سڪندر سوگدي جي گاديءَ واري شهر جي دوباره تعمير
ڪئي ۽ پنهنجي فوج جو هڪ حصو اتي ڇڏي، پاڻ موسيڪانس
نالي هڪ سردار جي علائقي جي دوره تي روانو ٿيو،
جيڪو ايتريءَ وضاحت ۽ ناقابل ترديد طريقي سان
چانڊوڪي نالي ضلعي سان شناخت ٿئي ٿو، جو اهو هڪ ئي
مثال انهيءَ زماني جي تاريخ نويسن جي سچائي ۽
صداقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. مون هن کان
اڳي به هن ضلعي جي حيرت انگيز ساوڪ ۽ آباديءَ ۽
انهيءَ نديءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا ان جي چوڌاري
وهي ٿي، ۽ اهڙيءَ طرح اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته
آڳاٽي دؤر جي ماڻهن انهيءَ هنڌ تي هڪ وسيع ٻيٽ
وسايو هو، جيڪو سنڌو درياهه مان نڪرندڙ هڪ شاخ
طرفان تشڪيل ڏنو ويو هو، ۽ جنهن تي انهن ماڻهن
پراسياني يا سرسبز نالو وڏو هو
. انهيءَ
علائقي جي قديم گاديءَ واري شهر جي نالي جو بطور
خاص ڪو نالو نه ڏنو ويو آهي؛ ۽ مينا گرا مان مطلب
جيڪو ڊاڪٽر اينول اسان کي ٻڌايو آهي، بنان ڪنهن شڪ
شبهي جي ميان ننگر يا شهر جو
وچ آهي. پر آءٌ پنهنجي سر ڪوبه اهڙو هنڌ دريافت
ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهيان، جيڪو انهيءَ سر زمين
سان مشابهت رکندو هجي، جيڪا هن انهيءَ شهر لاءِ
مقرر ڪئي آهي.
هن وقت انهيءَ علائقي جو مکيه شهر
لارخانو (Larkhanu)
آهي، جيڪو ساڳئي نالي واري درياهه جي ڪپ تي ٻڌل
آهي ۽ اهو سنڌ جي اميرن لاءِ وڏي اهميت وارو ناڪو
آهي. ڇاڪاڻ ته هو انهن واپارين تي انهيءَ هنڌ
پهريون محصول مڙهيندا آهن، جيڪي سندن علائقن ۾
داخل ٿيندا آهن؛ ان کان علاوه، هنن انهيءَ هنڌ
ڪافي تعداد ۾ پنهنجي فوج بيهاري آهي ته جيئن اهاڪڇ
گنڊاوا جي بلوچن جي حملن کان سندن انهيءَ علائقي
جو بچاءُ ڪري سگهي.
جڏهن سڪندر موسيڪانس وٽ ترسيل هو، تڏهن هن اتان جي
ٻن راجائن، هرهڪ آگزيڪانس ۽ سامبس کي سزا ڏيڻ لاءِ
سندن علائقن تي فوج ڪشي ڪئي. انهن ٻنهي مان پوئين
نالي وارو راجا انهن پهاڙين ۾ رهندو هو، جيڪي اول
الذڪر راجا جي علائقي جي پاسي ۾ هيون. ان طرح هيءَ
ڳالهه انهيءَ دؤر ۾ انهن پهاڙي ضلعن ۾ رهنديون
هيون، جيڪي جهلوان ضلعي کان اڀرندي طرف وڃن ٿيون
۽ سيوهڻ وٽ پهچي سنڌو نديءَ جي ڪپ سان وڃي لڳن
ٿيون. حقيقت اها آهي ته الهندي طرف درياهه جي
پسگردائي ۾ ڪي به جبل يا ننڍيون ٽڪريون ئي ڪينهن،
۽ اڀرندي طرف هڪ سڌو سنئو ميدان آهي، تان جو اسين
ريگستان کي پار ڪري، هندستان جي راجپوتن جي علائقن
وارين ٽڪرين تان وڃي پهچون ٿا. انهن ٻن راجائن مان
هڪ جي موت ۽ ٻئي جي آڻ مڃڻ کان پوءِ مقدونيا جو
هيرو درياهه طرف واپس وريو، ۽ جيئن اسان کي ٻڌايو
ويو آهي. هن هڪ اوچي ۽ چئني طرفن جو بچاءُ ڪري
سگهڻ جهڙي ويڪري ميدان ۾ هڪ مضبوط قلعو تعمير
ڪرايو، انهيءَ مخصوص معلومات مان مون کي هن ڳالهه
ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نٿي ٿئي ته اهو قلعو ضرور جديد
سيوهڻ وٽ هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو قلعو هڪ اوچي ٽڪريءَ
تي واقع هئڻ ڪري، انهن سڀني پتڻن تي نظرداري ڪري
سگهي ٿو، جيڪي سنڌو ۽ لارخانيوارن درياهن جي آرپار
ڪناري تي آهن، ۽ هونئن به آسپاس وارن علائقن تي
رعب وجهڻ جي مقصد سان پڻ، هي قلعو نهايت معقول هنڌ
تي بيٺل آهن.
سڪندر جون بري ۽ بحري مهمون، ان کان هيٺ پٽالاجي
طرف ڏانهن وڌيون، جيڪو انهيءَ ڪيٽيءَ جي منهن تي
واقع هو، جنهن کي درياهه ون اهي مختلف شاخون تشڪيل
ڏين ٿيون، جن ۾ درياهه ورهائجي وڇي ٿو. پر انهيءَ
هنڌ جي قديم بيان سان اڄوڪي سنڌ جو ڪوبه حصو،
انتهائي ڏورانهين مشابهت به نٿو رکي ۽ چاهي ان کي
اسين ٺٽي وٽ رکون يا حيدرآباد وٽ سمجهون، مون کي
ٻيئي صورتون هڪجهڙيون ئي شڪ شبهي
واريون
نظر اچن ٿيون.
پٽالا وٽ فوجن جي قيام دوران، بادشاهه پنهنجي سر
سامونڊي آرماڙ جي هڪ حصي سان سمنڊ ڏانهن ٻه فوجي
مهمون وٺي ويو ۽ آرين جي بيان موجب، درياهه جي
اڪيلن ٻن ڇوڙن کي ڏسڻ لاءِ ويو. هيءَ ڳالهه ڏاڍي
عبرتناڪ آهي ته درياهه جا اهي ئي ٻه ڇوڙ، ۽ نه ڪي
ٻيا، جن مان هڪ انتهائي مشرقي ۽ ٻيو انتهائي مغربي
هئا، هنن ٽيهن سالن جي عرصي دوران اهڙي حالت ۾
هئا، جو منجهانئن ٻيڙيون تري وڇي سگهنديون هيون، ۽
جيڪڏهن علي بندرتي اهو دڪو نه تعمير ڪيو وڃي ها،
جيئن مون اڳي گذريل باب ۾ ذڪر ڪيو آهي، ته جيڪر
اهي ٻيئي به هن وقت انهيءَ حالت ۾ پيل هجن ها.
جڏهن فوج جي لس ۽ مڪران صوبن وچان پيادل سفر ڪرڻ
جون سڀ ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون، تڏهن
سامونڊي ٻيڙو هن حڪم سان نيئرڪس جي حوالي ڪيو ويو
ته هو هڪدم سمنڊ ۾ داخل ٿي جهازن جا لنگر کڻي ۽
خشڪيءَ واري فوج سان بابل ۾ اچي ملي. درياهه جي
ڪپن تان ۽ بعد ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان، جنگي
جهازن جي پيشقدمي
جي پٺيان
هلڻ، تان جو انهيءَ صوبي جي آخري الهندي ڇيڙي،
يعني آنرس يا حال مونزي ڳچي ڌرتي وٽ اچي پهچن،
منهنجي مقصد سان نٿو ٺهڪي. آءٌ هن هنڌ تي قديم
يونانين جي صحيح معلومات بابت ٻن وڌيڪ ناقابل
ترديد ثبوتن ڏيڻ کان پوءِ هن موضوع تي بحث ختم
ڪندس. انهن مان هڪ سمنڊ جو اهو زبردست جوش و خروش
آهي، جيڪو ان ۾ مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جي ملڻ واري هنڌ
تي پيدا ٿئي ٿو، ۽ جنهن جو ذڪر مون هن کان اڳي هن
جلد جي گذريل ڪنهن حصي ۾ ڪيو آهي. ۽ ٻيو ڪراچي
بندرجي آرين جي طرفان ٻڌايل نالي، ڪروڪالا سان
قطعي ۽ فيلصه ڪن شناخت آهي. ڪراچي جنهن ضلعي ۾
واقع آهي، تنهن جو موجوده نالو سنه 1809ع ۾ لکيل
هڪ مقامي مخطوطي مطابق ڪُڪرالا آهي ۽ مون کي هن
خيال ڪرڻ لاءِ سبب آهي ته کور عليءَ کي جيڪو نهايت
جديد نالو ڏنو ويو آهي، سو انهيءَ لفظ جي هڪ
معتصبانه بگڙيل صورت آهي.
مقدونيا واري فاتح جي روانگيءَکان پوءِ ۽ عربن جي
حملي کان اڳ ۾، جيڪڏهن آءٌ سنڌ ۾ رونما ٿيندڙ
واقعن جو تفصيلي بيان ڏيڻ جي ڪابه ڪوشش ڪندس ته
اها محض بلوچستان جي تاريخ بابت، منهنجي طرفان هن
کان اڳ کليل ڳالهين جي بيان جي دوباره تصديق ڪرڻ
ٿيندي. مون جيڪي به مخطوطا پڙهيا آهن، تن مان ڪنهن
هڪ ۾ به مقامي هندو شهزادن مان ڪنهن جو به سندن
نالي سان ذڪر ٿيل ڪونهي، تان جو
ايران جي
بادشاهه خسرو (عام طرح سان جنهن کي نوشيروان سڏيو
وڃي ٿو) جو دؤر آيو، جڏهن هن هڪ وڏو لشڪر موڪليو ۽
سهاسي راجا جي الهندي سرحد وارن علائقن ۾ تباهي
مچائي ڏني. هن جي پنهجن، ۽ سندن باجگذار راجائن جي
علائقن متعلق لکيل آهي ته اتر طرف اُهي موجوده
زماني جي صوبن: ڪشمير ۽ ڪابل، ڏکڻ طرف سورت ۽
انهيءَ ٻيٽ جنهن کي هڪ وقت ڊِيو سڏجي ٿو، الهندي
طرف مڪران واري سامونڊي ڪناري سان ۽ اوڀر طرف
مارواڙ، بيڪانير وغيره وارن صوبن تائين ڦهليل هئا.
انهيءَ راجا، جنهن جو نالو سُهير سنگهه چيو وڃي
ٿو، پنهنجين فوجن جي قيادت ڪندي يذات خود انهيءَ
حملي جو مقابلو ڪيو ۽ ٻنهي لشڪرن جي درميان مڪران
۾ دوبدو جنگ لڳي، جنهن ۾ راجا مارجي ويو ۽ سندس
فوجون ميدان ڇڏي ڀڳيون؛ ايرانين کي بهرحال، لُٽ جو
مال لُٽي پويان پير ڪري موٽي ويا ۽ پاڻ سان هزارين
خوبصورت عورتون به ساڳئي گهراڻي جا ٻه شهزادا، جن
مان ڪنهن هڪ جو نالو به نه ٻڌايو ويو آهي؛ هڪٻئي
جي پٺيان تخت تي ويٺا ۽ چيو وڃي ٿو ته هنن پنهنجن
وسيع علائقن ۾ ڏاڍي عدل، انصاف ۽ عقلمنديءَ سان
حڪومت هلائي. انهن مان پهرئين انهيءَ بادشاهيءَ جي
بچاءَ لاءِ گهڻائي سٺا قاعدا قانون ٺاهيا ۽ رعيت
کان ڍل وصول ڪرڻ جي بدران هن کين پنهنجي لاءِ ڪن
قلعن تعيمر ڪرڻ ۽ ڪن ٻين جي مرمت ڪرڻ تي مجبور
ڪريو، جيڪي سندس ابن ـــ ڏاڏن
جي
پرسڪون راڄ جي زماني ۾ ڀَڄي ڀُري يا هئا. ٻيو
راجا پڻ پنهنجي راڄ جي اوائلي حصي ۾ ساڳيءَ طرح
سان ئي محاط هو. پر سندس بادشاهيءَ جي خوشحالي
ايتريقدر ته وڌي ويئي، ۽ اها اهڙي ته چڱيءَ طرح
سان قائم ٿيل هئي، جو هو جلد ئي عيش و عشرت جو
شڪار بنجي پيو ۽ هفتن جا هفتا پنهنجي زنانخاني ۾
گذارڻ لڳو ۽ انهيءَ عرصي جي دوران حڪومت جو
ڪاروبار پنهنجي وزير جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو.
شهزادي جي طرز عمل ۾ آيل انهيءَ تبديليءَ واري وقت
ڌاري، سندس وزير اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ هڪ نوجوان
برهمڻ کي، جنهن کي حڪومت جي هڪ ادنيٰ عهدي تي مقرر
ڪيو ويو هو، راجا وٽ هڪ اهم معاملي متعلق حڪمن
حاصل ڪرڻ لاءِ حاضري ڏيڻ جو موقعو ملي ويو. کيس
انهيءَ ڪم لاءِ راجا جي حرم ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت
ڏني ويئي، تڏهن هو ۽ راڻي هڪٻئي کي ڏسي ايتريقدر
ته هڪٻئي تي اڪن ڇڪن ٿي پيا، جو ڪيترين ناڪامين
بعد هو پنهنجن ناجائز تعلقات قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويا. راجا جي مرڻ تي، جيڪو واقعو ان کان پوءِ جلد
ئي رونما ٿيو، راڻيءَ پنهنجي برهمڻ عاشق سان شادي
رچائي، جنهن کي انهيءَ وچ ۾ وزيراعظم جي عهدي تي
فائز ڪيو ويو هو، ۽ راڻيءَ برهمڻ سان گڏجي اهڙو
انقلاب آندو، جنهن جي نتيجي ۾ هو تخت تي چڙهي
ويٺو. هڪ تاريخ نويس لکي ٿو ته ”راجا ساهسيءَ جي
نسل جو اختتام اجهو ائين ٿيو، جنهن سنڌ جي
بادشاهيءَ تي ٻن هزر سالن کان به وڌيڪ عرصي لاءِ
حڪومت ڪئي هئي ۽ انهيءَ نسل جا شهزادا ڪنهن زماني
۾ يارهن باجگذار بادشاهين کان باج وصول ڪندا هئا ۽
هنن وڏي کان وڏي بادشاهن جي ڌميڪن ۽ ڌڙڪن داٻن جي
پروانه
ڪانه ڪئي هئي.“
جنهن برهمڻ جي عروج جو مون مختصر طرح بيان ڪيو
آهي، تنهن جو نالو چچ هو، ۽ هن جي نالي پوئتان
سندس گهراڻي جي راجائن تي چچ راجائن جو نالو پيو.
هن جي ڏاڍائي، سرڳواسي راجا جي عزيزن کي سخت
ڪاوڙايو ۽ چتور، جيسلمير، جوڌپور وغيره جي راجائن
هن کان ڦٻايل بادشاهيءَ وارا علائقا ڇڏائڻ لاءِ
پاڻ ۾ هڪ وفاق ٺاهيو؛ پر چچ سندس بي انتها دولت
سان ۽ عام طور مقبول هلت چلت سان هڪ وڏو لشڪر گڏ
ڪيو ۽ هنن جي گڏيل فوجن سان جيسلمير جي راجا واري
سرهد وٽ مقابلو ڪيو. جيئن ئي جنگ سروع ٿي رهي هئي.
ته اتحادي فوجن جي سپهه سالار چچ کي دوبدو مقابلي
ڪرڻ لاءِ للڪاريو، هن اها آڇ قبول ڪئي ۽ پوءِ انهن
ٻنهي فوجن جي سامهون مقابلو ڪيو، جنهن ۾ چيچ
سوڀارو ٿيو ۽ اتحادي فوجون پنهنجي سپهه سار کي مئل
ڏسي هڪدم ڇڙو ڇڙ ٿي ويون ۽ ڀاڄ جي دوران سنڌ جي
لشڪر هٿان هزارن جي تعداد ۾ مارجي ويون. چچ کي ان
کان پوءِ سندس نئين بادشاهيءَ ۾ مٿئين طرف وارن
کان وري ٻيهر ڪڏهن به نه ستايو ويو. هو وڏيءَ عمر
تائين جيئرو رهيو ۽ هجري سن 86 (مطابق سن 671ع) ۾
هن جي مرڻ تي سندس پٽ، ڏاهر خاموشيءَ سان تخت تي
چڙهي ويٺو،پر هن جي آرام ۾ جلد ئي بغداد جي خليفي
جي فوجن جي حملي سبب رخو پئجي ويو. انهيءَ صورتحال
لاءِ جيڪي سبب ذميدار هئا، تن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
اهي مذهبي جوش ۽ مجروح ٿيل وقار
جو ميلاپ
هئا؛ انهيءَ ڳالهه کي سمجهئاڻ لاءِ مون کي هاڻي هن
ڳالهه جو اضافو ڪرڻو پوي ٿو ته عربي نبيءَ (ص) جي
سڏائيندڙ جانشين طرفان هر سال سنڌ ڏانهن هندو
ڪنيزون خرد ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليندا هئا، جن جي،
سندن حسن و خوبصورتيءَ سبب ڏاڍي قدر و قيمت هوندي
هئي. انهن مان هڪ جماعت تي، برهمڻ آباد کان ووئيل
بندر
ڏانهن ويندي رستي ۾ راجا جي فوجن حملو ڪيو ۽ جيڪو
مقابلو ٿيو، تنهن ۾ سڀ ماڻهو يا ته مارجي ويا، يا
قيد ڪيا ويا. اهو واقعو خليفي عبدالملڪ جي زماني ۾
رونما ٿيو، جو بنواميهجي گهراڻي مان ٽيوننمبر
بادشاهه هو، ۽ اهو واقعو سنڌ کي عربن طرفان فتح
ڪرڻ لاءِ ڪيل مختلف ناڪام ڪوششن جي انتقام وٺڻ جي
ارادي سان عمل ۾ آندو ويو هو، ڇاڪاڻ اوائل کان ئي
وٺي عمر (رضه) ۽ علي (رضه) جي زماني ۾ انهن
حڪمرانن هن خوشحال ۽ شاهوڪار بادشاهيءَ ڏانهن
پنهنجا خيال مرڪوز ڪيا هئا ۽ هن سمنڊ جي رستي ان
ڏانهن فوجن جا دستا روانا ڪيا هئا، جن جي حملي کي
عام طرح روڪيو ويو هو.
هن آخري طور ڪامياب مهم جي سرڪردگي خليفي طرفان ٻن
عراقن جي گورنر حجاج بن يوسف جي حوالي ڪئي ويئي،
پر جيئن ته سندس شاهي ملازمت جي تقاضائن ڪري، هن
جي ايران ۾ موجودگي لازم يهئي، ان ڪري هن پنهنجي
ناٺيءَ محمد بن قاسم کي خليفي جي حڪمن جي تعميل
ڪرڻ لاءِ نامزد ڪيو. سنڌ جي راجا کي مشهورو ڏنو
ويو ته هو مسلمانن جي اچڻ جو پنهنجي گاديءَ واري
شهر الور ۾ ترسي انتظار ڪري. انهيءَ جو نتيجو اهو
نڪتو، جو هن جي رعايا بد دل ٿي پيئي، حالانڪ دشمن
سندس علائقن ۾ تباهي آڻيندو اڳتي وڌندو ٿي ويو ۽
ڪاميابيءَ سان سرشار ٿي هنن سنڌو ندي پار ڪري
ورتي. آخر راجا جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي پيو ۽
هو 1 ـــ رمضان المبارڪ سنه 93هه جي ڏينهن تي
پنهنجي شهر مان سڀ جنگي هاٿي ۽ بهترين فوجون ساڻ
ڪري، پنهنجي وڃايل علائقن کي واپس حاصل ڪرڻ لاءِ
هڪ ئي وڏي ڪوشش ڪرڻ جو ارادو ڪري نڪري پيو، پر اهو
قدم مناسب وقت کان دير سان کنيو ويو، ڇاڪاڻ ته
جيڪا جنگ
لڳي،
تنهن ۾ هن پنهنجي بادشاهي ۽ ساڻ ئي گڏ زندگي به
وڃائي ڇڏي، انهيءَ شڪست کان پوءِ سڄيءَ سنڌ جي
مٿان تمام تيزيءَ سان قبضو ڪيو ويو.
مال غنيمت جو پنجون حصو مسجدن جي تعمير لاءِ خرچ
ڪيو ويو ۽ باقي حصو فوجن ۽ سندن سپهه سالارن ۾
تقسيم ڪيو ويو. راجا جا ٻه پٽ، جيڪي جنگ جي ميدان
مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا
، سڪندر
واري قلعي ڏانهن ڀڄي ويا، جتي هو ان وقت تائين
مقابلو ڪندا رهيا، جيسين اهو کانئن هڪ زبردست حملي
ذريعي کسيو ويو ۽ ان ۾ موجود هر ساهواري کي قتل
ڪيو ويو ۽ عربن جي خلاف اهو آخري مقابلو هو، جيڪو
سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار بادشاهيءَ جي حيثيت ۾
ڪيو.
ماڻهن جي وڏي تعادد اهو ڏسي ته قديم طرز زندگي ختم
ٿي رهي آهي، ايتري قدر جو خطبو
خليفي جي
نالي ۾ پڙهيو پيو وڃي، ۽ انهيءَ طرح ساه هي4 ڏسي،
ته جيڪي ماڻهو فاتحن آڏو ترت وڃي پيش پون ٿا، تن
سان سٺو برتاءُ ڪيو پيو وڃي. حالانڪ انهن کي
مسلماني مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي،
سڀ قبيلن جي صورت ۾ محمد بن قاسم جي طرف وڃڻ لڳا.
ٻئي طرف ڪي اهڙا ماڻهو به هئا، جن ڊپ يا اسلام کان
نفرت هئڻ جي سبب ڪري سندس اختياريءَ کي قبول ڪرڻ
کان انڪار ڪيو، تن کي بلوچستان جي جابلو علائقن
ڏانهن هڪالي ڪڍيو ويو، جتي انهن پنهنجون آباديون
قائم ڪيون، جيئن مون انهيءَ بادشاهيءَ جي بيان ۾
ذڪر ڪيو آهي. محمد بن قاسم ان کان پوءِ پنهنيج
فتوحات کي سنڌ جي اتر ۽ اوڀر طرف وارن علائقن ۾
توسيع ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ انصاري خاندان جي هڪ
امير کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيائين، جيڪو گهراڻو
انهيءَ عهدي کي ان وقت تائين ڀريندو رهيو، جيسين
خلافت جون واڳون بنواميه جي قبضي کان نڪري بنوعباس
جي گهراڻي جي هٿن ۾ آيون ۽ اهو واقعو سنڌ ۾ هندو
اختياريءَ جي تختي اونڌي ٿيڻ کان چاليهن سالن جي
مدت کان پوءِ واقع ٿيو. پهرئين نالي واري گهراڻي
تي آڌار کرندڙ سڀ ماڻهو اقتدار کان محروم ڪيا ويا
۽ انهيءَ انقلاب کان پوءِ عباسي خليفن پاران سنڌ
جا گورنر وقت جي حاڪمن جي مرضيءَ مطابق نامزد
ٿيندا ۽ عهدي تان لهندا رهيا. ان ڪري هن صوبي جي
تاريخ، ذري گهٽ ٽن صدين تائين، ڪنهن به نئين ڳالهه
کان خالي آهي ۽ فقط انهن سببن جي بيان تي مشتمل
آهي، جيڪي هڪ حاڪم جي هئڻ ۽ ڪنهن ٻئي نئين ماڻهوءَ
لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ واسطي پهرئين جي گردن زنيءَ
لاءِ ذميدار ٿيندا هئا، حالانڪ نئين ايندڙ لاڏلي
جو انت پڻ گهڻو ڪري اهو ئي ٿيندو هو، جيڪو سندس
پيشروءَ جو ٿي ٿيو. هن هنڌ تي هڪ ڳالهه جو اضافو
ڪرڻ گهرجي ته انهيءَ دؤر ۾ صوبي جو داخلي امن اڪٿر
طور، قسمت آزمائيندڙن جي ٽولين طرفان درهم برهم
ٿيندو رهندو هو. جيڪي هڪ کان وڌيڪ موقعن تي
ايتريقدر طاقتور هوندا هئا، جو ملڪ جي وڏي کان وڏي
علائقي جو قبضو حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ وٽ ان وقت تائين
قائم رکي سگهندا هئا، جيسين بغداد کان مقامي حڪومت
جي مدد لاءِ مضبوط فوجي ڪمڪ نه موڪلي ويندي هئي.
پنجين صدي هجريءَ جي اوائلي حصي م، خليفي القادر
با الله سنڌ ۽ ان جي آسپاس وارن ملڪن کان سندس
سلطنت جي گهٽ ڏورانهن علائقن جي دفاع لاءِ پنهنجو
فوجون واپس گهرائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، جن تي
محمود غزنويءَ جي فوجن حملو ڪيو هو، ان کان پوءِ
ڪجهه سالن تائين اهو صوبو، جنهن جو آءٌ ذڪر ڪري
رهيو آهيان، هن سبب ڪري بردست افراتفريءَ ۽ طوائف
الملوڪيءَ جو آماجگاهه رهيو، جو بيشمار قبيلن
طرفان سڄي صوبي لاءِ هڪ سربراهه نامزد ڪرڻ جي سندن
حق بابت دعويٰ ڪئي ٿي ويئي. آخرڪار اها چٽاڀيٽي
محمود غزنويءَ جي فوجن جي اچڻ سان اثرائتي نموني
سان دٻجي سگهي، جن تمام جلد سڀني دعويدارن کي
دٻائي ڇڏيو ۽ سندن تڪرار واري علائقي کي غزنوي
سلطنت جي هڪ باجگذار صوبي طور پنهنجن علائقن ۾
شامل ڪري ڇڏيو. محمود جي پٽ، مسعود جي بادشاهيءَ
تائين درٻار طرفان هن صوبي ڏانهن باقاعدگيءَ سان
حاڪم موڪليا ويا، نيٺ سومرن نالي هڪ تمام وڏو
قبيلو هٿياربند ٿي موقعي تي اچي پهتو ۽ هنن
بادشاهه جي سڀني ملازمن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيو. پر
جيئن ته انهن جي سردار، جنهن جو نالو سنگهار هو،
انهيءَ گستاخيءَ لاءِ هڪدم معافي ورتي ۽ اوتري ئي
رقم ساليانه ڏَنڊ طور ڀري ڏيڻ قبول ڪئي، جيڪا اڳ ۾
وصول ڪئي ويندي هئي، ان ڪري هن کي معاف ڪيو ويو ۽
انهيءَ گورنر جي جاءِ تي، جنهن کي هن معزول ڪيو
هو، کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
انهيءَ انتطام طئي ٿيڻ کان پوءِ هڪ سؤ پنجاهه سالن
تائين ڏَن جي رقم ڏاڍي باقاعدگيءَ سان ڀري ويندي
هئي، جڏهن غزنوي سلطنت جو غوري گهراڻي اچي تختو
اونڌو ڪيو، جنهن تي سومرن، جن جي گهراڻي ۾ سنڌ جي
بادشاهيءَ کي آهستي آهستي مورثي بنجڻ جي اجازت ڏني
ويئي هئي، پنهنجي لاءِ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو
۽ جيتوڻيڪ هنن کي اعلان کان پوءِ ٿيندڙ جنگين ۾
بار بار هارائڻو پوندو هو، ان هوندي به هنن ان وقت
تائين، جڏهن سندن نسل ختم ٿي ويو يا دودي جي شخصيت
۾ سندن شهزادن جو وجود هجري 694 ۾ هن جي انتقال
سان گڏ ختم ٿي پئي ويو، پر هنن پنهنجي آزاديءَ کي
ڪنهن نه ڪنهن طرح سان برقرار رکيو. دودي جي وفات
انهيءَ وقت کان اٽڪل ٽي سؤ ۽ پنجٽيهه سال پوءِ ٿي،
جڏهن سندس ابن ـــ ڏاڏن سڀ کان پهريائين پاڻ کي
مشهور ۽ نمايان ڪيو هو
. دودي جي
انتقال ٿيڻ بعد، خالي پيل حڪومت جا بيشمار دعويدار
پيدا ٿيا، ۽ ذري گهٽ سڄيءَ صديءَ تائين هن سوال کي
طئي ڪرڻ لاءِ مستقل جدوجهد لڳي رهي ته ان جو وارث
ڪير بنجي. اهڙن دعويدارن مان ٻن ڀائرن، کيرامل ۽
ارڪومل هڪٻئي جي پٺيان ڪجهه وقت تائين حڪومت کي
سنڀاليو، پر انهن مان پوئين ڀاءُ جو ظلم ۽ ڏاڍ نيٺ
ناقابل برداشت حد کان وڃي پهتو ۽ سما قبيلي جو
سردار ملڪ جي وزيرن سان گڏجي هن جي محل ۾ داخل ٿيو
۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو. سڄي آباديءَ هڪ ئي آواز سان
ان کي پنهنجو سردار ڪري چونڊيو، جنهن هنن کي سومرن
جي ”بادشاهي“ جهڙي عذاب کان نجات ڏياري هئي. هن کي
”ڄام“، يعني سردار جي لقب سان تخت تي ويهاريو ويو،
جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي لاءِ اهو لقب
هن ڪري اختيار ڪيو، جو سندس دعويٰ هئي ته سندس
خاندان ايران واري مشهور بادشاهه جمشيد جي نسل مان
هو.
هن پنهنجو راڄ ۽ بهرامپور جي قلعن تي قبضي ڪرڻ سان
شروع ڪيو، جيڪي ان وقت غوري شهنشاهه جي ٻن سپهه
سالارن جي قبضي ۾ هئا. انهن مان پهرئين نالي واري
قلعي تي قبضو ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. البت ٻئي تي
حملي ڪرڻ وقت هو زندگي وڃائي ويٺو. اهو حادثو سندس
تخت تي اچڻ کان ساڍا ٽي سال پوءِ وقوع ۾ آيو. هن
جو وڏي ۾ وڏو پٽ، ڄام جونا کانئس پوءِ تخت تي
ويٺو، ۽ هن نه فقط پنهنجي والد جي ارادن کي عملي
جامو پهرايو، پر ان کان علاوه هن بکر ۽ اوچ وارن
قلعن تي پڻ قبضو ڄمايو. هن جي صحت، بهرحال
ايتريقدر ته نازڪ حالت ۾ هئي، جو هو هميشه جنگ جي
ميدان ۾ نه رهي سگهندو هو، جنهن ڪري هن جون فوجون
سندس غيرموجودگيءَ سبب اڪثر بد دل ٿي پونديون
هيون. هن سورهن سالن تائين حڪومت ڪرڻ کان پوءِ مرڻ
کان اڳ ۾، پنهنجي زبردست محنت ۽ مشقت سان حاصل ڪيل
فتوحات جا سڀ ڦل کسجندي ۽ سندس علائقا وري انهن
سرحدن اندر محمود ٿيندي ڏٺا، جيڪي سندس پيءَ جي
ڏانهن ۾ هئا.
هن جي انتقال تي هڪ خلاف پيدا ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته
تخت جي جائز وارث کي سندس والد جي زندگيءَ جي
دوران ۾، جوٽيل هڪ جنگ ۾، قيدي بنائي دهليءَ
پهچايو ويو هو، جتي هن هندستان جي شهنشاهه جي
بالادستيءَ کان علي الاعلان تسليم ڪيو هو، جنهن جي
پاران هن پنهنجي بادشاهي باجگذاريءَ جي حالت ۾ رکڻ
قبول ڪئي هئي. پر جڏهن قبيلي جي ٻين سردارن کي
انهن شرطن کان آگاهه ڪيو ويو، جن هن کي آزاد ڪرڻ
منظور ڪيو هو، تڏهن انهن هن کي رسمي طور معزول ڪري
سندس ٻئي نمبر ڀاءُ کي مسند تي ويهاريو. اهو سردار
جنهن جو نالو ڄام بابينو هو، گهڻي وقت تائين
لامحدود خودمختاريءَ جو مزو نه ماڻي سگهيو، ڇاڪاڻ
ته هو فيروز شاهه ٽئين جي فوجن کي ٻه دفعا شڪست
ڏيئي پٺتي هٽائڻ کان پوءِ نيٺ ٽيون ڀيرو هجري سن
779 (مطابق سن 1364ع) ۾ آڻ مڃڻ لاءِ مجبور ٿيو،
جنهن کان پوءِ هن کي دهليءَ پهچايو ويو؛ جتي هن
پنهنجي چال چلت ۾ اهڙين ته وڻندڙ ۽ شاهاڻين خوبين
جو مظاهرو ڪيو، جو شهنشاهه سن 781هه ۾ هن کي
شاهاڻي
ڇٽَ ۽
خلعت سان نوازي، کيس واپس سنڌ ڏانهن پنهنجي
وائيسراءِ جي حيثيت ۾ روانو ڪيو ۽ ان کان کيس اهي
ساڳيا شرط مڃڻا پيا، جيڪي هن جي ڀاءُ ڪجهه سال اڳي
قبول ڪرڻ منظور ڪيا هئا. هن جو هڪ خودمختار شهزادي
جي حيثيت ۾ راڄ چئن سالن جي عرصي تي مشتمل هو ۽ هن
دهليءَ کان واپس اچڻ واريءَ تاريخ کان وٺي شهشاهه
جي وائيسراءِ جي حيثيت ۾ پندرهن سال حڪومت هلائي.
سنڌ جي تاريخ انهيءَ دؤر کان وٺي، جتي اسان هاڻي
اچي پهتا آهيون، هندستان جي تاريخ سان ايتريقدر ته
تاڃي ۽ پيٽي وانگر مليل آهي، جو ان کان هڪ الڳ
ڪتاب جي صورت ۾ جدا ڪرڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿيندو. در
حقيقت اهو موضوع اهڙو ته غير دلچسپ ٿيندو، جو
جيڪڏهن آءٌ ان تي قلم کڻڻ جي ڪوشش به کڻي ڪندس
تڏهن به مون توڙي پڙهندڙن کي ان مان ڪو لطف ڪونه
ايندو. چنانچه آءٌ فقط ايتروچوڻ ڪافي ٿو سمجهان ته
سما خاندان جا ڄام هندستان جي شهشاهن جا موروثي
نمائندا بنجي ويا ۽ ان گهراڻي جا ٻارهن شهزادا
هجري سن 926 (سن 1511ع) تائين، انهيءَ عهدي کي هڪ
اڻ کٽ سلسلي جي صورت ۾ ان وقت تائين پُر ڪندا
رهيا، جيستائين انهيءَ ساڳئي انقلاب سندن مڪمل
تنزل آندو، جنهن بابر کي هندستان ۾ دهليءَ جي تخت
تي آندو. سنڌ ۾ انهيءَ سڄي عرصي جي دوران، جنهن جو
مون بيان ڪيو آهي، قائم رهندڙ حڪومت جي نوعيت لاءِ
اهو چئي سگهجي ٿو ته اها لامحدود اختيار سان
شهنشاهن جي نمائنده حڪومت هئي. ائين پيو معلوم ٿئي
ته ڄامن طرفان سندن علائقن کي وسيع ڪرڻ لاءِ آسپاس
وارن اهڙن سردارن ۽ راجائن جي علائقن تي، جيڪي
انهن جي بالاحاڪم جي رعيت ۾ شامل نه هوندا هئا،
انهن تي حملن ڪرڻ جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکيو، ۽ ان
مان خوب ڪم ورتو ويو. انهن مان هڪ يا ٻن کي، جيڪي
دهلي ويا، شاهي رتبي ۽ اختيار جي مختلف علامتن ۽
ظاهري نشانن سان هلڻ جي اجازت ڏني ويئي؛ ۽ جيڪڏهن
هن گهراڻي جو هرهڪ موروثي شهزادي کي سندس
نمائندگيءَ واري عهدي تي فائز ٿيڻ جي موقعي تي
تصديق خاطر وقت جي شهنشاهه طرفان خلعت نه عطا ڪئي
وڃي ها، ۽ جيڪڏهن اهي سڀ شاهي دربار ڏانهن ڪڏهن
ڪڏهن وڏيون پيشڪشون
نه موڪليندا رهن ها، ته سڌ لاءِ هڪ گاجگذار صوبي
جا لفظ استعمال ڪرڻ کي غلط سمجهيو وڃي ها.
سن 923 هه (1508ع) ۾ بابر قنڌار ۾ آيو ۽ اتان جي
شهزادي شاهه بيگ ارغون پاڻ کي ان طرح سندس آبائي
ورثي
کان
محروم ٿيندو ڏسي، وڏي فوج تيار ڪئي ۽ سيوستان، ڪڇڏ
گنڊاوا ۽ سنڌ فتح ڪري ورتي. پهريائين هن ڄام فيروز
کي سندس انهيءَ پوئين نالي واري صوبي ۾ جيئن جو
تيئن رهڻ ڏنو ۽ هن پنهنجي رهائشگاهه سيويءَ ۾ مقرر
ڪئي، جيڪو شهر پهريئن نالي واري صوبي جو گاديءَ جو
هنڌ هو؛ پر بعد ۾ اهو معلوم ڪري ته هو سندس
اختيارءَ جي خلاف سازباز ڪري رهيو هو، هن عبدالعلي
خان ترخان کي ڄام فيروز جي جاءِ تي گورنر مقرر ڪري
موڪليو، جنهن تي ڄام فيروز گجرات ڏانهن ڀڄي ويو،
جتي هو دلشڪسته ٿي گذاري ويو. بابر جي طاقتور ۽
ناقابل تسخير فوجي طاقت جلد ئي شاهه بيگ کي سندس
نون حاصل ڪيل علائقن جي انتهائي ڏاکڻين حصي ڏانهن
فرار ٿي پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو. پر جيئن ته هن
اعليٰ خيالن ۽ وڏي جرات وارو شهزادو هو، ان ڪري
سندس دل انهيءَ تباهيءَ جي خيال کي برداشت نه ڪري
سگهي، جيڪا هن کي برداشت ڪرڻي پيئي هئي ۽ هن بکر ۽
ٺٽي جي وچ تي هڪ ٻيڙيءَ ۾ آپگهات ڪيو، جنهن ۾ چڙهي
هو مغل فوجن کان فرار ٿي رهيو هو، جن کيس تازو ئي
بکر جو قلعو خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. هن جي هڪ
ئي پٽ، شاهه حسن بيگ، جنهن کي قدرت سندس والد جي
سڀني شاهاڻين خوبين سان نوازيو هو، پنهنجي مقدر کي
انهيءَ حد تائين سنواري وڌو، جو هن وري ٻيهر بکر
تي قبضو ڪيو ۽ ملتان جي خوشحال شهر ۾ ڦرلٽ پڻ ڪئي؛
پر هن جي سڀني اميدن تي ان وقت پاڻي ڦري ويو، جڏهن
مرزا عيسيٰ خان طرفان، جيڪو عبدالعلي ترخان جو وڏي
کان وڏو پٽ هو، جنهن کي پڙهندڙن کي ياد هوندو ته
شاهه بيگ جي زماني ۾ گورنر مقرر ڪيو ويو هو، تنهن
ٺٽي ۽ ان جي ماتحت علائقي تي قبضو ڪيو. نوجوان
باغيءَ شهزادي کي سزا ڏيڻ لاءِ هڪدم پويان پير
ڪيا، پر هن کي تمام ڊگهين ڳالهين کان پوءِ، سيوهڻ
کان هيٺ ولاقع سنڌ جو سڄو علائقو جدا ڪرڻ لاءِ
زوريءَ مجبور ڪيو ويو، جو ان کان وٺي ترخدان
گهراڻي جي سردارن کي هڪ باجگذار علائقي جي حيثيت ۾
هلائڻ۾ لاءِ ڏنو ويو. پر هو سندس علائقن جي انهيءَ
تقسيم کان پوءِ گهڻو وقت جيئرو رهي نه سگهيو،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ ساڳئيءَ سال جي آخر ڌاري هن جو
بکر جي قلعي ۾ موت واقع ٿيو، جنهن جي دوران اهو
تعمير ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ سندس باقي علائقن
تي سندس لشڪر جي مختلف سردارن قبضو ڪيو؛ جيتوڻيڪج
اهي علائقا سنڌ جي موجوده سرحدن اندر واقع هئا، ان
جي باوجود انهن جي متعلق ڪنهن به بحث مباحثي ۾ پوڻ
بلڪل بي فائدو ٿيندو.
جنهن زماني ۾ سنڌ اندر اهي واقعا رونما ٿي رهيا
هئا، جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ دؤر ۾
هندستان جي سلطنت هڪ پٺاڻ جي قبضي مان نڪري موجوده
مغل گهراڻي جي هٿن ۾ اچي ويئي هئي ۽ بابر جو وارث
همايون ان وقت ايران ۾ جلاوطنيءَ جو زمانو گذاري
پنهنجي واپسيءَ بعد دهليءَ جي تخت تي ويٺل هو.
جڏهن مرزا عيسيٰ سڀ کان اول پنهنجي لاءِ ٺٽي جي
سرڪار (حڪومت) جي نواب جو ططاب اختيار ڪيو ۽ سما
گهراڻي جي آخري بادشاهه کان پوءِ، هن جا جيڪي به
ابا ڏاڏا سنڌ جا حاڪم ٿي گذريا هئا، تن وانگر هن
پڻ انهيءَ
بادشاهه جي وفاداريءَ جو طوق گردن مان لاهي ڇڏيو.
هندستان جي مخصوص حالات جي تحت ان وقت شهنشاهه
پنهنجو توجهه سنڌ جهڙي ڏورانهين علائقي ڏانهن نٿي
ڪري سگهيو، جنهنڪري مرزا عيسيٰ خان مرڻ وقت پنهنجا
سڀ علائقا مغل سلطنت جي اثر کان بلڪل آجا ۽ آزاد
ڪري پنهنجن پٽن کي ورثي ۾ ڏيئي ويو، جن مان سڀني
کان وڏي پٽ کي هڪ خطرناڪ چريي هئڻ ڪري، ماڻهن جي
اتفاق راءِ سان تخت تان هٽايو ويو ۽ هن جي ٻئي پٽ
مرزا محمد باقي کي نواب بنايو ويو. جلدئي هن پڻ
چريائيءَ جا اهي ساڳيا آثار ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا ۽
هن سن 993هه (مطابق 1878ع) پاڻ کي ٺٽي جي جامع
مسجد اندر بيهي خنجر هڻي آپگهات ڪيو. انهيءَ واقعي
کان پوءِ هن جي پٽ مرزا جاني بيگ حڪومت جون واڳون
سنڀاليون. ٽن سالن کان پوءِ مشهور مغل شهنشاهه
اڪبر جي فوجن سڄي سنڌ فتح ڪري پنهنجي ماتحت آندي،
جنهن کان پوءِ سنڌ جي ڪنهن به حڪمران وري ڪڏهن به
پنهنجي خودمختاريءَ جي اعلان ڪرڻ جي همت نه ڪئي
آهي، جيتوڻيڪ انهن ڪيئي ڀيرا انهيءَ ڏن واري رقم
ڏيڻ کان ڪترايو آهي، جيڪا ان وقت مقرر ڪئي ويئي
هئي ۽ ساڳيءَ طرح اهي بار بار پنهنجي بالاحڪمران
جي خلاف هٿيار کڻي مقابلي ۾ آيا آهن.
سن 1014هه (مطابق 1599ع) ۾ جهانگير پنهنجي پيءُ
اڪبر کان پوءِ هندستان جو شهنشاهه بنيو ۽ هُن، ۽
کانئس پوءِ ايندڙ ٻن شهنشاهن يعني شاجهان ۽
عالمگير (جيڪو عام طرح اورنگزيب جي لقب سان مشهور
آهي)، جي حڪومتن جي سڄي عرصي دوران سنڌ جي شهزادن
کي انتهائي محڪوم حالت ۾ رکيو، جيتوڻيڪ آخري
شهنشاهه جي انتقال بعد، هندستان جي انتشار واريءَ
حالت مان هنن همت ڪري ڏن جي رقم جي ادائگي بند ڪري
ڇڏي. سنڌ جي آباديءَ ۾ انهيءَ دؤر ۾، جنهن جو آءٌ
ذڪر ڪري رهيو آهيان، وڏي تبديلي اچي چڪي هئي، جو
انهيءَ صوبي جي پگهاردار سپاهين جي حيثيت ۾ وڏا
بلوچي قبيلن جا قبيلا آندا ۽ آباد ڪيا ويا هئا.
ترخان گهراڻي جي بادشاهيءَ جي جاءِ تي گهڻو زمانو
اڳي هڪ ٻئي قبيلي جي بادشاهي قائم ٿي ويئي هئي،
جنهن کي ڪلهوڙا چيو وڃي ٿو ۽ جيڪي اصل ۾ ايران کان
آيل هئا، پر مون اتان جي بادشاهيءَ ۾ آيل انهيءَ
تبديليءَ جي تاريخ ۽ سبب بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي
جيڪا به ڪوشش ڪئي آهي، سا هن وقت تائين ناڪمياب ٿي
آهي. ايرانين، انهيءَ وقفي ۾ قنڌار تي قبضو ڄمايو
هو ۽ ممڪن آهي ته ڪلهوڙا ايراني فوج جو ڪو قسمت
آزمائيندڙ قبيلو هجي، جنهن سنڌ جي وارد ٿي اتان جو
اعليٰ ترين اقتدار ڦٻائي ورتو ۽ هنن ساڳئي وقت تي
هندستانف جي شهنشاهن جي تابعداري پن قبول ڪئي،
جيڪي انهن گورنرن جي دعوائن جي منصفانه هئن يا نه
هئڻ بابت، جن کي دربار طرفان مقرر نه ڪيو ويندو
هو، هميشه کان وٺي بي نياز رهندا هئا، بشرطيڪ
سالياني ڏن جي رقم کين دستوري باقاعدگيءَ
سان ملندي رهي.
جيڪڏهن آءُ نادر شاهه طرفان هندستان تي ڪيل حملي
جو هن هنڌ بيان ڪندس ته ان طرح آءُ انهن ڳالهين کي
دوباره بيان ڪندس، جيڪي مون پنهنجي مقصد لاءِ هن
کان اڳي ئي ڪافي وضاحت سان سمجهائي ڇڏيون
آهن. هندستان جي تاريخ ۾ اهو عظيم واقعو سنه 1739ع
۾ رونما ٿيو ۽ ان جي مختلف نتيجن مان هڪ وڏو
نتيجو، سنڌ ۽ سنڌونديءَ جي الهندي ڪناري وارن سڀني
علائقن جو هندستان کان عليحده ٿي، ايران جي تاج
سان منسلڪ ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو. نادر دهليءَ کان
واپس وطن سورڻ تي ٺٽي آيو، جتي زباني بيانن موجب،
هن جو نهايت شاندار استقبال ڪيو ويو،
هن اتان جي گورنر کي سندس عهدي تان نه هٽايو.
انهيءَ فاتح جو قتل سنه 1747ع ۾ ڪيو ويو ۽ هن جي
وسيع سلطنت جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جي نتيجي طور، جيڪا
هن پنهنجي زندگيءَ ۾ قائم ڪئي هئي، ڪابل جي
بادشاهيءَ جو بنياد پيو، جنهن جو سنڌ هن وقت هڪ
باجگذار صوبو آهي. ائين پيو نظر اچي ته اتان جي
نوابن، بهرحال، انهيءَ نئين گهراڻي جي بادشاهن جي
اقتدار کي هڪدم تسليم ڪونه ڪيو، پر هنن وري به
هندستان جي شهنشاهن ڏانهن تابعداري جو مظاهرو ڪيو،
جيئن ته سنه 1756ع ۾ اسان ڏسون ٿا ته ان وقت جي
هندستان جي شهنشاهه عالمگير ثانيءَ طرفان پنجاب ۽
سنڌ جي صوبن جون حڪومتون، احمد شاهه درانيءَ جي پٽ
شهزادي تيمور شاهه کي سندس هڪ شهزاديءَ سان شادي
ڪرڻ تي ڏاج ۾ ڏنيون وييون. عين انهيءَ دؤر ۾ مرهٽا
سڄي هندستان ۾ ڦهلجي چڪا هئا ۽ سنه 1757ع ۾ هنن
تيمور شاهه کي اٽڪ نديءَ جي ٻئي پار هڪالي ڪڍيو، ۽
افغانن کي ايتريقدر ته ڪمن ڪارين ۾ رڌل رکيو، جو
هنن لاءِ سنڌين جي سرگرمين ۾ مداخلت ڪرڻ ناقابل
عمل ٿي پيو، جن انهيءَ گڙٻڙ مان وڏي خوشيءَ سان
فائدو وٺي، شاهي خزاني ڏانهن پنهنجو ڏن رواني ڪرڻ
کان انڪار ڪيو. انهيءَ صورتحال، هنن کي انهيءَ
بوجي کان گهڻي وقت تائين آجو نه رکيو، ڇاڪاڻ ته هو
پاڻيپٽ
جي جنگ کان پوءِ، انهيءَ معاملي ۾ پنهنجي طرفان
ڪيل ڪوتاهيءَ جي عيوضي ۾ بقايا رقم جو ڪافي وڏو
حصو خوشيءَ سان ڀري ڏيڻ جي شرط تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ
راضي ٿيا. ان کان سواءِ، هنن احمد شاهه کي ايرانين
جي خلاف جنگ جاري رکي سگهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ، جيڪي
ان وقت خراسان تي حملو ڪري رهيا هئا، ٻن سالن جي
ڏن جي رقم اڳواٽ پڻ ڀري ڏني.
احمد شاهه سنه 1771ع ۾ گذاري ويو ۽ ان کان پوءِ
تيمور شاهه ڪابل جي تخت نشين ٿيو. سنه 1779ع جي
جون مهيني ۾، بلوچي نسل جي هڪ قبيلي، جنهن کي
ٽالپر سڏيو وڃي ٿو، موجوده اميرن ۽ سندن وڏي ڀاءُ
جي سرڪردگيءَ ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا نواب جي اقتدار خلاف
بغاوت ڪئي، ۽ سندس ڪن سون ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد هن
کي قنڌار طرف ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو. تيمور شاهه،
فرار ٿيل نواب کي سندس حق واپس وٺي ڏيڻ لاءِ، مدد
خان جي زير قيادت فورن هڪ فوج موڪلي ڏني، جيڪو
مقصد ڪنهن به ڌڪ هڻڻ کان سواءِ ئي حاصل ٿي ويو،
ڇاڪاڻ ته جنهن دم شاهي فوجون سنڌ صوبي اندر داخل
ٿيون، تنهن گهڙيءَ ٽالپرن ڀڄي وڃي ريگستان ۾ پناهه
ورتي؛ پر هنن وري موٽي اچڻ ۾ ڪابه دير ڪانه ڪئي ۽
ڪلهوڙي شهزادي کي ٻيو ڀيرو بنان ڪنهن مقابلي جي،
وري تخت تان لاٿو ويو. ماڻهن اهو ڏسي ته هن جي
دشمن جي، قسمت يا وري ڪري رهي آهي، کيس سندس قسمت
تي ڇڏي ڏنو. سنه 1786ع ۾، ڪابل کان هڪ ٻيو لشڪر
سنڌ ۾ پيدا ٿيل اختلافن ۽ تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ
آيو. پر هن ڀيري ٽالپر سردارن ملڪ جي حڪومت ۽
آمدنيءَ تي پورو قبضو ڪيو، ڪجهه وقت پرامن طور
گذري چڪو هو، جنهنڪري هو انهيءَ رقم سان افغانن جي
لشڪر کان وڌيڪ تعداد ۾ هڪ وڏي فوج جمع ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ويا؛ جنهن جي نتيجي ۾ هنن افغان فوج کي
شڪارپور شهر کان اٽڪل ويهه ڪوهه ڏکڻ _ الهندي،
واقع جيئند نالي هڪ ڳوٺ وٽ پوري طرح شڪست ڏني، ۽
هارايل فوج شڪارپور شهر ڏانه ڀڄي ويئي. ان کان
پوءِ ٺاهه جون ڳالهيون شروع ڪيون ويون ۽ جيئن ته
ٽالپرن، نه فقط ڏن جي بقايا رقمن ڀري ڏيڻ جي تجويز
پيش ڪئي، پر ان سان گڏ هنن آئيندي لاءِ اها رقم
انتهائي باقاعدگيءَ سان پيش ڪرڻ جو وعدو پڻ ڪيو،
انڪري هنن ۽ بادشاهه جي درميان اهو معاملو باهمي
رضامنديءَ سان هن طرح طئي ڪيو ويو جو بادشاهه جي
طرفان هڪ فرمان جاري ڪري ٽالپر ڀائرن مان سڀني کان
وڏي، مير فتح علي کي سنڌ جو امير مقرر ڪيو ۽ انهي
وقت کان وٺي سنڌ جي سڄي رعيت کي ڪلهوڙا خاندان
لاءِ وفاداري ۽ تابعداريءَ کان آزاد قرار ڏنو ويو،
جن جو هن وقت فقط هڪ سردار باقي وڃي بچيو آهي،
جيڪو گجرات ڏانهن ڀڄي ويو آهي، جتي هو گذريل چند
سالن جي دوران اتان جي مقامي شهزادن منجهان هڪ وٽ،
قسمت آزمائيندڙ سپاهيءَ طور رهيو پيو آهي. انهيءَ
انتظام کان ٽن سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصي گذرڻ کان
پوءِ ٽالپر اميرن طرفان ڏن ۾، هڪ رپيي موڪلڻ کان
به سختيءَ سان انڪار ڪيو ويو ۽ انهيءَ وقت تيمور
شاهه هنن کي تابعداري تي مجبور ڪرڻ واسطي پنهنجون
فوجون انهن طرف موڪلي نه سگهيو. سندس پُٽ زمان
شاهه، جيڪو هن کان پوءِ سن 1793ع ۾ تخت تي ويٺو،
تنهن هڪ سال کان پوءِ هنن جي سرحدن طرف پيشقدمي
شروع ڪئي، پر جيئن ته هو ڊگهي جنگ ڇيڙي وقت ضايع
ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، انڪري هو ٽالپر اميرن کان
چوويهه لک رپيا
وٺڻ تي راضي ٿيو، جا رقم انهيءَ رقم جو چوٿون حصو
به نه هئي، جيڪا هنن جي طرفان واجب الادا ٿيڻي هئي
۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويو. انهيءَ عير
دانشمندانه ٺاهه سنڌين جون پنهنجي اهميت ۽ طاقت
ڏانهن اکيون کولي وڌيون ۽ ان کان پوءِ هنن وري
ڪڏهن به ڏن جي رقم کي هڪ نالي ماتر رسم کان سواءِ
وڌيڪ ڪونه ڪوٺيو آهي؛ جيتوڻيڪ سن 1805ع ۾ جڏهن
شاهه شجاع الملڪ انهيءَ رسم تي عمل ڪرائڻ لاءِ
پيشقدمي ڪئي، تڏهن ٽالپرن طرفان ولي محمد خان کي
نامزد ڪيو ويو ته هو ان سان سندن علائقي جي آخري
سرحد وٽ وڃي ملي ۽ هن جي خطابت ۾ ايترو زور هو، جو
هو بادشاهه کي سندس هڪ وزير فتح خان جي زوردار
مشوري جي برعڪس، ايڪهتر لک رپين
جي بدران، جيڪا رقم ان وقت تائين اڻ _ پيئاريل
بقايا هئي، ستاويهن لک رپين جي رقم وٺي واپس وڃڻ
لاءِ آماده ڪري سگهيو.
تيمور شاهه طرفان، سنڌ جي اعليٰ اقتدار تي مير فتح
علي جي نامزد ٿيڻ تي، انهيءَ سردار ملڪ جا وڏا وڏا
ڀاڱا پنهجنجي خقاندان جي انهن مختلف شاخن جي حوالي
ڪري ڇڏيا، جن کيس انهيءَ ملڪ جي حڪومت کي ڦٻائڻ ۾
مدد ڪئي هئي. انهن مان مير سهراب ۽ مير ٺاري کي
سڀني کان وڏا حصا مليا؛ ۽ جيئن ته کين سندن علائقن
۾ مڪمل ڪنهن ٺاهه ۾ نه جڪڙيو ويو، انڪري انهن کي
هاڻي حقيقت ۾ خود مختار ئي سمجهي سگهجي ٿو. اول
الذڪر جو علائقو سنڌ جي اتر _ اڀرندي حصي ۾ واقع
آهي ۽ اهو بهاول خان جي علائقي جي ڏاکڻين سرحد کان
وٺي شروع ٿي خيرپور جي شهر تائين وڃي ٿو، جيڪو هن
جي گاديءَ جو هنڌ آهي؛ هن جي سالياني آمدني ست لک
رپيا آهي ۽ هو چئن ۽ پنجن هزارن جي وچ ۾ فوج رکي
سگهي ٿو. مير ٺاري جا ضلعا ڏاکڻين طرف مير سهراب
جي ضلعن سان ملن ٿا؛ـ هن جي سالياني آمدني چئن لکن
رپين کان مٿڀري آهي ۽ هن جي مستقل فوج جو تعداد
چار هزار آهي.
مير فتح علي جي انتقال بعد سندس ٽن ڀائرن طرفان
خاندان پنهنجي شاخ جي آمدني چئن ڀاڱن ۾ ورهائي، جن
مان ٻه ڀاڱا مير غلام عليءَ ڏانهن وڏي امير جي
حيثيت ۾ ويا ۽ باقي ٻن ڀاڱن مان، هڪ هڪ ڀاڱو باقي
ٻن ننڍن ڀائرن منجهان هر هڪ کي ڏنو ويو. اهڙيءَ
طرح سان ان وقت جيڪا رقم تقسيم ڪئي ويئي، سا
چوٽيهه لک ۽ تيرهنن هزار رپيا هئي، پر انهيءَ وقت
کان وٺي هاڻي اها ڪافي حد تائين وڌي ويئي آهي. مير
غلام عليءَ کي جيڪو اضافي الائونس ڏنو وڃي ٿو،
تنهن جي عيوضي ۾ هو ملڪ جي مستقل شهري ۽ فوجي
اخراجات ڪرڻ لاءِ ٻڌل هو، جيڪي تمام ٿورا آهن ۽
انهن کان علاوه ڪابل جي بادشاهه طرفان جيڪڏهن ڪنهن
به وقت ڏن جي رقم ڀري ڏيڻ تي زاور ڏنو ويندو ته ان
صورت ۾ هن کي ٻن حصن جيتري رقم ڀرڻي پوندي.
انهيءَ ساڳئي وقت تي جڏهن ٽنهي ڀائرن جي اتگفاق
راءِ سان اهي قاعدا مرتب ٿي رهيا هئا، تڏهن هنن
صوبي تي گڏجي حڪومت ڪرڻ جو هڪ انتهائي حيرت انگيز
معاهدو طئي ڪيو. سنڌ جي اميرن يا حڪمرانن جي خطاب
تحت، ۽ مير غلام علي
جي وفات تي، جيڪو انهن ٽنهي ڀائرن کان وڏو هو،
جيڪي انهيءَ موقعي تي مسند تي هئا، جڏهن اسان جو
وفد درٻار ۾ حاضر ٿيو هو، سندس سڀني کان وڏو پٽ،
انهيءَ ٽه _ مورتيءَ ۾ سڀني کان هيٺيئن جاءِ تي
ويهندو هو ۽ سندس ٻه ڀائر هڪ ڏاڪو مٿي چڙهي ويهندا
هئا. هن ڳالهه جو اندازوپ ڪرڻ ناممڪن آهي ته اهو
عجيب و غريب طريقو ڪيترو وقت محفوظ رهي سگهندو. هن
وقت اهو ڏاڍي مضبوطيءَ سان قائم ٿيل نظر اچي ٿو،
پر ان جو بنياد هر اهڙي خيال جي عين مخالفت ۾ آهي،
جنهن جي تشڪيل اسان کي ايشيائي حڪومتن جي ايامن جي
تجربي سيکاري آهي، جو اسان هن اندازي لڳائڻ ۾ حق
بجانب آهيون ته اهو گهڻي وقت تائين نه هلي سگهندو؛
۽ هر انساني امڪان ۾، ان جو اختتام گهڻو ڪري انهن
مان هڪ فرد جي رٿائن ذريعي ٿيندو، جنهن جي دل ۾
پنهنجي اقتدار واسطي ٻين ڀائيوارن جي بيوقوفيءَ
سببان ملڪ ۾ غير مشروط اقتدار کي ڦٻائڻ جي لالچ
پيدا ٿي سگهي ٿي.
چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي آمدنيءَ جي ڪل رقم، جنهن ۾
حڪمران گهراڻي جي پاسي اوسي وارين سڀني شاخن جي
آمدني پڻ شامل آهي. ايڪهٺ لک رپيا سالياني آهي ۽
جيڪڏهن اها درست آهي ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ان
۾ سن 1809ع جي ڀيٽ ۾ ارڙهن لکن رپين جو اضافو ٿيو
آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي ان وقت صافي آمدني
ٻائيتاليهه لک اٺهتر هزار رپيا چئي وڃي ٿي.
ڪابل ڏانهن جيڪو ساليانو ڏن موڪليو وڃي ٿو، سو
تيرهن لک رپيا آهي، جڏهن کان وٺي ان بابت ٺاهه ٿيو
هو، تڏهن کان جيڪا رقم سچ پچ موڪلي وڇي ٿي، سان
انهيءَ رقم کان سراسري طور ان جي ڇهين حصي جيتري
به ڪانهي. اميرن کي وڏن خزانن جمع ڪرڻ سان گڏوگڏ،
سنڌ ۾ غير معمولي ڊگهي عرصي کان وٺي ڪنهن به وڏي
داخلي نوعيت جي افراتفريءَ جي بند ٿي وڃڻ، گذريل
ڪجهه عرصي کان ايڏو طاقتور بنايو آهي، جو انهن مير
سهراب جي انتقال جو فائدو وٺي سندس وسيع علائقن کي
پنهنجي رقبي سان ملائي ڇڏيو آهي، ۽ ان طرح هن جي
ٻارن کي مڪمل طور تباهه ڪري رکيو آهي، جن ڪابل جي
بادشاهه محمود شاهه وٽ وڃي پناهه ورتي آهي.
سن 1813ع جي پوئين حصي ۾ هنن عمرڪوٽ
جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي فوج پڻ رواني
ڪئي، جنهن تي گذريل ڪجهه نسلن کان وٺي جوڌپور جي
راجائن جو قبضو رهندو آيو هو. انهيءَ مهم ۾ هو
مڪمل طور ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن غاصبن جا وسيلا ۽
سندن همت ايتريقدر وڌي ويئي آهي، جو انهن هڪ کان
وڌيڪ ڀيرا سندن علائقن جي ڏکڻ – اوڀر ۾، واقع ڪڇ
ڀوڄ جي ملڪ تي حملي ڪرڻ جون تياريون به ڪيون آهن،
جنهن ۾ هو هن کان اڳي ڪامياب ٿي وڃن ها، جيڪڏهن
هندستان جي انگريزي حڪومت کين پنهنجي هن مضبوط
ارادي کان واقف نه ڪري ها ته جيڪڏهن هنن انهيءَ
بادشاهيءَ تي ڪنهن به حملي ڪرڻ جي همت ڪئي ته ان
جو سختيءَ سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ اهو مقابلو
انهيءَ شدت سان ڪيو ويندو، جهڙوڪ هنن جي طرفان
آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ يا ان جي اتحادين جي
ڪنهن به علائقي تي ٿيندڙ حملي جي جواب ۾ ڪيو ويندو
آهي. جڏهن اسان جو وفد 1809ع ۾ حيدرآباد کان روانو
ٿيو ته اعليٰ ترين حڪومت جي پاران اتي هڪ مقامي
نمائندي کي پٺيان ڇڏيو ويو ۽ هو اڃا به اتي رهيل
آهي. انهيءَ ملڪ هاڻي انهن رياستن جي درميان
انتهائي اهم مقام حاصل ڪيو آهي، جيڪي گجرات صوبي
جي سرحدن
لڳو لڳ آهن ۽ جيئن ته اتان جا حڪمران انهيءَ سرحد
پار ڪرڻ کان، جيڪا قدرت سندن علائقن لاءِ مقرر ڪئي
آهي، فقط اسان جي طاقت جي رعب کان روڪيل آهن، شايد
مستقبل ۾ ڪنهن به بهاني سان، خواهه اهڙو ڪهڙو به
خسيس غير اهم ڇو نه هجي، انهيءَ طرف حد دخلي ڪرڻ
سان، اسان ڏانهن انهن ماڻهن جي دلين ۾ جيڪو خوف ۽
جيڪا عزت هن وقت موجود آهي، تنهن جي درجي ۾ ڪمي
اچي ويندي، جنهن ۾ اضافو ڪرڻ يقيناً اساند جي مفاد
۾ آهي؛ ۽ انهيءَ ڪري ان کي منهنجي راءِ ۾، انتهائي
سخت ۽ فيصله ڪن قدمن کڻڻ سان دٻائڻ گهرجي. جيڪڏهن
اميرن کي، اُنربل ڪمپنيءَ جي تجارتي عيوضيءَ جي
سنڌ مان ڏنل نيڪاليءَ، ۽ وڏي مقدار ۾ سرڪاري
جائداد ۽ ملڪيت جي ضبطيءَ جي موقعي تي، سندن ئي
علائقن اندر اسان جي هٿيارن جي طاقت جو زور انهيءَ
موقعي تي
محسوس ڪرايو وڃي ها، ته انهن جو سندن دربار ڏانهن
موڪليل وفدن ڏانهن رويو بنان ڪنهن شڪ و شهبي جي
بلڪل مختلف نوعيت جو هجي ها.
|