعن تائين محدود هوندي آهي، باقي انهن کان مٿي، هرهڪ ماڻهو پنهنجي فيصلي جو پاڻ مالڪ آهي. جڏهن به ڪو ماڻهو اهڙو ڏوهه ڪندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خود سندس ۽ سندس ڪٽنب لاءِ سڄي ”خيل“ (قبيلي) جي ناراضگيءَ جو امڪان ٿئي ٿو، تڏهن هو انهن نتيجن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ عام طور ملڪ جي ٻئي ڪنهن پاسي ڏانهن فرار ٿي بچائڻ لاءِ عام طور ملڪ جي ٻئي ڪنهن پاسي ڏانهن فرار ٿي ويندو آهي ۽ هو چڱيءَ طرح سان ڄاڻندو آهي ته هن جي طرفان پناهه ۾ رهڻ يا ڪنهن وٽ خفيه طور لِڪي رهڻ جي خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش تي کيس نفرت ۽ ٺٺوليءَ جو نشانو بنايو ويندو، پر حقيقت اها آهي ته اهڙي قدم کڻڻ تي هڪ گهڙيءَ لاءِ به ويچار نه ڪيو ويندو آهي، ڏوهاريءَ کي سندس ڏوهه جي مطابق سزا ڏني ويندي ته سڄوئي صوبو تمام جلدي آباديءَ کان خالي ٿي ويندو.

بلوچين طرفان ڊويزن جون کجورون ۽ بي پيداوار مڪران جي سامونڊي ساحل ڏانهن موڪليون وينديون آهن، جتي هندو اهو مال خريد ڪري برآمد ڪندا آهن. انهن شين جي عيوضي جو ٿورو حصو غير ملڪي زرعي پيداوار يا اتان جي صنعتي شين جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي، پر انهيءَ معاوضي جو وڏو حصو چانديءَ جي رپين جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي، جو هن ملڪ ۾ اهو هڪ ئي سِڪو هلندو آهي.

فصل (8)

منهنجو اندزو آهي ته زمين جو اهو پٽو، جنهن کي صحيح معنائن ۾ بلوچستان جو وارياسو ريگستان چئي سگهجي ٿو، سو ڊيگهه ۾ اٽڪل ٽي سؤ ميل ۽ ويڪرائيءَ ۾ اٽڪل ٻه سؤ کن ميل آهي. اتر طرف اهو فقط هيلمند نديءَ وسييل انهيءَ ساڳئي وارياسي بيابان جي سلسلي کان جدا ٿيل آهي، جيڪو ڪن هنڌن تي، ويندي پارو پاميسان جبلن جي دامن تائين ڦهليل آهي، ۽ الهندي طرف اهو ڪرمان واري ريگستان سان ذري گهٽ ڳنڍيو پيو آهي ۽ جيڪڏهن ٽڪرين جي هڪ سوڙهي قطار وچ ۾ حائل ٿيل نه هجي ها، ته اهو مڪمل طور ريگستان هجي ها. جيڪڏهن اسين انهن ٻن نالي ماتر سرحدن کي رد ڪنداسون، ته ڏسندسين ته ريگستان جي مڪمل پکيڙ، اتر کان وٺي ڏکڻ تائين، ذري گهٽ پنج سؤ ميلن کان به مٿڀري آهي. اوڀر طرف ان جون سرحدون افغانستان جا جبل ۽ سراوان جو پرڳڻو ۽ ڏکڻ طرف مڪران جا جبل آهن. مون انهن بيابانن جي نوعيت متعلق پنهنجي ڊائريءَ ۾ ايتري قدر خاص ڌيان ڏنو آهي، جو هن هنڌ انهيءَ موضوع تي وڌيڪ ڪجهه بيان ڪرڻ فضول ٿيندو، ۽ جيئن ته آءٌ پنهنجن جاگرافيائي رمارڪن کي بند ڪرڻ وارو آهيان، ان ڪري آءٌ بلوچستان جي اتر طرف ان جي اهڙي پاڙيسري ملڪن بابت ڪجهه لفظن جو اضافو ڪندس، جيڪي منهنجي سفر جي رستي ۾ آيا هئا ۽ جن جي متعلق مون اڃا تائين ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي. انهن مان سڀني کان وڌيڪ اهم سيستان آهي، جنهن جي سڄي علائقي وچان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ سفر ڪيو ۽ اهو ملڪ کيس ان طرح نظر آيو، جيئن ان بابت مون ماڻهن کان ٻڌو هو؛ ـــ يعني هڪ سڌو ۽ لسو وارياسو پَٽُ، جنهن ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي گهاٽو جهنگل اُڀري آيو آهي. ان جي گاديءَ جو شهر دوُشڪ يا جلاد آباد آهي ۽ ان تي اهو پويون نالو بهرام خان جي فرزند جي نالي تان رکيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي نالي سان بادشاهه جو شاهاڻو لقب، يعني ’سيستان جو بادشاهه‘ ڳنڍي ٿو ۽ اهڙي شاندار نموني گذاري ٿو، جهڙي سندس مختصر آمدنيءَ جا ذريعا کيس اجازت ڏين ٿا. هن جو علائقو ننڍن ننڍن صلعن ۾ تقسم ٿيل آهي، جن مان هرهڪ لاءِ هو هن کان اڳ ۾ هڪ گورنر مقرر ڪندو هو، جنهن جي اختيار ذري گهٽ خود سندس اختياريءَ جي برابر هئي؛ ۽ مون کي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ڪجهه سلان کان وٺي انهن مان گهڻن کيس خراج ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هيلمند ندي سيستان منجهان وهي ٿي ۽ دوشڪ کان الهندي طرف هڪ گهوڙيسوار جي ٻن ڏينهن جي سفر جيتري مفاصلي تي اها هڪ ڍنڍ ٺاهي ٿي، جيڪا ڪن مومسن ۾ پنهنجن ڪپن کان ايتريقدر ٻاهر نڪريو اچي، جو اها ڊيهه ۾ ذري گهت اسي يا نوي ميل ۽ ويڪر ۾ اٽڪل ٽيهه يا چاليهه ميل ٿئي ٿي. عام طرح سان اها ڊيگهه ۾ ٽيهن ميلن کان ۽ ويڪر ۾ ٻارنهن ميلن کان مٿي نٿي وڃي. ان جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ اهي. ان جو پاڻي ڪؤڙو آهي ۽ ڪنارا ڪانن ۽ ٻئي قسم جي ٻُوڙن ۽ ننڍن وڻن سان ڀريا پيا هوندا آهن، جيڪي مکين جي ڪٽڪن کي جنم ڏين ٿا، جيڪي سڄي صوبي ۾ اپريل کان وٺي آڪٽوبر جي شروعات  تائين بيماريون ڦهلائين ٿيون ۽ انهيءَ سڄيءَ مدت جي دوران مقامي ماڻهن جي گهوڙن ۽ اُٺن کي پڻ، سندن سُنبن ۽ پيرن تائين رضائيءَ جهڙن سوٽي ڪپڙن سان ڍڪڻو پوندو آهي. سيستان جي ماڻهي جي پوشاڪ ايرانين جهڙي ٿئي ٿي ۽ سندن ڳالهائڻ جي ٻولي پڻ ساڳي آهي؛ اهي سڀ مسلمانن جي شيعا فرقي جي قوم آهن ۽ افغانن سان سندن تعلقات امڪان جي حد تائين انتهائي خراب آهن.

هيلمند درياهه جي ڏاکڻي ڪپ تي واقع گرمائيسل نالي هڪ تمام تنگ پَٽو آهي ۽ اهو نوشڪيءَ کان، جيڪا ريگستان جي ڪناري تي واقع آهي، اتر الهندي طرف ڏانهن پنجن ڏينهن جي سفر تي آهي. سڀ ظاهر علامتون ڏيکارين ٿيون ته اهو هڪ نديءَ جو سڪل پيٽ آهي ۽ ان ۾ ڪڻڪ، چانورن ۽ ٻين اناجن جو تمام گهڻو مقدار پيدا ٿئي ٿو. هن علائقي جا رهاڪو ڌاڙن هڻڻ ڪري ڏاڍا بدنام آهن ۽ اهي سڀني همسايه ملڪن جي معاشري مان نيڪالي ڌنل عناصر تي مشتمل آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي فقط هن سبب ڪري انهيءَ علائقي ۾ آباد ٿيڻ تي آماده ٿين ٿا، جو کين ٿورڙيءَ محنت سان فصلن پوکڻ جي سهولت آهي،جنهن جي ڪجهه ذميداري هيلمند درياهه جي ڪنارن کان ٻاهر وهي نڪرندڙ پاڻيءَ تي، ۽ ڪجهه قدر هتان جي زمين ۽ مٽيءَ جي انهيءَ حيرت انگيز خوبيءَ تي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن هنڌ ساوڪ ڏاڍي تيزيءَ سان اڀري ٿي. هيءُ ضلعو اڳين ڏينهن ۾ ڪابل جي بادشاهه کي هر سال چار هزار رپين جو خراج ڏيندو هو، پر گذريل ڪجهه سالن کان وٺي اهو بغاوت تي آماده رهيو آهي.

خونچي، گرمائيسل جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙو ضلعو آهي، ۽ هن وقت اهو به ساڳيءَ صورتحال سان دوچار آهي. ان ۾ ساڳئي نالي وارو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ٿورو ئي وقت اڳي تائين حڪومت ڪابل جي هڪ باجگذار طرفان فوجي سپاهين جي هڪ جماعت رکي ويندي هئي. قلات جي اتر طرف شل ۽ مستونگ ضلعا واقع آهن، جيڪي احمد شاهه طرفان نصير خان کي انهن خدمات جي صله ۾ عطا ڪيا ويا هئا، جڏهن هو هندستان ۾ هو، اهي ٻيئي ضلعا خوشبودار چانورن کان علاوه ميوي جي گهڻائيءَ ۽ سٺيءَ جنس لاءِ جيڪي انهن ۾ پيدا ٿين ٿا، ڏاڍا مشهور آهن؛ ۽ انهن ضلعن جي آدمشماري بروهين، افغانن ۽ ديهورن جي رنگ برنگي نسلن تي مشتمل آهي. هيءَ هڪ عجيب و غريب حقيقت آهي ته انهن مان ڪن ڳوٺن ۾ اهي قبيلا ۽ ذاتيون ڪيترن ئي نسلن کان وٺي رهنديون آيون اهن، پر ان جي باوجود انهن جا نسل هڪٻئي سان اڃا تائين نه مليا آهن ۽ اهي پنهنجيون مخصوص ٻوليون ڳالهائين ٿيون. مستونگ جي اوڀر طرف شوراوڪ نالي هڪ ضلعو واقع آهي، جيڪو هن انهيءَ هنڌ مذڪوره حڪومت جو هڪ ايجنٽ آمدني وصول ڪرڻ لاءِ رهي ٿو، جيڪا بلڪل مختصر آهي. ساڳئي وقت هو انهن جهيڙن جهٽن جي فيصلن ڪرڻ لاءِ به آهي، جيڪي انهيءَ بادشاهه ۽ محمود خان جي رعيت جي درميان ٿيندا رهن ٿا.

فصل (9)

ڪنهن وقت منهنجو اهو ارادو هو ته هرهڪ ڊويزن جي آب و هوا ۽ زمين جي باري ۾، ان جي مخصوص هنڌن تي ڪجه رمارڪ ڏيندو هلان، پر پوءِ ڏٺم ته ائين ڪرڻ سان مون کي ساڳيون ڳالهيون مختلف هنڌن تي وري وري ڪرڻيون پون ها، تنهن ڪري مان ائين بهتر سمجهيو ته انهن سڀني ڳالهين کي هڪ علحده بابت ۾ شامل ڪريان. بلوچستان جي مختلف علائقن جي بيهڪ جي جدا جدا نموني هئڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ آب و هوا ۽ زمين جي ڪيفيت ۾ ايندڙ باقاعدگيون، مون کي بار بار هن ڳالهه تي مجبور ڪنديون ته آءٌ انهن ۾ بهتر نموني ۾ امتياز ۽ فرق ظاهر ڪرڻ لاءِ انهن جا حوالا ڏيان.

جهلاوان ۽ سراوان جي ٻن جابلو صوبن جون موسمون يورپي ملڪن وانگر بهار، اونهاري، سرءُ ۽ سياري ۾ ورڇيل آهن. انهن مان پهرين موسم گهڻو ڪري فيبروريءَ جي وچ ۽ پڇاڙيءَ ڌري شروع ٿيندي آهي ۽ اها ٻن مهينن يا وڌيڪ عرصي لاءِ هلندي آهي، ۽ ان جو دارومدار هن ڳالهه تي هوندو آحي ته موسم ڪيتريقدر آڳاٽي يا پاڇاٽي اهي. اونهارو آگسٽ جي وچ تائين هلندو آهي، جنهن جي پٺيان سرءُ ايندو آهي، تان جو سردي يا برف جي ڪِرڻ سياري جي آمد جو اعلان ڪندا آهن ۽ اهو گهڻو ڪري آڪٽوبر ۾ ٿيندو آهي. سال جي انهيءَ حصي کي نتيجي طور، ٻين سڀني موسمن کان وڌيڪ طويل شمار ڪيو ويندو آهي [2]. اونهاري جي اختتام کان ڪجهه ڏينهن اڳي کان سواءِ، گرمي ڪنهن به وقت ناخوشگوار حد تائين گهڻي ڪانه هوندي آهي. پر ٻئي طرف سياري جي دوران سردي شديد هوندي آهي، ۽ ان سان گڏو گڏ اتر ـــ اوڀر کان نه فقط انهيءَ موسم ۾ پر بهار جي ابتدائي حصي جي دوران پڻ، انتهائي شدت سان بنان ڪنهن رخني جي، لڳندي رهندي آهي ۽ پاڻ سان سخت برف باري ۽ بارش آڻيندي رهندي آهي ۽ هِن هنڌ تي هن ڳالهه جو پڻ ذڪر ڪرڻ گهرجي ته يورپ جي ڀيٽ ۾ هِتي هڪ هيءَ غيرمعمولي ڳالهه آهي ته انهن هوائن جي جوڀن واري زماني ۾ به انتهائي سخت پارا پوندا آهن، ۽ هنن پرڳڻن ۾ فقط اهي ئي پارا ڪجهه وقفن سان پوندا آهن.

ڪئپٽن ڪِرسٽي ۽ آءٌ 9 ـــ فيبروريءَ کان وٺي 6 ـــ مارچ سنه 1810ع تائين قلات ۾ هئاسون، ۽ اسان جي قيام جي پوين ڏينهن جي دوران مقامي ماڻهو روزانو مينهن جون اميدون ڪندا رهندا هئا، جيڪو انهن لاءِ بهار جي موسم جو نقيب هوندو هو ۽ ماڻهن جي توقعات موجب اهو ٽن هفتن يا هڪ مهيني تائين هلڻو هوندو هو. هنن وٽ اهوئي ساليانو مينهن پوندو آهي، پر ان کان علاوه سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي مهينا اهڙا آهن، جو انهن ۾ وسڪارا پوندا رهندا آهن ۽ دراصل پارن ڄمڻ واري موسم کانسواءِ، جڏهن هوا تيز ۽ سرحد هوندي آهي، سڄي سياري جي دوران، مينهن يا برفباري کان سواءِ چئن يا پنجن ڏينهن جو مشڪل ئي ڪو وقفو گذرندو آهي. هنن پرڳڻن جي آب و هوا موسمن جي مطابق پرندڙ گهرندڙ آهي؛ اونهاريءَ ۽ سرءُ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي ٻيئي موسمون وڻندڙ آهن. پر سياري ۽ بهار ۾ ڪوهيڙا، بارش، برف ۽ سردي غريب ماڻهن ۾ گهڻين ئي بيمارين جو سببگ بنجڻ ٿا، جن وٽ پاڻ کي اهڙي آب و هوا جي اثرن کان محفوظ رکڻ ۽ بچائڻ جا ذريعا موجود ڪينهن، جيڪا انگلنڊ وانگر ڦِرندڙ گهڙندڙ ۽ ان کان به وڌيڪ شديد آهي.

مڪران ۽ لَس ۾ پڻ موسمن جو تعداد ساڳيءَ طرح چار آهي، پر انهن موسمن کي مٿئين نالي واري صوبي جي موسمن وانگر هڪٻئي کان جدا ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ٻه موسمون تر، هڪ گرم ۽ هڪ سرد آهي، جن مان آخرين موسم پوري پني ۽ موافق آهي، خصوصاً سامونڊي ڪناري وٽ، اها خوشگوار ۽ موافق آهي. مينهوڳيءَ واريون هوائون فيبروري يا مارچ ۽ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي ڪجهه حصي ۾ لڳنديون آهن. اول الذڪر هوا اتر ـــ اولهه کان ايندي آهي ۽ فقط ٻن يا ٽن هفتن تائين هلندي آهي ۽ موخرالذڪر ۾، ڏکڻ ــ اُلهندي واري چوماسي جو سڄو قهر ۽ غضب سمايل هوندو آهي. اونهري جي گرم موسم مارچ ۾ شروع ٿيندي آهي، ۽ آڪٽوبر تائين هلندي آهي، (ڏکڻ ـــ اُلهندي وارو چوماسو انهيءَ وچ ۾ ايندو آهي) ۽ انهيءَ جي دوران ڪڏهن ڪڏهن ته گرمي ايتريءَ حد تائين شديد هوندي آهي، جو خود اتان جي مقامي ماڻهن کي انهن ڏينهن اندر ٻاهر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي. ان کي ”خرمو پُز“ ”کجور پچڻ“ چوندا آهن، جيڪا آگسٽ جي مهيني ۾ بچندي آهي. نومبر، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروريءَ جي مهينن کي سرد موسم لکيو ويندو آهي، پر پوءِ به هيءُ علائقو جهلاوان ۽ سراوان [3] ضلعن جي مٿانهن حصن کان سال جي ڪهڙي به حصي ۾ گهڻي قدر وڌيڪ گرم هوندو آهي؛ سال جي باقي اٺن مهينن جي وچ ۾ اندروني علائقي ۾ گرم هوائون مسلسل لڳنديون رهنديون آهن، ۽ جيتوڻيڪ اهي شاذ و نادر ئي زندگيءَ لاءِ مهل ڏٺيون ويون آهن، ان جي باوجد اهي ساوڪ جي هر نشان کي ساڙي ناس ڪري ڇڏينديون آهن ۽ شام ٿيڻ کان پوءِ به عذاب ڏيندڙ نموني ۾ چمڙيءَ کي ساڙينديون آهن.

مڪران جي سامونڊي ڪناري جي ويجهڙائيءَ واري حصي کان سواءِ، جتان جي موسم کي سامونڊي علائق جون هوائون موافق بنائين ٿين، باقي ٻئي سڄي علائقي کي پاڙيسري ملڪن جا ماڻهو خاص طور غيرصحتمند علائقو سمجهندا آهن. يورپي ماڻهن جي طبيعت لاءِ انهيءَ آب و هوا کي نقصانڪار سمجهيو ويو آهي، جهڙي طرح اها ڳالهه (انهيءَ هڪ ئي حالت ۾ جنهن بابت مون ذڪر ٻڌو آهي) بينگال مليٽري سروس جي وڏيءَ افسوسناڪ حالت ۾ انتقام ڪيل آنجهاني ڪئپٽن گرانٽ جي حالت مان ثابت ٿي، جيڪو برگيڊيئر جنرل مالڪوم جي احڪامات هيٺ عمل ڪندي، ٽن مهينن تائين هن صوبي ۾ هو ۽ هن انتهائي خراب صحت جي حالت ۾ اها جاءِ ڇڏي. لس جو ننڍو صوبو، بلوچستان جي هن ڊويزن جي عام غيرصحتمند ۽ ناخوشگوار حالت کان مستشنيٰ آهي؛ ۽ هيءَ هڪ حيرت انگيز ۽ غير معمولي حقيقت آهي ته جبلن جي اها قطار جيڪا ان کي مڪران لکان جدا ڪري ٿي، تنهن انهن ٻنهي جي مقامي باشندن، سندن هلت چلت، رسمن، رواجن ۽ ظاهري شڪلين ۾ پڻ امتياز جي هڪ عظمي الشان ليڪ ڪڍي کين جدا ڪري ڇڏيو آهي. ڪوهستان، يا بلوچستان جي اها ڊويزن، جيڪا وارياسي بيابان جي الهندي طرف واقع آهي، جابلو نوعيت جي هئڻ ڪري، آب و هوا جي حالت ۾ ساراوان ۽ جهالاوان جي صوبن سان مشابهت رکي ٿي، سوا3 ان حالت جڏهن اها گهڻي قدر نرم ۽ ان جي نتيجي طور وڌيڪ صحت افزا آهي. هتان جون مندون مڪران جهڙيون آهن، پر جون ۽ جولاءِ ۾ برساتون، جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ هميشه باقاعدگيءَ سان پونديون آهن، هِتي گهڻو ڪري هلڪيون هونديون آهن، ۽ ڪن وقتن تي ايتريون ته سخت ۽ ڳريون هونديون آهن، جو فصل کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏينديون آهن، اهڙي صورتهال سن 1809ع ۾ پيدا ٿي ۽ ان جي نتجي ۾ ڏڪار پيو، حالانڪ ساراوان ۾ اهڙي ساڳي مصيبت خشڪ ساليءَ سبب نازل ٿي.

ڪڇ گنڊاوا ۾ سڄي اونهاري جي دوران آب و هوا انتهائي سخت گرم هوندي آهي، ۽ سياري ۾ اها خوشگوار حد تائين موافق رهندي آهي، جو ساراوان ۽ جهالاوان صوبن جي سڀ سردار ۽ رهاڪو (جيڪي ان جو خرچ برداشت ڪرڻ جهڙا هوندا آهن)، لڏي هن علائقي ۾ اچي رهندا آهن.

آءٌ بلوچستان جي زمين ۽ مٽيءَ جي نوعيت متعلق ڪوبه تفصيلي تبصرو ڪرڻ جي حالت ۾ ناهيان، جيڪو موضوع، درحقيقت خاص طور دلچسپيءَ يا ڦيرگهير کان خالي ۽ محروم آهي. اها عام طرح سان بيحد پٿريلي زمين نظر ايندي آهي ۽ سراوان، جهالاوان، لس ۽ مڪران جي صوبن ۾ اها هڪ عام مبصر کي انتهائي صاف نظر ايندي آهي، باقي پوين ٻن صوبن جي سامونڊي ڪنارن تي جتي اها وارياسي ۽ ڪاراٺي هوندي آهي، صورتحال مختلف آهي. انهن سڀني صوبن جا جبل انتهائي سخت قسم جي ڪاري يا ڀوري پٿر جا ٺهيل آهن ۽ انهن جي درميان ايندڙ وادين ۽ ميدانن جي مٽيءَ ۾ پٿرين ۽ ننڍن ننڍن پٿرن جي ايتريقدر ته گهڻ آهي، جو اتي گهڻو ڪري ڪٿي به چيڪي مٽيءَ جو ڪو هلڪو آثار به نظر ڪونه ايندو آحي. ان جي باوجود انهن مان ڪن ۾ ڪڻڪ ۽ جوَن جا ڏاڍا ڀلا فصل ٿيندا آهن، ۽ اهڙن ٻين هنڌن تي، جتي زمين کي ڪو هر نه ڏنو ويندو آهي، اتي قدرتي طور ڏاڍا گهاٽو گاهه اڀرندو آهي ۽ اهو تمام گهڻي اوچائيءَ تائين ويندو آهي. ڪوهستان جي مٽي قسم قسم جي آهي. ماٿرين ۾ اها گهڻو ڪري ڪاري رنگ جي چيڪي مٽي هوندي آهي ۽ ڪيترن ئي بلند و بالا جبلن جي ويندي چوٽين تائين سنهي مٽي هوندي اهي. باقي ٻيا جبل ڪاري ۽ سخت پٿر جي اٿاهه  ڍيرن کان سواءِ، جيڪي ساوڪ جي نالي کان به بي نياز اهن، ٻيو ڪجه به نه هوندا اهن. ڪڇ گنڊاوا جي مٽي چيڪي ۽ زرعي پيداوار لاءِ ڏاڍي ڪارائتي آهي، ۽ اها ايتريقدر ته غير معمولي حد تائين پيدائش ڏيندڙ آهي، جو چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اها سڄي پوري طاريقي سان کيڙي ۽ پوکي وڃي ته ان مان ملندڙ فصل جيڪر سڄي بلوچستان جي کپت کان گهڻي قدر وڌيڪ ٿين. ڪهڙي به حالت آهي، تڏهن به هتان جا ماڻهو ڪپهه، نير ۽ تيل کان علاوه، اناج جو وڏو مقدار به ٻاهر موڪلين ٿا، بادِ سموم، جنهن جون مون هڪ ٻيءَ جاءِ [4] تي خاص طور سان ذڪر ڪيو آهي، ڪڇ گنڊاوا ۾ اونهاري وارن مهينن جي دوران لڳندي آهي، ۽ ڪيئي ماڻهو ان جي اثر کان پنهنجيون جانيون وڃائيندا آهن.

بلوچستان جي مختلف پرڳڻن ۾ سون، چاندي، شيهو، لوهه، ٽامو، قلعي، سرمو، چوني جو پٿر، ڦٽڪي ۽ ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ شورو دستاب ٿين ٿا. قيمتي ڌاتو نل نالي هڪ شهر جي ڀرسان، جيڪو قلات کان هڪ سؤ پنجاهه ميل پري ڏکڻ ڏکڻ ــ اولهه طرف آهي، لوهه ۽ شيهي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندي فقط لڌا ويا آهن. ٻيا مختلف ڌاتو، جن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سي تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. پهاڙي لوڻ الهندي ملڪ ۾ گهڻي قدر عام آهي، ۽ ساڳيءَ طرح سان قلمي شورو پڻ قدرتي حالت ۾ کوٽي ڪڍيو ويندو آهي. قلات جا مانهو اها آخري شئي زمين جي مٽيءَ مان ڪڍندا آهن ۽ ان کيٻين سڀني قسمن کان وڌيڪ تيز سمجهندا آهن. قلات کان ڪڇ گنڊاوا ڏانهن ويندڙ شاهراهه تي، ٽڪرين جي هڪ اهڙي قطار آهي، جنهن مان هڪ اهڙيءَ جسن جو لوڻ ڪڍيو ويندو آهي، جيڪو مڪمل طرح سان ڳاڙهي رنگ جو آهي ۽ ان ۾ ڪيئي طبي خوبيون سمايل آهن. گندرف ۽ ڦٽڪي ساڳئي هنڌ تي دستياب ٿيندا آهن. مون نوشڪيءَ جي الهندي طرف ڏانهن جبلن ۾ اڇي ۽ ميٽائي رنگ جي سنگرمرمر جون ڇپون ڏٺيون، پر بلوچن طرفان ان جو ڪو به قدر و قيمت ٿيندي نٿي معلوم ٿئي. خام ڌاتوءَ کي پگهارڻ جو هنن وٽ بلڪل سادو طريقو آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪن وقتن تي ڌاتوءَ سان گڏ مٽي به مليل رهجي ويندي آهي، پر ان هوندي به اهو طريقو اهڙو عقلمنديءَ وارو آهي، جو ان هن هنڌ تي بيان لهڻو. جڏهن خام ڌاتوءَ جو ايترو مقدار جمع ڪيو ويندو آهي، جو هڪ بٺيءَ لاءِ ڪافي هوندو آهي، تڏهن ان کي خشڪ ڪاٺين جي ڍڳ مٿان رکيو ويندو آهي، جنهن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويندو آهي ۽ نيون ڪاٺيون وجهيون وينديون آهن، تان جو ڌاتو پوريءَ طرح سان ڳري ويندو آهي ۽ هيٺ وڃي ويهندو آهي، جتي اهو نهرو بڻجي ڳوڙهو ٿي پوندو آهي. پوءِ ان کي ڪچري کان الڳ ڪيو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ اهو انهيءَ حالت کان وڌيڪ صاف هوندو آهي؛ جڏهن اهو کاڻ مان ڪڍيو ويندو آهي. ان کان پوءِ هو ان کي هڪ اهڙيءَ کڏ ۾ رکندا اهن، جيڪا ٽائيلس يا سخت گچ جي ٺهيل هوندي آهي، ۽ اها اهڙيءَ طرح سان ٺهيل هوندي آهي، جو ان جي هيٺان باهه لڳائي سگهبي آهي. جڏهن ڌاتو ٻيو دفعو پگهري ويندو آهي، تڏهن ان مان وڌيڪ گندگي ۽ ڪچرو پَٽي ڪڍڻ ۽ ولوڙڻ ذريعي ڪڍيو ويندو آهي ان کان پوءِ ڌاتوءَ کي پٽڙي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، ۽ ڪچي مِٽيءَ مان ٺهيل قالبن ۾ اوتيو ويندو آهي ۽ انهيءَ حالت ۾ قلات جي بازارين ۾ فروخت ڪيو ويندو آهي، ۽ ان جو اگهه يورپي بازارين ۾ وڪامندڙ ڌاتوءَ جي ڀيٽ ۾ اڌو اڌ هوندو آحي. بلوچي ماڻهو خام حالت ۾ ملندڙ سون ۽ چانديءَ جي ڌاتن کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا اهن ۽ انهن کي سندن قدرتي حالت ۾ هندن کي فروخت ڪندا آهن، جيڪي محصولات کان بچڻ لاءِ انهن کي خفيه طور پنجاب جي شهرن ڏانهن منتقل ڪندا آهن.

قلات جي باغن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ميويدار وڻ پوکيل آهن، جن مان بهترين قسمن جا سڀ وڻ ڪابل کان نصير خان جي حڪومت ۾ گهرايا ويا هئا، جيڪو انهن جي پرورش تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندو هو ۽ پنهنجي رعايا جي ماڻهن کي بهترين قسمن جي ميون حاصل ڪرڻ لا3 انعامن جي ترغيب ڏيڻ سان سندن مثال وٺڻ ۽ ان طرح عمل ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو هو. قلات جي مَنڊيءَ ۾ هيٺيان ميوا سندن پوري موسم جي دوران مناسب ۽ گهٽ اگهن تي وڪامندا هئا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن جون ڪوششون انهيءَ ڏس ۾ ڪيتريءَ حد تائين ڪامياب ٿيون هيون: زردالو، شفتالو، مختلف قسمن جو انگور، باداميون، پستا، ڪيترن ئي مختلف قسمن جا صوف، ناسپاتيون، انجير، ڏاڙهون، شهتوت، گدرا [5]، زيتون وغيره وغيره.

قلات جي اتر طرف شل ۽ مستونگ ۾ اهڙي ته نفيس جنس جا بدام پوکيا وڃن ٿا، جو انهن کي فقط خشڪ ڪپڙي ۾ وجهي رڳڙڻ صاف ڪري سگهجي ٿو. بلوچستان جي مختلف صوبن ۾ سڀني قسمن جا [6] اناج پوکيا وڃن ٿا، جيڪي هندستان ۾ ٿيندا آهن، ۽ هتي ڀاڄيون [7] به جام ٿين ٿيون. بلوچستان ۾، خاص طرح قلات جي اُتر ۽ اوڀر وارن طرفن ۾ ڪپهه ۽ نِير به پوکيا وڃن ٿا، ۽ اتان جي نِير کي بينگال واري نِير کان بهتر کان بهتر جنس وارو سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ان جي قيمت به بينگالي نِير جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.

سراوان ۽ جهالاوان جي مٿانهن حصن، شل ۽ مستونگ وارن ضلعن ۾ ڪڻڪ جي پوک آگسٽ يا سيپٽمبر ۾ ڪئي ويندي آهي ۽ ايندڙ جون ۾ لُڻي ويندي آهي؛ جَوَ هڪ مهينو دير سان زمين ۾ ڇٽيا ويندا آهن ۽ فصل اڳڀرو جمع ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري اهو اٽڪل اٺن مهينن تائين پهچي راس ٿيندو آهي. مڪائي ٽن يا چئن مهينن ۾ پچندي آهي، بشرطيڪ اها اونهائي جي گرميءَ ۾ ۽ ڪنهن پناهه واريءَ جاءِ ۾ پوکي وڃي.نير جي پوک هتي بلڪل نه ٿي سگهندي ۽ چانور پڻ هيٺانهين ماٿري ۾ پوکيا ويند آهن، جتي انهن کي پاڻيءَ ۾ ٻڏل رکڻ لاءِ ڪافي مقدار ۾ پاڻي موجود هوندو آهي. ٽن سالن کان گهٽ عرصي اندر استعمال جي قابل نه ٿيندو آهي ۽ جيئن ته ان جي پرورش ۾ وڏي محنت درڪار آهي، ان ڪري ان جي پوک جي نموني بابت بيان ڏيڻ سان زراعت جي بلوچي طريقي متعلق پڙهندڙ کي ڪجهه اندازو ٿي ويندو. زمين کي تيار ڪرڻ ۽ ان کي ننڍين نالين ۾ ورڇڻ کان پوءِ، منجهن ٻج وجهي انهن کي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو آهي. جڏهن ناليون انهيءَ حالت ۾ هونديون اهن، تڏهن انهن کي مِٽيءَ ۽ ڀاڻ سان ڀريو ويندو آهي. نَون يا ڏهن ڏينهن کان پوءِ ٻوٽا نڪري ظاهر ٿي بيهندا آهن ۽ پهرين اونهاري جي دوران ان جون ڏانڊيون ٽن يا چئن فوٽن جي اوچائيءَ تائين وڃي پهچنديون آهن. انهن کي سيپٽمبر ۾ وڍي چوپائي مال کي چاري طور کارايو ويندو آهي. ان کان پوءِ زمين کي وري وري مِٽيءَ ۽ ڀاڻ سان ڀريو ويندو آهي، تان جو بهار ۾ وري ٻوٽا نڪري ايندا آهن، ۽ انهن مان اهڙن ٻوٽن کي جدا ڪيو ويندو آهي، جن مان ٻج حاصل ڪرڻ جو ارادو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻج وٺڻ لاءِ ٻيو سال بهترين عرصو شمار ڪيو ويندو آهي. باقي ٻين کي هر مهيني يا ڏيڍ کان پوءِ وڍيو ويندو آهي، جنهن ڪري سڄي طاقت پاڙن ۾ هلي ويندي آهي ۽ انهن جي جسامت ۾ اضافو ڪندي آهي. ٻج لاءِ ڇڏيل هر ڏانڊيءَ جي بلڪل چوٽيءَ ۾ هڪ گل نڪرندو آهي. ان کان پوءِ جيڪا ڦري ظاهر ٿيندي آهي، تنهن ۾ فقط ٻه ٻج هوندا آهن ۽ جڏهن اهي پچي راس ٿيند آهن ته انهن کي ڪاٽي الڳ رکيو ويندو آهي، ۽ پوءِ جيئن پهريئن سال ۾ ڪيو ويندو آهي، ٻوٽي جون ڏانڊيون وڍي زمين کي وري به تازي مٽي ۽ ڀاڻ سان ڍڪيو ويندو آهي، ٽين اونهاري ۾ به ڏانڊيون ائين ئي ڪاٽيون وينديون آهن، جيئن پهرين ٻن سالن جي دوران ڪيو ويندو آهي، ۽ سيپٽمبر ۾ پاڙون کوٽي ٻاهر ڪڍيون وينديون آهن. اهي تمام سڌيون سنيون هونديون ۽ منجهن ڪي به پاسيريون آسيريون ٻيون شاخون لڳل ڪين هونديون آهن. عام طرح سان اهي ٽن کان پنجن فوٽن تائين ڊگهيون ۽ تمام سنهيون هونديون آهن. انهن پاڙن کي هڪدم ننڍن ٽڪرن ۾ وڍيو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ اهي سڪايون وينديون آهن ۽ انهيءَ حالت ۾ قلات جي منڊيءَ ۾ هڪ رپي ۾ اٽڪل ڏهن پائونڊن جي حساب سان فروخت ڪيون وينديون آهن. اوشت پوشت نالي هڪ خاص قسم جو گاهه آهي، جيڪو اُٺن جو گاهه آهي، جنهن جو ڪانو هڪ يا ٻن فوٽن جي بلنديءَ تائين اُڀرندو آهي ۽ جنهن جا پن کجيءَ جي ڦرهن وانگر هوندا آهن؛ اهو بهار جي ابتدا کان وٺي ويندي سرءُ جي پڇاڙيءَ تائين مهيني ۾ ٻه ڀيرا نڪرندو آهي ۽ اهو سياري جي موسم دوران ڪوماڻيل حالت ۾ رهندو آهي، جنهن جي ختم ٿيڻ تي ان کي وري پاڻي ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. جنهن جي ختم ٿيڻ تي ان کي وري پاڻي ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. اهو ٻوٽو ڇهن يا ستن سالن تائين بهترين حالت ۾ رهندو آهي، پر انهيءَ عرصي کان پوءِ ان جون پاڙون ڇڪي ٻاهر ڪڍيون وينديون آهن ۽ زمين کي ٻن يا ٽن مندن تائين غيرآباد رهڻ ڏنو ويندو آهي. مختلف اناجن جا ڪکــ پن پوپاين جانورن جو مکيه چارو هوندا آهن ۽ انهن کي گهڻو ڪري ”اوشت پوشت“ سان ملائي ڪُتر ڪيو ويندو آهي. مڪران ۽ لس جي ڏاکڻن ضلعن کي سال ۾ گاهه جي ٻن فصلن هئڻ جو فائدو آهي. ڇاڪاڻ ته اتي مينهن جون ٻه مندون ٿينديون آهن.

ڪڇ گنڊاوا، لس ۽ مڪران جو ڪجهه حصن جي هيٺانهن حصن ۾ فصل ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ تمام جلد پچي راس ٿيندا آهن. ڪڻڪ جو لابارو ڇهن مهينن ۾ وڌو ويندو آهي ۽ جَوَن جو پنجن مهينن کان به گهٽ عرصي اندر مشرقي ملڪن جا اناج پنجن کان ٻه مهينن جي مدت ۾ تيار ٿين ٿا، ڪپهه ۽ نير به نسبتاً انهن جي وڌيڪ جلد تيار ٿين ٿا. هيءَ هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي، ته ڪڏڇ گنڊاوا ۾ جانورن جو فصل بلڪل ڪونه ٿئي، حالانڪ اتان جي زمين ايتريقدر ته ڀلي آهي، جو ان ۾ ٻين سڀني قسمن جا بهترين فصل ٿين ٿا، نه وري اتي ڪا پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. مڪران ۾ کجور جي وڻن جي ڪاشت ڏاڍي خبرداريءَ ۽ احتياط سان ڪئي وڃي ٿي؛ ۽ جيئن ته ان جو طريقو ڪجهه قدر حيرت انگيز آهي ۽ بنان ڪنهن اختلاف جي، نر ۽ مادي وڻن جي موجودگيءَ کي ثابت ڪري ٿو ( هن نڪته تي مون اختلاف به ٻڌا آهن)، ان ڪري آءٌ هِتي ان جي طريقي جو تفصيلوار ذڪر ڪندس، جي مون کي ڪيترن ئي موقعن تي ان کي اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. ٻنهي قسمن جي وڻن، نر خواه مادين ۾ فيبروري يا مارچ جي اوائل ۾ ٻُور لڳڻ شروع ٿيندو آهي. ٿڙ وچان، انتهائي اوچين ٽارين يا پنن وت ان جو گل ڦٽي نڪرندو آهي ۽ ان جي ظاهري صورت ڪڻڪ جي سنگن جي مُچي وانگر ٿئي ٿي، پر هيءَ گهڻي قدر وڏو ۽ بلڪل اڇو ٿئي ٿو. نر وڻ جو گل مٺو ۽ بلڪل وڻندڙ ٿئي ٿو، پر ماديءَ جو گل بلڪل ڪوڙو ۽ ذائقي ۾ سَڪُ ۽ اڻوندڙ آهي. جڏهن وڻ ٻور سان ڀرجي ويندا آهن، تڏهن انهن جي شاخن کي وڍي، اڻ گهريل ڇڙيون جدا ڪيون وينديون آهن. ان کان علاوه، ماديءَ جي ٻور مان ڪجهه تيليون جدا ڪيون وينديون، ان کان پوءِ نر گل مان هڪ تيلي ڪڍي مادي وڻ جي سپيءَ جي مٿانهين طرف هڪ چير وچان اها اندر داخل ڪئي ويندي آهي، ۽ ان کان پوءِ کارڪون جسامت ۾ وڌڻ شروع ٿينديون آهن، تان جو ”خورمتو پز“ يا کجور جي پچڻ جو وقت ايندو آهي، جيڪو انتهائي سخت گرميءَ وارن ٽن هفتن جيترو مدو هوندو آهي ۽ آگسٽ يا سيپٽمبر ڌاري ايندو آهي. انهيءَ ڪارڪردگي کان سواءِ مادي وڻ جا گل کارڪن جي شڪل اختيار ڪندا، پر اهي پچنديون ڪين، ۽ نر وڻ جا گل به هن کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪم جا نه ٿيندا آهن ته بلوچي ماڻهو انهن کي سندن ڪچي سائي حالت جا نه ٿيندا آهن ته بلوچي ماڻهو انهن کي سندن ڪچي سائي حالت ۾ يا انهن کي باهه تي پچائي ماني ڪري کائيندا آهن. هڪ نر وڻ ڪيترن سوَن مادي وڻن کي ڦردار بنائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي، ڇاڪاڻ تهنر جي ٻور جو ننڍي کان ننڍو ذرو به پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. مون کي ته ايستائين به ٻڌايو ويو ته ضرورت پوڻ تي نر وارو ساڳيو تيلو هڪ ماديءَ مان ڪڍي ٻيءَ ۾ داخل ڪبو ته ساڳيو ئي اثر ظاهر ڪندو. جڏهن ”خورمو پُز“ واري موسم گذري ويندي آهي، تڏهن کارڪن کي پٽي ان جي مالڪ جي مرضيءَ مطابق استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪن کي انهيءَ حالت ۾، جنهن ۾ سڪايو ويندو آهي. اهو ساڳيو طريقو ٻين سان به اختيار ڪيو ويندو آهي. پر اڳ ۾ انهن مان ککڙيون الڳ ڪيون وينديون آهن ۽ باقي کارڪن کي ٻڪريءَ جي وارن مان ٺهيل ڏور ۾ پوئي هار ٺاهيا ويندا آهن. جن کارڪن کي تر حالت ۾ رکڻ جو ارادو هوندو آهي، تن کي هڪدم کجيءَ جي پنن مان ٺهيل ٽوڪرن ۾ بند ڪيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ سئڪرين جي مادي جي جيڪا گهڻ شامل آهي، س کين خراب ٿين کان محفوظ رکندي آهي. انهيءَ وڻ خواه ان جي ڦل جي لحاظ کان انهن جا بيشمار قسم آهن، ڇاڪاڻ ته ڪن به ٻن جنسن کي ميلاپ مان ٽيون قسم پيد ٿئي ٿو، جنهن کي بلڪل نئين نالي سان سڏيو ويندو آهي. ان جي باوجود، ڪنهن ماڻهوءَ کي کجور جي پوک جو ماهر فقط ان حالت ۾ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن هو هرهڪ وڻ کي ڏسڻ شرط، ان ۾ لڳندر ڦل ۽ خود وڻ جي نالي 7 قسم جي هڪدم نشاندهي ڪري سگهي. بلوچستان ۾ انتهائي قدر ۽ قيمت وارا کجيءَ جا قسم لُر، پپُو، موج وتي، ۽ شنگسقند جي نالن سان سڏجن ٿا. انهن ملڪن جي ماڻهن طرفان کجور جي وڻ کي، وڏي نعمت سمجهيو ويندو آهي ۽ ان لاءِ هنن وٽ سبب به وڏو آهي. ان جي قدر ۽ قيمت ۾ هن ڳالهه جي ڪري وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو، جو اها جنس اهڙي وارياسي ۽ پٿريلي زمين ۾ سڀني کان وڌيڪ ڀلي ٿئي ٿي. جيڪا بئي ڪنهن به مفيد ڪم ۾ نٿي اچي سگهي.

بلوچن وٽ بهترين قسم جو عمارتي ڪاٺ ”اپور“ ۽ گدامڙيءَ جي وڻن جو آهي، ۽ انهن ٻنهي قسمن جو ڪاٺ حيرت انگيز حد تائين سخت ۽ جٽادار ٿئي ٿو، ۽ انهن مان اول الذڪر ظاهر صورت، وزن ۽ داڻي جي لحاط کان ٽالهيءَ جي ڪاٺ سان ايتريقدر ته مشابهت رکي ٿو، جو ڪئپٽن ڪرسٽيءَ ۽ مون اڳ ۾ ان کي غلطيءَ وچان اهو ڪاٺ سمجهيو. انهن ٻنهي قسمن جا وڻ تمام وڏا ٿين ٿا، ۽ انهن جي فهرست ۾ ٻٻر، لئي ۽ شهتوت جي وڻن جو اضافو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي پڻ تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. مغرب طرف رهندڙ ماڻهو کجيءَ جي ڪاٺ کان ساڳيو ڪم وٺڻ ٿا. نم، پپل، سِسنُو، چنار، انب، اخروٽ وغيره جا وڻ به هن ملڪ جي مختلف حصن ۾ ملن ٿا، پر هن ملڪ ۾ ڪٿي به شاهه بلوط، ائش، فر ۽ ٻين اهڙن يورپي قسمن جا وڻ ڪٿي به نٿا ملن.

بلوچستان جو گهاريلو ۽ پالتو جانور آهن، گهوڙا، خچر، گڏهه، اُٺ، مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون، ڪتا ۽ ٻليون. انهن کان علاوه پکين ۾ فقط ڳيرا ۽ ڪبوتر آهن، انهن وٽ نه آڙيون آهن، نه ٽرڪِيون ۽ نه بدڪون. جهنگلي جانورن ۾ شينهن، چيتا، واگهه، چراخ، بگهڙ، گدر، جهنگلي ٻلا، وحشي ڪتا، لومر، سها، نور، جابلو ٻڪر، هرڻ، نيل گايون، ڳاڙها ڦاڙها، جهنگلي گڏهه وغيره شامل اهن. پکين جي قسمن منجهان عقاب، سرڻيون، ڳجهيون، وڏا چٻرا، ڪانگ، باز، جهنگلي آڙيون ۽ بدڪون، ڪاز، ڪنگ، ٻگهه، پهاڙي، ڪبوترن، تتر ۽ يورپ يا هندستان ۾ ملندڙ سڀيئيڪ ننڍا خواه وڏا پکي موجود آهن. هندستان وانگر هتي زهريلي جانور گهڻا ڪينهن ۽ هڪ ڳالهه هيءَ چوڻي پوي ٿي ته سامونڊي ڪناري کان علاوه، جتي ماڻهو سال جو گهڻي کان گهڻو حصو تازي مڇي تي گذر ڪندا آهن، اها هن ملڪ ۾ ذري گهٽ آهي ئي ڪانه.

بلوچستان جا گهوڙا ڏاڍا طاقور ۽ مضبوط قد ڪاٺ جا ۽ وڏا ٿين ٿا، پر اهي گهڻو ڪري انتهائي چيڙاڪ آهن. جيڪي گهوڙا انهيءَ ملڪ کان هندستان ڏانهن آندا ويندا آهن، تن مان اڪثر قلات جي ڏاکڻين علائقي ۽ ڪڇ گنڊاوا جا پليل هوندا آهن. لس ۽ مڪران ۾ انهيءَ جانور جو نسل ننڍو ۽ گهٽ جوشيلو ٿئي ٿو. ريگستان جي الهندي طرف ڏانهن رهندڙ بلوچي پنهنجا گهوڙا گهڻو ڪري خراسان کان آڻيندا آهن، ۽ اهي سردار جن وٽ نسل وٺڻ لاءِ گهوڙيون هونديون آهن، سي کين عرب يا ايراني گهوڙن سان لڳ ڪرائيندا آهن، ۽ انهيءَ جي ڪري اهي دم جي پختگيءَ، ماٺائيءَ ۽ سونهن ۾ اعليٰ 1سم جا ٿين ٿا. هن علائقي جي گڏهه يا خچر ۾ ڪابه اهڙي قابل ديد ڳالهه ڪانهي،نه وري هتان جون ڍڳيون، رڍون يا ٻڪريون قابل توجہ آهن. هتان جون رڍون گهڻو ڪري انهيءَ نسل سان تعلق رکن ٿيون، جن کي فارسيءَ ۾ ”دنبه“ يا ٿلهي پڇ واريون چئبو آهي، ۽ ٻڪريون کهرن ۽ ڪارن وارن سان ڍڪيل هونديون آهن، جيڪي انهن کي برف ۽ سيءَ کان بچائڻ جو ڪم ڪن ٿا. مون جن به پالتو جانورن جو ذڪر ڪيو آهي، تن سڀني کان وڌيڪ هڪ ۽ ٻن ٿوهن واري اُٺ جو بلوچي ماڻهو انتهائي وڌيڪ قدر ۽ قيمت ڪن ٿا. هتان جو اُٺ انهيءَ نسل جو آهي، جنهن کي ٻه ٿوها ٿين ٿا، ۽ هو فقط بار ڍوئڻ لاءِ ڪارگر آهي، ڇاڪاڻ ته هو بناوٽ ۾ ڳرو، ڊگهن هڏن ۽ ڊگهن وارن سان ڀريل کلي ۽ حيرت انگيز طاقت وارو آهي. ٿڪ ٿوهي واري اُٺ کي اهي ماڻهو لڳاتار ڪيترنئي ڏينهن تائين عجيب تيز رفتاريءَ سان سفر ڪرڻ جي تربيت ڏيندا آهن ۽ انهن جي کاڌي ۽ پاڻيءَ کان سواءِ رهڻ جي خصيت سندن مالڪن جي ڇاپن هئڻ يا ڊاڪه زنيءَ وارين مهمن لاءِ بطور خاص موزون ٿئي ٿي، جنهن ۾ انهن کي گهوڙن جي مٿان يقيني برتري حاصل آهي. اُٺ کي ڪڏهن به ڪنهن هيٺانهين علائقي م نه ڏٺو ويندو آهي، ۽ مٿانهين صوبن ۾ پڻ کين شاذو نادر ئي ڪم ۾ آندو يا پاليو ويندو آهي. هڪ ٿوهي وارا اُٺ ظاهري ڊول ڊيل ۽ شڪل و صورت ۾ انهن علائقن جي آب و هوا مطابق، جن ۾ اهي پيدا ٿيندا رهندا آهن، منتخت حد تائين مختلف هوندا آهن. مڪران ۽ لس ۾ اهي سنها ۽ لَڪا، رنگ جا هلڪا ۽ عام طور بناوٽ ۾ خوبصورت ٿين ٿا. باقي قلات ۽ انهيءَ شهر جي اتر ۾ اهي ٻين جي مقابلي ۾ ڳرا، ڏاڍا ڪارا، کهرا ۽ طبيعت جا چيڙاڪ ٿين ٿا. پوئين قسم جا اِهي اُٺ گهڻي قدر ٻين سڀني کان بهتر اهن، ۽ اهڙن سڀني قسمن جي اُٺن کان، جن بابت به مون ڳالهيون ٻڌيون آهن، گرميءَ ۽ سرديءَ ۾ صبر سان رهندڙ آهن. ڪتن جي نسل مان، رڍن، جي چوڪيداري ڪندڙ ۽ تازي ڪتن جو ٻين سڀني کان وڌيڪ قدر ڪيو وڃي ٿو ۽ بلوچي ماڻهو انهن ج نسل ۽ پرورش جي سلسلي ۾ ايتريقدر توجهه ڏيند آهن، جيتريقدر انگلنڊ جو ڪو سڪاري پنهنجن شڪاري ڪتن تي توجهه ڏئي سگهي ٿو، پهرئين قسم وارا تمام وڏا ۽ طاقتور ٿين ٿا، ۽ جڏهن اهي غصي ۾ ڀرجن ٿا، تڏهن انتهائي وحشي ٿين ٿا، پر عام حالات ۾ ايتريقدر ته غريب طبيعت ۽ ماٺيڻا هوندا آهن، جو انهن کان وڌيڪ ماٺيڻن ڪتن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. جنگلي ڪتو انهيءَ سم جو ٿئي ٿو ۽ جيسين ماڻهو چڱيءَ طرح سان مسلح نه هجي، تسين انهن مان ڪنهن هڪ کي ستائڻ خطرناڪ ٿيندو. اهي گهڻو ڪري ويهن يا ٽيهن جي ٽولن ۾ گڏجي شڪار ڪندا آهن. خوشقمستيءَ سان هو ايڏا ته ڊڄڻا ٿين ٿا، و هو انتهائي گهاٽن ۽ ناقابل عبور جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ ان ڪري انهن کان ڊڄڻ ضروري آهي.


[1] . اهي مقامي امتياز اهڙا آهن، جهڙوڪ ”سرحد“، يعني سرد ضلعو، هن سان پڻ لاڳو آهن، جيئن حدبندي. ”سررود“ يعني درياه تي واقع ضلعو ”پشت ڪوهي“ يعني جبل جي پٺيان، وغيره وغيره.

[2] ۔ بلوچستان جو ڪو به مانهو هن ڳالهه کان واقف نٿو نظر اچي ته موسمن جي شروعات جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو اصول مقرر ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾  غلطيءَ جو ڪو امڪان نه هجي، ۽ هنن جو اصرار آهي ته انهن جو دارومدار آب و هوا جي حالت تي ٿئي ٿو، ۽ حساب جو اهو نمونو اهڙو آهي، جنهن موجب ڪن به ٻن سالن جي هڪجهڙي آب و هوا جو هئڻ محض هڪ حادثو قرر ڏنو وڇي ٿو. فيبروري سنه 1811ع ۾ قلات جي ويجهڙائي ۾ پندرهن ڏينهن تائين مسلسل برفباري ٿيندي رهي ۽ ايندڙ آڪٽوبر ۾ پارو جلدي ڄائو. ان طرح سان سياري جي موسم کي ڪاٽا ڪندي، بلوچن جي نظريي مطابق، سال جون باقي ٽي موسمون ستن مهينن ۽ ڪجهه ڏينهن کان وڌيڪ عرصي جون نه هيون.

[3] . جتي به ڪي ٻه ضلعا، جهالاوان ۽ لس وانگر هڪٻئي جي ڀر ۾ واقع هوندا آهن، اتي هيءُ لازمي  نتيجو نڪرندو آهي ته اهي، ڪجهه حد تائين، هڪٻئي جي انهيءَ آب و هوا جي فائدن ۽ نقصانن مان ٿورو گهڻو حصو کڻندا اهن، جيڪا انهن ضلعن ۾ ان وقت موجود هوندي آهي. ان ڪري جلالاوان جا ڏاکڻا ضلعا ايتريقدر سرد نه هوندا آهن، جيترو قلات، ۽ انهن جي پاسي ۾ واقع لس جو حصو سياري ۾ سمنڊ جي ڪناري کان گهڻو وڌيڪ سرد هوندو آهي.

[4] . ڏسو اپريل جي 2 ــ تاريخ واري ڪهاڻي، حصو پهريون.

[5] . سڀني قسمن جي گدرن کي حيرت انگيز گولائيءَ تائين پوکيو ويندو آهي ۽ هندڻن مان ڪجهه قسم ته ايڏي وڏيءَ جسامنت جا ٿين ٿا، جو ڪوئي ماڻهو انهن مان هڪ کي مشڪل سان کڻي سگهندو. بلوچي ماڻهو ول مان هڪ يا ٻن گلن کان سواءِ ٻين سڀني کي پَٽي ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي ڀاڻ ڏئي پاليندا آهن ۽ وري وَٽيءَ سان ڪڏهن ميوي کي مِٽيءَ کان مٿي رکندا آهن ۽ ڪڏهن ان کي مِٽيءَ ۾  ڍَڪي ڇڏيندا آهن، ان طرح سان اهي مِٺا ۽ رَس دار ٿيندا آهن.

[6] . بلوچستان ۾ جيڪي اناج پوکيا وڃن ٿا، سي آهن چانور، ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهري، جوئر، مڱ، مڪائي، دال، اُڙد، مٽر، تِر، چڻا وغيره.

[7] . قلات ۾ ملندڙ ڀاڄيون، گجرون، گوبيون، ڪَدو، گل ــ گوبيون، مَٽر، رانءِ، موريون، بصر، ڌاڻا، ٿوم، واڱڻ، بادرنگ وغيره آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: