سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر

باب:

صفحو :20

بلوچستان جي جبلن ۾ شينهن ۽ چيتو مشڪل ئي ملندو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته انهن جي رهڻ جا هنڌ سنڌونديءَ ڪنارن وارن گهاٽن ٻيلن، سنڌ ۽ گجرات جي درميان واقع ريگستان جي ويرانيءَ ۽ ٻين حصن ۾ ملي سگهندا. چراخ، بگهڙ ۽ گدڙ سڄي ملڪ ۾ ڀريا پيا اهن ۽ اهي هِتان جي ڌڻن ۾ وڏي تباهي مچائيندا اهن، چراخ کان سواءِ، انهن جانورن مان ٻيو ڪوبه ماڻهوءَ تي حملو ڪونه ڪندو آهي ۽ سو به تڏهن، جڏهن ان کي سخت بک مجبور ڪندي آهي يا مخالفت کان چڙي ائين ڪندو آهي. عقاب فقط جهلاوان ۽ سراوان ۾ نظر ايندا آهن. بازن سان شڪار ڪرڻ جو الهندي علائقي ۾ رهندڙ ڪن بلوچي سردارن کي شوق هوندو آهي؛ ۽ اهي پنهنجن پکين کي ڏاڍي احتياط ۽ وڏي خبرداريءَ سان سکيا ڏيندا آهن، خصوصاً کين جهنگلي پکين، ڪارن تترن ۽ ڪبوترن جي شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيندا آهن.

فصل (10)

سن 1808ع ۾ [1] جن سببن جي ڪري ايران جي بدشاهه ڏانهن هڪ مهم رواني ڪرڻ جي ضرورت درپيش آئي هئي، تن ساڳين ئي سببن جي ڪري هندستان جي بالادست حڪومت لاءِ سنڌ جي حڪمرانن جي متعلق پڻ ساڳيءَ نوعيت جي حفاظتي قدم کڻڻ کي ضروري بنايو؛ ۽ بمبئي جي سول سروس واري نڪولس هئنڪي سمٿ، ايسڪوائر کي، جيڪو ان وقت بوشاير ۾ مقمي هو، رائيت آنربل گورنر جنرل طرفان ايلچيءَ جي فرضن سرانجام ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو. بينگال سول سروس واري هينري ايلس، ايسڪوائر کي هن جي فرسٽ اسسٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو، ڪئپٽن چارالس ڪرسٽيءَ ۽ ٿرڊ اسٽيٽن طور مقرر ڪيو ويو، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽيءَ کي پيشوائي ڪندڙ دستي جي ڪمان سونپي ويئي، وليم هال، ايڪسوائر کي سرجن طور ۽ بمبئي ميرين جي ڪئپٽن وليم مئڪسفيلڊ کي ميرين سروير طور شامل ڪيو ويو. سنه 1809ع جي اوائلي حصي ۾ اسان جي روانگيءَ لاءِ موزون قسم جي شان و شوڪت سان تياريون ڪيون ويون ۽ ماريا نالي هڪ ديسي ساخت جو بحري ٻيڙو ايلچيءَ ۽ سندس جماعت کي ڪراچي بندرگاهه تائين پهچائڻ لاءِ ڪرايي تي حاصل ڪيو ويو، جتي آنرب ل ڪمپنيءَ جي جنگي جهاز پرنس آف ويلس، ڪئپٽن ائلين ۽ ٽن هٿياربند جهازن کان ان جي حاضريءَ ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو. ايلچي دستوري سلامين سان اپريل جي 27 ـــ تاريخ تي ٻنپهرن کان پوءِ ”ماريا“ تي سوار ٿيو ۽ ان کان هڪدم پوءِ باقي ٻين ٻيڙن به لنگر کنيو ۽ بندرگاهه کان ٻاهر کليل سمنڊ ۾ وڃي پهتا.

9ـــ مئي تي صبح جو باک ڦٽڻ مهل، ”پرنس آف ويلس“ جيڪو ٻين سڀني جهازن کان اڳتي هو، زمين ڏسڻ جو اشارو ڏنو، جيڪا مونز ڳچي ڌرتيءَ (مواڙي) کان وٺي دور تائين ملڪ اندر ويندڙ اوچين چوٽين واريون ٽڪريون ٿابت ٿيون. صبح جو 10 بجي تائين، ڪراچي بندرگاهه جو الهندو ڇيڙو اسان کان فقط ئي ميل پري رهجي ويو. اهو علائقو حيرت انگيز حد تائين پوٺو آهي ۽ ان جي مٿان هڪ ننڍڙو قلعو بيٺل آهي، جيڪو پريان کان هڪ چورسي گهر وانگر ڏيک ڏئي ٿو. بندرگاهه جي اندر ڪي ئي تمام اوچا ٽڪر، انهيءَ هيٺانهين زمين تي، جيڪا انهيءَ ڳچي ڌرتيءَ کي باقي کنڊ سان ملائي ٿي، اهڙيءَ طرح بيٺا نظر آيا، جيئن ڪي سامونڊي ٻيڙا سڙهه کولي پاڻيءَ جي سيني تي سفر ڪندا هجن. ٻنپهرن مهل اسان ٻارهن گز اونهي پاڻيءَ ۾ لنگرانداز ٿياسون، ۽ ڪئپٽن مئڪسوپل، ڪراچيءَ جي گورنر وٽ سندن مهم جي پهچي وڃڻ جي پڌرائي ڪرڻ، ۽ انگريزي جهازن کي سلامتيءَ سان بندرگاهه جي اندرئين ڪناري تائين رسائڻ لاءِ سونهان حاصل ڪرڻ جي تقاضا پيش ڪرڻ لاءِ، جهاز تان لهي ڪناري تي پهتو. ڇاڪاڻ ته ان وقت هو هوا ڏکڻ ـــ اولهه کان ڏاڍو زور سان لڳي رهي هئي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڏيون ويرون چڙهنديون نظر اچي رهيون هيون، جيڪي ڪن ٻين علامتن سان گڏجي، ڏکڻ ـــ الهندي چوماسي جي شروع ٿيڻ جي پيشنگوئي ڪري رهيون هيون. گورنر اڳ م تهجهازن کي بندرگاهه جي اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان ڪجهه آنا ـــ ڪاني ڪئي، پر هن جي اعتراضن کي رد ڪيو ويو ۽ 10 ـــ تاريخ تي ٻنهي جهازن لنگر کنيو ۽ بندرگاهه جي اندرئين حصي ڏانهن وڃڻ لاءِ تير ٿي بيٺا ۽ آهستي آهستي ٻارهن کان ٻن ۽ ٽن چوٿائي گزن تائين اونهائيءَ جي ماپ وٺندا هليا، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ اونهائي هئي، ڇاڪاڻ ته جلد ئي اها چئن ۽ پنجن گزن تائين اونهي ٿي ويئي. زمين جي انهيءَ ڇيڙي وٽان لنگهندي، ”ماريا“ جهاز کي ٻن توبن جي سلامي ڏني ويئي، جنهن کي ساڳئي تعداد جي توبن ڇوڙڻ سان جواب ڏنو ويو. اسان جي جهاز جي لنگرانداز ٿيڻ کان اٽڪل هڪ ڪلاڪ پوءِ، ڪراچيءَ جو گورنر مسٽر سمٿ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ جهاز تي آيو ۽ پاڻ سان گڏ ڪيترن ئي سپاهين کي وٺي آيو، جن وٽ جامڪيدار بندوقون هيون ۽ هو پاڻ سان ڪجهه رڍون ۽ ڀاڄيون تحفي طور کڻائي آيو. هو، نه فارسي ڳالهائي ٿي سگهيو ۽ نه هندستاني، پر هن پنهنجن ترجمانن جي ذريعي جهازن ۽ انهن مان هرهڪ تي سوار ماڻهن جي تعداد بابت ڪيئي سوال پڇيا، ۽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ کن ويهڻ کان پوءِ، اتان اٿي وڃڻ ۾ وڏي خوشي محسوس ڪيائين. هو ننڍي قد ڪاٺ جو هڪ بدزيبو نظر ايندڙ ماڻهو هو، ۽ ڪپڙا به کيس اهڙا ئي پيل هئا، ۽ سندس لباس جو جنهن ڳالهه م سندس اٽالي جي ماڻهن کي پيل ڪپڙن کان فرق هو، سو اهو هو ته هن جي مٿي تي تمام وڏو پڳڙ ٻڌل هو. ان کان پوءِ ايندڙ ٻه ڏينهن، اسان جي مهم جي جهازن کان هيٺ لهي ملڪ اندر داخل ٿيڻ جي مسئلن تي بحث مباحثي ۾ ضايع ڪياويا، جنهن کي مذڪوره گورنر ان وقت تائين طول ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جيسين وٽس اميرن جو ڪو حۡم احڪام پهچي وڃي. 13 ــ تاريخ تي هو وري ٻيو دفعو مسٽر سمٿ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو، جنهن کي دوران هُن (مسٽر سمٿ) موقعو وٺي گورنر کي انهن غلطين کان آگاهه ڪيو، جيڪي اميرن ۽ گورنر جنرل جي رتبي ۽ خطابن جي سلسلي ۾ هليل خط ۽ ڪتابت ۾ ڪيون ويون هيون، جنهن تي هن پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهي غلطيون هن جي فارسي ٻوليءَ کان لاعلميءَ جي نتيجي ۾ سرزد ٿيون هيون، پر جيڪڏهن ايلچي اِئين چاهي ته هو انهيءَ ماڻهو کي، جنهن لکڻ ۾ اهي غلطيون ڪيون هيون، قتل ڪرڻ يا انڌو ڪرڻ لاءِ تيار ۽ آماده هو. هن کي، بهرحال عرض ڪيو ويو ته هو اهڙا شديد قدم نه کڻي، پر آئينداه لاءِ وڌيڪ احتياط ڪرڻ لاءِ احڪامات جاري ڪري ڇڏي.

گورنر، انهيءَ سڄي ملاقات جي دوران، زبردست خوف ۽ خطرو محسوس ڪري رهيو هو ۽ جڏهن سندس ٻيڙي جهاز جي پاسي سان اچي بيڍي، تڏهن هو ڪيتري دير تائين هن باري ۾ هٻڪندو رهيو ته هو اسان جي جهازن تي چڙهي اچي يا نه. هن جا ماتحت ۽ خادم کيس ڪا گهڻي عزت نه ڏيئي رهيا هئا ۽ جڏهن مسٽر سمٿ ۽ هو گڏجي جهاز جي ڪيبن (ڪپتان واري ڪمري) ۾ داخل ٿيا، تڏهن سندس خدمتگارن مان هڪ ڄڻو ٽپ ڏيئي جهاز جي عرشي تان اٿيو ۽ انهيءَ ڪرسيءَ ۾ وڃي ويٺو، جنهن ۾ ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ نواب [2] پاڻ ويٺو هو، ۽ انهن مان هڪ ٻيو ڄڻو واري انهيءَ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ تيار ٿيو جيڪا مسٽر سمٿ خالي ڪري ويو هو؛ پر هن کي انهيءَ گستاخي ڪرڻ کان روڪيو ويو.

13 ۽ 14 ـــ مئي تي، مهم جا تنبو ۽ سرڪاري ساز و سامان جهازن تان لاهي هيٺ آندا ويا، ۽ تنبو انهيءَ هنڌ کوڙيا ويا، جيڪا جاءِ گورنر ڏني. اسان جي ٽولي مان ڪيترائي آفيسر جهازن تان لهي ڪناري تي هليا ويا هئا. جتي کين معوم ٿيو ته اسان جي اچڻ تي وڏي گهٻراهٽ محسوس ڪئي ويئي آهي، ۽ حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اسان جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪراچيءَ جي قلعي اندر داخل ٿين نه ڏنيو وڃي، ۽ فوجي سپاهين جي هڪ وڏي جماعت، جنهن جي قيادت هنن جو هڪ مشهور ۽ معروف سردار ڪري رهيو هو، اسان جي چرپر تي نظر رکڻ جي ظاهر ارادي سان اسان کان 8 ميل پري تنبو هڻي ويٺي. دراصل گورنر جي سڄي چال چلت مان خوف ۽ گهٻراهٽ جي مليل جذبن جو اظهار ٿي رهيو هو ۽ اسان جي طرفان ذري برابر به معلومات حاصل ڪرڻ جي خلاف سندس دل ۾ ايتريقدر ته ساڙ ۽ حسد ڀريل هو، جو جيڪڏهن اسان دشمنيءَ جي علي الاعلان ارادن سان اتي اچون ها، ته به انهيءَ جذبي ۾ وڌيڪ اضافي جي ڪا گنجائش باقي ڪانه هجي ها، 16ـــ مئي تي، ايلچي ٻن جهازن مان ڇٽٽندڙ پندرهن توبن جي سلاميءَ سان جهاز کان هيٺ لٿو، جتي پيشوائي ڪندڙ فوجي دستي ۽ مهم جي آفيسرن طرفان سندس شيانِ شان طريقي سان، مقامي ماڻهن جي هڪ وڏي انبوه جي نعرن سان استقبال ڪيو ويو، جن ۾ مشرقي ملڪن جي رواج موجب پئس ورهايا ويا. ٻنپهرن مهل، نواب طرفان ايلچيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس احترام ۽ عزت ڪرڻ جي ارادي ظاهر لاءِ ماڻهو موڪليو ويو، پر جيئن ته اسان جي نوڪرن کي قلعي اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ وارو حڪم اڃا تائين قائم هو، ان ڪري کيس اطلاع موڪليو ويو ته کيس حاضريءَ جي اجازت ڪانهي. گورنر کي انهيءَ انڪار جو سبب سمجهائڻ لاءِ، مسٽر ايلس هن وٽ ويو. ۽ هن سان قلعي جي فصيلن کان ٻاهر واقع هڪ گهر اندر ملاقات ڪئي، نواب اسان کي اهو يقين ڪرائڻ پئي چاهيو ته اهڙي بندش سڀني اجنبين سان لاڳو آهي؛ هن چيو ته کيس انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو ڏک ٿي رهيو هو ته اسان انهيءَ ڳالهه کي بيعزتيءَ جو باعث سمجهي رهيا هئاسون؛ هن اهو به چيو ته مسٽر سمٿ کيس ملي يا نه، پر هو روزانو سندس ڇانوڻيءَ ۾ حاضري ڀريندو رهندو؛ ته کيس اهي احڪامات سندس آقائن، يعني اميرن وٽان مليا هئا ۽ هن کي انهن جي تعميل ضرور ڪرڻي هئي ۽ جڏهن سندن مهم کي درٻار ۾ پهچائڻ لاءِ حيدرآباد کان سرڪاري [3] مهماندار اتي ايندو، تڏهن کين (اسان کي) سندن حڪمن جي عدم تعميل جي ضرورت بابت خاطري ٿي ويندي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، اميرن وٽان هڪ خط وصول ڪيو ويو، جنهن ۾ ايلچيءَ کي اميرن جي هن پختي ارادي کان باخبر ڪيو ويو ته هن سان ڪراچيءَ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ حۡومت جا ٻه عملدار موڪليا ويندا ۽ اهي جيڪي به ڳالهيون ڪن، تن کي ايلچي بلڪل سرڪاري سطح تي سمجهي، پر جيئن ته خط ۾ ڪم آندل سندن ٻوليءَ جو ڍنگ انهيءَ غرور ۽ وڏائيءَ جو مظهر هو، جنهن کي ان جي ابتدا ۾ ئي دٻائڻ هن [4] مهم جي وڏي کان وڏي مقصد هو، جنهن ڪري اهو خط نرم لفطن ۾ لکيل هڪ مختصر نوٽ سان گڏ واپس ڪيو ويو، جنهن ۾ اميرن کي هن ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته جئين ته هنن انهيءَ خط ۾ نه فقط پنهنجي لاءِ ناقابلِ تسليم رتبو ۽ اعزاز اختيار ڪيو هو، پر ساڳئي وقت تي هنن پنهنجي خط ۾ انهيءَ بالادست ۽ عالي مرتبت حڪومت جو مرتبو پڻ تسليم نه ڪيو هو، جنهن جو مذڪوره ايلچي نمائندو هو، ان ڪر ياهاڳالهه ناممڪن هئي ته خط ۾ ڪيل تَاصائن جي ڪنهن به صورت ۾ پورائي ڪئي وڃي. هاڻي اسان وٽ هرهڪ ڪلاڪ کان پوءِ مختلف نوعيت جون خبرون پهچڻ شروع ٿيون. هڪ وقت ته پوري اعتماد ۽ خاطريءَ سان ائين پئي چيو ويو ته مهم کي سنڌي گهوڙيسوار فوج جي هڪ وڏي پلٽڻ جي همراهيءَ ۾ دارالحڪومت ڏانهن وڃڻو هو، جتي هنن جي شايانِ شان طريقي سان پوريءَ ريت آجيان ڪئي ويندي. بئي وقت تي وري ائين پئي ٻڌڻ ۾ آيو ته انگريز ايلچيءَ کي انهن آفيسرن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو ويندو، جن کي خاص انهيءَ مقصد لاءِ موڪليو پيو وڃي، ۽ اڃا به ڪنهن وقت تي اهي پئي ٻڌڻ ۾ آ3و ته اسان کي هڪ فوجي دستي هٿان واپس جهازن تي چڙهي هندستان ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو ۽ اهو فوجي دستو ان وقت ڪراچيءَ ڏانهن پيشقدمي ڪري رهيو هو. انهن سڀني خبرن ۾ هڪ هيءَ ڳالهه مشترڪہ هئي ته اميرن کي سندن علائقن جي متعلق اسان جي ارادن کان سخت خطرو محسوس ٿي رهيو هو، ۽ حقيقت اها آهي ته ڪراچيءَ جي بچاءَ ۽ مورچه بنديءَ لاءِ اتي جيڪا فوج موجود هئي، تنهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿوري ٿوري وقفي سان اوڏانهن ايندڙ امدادي فوجي دستن جي آمد، انهيءَ ڊپ جي موجودگيءَ جي ڪافي شهادت ۽ ثابتي فراهم ڪري رهي هئي.

اميرن ڏانهن موڪليل انهيءَ خط کان ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، ايلچيءَ وٽ آخوند محمود بقا وٽان، جيڪو ڪجهه مهينا اڳي سنڌ جي حۡڪومت طرفان هڪ عيوضيءَ طور بمبئي آيو هو، هڪ دوستانه رقعو پهتو، جنهن ۾ هن اها خبر ڏني ته کيس مسٽر سمٿ سان معاملہ بازي ڪرڻ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي ۽ اهو ان باري ۾ ساڻس جلد از جلد ملاقات ڪرڻ جي ارادي سان ڏانهنس اچي رهيو آهي. انهيءَ ساڳئي قاصد طرفان، جيڪو اهو خط کڻي آيو هو، هن خبر جي پڻ تصديق ڪئي ويئي، جيڪا ڪجهه ئي وقت اڳي اسان خفيه نموني ۾ حاصل ڪئي هئي ته ٺٽه شهر جي پسگردائيءَ ۾ ٽن نموني ۾ حاصل ڪئي هئي ته ٺٽه شهر جي پسگردائي ۾ ٽن هزر ماڻهن تي مشتمل هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيو ويو آهي ۽ اسن جي اندازي مطابق، انهيءَ فوج جي موجودگيءَ جو مقصد اسان کي آخوند جي شرطن مڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ هو ۽ اهو عملدار 23 ــ مئي تي ڪراچيءَ پهچي ويو ۽
ٻئي ڏينهن صبح جو هو انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ آيو، جتي هن ايلچيءَ سان تمام ڊگيه ڪانفرنس ڪئي. هن اميرن جي دلين ۾ پيدا ٿيل انهيءَ خوف ۽ انديشي تي تمام گهڻو زور ڏيئي ڳالهايو، جنهن جو سبب ڪراچي بندرگاهه ۾ انگريزن جي ٻن جنگي جهازن جي موجودگي هئي؛ ۽ هن پنهنجون ڳالهيون هن قطعي ۽ فيصله ڪن اعلان سان ختم ڪيون ته انگريزن جي مهم کي حيدرآباد طرف وڃڻ جي اجازت ملڻ لاءِ پيشگي شرط اهو آهي ته انگريز پنهنجن انهن بن جنگي جهازن کي يا ته بمبئي ڏانهن روانو ڪن يا گهٽ ۾ گهٽ اهي سنڌ سرڪار جي علاقائي حدن کان ٻاهر موڪليا وڃن.

سياسي نوعيت جي ڪن ٻين مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي، ۽ ڳالهين جو اختتام ايلچيءَ طرفان ڪيل هن مضبوط اعلان تي ٿيو ته هو هڪ نهايت هلڪي ۽ خسيس وعدي جي آڌار تي واپس وڃڻ کي ترجيح ڏيندو، ۽ بارش جي جوڀن واري موسم [5] ۾ کليل سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۾ کڻي ڪهڙو به وڏو خطرو هوندو، پر ان جي باوجود هو ڪلڪتي ويندو ۽ سڄو معاملو گورنر جنرل جي فيصلي لاءِ سندس اڳيان رکندو. آخوند طرفان سندس ڳالهين جي دوران ۾، جيڪو هيءُ انڪشاف ڪيو ويو ته کيس ايلچيءَ سان معاملن طئي ڪرن جا اختيار ڏنا ويا آهن، تنهن جو ته ڪو سوال ئي نه پيو اٿي، ڇاڪاڻ ته ايلچي فقط سنڌ جي حڪمرانن سان ئي ڳالهيون ڪري پئي سگهيو، جن سان ڳالهائڻ لاءِ هن کي سَند ڏنل هئي. 26 ــ مئي تي گورنر ايلچيءَ ڏانهن هڪ زباني پيغام موڪليو، جنهن ۾ هيءَ خواهش ظاهر ڪئي ويئي هئي ته هو جهازن لاءِ بندر جون حدون هڪدم ڇڌڏي وڃڻ لاءِ احڪامات جاري ڪندو؛ پر هن ۽ آخوند، ٻنهي ڄڻن انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن به تحريري دستاويز ڏيڻ کان وڏي عياريءَ سان پاڻ بچائيندا رهيا. نيٺ، گورنر طرفان تجويز پيش ڪئي ويئي ته هو انگريزي مهم جي ڪنهن به هڪ آفيسر کي اهي سرڪاري هدايتون ڏيکارن لاءِ تيار آهي، جيڪي کيس مٿئين مطالبي پوري ڪرائڻ لاءِ اميرن وٽان موصول ٿيون هيون؛ بهرحال، جڏهن مسٽر ايلس ۽ ڪئپٽن ڪرسٽي ملاقات وري دستوري جاءِ تي پهتا، تڏهن هو پنهنجي تجويز تي عمل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪر يويو، جنهن لاءِ هن اهو دليل ڏنو ته کيس سندن آقائن طرفان ائين ڪرڻ جي اختياري نه ڏني ويئي آهي. اهڙين منجهائيندڙ حالتن هيٺ، مسٽر سمٿ هيءُ فيصلو ڪيو ته هو نواب خواه آخوند، ٻنهي منجهان ڪنهن به هڪ سان ان کان پوءِ، سرڪاري سطح تي ڪابه وڌيڪ ڳالهه ٻولهه نه ڪندو، پر خود اميرن ڏانهن خط موڪليندو ۽ انهن وٽان کيس جيڪو به جواب موڪليو ويندو، تنهن جي مطابق پنهنجي ئي هو آئينده لاءِ مناسب قدم کڻندو. ساڳئي وقت هن پنهنجي انهيءَ ارادي جو مذڪوره عملدارن ساڳئي وقت هن پنهنجي انهيءَ ارادي جو مذڪوره عملدارن اڳيان اظهار ڪيو ۽ کين عرض ڪيو ته هو انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ اچن، جتي هنن کي اهو خط پڙهي ٻڌايو ويندو، جنهن کان پوءِ اهو حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو ويندو. چنانچه هو اتي آيو ۽ جيسين خط تيار ٿي رهيو هو، تيسين هن جي ايلچيءَ سان ڊگهي گفتگو ٿي، جنهن ۾ هن ايلچيءَ کي هن ويساهه ڪرائڻ لاءِ بيحد ڪوشش ڪئي ته انگريزي وفد جي انتهائي دوستانه نموني ۾ اجيان ڪئي ويئي هئي ۽ فقط هڪ هيءَ حقيقت، ته کين جهازن تان لهي سنڌ جي سرزمين تي قدم رکڻ ۽ انگريزي جهنڊي ڦڙڪائڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي، سندس انهيءَ دعويٰ جي فيصله ڪن ثابتي هئي، ڇاڪاڻ ته هن چيو. ”جيڪڏهن توهان اجازت کان سواءِ بندر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو ها، ته قلعي جون توبون توهان جي جهازن کي غرق ڪري ڇڏين ها.“ سندس انهيءَ لاف جو کيس اهو جواب ڏنو ويو ته جيڪڏهن حالتون انهيءَ بحران جي صورت اختيار ڪن ها ته پاڻيهي پتو پئجهي وڃي ها ته انگريزي توبون بهتر هيون يا سنڌي، ۽ نتيجو بهرحال ڏاڍو واضح پيو هو.

ان کان پوءِ آخوند انهن اصطلاحن ۽ لفطن جو بيان ڪيو، جن بابت اميرن جي خط و ڪتابت ۾ شڪايت ڪيل هئي، ۽ هن انهيءَ ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ئي ته اهي فارسي ٻوليءَ جي انهيءَ معنيٰ ۽ مفهوم جي مطابق هئا، جيڪا سنڌ ۾ مروع هئي:هن بار بار قسم کڻي پئي چيو ته ”ملازمت“ (نوڪري) جي معنيٰ دوستانه ملاقات آهي، ته ”مُودت“ (دوستي) جو لفظ، جهڙيءَ طرح سان ايلچيءَ جي خطن ۾ استعمال ٿيل هو، انتهائي هڪ آمير ۽ غير شانائتو هو؛ ۽ ”حصور“ (شاهي موجودگي) گذريل ويهن سالن کان وٺي اميرن جو خطاب رهيو هو ۽ ان ۾ تبديلي، سنڌ جي هرهڪ ماڻهوءَ کي هلاڪ ڪرڻ کان سواءِ نٿي آڻي سگهجي. مسٽر سمٿ هن کي ياد ڏياريو ته اها توقع رکڻ اجائي هئي ته هو سنڌ جي مخصوص اصطلاحات کان واقف هوندو، يا جيڪڏهن واقف هوندو به کڻي، ته به اها اميد رکڻ ته هو انهن کي ائين استعمال ڪندو، اجائي ٿيندي؛ ته هن انهن ٻن لفظن کي، جن ڏانهن سندس ڌيان ڇڪايو ويو هو ۽ انهن کان علاوه ٻين لفطن ۽ اصطلاحن کي به انهن جي عام معنيٰ ۽ مفهوم موجب استعمال ڪيو هو، ته لفظ ”حضور“ فقط خودمختيار بادساهه سان ۽ نه خراج ڀريندڙ حڪومت سان لاڳو ڪيو ويندو هو، جيئن سنڍ جي حڪومت هئي. اِتي، آخوند ايلچيءَ جي ڳالهه کي هيئن چئي روڪيو ته اها خراج گذريل ڪجهه سالن کان وٺي فقط نالي ۾ وڃي رهي هئي ۽ هن کي سندس اڳوڻن موڪليل خطن جا جواب جو نه مليا هئا، تن لاءِ کيس اهو سبب سمجهڻ گهرجي، ته هن انهن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي هئي، سا ناموزون هئي. ان کان پوءِ اهو خط منشين يا فارسي ڪتابن منجهان هڪ ڄڻي ڏاڍيان پڙهي ٻڌايو، جيڪو اميرن ڏانهن روانو ٿيڻ وارو هو ۽ ان ۾ استعمال ڪيل لفظن تي آخوند طرفان وري به ساڳيائي کل جهڙا اعتراض ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ هو اجازت وٺي اتان روانو ٿي ويو.

انهن سڀني سنڌين کيم، جيجڪي سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيا ئا، اڄ ٻنپهرن مهل سندن ڪٽنبن سميت ڪراچيءَ واري قلعي ۾ واقع سندن گهرن مان نيڪالي ڏني ويئي، ۽ انهن مان هڪ ڄڻي کي، جيڪو ايلچيءَجي دسترخوان لاءِ ڪجهه شيون آڻي رهيو هو، پڪڙي سنڌين واري ڇانوڻيءَ جي وچ ۾ کُتل هڪ مُتيءَ سان جَڪڙي ٻڌو ويو ۽ هاڻي ته اسن جا سڀ تنبو انهيءَ ڇانوڻيءَ جي گهيري ۾ اچي چڪا هئا؛ پر جيئن ته اسان جي سڄيءَ ڇانوڻيءَ جي چوڌاري قناتون [6] لڳل هيون، ان ڪري اسان کي ڪا خاص دقت ڪانه محسوس ٿي. انهيءَ ڳالهه کي هڪدم آزاد ڪرڻ :اءِ حڪم جاري ڪيو ۽ انهيءَ ڪم تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. پر ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ خود سندس ماڻهن طرفان انهن لشڪرين کي پڪڙي مار ڪڍي ويئي، جيڪي اسان جي ٻن جهازن جي خلاصين ۽ عملي جي استعمال لاءِ پاڻي ڀري رهيا ئا ۽ اهڙيءَ طرح هنن اڳي کان به وڌيڪ گستاخيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو پاڻي به هاري ڇڏيو، جيڪو جهازن تي موڪلڻ لاءِ تيار هو. هڪ ٻيو احتجاجي پيغام روانو ڪيو وي، پر ان جو اسان کي جيڪو جواب موڪليو ويو، تنهن هن ڳالهه جي تصديق ڪرڻ سان گڏ اسان جي بيعزتيءَ ۾ اڃا به اضافو ڪيو ته ماڻهو جيڪا اها ڳالهه ڪري رهيا هئا ته سڀڪجهه خود نواب جي هدايتن هيٺ ڪيو پيو وڃي، سا سچي هئي؛ هن بهرحال، هيءَ سمجهاڻي ڏيڻ جي عنايت ڪئي ته هن جو مقصد فقط اهو هو ته لشڪرين کي پاڻي ضايع ڪرڻ کان احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ آئينده لاءِ وعدو ڪيائين ته وري ڪڏهن به اهڙو ڪم ٻيهر ڪونه ٿيندو. انهيءَ سام جو آخوند اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ آيو ۽ پاڻ سان گڏ هڪ ماڻهو به آندائين، جنهن جو تعارف هُن موسيٰ خان جي نالي اسن ڪرايو، ۽ ايلچيءَ کي ٻڌايو ته کيس اميرن جي هيءَ خواهش ايلچيءَ تائين پهچائڻ جو اختيار ڏنل هو ته سندن جهازن کي هڪدم بندر ڇڏي وڃڻ گهرجي، ۽ ان کان پوءِ وفد جي ميمبرن کي پوري عزت ۽ احترام سان حيدرآباد ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي. ايلچيءَ، آخوند جي ڌيان تي اها ڳالهه آندي ته هن کيس انهيءَ موضوع تي پنهنجن خيالن کي اڳي ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، ۽ ان ڪري ان بابت وڌيڪ بحث ڪرڻ بي مقصد ۽ اجايو هو. انهيءَ سڄي ملاقات جي دوران ۾ موسيٰ خان هڪ اڻڄاڻ ۽ بيوقوف ماڻهو نظر اچي رهيو هو ۽ پنهنجي هر هڪ ڳالهه جي تصديق لاءِ وري وري آخوند ڏاندهن ڏسي رهيو هو. هن کي سڌي سادي اڇي قميص، نيري رنگ جي ريشمي سٿڻ ۽ رنگا رنگي ٽُڪرن مان سبيل ٽوپي پيل هئي. هو جيترو وقت به اسان وٽ ويٺو رهيو، تيستائين هڪ هٿ ۾ ترار جهلي ويٺو هو ته ٻيو هٿ پنهنجي ڏاڙهيءَ ۽ مڇن تي ڦيرائي رهيوهو. جيڪي ماڻهو هن سان گڏ آيا هئا، سي بنان ڪنهن اجازت جي، ميڙاڪو ڪري تنبوءَ جي اندر گهڙي پيا، ۽ اتي رکيل ڪوچن تي ويهن ها، پر کين هيٺ وڇايل غاليچن تي ويهڻ جو حڪم ڏنو ويو.

اسان جي هت اچڻ کان وٺي، ايتري ته سختيءَ سان چوڪسي ڪئي ويئي هئي، جو اسان لاءِ پنهنجي ڇانوڻيءَ جي حدن کان ٻاهر وڃڻ جي همت ڪرڻ ڏاڍي بي مزي ڳالهه ٿئي ها، ۽ نواب جي روزافزون غرور ۽ آخوند بقا خان جي حقيقي يا ڍونگ واري بي سمجهيءَ ڪري معاملات اهڙي ته دشمنيءَ واري صورت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي، جو سرڪاري املاڪ جي سڀني قيمتي حصن کي هڪدم جهازن تي چاڙهڻ مصلحت اميز سمجهيو ويو. انهيءَ فيصلي جي نتيجي طور گورنر کي ڪجهه ٻيڙين مهيا ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو، جنهن پنهنجي هن پڪي عزم جو اظهار ڪيو ته هو انهيءَ سامان مان ڪنهن هڪ سئي کي به جهاز تي چاڙهڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ هن اهڙن سڀني ٻيڙين وارن مير بحرن کي اميرن جي ڪاوڙ ۽ ناراضگيءَ جو نشانو بنائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪي اسان کي مدد ڪرڻ ۾ هٿ وٺائيندا ۽ اهڙيءَ طرح هن اسان جي مٿي ذڪر ڪيل حفاظتي قدم کي ڏاڍي اثرائتي نموني سان ناڪامياب بنائي ڇڏيو. اسان هاڻي حقيقت ۾، فقط آزاد گهمندڙ قيدين کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئاسون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ جهازن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ جيڪو هڪ ئي ذريعو موجود هو، سو انهن جي ڪشِتين جو هو، ۽ جڏهن به انهن منجهان ڪا هڪ ٻيڙي به ڌڪي تي اچي ٿي بيٺي، ته هنن جا ٽي يا چار هٿياربند ماڻهو اتي اچي ٿي بيٺا ته جيئن سامان منجهان ڪابه شئي جهازن تائين پهچي نه سگهي. اسان کي هاڻي اهو به معلوم ٿيو ته اسان جي ڇانوڻيءَ جي ٻاهران هرهڪ ڪنڊ روز رات جو هڪ چوڪيدار بهياريو ويندو هو، جنهن جو واضح طور مطلب اسان جي چرپر تي نطر رکڻ هو ۽ اهڙيءَ طرح اها اسان جي اهڙي ظاهري ظهور بي عزتي هئي و اسان جي طرفان چوڪيدارن [7] مان هڪ ڄڻي کي هيءُ نياپو ڏيئي موڪليو ويو ته اُهي وري ٻيهر ڪنهن به حالت ۾ اوڏانهن نه اچن، ۽ انهيءَ نياپي جو نتيجو اسان جي خواهش مطابق نڪتو. هندن ۽ شهر جي ڪن ٻين ماڻهن، جيڪي اڳي ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ اچڻ جا عادي هئا، ڪجهه ڏينهن کان وٺي اسان وٽ اچڻ بند ڪيو هو، ۽ انهن سنڌين کي، جن کي اسان مختلف حيثيتن ۾ پنهنجي ملازمت ۾ رکيو هو، ڌمڪيون ڏنيون ويئون ته جيڪڏهن هو اسان جون نوڪروين نه ڇڏيندا ته ساڻن سخت روش اختيار ڪئي ويندي، پر جيئن ته ايلچيءَ هنن کي پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪيو ته هو اميرن سان ڳالهين جي دوران ۾ سندن هِن ناجائز ڌمڪيءَ کي بحث جو موضوع بنائيندو، تڏهن اهي سڀ انهيءَ خاطريءَ جي تحت اسان وٽ رهڻ لاءِ آماده ٿيا.

اميرن ڏانهن ايلچيءَ جي خط رواني ٿيڻ کان اٽڪل هڪ هفتو پوءِ، هنن جو جواب وصول ڪيو ويو، جنهن ۾ هنن بمبئيءَ سرڪار طرفان اڳئين سال آيل وفد سان اختيار ڪيل پنهنجي روش جو ڏاڍي مبالغه آرائي سان جائزو پيش ڪيو ۽ ان جي مشابهت اسان جي موجوده وفد سان اختيار ڪيل عزت ۽ احترام واريءَ هلت سان ئي، جنهن جو هنن مسٽر سمٿ تي اثر وجهڻ ٿي چاهيو. بهرحال، سندن خط جو انداز انتهائي متڪبرانه ۽ آپيشاهيءَ وارو هو ۽ ٻين ڳالهين کان علاوه، ان ۾ هڪ هيءَ ڳالهه به شامل هئي ته کين اهو معوم نه هو ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ ڏانهن ڪهڙيءَ طرح سان لکيو وڃي، جنهن ”پروانهء حضور“ (شاهي فرمان) کي واپس ڪيو هو. هنن بهرحال جهازن کي واپس موڪلڻ وارو حڪم منسوخ ڪيو ۽ انهيءَ معاملي کي هن سوال پڇڻ سان هڪ خسيس ڳالهه وانگر ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيتوڻيڪ ڪراچي بندرگاهه ۾ ويهه انگريزي جنگي جهاز به کڻي لنگرانداز هجن ها، ته به هنن لاءِ اها حقيقت ڪهڙي اهميت رکي ٿي سگهي؟

سياسي مصلحتن ايلچتيءَ کي انهيءَ خط جي مخصوص انداز بيان کي نظرانداز ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ذيلي اهميت ڏيڻ تي مجبور ڪيو، جنهن ڪري اهو هڪدم واپس ڪيو ويو ۽ جيئن ته سنڌ جي حڪمرانن طرفان جهازن کي واپس موڪلڻ واري حڪم کي منسوخ ڪرڻ ذريعي برٽش گورنمينت جي عزت سان کيڏڻ جي سوال کي في الحال ٽاريو ويو هو، ان ڪري هن ايندڙ ٿورن ڏينهن اندر حيدرآباد ڏانهن رواني ٿيڻ جو پنهنجو ارادو ظاهر ڪيو. هاڻي اسان کي گهوڙن هٿ ڪرڻ جو فڪر لڳو ۽ جيتريقدر اسان جي انهن جانورن لاءِ ضرورت جي خبر عام ٿي، اوتري تناسب سان انهن جي قيمت ۾ واڌارو آيو ۽ هڪ چڱو خاصو گهوڙو، جيڪو هڪ هفتو اڳ ۾، اسي يا نوي رپين [8] ۾ وڪامي رهيو هو، سو هاڻي ان کان ٻيڻي قيمت کان گهٽ رقم ۾ نه پئي ملي سگهيو، انهن مان ڪن گهوڙن جي خريداريءَ ۾ ڪي اهڙيون حالتون پيدا ٿيون، جن مان سنڌي فوج جي سردارن جي عام اخلاق جي نشاندهي ٿئي ٿي، انهن مان هڪ ڄڻي، جنهن جو نالو بهادر خان هو، اسان ڏانهن ٽي گهوڙا وڪري لاءِ موڪليا ۽ انهن سان گڏ هن هڪ تحريري ياد داشتنامون پڻ روانو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته کيس ايلچيءَ تي مهرباني ڪرڻ کان سواءِ گهوڙن کي وڪڻڻ جي ٻي ڪا خواهش ڪانه هئي؛ انهن گهوڙن جي جاچ جوچ ڪرڻ بعد، مشڪل سان هڪ [9] رپيا قيمت جا ڏنا ويا، ۽ هنن جي اها ئي بها ڪَٿي ويئي، پر جيئن ته انهن جي مالڪ جي طرفان ظاهر ڪيل شرافت کيس عام ماڻهن جي درجي کان ڪجهه مٿانهين طبقي جو ظاهر ڪري رهي هئي، ان ڪري هن ڏانهن هڪ چوبدار جي ذريعي اها رقم ۽ شڪرادائي جو پيغام موڪليو ويو. ٻن ڪلاڪن جي مدت بعد، چوبدار انهن رپين مان پنج رپيا واپس کڻي آيو، جن لاءِ خان چوائي موڪليو هو ته اهي بدلائي ڏنا وڃن، ڇو ته اهي پنهنجي اصلي قيمت کان چار يا پنج پئسا [10] گهٽ نڪتا آهن، ۽ اسان کي معلوم ٿيو ته سڄي رقم هڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا ڳڻي ويئي هئي ۽ هرهڪ رپي کي انتهائي خبرداري ۽ احتياط سان پرکيو ويو هو. هڪدم هڪ سوني مهر [11] رواني ڪئي ويئي ۽ سردار کي چوائي موڪليو ويو ته هو ان مان اوتري رقم ڪاٽي کڻي، جيتري هڪ هزار رپين جي وچان کيس گهٽ ملي هئي، اهو ڏسي اسان کي سخت حيرت لڳي ته هن اها سڄي مهر پاڻ وٽ رکي ڇڏي ۽ اهو نياپو موڪليائين ته چڱو ٿئي ها جيڪڏهن کيس سڄي رقم انهيءَ سِڪي ۾ ڏني وڃي ها، ۽ هن اها مڄي مهر هن ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي آهي ته جيڪڏهن هڪ هزار رپين مان اڃا به ڪا وڌيڪ گهٽتائي نڪري ته ان مان انهيءَ نقصان جو پورائو ٿي وڃي. اسان بعد ۾ ڏٺو ته اهو ماڻهو واقعي وڏي رتبي وارو ۽ اميرن جو وڏو لاڏلو هو. هو مٿي بيان ڪيل دوکيبازيءَ کان ڪو ٿورو ئي وقت پوءِ اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ ايلچيءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو ۽ پنهنجي هلت جي ڪميڻائيءَ تي شرمساري ظاهر ڪرڻ يا شڪي ٿيڻ جي ڪابه علامت ظاهر نه ڪيائين.

آب و هوا ڪجهه ڏينهن کان وٺي غيرمعمولي طور خوشگوار رهي هئي، جنهن ڪري ”پرنس آف ويلس“ جهاز جي ڪمانڊر کي اهو خيال ڪري ته انهيءَ جنگي جهاز ۽ ”ماريا“ کي آسانيءَ سان سمنڊ جي سفر تي رواني ڪري سگهجي ٿو، کين بمبئيءَ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي بندر ۾ انهن جي وڌيڪ دير رهڻ جي ڪنهن به طرح سان ضرورت ڪانه هئي. چنانچه، انهن جهازن 7 ــ جون تي بندرگاهه جي اندروني حصي کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ”ماريا“ جي غرق ٿيڻ جو فوري خطرو درپيش آيو، ۽ ڪئپٽن ائلين اها صورتحال ڏسي پنهنجي منصبي رايو اهو ڏنو ته چوماسي جي بند ٿين تائين جهاز هندستان ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکي نه سگهندا، بشرطيڪ اتر کان هوا لڳڻ شروع ٿئي، جيڪا ڳالهه امڪان جي حد کان گهڻي ٻاهر هئي.


[1] . ڏسو مهاڳ جو حصو ـــ 1،

[2] . گورنر جو سرڪاري خطاب.

[3] .مهماندار، لفظ مهمان ۽ دار مان ٺهيل آهي، يعني مهمانن کي رکندڙ. هي اهو ماڻهو هوندو آهي، جنهن کي ايلچين کي دربار تائين پهچائڻ ۽ کين ملڪي پيداوار جي شين جي فراهمي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي. عام طور هن جي اختيارين مان غلط ڪم ورتا ويندا آهن ۽ انهن جي ذريعي ماڻهن کان زوريءَ رشوتون ورتيون وينديون آهن.

[4] . گزريل سال، بمبئي جي حڪومت طرفان هڪ ايلچيءَ کي سنڌ ڏانهن نامزد ڪري موڪليو ويو هو، ۽ هن سان اهڙي روش روا رکي ويئي هئي، جيڪا ٻنهي طاقتن جي نسبتي رتبن جي مطابق ڪانه هئي، چنانچه گورنر جنرل طرفان موڪليل ايلچيءَ کي اهڙيون واضح هدايتون مليل هيون ته هو ساڳئي قسم جي حجت بازيءَ لاءِ ٿيندڙ ڪنهن به ڪوشش کي سختيءَ سان دٻائي ۽ جيڪڏهن هندستان جي انگريز سرڪار لاءِ واجب احترام ۾ ڪابه ڪوتاهي ڏسي ته ان جي خلاف سخت احتجاج ڪن ۽ جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران پنهنجي لاءِ ڪي به اعزاز اختيار ڪري ۽ پنهنجي لاءِ ڪا ناجائز برتري اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته هو عين وقت تي سنڌي حڪمرانن جي اهڙِ اڻ سهائيندڙ حرڪت کي سختيءَ سان دٻائي.

[5] . ڏکن ــ الهندي وارو چوماسو ان وقت تائين ڏاڍي زور شور سان شروع ٿي چڪو هو ۽ عين ان مهل سخت زوردار طوفان لڳي رهيو هو.

[6] . قناتون تنبن جون اهي ديواريون ٿين ٿيون، جيڪي تنبن کي خلاصي رکڻ لاءِ ٺاهيون وينديون آهن.

[7] . چوبدار هڪ اهڙي مقامي ماڻهوءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪلهي تي لٺ رکي وڏي ماڻهوءَ جي اڳيان هلندو آهي. اهو لفظ ”چوب“ معنيٰ لٺ ۽ ”دار“ معنيٰ ”کڻي هلندڙ“ مان ٺهيل آهي.

[8] . ڏهه يا يارهن پائونڊ اسٽرلنگ.

[9] . هڪ سؤ پنجويهه پائونڊ اسٽرلنگ.

[10] . هڪ پئسو اٽڪل ٻن پيئسن جي برابر هوندو آهي.

[11]  هڪ سوني مهر پندرهن رپين جي برابر هوندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: