سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :7

فصل (7)

16، 17، 18 ۽ 19- مارچ: اسان جو قاصد 16- تاريخ قلات مان ٿي موٽي آيو. هن پاڻ سان جي اسان کي پئسا کپندا هئا، تن جي هنڊي ۽ هندو جنهن کي اسان شهر ۾ ڇڏيو هو تنهن جي چٺي کڻي آيو. تنهنڪري ڪئپٽن ڪرسٽي سردار ڏانهن وڃي کيس مقرر ٿيل رقم ڏني ۽ چيائينس ته اسان جي رواني ٿيڻ جو هڪدم بندوبست ڪيو وڃي. هن اهو به ٻڌايس ته مون کي رفتن (مصنف) حڪم مليو آهي ته هو ڏاکڻي واٽ وٺي ايران ۾ ڪرمان وڃي. پر هو تيستائين نوشڪيءَ ۾ رهندو جيستائين ڪيو سندس ماڻهو اچي سندس رواجي سامان جو ساڻ هئس، سو کڻي وڃي. ٻڍو اچي ڪئپٽن ڪرستيءَ سان نيڪ ساعت متعلق ۽ ٻيون اهڙيون واهيات ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جنهن جي ڪري دير پوڻ جو امڪان هو. 18- تاريخ تائين ته ڪا تياري ڪانه ڪئي هئائين. آخر ڪئپٽن ڪرسٽيءَ چيس ته جي منهنجي اُسهڻ لاءِ ڪو ويجهو ڏينهن مقرر نه ڪندين ته اسان قلات موٽي وينداسين. سردار حڙيف هو. چيائين ته ڇا ڪريان ايماندار ۽ وفادار سونهان ملڻ مشڪل آهن. آخر هن ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي رواني ٿيڻ لاءِ 20- تاريخ مقرر ڪئي. ان کان هڪ ڏينهن اڳ شام جو مون کي ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کان هي هدايتون مليون:

نوشڪي، 19- مارچ: ”تون گهڻو ڪري ڪرمان سرحد واري رستي کان چاليهن ڏينهن ۾ پهچي ويندين. اتان مون ڏي هرات ۾ اسان جو اتي گماشتو آهي، ان جي معرفت بند ٿيل لفافي ۾ خط موڪليندس.

2. مان اميد ته هرات دوشڪ جي رستي ٽيهن ڏينهن ۾ پهچي ويندس. جي ان ۾ ڪامياب ٿيس ته ٻين ويهن ڏينهن ۾ مان ڪرمان پهچي ويندس، بشرطيڪ رستي ۾ ڪا اوچتي رنڊڪ نه پوي. پر جي تنهنجي قاصد پهچڻ کان اڳ مان نڪري ويس ته ان حالت ۾ هريسنگهه کي هدايت ڪري ويندس ته توڏي خط لکي، جي مان دوشڪ نه پهچي سگهيس ۽ امڪنا آهي ته نه پهچي سگهان، ته مان ڪوشش ڪري هريسنگهه کي نياپو ڪندس ته توکي اطلاع ڏئي ۽ توکي جيڪي پئسا کپن سي به ڏئي.

3. جيڪڏهن تون اهڙيءَ طرح ڪرمان نه پهچي سگهين ته اتر وڃڻ جي ڪوشش ڪر مگر احتياط سان. جي اتان تون اولهه طرف نه وڃي سگهين ته پوءِ سمنڊ جي ساحل يا ڀنڀور ڏي وڃي اتان ڪرمان پهچي وڃ.

4.  جيڪڏهن تون ڪٿي پڪڙجي پئين يا ٻي ڪا تڪليف درپيش اچي ته مون کي هڪدم ڪوشش ڪري اطلاع ڪر ۽ مان توکي ڪنهن نه ڪنهن طرح ضرور مدد ڪندس. اهڙيءَ طرح تون به منهنجي مدد ڪندين.

5. جي مان ڪٿي جهلجي پيس، جنهن جي خبر توکي هريسنگهه يا ٻئي ڪنهن کان پوندي ته تون ان حالت ۾ ڪو سلامتيءَ وارو رستو وٺي وڃي جنرل مالڪوم سان شامل ٿيءُ. جي ائين به ممڪن نه هجي ته پوءِ توکي فيصلو ڪرڻو آهي ته پوئتي موٽي ويندين يا سمنڊ جي ڪناري ڏانهن ويندين. بهرحال توکي پنهنجي سلامتيءَ جو سڀ کان زياده خيال ڪرڻو آهي.

6. پهرين جون کان اڳ جي مون کي تو وٽان يا تنهنجي خبر نه پهتي ته مان سمجهندس ته توکي يا موٽڻو پيو آهي يا تون مارجي ويو آهين. اهڙيءَ طرح تون منهنجي لاءِ به ائين سمجهجائين“.

7. ڪرمان ۾ پهچڻ شرط اتان جي هندن جي مکيءَ ڏانهن وڃجانءِ ته جيئن مان اتي پهچان ته مون کي هڪدم تنهنجي خبر ملي.

   صحيح جاراس ڪرسٽي، ڪئپٽن

20 ۽ 21- مارچ: نوشڪيءَ ڇڏڻ متعلق جا اسان کي نراسائي ٿي هئي، تنهن اسان جي اميدن ۽ آسرن تي پاڻي وهائي ڇڏيو هو. شهر ۾ ايترا ته افواهه هئا ۽ اهي ماڻهن مان سڀ اسان جي ڪنن تائين پهتا هئا جو اسان کي شڪ پيدا ٿيو ته ڪو سردار کي ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي اُماڻڻ جو ارادو آهي. آخر 21- تاريخ وري ڪئپٽن ڪرسٽي سردار کان ماڻهن جي گهر ڪئي ۽ چيائينس ته تو دير ڪري وعدي شڪني ڪئي آهي. وڌيڪ اهو به چيائينس ته جي اسان قلات وينداسين ته اسان جو مالڪ هندو واپاري محمود خان کي انهيءَ سموري ڪاروبار جو احوال پنهنجي نموني ٻڌائيندو، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو، جو خان ۽ هن جو ڀاءُ سڄيءَ خيل کي ڏوهي ٺهرائيندا. ڪالهوڪو ڏينهن نه گذريو آهي جو تو مون کي چتايو پئي ته منهنجي ڀائٽي جي ڪوڙن وعدن تي اعتبار نه ڪجانءِ ۽ هاڻي تون پاڻ اهو طريقو اختيار ڪري رهيو آهين!

انهيءَ ڇنڊ هن تي اهڙو اثر ڪيو جو ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي چيائين ته مون وٽ انهيءَ جو جواب ڪونه آهي. مان نوشڪي خيل جو قريباً ٽيهن سالن کان سردار آهيان ۽ انهيءَ سموري عرصي ۾ مون تي بي ايمانيءَ جي تهمت ڪنهن نه رکي آهي. چي، منهنجي پٽ ٻن ملن جي مدد سان استخار. ڪئي آهي. هنن کي معلوم ٿيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن مسافريءَ لاءِ منحوس آهي. تنهنڪري مان پاڻ اڄ تياري بند ڪرائي آهي. سڀاڻي صبح جو ڇا به ٿي پئي توهان روانا ٿي وڃجو، پوءِ کيس خوش ڪرڻ لاءِ چيوسونس ته ها اسان به اهي ڳالهيون ٻڌيون آهن. تنهن تي چيائين ته توهان کي ناراض ٿيڻ لاءِ ڪافي سبب آهي. اميد ته توهان کي شڪايت جو وڌيڪ سبب ڪونه ملندو.

گذريل ٽن- چئن ڏينهن کان تيز اتر- اولهه جي وها ٿي لڳي. اڄ ان باقاعدي طوفان جي حالت اختيار ڪئي ۽ ريگستان جي واريءَ جا ڪڪر اُٿي کڙا ٿيا. ٻنپهرن جو سج به نظر نه پيو اچي. مهمان خاني جي کليل پاسن مان واريءَ جا ڍڳ اندر پئي آيا ۽ اسان واريءَ ۾ پورجي وياسين. رات جو هوا ڪجهه گهٽ ٿي. اسان ان تي خوشي پئي ڪئي ته خبر تڏهن پئي جو ٻڌوسين ته اُٺ جنهن تي سردار جو پٽ جمعو خان ۽ ڪئپٽن ڪرسٽي جو مکيه سونهون سواري ڪرڻ وارا هئا سي ريگستان ۾ گم ٿي ويا هئا. ۽ انهن کي ڳولڻ لاءِ ماڻهو سندن ڪڍ ويا هئا. اسان سمجهيو ته هي دوکو آهي، تنهنڪري وڃي آرامي ٿياسين. اها پڪ هئي ته ڪئپٽن ڪرسٽيءَ کي ترسائڻ جي وري ڪوشش ڪئي ويندي، پر خوش قسمتيءَ سان اها اسان جي ڀُل هئي.

22- مارچ: اڄ مس مس منهنجي دل کي خاطري ٿي جو ڪئپٽن ڪرسٽي روانو ٿي ويو. اُسهڻ کان اڳ هِن سردار کي ڪي معمولي سوغاتون ڏنيون جي کيس قبول پيون ۽ جن تي هو ڏاڍو خوش ٿيو؛ اهي هيون هڪ چوڪڙين تي گرم ڪپڙي جو ٽڪر، اڌ وال کن ريشمي ڪپڙي جو، هڪ ڇُري ۽ هڪ جوڙو قينچين جو. هو انهيءَ خدمت جي لائق نه هو، ڇاڪاڻ ته هن اسان کي ترسائي سخت تڪليف ڏني هئي، پر اسان خيال ڪيو ته اها هڪ فطرتي ڳالهه آهي ته هو ٻن واپارين کان جيترو ٿي سگهيس اوترو ڪڍي پنهنجي قوم جي مهمان نوازيءَ جي رواج مطابق.

جيستائين ڪئپٽن ڪرسٽي روانو ٿي ويو تيستائين جمعي خان جو اُٺ ڪونه پيدا ٿيو هو، پر هن جيپيءُ چيو ته جي اُٺ منجهند تائين نه پيدا ٿيو ته مان پاڻ گهوڙي تي چڙهي نڪرندس. پڇاڙيءَ جو ڪرسٽيءَ کي چيائين ته رخشياڻين[1] ۾ جيڪا توهان کي تڪليف پهتي آهي تنهن لاءِ مان شرمسار آهيان، پر منهنجو پٽ ۽ هن جا ماڻهو توهان لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪندا. پڇاڙيءَ جو هن انهن جي حق ۾ دعا گهري ۽ سواري رواني ٿي ويئي، ڪلاڪ کن ۾ اُٺ، جو گم ٿي ويو هو سو ڪاهي آيا ۽ جمعو خان سوار ٿي انهن جي ڪڍ ويو.

اڄ سڄو ڏينهن اوندهه انڌوڪار هو، هوا خراب هئي ۽ وِڄ جا واڄٽ پئي پيا، بلوچن چيو ته هيءَ برسات جي نشاني آهي، پر شام جو هوا ڪجهه جهَڪي ٿي، ۽ برسات جي بوند به نه پئي جو ڪجهه ٺار ٿئي. سردار مهمان خاني ۾ اچي مون سان ويٺو، ڏٺائين ته منهنجي معزز ۽ مٺي دوست جي جدائيءَ ۾ منهنجي دل اُداس آهي، تنهنڪري مون کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، چيائين ته تنهنجو ڀاءُ[2] تنهنجي ٻانهن منهنجي حوالي ڪري ويو آهي ۽ مان تنهنجي سنڀال ڪندس. ان کان سواءِ هن مون کي هر طرح وندرائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي هن جي گفتگوءَ مان ڏاڍو لطف آيو. ۽ گهڻيون خبرون چارون مليون جي مٿي موزون جاين تي درج ڪيون ويون آهن.

23- مارچ: برسات جنهن جو ڪالهه هاواڻو هو سا اڄ اچي لٿي. ان سان گڏ آنڌي هجي. واري، وکن (قدمن) تي ايتري چوڏهن- پندرهن گامن جي مفاصلي تي ڪجهه نظر ئي نه اچي. گهيڏڻ جا پاسا واري نه پيا جهلي سگهن ته هوڏانهن ڇت وهڻ شروع ڪيو. گهيڏڻ جي ڪنڊ ڪڙڇ پاڻي ٿي وئي. شام جو مان گپ جي سيج تي ويٺو هوس ۽ گپ جي زره پيئي هئي.

اسان جو ٻيو قاصد قلات مان ٿي موٽيو. هو اسان جي فالٽو سامان کڻي وڃڻ لاءِ هو ۽ پاڻ سان هڪ هندو وٺي آيو. هن اسان لاءِ ٻه خط به آندا هڪ فارسيءَ ۽ ٻيو شاستريءَ ۾ لکيل. هن ملڪ ۾ شاستري[3] ائين آهي جيئن دٻي ۾ ٺڪريون. فارسي خط ۾ اهڙي ڪابه خبر يا ڳالهه ڪانه هئي جنهن مان ڪو اسان جو پتو لڳائي سگهجي. خط ڏسي ڪري سردار کي ڏنم جو خبرون ٻڌڻ آيو هو ان ڏيکارڻ لاءِ ته کانئس ڪابه ڳالهه مخفي ڪانه هئي. ٻئي خط ۾ منهنجي لاءِ هڪ تمام نازڪ خبر هئي. اها هئي ته سنڌ جي اميرن جا ٻه ماڻهو اسان کي زوريءَ حيدرآباد کڻي وڃڻ لاءِ قلات آيا هئا ۽ کليو کلايو چيائون پئي ته اتي هنن جي خوب مرمت ڪئي ويندي. تنهن کان سواءِ هو محمود خان وٽ ڪڇ گنداوا ۾ به ويا هئا. محمود خان چين ته مون کي هڪ خط رستي معلوم ٿيو هو ته اهڙا ٻه ماڻهو قلات مان آيا هئا پر مون کي سندن حليه ڏٺي مان يورپي نٿي معلوم ٿيا. توهان کي جي هو هٿ اچن ته بيشڪ جهليو، بشرطيڪ اهو ثابت ٿئي ته هو ڪنهن ملڪ جا جاسوس آهن. پر جي هو واپاري[4] يا واپارين جا گماشتا آهن ته کين تڪليف نه ڏيڻ کپي، پوءِ هو ڀل ته ڪهڙي به ذات يا ملڪ جا هجن.

اميرن جي ماڻهن خان کي چيو ته انهن مان هڪ ڄڻو اڳئين سال سنڌ مان، جو انگريزن جو سفير[5] آيو هو تنهن سان گڏ هو. هو ڪنهن صورت ۾ گهوڙن جا سوداگر نه آهن، بلڪ هنن ملڪ جو واءُ ساءُ لهڻ لاءِ اهو ويس ڪيو آهي. اميرن جي انهن ماڻهن ٻه دفعا قلات ۾ ان گهر ۾ جتي اسان رهيا هئاسين وڃي اسان واري هندوءَ کي دڙڪا ڏنا هئا ته جي سچي نه ڪندين ته مير توهان کان ان ڳالهه جو بدلو وٺندا. پر خان ۽ هنن واڻيي کان عذاب ڏئي سچي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ جڏهن ڏٺائون ته هو چپن کي چُنو لائي ويٺو آهي، تڏهن چيائون ته چڱو آخر ته هو هتي موٽي ايندا جو ٻئي پاسي ڀڄڻ جي واهه ڪانه اٿن. اسان هتي ويٺا آهيون جيستائين هو موٽي اچن. پڇاڙيءَ جو هندوءَ خط ۾ لکيو ته مان هر قسم جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌي توهان جا قاصد نه ڏسن ۽ اميد ته ان ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. پر قلات ۾ هندن کي خبر آهي، خاص ڪري انهن کي جن کان مان هنڊيون مٽايون آهن ته توهان اڃا نوشڪي ۾ آهيو. اميرن جا ماڻهو توهان کي سولائيءَ سان اتي پڪڙي سگهندا. بهتر آهي ته توهان هڪدم ڪک پن ٿي وڃو.

خط پڙهڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته ڪجهه نه ڪجهه هڪدم ڪرڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪيم ته نوشڪي ته سڀان ئي ڇڏيندس. سيستاني هندوءَ ٻڌوءَ کي چيم ته اٽو ۽ کجور تيار ڪري رک. مراد خان کي گهرائي مخفي طرح فيصلو ڪيومانس ته سٺ رپين ۾ مون کي بلوچستان جي اولهه واريءَ سنڌ جي سرحد ۾ پهچائي. مون هن سان اهو تڪڙو بندوبست انڪري ڪيو ته جيئن وڃڻ ۾ دير نه ٿئي. جي خرچ جو خيال ڪيان ها ته سردار شايد پنهنجي وعدي مطابق گهٽ پئسن تي سونهان ڏئي ها. پر مون خيال ڪيو ته جي هن تي مدار رکندس ته ضرور دير پوندي. پر مون خيال ڪيو ته جي چوويهه پهر دير پئي ته به وڏو خطرو آهي.

اڄ مون کي هڪ غلطي ذري گهٽ هڪ ٻئي وڏي خفي ۾ وڌو هو. ڪئپٽن  ڪرسٽيءَ ۾ مون فيصلو ڪيو هو ته اسان ڌارين ماڻهن جي اڳيان هڪٻئي سان هندستانيءَ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن زبان ۾ ڪونه ڳالهائينداسين ۽ اڪثر انهيءَ صلاح تي عمل ڪندا هئاسين. پر هڪڙي ڏينهن سيستاني هندو، ٻُڌو حاضر هو جڏهن اسان کان اها ڳالهه وسري وئي ۽ اسان اتفاق سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيوسين. پڇيائين ته هي ڪهڙي ٻولي آهي؟ مان هڪدم چيس ته تيلنگي[6] جو خيال ڪيم ته هن قومن ۾ هن ماڻهوءَ يا ٻئي ڪنهن کي تيلنگي ٻوليءَ جي ايتري ئي خبر هوندي جيتري يونانيءَ يا عبريانيءَ جي. ان کان پوءِ ڪجهه ڪونه ٿيو ۽ مون کان ڳالهه وسري ويئي. پر ٻڌوءَ کان ڇو ٿي وسري. هڪڙي ڏينهن جو مهمانخاني ۾ پاڻ سان هڪ فقير وٺي آيو ۽ چيائين ته هي توسان تيلنگي ۾ ڳالهائيندو. مان اچي منجهيس ته هاڻي ڇا ڪجي. مون کي انهيءَ زبان جو هڪ پد به نه ايندو هو، پر مان منهن پڪو ڪيو ۽ فقير جڏهن ويٺو ته تڪڙو تڪڙو انگريزيءَ ۾ سوال جواب ڪيومانس. تنهن تي وات مچڪائي[7] ڪنڌ ڌوڻيائين، جنهن مان ظاهر هو ته ڪجهه نٿو سمجهي. پوءِ پڇيومانس ته ڪٿي ڪٿي گهميو آهين؟ هن جي جواب مان مون کي خاطري ٿي ته هن مان ڪوبه ڊپ ڪونه هو ڇاڪاڻ ته هو هندستان جي اُپٻيٽ ۾ سورت کان هيٺ ڪونه ويو هو.

24- مارچ: مون ڏٺو ته شام کان اڳ نڪرڻ ممڪن نه هو. تنهنڪري مان پنهنجو سفر ٻئي ڏينهن تي مهمل ڪيو. انهيءَ وچ ۾ ويهي قلات هندوءَ ڏي خط لکيم ته حساب ڪتاب جلد بند ڪري ٻيلي هليو وڃي ۽ اتي رهي. جيستائين ڪئپٽن ڪرسٽيءَ يا مون وٽان ڪو نياپو نه مليس. سج لٿي مهل مان پنهنجي هندستاني نوڪر فتح محمد جي هٿان نياپو ڪيو ته مان صبح جو نوشڪي ڇڏيندس ۽ وڃڻ کان اڳ سندس مهماننوازيءَ لاءِ شڪر ادائي گهرندس. هن کي ان تي تعجب لڳو ۽ منهنجي نوڪر کي چيائين ته مان اڌ ڪلاڪ جي اندر ٻڌوءَ هندوءَ جي گهيڏڻ ۾ پاڻ اچان ٿو. تنهنڪري مان به اتي  ويس. آءٌ هن سان ڪيتري وقت تائين ڳالهيون ٻولهيون ڪندو رهيس. آخر مون هن سان پنهنجي وڃڻ متعلق ڳالهه ڪڍي، چيائين ته تنهنجي ڀاءُ جو مون تي ڀروسو هوندو هو پر تو هن جي نصيحت وساري ڇڏي آهي. مون توهان کي چيو هو ته مراد خان کان خيال رکجو. اها ڳالهه توکان وسري ويئي آهي. تون ننڍيءَ عمر جو آهين، خدا ڪري توکي منهنجي ڀائٽِ کان ڪو ڌوڪو نه پهچي. هو ائين ڪلاڪ ڳالهائيندو رهي ها، پر مون هن جو ٻوٿ بند ڪرڻ لاءِ کيس چاليهه رپيا هٿ ۾ ڏنا. ۽ چيومانس ته مان غريب آهيان تنهنجي لائق مون وٽ ڪجهه ڪونه آهي. هي تيسين پڳ جا پئسا آهن. نه ته مان تنهنجا احسان ته ڪونه ٿو لاهي سگهان. بس ان جو هن تي جادوءَ جهڙو اثر پيو. مڙس ٺري ويو ۽ موڪلائڻ کان اڳ چيائين ته رستي تي جي سردار رهن ٿا، انهن لاءِ خط وٺيو وڃ.

فصل (8)

25- مارچ: اڄ صبح جو پرهه ڦٽيءَ مهل سردار هڪ ملان سان گڏ مهمانخاني ۾ آيو. ملان سردار جي چوڻ تي سردارن ڏي خط لکيا، جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. ماڻهو فالٽو سامان ۽ خط لکيا، جن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيو ويندو. ماڻهو فالٽو سامان ۽ خط کڻي ناشتي کان پوءِ يڪدم قلات موٽي ويو. مان نوشڪي اٽڪل ڏهين بجي ڇڏي، آءٌ اهڙو خوش ٿيس جهڙو قيدي بند مان نڪرڻ تي ٿيندو آهي. نوشڪيءَ ۾ ڪيترن ناخوشگوار واقعن جي ڪري مون کي سورهن ڏينهن رهڻو پيو هو. جڏهن مان پهريان انهيءَ تومن۾ پير پاتو هو تڏهن جيڪر سورهن ڪلاڪ رهڻ به پسند نه ڪيان ها. اسان سان ڪُل مون سوڌا پنج ڄڻا هئا. ڪنهن کي به زبردست هٿيار ڪونه هئا. اسان جو آسرو ان خوشقسمتيءَ تي هو ته رستي ۾ ڪو شاهينگ ڪونه گڏبو، نه ته اسان جو ڪو حال ڪونه هو.

تومن کان ٽن ميلن تي اسان هڪ گنبذ ڏٺو. روايت آهي ته اتي هڪ پراڻو شهر هوندو هو جنهن جا رهاڪو اهڙا ته آسودا هئا جو هو پنهجي دنيا خرچ ڪرڻ لاءِ چوني ۾ پاڻيءَ جي بدران کير ملائي جايون ۽ عمارتون ٺاهيندا هئا. انهيءَ اجائي رياءَ ۽ فضول خرچيءَ تي خدا کي ڪاوڙ آئي ۽ شهر تي الاهي قهر نازل ٿيو، آهستي آهستي ويو ڦٽندو تان جو نالو نشان به نه رهيس. هن وقت گنبذ کان سواءِ انهيءَ خيالي شهر جي ٻي ڪابه نشاني نه آهي. گنبذ سچ پچ هڪ عجيب قسم جو آهي. اهو پهاڙن کان پري وچ ريگستان ۾ ٺهيل آهي. هت جبل ڏکڻ طرف پري هليا وڃن ٿا. مان گنبذ جي ايترو ويجهو ڪونه هوس جو چئي سگهان ته ڪهڙي طرز تي ۽ ڇا جو ٺهيل آهي يا هن ملڪ جي هن وقت جي جاين جهڙو آهي يا نه، پر ان جي معماري ڪا خاص نظر نه پئي ائي، پر مراد چيو ته ان تي جو چوني جو ڪم ٿيل آهي سو ڏسڻ جي لائق آهي. چوني جو پلستر اهڙو سخت آهي جهڙو سنگمرمر. ٿورو اڳتي مون کي رستي جي پاسي کان تمام وڏا پٿر هڪٻئي کان ويهن- ٽيهن گزن جي مفاصلي تي رکيل نظر آيا. مون پڇيو مان ته هنن جي معنيٰ ڇا آهي. نهايت خاطريءَ سان جواب ڏنائون ته اهي رستم[8] پنهنجي خاص پياري گهوڙي جي تيز رفتاري جي يادگيري تازيءَ ڪرڻ لاءِ اتي رکيا هئا. ان تي مون کي کِل ائي، خير اهي پٿر اتي ڪهڙي به مقصد سان آندا ويا هجن پر اهو ظاهر آهي ته انهن کي ويجهي ۾ ويجهي جبلن تان آڻڻ ۾ سخت زحمت ۽ خرچ ٿيو هوندو. انهن مان ڪي وزن ۾ ڪيترا ٽن هئا ۽ ماپ ۾ ڇهه- چورس وال.

اڄ اسان سورهن ميل پنڌ ڪيو، ملڪ وارياسو ۽ سڌو هو، اسان شام جو ترسياسين. سامهون ساڍن ٽن ميلن تي وڏا جبل هئا. ريگستان جي وٽ سان جي جبل هئا سي اڪثر رستي تي اسان کان اَٺ- نو ميل اولهه طرف هئا ۽ اسان جي سڄي پاسي کان ٽُڪر ٽُڪر تي واريءَ جا دڙا هئا. اڌ پنڌ تي ڪاريز نالي هڪ ڦٽل ڳوٺ ڏٺم. ان کي ويجهي مٺي پاڻيءَ جي هڪ کُهي آهي جتان اسان رات لاءِ ڪجهه پاڻي کنيو. اتي مون کي اُٺن جا ڪيترا گَلا نظر آيا. اُٺن کي گز[9] ۽ شنز[10] چارڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيندا آهن. اهي ٻيئي وڻن جا قسم هن پٽ ۾ جام ٿيندا آهن. جتي اسان شام جو منزل ڪئي، اتان اسان گزهگي بروهين جي هڪ تومن مان دونهون نڪرندي ڏٺو، پر اهو تومن اسان کي پري هو تنهنڪري اسان اوڏهين لڙي ڪونه وياسين.

هتي مان نوشڪيءَ علائقي جي سرحد تي هوس. نوشڪيءَ متعلق مون کي وڌيڪ ڪجهه چوڻو ڪونه آهي. مان اڳي ئي لکي آيو آهيان ته اتي نهروئي بلوچن جي رخشاڻي نالي ذات رهندي آهي. انهن جو سردار عيدل خان آهي. هو سٺ ورهين جو آهي ۽ گهڻيون خوبيون اٿس. جي هو لالچي نه هجي ها ته هوند پنهنجن هموطنين ۾ هڪ ممتاز درجو حاصل ڪري ها. هن کي فقط هڪ آمدني جو ذريعو آهي، سا آهي هڪ جانڊاهه جا قيصر نديءَ جي پاڻيءَ تي هلندي آهي. پر نديءَ ۾ ٻاروهي پاڻي ڪونه هوندو آهي، تنهنڪري جانڊاهه جي آمدني شڪي هوندي آهي. نوشڪيءَ جي تومن ۾ ٻه سؤ گهيڏڻ آهن جن جو اڳي ئي ڪيترا ڀيرا احوال ڏنو ويو آهي. مون ٻه دفعا سردار جي گهيڏڻ ۾ اندر وڃي ڏٺو. اهو ٻين گهيڏڻن کان مختلف هو وچ ۾ چُلهه هئي، ان جي ٻن پاسن کان ٽيڪ لاءِ ڇهه فوٽ اونچون ڀتيون ٺهيل آهن. ڀتين تي غاليچا ٽنگيل آهن ۽ اندر ڏاڍو اڇو اجرو اٿن. ڇت سڄي تي ڪٽنب جون بندوقون، تراريون ۽ ڍالون ٽنگيون پيون هيون. تومن ۾ ڇهه هندو دوڪاندار آهن. جن کي ايتري همت ٿي آهي جو پنهنجون زالون ۽ ٻار وٺي آيا آهن، پر کين سندن محافظن بلوچ رضاڪارن مان هروقت خطرو رهندو آهي. هنن کي پنهنجي مهمان نوازيءَ ۽ وعدي وفائيءَ، خاص ڪري سندن بهادري ۽ وفاداريءَ متعلق فخر هوندو آهي، ۽ ان ۾ هو حق بجانب به آهن. جڏهن نوشڪيءَ ۾ فصل مارجي ويندو آهي جو ڏهن مان نوَن سالن ۾ مارجي ويندو آهي تڏهن هو گرم سيل ۽ ڪڇ گنداوا مان اَن گهرائيندا آهن، بلڪ هو هر سال اَن اتان آڻيندا آهن.

26- مارچ: مان اڄ ڇهين بجي صبح جو روانو ٿيس. رات بخار آيو هو تنهنڪري طبيعت ٺيڪ نه هئي. ٽي ميل هڪ ميدان مان پنڌ ڪيوسين. پوءِ هڪ پهاڙي پيچرن مان لنگهي اچي ٽڪرين ۾ پياسين؛ تنهن کان پوءِ جلدئي وڏن جبلن تي چڙهياسين، جي پهاڙن جي وڏيءَ قطار جي شاز آهن. اسان جبلن جي وٽ يا پهاڙي ماٿرين مان سترهن ميل پنڌ ڪري بالي نديءَ جي پيٽ ۾ پهتاسين جا قريباً سڪل هئي. اسان نديءَ مان يا ان جو ڪپر وٺي ڇهه ميل وڌيڪ پنڌ ڪيو. پوءِ اُٺن جي چرڻ لاءِ جاءِ ڳولي پاڻ به ان جي ڀرسان لهي پياسين. اڄ رستو تمام خراب هو. ٻن والن کان ڪٿي به وڌيڪ ويڪرو ڪونه هو. ٻنهي پاسن کان ٽڪر ڀتين وانگر ڪيترا سؤ فوٽ کڙا ٿيا بيٺا هئا. مون ننڍين ننڍين نهرن ۾ ڪيتريون اڇي سنگمرمر جون ڇپون پيون هيون. بالي نديءَ جو پيٽ تمام موڪرو آهي. ان جي حد ريگستان آهي جو نديءَ جي ڪپر وٽ پوٺي وانگر مٿانهون آهي. مان اڄ ڏکڻ- ڏکڻ اولهه جي ڏس ۾ پئي هليس. مفاصلو اوڻٽيهه ميل هو. بالي کان سواءِ ٻين ٻن- ٽن نئين ۾ تمام مٺو پاڻي هو. ڪيترن هنڌن تي سڪل ڪاٺين جا بنڊ پيا هئا.

27- مارچ: مون کي ڪالهه سڄو ڏينهن ۽ رات سخت بخار هو جنهن اهڙو هيڻو ڪري ڇڏيو هو جو اڄ صبح جو اُٺ تي ويهي به نٿي سگهيس. پر سفر اڳيان سهنجو هو. آرام ڪرڻ جو سوال ئي نه ٿي اٿيو، تنهنڪري مان اٽڪل ستين بجي روانو ٿيس ۽ پٺيان مدد لاءِ اُٺ تي هڪ بروهي ويهاريم. مان سڄي ڏينهن ۾ پنجويهه ميل ڏکڻ- اولهه جي ڏس ۾ سفر ڪيو. رستو ته ڪونه هو پر ڪٿي ڪٿي پيچرو لڳو پئي. واٽ بالي نديءَ جي پيٽ مان يا ڪپرن سان جي پوٺا هئا، انهن مان ٿي لنگهي. نديءَ کي ور وڪڙ گهڻا آهن، تنهنڪري اڪثر پوٺن تي چڙهڻو پئي پيو. نديءَ جي پيٽ ۾ گهڻو ئي پاڻي هو. ٻٻر[11]، لئي[12] ۽ تاعو[13] جا اهڙا گهاٽا وڻ هئا جو اُٺ انهن مان مشڪلات سان هلي ٿي سگهيا، بلڪ اسان پيادل به نٿي لنگهي سگهياسين.

اڄ شام جو اٽڪل چار ميل اسان جي منزل کان پرتي اسان تمام عجيب ۽ غريب مقبرن جا نشان ڏٺا، جي نديءَ جي اولاهين ڪپر کان اٽڪل چار سؤ گز پرتي ٺهيل هئا. اهي چورسا شڪل جا هئا، ۽ هرهڪ کي پٿر جي عجيب ڪم جي چؤديواري ڏنل هئي جا پريان ڄاريءَ جي خانن وانگر نظر پئي آئي، جنهن کي هڪ پاسي کان ڇڪي نبات جهڙي شڪل ڏني وئي هئي. چؤديوارين ۾ چبوترن جي ايراضي چار يا پنج چورس گز ٿيندي. انهن جو لنگهه ۽ جاين جو لنگهه سڌو اوڀر کان هو. ريگستان ۾ ڪيتري مفاصلي تائين مٽيءَ ۽ پٿرن جا دڙا هئا. مون کي خيال آيو ته لهي انهن جو معائنو ڪجي پر ان وقت برسات پئي پئي، ۽ مان پنڌ ڪرڻ جهڙو نه هوس، تنهنڪري مان اهي چڱيءَ طرح ڏسي نه سگهيس. مون کي انهن تي ڪي ڪتبا لکيل نظر ڪونه آيا. مون پوءِ انهن متعلق پڇا ڪئي پر اهڙو ماڻهو ڪونه گڏيو، جنهن اهي ڏٺا هجن. اڳواڻ فقط ايترو چيو ته هي گبرن[14] جي ڏينهن جا ٺهيل آهن. هن باري ۾ ملڪ ۾ جا غير معمولي يا عجيب شيءِ هوندي آهي ته ان لاءِ ائين چوندا آهن. تنهنڪري ان کي گهڻي اهميت ڏيڻ نه کپي. پر ممڪن آهي ته هن حآلت ۾ اها قياس آرائي صحيح هجي. عمارتن جي طرز، مسلمان يا هندن جي عمارتن جي طرز جهڙي نه هئي، تنهنڪري فطرتاً پارسين[15] جي عمارتن جي طرز جهڙي هوندي. ممڪن آهي ته انهن کان به پراڻي زماني جي هجي. اهي ته جايون يقيناً قديم هيون. اهي مضبوط شين جون ٺهيل هيون، پر سڀ زبون ٿي ويون هيون ۽ ڪِرڻ تي هيون. انهن متعلق مراد خان مون کي هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائي. چيائين ته انهن ۾ جو پٿر ڪم آندل آهي سو هن ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪونه ملندو آهي ۽ جي هجي به ته ڪنهن ڪم ڪونه ايندو، ڇاڪاڻ ته اسان جي ماڻهن کي اهڙي ڪم ڪرڻ جو حوصلو ڪونه آهي. مون کي خاطري نه آهي ته اهي عمارتون مقبرا اهن يا عبادتخانا. انهن مان هڪ- هڪ ۾ اندر هڪ مٽيءَ جو چبوترو هو، جنهن جي مٿان هڪ پٿر رکيل هو. ان جي شڪل لاشڪ قبر جهڙي هئي پر ممڪن آهي ته اهو آتش ڪده[16] (آگ جي جاءِ) قربانيءَ جي جاءِ آهي. انهن جاين جو تعداد ڏيکاري ٿو ته اهو هڪ قبرستان آهي.

اڌ رات جو هڪ سخت طوفان گجگوڙ سان آيو جو ٻه ڪلاڪ هليو. خوشقسمتيءَ سان اسان جي اچڻ کان ٿورو اڳ ڪجهه برسات پئي هئي. تنهنڪري اسان پنهنجي منزل نديءَ جي ڪپر هيٺان ڪئي هئي، جنهن کي ڪنهن اڳينءَ ٻوڏ کاڌو هو. انهيءَ جهڙي تهڙيءَ اَجهي اسان کي برسات کان بچايو ۽ مون کي آلاڻ کان بچايو، ڇاڪاڻ ته منهنجي ان وقت حالت تمام نازڪ هئي، پر مون کي ننڊ نه آئي. هر وقت اهو خطرو هو ته پاڻي اوچتو چڙهي سڀني کي لوڙهي نه ڇڏي. پر پاڻي چڙهڻ کان اڳ طوفان جهڪو ٿيو، جيتوڻيڪ پاڻي وڏي آواز ۽ زور[17] سان پئي وهيو.

28- مارچ: مون اڄ اٺاويهه ميل ڏکڻ- اولهه جي ڏِس ۾ هڪ ويران پوٺي تان سفر ڪيو. جتي اسان سمهيا هئاسين اتان ٽن ميلن کان ٿورو پرتي باليءَ نديءَ مان هڪ شاخ ڏکڻ- اوڀر طرف نڪري ٿي ۽ سروان کي پاڻي پهچائي ٿي، جو ان وقت مون کان اٽڪل نوَ ميل اوڀر طرف هو. اسان پوءِ نوَ ميل هڪ پَٽ مان پنڌ ڪيوسين، جنهن ۾ ڪيترن هنڌ جهنگ هو ۽ ڪٿي ڪٿي ٻٻر جي وڏن وڻن جا جهڳٽا هئا. اتي بدونديءَ جي سُڪل پيٽ ۾ مٺي پاڻيءَ جي کُهي هئي. اتي هڪ اڪيلي ٻڪرار ٻه- چار ڏٻريون ٻڪريون ٿي چاريون. هن ڳالهه ڪئي ته اتي ويجهڙائيءَ ۾ اڳين ڏينهن تائين نوشيرواڻي بلوچن جو هڪ تومن رهندو هو، جي پاڻيءَ ۽ مال جي چاري جي اڻانگائيءَ سبب خاندان جبلن ڏي لڏي ويا هئا. اسان اتان پنهنجون مشڪون[18] ڀري ٿورو اڳتي هلي هڪ گهاٽي جهنگ ۾ لٿاسين. سروان جو شهر جو اڄ مون پنهنجي سفر جي دوران ڏٺو تمام ننڍو اهي. منجهس سوَن کان مٿي گهر ۽ جهوپڙيون ڪونه ٿينديون. شهر کي پناهه لاءِ هڪ مورچن سان ديوار جبلن کان اٽڪل ويهه ميل پري ٺهيل آهي. شهر تي اهو نالو جبلن جي نالي تان پيل نظر ٿو اچي. شهر جا بانيءَ غالباً هيءَ جاءِ ان ڪري پسند ڪئي هئي جو اتي ماڻهن لاءِ باليءَ ندي جو مٺو پاڻي هر وقت مهيا آهي. بلوچستان جي هن علائقي ۾ جتي پاڻيءَ جي قلت ڪري قحط ۽ ڏُڪر جي مصيبت هر وقت اکين آڏو هوندي آهي، اتي پاڻيءَ جي موجودگي هڪ وڏي نعمت آهي. سروان جو سردار گل محمد خان قمبراڻي آهي. هو قلات جي خان کي خراج ڪونه ڏيندو آهي، پر هو خان جي سموري ٻن سَون سپاهين جي فوج پنهنجي خرچ تي رکندو آهي. هن جي آمدني ٿوري آهي هن کي موسوم جي آبادي مطابق پيدائش جو حصو ملندو آهي. جيتوڻيڪ زمين زرخيز نه آهي ته به ان مان آدمشماريءَ جي مقابلي ۾ ايتري پيدائش ٿيندي آهي جو ڪڻڪ جا ٽيهه- چاليهه ڪاسا (ڪاسي ۾ سورهن سير ان ٿيندي آهي) هڪ رپئي ۾ وڪامندا آهن. جي فصل ڀلو نه ٿيندي آهي، جيئن سال 1808ع 1809ع ۽ 1810ع ۾ ٿيو هو ته ان علائقي جا ماڻهو جن وٽ اُٺ گهڻا ٿيندا آهن، گرم سيل، ڪڇ گندوا مان اُٺ موڪلي ان جو گهربل ذخيرو اتان گهرائيندا آهن.

سروان کان قلات جو رستو وڃي ٿو ان ۾ جبلن تي هڪ لَڪ آهي، چون ٿا ته اهو اهڙو ڏکيو آهي جو بار  وارا اُٺ ورلي اُتان لنگهندا آهن. هو ان جي بدران سروان کان خاران طرفان قلات وڃڻ پسندا ڪندا آهن. اهو ڊگهو[19]، پر سهنجو رستو آهي.

29- مارچ: اڄ مان خوش هوس جو منهنجو دوست، بخار، موڪلائي ويو هو. مان صبح جو ٻج اڀرئي کان اڳ منزل پٽي. ٽيهن ميلن کان وڌيڪ ڏکڻ- اولهه اڪثر جلالان، خرگوشڪي، ڀڳت علائقن مان، جي خاران جي ماتحت ضلعا آهن ۽ انهن ۾ گهڻي آباديءَ جهڙي زمين آهي. انهيءَ زمين جو ڳچ حصو تازو کيڙيو ويو هو، پر ٻج برسات نه پوڻ ڪري سڙي ويو. جي ٽڪر خاص ريج ڏيئي ۽ ٻين مصنوعي طريقن سان آباد ڪيا ويا هئا، سي مڪڙ کائي ويا. غريب ڪڙمي ڀڄي ٽڪرن ۾ هليا ويا. اها هڪ تعجب خيز ڳالهه، پر حقيقت آهي ته اهي زيانخور جيت انهن علائقن ۾ فقط سوڪ ۽ ڏڪر وارن سالن ۾ ايندا آهن. ڄڻ ته هو اچي بربادي مڪمل ڪندا آهن. ان کان به وڌيڪ تعجب جي ڳالهه هيءُ آهي ته هو هميشه ڏکڻ- اوڀر کان ايندا آهن ۽ موٽي به انهيءَ طرف ويندا آهن. تنهنڪري ڏيهي ماڻهو، هنن کي خبر آهي ته اتر- اولهه طرف ريگستان آهي جو اوڏانهن وينداسين ته ناس ٿي وينداسين. اڄ اسان هڪ تمام اونهيءَ کُهيءَ جي ڀرسان لنگهياسين، پر ان جو پاڻي يا ته سڪي ويو هو يا ايترو هيٺ هو رسي پهچي نه پئي سگهي، پر اسان وٽ ڪالهوڪي پاڻيءَ جو حصو اڃا بچيل هو، تنهنڪري فڪر ڪونه هو.

جتي اسان شام جو منزل ڪئي، اتان خاران جو شهر پنجيتاليهه ميل ڏکڻ- اوڀر طرف هو. چوڻ ٿا ته اهو سروان کان وڏو آهي ۽ ان وانگي ڪوٽ ڏنل اٿس. خاران جو علائقو تمام پهاڙي آهي ۽ اهو ساران جي علائقي جي اتر- اولهه سرحد تي آهي.خاران جو سردار عباس خان نوشيرواڻي محمود خان جو خراج باز هوندو هو. چار سال ٿيا ته هن پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. هو وقت تي پنهنجي قوم هو وقت تي پنهنجي قوم جا پنج- ڇهه سؤ سپاهي جنگ جي ميدان ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ نوشيرواڻي ڪارائتا ۽ جانٺا سپاهي سمجهيا ويندا آهن. خاراني اُٺ ان سڄي تَرَ ۾ طاقت ۽ پنڌ لاءِ مشهور آهن. انهيءَ ڪري هنن جي مالڪن کي ڦُرين لُٽين ڪرڻ ۾ پنهنجن پاڙيسرين کان گوءِ حاصل هوندي آهي.

30- مارچ: مان اڄ فقط ساڍن سترهن ميلن جو سفر ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ ته هڪڙي هنڌ مون کي چار ڪلاڪ ترسڻو پيو جو اتي خوشقسمتيءَ سان پرهه بروهين جو هڪڙو ٽولو ملي ويو. انهن مان هڪڙي، ٿوري خرچيءَ تي قبول ڪيو ته سڀاڻي مون کي ريگستان متعلق ڏاڍو پريشان هوس، ڇاڪاڻ ته مراد کي رستي جي خبر نه هئي. جڏهن اسان کي ٻيو ماڻهو مليو تڏهن هن قبول ڪيو ته مان اڳي اُتر طرف ايترو پري ڪڏهن ڪونه آيو آهيان. اسان رستي ۾ پنهنجون پخالون هڪ برسات جي ميري پاڻيءَ جي چشمي مان ڀريوسين. رات ريگستان ۾ گذاريسين. ريگستان اڳيئي سمنڊ جي لهرين وانگر نظر پئي آيو.

فصل- 9

31- مارچ: اڄ اسان چئين بجي تائين اٺن تي سوار ٿي وياسين. پنج ميل اولهه- ڏکڻ پنڌ ڪري وڃي هڪ کُنهيءَ تي پهتاسين، ريگستان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جيڪي ٿانوَ ٿپا هئا سي سڀ پاڻيءَ سان ڀرياسين. هيءُ کوهه گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سؤ فوٽ اونهون قريباً چورسو ۽ ڇهه فوٽ موڪرو هو. کوهه جون ڀتيون ٻارهن فوٽن تائين ڪچيون هيون، جنهنڪري انهن کي کجيءَ جي ٿڙن جون ٿوڻيون ڏنل هيون. انهن ٿوڻين مٿان جهل لاءِ کجيءَ جي ٿڙ جون ٿوڻيون ڏنل هيون. انهن ٿوڻين مٿان جهل لاءِ کجيءَ جي ٿڙ جون ڪامون سڌيون رکيل هيون، مٿان هڪ ڪنڊ ۾ بالٽيءَ يا ٽامي جي ديڳڙيءَ سان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هڪ خال هو نهايت تعجب ۽ ڏک جهڙي ڳالهه هئي ته جيتوڻيڪ کوهه اهڙو اونهون هو ته به ان جو پاڻي اهڙو کارو هو جو بلڪل پيئڻ جهڙو نه هو.

سج ڪني ڪڍي ته اسان به کوهه تان سج اڀرڻ مهل روانا ٿياسين. ستاويهه ميل سفر ڪيوسين، جنهن جو ڳچ حصو پيادل پنڌ ڪيوسين. ڳاڙهي واريءَ ئي واري هئي. واريءَ جا جزا اهڙا ته سنهان هئا جو هٿ ۾ پيا کڻجن ته ڄڻ معلوم ئي نه ٿي ٿيا. هوا جي زور تي واريءَ جون ڏنگيون ڀٽون ٺهي پيون هيون. ڀٽون اوڀر کان اولهه پئي ويون ۽ ڏهن کان ويهن فوٽن تائين اونچيون هيون. هوا اتر- اولهه کان لڳندي آهي. اڪثر ڪري ڀٽون هوا جي مخالف طرف کان سڌيون اڀيون هيون ۽ پريان تازين سرن جي ڀتين ٿي ٿئي ۽ سندس سلامي وڃيو ٻي ڀٽ سان ملي. وري ٻي ڀٽ ساڳئي نموني ۾ سڌي اڀري ٿي، ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ٿورو رستي وانگر مفاصلو ٿئي ٿو. مان جيتريقدر ممڪن هو ته ڀٽن جي وچان پئي هليس. پر جڏهن ڀٽون ٽپڻيون ٿي پيون، تڏهن اُٺن کي سخت تڪليف ۽ ٿڪ پئي ٿيو، خاص ڪري جڏهن ڀٽن تي هوا جي مخالف طرف کان چڙهڻو ٿي پيو. بعضي بعضي ته اسان ڀٽن تان نه به وئي ٽپي سگهياسين ۽ ڦري ٻيو رستو وٺڻو پئي ويو. سلاميءَ واري پاسي کان اٺ سولائيءَ سان چڙهي سگهندا آهن. اُٺن جا پير موڪرا ٿيندا آهن. تنهنڪري هو اسان وانگر واريءَ ۾ پورجي ڪونه ٿي ويا. جي انهن جي بار ڪري ڀٽ جي چوٽي ويهجي ٿي وئي ته هو به چالاڪيءَ سان جهڪي ٿي پيا ۽ آهستي آهستي واريءَ سان گڏ هيٺ گسڪندا ٿي آيا. واري خوشقسمتيءَ سان ڄميل نه هئي، جنهنڪري پهرين اُٺ جي ترڪڻ ڪري ٻين اُٺن جي چڙهڻ لاءِ رستو ٺهي ٿي پيو. اڄ سفر جي پوين ڏهن ميلن ۾ ڪابه ساوڪ ڪانه هئي. فقط ڪٿي ڪٿي ڪي تاعو[20] جا ننڍا وڻ ۽ هڪڙو ڳاڙهن گلن سان تيز خوشبوءَ وارو وڻ جنهن کي بلوچڪيءَ ۾ سرڪوه[21] چوندا آهن هئا منهنجو سونهون هڪ جبلن جي قطار جا ڪٿي ڪٿي پريان ڏکڻ طرف نظر پئي آئي جي آڌار تي پئي هليو. مان جيستائين اوندهه نه ٿي تيستائين نه بيٺس، ڇاڪاڻ ته منهنجو خيال هو ته ريگستان مان جيترو ٿي سگهي اوترو جلد نڪري وڃڻ گهرجي. اسان رات هڪ واريءَ جي ڊپ جي اوٽ ۾ گذاري، جتي سخت گرمي ۽ حبس هئي.

1- اپريل: مان اڄ ڳالهه جهڙي ريگستان مان ويهه ميل پنڌ ڪيو، اهي ئي مشڪلاتون درپيش آيون. پر اسان خواهه اسان جي اٺن کي جا واريءَ جي اڏامندڙ ذرن تڪليفن ڏني، تنهن جي مقابلي ۾ اهي مشڪلاتون تڇ به نه هيون. انهيءَ لقاء جو سبب ڪونه ڳولهي لڌو آهي. مان جڏهين اهو پهريون ڏٺو ته ان وقت ڏهه لڳا هئا. ريگستان اٽڪل اڌ ميل پرتي ڀٽن جي چوٽيءَ کان اٽڪل ڇهه يا ٻارهن انچ مٿي سڌو پوٺي وانگر نظر پئي آيو. اسان جيئن ويجها پوندا وياسين، تيئن اهو ڌنڌ پوئتي هٽندو ويو. هڪ- ٻه دفعو ڌنڌ اسان کي ويڙهي ويو ۽ افق ڄڻ ته سسي ننڍو ٿي ويو. اُداسائي ۽ هڪ قسم جي سستي دل تي طاري ٿي وئي، ساڳئي وقت خبر نه پئي ته اسان واريءَ جي نامعلوم ذرن سان ڍڪجي وياسين. واري اسان جي اکين، واتن ۽ ناسن ۾ گهر ڪري وئي ۽ خارش ٿيڻ ۽ اڃ لڳڻ شروع ٿي. صبح جي گرميءَ ويتر وات سڪائي ڇڏيو منهنجو بروهي سونهون جو هڪ اڻسڌريل وحشي هو، پر اسان سڀني کان مڪاني ڳالهين جي وڌيڪ خبر هيس، تنهن چيو ته منهنجو ۽ منهنجن هموطنين جو خيال آهي ته اهو لقاءُ هن ڪري ٿيندي آهي جو ريگستان جي دز سج جي ڪرڻن جي ڪري مٿي هوا ۾ اڏامي ترندي اهي. منهنجو آزمودو به ائين ٿو چئي ته اهو سبب گهڻي قدر صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته اهو واريءَ جو سمنڊ فقط شديد گرميءَ جي وقت[22] نظر ايندو آهي. شايد ائين سمجهڻ ۾ اچي ته هي مايا آهي. مان هي لقاءُ سراب جنهن کي فرانسيسي سياح رُڃ چوندا آهن ۽ جا ريگستان ۾ عام نظر ايندي آهي، ٻئي ساڳئي وقت مختلف طرفن ۾ ڏٺيون آهن ۽ هو ٻئي هڪٻئي کان بلڪل مختلف هوندا آهن. پهريون لقاءُ ڪَڪر وانگر ڌُنڌ جي صورت اختيار ڪندو آهي. پر رُڃ روشن هوندي آهي ۽ پاڻي جهڙي نظر ايندي آهي. مون کي پوءِ هڪ ڪابل جو فقير گڏيو جنهن منهنجي تصديق ڪئي. هو سيستان کان ريگستان کان آيو هو. هن چيو ته مان به متحرڪ واري ڏٺي آهي، ۽ اها جيڪا تون ڳالهه ڪرين ٿو تنهن کان به زياده گهاٽي هئي. مون کي دز جو ڪَڪر ويرهي ويو، ايتريقدر جو مون کي ڪجهه وقت ويهڻو پيو هو.

خير مان هاڻي وري پنهنجو روزنامچو شروع ڪيان ٿو. اسان اڳينءَ منزل کان سورهن ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ بودور[23] نالي هڪ سُڪي نديءَ جي اوڀاري ڪپ تي پهتاسين، اها گهٽ ۾ گهٽ پنج سؤ گز ويڪري هئي ۽ ڏکڻ- اوڀر وٺي سمنڊ جي طرف پئي وڃي. ان جو پيٽ ڪيترن هنڌ مختلف قسمن جي وڻن ۽ گهاٽي جهنگ سان ڀريل هو، جنهن ۾ بگهڙ، گدڙ ۽ ٻيا جهنگلي جانور هئا. اسان ساڄي ڦِري، پنج ميل اُتر- اولهه وڃي هڪ نديءَ وٽ پهتاسين، جتي ٿورا مهينا اڳ ريگڻ[24] نالي هڪ ڳوٺ هو. ڪهڙو نه موزون نالو آهي، ڳوٺ جا ماڻهو ڏڪر سبب گرمسيل لڏي ويا هئا. گرم سيل جو علائقو ڳوٺ جي اُتر- اولهه طرف آهي. اسان نديءَ جي اولاهين ڪپ تي ترسياسين ۽ گهڻيءَ تڪليف کان پوءِ پيٽ کوٽي ٻه مشڪون پڻيءَ جون ڀري ڪڍيونسين. منهنجي خيال ۾ ڪالهه جو اسان کُهي کان ريگڻ رستو وٺي آيا هئاسين، سو قريباً اولهه طرف هو، پر اسان جي سونهين کي ڊپ هو ته رستو ڀلجي نه وڃون. تنهنڪري هو ڏکڻ جو طرف ڏيئي پئي هليو، جتان بعضي بعضي جبل نظر پئي آيا.

2- اپريل: مان ريگڻ مان پرڀات وقت نڪتس. ايڪيهه ميل پنڌ ڪيوسين. شام جو ٽين بجي لهي پياسين. ريگستان ايترو وارياسو نه هو. ڪٿي ڪٿي سخت ڪارو ڪار هو. وڻڪار بلڪل ڪانه هئي. هڪ ڪانڊيرو به نظر نه پئي آيو. منهنجي سفر جي آخر ۾ مون کي اڳيان صاف ڏکڻ- اولهه کان اُتر- اولهه چوڌاري هڪ اونچن جبلن جي قطار نظر پئي آئي. اسان جڏهن اُٺن تان لٿاسين، تڏهن منهنجي سونهين جبلن ۾ هڪ خال ڏيکاريو، جنهن مان اسان کي لنگهي هن ويران ملڪ مان پار وڃڻو هو.

شام جو سخت طوفان سان گڏ برسات آئي، جا اڌ ڪلاڪ سانده پوندي رهي. برسات جيئن پيئي ٿي، تيئن زمين پاڻي چهندي ٿي وئي. برسات اوچتي آئي هئي. مون کي جيڪڏهن سونهون نه ٻڌائي ها ته مينهن زور سان پوندو ته اسان کي جيڪر ڏاڍي تڪليف ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته اهڙي سخت برسات شروع ٿيڻ کان اڳ آسمان صاف هو. فقط اتر- اولهه طرف ڪا هڪ- ٻه ڪڪري هئي، اسان کي فقط چتاءُ اهو مليو جو هوا ۾ مونجهه ۽ حبس ٿي ويئي ۽ چوڌاري انيڪ واچوڙا لڳڻ شروع ٿيا. پوءِ واچوڙا ڄڻ ته جادوءِ جي زور تي اوچتو بند ٿي ويا ۽ پريان آنڌي نظر آئي. بلوچ هڪدم چيو ته اُٺن تان لهي پئو. اسان اڃا لهي اُٺن جي اوٽ ۾ مس ويٺاسين ته طوفان اچي زور سان مٿان ڪڙڪيو، وڏڦڙو مينهن شروع ٿي ويو. ايڏا ڦڙا مون ڪٿي پوندي ڪونه ڏٺا آهن. اوندهه انڌوڪار ٿي ويو، پنجن قدمن جي مفاصلي تي ڪجهه نظر نه پئي آيو، مراد پنج قدم منهنجي اڳيان ويٺو هو. طوفان جي لڳندي مون منهن مٿي ڪيو ته مراد مون کي نظر ڪونه آيو، مون سمجهيو ته هو سري ڪٿي ٻئي هنڌ ويٺو آهي. پر برسات پوري ٿي ته ڏٺم ته هو اتي ئي ويٺو هو اهڙي قسم جا طوفان هتي عام لڳندا آهن. لڳڻ وقت خراب معلوم ٿيندا آهن، پر انهن مان فائدا به آهن هو هوا کي ٿڌو ۽ صاف ڪن ٿا. نه ته هوا برداشت ڪرڻ جهڙي نه هوندي آهي. برسات هوندي به گرم موسم ۾ جون کان سيپٽمبر تائين سخت تڪليف هوندي آهي.


[1] . ذات جو نالو.

[2] . اسان کي سڀڪو ڀاءُ سمجهندو هو.

[3] . شاستري ناگري اکرن جو هڪ قسم آهي. شاستري انڪري سڏبي آهي، جو ان ۾ ڪي شاستر لکيل آهي.

[4] . سنڌ جي گادي.

[5] . سانواري ڪمپنيءَ جو عملدار، نڪولس هئڪي سمٿ. ڏسو فصل 8، ڀاڱو 2.

[6] . تيلنگي تيلنگانا ۽ اترين علائقن ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

[7] . ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ انڪار ظاهر ڪرڻ جو عام اشارو.

[8] . فردوسيءَ جي مشهور نظم، شاهنامي جو هيرو.

[9] . لئي.

[10] . انگريزي نالو.

[11] . انگريزي نالو.

[12] . انگريزي نالو.

[13] . تاعو ۽ لئي ڪاٺيءَ جو هڪ قسم آهي. جنهن جو ڪو نباتي قسم مون ڪونه ڏٺو آهي. مون اهو وڻ بلوچستان کان ٻاهر ڪٿي ڪونه ڏٺو آهي. اهو لئيءَ جهڙو آهي پر ڇوڏا ۽ پن ڦڪي رنگ جا هوندا اٿس ۽ مٿان هڪ قسم جو ٻورو لڳل هوندو اٿن.

[14] . گبر، زردشت جي امت کي چوندا آهن.

[15] . انهن ماڻهن جو جديد نالو پارسي آهي. هو ايرانين کان، جي مسلمان آهن، مختلف آهن.

[16] . باهه جي پوڄا جو مندر- گبر، باهه کي خدا جو ظهور ڪري پوڄيندا آهن. هندستان ۾ ڪيترا اُتشڪده آهن. ايران جي شهر يزد، جنهن کي دارالعبادت جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. تنن ۾ گبرن کي پنهنجن آتشڪدن رکڻ جي اجازت آهي. هنن جو چوڻ آهي ته ان جي مقدس اگني زردشت جيزماني کان وٺي هلندي آئي آهي. انهيءَ رعايت جو سبب ايران سرڪار جي طمع آهي ۽ نه فراخدلي. سرڪار کانئن پنجويهه رپيا ماڻهو تي اخراج وٺندي آهي.

[17] .اهي ٻوڏيون عام ۽ خطرناڪ هونديون آهن. مون ڏٺو آهي ته هڪ معمولي ڪسي ڏهن منٽن ۾ خوفناڪ نين جي صورت اختيار ڪندي ۽ ملڪ کي ٻوڙان ٻوڙ ڪندي آهي.

[18] . چم جون پخالون.

[19] . 29- تاريخ جو روزنامچو ڏسو.

[20] . ڏسو 27 صفحو- تاريخ جو روزنامچو حاشي.

[21] . لفظي معنيٰ جبل جي چوٽي. مون کان ان جو انگريزي نالو يا ڪيفيت ڪانه ٿي سگهي آهي.

[22] . انهيءَ متحرڪ واريءَ لاءِ سولي ۾ سولو جو مون کي خيال ۾ اچي ٿو سو هي آهي، جيتوڻيڪ خاطري سان نٿو چئي سگهجي ته اهو صحيح آهي يا نه ريگستان ۾ سخت واچوڙا لڳندا آهن. اهو واچوڙو جڏهن لڳي پورو ٿيندو آهي، تڏهن هوا جي هڪ جهوٽي جي صورت اختيار ڪندو اهي. هوا ڪيتري ايراضيءَ ۾  پکڙجي ويندي آهي ۽ ڏاڍي زور سان لڳندي آهي ۽ شام جو گهڻي واري اٿاريندي آهي. پوءِ هوا جو جهوٽو جڏهن بند ٿي ويندو آهي، تڏهن اها واري، جا اٿاري هئائين سا ڪِرڻ شروع ڪندي آهي ۽ اهو لقاءُ نظر ايندو آهي. ڪو شايد پڇي ته واري جڏهن ڪِرندي آهي ته پوءِ سموري ڇو نه اچي ڀٽن تي پوندي آهي. ان جو جواب آهي ته واريءَ جا ٿلها جزا ڪِري پوندي اهن پر سنهي دز کي سج جا تيز ڪِرڻا اهرو هلڪو ڪري ڇڏيندا آهن جو اهي ڄڻ ته هوا ۾ پيا لڏندا رهندا ۽ ڳڻتيون کائيندا آهن، تان جو گرمي گهٽ ٿيندي آهي ۽ دز پنهنجو ميزان وڃي وٺندي آهي ۽ طبعي قانون مطابق زمين تي ڪِري پوندي آهي. ڏسڻ ۾ ايندو ته هي سبب مڪاني بروهين واري ڏنل سبب سان ڪجهه قدر ٺهڪي اچي ٿو. پر جي ائين هجي ته پوءِ جڏهن سج جي تابش تيز ٿئي، تڏهن اها دز نظر اچڻ کپي. پر ائين نه آهي، تنهنڪري ڪو ٻيو بنيادي سبب ڳولهي لهڻ کپي.

[23] . مان بودور نديءَ ۽ ان جي فرضي منهن تي هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ بحث ڪيو آهي.

[24] . واري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: