فصل (15)
29- اپريل:
اسان اڄ صبح جو پهين بجي کان اڳ سوازر ٿياسين. سڄي
ڏينهن ۾ اولهه- اتر جي ڏس ۾ چوئيتاليهه ميل پنڌ
ڪيوسين. پونين اٺاويهه ميلن ۾ پاڻي ڪونه آهي. اهي
هڪ ويران ۽ غيرآباد پٽ لڳا پيا آهن، باقي رستو
سمورو سٺو هو. بم کان اٽڪل اٺن ميلن تي هڪ سراءِ
آهي جنهن ۾ هڪ تمام اونهو کوهه آهي ان جو پاڻي
اهڙو ته مٺو آهي جو مون اهڙو پاڻي ڪڏهن نه پيتو
آهي. اڌ رات جو مان سفرستان جي نالي هڪڙي ننڍڙي
ڳوٺ ڀرسان هڪ ننڍين ٽڪرين جي قطار جي وچ ۾ ترسيس.
اتان تهروت جو شهر اٺ ميل اتر- اولهه طرف هو.
30- اپريل:
اڄ منهنجي رستي جا پهريان ٻارهن ميل اولهه طرف
هاڙهي پوٺي تان هلڻ هو. تنهن کان پوءِ مان اشڪو
نالي هڪ نديءَ جي پيٽ ۾ داخل ٿيس جو تقريباً سڪل
هو. رستو ان مان ڇهه ميل سير جي سڌي لڳولڳ هو.
پوءِ اسان ندي ٽپي ڏهه ميل وڌيڪ پٽ تان هلياسين ان
۾ هڪ کاري پاڻيءَ جي دُٻي جي لڳ منزل ڪئيسون، اشڪو
ندي، جا تهروت کان لنگهي بم جي اتر- اولهه جبلن
پٺيان ريگستان ۾ گم ٿي وڃي ٿي. تنهن جو پيٽ ڪن هنڌ
ميل کان به ويڪرو آهي ۽ ٻين هنڌ ڏيڍ يا ٻه سئو گز
مس ٿيندو. ان جا ڪپر سڌا ۽ اونچا آهن. ساري نديءَ
جي ڪپرن تي ڪنهن ڪنهن هنڌ وڻَ ۽ جهنگ هو. پر ڪن
محنتي ڪڙمين وڏا وڏا زمين جا ٽُڪر صاف ڪري انهن ۾
ڪڻڪ، ڪمند، تماڪ، ڪپهه وغيره جون ڀليون آباديون
ڪيون هيون. رڀئون جو ننڍڙو ڳوٺ جو هڪ اونچن جبلن
جي قطار لڳ آهي، هن جاءِ کان ٻاويهه ميل اولهه-
ڏکڻ ڏي آهي.
1- مئي:
هنن چوويهن ڪلاڪن ۾ مون اوڻٽيهه ميل هڪ ويران ۽
غيرآباد پٽ مان پنڌ ڪيو. رستو اتر- اولهه ۽ اتر-
اوڀر طرف ڏي ٿي ويو. سموري رستي ۾ پاڻي فقط سورهين
ميل تي هڪ ٽڪريءَ جي پاسي ۾ هڪ ننڍي چشمي ۾ هو.
رستي جي ٻنهي پاسن اکن اسان جي ويجهو پهاڙ هئا،
رستو پٿرائتو ۽ خراب هو.
2- مئي:
مان صبح جو پنجين بجي کان وٺي رات جو نائين بجي
تائين يڪي سواري ڪئي. پر منجهند بعد اهڙو خراب
رستو آيو جو ايران ۾ مون ٻيو اهڙو رستو ڪونه ڏٺو
هو. تنهن کان سواءِ منهنجا اُٺ به ٿڪجي ۽ ضعيف ٿي
ويا هئا: تنهنڪري اسان تقريباً سمورو مفاصلو پنڌ
ڪيوسين ۽ مان نٿو سمجهان ته اسان ٽيهن ميلن کان
وڌيڪ پنڌ ڪيو هوندوسين. جي منهنجن ماڻهن جي شذڪايت
۽ منهنجن سڄيل پيرن مان اندازو لڳائجي ته مان جيڪر
چوان ته ان کان ٻيڻو پنڌ هو. ڇهويهين ميل تي اسان
ماهون جي شهر مان لنگهياسين، جو ڪرمان کان چوويهه
ميل اوڀر- ڏکڻ آهي. اهو هڪ سهڻو ننڍڙو ڳوٺ آهي.
چوڌاري پناهه دار باغ اٿس، جن ۾ هر قسم جي ميون جا
درخت آهن. شهزادو ابراهيم خان، جو ڪرمان جي صوبي ۽
شهر جو والي آهي، تنهن جو هت هڪڙو شڪار جو مڪان
آهي، جو پري کان هڪ چڱي خاصي عمارت نظر ٿي آئي.
تنهن کان سواءِ ڪرمان جي سرڪار جا گهوڙا ۽ خچر به
جڏهن سرڪاري ڪم ۾ نه ايندا آهن، تڏهن اتي رکيا
ويندا آهن. اتي طنبيلن کان سواءِ عملي جي ماڻهن
لاءِ پنج- ڇهه تمام وڏيون سرايون ٺهيل آهن. انڪري
اتي گهڻا ٻاهريان ماڻهو ايندا آهن ۽ واپار ججهو
هوندو آهي. ماهون جي پسگردائي تمام آباد ۽ ظاهراً
آسودي آهي. مون هتي پهريون دفعو زامين هيٺان پاڻي
کڻي وڃڻ جو طريقو ڏٺو، جنهن جو ايشيا جي مختلف
ملڪن ۾ رواج آهي ۽ جنهن کي ايراني ڪاريز چوندا
آهن. سئو يا ڏيڍ سئو قدمن تي ٽيهن کان نوي فوٽن
تائين اونهيون ۽ ڇهه فوٽ ويڪريون کڏون کوٽي انهن
کي پوءِ زمين ۾ اندر ڪسين سان گڏي ملائي ڇڏيندا
آهن. انهيءَ طريقي سان پاڻي بخارن سجي رستي زيان
ڪونه ٿيندو آهي. اڪثر کڏهن يا نالين ۾ چشما هوندا
آهن، جنهنڪري پاڻيءَ جو انداز اصل سرچشمي کان
وهڪرو ڪرڻ ۾ گهٽبو ته ناهي پر الٽو وڌندو آهي.
چشمو اڪثر ڪنهن ٽڪريءَ جي تري ۾ هوندو آهي، جتي
گهڻا چشما يا نهرون هونديون آهن. مان اهڙيءَ طرح
آباديءَ لاءِ پاڻي ٽيهن- چاليهن ميلن تائين ويندو
ڏٺو آهي. جي ڪو کوهه ڪري پوندو آهي ته هڪ طرف کان
ٿورو پرڀرو کڏ کوٽي نالي مان لنگهائي ان کي ٻيءَ
کڏ سان هيٺان ڳنڍي ڇڏيندا آهن. ظاهر آهي ته ڪاريزن
کوٽڻ ۾ سخت محنت ۽ تڪليف ٿيندي هوندي پر ان کان
سواءِ جيڪر ايران جا ڪيترا وڏا صوبا غيرآباد رهن ۽
سڀئي ضلعا ويران ٿي وڃن.
3- مون اڄ صبح جو ٻين بجي پنهنجي منزل پٽي، پنهنجي
سلامتيءَ لاءِ مالڪ جو شڪرانو ادا ڪيو. منهنجي
منهنجي دل بهجار بهار هئي ته سفر جو ڏکيو حصو ختم
ٿيو هو. انهن امنگن سان هڪ آباد پٽ مان جنهن ۾ ڪٿي
ڪٿي ڳوٺ ۽ باغيچا هئا، ويهه ميل پنڌ ڪري ڪرمان جي
شهر ۾ پهتس. منهنجو سونهون اسان کي بازارن مان
لنگهائي هڪ ڪاروان سراءِ ۾ وٺي هليو، جتي مون کي
هڪدم هڪ ڪمرو ڏنو ويو. ٿوري وقت ۾ ڪمري ۾ در تي
مون کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. جن مون
کي واهيات ۽ اجاين سوالن سان تنگ ڪيو، پر مون کين
انهن جا موزون جواب ڏنا، پوءِ مون ڪڻڪ جي مانين
خريد ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. مون بازار ۾ دڪانن تي
وڪري لاءِ رکيل ماني ڏٺي هئي، مگر ان کان اڳ ڪيترا
دفعا خاطري ڪيم ته اها شيءِ جا مون ڏٺي هئي، سا سچ
پچ ڪڻڪ جي ماني هئي! جا منهنجي لاءِ هڪ نادر شيءِ
هئي. حقيقت هيءَ هئي ته مان بک ڪاٽڻ تي اهڙو هِري
ويو هوس جو ڪيترا دفعا خاطري ملڻ کان پوءِ به مون
کي پڪ نه هئي ته ڪڻڪ جي ماني ڪيترن شهرن ۾ خاص ڪري
نرمنشير ۾ ملندي، پر هر موقعي تي نراس ٿيڻو ٿي
پيم، جو هاڻي مون کي شڪ هو ته ڪا ڪرمان جي شهر ۾
اها ماني ملي سگهنديم.
ناشتي کائڻ کان پوءِ مون لطف علي خان جي ماڻهوءَ
کي موڪليو ته محل ۾ وڃي حاڪم کي منهنجي اچڻ جو
اطلاع ڪر ۽ کانئس منهنجي پاران ڪرمان ۾ ٿورن ڏينهن
رهڻ جي اجازت وٺي اچ. انهيءَ نياپي جو مون کي
نهايت پُر تڪلف ايراني طرز جو جواب مليو: ته هيءُ
شهر ۽ ان جي هر ڪا شيءِ تنهنجي ملڪيت آهي؛ ٻيو
حاڪم چوائي موڪليو ته تون سفر ڪيڻ کان پوءِ شايد
ٿڪل هوندين تنهنڪري مان توسان سڀاڻي ملاقات ڪندس.
مون کي ساڻس ايتروس جلد ملڻ جو ارادو ڪونه هو، جو
مون وٽ ڪپڙا بلڪل ڪونه هئا. پر هڪڙو هندو چڱو مڙس
جو ڪاروان سراءِ ۾ منهنجي سامهون رهيل هو، تنهن
مون کي ان موقعي لاءِ ڪپڙن ڏيڻ جو وعدو ڪيو،
تنهنڪري مون ڪو عذر ڪو نه واريو. انهيءَ هندوءَ جي
ٿوري ڪرڻ جي خبر سڀني کي پئجي ويئي ۽ انهيءَ جو
نتيجو اهو نڪتو جو ڪرمان ۾ مون کي جيتري عزت ملڻ
کپندي هئي، تنهن ۾ تفرقو پئجي ويو.
رات ٿي ته مون کي ملاقاتين کان ڪجهه فرصت ملي.
هڪڙي دڪان تان نهايت لذيذ پلاءُ ٺهيل گهرائي کائي
لت کوڙي سمهي پيس. ٽن مهينن ۾ مون اهڙي آرام واري
ننڊ اڳ نه ڪئي هئي.
4- مئي:
مان اڄ برگيڊيئر جنرل مالڪوم کي شيراز ۾ هڪ قاصد
رستي احوال موڪليو ته مان ڪرمان ۾ سلامتيءَ سان
پهچي ويو آهيان. مان محمد نبي خان ڏانهن جو ان وقت
فارس جي صوبي جو حاڪم هو ۽ ٿورو وقت اڳ هند سرڪار
وٽ سفير به هو، فارسيءَ ۾ هڪ خط لکرايم، جنهن ۾
کيس عرض ڪيل هو ته جي جنرل مالڪوم شيراز ۾ نه هجي
ته منهنجو خط کيس، سهو جتي هجي اتي موڪليو وڃي ۽
حضور شهزادي کي اطلاع ڪري ته مان اميد ته ٽن هفتن
۾ شيراز پهچي ويندس.
مون کي ڏهين بجي ڪنهن شخص اچي اطلاع ڪيو ته شهزادو
درٻار ۾ آهي، جتي مون کي ملاقات جو شرف بخشيو
ويندو. مان ٺاٺ سان اُڌارا ڪپڙا پهري قاصد سان
روايو ٿيس. ڪيتريون گهٽيون لنگهي محل ۾ پهتس. اڃا
ٽي- چار صحن لنگهياسين ته عرض بيگي گڏيو. مون کان
نالو پڇي وڃي شهزادي کي ٻڌايائين، جنهن مون کي
گهرايو. عرض بيگيءَ مون کي چيو ته مون ڏي نهار ۽
جيئن مان ڪيان تون به تيئن ڪر. شهزادو هڪ دريءَ ۾
ويٺو هو، جا زمين کان ڏهه فوٽ مٿي هئي ۽ پٺيان هڪ
صحن هوس، جنهن ۾ پاڻيءَ جو ڦوهارو پئي وهيو. جڏهن
اسان شهزادي جي سامهون ٿياسون تڏهن اسان جهڪي سلام
ڪيو. پوءِ ٻه- چار قدم وڌي وري ٻيو سلام ڪيوسين ۽
اهڙيءَ طرح ٽيون به. شهزادي سلامن جو جواب ڪنڌ جي
اشاري سان ڏنو. مون سمجهيو هو ته مون کي سڏي درٻار
۾ اندر ويهداريندا، پر منهنجي پوشاڪ اول درجي جي
نه هئي، تنهنڪري مان ڀانيان ٿو ته مان انهيءَ شان
جي لائق نه سمجهيو ويس، انڪري مون کي شهزادي جي
سامهون اڱڻ ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن جي ڀتين
سان سڀ سرڪاري عملدار ٻانهون ٻڌيو بيٺا هئا، عرض
بيگيءَ مون کي ڪَنَ ۾ چيو ته تون به ائين ڪر پر
مون کي معلوم هو ته ايران ۾ رواج آهي ته نوڪر مالڪ
اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهندا آهن، تنهنڪري اهو رواج
مون سان لاڳو نه هو مون ان جي پيروي ڪرڻ کان انڪار
ڪيو. جڏهن مان شهزادي جي سامهون اچي بيٺس، تڏهن
وڏي سَڏ مون کان پڇيائين ته تون ڪٿي هئين؟ سفر ڇا
لاءِ ڪيو اٿئي ۽ رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان ڪيئن بچيو
آهين؟
محل ۾ وڃڻ کان اڳ مون هڪ ڳالهه اڳيئي ٺاهي رکي هئي
ته: مون کي هڪ ٻئي عملدار سان هندستاني فوج واسطي
گهوڙن پسند ڪرڻ لاءِ قلات موڪليو ويو هو، جتان حڪم
ٿيو ته سمنڊ رستي وڃي ايران ۾ جنرل مالڪوم سان
گڏجان، پوءِ ساحل تائين پهچي جهاز ۾ چڙهڻ جي موسم
تبديل ٿي ويئي هئي، تنهنڪري مان خشڪيءَ رستي
بلوچستان اچڻ پسند ڪيو هو. اها ڳالهه اهڙي وسهڻ
جوڳي هئي جو شهزادي کي اعتبار ۾ آئي- اڌ ڪلاڪ کان
پوءِ مون کي ساڳئي دستور سان رخصت ڏني ويئي.
محل ۾ ڪافي شان شوڪت ۽ اڍمبر هو. اتي ڪيترائي خوش
پوشاڪ ماڻهو خدمت لاءِ حاضر هئا. جنهن ڪمري ۾
شهزادو ويٺو هو سو ننڍو هو ۽ اهڙو سينگاريل به نه
هو جيئن ڪي ٻيا خانگي گهرن جا ڪمرا، جي پوءِ مون
ڏٺا هئا. پر شاهي ڪمرا نهايت شاندار هئا. شهزادو
پاڻ سهڻو جوان آهي، هن جو رنگ زيتون جي رنگ جهڙو
آهي ۽ ڏاڙهي ننڍي ۽ ڪاري اٿس. هن کي بدن تي هڪ
سادي ولائتي ڇيٽ جي قبا ۽ مٿي تي بخاري دنبي جي
کَل جي ڪاري ٽوپي پيل هئي. هن جي بادشاهه سان ٽن
قسمن جي عزازت آهي. هو هن جو ڄاٽو، ڀائٽيو ۽
ماٽيلو پُٽ ٿئي. خانگي حياتيءَ ۾ هو هڪ رحمدل ۽
مهربان ماڻهو سمجهيو ويندو آهي ۽ گورنر جي حيثيت ۾
انصاف پسند ۽ عادل ممڪن آهي ته هو سڄي ايران ۾ هڪ
عادل ۽ رحمدل حاڪم هجي. پر ماڻهن ڪيتريون ڳالهيون
ٿي ڪيون جن مان سندس اهي ٻيئي خوبيون ثابت نٿي
ٿيون. هن جي سختي عذر جوڳي آهي. ڪرمان جو شهر ۽
صوبو ماڻهن جي زيادتين کان ساري ايران ۾ مشهور آهي
۽ هن کي شاهي حڪم مليل آهي ته اهي زيادتيون بند
ڪري.
مان هن شهر ۾ پنجويهين مئي شام تائين انهيءَ اُميد
تي رهيس ته ڪئپٽن ڪرسٽي هرات کان اچي مون سان
گڏيو. پر منهنجي لنبي قيام ۾، جي واقعا ٿيا، سي
ايترا نه لُڀائيندڙ آهن ۽ نه اهڙا عجيب غريب آهن،
جو مان پنهنجو روزنامچو وري شروع ڪيان. تنهڪري مان
فقط انهن واقعن جو مختصر بيان ڏيندس، جي دلچسپ ۽
وندرائڻ جهڙا هوندا. هن کان پوءِ مان صوبي جو
مختصر احوال ڏيندس.
جنهن ڏينهن مان شهزادي جي محل ڏانهن ويو هوس، ان
جي ٻئي ڏينهن مان وزير جي ملاقات لاءِ ويس. هو مون
سان ڏاڍي خوش خلقيءَ سان پيش آيو ۽ مون کي پاڻ سان
ساڳئي نمدي تي ويهاريائين، جنهن تي هو پاڻ ويٺو
هو. هن جي مهربانيءَ جو سبب مون کي تڏهن معلوم ٿيو
جڏهن خبر پيم ته هن ٻڌو هو ته مان اڳئين ڏينهن
محمد نبي خان ڏي خط لکيو هو. جنهن ماڻهوءَ کان مون
اهو خط لکايو هو، تنهن مون کي منهنجي کُٿل پوشاڪ
مان گهٽ درجي جو ماڻهو سمجهي- اهو هڪ عريضيءَ يا
درخواست جي صورت ۾ لکيو هو. خط لکي جڏهن مون کي
پڙهي ٻڌايائين تڏهن مون کي پسند نه آيو. چياين ته
ڀلا تون ٻڌاءِ ته تنهنجو جنرل مالڪوم سان ڪهڙي قسم
جو رشتو آهي؟ مون سمجهيو ته منهنجي لاءِ چڱو ٿيندو
ته مان پاڻ کي هن جو عزيز سڏايان. چيومانس ته مان
سندس ڀائٽيو آهيان. اها خبر جلد وڃي وزير جي ڪن تي
پيئي. هن جي تلطف جو اهوئي سبب هو. آءُ هن سان
تقريباً ڪلاڪ کن ڳالهيون ڪندو رهيس. موڪلائڻ وقت
مون کي ٻيءَ رات لاءِ دعوت ڏنائين، جا مون قبول
ڪئي. ايران جون سڀ دعوتون هڪجهڙيون هونديون آهن.
تنهنڪري مان هن دعوت جو تفصيلوار احوال ڏيندس،
جنهن مان پڙهندڙن کي هن طرف جي گهرو رسمن جي خبر
پوندي.
مان جڏهن پهريائين هن جي گهر اٽڪل ستين بجي شام جو
ويس ته ڪلياڻ (حقو) کڻي آيا. ڪلياڻ ٻن قسمن جا
هوندا آهن: هڪڙا ڪرني يا نانگ ۽ ٻيا دستُو يعني هٿ
جا. پهرين قسم جا ڪلياڻ کي هڪ سوگهو هندستان جي
حقن وانگر؛ ڊگهو چمڙي جو ملايم نانگ جهڙو نڙ هوندو
آهي. ٻيو جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي، هٿ ۾ جهلي
هڪ ننڍي سون يا چانديءَ جي سهڻي ميناڪاريءَ واري
نڙ سان ڇڪبو آهي. اهي حقا ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان
پوءِ بدلائي منجهن تازو تماڪ ڀريو ويندو آهي.
تنهنڪري ماڻهو عام طور اهي هڪ ئي وقت ڏهن- ٻارنهن
دفعن کان وڌيڪ نه ڇڪيندا آهن. هٿن ڌوئڻ کان پوءِ
کائڻ پيئڻ شروع ٿيندو آهي. پهريائين مٺائي ۽ ٻن
قسمن جي ڪافي پيئڻ لاءِ ڏيندا آهن. هڪڙي مٺي ڪافي
هوندي آهي، جا شربت ۽ قسمين قسمين ميون جي رس مان
ٺهندي آهي. اها ۽ سچي ڪافي چيني جي ننڍين پيالين ۾
ڏيندا آهن. جنهن ۾ وڏي چمچي جيتري ڪافي پوندي آهي،
اهي پياليون وري سوني يا چانديءَ جي وڏين پيالين ۾
پيل هونديون آهن، تنهن کان پوءِ وري ساوا ۽ سُڪا
ميوا، مربا ۽ آچار ڏنائون. ان بعد شربت جي پيالن
جا خونچا ڦيرايائون، جن ۾ وڏا ڪافيءَ جا چمچا پيل
هئا، جنهن مان هي ڪنهن پنهنجي مرضيءَ مطابق ٿي
پيتو. پوءِ جماعت اڳيان زمين تي دسترخوان وڇائي ان
تي سنهيون وڏيون مانيون رکي ويا ۽ کاڌو آندو ويو:
قسمين قسمين جا پلاءُ، ٻوڙ ۽ ٻيا طعام خونچن ۾ آڻي
هڪ- هڪ اڳيان رکندا ويا. جڏهن اهڙيءَ طرح سڀڪجهه
رکجي ويو، تڏهن وزير بسم الله چئي کائڻ جو اشارو
ڪيو ۽ سڀ هڪدم جنبي ويا. نوڪر شربت پاڻي ڏيڻ لاءِ
ڪمري جي وچ ۾ بيٺا رهيا. ميزبان جي ڏاڍي مرضي هئي
ته مون کي شراب پياري، پر مون اها ڳالهه قبول نه
ڪئي. چيومانس ته مون ڪيترائي مهينا شراب چکيو به
ناهي ۽ مون کي توهان جا ٿڌا شربت وڌيڪ پسند آهن.
اسان کي ڪم از ڪم ٽن قسمن جو گوشت ڏنو ويو هو.
ايتريون ٿالهيون ڪڍڻ وري ٻيون رکڻ هڪ ٿڪائيندڙ ڪم
هو، تنهنڪري جڏهن گهر وڃڻ جو وقت آيو، تڏهن مان
ڏاڍو خوش ٿيس.
هي ماني جا ايرانين جو مکيه کاڌو آهي، سا هوبهو
اسان جي ڊنر سان ملي اچي ٿي. انهيءَ کاني کان پوءِ
ايراني، ٻئي ڏينهن ٻنپهرن تائين، جڏهن هنن جي
ناشتي جو قوت ٿيندو آهي ڪجهه ڪونه کائيندا آهن.
سواءِ ڪجهه تازي ميوي جي سو به سوير صبح جو. هنن
جي کاني ۾ ٻه- ٽي ڳالهيون تمام ڳالهيون تمام تڪليف
واريون هونديون آهن: هڪڙو ته جا شيءِ ويجهي هوندي
آهي تنهن مان کائڻو پوندو آهي، نه ته ڪنهن هڪ کي
سڀني جي وچ ۾ بيهي پسنديءَ جي شيءِ کڻي ڏيڻي
پوندي، ٻيو هڪ يورپي آدميءَ لاءِ پلٿي ماري کاني
جي سطح تي ويهي کاڌو کائڻ هميشه ڏکيو هوندو آهي؛
خود ايراني به پاڻ کي سکيو نه سمجهندا آهن. جي هٿن
سان ماني کائبي ته ضرور آهي ته ننڍا ٽوال به موجود
هجن پر مون ايرانين جي مجلس ۾ اهي ڪڏهن ڪونه ڏٺا.
وزير سان ملاقات کان ٻه- چار ڏينهن پوءِ مان
ڪاروان سراءِ جي پنهنجي ڪمري ۾ هڪ هندوءَ سان ويٺي
ڳالهايو ته هڪ هلڪي طبعيت جو ماڻهو جنهن کي نفيس
ريشمي ڪپڙا پيل هئا، سو حقي سميت ۽ نوڪر ساڻ هئس،
ٽلندو اندر آيو، منهن ۾ گهنڊ هجيس ته هيءُ ڇو نٿو
مون سان اٿي آڌرڀاءُ ڪري. هندوءَ کان پڇيائين ته
هيءُ ڇو نٿو مون سان گڏجي؟ هن مون ڏي اشارو ڪري
جواب ڏنس ته هيءُ خود فارسي سمجهي ۽ ڳالهائي ڄاڻي.
پوءِ ساڳيو سوال مون کان تمام لاپرواهيءَ ۽ حقارت
سان پڇيائين. مون چيس ته ڇا تون سمجهين ٿو ته آءُ
ڪرمان ۾ فقط ان لاءِ آيو آهيان ته جيڪو اڻ ڪوٺيو
ماڻهو مون وٽ اچي، آءُ اُٿي ان جو خير مقدم ڪريان؟
جوبا ڏنائين ته جڏهن اعليٰ عهدي جا ماڻهو اچن،
تڏهن توکي هنن جي تعظيم ڪرڻ جڳائي، جڏهن ڏٺائين ته
مان هن جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪونه چُريس،
تڏهن چيائين ته مون کي هڪ ڪافر فرنگي
کان اهري ئي اُميد رکڻ کپندي هئي. هن پوءِ- ڍائي
جي وڏائيءَ تي مون کي سخت غصو آيو. پڇا تي معلوم
ٿيو ته هو شهزادي جو پيش خدمت هو. خير، مان سور پي
ويس. پنهنجن بروهي نوڪرن مان هڪري کي حڪم ڪيم ته
هن وڏي ماڻهوءَ کي ٻاهريون در ڏيکاريو. اهو ٻڌي هو
چپ چپاتيءَ ۾ ڪک پنٿي ويو. انهيءَ ٽٽي جي خبر جلد
ئي ساري ڪاروان سراءِ ۾ پکڙجي ويئي. ان کان پوءِ
منهنجا ملاقاتي مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اُٿ
ويهه ۾ وڌيڪ احتياط کان ڪم وٺندا هئا؛ ۽ مون کي در
بند ڪري اونَ ۾ نه ويهڻو پوندو هو. ڇو ته مان
ماڻهن جي آزار کان در بند ڪري ويهندو هوس. مان
انهن ماڻهن سان ملڻ هميشه پسند ڪندو هوس جن جي
صحبت مان دل وندرندي يا معلومات حاصل ٿيندي هئي.
پر مون ڏٺو ته منهنجن ملاقاتين ۾ اهڙا ٿورا ماڻهو
هوندا هئا. اڪثر سست، جاهل ماڻهو بلڪه ملڪ جي ڪُت
خلق مون کي اچي تنگ ڪندي هئي. مون کي اهڙو واقعو
خاص طرح ياد ٿو اچي: هڪڙي ڏينهن مان شالن جو
ڪارخانو ڏسڻ ويس. موٽي اچان ته ڇا ڏسان جو منهنجي
ڪمري تي اٺ- نَو رڇن وارا لوطي (ڪهيري) پنهنجن رڇن
سميت قبضو ڪيو ويٺا آهن. کانئن جان ڇڏائڻ لاءِ مون
کي کين ڪافي ڳري رقم ڏيڻي پئي، انهيءَ شرط تي ته
هو وعدو ڪندا ته وري موٽي نه ايندا. تعجب جي ڳالهه
آهي ته هو پنهنجي وعدي تي وفادار رهيا. اهي لوطي
ايران جا مسخرا آهن ۽ غالباً هنن جهڙي خوش مزاج
قوم ملڪ ۾ ورلي هوندي. هنن کي جيڪي وڻي سو چوڻ ۽
ڪرڻ جو اختيار آهي. شاهي خاندان جي قريبن ۽ وڏن
سرڪاري عملدارن کي به مجال نه ٿيندي آهي جو هنن کي
تنگ ڪن.
مئي جي 15- تاريخ شهزادي ڪن ماڻهن تي مقدمو هلايو،
جن تي سندس هڪ خادم کي قتل ڪرڻ جي تهمت هئي.
انهيءَ ڪري اتي ماڻهن ۾ اهڙو هراس ۽ انتظار هو جو
ان جو اندازو لڳائڻ به مشڪل آهي. شهر جا دروازا
بند ڪيا ويا هئا، ڪنهن کي به ٻاهر وڃڻ جي اجازت
ڪانه هئي. سرڪاري عملدارن ڪو ڪاروبار ڪونه هلايو.
شاهد بنان اطلاع جي گهرايا ويا. مون ٻه- ٽي شاهد
ڏٺا، جن کي محل ڏي وٺيو ٿي ويا. بس، اهڙي حالت هين
جو ڄڻ سوريءَ تي چاڙهيائون. اٽڪل ٻين بجي ٻنپهرن
جو شهزادي نيٺ فتويٰ ڏني: زبانن ۾ سوراخ ۽ ڪي خصي
ڪرايا ويا، سندن هٿن پيرن جون آڱريون ڪپايون ويون.
پوءِ سڀني کي ڌڪا ڏيئي ڳلين ۾ اڇلايو ويو ۽ ماڻهن
کي چتايو ويو ته هنن کي ڪو سهارو نه ڏين ۽ نه هنن
سنا ڪو واهپو رکن.
اهڙن موقعن تي شهزادو پيلي رنگ جو لباس اوڍيندو
آهي ۽ ساڳئي رنگ جو ڪپڙو جنهن تي هو ويهندو آهي سو
غاليچن مٿان وڇايل هوندو آهي، تنهنڪري ان کي
غضبناڪ پوشاڪ چوندا آهن. جڏهن اها پوشاڪ پيل هوندي
اٿس تڏهن سندس وزيرن کي به ساڻس ڳالهائڻ جي اجازت
نه هوندي آهي. جيستائين کانئن ڪو سوال نه ڪيو وڃي.
پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته هو اهو سمورو وقت، جڏهن
مان محل ڏانهن ويو هوس، ته هو کڙڪيءَ مان انهن
ڪمبخت ڏوهين جي سزايابي ڏسندو رهيو ۽ حڪم ڏيندو
رهيو ۽ مٿن ذري ماتر به رحم نه ڏيکاريائين ۽ نه
وري ڪو هن جي دل کي لرزو آيو.
هڪ ڏينهن صبح جو هڪ ڪرڙ وڍ آدمي مون سان ملاقات
ڪرڻ آيو. هن سان گڏ هڪ نوڪر به هو. اچڻ سان هن
نوڪر کي رخصت ڏني. در بند ڪرڻ جي اجازت ورتائين.
چيائين ته ڪا مخفي ڳالهه ڪرڻي اٿم. مون کيس اجازت
ڏني، پوءِ ته هو عيسائي مذهب جي خوبين تي اچي
پلٽيو. آخر چيائين ته مون کي تنهنجي مذهجب اختيار
ڪرڻ جو بيحد شوق آهي، ديا ڪري مون کي ان جا مکيه
عقيدا ٻڌاءِ؟ مون کي ان عجيب غريب دعويٰ ۽ عرض تي
تعجب آيو. جيئن ته مون کي انهن ٻنهي ڳالهين جي
سچائيءَ تي شڪ پيدا ٿيو. مون کيس چيو ته هدايت جي
اصولن جي روشني وجهڻ منهنجي طاقت وغيره کان ٻاهر
آهي. نه مون کي اهڙي طاقت آهي نه اختياري، جو مان
توکي اهڙي تلقين ڪري سگهان، پر توکي انهن ڳالهين
جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪرڻو آهي ته تون هندستان وڃ،
جتي توکي گهڻا قابل ماڻهو ملندا جي توکي خوشيءَ
سان تعليم ڏيندا. جڏهن ڏٺائين ته انهيءَ معاملي ۾
دال نٿي ڳري، تڏهن چيائين ته ڪرمان ۾ ڇهه هزار
ماڻهو انگريز جي انتظار ۾ ويٺا آهن. ٻڌاءِ ته
توهان ڪڏهن ٿا اچو؟ فارسي زبان جي اصطلاح مطابق
اهي الفاظ انگريزن جي قوم سان به لاڳو ٿي پئي
سگهيا ۽ مون سان به. مون انهن کي پوئين معنيٰ ۾
وٺي جواب ڏنو. رنجيدگيءَ سان چيائين ته تون مون تي
اعتبار نٿو ڪرين، منهنجي ڳالهه نٿو سمجهين! مان
توهان جي مدد ڪندس. منهنجي پٺيان ڇهه هزار ماڻهو
آهن. آءٌ به هن کي غلط سمجهندو رهيس، ۽ ساڳئي وقت
چيومانس ته يورپي ماڻهن جو رواج آهي ته هو ڌارين
ماڻهن کي پنهنجو همراز نه ڪندا هن. هو جواب ڏيڻ تي
هو ته هڪ ٽيون ماڻهو اندر آيو ۽ جاسوس رمندو رهيو.
ساڳئي ڏينهن شام جو مون هڪ تمام عجب رسم ادا ٿيندي
ڏٺي. منهنجي هوندي ڪرمان ۾ ٻه- ٽي دفعا ٻيا به ان
رسم جو مظاهرو ٿيو. اٽڪل پنجين بجي شام جو هڪ شاهي
هجوم جنهن ۾ ڪم از ڪم چار- پنج هزار ماڻهو هئا
ڪاروان سراءِ جي حاطي ۾ ڪٺا ٿيا، هڪ ملان وچ ۾
ڏاڪلن جي مُنبر تي چڙهي ڪري بلند ۽ سريلي آواز ۾
محمد ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڄاٽي عليرضه
جي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو. آهستي آهستي سموري
جماعت جا لڙڪ وهڻ لڳا. ٻارن وانگر روڄ راڙو شروع
ٿي ويو، پهريائين مون سمجهيو ته هو ڏيک ٿا ڪن، پر
جلد معلوم ٿيو ته ائين ناهي. ملان وقت بوقت پڙهڻ
بند ڪري ڏهه منٽ ويهي ٿي رهيو ۽ سڏڪا پئي ڀريائين
۽ ڳوڙها هن جي ريش مبارڪ تي ٿي پيا. سامعين تي به
گهٽ اثر ڪونه هو! منهنجي دل کي به سڪون ڪونه هو،
منهنجي ماڻهن کي به ايرانين جيتروئي دک هو. هر عمر
جا ماڻهو جماعت ۾ شريڪ هئا. ڏهن- ٻارهن ورهين جي
ڇوڪرن کان وٺي ستر- اسي ورهين جي پيرسنن تائين.
ايترن مانهن کي زاروزار روئندو ڏسي، سندن مذهب
لاءِ ضرور دل ۾ عزت ۽ احترام پيدا ٿئي ٿو.
ٻڌم ته پنجويهين تاريخ هڪ ڪاروان شيراز ڏانهن وڃڻو
آهي، تنهنڪري مان به ان سان وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳس.
مون سمجهيو ته شيراز کان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جي موٽڻ جي
اُميد ۾ ويهڻ اجايو آهي. جڏهن وزير کي منهنجي
ارادي جي خبر پيئي، تڏهن ماڻهو موڪلي پڇا ڪرايائين
ته وڃڻ کان اڳ مون سان الوداعي ملاقات ڪندين يا
نه؟ مان انهيءَ عزت افزائي قبول ڪرڻ کان معافي
گهري، ڇاڪاڻ ته شهزادي مون کي ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو
هو ۽ مون وزير کي اهڙو جواب موڪليو. قاصد کي ڪلاڪ
کن وئي مس ٿيو هو ته ڪاروان سراءِ جو داروغو اچي
سهڙيو ۽ هڪ- هڪ رپيو رواجي محصول اُٺن تي ۽ منهنجي
گهوڙي تي، جو مون ٿورا ڏينهن اڳ ورتو هو، گهرڻ
لڳو. مون هن کي ٽي رپيا ڏنا ۽ سمجهيم ته ڪاروان
سراءِ شهزادي جي خانگي ملڪيت آهي، تنهنڪري وڌيڪ ڏن
ڀرڻو پوندو. ٻئي ڏينهن صبح جو هو مون وٽ آيو ۽
چيائين ته ڪمرو جنهن ۾ مان رهيو هوس، تنهن جي
مسواڙ وٺڻ وسري ويئي اٿم، رقم آڌيو ۽ ٻه- ٽي ٽامي
جا پئسا هئي. پڇومانس انهيءَ ڳريءَ رقم جي وصوليءَ
لاءِ ڪنهن موڪليو اٿئي؟ منهنجو خيال صحيح نڪتو.
نهايت گنڀيرائيءَ سان چيائين ته شهزادي جي حڪم
مطابق آيو آهيان. وڌيڪ چيائين ته جي حضور اعليٰ
سان ملاقات ڪرڻ قبول ڪرين ها ته انهيءَ رقم ۽ اڳين
ڏينهن، جو وهٽن تي محصول ڀريو هوءِ، ڏيڻ لاءِ کان
معافي مليئي ها. منهنجي نظر ۾ اهو اقرار ڪمينائپ
جي حد هئي. مون داروغي کان پڇيو ته تون ڪيئن ٿو
سمجهين ته پئسو، ڀل ته انهيءَ عزت کان هزار دفعا
وڌيڪ هجي، پر منهنجي يا برطانيا حڪومت جي ڪنهن به
عملدار جي نظر ۾ ڪا حيثيت نٿو رکي. مون چيومانس ته
آءٌ جڏهن شهر ۾ آيو هوس، تڏهن شهزادي وٽ اچي مون
پنهنجو فرض ادا ڪيو هو، پوءِ مون سان ڪهڙا ڀال
ڀلايا ويا، موجوده فيصلي ڪرڻ جو مون کي حق هو.
داروغو جيتوڻيڪ ايراني هو ته به هو پنهنجي مالڪ جي
روش تي شرمسار ٿيو ۽ عذر طور ڪو جواب ڏيڻ تي هو ته
مون وڌي هٿ ۾ رپيو ڏنومانس ۽ چيومانس ته باقي رهيل
پئسا شهزادو شوق سان پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو.
داروغي پئسا کيسي ۾ وڌا ۽ نوڪرن کي چيائين ته هن
جي شڪايت واجبي آهي، ائين چئي هليو ويو. ان کان
پوءِ مون شهزادي يا سندس اردلين جو ڪو به احوال
ڪونه ٻڌو. ساڳئي ڏينهن اٽڪل ين بجي شام جو مون
ڪرمان جو شهر ڇڏيو، جنهن جو ۽ صوبي جو فصل احوال
ٻئي فصل ۾ ڏنل آهي.
فصل (16)
ڪرمان جي صوبي جي اوڀر ۾ سيستان جو حصو ۽ بلوچستان
آهن، اولهه ڏانهن فارس جو صوبو، ڏکڻ ڏانهن
لارستان، مڪران ۽ ايراني نار جا ٽڪرا ۽ اُتر ڏانهن
عراق ۽ خراسان. قديم زماني کان ڪرمان ٻن حصن ۾
ورهايل آهي: هڪڙو آباد حصو ۽ ٻيو ريگستان. مان به
ساڳي تقسيم اختيار ڪندس. پهرين آءٌ آباد حصي جو
ذڪر ڪندس. انهيءَ حصي جي ڊيگهه نرمنشير کان جو
ريگڻ ۾ آهي، روبات تائين، جو فارس جي حد تي آهي،
اٽڪل ٽي سئو پنجهٺ ميل ٿيندي. ان جي ويڪر، عراق جي
ڏاکڻين حد کان گانبرون يا بندر عباس، جو ايراني
نار جي ڪناري تي آهي، تائين ٻه سئو اسي ميل ٿيندي.
انهيءَ علائقي جي زمين اڪثر اوسر آهي ۽ سارو ملڪ
غيرآباد ۽ ويران ٿو نظر اچي.
سڄي صوبي ۾ هڪ به نهر ڪانهي.
جيڪڏهن پهاڙي علائقي ۾ جي ٻه- ٽي چشما ۽ ڪاريز، جن
جو بيان مون پنهنجي ٻي تاريخ مئي جي روزنامچي ۾
ڏنو آهي، نه هجن ها ته ماڻهن جو مشڪل سان گذران ٿي
سگهي ها. پاڻي گهڻي تڪليف ۽ محنت سان دستياب ٿئي
ٿو، سو به ايترو جو ان سان تمام ٿورڙي زمين آباد
ٿي سگهي ٿي. نرمنشير جو سوال ٻيو آهي، اتي پاڻي
جام آهي. مگر اڳي اتي ٻوڏون ٿينديون هيون. گذريل
ويهن ورهين ۾ پاڻي اتي به گهٽ ٿي ويو آهي. بم ۽
ڪرمان جي اوريان مون کي غيرآباد ميدان ئي ميدان
نظر آيا، ان مان ظاهر آهي ته ريگستان ان طرف تڪڙو
تڪڙو وڌندو وڃي ٿو. اتي جا ماڻهو به ان ڳالهه جو
اعتراف ڪن ٿا.
ڪرمان اڪثر ڪري پهاڙي علائقو آهي، پهاڙن جي مکيه
قطار اها آهي جا نرمنشير کي لارستان کان جدا ڪندي،
ڏکڻ- اولهه طرف گابرون کان چئن ڏينهن پنڌ جي
مفاصلي تي ختم ٿي ٿئي. اتان وري ڪنارو ڏيئي اولهه
۽ اتر- اولهه وڃي فارس جي جبلن سان 40-29 اتر
ويڪرائي ڦاڪ ۽ 54 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ وٽ ختم ٿي ٿئي.
انهيءَ عرصي ۾ ان مان ڪيتريون شاخون خصوصاً اوڀر
طرف واريون جي ريگستان ڏانهن وڃن ٿيون سي ڊگهائي
ڦاڪ جي 30-31 ڊگرين جي وچ ۾ ختم ٿين ٿيون. اولهه
طرف واريون شاخون عراق جي صوبي ۾ پهچن ٿيون. ڪٿي
ڪٿي هو مکيه جبل، جنهن مان هو نڪرن ٿيون، تنهن کان
ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهن. اهي قطارون ملڪ کي
اهڙيءَ طرح ڪپين ٿيون جو انهن جي وچ ۾ جي پٽ آهن
سي ورلي ڏهن- ٻارهن ميلن کان ويڪرا آهن، البت
ڊيگهه ۾ پٽ تمام لنبا آهن.
ملڪ جي آبهوا به اهڙي ئي مختلف آهي، جهڙي سندس شڪل
سڄي ايران ۾ انهيءَ صوبي جي آبهوا گهٽ ۾ گهٽ صحت
بخش سمجهي ويندي آهي. گهڻي بارش ورلي پوندي آهي.
مگر سياري ۾ جبلن تي ڪافي برف هوندي آهي ۽ چوٽين
تي برف سال جو چڱو عرصو رهندي آهي، نتيجو اهو
نڪرندو آهي جو ميدانن ۾ ماڻهو گرميءَ ۾ پيا ڪڙهندا
آهن ۽ سندن ويجهو جبلن جي چوٽين تي سخت ٿڌ هوندي
آهي. پهاڙن جي چوٽين تان جا هوا لڳندي اهي سا ٿڌي
۽ وڻندڙ هوندي آهي مگر ان سان گڏ تپ بخار ۽ ٻيا
مرض به پيدا ٿيندا آهن. ڏيهي ماڻهو ان جي مهلڪ اثر
کان اهڙو ته ڊڄندا آهن جو هو ان جي اثر کان گرم
هوا وڌيڪ پسند ڪندا آهن.
انهن جبلن جي شاهي قطار جي ڏکڻ ۾ جبلن جي تري ۽
سمنڊ جي وچ ۾ گرمسير يعني گرم ملڪ آهي. گرمسير هڪ
سوڙهي فتيل 30 کان 90 ميلن تائين موڪري، جا
لارستان جي گادي ميناب کان شط العرب يا بصري
درياهه تائين سمنڊ جي ڪناري سان هلي وڃي ٿي. ڪرمان
جي حد اندر هن علائقي جي زمين ڪلراٺي ۽ وارياسي
آهي ۽ سندس آبهوا صحت لاءِ تمام نقصانڪار آهي. ان
۾ کجور کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ ڪانه پيدا ٿيندي
آهي ۽ اُها به سٺي نه. انڪري ان جي آبادي تمام
ٿوري آهي.
|