مان اڳي ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته باسمان جو ڳوٺ،
بلوچستان جي آخرين پڪي بستي هئي. اڄوڪي سفر جي
پڇاڙيءَ ۾ مان پاڻ کي بلوچستان جي حدن کان ٻاهر
سمجهيو. پر ائين آهي ته بلوچن جون ڪيتريون قومون
پرتي اولهه طرف رهن ٿيون، پر اهي اتان جا اصلوڪا
رهاڪو نه آهن. هو اتي هاڻي تازو وڇي رهيا آهن.
تنهنڪري آءٌ هن کان پوءِ پنهنجي سفرنامي ۾ ايران
جي انهن صوبن جو، جن مان مون سفر ڪيو هو، تن جي
جاگرافيءَ خواهه ٻين ڳالهين متعلق معلومات ۽ انگ
اکر ڏيندس. جي مون پاڻ مڪاني ماڻهن کان پڇائون
ڳاڇائون ڪري ۽ کوجنا ڪري گڏ ڪيا آهن. هاڻوڪي ايران
جي حڪومت جي ڪنهن به حصي متعلق مون کي هن ڪتاب جي
ٻئي ڀاڱي ۾ ڪجهه ڏيڻ جو ارادو ڪونه آهي.
باسمان جي ڳوٺ جي متعلق گهڻي اپٽار ڪرڻ جو ضرور
ڪونه آهي: ان ۾ اٽڪل ڏيڍ سؤ گهر آهن، جن مان ڪي
ٻه- ٽِماڙ آهن. گهر پٿر جا ٺهيل آهن، پر انهن ۾ گچ
يا چونو ڪم آندل ناهي. پٿر هڪٻئي تي اهڙيءَ طرح
ڳتيل آهن جو انهن تي برسات جو اثر ڪونه پوندو آهي.
انهن کياندران ليپو ٿيل آهي ۽ چوڌاري ساڳئي نموني
جو ڪوٽ ڏنل آهي. اتي جو سردار محمد خان ڪُرد بلوچ
آهي. انهيءَ سردار جو گهر اتر- اولهه طرف جبلن ۾
آهي. ٻه سال ٿيا ته هن ڀنڀور جي سردار محراب خان
جي ڌيءُ سان شادي ڪئي هئي. هن کي ڏاج ۾ ڀنڀور جي
سرداري ملي هئي. هن کي پنجاهه سپاهين کان وڌيڪ
لشڪر ڪونه آهي ۽ آمدني به گذران لاءِ مس پوري اٿس.
هو حليم طبيعت جو آهي. هو ايرانين وانگر اخلاق ۽
مروت وارو ماڻهو آهي. هن جو ڳوٺ، پهريون ئي ڳوٺ هو
جتي فارسي زبان عام ڳالهائي پئي ويئي. باسمان جا
ماڻهو اربابين ۽ رخشاڻين وانگر وڏا ۽ قداوار نه
آهن، مگر هنن جا هٿيار ۽ شغل ساڳيا آهن.
22- اپريل:
صبح جو ڇهين بجي کان شام جو ڇهين بجي تائين مون هڪ
ويران سنئين پوٺي مان ايڪيهه ميل سفر ڪيو. جنهن ۾
پاڻي يا ڪنهن به قسم جي ٻي ساوڪ ڪانه هئي. سواءِ
ناغود جي ڪن ننڍن وڻن جي، جي مون ڪن سڪل ڪڙين جي
پيٽ ۾ ڏٺا. ڪٿي ڪٿي ڪي شنز يا ڪانڊيرن جا جهڳٽا
هئا. ڪالهه جنهن جبلن جي قطار تان مان ٽپيو هوس،
تنهن جي هڪ اولهائين شاخ مون کان سراسري پنج يا
ڇهه ميل ڏکڻ طرف هئي ڪٿي ڪٿي اها اتر طرف وڌي پئي
آئي، قريباً رستي تائين. هندستان ڇڏڻ کان پوءِ مون
اهڙي گرمين ۽ هُٻس ڪٿي ڪانه محسوس ڪئي هئي. اسان
کي پاڻيءَ جيلقت ڪري به تڪليف ٿي. باسمان واري
پاڻيءَ مان ڪجهه بچيو هو سو مون کپائڻ نٿي گهريو-
اُهو مون ضرورت جي وقت لاءِ سانڍي رکيو هو. اسان
جي چوطرف صحراب
تريو پئي؛ ڄڻ ته جنهن شيءِ جي لاءِ اسان وڙهياسين
پئي، تنهن جو پاڇو ڏيکاري، اسان کي ويچارا پئي
ڪڍيائين. آءٌ پنهنجي ذاتي آزمودي مان چئي سگهان ٿو
ته زندگيءَ جي ضروريات مان پاڻيءَ ئي هڪ اهڙي شيءِ
آهي، جنهن کان سواءِ هڪ پل به جيئڻ جنجال آهي.
انسان ٿقڪ، بک، گرمي، سرديءَ جي تڪليف فطرتي آرام
يعني ننڊ جي ڪمي گهڻي وقت تائين صبر ۽ اميد سان
سهي سگهي ٿو، پر منهنجي خيال ۾ هڪ سيلانيءَ لاءِ
هن کان وڌيڪ ٻي ڪا شامت نٿي ٿي سگهي ته هو ساڙيندڙ
سج ۾ ٻَري ۽ نڙي سڪي اهڙي خشڪ ٿي وڃينس جو ساهه
ٻوساٽجي، مرڻ جي ڊپ کان زبان چوري به نه سگهي ۽
انهن خوفناڪ جذبن کي منهن ڏيڻ جو ڪو وَس يا وسيلو
به نه هجي. چون ٿا ته اهو صحراب جنهن جو مون ڏڪر
ڪيو آهي، سو سخت گرميءَ ۾ سج جي ڪِرڻن جي مٿي چڙهڻ
ڪري ٿيندو آهي. اهو اڪثر نشيب واري زمين ۾ نظر
ايندو آهي. جتي پاڻيءَ هئڻ جي اميد هوندي آهي.
جنهنڪري پاڻ وڌيڪ ڌوڪو ايندو آهي. ان ۾ ٻوٽن ۽ وڻن
جو پاڇو اهڙو چٽو نظر ايندو آهي جهڙو ڪنهن شفاف ۽
ماٺيڻي ڍنڍ ۾. هڪڙي دفعي مان ايران جي ڪرمان پرڳڻي
۾ ڏٺو ته رڃ هڪ چادر وانگر جبل جي پاسي ۾ ٽنگي پئي
هئي، ان ۾ جبل جي چوٽيءَ جو پاڇو پئي نظر آيو،
جيتوڻيڪ اها چوٽي ان جي مٿان نه هئي. هتي هيءُ
لقاء عام نظر ايندو آهي. ايراني، جي مون سان سفر ۾
گڏ هئا، تن چيو ته هن ٽڪر ۾ لوڻ جام آهي هي لقاءُ
لوڻ جي پاڙن مان جي بخار نڪرن ٿا تن ڪري ٿئي ٿو.
منهنجي وفادار نوڪر، فتح محمد جڏهن ماني پچائي
تيار ڪئي،
تڏهن سڀني يڪراءِ فيصلو ڪيو ته باقي بچيل پاڻي
تقسيم ڪيو وڇي. ائين ڪرڻ سان هڪ- هڪ کي سونهي
صسميت سندس حصي ۾ ڏيڍ پاءَ جيترو پاڻي ٿي آيو.
انهيءَ مختصر کاتي کان پوءِ اسان سمهي پياسون.
23- اپريل:
رات صاف ۽ چانڊوڪيءَ واري هئي. مون ان جي ٿڌيءَ
هوا وٺڻ جي فائدي جو خيال ڪيو. انهيءَ اميد تي ته
جيئن شام تائين ريگڻ پهچي وڃا، تنهنڪري مان ماڻهن
کي فقط ٻن ڪلاڪن جي آرام جي مهلت ڏني. اسان هڪ بجي
روانا ٿياسون. ڇهن ميلن کان پوءِ اسان گيهگن نالي
هڪ چشمي تي پهتاسين، جنهن جو پاڻي اهڙو ته کارو
هو، جو اسان اڃايل هئاسين ته به پِي نٿي سگهياسين.
تنهن هوندي به اسان ڍوءَ تي پاڻي پيتو ۽ مشڪون ڀري
کنيون. ايڪيهه ميل ٻيا پنڌ ڪري نرمنشير جي جهنگل
جي وَٽِ وٽ اٽڪل ڏهين بجي صبح جو ترسياسين. هتان
ريگڻ اٽڪل پندرهن ميل پري آهي.مان اتي پنجين بجي
شام جو پهتس. رستي تي اسان ٻن ڊٺل قلعن ۽ ميدان
نالي ڳوٺ وٽان لنگهياسين.
اڄ سڄو ڏينهن ملڪ گوناگون شڪل جو هو. گيهگڻ واريءَ
پوئينءَ منزل وٽ پهاڙي علائقو هو. تنهن کان پوءِ
نرمنشير جي جهنگل تائين سخت اگهاڙو پوٺو، وري نَو
يا ڏهه ميل ساندهه يڪو جهنگ جنهن ۾ ننڍا ٻوٽا ۽
ڪٿي ڪٿي وڻ هئا ۽ منجهن ڪيترا آباديءَ جا ٽڪر هئا،
جن کي جبلن مان نهرن رستي پاڻي ٿي مليو. اسان جو
سونهون انهن مان هڪڙيءَ نهر مان پنهنجي ننڍي
سانداري ڀري موڪلائي ويو. چيائين ته مون کي ريگڻ
مان اڪيلو موٽڻ جي همت ڪانه آهي. مون هن کي سير
اٽي جو ۽ ٽي رپيا ڏنا، جنهن تي هو راضي ٿيو.
جهڙيءَ طرح زمين مختلف نمونن جي هئي، اهڙيءَ طرح
اسان جو رستو به مختلف طرفن ڏانهن پئي هليو. پر
اهو سراسري ڏکڻ- اولهه ۽ اتر- اولهه جي وچ تي هو.
مون کي جيڪڏهن گرميءَ جي ماپڻ جو اوزار هجي ها ته
مان ڀانيان ٿو ته ائين معلوم ٿئي ها ته اڄ به ڪلهه
کان گهٽ گرمي ڪانه هئي. پر اسان وٽ اُڃ لاهڻ لاءِ
ڪافي پاڻي هو پوءِ خواهه اهو ڪهڙو به هو هڪ ٻِي به
عجيب ڳالهه هئي، جنهنڪري مون کي ڪم از ڪم خيال ۾
گهٽ گرمي محسوس ٿي ٿي، تنهنڪري تڪليف به گهٽ ٿي
ٿي، سا هيءَ ته اسان جي ڏکڻ ۾ جبلن جي هڪ اونچي
قطار هئي جنهن جي چوٽي برف سان ڍڪيل هئي. جيڪڏهن
ان طرف کان هوا لڳي ها ته پوءِ مان يقينا چوان ها
ته منهنجا جذبا خيالي نه هئا، پر ان وقت هوا ڪانه
هئي ۽ جيڪا ٿوري هئي ته به اها مخالف طرف کان پئي
لڳي.
ريگڻ ۾ پهچڻ شرط مان سڌو ڪوٽ جي دروازي ڏانهن ويس،
اتي ڪيترا ماڻهو ويٺا هئا ۽ ٻارن راند پئي ڪئي.
ٻار رڙيون ڪري ڊڄي ڀڄي ويا. ماڻهن جي شڪلين مان به
ظاهر هو ته هنن ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو هو ۽ حيرت وٺي
ويئي هين. ڪن سمجهيو ته ڪو ڇاپي هڻن لاءِ ٽولو اچي
رهيو آهي. سڀ حيران هئا ته اسان ڪيئن هنن کي خبر
ڏيڻ کان سواءِ ملڪ ۾ داخل ٿيا آهيون. مان اڃا لهي
ڪنهن کي ٻڌايان، تنهن کان اڳ سڄي شهر ۾ خبر پکڙجي
ويئي. چڱي مڙس عباس علي خان گهرائي پڇا ڪئي ته
ڪٿان ۽ ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو؟ مون ٿورن لفظن ۾
چيومانس ته آءٌ هڪ هندو سوداگر جو نوڪر آهيان ۽
قلات کان ڪرمان ٿو وڃان. ڳالهائيندي ڳالهائيندي
مون کيس باسمان جي سردار جو خط ڏنو، جنهن ۾ هن
منهنجي دعوا جي تصديق ڪئي آهي ۽ هن کي سفارش ڪئي
هئي ته مون کي ڪو سونهون ۽ رستي ۾ پيون سهولتون
وٺي ڏي. خط پڙهي چيائين ته مون کي تنهنجي قول ۾ شڪ
ڪونهي ۽ نه توکي تڪليف ڏيڻ جو ارادو آهي. تون جي
سڌو رستو وڍي ڪرمان ويندين ته مان توکي آڏو نه
ايندس. جيتوڻيڪ شهر جي حاڪم جي حڪم مطابق توکي
نرمنشير جي حاڪم رشيد خان ڏانهن موڪلڻ کپي، جو
ٽيهه ميل پري ڪروڪ جي شهر ۾ رهي ٿو. پوءِ مون کان
پڇيائين ته توسان بلوچ ڪهڙي نموني هليا هئا؟
چيائين ته تعجب آهي ته توکي دست اندازيءَ کان
سواءِ اچڻ ڏنو اٿن! مون جواب ڏنومانس ته فقر
منهنجو پروانو آهي. مون وٽ ڪجهه ڪونه هو جو مون
کان وٺن. جنهنڪري هنن مون کي سڀڪجهه ڏنو. انهيءَ
مذاق تي کلي چيائين ته تون مهمانداريءَ جي رواج تي
اهڙو هِري ويو آهين جو توکي اميد هوندي ته مان به
تنهنجي خوشامد ڪندس. مان انڪار ڪرڻ تي هوس ته
چيائين ضرور مان به مهماننوازي ڪندس. توکي ائين
سمجهڻ نه کپي ته شهسوار
خراب بلوچ آهن.
پوءِ مان ڪوٽ ٻاهران وڻن هيٺان رات گذارڻ لاءِ
روانو ٿيس، جو هتان جو قاعدو آهي ته قلعي جي ڀتين
اندر ڪنهن به ڌاريي ماڻهوءَ کي سمهڻڪونه ڏيندا
آهن. اڌ ڪلاڪ ۾ اسان کي ڍءُ جيتري ٻاجهريءَ جي
ماني ۽ کير موڪليائين.
23- اپريل:
اڄ مان پنهنجن ماڻهن ۽ انهن کي ڪجهه آرام ڏيڻ لاءِ
ريگڻ ۾ ترسي پيس. جو هنن تارو ڏاڍا جاکوڙا ڏٺا هئا
۽ کاڌو به پورو ڪونه مليو هونِ. باسمان ڇڏڻ کان
پوءِ اسان وٽ ايترو کاڌو مس هو، جو اسان هڪ ويلو
کائيندا هئاسين. ويچارن اٺن تي بلڪل ڪجهه ڪونه
کاڌو هو. هفتور ڇڏڻ کان پوءِ مان لاچار هنن جي اٽي
جي خوراڪ بند ڪئي هئي ۽ هنن کي چاري جو وقت به
ڪونه مليو هو. هو ڳري ڪنڊا ٿي ويا هئا ۽ بلڪل هيڻا
هئا. اسان باسمان ۽ ريگڻ جي وچ ۾ گهڻو مفاصلو
پيادل ڪيو هو. اسان اڳيان اڳيان پئي هلياسين ۽ اُٺ
پويان ٿي آيا.
ريگڻ هڪ صاف مٽيءَ جو قلعو يا ڪوٽ ڏنل ڳوٺ آهي.
ڪوٽ چورس شڪل جو آهي، اڍائي سؤ وال ڊگهو ۽ ويڪرو
ٿيندو. ڀِتيون اونچيون اٿس ۽ تمام چڱي حالت اٿن.
ڪُنڊن تي وچ ۾ مورچا اٿن. منهنجو خيال آهي ته
ديواريون هيٺ تري ۾ پنج يا ڇهه فوٽ ويڪريون
ٿينديون. پر سلاميءَ تي اهن ۽ مٿي ارڙهن انچن کان
وڌيڪ موڪر ڪانه اٿن. ڪوٽ کي فقط هڪڙو دروازو آهي،
جو ڏکڻ واري وچئين مورچي هيٺان لنگهي ٿو. اتي
هميشه پهرو رهندو آهي ته جيئن ڪوبه ڌاريو ماڻهو
اندر اچي نه سگهي. اهو احتياط سڄي صوبي ۾ ڪيو
ويندو آهي. اندر گهرن کي خلوت ۽ سلامتيءَ جي خيال
کان ٻي ديوار ڏنل آهي. هرهڪ ديوار جي اوچائي ۽
ٿولهه مالڪ جي خواهش مطابق نرالي هوندي آهي.
اندرين ڀتين ۽ ٻاهرين ديوارن جي وچ ۾ اٽڪل ٽيهن
فوٽن جو مفاصلو آهي ۽ ان ۾ رات جو هرقسم جو چوپايو
مال رهندو آهي. عام ماڻهن جي سهولت لاءِ پنج- ڇهه
فوٽ ويڪرو رستو ڇڏيل آهي ۽ باقي ايراضيءَ ۾ جانورن
جي تعداد مطابق واڙا ۽ مَنهه ٺهيل آهن. واڙي جي
مالڪ کي قانون مطابق روز صفائي ڪرائڻي آهي ڀاڻ جي
خاطر. انهيءَ قانون جي هرڪو پيروي ڪندو آهي.
دروازي تي تفنگچن جو پهرو هوندو آهي. انهن کي
سرڪار مان پگهار ملندو آهي، انهن کان سواءِ رات جو
سڀني مورچن ۾ پهريدار بيهندا آهن، جي سڄي رات سجاڳ
هوندا آهن. هو هڪٻئي کي همٿائڻ لاءِ ۽ ٻاهرين
ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ وقت بوقت وڏي آواز سان هڪٻئي
کي سجاڳ ڪندا آهن. هيءُ رات جو پهريون عام ماڻهن
جي فائدي لاءِ هوندو آهي، تنهنڪري ماڻهو خوشيءَ
سان پنهنجي فرض ادائي ڪندا آهن. هنن کي هروقت
سرحد، ڀنڀور ۽ اڀرندي وارن ٻين علائقن مان بلوچن
جو خطرو رهندو آهي. بلوچ ٻه سال ۾ هڪ- ٻه دفعو
انهن وٽ يا ايران جي حڪومت جي ٻئي ڪنهن حصي ۾ ضرور
کينڪر ڪرڻ ايندا آهن. ريگڻ جو سردار عباس علي خان
بلوچي نسل جو آهي ۽ سندس ماتحت جي ماڻهو رهن ٿا،
سي به بلوچ آهن. هن کي ڇهه پُٽ آهن، جي سڀ ڪوپا
جوان آهن. هو مون تي ڏاڍا مشفق ۽ مهربان هئا.
ڳالهائيندي ڳالهائيندي اتفاق سان جريد بازيءَ
جو ذڪر نڪتو. مان چيومان ته مون ڪڏهن جريد بازيءَ
ڪانه ڏٺي آهي. انهن مان ٻن ڄڻن هڪدم پنهنجا گهوڙا
ڪڍرائي قلعي جي دروازي اڳيان ميدان ۾ ڪُشتي ڪئي.
هو شاندار سوار ٿي نظر آيا ۽ ۽ گهوڙن تي پورو قبضو
هونِ. اهو شغل ئي اهڙو آهي جو گهوڙن تي قبضو هئڻ
ضروري آهي. مان هِت جريد بازيءَ جو مختصر احوال
ڏيندس، جنهن جو ايران جي سڀني طبقن جي ماڻهن کي
شوق آهي. بازي ٻن قسمن جي آهي: هڪڙيءَ ۾ ٻه سوار
گهوڙن تي ٻارهن فوٽ يا وڌيڪ ڊگهن نيزن سان مقابلو
ڪندا آهن. ٻيءَ ۾ هڪ سوار ٻه- ٽي فوٽ ڊگهيءَ لٺ
سان پنهنجو ڪرتب ڏيکاريندو آهي. پهرئين قسم ۾ رقيب
واري واري تي هڪٻئي پٺيان گهوڙو ڀَڄائي زور سان
جريد يا ڀالو اڇلائيندا آهن. جريد انداز، رقيب کي
جريد هڻي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اڳلو پنهنجي
چالاڪيءَ ۽ ڦڙتائيءَ سان وار گُسائي هن تي حملو
ڪندو آهي، ٻئي قسم ۾ سوار زور سان گهوڙو ڀڄائي لٺ
زمين تي هڻي ۽ وري جهپي وٺندي آهي: ٿوريءَ ڪسرت
کان پوءِ جهٽ اٽڪل اچي ويندي آهي ۽ ان ۾ ڪو خطرو
ڪونه آهي. مان جڏهن پهريائين جريد تيز رفتار سان
هڪ طرف اڇلائيندو ڏٺو ته سمجهيم ته اجهو ٿو لڳي
پَٽ تي ڪيرائيس، پر مان ڀانيان ٿو ته اهڙو خيال
فقط مون کي ئي هو ٻيا سڀئي خوش پئي ٿيا ۽ هن جي
چترائيءَ جي تعريف ٿي ڪيائون.
فصل- 14
28- اپريل:
اڄ صبح جو ڪوٽ جو در کليو ته سونهون جنهن جي مان
اڳينءَ رات گُهر ڪئي هئي، سو به اچي مون سان گڏيو.
مان ريگڻ مان ڇهين بجي صبح جو نڪتس. چوڏهن ميل سڌي
جهنگل واري علائقي مان اتر- اولهه طرف پنڌ ڪيم.
اسان ناشتي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻاجهر جي پوک ۾ ترسياسين،
جتي ڳچ ماڻهن لابارو ٿي ڪيو. جنهن تي مون کي البت
تعجب ٿيو، جو اڇا لاباري لاءِ سوير هئي. پر جيئن
اولهه طرف وڌندو ويس ته ڏٺم ته اَن اڇا به وڌيڪ
نسريل هو. گرمي ڪجهه جهڪي ٿي ته مان به وري روانو
ٿيس. شام جو ستين بجي هڪ گول ننڍو ڪوٽ، جنهن کي
’برج‘ ٿي چيائون پهتس. ان ۾ پنجاهه- سٺ گهرن جو هڪ
ڳوٺ آهي. جهنگ وڌيڪ گهاٽو هو ۽ رستي ۾ ايترا وروڪڙ
هئا جو مان سمجهان ٿو ته ريگڻ کان هن ڳوٺ تائين سچ
پچ جيترو پنڌ هو، تنهن کان اسان ٽيڻو پنڌ ڪيو
هوندوسين. شام جو منهنجي خيال ۾ اسان پندرهن ميل
پنڌ ڪيو هوندو ۽ سڄي ڏينهن ۾ ڪل اوڻٽيهه ميل.
وهندڙ نهرن ۾ پاڻي جام هو. ڪٿي ڪٿي ڏاڍا سهڻا
نظارا هئا. قسمين قسمين وڻ هئا، جن ۾ مون کي پپل،
نمِ، گدامڙي، ٻٻڙ، انب، اکروٽ، جهنگلي بادام ۽ گز
سڃاڻڻ ۾ آيا. گز جا ايڏا ته وڏا درخت هئا، جو ايڏا
مون ڪٿي ڪونه ڏٺا آهن. انهن ۾ ان وقت تازا پَن
نڪتا هئا ۽ منجهن ٻور هو. اسان جي کٻي طرف، جي
سُڃا ۽ برف سان ڇانيل جبل هئا تن جي مقابلي ۾ ساوڪ
ڏاڍي سهڻي ۽ خوشنما ٿي لڳي.
مان اڃا اُٺ تان لٿس ته هڪڙو بدصورت غليظ ماڻهو جو
پوءِ معلوم ٿيو ته اتان جو ڪَد خدا يا چڱو مڙس هو
رعب سان ايندي مون کان پڇيائين ”ته ڪير آهيو ۽ ڇو
آيا آهيو؟“ مون به ساڳئي لهجي ۾ جواب ڏنومانس ته
توکي اهڙيءَ پڇا ڪرڻ جي ڪهڙي اختياري آهي. اتي
منهنجو سونهون ڳوٺ باهه ٻارڻ لاءِ ٽانڊو کڻڻ ويو
هو سو موٽي آيو ۽ ڪَد خدا کي چيائين ته ”هيءُ اهو
ماڻهو آهي، جنهن جي ڳالهه مون توسان ڪئي هئي. ان
تي مون کي وڌيڪ مٺيان لڳي، جو مون کي خاطري ٿي ته
هن جي مون کان سوال3 جواب ڪيا هئا، تن جي کيس
اڳيئي سموري خبر هئي ۽ هو پنهنجو رعب ڏيکارڻ ۽ مون
کي بيعزتو ڪرڻ لاءِ هروڀرو قلعي مان آيو هو. پر هن
جلد محسوس ڪيو ته هن هڪ عظيم چوڪ ڪئي. منهنجي
سونهين کي چيائين ته تحقيق هي ساڳيو ماڻهو آهي. هو
منهنجي حيثيت نٿو ڄاڻي. مان هن کي سڀاڻي رشيد خان
ڏي موڪليندس. پوءِ خبر پوندس ته هتي هن جي ٿي هلي
يا منهنجي. هو پاڻيهي سڌو ڪندس. هن ٻٽاڪيءَ جي
ڌمڪيءَ تي آءٌ جيڪر کلان، ها، پر مون کي خبر هئي
ته هن کي انهيءَ دڙڪي تي عمل ڪرڻ جي قوت آهي،
تنهنڪري مون سمجهيو ته هن کي ڪجهه حملي ۾ ئي تڪڙ
تي منهن ڏجي ۽ اک ڏيکارجيس. چيومانس ته مان هڪ
انگريز سوداگر آهيان. خبردار مون سان ڪا حرڪت ڪئي
اٿئي. انهيءَ ڳالهه تي هن کي حيرت وٺي ويئي. پر
ٿوري وقت کان پوءِ منهنجن بلوچن ڏي منهن ڪري
چيائين ته توهان نرمنشير ۾ اچڻ لاءِ اهڙو عذر ڪونه
ٿا پيش ڪري سگهو. انشاءالله توهان کي ڪنهن به حالت
۾ ڪروڪ وڃڻو پوندو. ان جو اهڙو هٺ ڏسي منهنجي صبر
جو پيمانو ڀرجي ايو. چيومانس ته تون گستاخ ۽
نالائق آهين، توکي ڇا مجال آهي جو تون مون کي ۽
منهنجن ماڻهن کي رشيد خان ڏي موڪليندين! مون کي
ڪرمان پهچڻ ڏي ته مان شهزادي کي سڀ خبرون ٿو
ٻڌايان. اتي سونهون ۽ ٻيا تماشين وچ ۾ پيا. هن به
سمجهيو ته مون دڙڪا ڏيئي تڪڙ کان ڪم ورتو آهي ۽
چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو ته ياد رک ته تون بادشاهه جي
مملڪت ۾ آهين، جتي ڌارين کي مقصد ٻڌائڻ کان سواءِ
مسافري ڪرڻي ناهي. مون جواب ڪونه ڏنس جو اتي برسات
پوڻ لڳي ۽ هو چپ چپاٽيءَ ۾ ميدان ڇڏي ڪوٽ اندر
هليو ويو.
26- اپريل:
مون سونهي کي چتايو ته هو اسان جي ڀرسان سمهي،
جيئن هن جي ڪري اسان کي ڪا دير نه پوي. اسان برجا
مان اهڙو سوير نڪتاسين جو اڃا جو اڃا ماڻهو اٿيائي
نه هئا. ڏهه ميل اتر- اولهه طرف جهنگ ۽ کيڙيل پٽ
مان لنگهي، نهيم آباد پهتس. هن ڳوٺ جو ڪد خدا ڪريم
خان نالي هڪ ڪُرد بلوچ آهي. هو سرحد جي مکيه سردار
الفت خان جو ڀاءُ آهي. هن پنهنجي ڀاءُ ۽ علائقي جي
سردارن سان تڪرار ڪيو هو. جنهن تي هن کان سندس
اباڻي ملڪيت کسي ورتي هئائون. هو پوءِ نرمنشير ڀڄي
ويو، جتي ڪرمان جي حڪومت کيس نهيم آباد جو ڦٽل ڪوٽ
۽ شهر ڏنو. حڪومت گذريل پنجن- ڇهن سالن کان اهڙي
قسم جا عطيه فراخدليءَ سان ڏيندي آئي آهي. ان جو
سبب اڳئي هن صوبي جي بيان ۾ ڏنل آهي. ڪريم خان
پنهنجي هموطنين کي صلاح ڏني ته هو هن نئين ملڪ ۾
سندس حڪومت هيٺ هلي رهن. هو انهيءَ ڪوشش ۾ اهڙو ته
ڪامياب ٿيو آهي جو نهيم آباد هاڻي ريگڻ کان وڏو،
بلڪل آباد ۽ وسندڙ شهر آهي. هو ان وقت ڪروڪ ۾ هو،
جنهنڪري مون کي اندر ڪوٽ ڏسڻ جي اجازت نه ملي، پر
ڪوٽ جي تمام سٺي حالت آهي: ان جون ڀتيون اهڙيون
صاف ۽ سٺيون آهن جو قلعي وانگر نه پر هڪڙي گهر
وانگر نظر ٿو اچي. قلعي جي رٿ ريگڻ جي ڪوٽ جهڙي
آهي، پر اهو ڊگهو ۽ چورسو آهي، جنهنڪري ڊگهن پاسن
۾ هڪ بدران ٻه- ٻه برج اٿس. مان ڪريم خان لاءِ
نهيم آباد ۾ سارو ڏينهن ترسيس. آخر بم شهر جي رستي
ڏيکارڻ لاءِ مان ساڳيو سونهون ڀاڙي ڪيو، جو ريگڻ
مان مون سان گڏجي آيو هو. هن انهيءَ موقعي جو
فائدو وٺي مون کان تمام گهنا پئسا ڪڍيا. ايترن
پئسن ۾ مون کي ريگڻ ۾ سمورو رستو ڏيکارڻ لاءِ
ماڻهو ملي وڃي ها. پر مون کي پنهنجي هڪڙي جت کان
معلوم ٿيو ته ڪريم خان هڪ دفعو محمود خان کي گڏجڻ
لاءِ قلات ويو هو انڪري مون کي هن سان ملاقات ڪرڻ
جو خيال هو. تنهنڪري سونهي کي راضي رکڻ لاءِ کيس
وڌيڪ پئسا ڏنم.
27- اپريل:
تيرهن ميل اتر- اولهه طرف هڪ آباد ۽ سرسبز علائقي
جنهن ۾ هرطرف پاڻيءَ جون نهرون ٿي وهيون، سفر ڪري
اسان اڄ صبح جو جمالي نالي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پهتاسين،
جتي ٻن- ٽن سوَن ماڻهن هڪ ڀڳل ديوار جي مرمت ٿي
ڪئي. اسان شهر جي ڀرسان هڪ نهر جي ڪناري تي نهايت
سائيدار اکروٽ جي وڻن هيٺان ناشتو ڪيو. يارهين بجي
اسان اتان ڪُوچ ڪيو. اڃا ٻن ميلن کان ٿورو وڌيڪ
پنڌ ڪيوسين ته ڪريم خان گڏيو. مون هڪدم وڌي
ٻڌايومانس ته مان ڪير آهيان. چيومانس ته مون محمود
خان کان ٻُڌو آهي ته تون قلات ويو هئين. اميد ته
هن جي دوستيءَ خاطر تون مون کي بم کان ڪرمان تائين
پهچائڻ لاءِ سونهي ۽ اجازتنامي وڍي ڏيڻ ۾ مدد
ڪندين. هو مون کي پاڻ سان جماليءَ موٽائي وٺي آيو
جتي ڪن رواجي ڳالهين ٻولهين کان پوءِ ڪن پنهنجن
همرڪاب سوارن سان مشورو ڪرڻ بعد چيائين ته
اجازتنامي وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪروڪ ۾ رشيد خان
سان ملجي. ڪروڪ ڇهن فرسخن کان پري ناهي. مون وري
خاطري ڏنيمانس ته مون کي وٽس وڃڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونه
آهي، پر ڪروڪ منهنجي رستي کان ٻاهر آهي. مون کي
ڪرمان پهچي، شهزادي جو نياز ڪرڻو آهي. منهنجي مرضي
نه آهي ته مان پاڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي اجائي تڪليف
ڏيان. ڪجهه وقت خيال ڪري جواب ڏيڻ کان سواءِ قلم
مَس ۽ ڪاغذ گهرائي خط لکيائين جو مون پاڻ سمجهيو
ته رشيد خان لاءِ آهي. خط ۾ تنهنجي ڪهاڻي بم جي
حاڪم لطف علي خان ڏانهن لکي آهي. هو جيڪي مناسب
سمجهندو سو ڪندو. پر تون ياد ڪري کيس زباني طرح
چئجانءِ ته مون توکي هتان ڪروڪ نه موڪليو هو جو
تنهنجي مرضي نه هئي. مان انهيءَ حڪم بجا آڻڻ جو
وعدو ڪيو ۽ کانئس موڪلائي اُٺ تي سوار ٿي روانو
ٿيس. چار ميل اولهه- اتر اولهه طرف پنڌ ڪري،
لورآباد جي ڳوٺ ۾ پهتس. اٺين بجي شام جو مان ڳوٺ
جي ڀرسان لهي پيس.
وچ وارو علائقو سواءِ پهرين اڌ ميل جي هڪ ويران ۽
غيرآباد پٽ هو، جنهن ۾ نه ساوڪ هئي نه پاڻي.
28- اپريل:
لور آباد کان ڏهه ميل اولهه- اتر طرف بم جو شهر
آهي. رستو هڪ آباد پٽ مان لنگهي ٿو. مان بم ۾ اڄ
صبح جو اٺين بجي کان ٿورو اڳ پهتس ۽ ٻاهرينءَ
بازار ۾ هڪ خالي نيروٽيءَ (کهنباٽيءَ) جي دڪان ۾
ديرو ڪيم. ناشتي کان پوءِ شهر ڏانهن ويس. پڇندي
پڇندي وڃي ڪوٽ ۾ پهتس، جتي حاڪم لطف علي خان رهندو
آهي. مون هن ڏي ڪريم خان جو خط موڪليو.سڄا سارا ٻه
ڪلاڪ دروازي تي بدتميز ۽ بيحيا تفنگچن ۾، جي پهري
تي هئا، ترسڻو پيم. سارو وقت نوس نوس ۽ پڇ پڇان
پئي ڪيائون. مان حاڪم کي ڏسڻ يا کانئس جواب ملڻ جي
اميد لاهي ويٺو هوس ۽ نراس ٿي پنهنجن ماڻهن ڏي
موٽي وڃڻ جو خيال پئي ڪيم ته هڪ ماڻهوءَ اچي ٻڌايو
ته خان هيٺ درٻار ۾ اچي ٿو. ان اطلاع کان پوءِ
جلدئي هو پنهنجي عملي سان اچي اڱڻ مان لنگهيو.
جڏهن هو منهنجي ڀرسان لنگهيو، تڏهن پنهنجي هڪ
ماڻهوءَ ڏي منهن ڪري پڇيائين ته ”فرنگي ڪٿي آهي؟“
هن مون کي ڏسڻ کان پوءِ هٿ سان اشارو ڪري چيائين
ته ”اڄ!“ ساڳئي وقت مون کي مٿي کان پيرن تائين
نهاري منهنجي پوشاڪ تي پنهنجي حيرت جو اظهار
ڪيائين سچ پچ منهنجي پوشاڪ جي به اهڙي بڇڙي حالت
هئي، جو هن کي گُهور ڪري ڏسڻ لاءِ ڪو ڏوهه نٿو
ڏيئي سگهجي. مون کي هڪ ٿُلهو بلوچڪو ڇهراڻ پيو هو
۽ هڪ سٿڻ، جا ڪنهن وقت اڇي رنگ جي هئي، پر ڇهن
هفتن جي پهرڻ کان پوءِ ذري گهٽ ناسي رنگ جي ٿي،
ٿِڳڙيون ٿِڳڙيون ٿي ويئي هئي. مٿي تي هڪ ڪارو پٽڪو
هوم ۽ ڪمربند (اڳٺ) لاءِ هو سوٽي نوڙيءَ ٽڪر چيلهه
سان ٻڌل هو، هٿ ۾ هڪ ڏنڊو هو، هلڻ ۾ ۽ ڪتن کي هڪلڻ
لاءِ ڏاڍو ڪارائتو هو.
درٻار ۾ پهچڻ کان اڳ اسان ٻن- ٽن اڱڻن مان
لنگهياسين، جن کي فرش لڳل هو. درٻار هڪ وڏي اڱڻ جي
ڇيڙي تي هئي. اڱڻ جي ٻنهي پاسن کان رستا هئا هن جي
وچ ۾ گلن سان ٻوٽا ۽ ٽي ڦوهارا هئا. درٻار جو ڪمرو
چورس ۽ سهڻو ٺهيل هو. نهي پاسن کان ٻاهر تي نڪتل
گول دريون هئس. زمين تي آڇا ايراني غاليچا وڇايل
هئا، ويهڻ لاءِ ڀتين سان لڳ نمدا پيل هئا. ڪمري کي
صفا اڇو رنگ ڏنل هو ۽ سونهري ڪمانيون هيون ۽ نهايت
شاندار پئي لڳو. ڪوبه اجايو ڏيک ويک ڪونه هو. خان
اڳيان دريءَ ڀرسان ويٺو ۽ آءٌ صفي جي ڇيڙي تي
دَرجي لڳ ويٺس. هن مون کان منهنجي سفر جي باري ۾
ڪيترا سوال پڇيا. مون کيس مختصر احوال ڏنو ۽
چيومانس ته ”مون کي طهران ۾ انگريزي سفير، جنرل
مالڪوم سان گڏجڻ جو ارادو آهي.“ ان کان سواءِ ڪريم
خان جي هدايت جي به پيروي ڪيم. سفير جي ڳالهه
انڪري ڪيم ته جيئن هو ان متعلق شهزادي کي ڪرمان ۾
اطلاع ڪري. پوءِ ڪلياڻ (حقا) آندا ويا. ڪلاڪ کن
ترسائڻ کان پوءِ چيائين ته مان ڪرمان ۾ شهزادي
ڏانهن هڪ ڇپر يا سوار موڪليان ٿو جو هن کي هاڻ حڪم
ڏبو ته تنهنجو همرڪاب ٿي رهي. هو اڄ شام جو روانو
ٿيندو، تنهنڪري تون به جلدي پنهنجي تياري ڪر ۽
سيڌي سامان جو بندوبست رک، جو رستي ۾ ڪجهه ڪونه
ملندءِ. مون هن جو سڪر ادا ڪيو ۽ کانئس موڪلايم.
لطف علي خان کي سندس عمر مطابق وڏو عهدو مليل آهي.
هن جي مروت واري روش منهنجي دل تي ايرانين جي
فضيلت جو چڱو اثر ويهاريو. هو شڪل مان ٻاويهن
ورهين کان وڌيڪ عمر جو نٿي لڳو.مون کي معلوم ٿيو
ته هُو اصفهان جو رهاڪو آهي. مون پوءِ هن جا
هموطني ڏٺا، هو انهن کان وڌيڪ خليق ۽ فضيلت وارو
هو.
منهنجي غير حاضريءَ ۾ منهنجي هندستاني نوڪر اٽي هٿ
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ملي ڪونه سگهيو هئس. مون کي
لاچار ٻاجهريءَ جو ڪجهه اٽو خريد ڪرڻو پيو جو ٻيو
ڪو اناج ڪونه ٿي مليو. آسرو هئم ته ڪڻڪ جو اٽو ٻئي
ڪنهن هنڌ ڪٿي ملي ويندو، پر مون پاڻ سان تمام
ڪمرين کارڪن ۽ ڏاڙهن جو چڱو انداز کنيو. ڇپر
(سوار) شام جو پنجين بجي آيو ۽ اسان هڪدم روانا
ٿياسين. ساڍا ٽي ميل پنڌ ڪيوسين. رستي جي ڳچ حصي ۾
گند ڪچرو ۽ ڦٽل جايون هيون. آخر رستي تي هڪ پاڻي
جي چڪيءَ وٽ پهتاسين ۽ رات اُتي رهياسين.
خوشقسمتيءَ سان اسان کي ٻاجهريءَ بجاءِ اتي ڪڻڪ جو
اٽو ملي ويو. فقط پِسائي ۽ زيان وغيره جي عيوض
ڪجهه ڏيڻو پيو.
بم ڇڏڻ کان اڳ مون کي هڪ خراسان ۾ مشهد جي رهاڪو
تعصبي سيد ڏاڍو تنگ ڪيو. هن کي جڏهن خبر پيئي ته
هڪ ڪرستان ڦاٿو آهي، تڏهن هو تبليغ ڪرڻ لاءِ لڏندو
لمندو ٻاهر آيو. چيائين ته مان توکي ثابت ڪري
ڏيکاريندس ته تنهنجو مذهب ظاهر طور باطل آهي.
پهريائين هن منهنجي ڪمري ۾ جتي مان ليٽيو پيو هوس.
ليئو پاتو ۽ نهايت اطمينان سان چيائين ته تون
يوروپي نه آهين، پر هڪ افغان يوروپيءَ جي ويس ۾
آهين. مون خيال ڪيو ته جي عام ماڻهن کي اهو خيال
ويهي ويو ته ان ۾ خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ٻن قومن
جي وچ ۾ ازلي دسمني آهي، تنهنڪري هن کي رد ڏيڻ
لاءِ اٿي ٻاهر ورانڊي ۾ ويس. ان کان پوءِ هو ماڻهن
کي وعظ ڪرڻ لڳو ۽ سڀني ڪرستانن کي هن ڪافر ٿي
ڪوٺيو ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. مون کي چيائين ته
توکي اهڙي همت ٿي آهي جو تون مسلمانن جي پوشاڪ ٿو
پهرين ۽ هنن جي رسول تي ايمان نٿو آڻين؟ توکي خبر
آهي علي عليہ السلام ڪير هو؟ تنهن کان سواءِ پوءِ
مون کان علي عليہ السلام تيڪلمو پڙهائڻ جي ڪوشش
ڪيائين، پر ان کان انڪار نه ڪيو. تنهن کان پوءِ
ڳالهه بدلائي چيائين سچ چئو ته توهان ۾ هڪ زال کي
ڪيترا مڙس ڏيندا آهن؟ توهان ۾ ڀائر ڀينرن ۽ ٻين
ويجهين عزيزياڻين سان شادي نه ڪندا آهن؟ انهيءَ
قسم جا ٻي ابه ڪيترا واهيات سوال پڇيائين ۽ پوءِ
ماڻهن ڏي مخاطب ٿي قسم کڻي چيائين ته گذريل سال
مشهد ۾ ٻن يوروپي
سيلانين اهي اڀ ڳالهيون قبول ڪيون هيون. هڪ گروهه
ان سان گڏ هو. پوءِ سوئر جي گوشت، شراب ۽ ٻين منع
ٿيل کاڌن متعلق واهيات واهيات بڪوات ڪندو رهيو.
مون کي اهڙو غصو آيو جو آءٌ پاڻ کي روڪي نٿي
سگهيس. پر خبر هئي ته هو سيد هو ۽ جي ڪو جهڳڙو ٿيو
ته اسان سڀ مارجي وينداسين. تنهنڪري مون پهريائين
هن کي نرميءَ سان جواب ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوءِ دڙڪو ڏنومانس ته لطف علي خان کي شڪايت ڪندس.
قصو اهڙيءَ طرح هلندو رهيو. بازار جا ماڻهو ٻن- ٽن
هزارن جي تعداد ۾ اچي گهرجي چوڌاري گڏ ٿيا. وقتي
ٺٺوليون ٿي ڪيائون. وقتي لعنتون ٿي وڌائون ته تون
اهڙو تهڙو آهين. آخر خوشقسمتي سان چٿر ڪري پڇيائين
ته توکي خبر آهي ته خدا ڪٿي آهي؟ مون چيومانس ته
مان انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان،
بشرطيڪ تون اولا منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏين؟ اها
ڳالهه هن قبول ڪئي. تنهن تي مون پڇيومانس ته چڱو
ٻڌاءِ خدا ڪٿي نه آهي؟ هڪدم اٿي ماڻهن ڏي منهن ڪري
چيائين ته والله هي مسلمان هجي ته چڱو. ماڻهن کي
ائين چئي هو هليو ويو ۽ ماڻهو سڀ سندس ڪڍ ويا ۽
مون ٿڌو ساهه ڀريو.
نرمنشير جو پرڳڻو ڊيگهه ۾ ريگستان کي بلوچستان کان
جدا ڪري ٿو. ريگڻ کان وٺي بم جي شهر تائين سٺ ميل
مفاصلو آهي. اولهه طرف ان جي حد ڪرمان جو پرڳڻو
آهي، جو هاڻي منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ حصو سمجهيو
وڃي ٿو، اولهه طرف جيئن اڳي ذڪر ٿي چڪو آهي
ريگستان اٿس، اتر ۽ ڏکڻ ٻه جبلن جون قطارون آهن.
ڏکڻ واري قطار ٻنهي مان وڌيڪ اونچي آهي جنهن جي
چوٽي هميشہ برف سان ڍيڪل هوندي آهي. جنهن موسم ۾
مون اها ڏٺي هئي ان وقت چوٽي تي برف هئي ۽ ان وقت
هيٺ ميدان ۾ سخت گرمي هئي. مان 24- اپريل جي
روزنامچي ۾ ريگڻ جي قلعي جو اهڙو تفصيلوار بيان
ڏنو آهي جو هت وڌيڪ ڪجهه لکڻ اجايو آهي. اهو هِن
علائقي ۾
جيڪي به قلعا مون ڏٺا، تن سان لڳي اچي ٿو. مون کي
وڌيڪ ايترو معلوم ٿيو ته ڪروڪ شهر جي گورنر جي رهڻ
جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ تختگاهه آهي. تنهن کي
چوڌاري هڪ سڪل کاهي کڻايل آهي. اهو نهيم آباد کان
چؤڻو وڏو آهي.
نَر سال ٿيندا جو ايران جي سرڪار غلزئي
افغانن کي نر منشير مان، جو گهڻو وقت هنن جي قبضي
۾ رهيو هو، ڌڪي ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ بلوچستان جي
سرحد تي رهندڙ قومون گهرائي انهن کان ويران ڳوٺ
آباد ڪرايائون. انهيءَ نو آباديءَ کان پوءِ هنن
سڀني شيعا مذهب اختيار ڪيو. هو ايران جي بادشاهه
جي رعيت هجڻ جي شان تي فخر ڪندا آهن. غلزئي، جن کي
پنهنجن گهرن مان تڙيو ويو هو تن مان گهڻا سيستان
جي پرڳڻي ۾ خوبين، بنهه ۽ عين جي شهرن ڏانهن ڀڄي
ويا. انهن مان ڪي ٿورا بلوچستان جي علائقي قلات ۾
رهن ٿا. هو پاڻ پرڳڻي جا اصلي رهاڪو نه آهن. هو
افغانن جي پيدائش آهن. 1719ع ۾ ايران تي افغانن جي
حملي ڪرڻ وقت هنن وڃي اتي بيٺڪ وڌي هئي. مون کي
اهو خاطريءَ سان معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هنن اها
بيٺڪ حڪومت جي مرضيءَ سان ڪئي هئي يا ڪنهن ٻيءَ
قوم کان زوريءَ کسي هئائون. منهنجو خيال آهي ته
هنن نادر شاهه طهماسپ جي فوجن جو سپه سالار هو جو
صفوي خاندان جو پويون ۽ ضعيف ۾ ضعيف بادشاهه هو.
حقيقصت ۾ هو فوج خادم سالار نه، پر مدير هو.
انهيءَ مشهور فاتح ايران ۾ افغانن جي غضب ڪيل ۽
ضعيف طاقت کي درهم برهم ڪري ڇڏيو. اهو هن پنهنجي
طاقت وڌائڻ لاءِ ڪيو هو. پر اڀ ان ڳالهه جا قائل
آهن ته شاهي اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي
افغان رعيت تي ڏاڍو مهربان هو. ان سان اهو انومان
خاطريءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو ته نر منشير جي غلزين کي
مطيع ڪري پنهنجي راهه مان ڪڍي هن کين خوشيءَ سان
پنهنجيءَ مملڪت ۾ اَجهو ڏنو، جنهن جو هن پاڻ کي
آئيندي جو مالڪ ٿي تصور ڪيو. انهيءَ ڳالهه جي
تصديق هن امن به ٿي ٿئي، هن جي اقتدار جي اوج جي
زماني ۾ هو سمورو وقت انهيءَ زرخيز علائقي ۾ امن
امان سان رهيا. بلڪه هنن سندن پونين کي به راضي
رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن جا زندن سان اهڙا ته دوستانا
تعلقات هئا جو هنن انهيءَ قوم جي پونين شهزادن کي
شاهي خاندان جي خلاف سندن جهڳڙن ۾ مدد ڪئي،
جنهنڪري آخر سندن خاتمو ٿيو. انهن ماڻهن جو طول
طويل تاريخي احوال هِت ڏيڻ بلڪل اجايو ٿيندو، ج ان
جو منهنجي مضمون سان واسطو ڪونه آهي. هو سچ پچ ته
هڪ وڏي قوم جي ادنيٰ بيٺڪ هئا.
نر منشير جي مٽيءَ اڪثر ڪاري رنگ جي ۽ زرخيز آهي،
پر ڏکڻ طرف جيئن ريگستان ڏي ويجهو وڃجي ٿو ته زمين
وارياسي ۽ غيرآباد ٿيندي وڃي ٿي- سراسري سموري
زمين آباد آهي. ان کي پهاڙي نهرن مان پاڻي ملي ٿو.
اهي قدرتي چشمن مان نڪرن ٿيون ۽ برف جي رفتي رفتي
پگهرجڻ ڪري جام پاڻي ملي ٿو. اهي چشما آباديءَ جي
ضرورتن پورين ڪرڻ کان سواءِ ڪيتريون پاڻيءَ جون
چڪيون به هلائين ٿا. ريگڻ ۽ بم جي وچ ۾ مون اهڙيون
ويهه چڪيون ڳڻيون، چون ٿا ته اونهاري ۽ سرءُ جي
مهينن ۾ هوا گرم پر صحت بخش هوندي آهي، جنهن جي
تصديق ماڻهن جي شڪلين مان ملي ٿي. جيڪڏهن اهو صوبو
ڪنهن ترقي پسند حڪومت جي هٿ هيٺ هجي ته اهو اڳتي
هلي ايران جي مملڪت جو سڀ کان وڌيڪ زرخيز پرڳڻو
ٿيندو. پر ٿوري وقت ۾ جڏهن ماڻهو اهڙا آسودا ٿيندا
آهن جو بادشاهه ۽ سندس وزير هنن کي ڦري پنهنجي طمع
پوري ڪري ۽ پيٽ ڀري سگهن، تڏهن هنن سان هر قسم جي
زبردستي ۽ بي انصافي ڪئي ويندي آهي ۽ هنن جي ترقي
بند ٿي ويندي آهي ۽ ملڪ پست ٿي ويندو آهي.
1810ع ۾ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي حفاظت لاءِ فوجي
عملو مقرر ٿيل آهي، اُن جي خرچ لاءِ ان جي پيدائش
چاليهه هزار رپين کان وڌيڪ هئي. اهڙو سال ۾ اڌ لک
رپيا خرچ به ٿيندو هوندو. تنهنڪري ڪُل آمدني هڪ لک
رپيا يا ٻارهن هزار پنج سئو پائونڊ ٿيندي هوندي.
ان ۾ هيٺيون جنسون پيدا ٿي ٿيون: انّ، ڪپهه، موٺَ،
گلاب (گلقند ۽ گلاب جي عرق لاءِ)، ميوو جنهن مان
اکروٽ، باداميون ۽ سڪل ڪشمش ٻاهر موڪليا ويندا
آهن. ماکي ۽ کؤنر (کؤنر ٻٻر جي مختلف قسمن مان
نڪرندو آهي ۽ تمام ڪارائتو هوندو آهي، جو چون ٿا
ته جو ڳاڙهي سمنڊ کان کؤنر ايندو آهي ان کان به
سٺو هوندو آهي)، اهو چمڙي جي ڳوٿرين ۾ ايندو آهي.
هڪ- هڪ ڳوٿري پوڻن چئن سيرن جي هوندي آهي. ڪرمان
جي بازار ۾ اهو انهن ڳوٿرين ۾ وڪامندو آهي.
افغانن جي وڃن کان اڳ بم جو شهر جيئن مٿي ذڪر ٿي
چڪو آهي، ڪرمان جي صوبي جو سرحدي شهر هو. شاهي
فوجن، جي نرمنشير شهر تي حملا ڪيا هئا، تن جو بدلو
وٺڻ لاءِ افغانن پنهنجي پاڙيسري بلوچن جي مدد سان
گذريل ويهن سالن ۾ ان کي ڊاهڻ جي بار بار ڪوشش پئي
ڪئي آهي. تنهنڪري ان جي قلعبندي اهڙي ته ڪئي ويئي
آهي جو اهو هاڻي ايران ۾ ٻين سڀني قلعن کان وڌيڪ
محفوظ سمجهيو وڃي ٿو. قلعو مٿانهينءَ زمين تي ٺهيل
آهي. هن وقت ان کي وڏيون ٿلهيون مٽيءَ جون ڀتيون ۽
چوڌاري اونهي سڪل کاهي کڻايل آهي. هڪ- هڪ طرف ڇهه
وڏا مورچا اٿس، سواءِ ڪنڊن وارن مورچن جي، جي ٻين
کان ڪيترا گز اونچا آهن. سارو قلعو بُهه ۽ سڻيءَ
سان گڏيل مٽيءَ جو ٺُلهه آهي. ڏاکڻي طرف واري ڀِت
۾ جي وچ وارا ٻه دروازا آهن، تن جي وچان هڪ دروازو
آهي. جنهن دڙي تي شهر آهي قلعو ان جي مٿانهين حصي
تي ٺهيل آهي، ان کي هڪ مضبوط ڪوٽ ڏنل آهي ۽ ڪنڊن
تي بُرج ٺهيل آهن. انهيءَ ايراضي ۾ حاڪم جو محل ۽
ان سان تعلق رکندڙ جايون آهن. بازار ڪافي ڊگهي آهي
۽ ان ۾ ڪافي اسباب رکيل آهي. منهنجي هوندي ڪڻڪ جي
قلت هئي پر ٻاجهري، کجور، کير ۽ قسمين قسمين ميوا
مليا ٿي. هتان جا باغ ڏاڙهن کان مشهور آهن، اهي
لاشڪ ته خوشبوءِ ۽ رس ۾ شيراز ۽ بغداد جي ڏاڙهن
کان، جي دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ سمجهيا ويندا آهن سٺا
آهن.
گذريل چند سالن ۾ بم جي شهر ايرانين ۾ شهرت حاصل
ڪئي آهي، جو اتي اوڻووويهه سال اڳ زنددد خاندان جو
پويون فرد لطف علي خان، جنهن تخت جي دعوا ٿي ڪئ
يقيد ڪيو ويو هو. جنهن جاءِ تي هن کي گهوڙي تي
سوار ٿي ڀڄي ويندي پڪڙيو ويو هو، اتي اڃا
يادگيريءَ لاءِ هن جي مددگارن جي کوپرين جو منارو
بيٺل آهي جو سندس قاچار ظالم رقيب آغا محمد خان جي
حڪم سان بنايو ويو هو. آغا محمد خان پنهنجي خاندان
مان ايران جو پهريونف حاڪم هو. مان انهيءَ خوفناڪ
حادثي جو وڌيڪ ذڪر اڳتي هلي ڪرمان جي احوال ۾
ڏيندس. ان جي هت تفصيل ڏيڻ جي ضرورت ناهي.
بم جي هاڻوڪي قلعي جي چوڌاري، جي وسيع آثار ۽ ڦِٽل
جاين جا نشان آهن، سي ڏيکارين ٿا ته بم جو قديم
شهر ڪيڏو نه وڏو هوندو. چون ٿا ته اهو پنهنجي اوج
جي زماني ۾ شان شوڪت ۾ ايران جي ٻئي ڪنهن به شهر
کان گهٽ ڪو نه هو. چون ٿا ته شهر کي پهريائين
افغانن 1719ع ۾ ايران جي فتح وقت سينگاريو هو. هُو
ئي ان جا باني آهن، جو شهر تمام قديم آهي. خير،
جڏهن غلزين شهر ورتو. تڏهن ان جي ڪهڙي به حالت هئي
پر اها خاطري آهي ته جي انهن شهر ناس نه ڪيو، تڏهن
به ڪم از ڪم ان جي تبديل جو باعث اُهي آهن. چون ٿا
ته ڪي ڦوهارا پاڻي ايترو مٿي ۽ پري اڇلائي سگهندا
هئا جو اڄوڪي ايرانين جي طاقت کان ٻاهر آهي،
جيتوڻيڪ هو علم ماهيت ۾ ڪافي دلچسپي وٺندا هئا. ڪو
به گهر مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي جيستائين ان ۾
سنگمرمر جو حوض ۽ ڦوهارو نه هوندو هو. ڪوٽ کان
اٽڪل ٽن ميلن جي مفاصلي تي منهنجي سونهين مون کي
هڪڙو باغ ڏيکاريو، جنهن جي ايراضي ڪيترا يڪڙ هئي.
ان جي چوڌاري ديوارن جا نشان هئا. هن چيو ته
افغانن جي عروج جي زماني ۾ سڄي باغ کي ڏينهن ۾
ٻهدفعا هڪ حوض مان مصنوعي بارش رستي پاڻي ملندو
هو. واقعاً بم جو شهر ان قسم جي آسائشن کان نهايت
موزون آهي. اهو اونچن جبلن- جن تي هميشه نه، ته به
اڪثر برف هوندي آهي. جي ڀرسان هڪ پٽ ۾ ٺهيل آهي،
جنهنڪري پاڻي هميشه جام ملي سگهي ٿو. هاڻ مان وري
پنهنجو ذڪر شروع ڪريان ٿو.
|