سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:9 

باب چوٿون

 

سرويٽس جو معاملو

 

تاريخ وقت بوقت لکن ۽ ڪروڙن مان هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ جي چونڊ ڪندي آهي، جيڪو اُن دور جي خاص فڪر جو مظهر يا ترجمان هوندو آهي. اُهو ماڻهو هرڀرو ڪو اول درجي جو داناءُ شخص هجي، اِهو به ضروري نه آهي. اِن سلسلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪنڊ پاسي رهجي ويل نالو به هڪدم مٿي اڀري ايندو آهي ۽ اُهو پوءِ انسان ذات جي حافظي تي اَمٽ نقش بنجي، اُڪري بيهندو آهي. اِنهيءَ طرح، مائيڪل سرويٽس به ڪنهن خاص اعليٰ ذهن جو صاحب ڪو  نه هو، پر جيڪا هن جي دل ڏاريندڙ درد ناڪ پڄاڻي ٿي، اُن هن جي شخصيت کي انساني تاريخ ۾لافاني درجو ڏيئي ڇڏيو آهي. هو گهڻين خوبين جو مالڪ هو، هن جون صلاحيتون به بيحد گهڻِيون هيون، پر اُنهن سڀني ۾ ڪو خاص ڍنگ  يا سٽا موجود ڪا نه هئي، هن وٽ تيز طاقتور ۽ سجاڳ ذهن هو، پر اُهو هڪ هنڌ ڄمي ڪو نه بيهندو هو، ۽ سدائين هڪ ڳالهه تان هٽي ٻيءَ ڳالهه ڏانهن ۽ ٻيءَ تان هٽي ٽينءَ ڏانهن پيو ڦرندو هو. هن جي دل ۾ سچ کي کولي ظاهر ڪرڻ  جو اٿاهه جذبو موجود هو، پر تخليقي اظهار جي گهڻيءَ قوت نه هئڻ سبب، اُهو جذبو هُن جي دل ۾ اڪثر دٻيو رهيو ۽ اُن کان هو ڪو خاص اثرائتو ۽ نمايان ڪم وٺي نه سگهيو. جيتوڻيڪ هُن اٽڪل سڀني علمن جو مطالعو ڪيو هو، پر ڪنهن هڪ علم ۾ به هو ڪا خاص مهارت حاصل ڪري نه سگهيو. هو، فلسفي طب ۽ دينيات ۾، هڪ علم جي طالب عام ماڻهوءَ وانگر، سدائين مضمون لکندو رهندو هو- ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اُنهن علمن جي سلسلي ۾ اهڙيون وڏيون وڏيون ۽ نيون نيون ڳالهيون پيش ڪندو هو، جو پڙهندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو؛ پر ڪڏهن  انهن بابت وري اهڙيون کل جهڙيون ۽ سطحي ڳالهيون به لکي ڇڏيندو هو، جو گمان ٿيندو هو ته هو اُنهن علمن ۾ اڌ پڙهيل يا بنهه ڪو ڄٽ هو. هڪ ڀيري، پنهنجي هڪڙي اهڙي دانائيءَ جي جولان ۾، طب جي علم ۾ پهرين پهرين هُن ئي اِهو انڪشاف ڪيو ته رت دل ۽ ڦڦڙن مان دورو ڪري ٿي. پر هُن اِنهيءَ انقلابي کوجنا جي وڌيڪ جانچ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي ۽ اُن کي اُتي ئي ڇڏي ڏنائين، ۽ ايئن هن جي روشن دماغيءَ جي اِها تاريخ ساز جهلڪ سندس دور جي اونداهيءَ صدي ۾ فقط هڪ گهڙيءَ جو چمڪاٽ ڏيکاري، اُتي ئي اُجهامي ويئي. هو وڏيءَ ذهني قوت جو مالڪ هو، پر پنهنجي ذهن جي روشن ڪيل رستي تي اورچائي ۽ دلجمعيءَ سان اڳتي وڌي، ڪنهن مقصد تي پهچڻ جي منجهس گهٽ صلاحيت هئي، اِنهيءَ ڪري بيحد گهڻين لياقتن هوندي به هيءُ غير معمولي شخص تخليقي دانائيءَ جي اعليٰ رتبي تي رسي نه سگهيو.

اسپين جي ماڻهن لاءِ چيو ويندو آهي ته منجهائن هرڪو ”ڊان ڪُئگزاٽ“ آهي. بهرحال، مائيڪل سرويٽس ته پڪ ئي پڪ، جيڪو اسپين جي ئي هڪڙي علائقي جو ويٺل هو، ”سَروينٽس“ جي اُن ناول جو اُهو ڪردار ضرور هو. بدن ۾ ڪمزور، بت جو ڪجهه ڊگهيرو، مُنهن سُڪل، ڏاڙهي مختصر پر فرينچ ڪَٽ جيڪا قط وانگر وڃي چنهب ڪري- ٻاهران ته هيءُ بلڪل اُن ناول جي ڪردار وانگر لڳندو هو، پر ذهني طور به هو ڊان ڪئگزاٽ وانگر سدائين اوچين اوچين هوائي ڳالهين لاءِ وڙهندو رهندو هو. خود- تنقيد جي عادت هن ۾ ڪانه هوندي هئي؛ سدائين ڪنهن  نه ڪنهن نئينءَ کوجنا جي چڪر ۾ رهندو هو ۽ هر وقت ايئن سمجهندو هو ته هُن ڪا نئين ڳالهه هٿ ڪئي آهي؛ دينيات جي ميدان ۾، خاص طرح، هو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ سچ جو حامي ۽ مجاهد سمجهندو هو، ۽ ڀائيندو هو ته نيزو هٿ ۾ جهلي، جيڪي به اُن ميدان ۾ منافقيون ۽ ڪوڙ هئا، اُنهن کي اُتان هڪدم ڊوڙائي ڀڄائي، ميدان صاف ڪري ڇڏيان. صحيح ڇا هو غلط ڇا هو، سچ ڇا هو ڪوڙ ڇا هو- هر ڳالهه ۾ هر گهڙيءَ هو اِنهيءَ جهيڙي ۾ ڪنهن نه ڪنهن مخالف سان ڳنڍيو بيٺو هوندو هو. ڪنهن به ٽولي يا جماعت سان هن جي شموليت ڪانه هوندي هئي- ايئن ڏسبو هو ته ڄڻ هو ازل کان ايئن اڪيلو آهي، چڱيءَ معنيٰ ۾ چئجي ته پنهنجن خيالن ۽ تصورن ۾ گم ۽ بريءَ معنيٰ ۾ته هڪ سودائي ۽ پنهنجي چريائپ ۾ مست- پر، بهرحال، سدائين هڪ بي مثل ۽ عظيم شخص، صاف دل ۽ نج سون جهڙو سچو ۽ املهه انسان.

اهڙي قسم جو ماڻهو سدائين ۽ جتي ڪٿي پنهنجا دشمن پيدا ڪندو آهي. اِنهن ڳالهين جي سلسلي ۾ هن جي شاگرديءَ جو دور نبستاً خاموشيءَ ۽ سانت ۾ گذريو- شاگرديءَ جو دور، جيڪو پڙهائيءَ جو، سوچ جو، محبت جو ۽ اوچن آدرشن جي تعمير ۽ تربيت جو دور ٿئي ٿو. هو اسڪول ۾ پڙهيو، ڪاليج ۾ پڙهيو، پنهنجي آرگون شهر جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو ۽ اُتان اسپين جي بادشاهه چارلس پنجين جو هڪ مرشد سڳورو، جيڪو اُن شهر جي ڪليسا جو ڪارڊينل به هو، هُن جي علمي ذهانت جون ڳالهيون ٻڌي، هن کي پنهنجو سيڪريٽري مقرر ڪري، ڪئٿولڪ شريعت جي مقدس شهر روم ۾ وٺي ويو، جتي هُن مسيحي دين جي اُها دنيا اکئين ڏٺي، جيڪا سڄي جي  سڄي  مڪر ۽ فريب، جهالت ۽ نفس پروريءَ جي دنيا هئڻ جي باوجود، سڄي يورپ تي، هيترا سَون جا سَوَ سال پنهنجي تقدس ۽ تبرڪ جو رعب ڄمايو بيٺي هئي. سرويٽس ڪنهن طرح پنهنجي ملازمت مان جند ڇڏائي، اُن دنيا مان نڪري ٻاهر ٿيو، ۽ ٻاهر ايندي ئي اُن دور جي عظيم ديني مباحثي ۾ ننُهن کان چوٽيءَ تائين جُنبي ويو. ديني اصلاح جي تحريڪ جي هڪ رضاڪار گشتي مبلغ جي صورت ۾ پوءِ هو يورپ جي شهر شهر ۾ ويو ۽ هرهنڌ پروٽيسٽنٽ فرقي جي اڳواڻن سان مليو، ۽ اُنهن سان دل کولي بحث مباحثا ڪيائين. اُن وقت هن جي عمر ويهه سال مس هئي. هن جي ذهني ڪيفيت جو اِهو حال هو، جو ليوٿر، زونگلي، ڪال ون ۽ ٻين ديني اصلاح جي مکيه اڳواڻن جي مخالفت ۾ سينو تاڻي بيهي رهيو- چي ”اُنهن جي ديني اصلاح ڪافي نه هئي.“ واقعي جڏهن مقابلو پراڻي ۽ نيئن فڪر جي وچ ۾ هجي، تڏهن سرويٽس جهڙو ماڻهو پاڻ کي اُن کان ٻاهر ڪيئن ٿي رکي سگهيو! جتي هر ڪو دين جي معاملي ۾ پنهنجي اختلافي راءِ ظاهر ڪري رهيو هو، جتي سڀئي دين جي اصلاح لاءِ ايترا آتا ۽ بي صبر هئا، اُتي هيءُ هڪ اصل کان بي آرام ۽ فڪر مند روح پاڻ کي پوئتي ڪيئن ٿي رکي سگهيو! هن پوءِ پنهنجي طبيعت جي جولانيءَ ۾ اعلان ڪيو ته مسيحي دين جي روايتي عقيدن ۽ ڪريا ڪرمن خلاف اوستائين جيڪا به بغاوت ٿي هئي، اُها اڻپوري، بزدلانه ۽ رک رکاءَ واري ٿي هئي. ليوٿر، زونگلي ۽ ڪال ون جهڙا طاقتور بزرگ ديني سڌارڪ به پورا انقلابي نه هئا. انجيل مقدس ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آيل هيون، جيڪي اضافي ۽ منسوخ سمجهڻ گهرجن. مسيحي دين جي اعتقادي سرشتي ۾ خاص طرح جيڪو تثليث جو عقيدو موجود هو، سو خداوند قدوس جي واحداني شان سان هرگز ٺهڪندڙ نه هو. ديني اصلاح جو بنيادي مسئلو ۽ مقصد اِنهيءَ عقيدي کي قائم رکڻ سان حل نه ٿي ٿي سگهيو.

اُن زماني ۾، جڏهن دين جي هر ڳالهه بحث هيٺ هئي ۽ ماڻهو چوڌاري مناظري بازيءَ ۾ مصروف هئا، تڏهن هن قسم جو بنيادي انقلابي خيال ڪو ايڏو وڏو ۽ غير معمولي به ڪونه هو. جڏهن سمورا قدر ٻيهر ڪٿجي رهيا هجن ۽ سمورا قانون ٻيهر ٺهي رهيا هجن، تڏهن ماڻهو هر روايت کان بغاوت جي حق جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا ۽ آزاد فڪر جي رستي تي هلڻ جو پورو اختيار طلب ڪري سگهن ٿا. پرسرويٽس لاءِ جا ڳالهه خطرناڪ ثابت ٿي، سا هئي سندس ڪٽر ۽ جهيڙاڪ طبيعت، جيڪا بحث مباحثي جي شوق سان گڏ، هُن اُن دور جي متعصب مناظري باز مسيحي ملن کان پرائي هئي. هُن کي بس اِها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکارڻي هئي ته ”اصلاح“ جا ٻيا  سڀ اڳواڻ پنهنجن خيالن ۾ گهڻو پست پيل هئا، ۽ جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي آخري سچ ڏسي ورتو هو ته اهو فقط هو پاڻ، مائڪل سرويٽس، هو. پوءِ هو ’پنهنجو‘ سچ کڻي، وقت جي عالمن وٽ اسٽرئسبرگ باسيل ۽ ٻين شهرن ۾ پهتو، جتي هن انهن کي وڙهي جهڙي، ڪنهن نه ڪنهن ريت، مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اُنهيءَ تثليث جي ”غلط عقيدي“ کي پنهنجي خالص انجيل مقدس جي اصلاحي تعليم مان ڪڍي ڇڏين. پڙهندڙ هن عجيب و غريب صورتحال جو سولائيءَ سان اندازو لڳائي سگهن ٿا، جيڪا هر هنڌ ۽ هر ڀيري هن مسئلي تي هن نوجوان جولانيءَ سرويٽس ۽ سندس پخته ڪار ۽ بزرگيءَ جي ٽانءِ ۾ڀريل عالمن ۽ واعظين سڳورن جي وچ ۾ بحث مباحثي دوران پيدا ٿيندي هوندي- ڪيڏي نه ڪاوڙ ۽ ڪيڏي نه حقارت سرويٽس جي هنن مخالف بزرگن جي دلين ۾ هن نو عمر، بي ادب ’ڇوڪري‘ لاءِ پيدا ٿيندي هوندي! هيءُ ڪالهه آني مان ڦٽل اسپيني رولاڪ ’ڇورو‘ ڪير ٿيندو آهي، جو ايئن سندن گهر ۾ بي دعوتيو لنگهي وڃي، ۽ زور سان رڙيون ڪري ۽ ميزن تي مُڪون هڻندي، هنن کي چوي ته هڪدم پنهنجا عقيدا بدلائي ڇڏين ۽ سندس اُن بنهه نئين انقلابي عقيدي تي ويساهه ڪري ويهن! هنن اِيئن ٿي محسوس ڪيو، ڄڻ شيطان لعين پاڻ پنهنجو ڪو ايجنٽ هنن ڏانهن موڪليو هو، ۽ هو هڪدم هن گستاخ لعنتي ڪافر جي اثر کان پاڻ بچائڻ لاءِ صلواتن پڙهڻ کي لڳي ٿي ويا. اوڪليپيڊس نالي باسيل شهر جي هڪڙي عالم، پنهنجي مٿان صليب جو نشان ٺاهيندي.،هُن کي پنهنجي گهران ايئن ڊوڙائي ڪڍيو، ڄڻ هو ڪو ڇتو ڪتو هو- ”پليت يهودي، وحشي مرون، ڪافر ڪٿان جو- هن تي ته ڪو جن جو پاڇو پيل هو!“ اِسٽرئسربگ شهر جي مير واعظ، باسر، پنهنجي وڏيءَ ديول جي منبر تان چڙهي، اعلان ڪيو ته ”سرويٽس پڪ ئي پڪ شيطان جو ٻچو هوَ!“ زونگلي، هڪڙي ٻئي بيحد طاقتور ۽ مشهور اصلاحي عالم، پنهنجن پوئلڳن کي هن ”اسپيني ملحد“ کان خبر دار رهڻ جو حڪم ڏيندي، چيو ته ”هن جو ڪوڙو ۽ شيطاني عقيدو جيڪڏهن مڃي ويهجي، ته اسان جو سڄو مسيحي دين ته هڪدم لُڙهي، وڃي سمنڊ ۾ پوي!“                             

پر، جيئن سرويٽس جي جڳ مشهور قصي جو سورمو هر قسم جي گلا غيبت ۽ زور زبر دستيءَ کان لاپرواهه پنهنجي خيالي اڏام کٽولين ۾ چڙهيو گهمندو رهيو، تيئن هيءُ ديني علم جو ڊان ڪئگزاٽ (سنڌي لوڪ ڪٿائن جي گامون سچار وانگر ) ڪنهن به دليل يا دڙڪي جي ٻڌڻ ۽ ڪنهن طاقتور ٽسينگ جي ڪاڻ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هو. جيڪڏهن اڳواڻ هن کي نه ٿي سمجهي سگهيا، جيڪڏهن ڏاها ۽ هوشمند ماڻهو پنهنجن ڪتبخانن ۽ درسگاهن جا دروازا پوريو، پاڻ کي اندر بند ڪيو ويٺا هئا. ۽ هن کي ٻُڌڻ لاءِ تيار نه هئا، ته اُن جي هُن کي پرواهه ڪانه هئي. هو پنهنجو پيغام کليو کلايو عام ماڻهن کي ٻڌائيندو هو. سڄي مسيحي دنيا کي هن نظريي جومطالعو ڪرڻ گهرجي. هو هڪڙو ڪتاب شايع ڪندو. اِيئن ٻاويهن ورهين جي عمر ۾ سرويٽس، پنهنجي کيسي جي آخري آنڪ خرچ ڪري سنه 1531ع ۾،”تثليثي بدعت ۽ مسيحي نجات“ جي نالي سان پنهنجو هڪ ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب  جي شايع ٿيڻ سان ئي طوفان کڙو ٿي ويو. باسر هڪدم اعلان ڪيو ته ” هن بدمعاش جو جيئري پيٽ ڦاڙي، آنڊا ڪڍي، ڪتن کي ڏجن!“اُن کان پوءِ، تقريباً سڄيءَ پروٽيسنٽ دنيا ۾ سرويٽس ”شيطاني سفير“ جي نالي مشهور ٿي ويو.

هن صورتحال ۾، جڏهن ڪو ماڻهو اهڙو موقف اختيار ڪري بيهي، جيڪو ٻنهي ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقن وٽ بيحد ناپسند بلڪ ڪاوڙ ڏياريندڙ هجي، اهڙيءَ ماڻهوءَ کي ظاهر آهي ته اُن وقت جي مسيحي دنيا ۾ڪٿي به ڪا جاءِ پناهه ته ڇا پر رڳو ٽنگن ساهڻ لاءِ به ڪا جڳهه  ملي نه ٿي سگهي. جنهن ڏينهن کان مائيڪل سرويٽس ڇاپي اکرن ۾پنهنجي اِنهيءَ ”آريائي الحاد“جو اعلان ڪيو هو، اُن کان پوءِ سندس آخري دم تائين، هوهر هنڌ جهنگلي جانور وانگر پنهنجن شڪارين کان  ڀڄندو  ۽ لڪندو رهيو. ٻي ڪا به واهه هن جي بچاءَ جي ڪانه هئي، سواءِ اِن جي، جو هو پنهنجو نالو بدلائي، چمڙا پوش ٿي، ميدان مان ئي نڪري وڃي. هو پوءِ مائيڪل ڊي الانو جي نالي سان سرحد اُڪري، فرانس ويو، جتي اُنهيءَ نالي هيٺ هو ليانس شهر جي هڪڙي ڇاپخاني ۾ پروف ريڊر جي نوڪري ڪرڻ لڳو. زندگيءَ جي هن نئين دائري ۾ به ترت ئي هُن کي پنهنجي  خيالن جي بلند پروازيءَ جا موقعا ۽ پڻ ٻيا بحث مباحثي ۽ مناظري بازيءَ جا امڪان هٿ لڳي ويا. ٽولميءَ جي ”جاگرافيءَ“ جي هڪڙي ڇاپي جا پروف درست ڪندي رات وچ ۾هوڦري ماهر جاگرافيدان بنجي پيو ۽ پنهنجي طرفان ڪتاب جو هڪ تفصيلي مهاڳ لکي، اُن ۾ شامل ڪري ڇڏيائين. ساڳيءَ ريت جڏهن طب جي ڪتابن جا پروف هُن کي پڙهڻ لاءِ مليا، ته هن جو ذهن بدلجي هڪ ڊاڪٽر جوذهن ٿي پيو ۽ اُتي جو اُتي هن علم طب جو مطالعو شروع ڪري ڏنو. اُن شوق ۾پوءِ هو ليانس ڇڏي پئرس هليو ويو، ۽ اُتي هڪ طبيه ڪاليج ۾ وڃي داخلا ورتائين، ۽ اُتي مڙدن جي وڊ ڪٽ ٿيندي ڏسي، ۽ پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندي، انسان جي جسماني بناوت جو چڱو موچارو ماهر بنجي پيو. بهرحال، هتي به، جيئن اڳي دينيات جي ميدان ۾ هن بي صبر شخص اڃا طب جي علم جو سڄو ڪورس پورو ئي نه ڪيو ۽ سند ورتائين ڪانه اُن کان اڳي هو اُهو علم ٻين کي پاڙهڻ بيهي رهيو - ڇو، چي:”آءٌ هنن کان اڳ اِهو علم وڌيڪ ٿو ڄاڻان“ اُتي ئي پئرس جي طبيه ڪاليج ۾ پوءِ علم رياضي، فلڪيات ۽ علم نجوم تي ليڪچرن ڏيڻ جو اعلان ڪيائين. پر ڪاليج جي ڊاڪٽرن هن جي اِنهن ’عقلمندين ‘ تي اعتراض ورتو ۽ هُن کي طب سان علم نجوم کي ملائي ڏيکارڻ جو موقعو نه مليو. اُتي پوءَ  سرويٽس - اِلانو اختياريءَ وارن جي اکين ۾ اچي ويو؛ ۽ پئرس جي پارليامينٽ کي رپورٽ پهتي ته هن ”عقلي فلڪيات“ يعني آسماني گرهن ۽ تارن جون اهڙيون ڪي سنيون سڌيون ڳالهيون ٿي ڪيون، جن مان ديني توڙي دنيوي عام مڃيل ڳالهين کي سخت ڌڪ رسي ٿي سگهيو. آخرڪار، هڪ ڀيرو وري به هُن کي ڀڄي پنهنجي جان بچائڻي پيئي- ڇو ته تيستائين هن جي اصل پتي نشان جي خبر اختياريءَ وارن کي پئجي چڪي هئي ته هو مائيڪل ڊي الانو نه پر ڪيترين الڳ الڳ حڪومتن کي گهربل ”ڪافر“ مائيڪل سرويٽس هو، بهرحال، اِلانو طبيه ڪاليج جو استاد، پئرس مان ايئن لڪ چوريءَ کسڪي هليو ويو جيئن پهريون ديني عالم، سرويٽس، جرمنيءَ مان اڳ لڪي ڀڄي ويو هو. اُن کان پوءِ ڪيترو سارو وقت هن جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي؛ ۽ وري جڏهن هو نڪري نروار ٿيو، تڏهن هن جي منهن تي هڪ نئون پوش پهريل هو. ڪنهن کي اهڙو شڪ جاڳي ٿي سگهيو ته وائين شهر جي آرڪ بشپ، پيري پاميئر، اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجو خاص طبيب مقرر ڪري ٿي سگهيو، جيڪو ڪافر جي حيثيت ۾ ملڪن مان جلاوطن ٿيل هو ۽ جنهن کي پئرس جي پارليامينٽ ”ڪوڙي دعويدار“ جو لقب ڏيئي، شهر مان ڀڄائي ڪڍيو هو! بهرحال ايترو سو ٿيو، جو مائيڪل ڊي الانو وائين شهر ۾ ڪجهه پنهنجا چپ سبيل رکيا ۽ پنهنجي الحادي خيالن جي ظاهر ڪرڻ کان ڪافي پرهيز اختيار ڪئي- ايتري قدر جو اُن حيثيت سان ٿورن ئي ڏينهن ۾هو ماڻهن جي ڌيان تان ئي لهي ويو. بيمارن کي ڏسندو رهيو، اُنهن جي دوا درمل ڪندو رهيو، ۽ ڪافي پيسا ڪمائيندو رهيو، وائين جا دولتمند شهري جڏهن رستي پنڌ هن اسپيني عزت ماب جناب حڪيم مائيڪل ڊي اِلانو کي ڏسندا هئا، جيڪو شهر جي اعليٰ حضرت آرڪ بشپ جو خاص طبيب هو، ته هو، پنهنجا ٽوپلا  لاهي ڪجهه ادب سان هن کي سلام ڪندا هئا، ۽ دل ۾ چوندا هئا.”ڏسو ته سهي هيءُ ڪيڏو نه هڪ لائق، نيڪوڪار، عالم فاضل پر نياز ۽ نئڙٿ وارو شخص آهي!“

پر حقيقت هيءَ هئي، ته هن مست جذباتي ۽ بي صبر اسپيني جوان ۾ جيڪو باغي روح لڪل هو، سو منجهس هر وقت زنده هو. هن نماڻي نيڪو ڪار، عالم فاضل مائيڪل ڊي اِلانو ۾ مائيڪل سرويٽس ڪڏهن مئو نه هو، ۽ هن  جي قلب ۾اُهو ئي ’ڪافر‘ جو متلاشي ۽ بي آرام روح ساڳيءَ طرح ڦٿڪي رهيو هو، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ ڪو خيال اچي ويهي ٿو ۽ هُن جي وجود تي ڇائنجي وڃي ٿو، تڏهن هُن جي حالت اُها ٿئي ٿي، جهڙي  ڪنهن بيمار ماڻهوءَ جي، هُن جو سنڌ سنڌ سور ۾ وٺجي وڃي ٿو، ۽ پوءِ هن کان سڀ ڳالهيون وسري وڃن ٿيون، ۽ هن جي گهڙي گهڙي اُن سوداءِ ۽ سور جي علاج ۽ اوني ۾ گذري ٿي. هن جا آدرش هن لاءِ زندهه حقيقتن جو روپ وٺي بيهن ٿا، جيڪي هن کي پنهنجي ڏِک پٺيان ايئن ڇڪين ٿا، جيئن اڃايل کي پاڻي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، هن جا خيال هن جي دل مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هن تي ايئن دٻاءُ وجهن ٿا، جيئن ڪنهن پير ۾ ڪو ڪنڊو لڳل هجي ۽ اهو اتان نڪرڻ لاءِ پير کي اندر ئي اندر ڪاڙهي رهيو هجي، يا ڪنهن ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ لاءِ ٻار آتو هجي يا جيئن ڪو سلو ٻج مان ڦٽي نڪرڻ لاءِ مجبور هجي. اهڙيءَ  طرح سرويٽس جهڙي پرجوش ۽ پاڻ وهيڻي شخص لاءِ اهو هرگز ممڪن نٿو ٿي سگهي، ته هو پنهنجن خيالن جي ان اجهل آزاديءَ اڳيان بيوس ٿئي ٿو ۽ ايئن سڄي دنيا کي پاڻ وانگر سوچڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ هو پاڻ کي ٻڌل سمجهي ٿو، سرويٽس لاءِ اهو روزانو عذاب برداشت ڪرڻ ممڪن نه هو، ته هو ٻڌندو ۽ ڏسندو رهي، ته ديني اصلاح جا اڳواڻ به رد ڪيل ڪئٿولڪ فرقي جي پادرين وانگر دنيا ۾ تثليٽ جي ’غلط‘ عقيدي جي تبليغ ڪندا رهن، ۽ پاڻ انهن پيٽ پرست جاهلن وانگر ٻالڪن کي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏياري ۽ ڪنن ۾ ٻانگون ڏئي ۽ مٿن ٺهيل جڙيل ڪي عيسائي نالا رکي، چوندا رهن ته اُهي پوءِ مسيحي ٿي ويا ۽ انهن جي زندگيءَ جا آئيندي سرزد ٿيندڙ سڀ گناهه ڌوپجي ويا، ۽ ايئن هنن تي سڄي عمر معصوميت جو ٺپو لڳي ويو، ۽ هو دنيا ۾ ٻين سڀني انسانن کان ڀلارا ۽ برڪت وارا ۽ آخرت ۾ الاهي نجات جا حقدار بڻجي ويا! ڇا هن جو اهو فرض نه هو، ته ميدان ۾ ٻاهر نڪري اچي، ۽ مسيحيت جي دين حق جي تبليغ ڪري، ۽ ان ۾ جيڪي بدعتون، ۽ غلط عقيدا داخل ٿي ويا هئا، انهن جي خلاف مٿي سان ڪفن ٻڌي جهاد ڪري؟ اُن ۾ ڪهڙو شڪ هو ته سرويٽس کي واقعي اهي سمورا سال، جڏهن هن پاڻ تي جبر ڪيو، ماٺ ۾ ويٺو رهيو هو، پنهنجي اندر ۾ جنسي وڍ پوندا ٿي رهيا. هن جي دل ۾ حق جو خاموش پيغام اٿلون کائيندو ٿي رهيو، پر هڪ جلاوطن ڏوهيءَ جي حالت ۾ جڏهن پنهنجي سر جي بچاءَ ۾ هن کي روپوش گذارڻو ٿي پيو، هن کي لاچار سڄو وقت پنهنجي زبان پنهنجي منهن ۾ بند رکڻي ٿي پئي، آخرڪار سرويٽس فيصلو ڪيو، ته اهڙو ڪو همدم ۽ همدرد ماڻهو ڳولي هٿ ڪجي، جنهن سان پنهنجي دل جا احوال ڪبا رهجن ۽ خيالن جي علمي ڏي وٺ ڪبي رهجي، پر جنهن شهر ۾ هو، رهيل هو، اتي هن کي اهڙو ماڻهو ڪو نه ٿي سمجهيو، جنهن سان هو ويهي، ايئن پنهنجن ديني عقيدن بابت ڪا ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ها، انهيءَ ڪري هو ٻاهر ڪنهن اهڙيءَ ماڻهوءَ جي تلاش ۾ رهيو، جنهن سان مخفي طور لکپڙهه وسيلي هو، پنهنجي دل جا بخار ڪجهه هلڪا ڪري سگهي.

سرويٽس جي تقدير جي اها بي ترسي هئي، جو پنهنجي جوش جي انتها ۾ هن جنهن ماڻهو کي هڪ ديني علم جي ماهر جي حيثيت ۾ پنهنجي اعتماد لائق سمجهي، اهڙيءَ علمي ڏي وٺ لاءِ ڳولي هٿ ڪيو، سو ڪو ٻيو نه، پر خود ڪال ون هو، هن کي اُميد هئي، ته ڪال ون جنهن کي هڪ جرئتمند انقلابي جدت پسند جي شهرت حاصل هئي، سو ڪلام خداوندي جيءَ هڪ وڌيڪ جرئتمند تشريح ۽ تفسير کي ٻڌي خوش ٿيندو، ۽ ان ڳالهه ۾ سندس همت افزائي ڪندو، ڪال ون سان هن جي ڪجهه اڳوڻي واقفيت به هئي ۽ هن سان ڪن مسئلن تي هو اڳي ڳالهائي به چڪو هو. ممڪن آهي، ته ڪال ون سان ايئن تعلق پيدا ڪندي، هن ساڻس پنهنجي اها اڳين واقفيت ۽ گفتگو وري جاڳائڻ ٿي گهري، ڪاليجي شاگرديءَ جي زماني ۾، هو هڪٻئي سان پئرس ۾ ملي چڪا هئا، پر ان کان پوءِ وري هاڻي هو هن طرح پنهنجا لاڳاپا تازا ڪري رهيا هئا. ان وچ ۾ ڪال ون جينيوا جو مالڪ بڻجي چڪو هو ۽ مائيڪل سرويٽس، مائيڪل ڊي اِلانو جي سڃاڻپ هيٺ وائين جي آرڪ بشپ جي خاص طبيب جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو، بهرحال جيڪا خط و ڪتابت هنن پنهنجي ديني اصلاح جي حامي عالمن جي وچ ۾ هاڻي شروع ٿي، سا سرويٽس شروع ڪئي ۽ اها به سڌي پاڻ نه پر ليانس جي هڪ عالم ۽ ناشر، جيهان فريلان جي معرفت. سرويٽس کي خيال هو ته پنهنجي رد - تثليث جي نظريي جي حمايت ۾ هن کي جيڪڏهن ڪال ون جهڙي ديني اصلاح جي سڀ کان وڌيڪ اڳري عالم ۽ نامياري اڳواڻ جي سند حاصل ٿي وڃي، ته اُها هن جي وڏي ڪاميابي هئي، ۽ هن کي پنهنجن خيالن جي تبليغ لاءِ ٻي ڪابه رڪاوٽ آڏو ڪانه ايندي. انهيءَ مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ سرويٽس ڪال ون ڏانهن خطن جي پٺياڻ خط لکيا ۽ لکندو رهيو، ڪال ون جا موٽ ۾ پهريان جواب اهڙي انداز جا هئا، ڄڻ هو فقط سرويٽس جي عقائدي غلطيءَ جي اصلاح ڪري رهيو هجي. هُن جو ويسهه هو ته واڙي مان ٽپي، نڪري ويل هر هڪ رڍ کي ڪنهن طرح ورائي آڻي واڙي ۾ وجهڻ ۽ ڌڻ سان ملائي هڪ ڪري ڇڏڻ، هن جو اولين ديني فرض هو. انهيءَ اُميد هيٺ هن سرويٽس کي پنهنجي وس ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي، پر آخرڪار هو پنهنجي ڪاوڙ ۽ ناراضگيءَ کي روڪي نه سگهيو، خاص طرح سرويٽس جي خودداني ۽ خودسريءَ جي لهجي تي، هن کي سخت چڙ لڳي. سچ پچ ته ڪال ون جيڪو پاڻ به هڪ وڏو خودبين ۽ هر ڳالهه تي پنهنجي راءِ کي ئي درست سمجهڻ وارو هو، ۽ ٿورڙيءَ مخالفت تي به تپي باهه ٿي ويندو هو، تنهن کي ايئن چوڻ ته، ”مون اوهان کي ڪيترائي ڀيرا سمجهايو آهي، ته اوهين جڏهن تثليث جي ٽن وجودن جي فرق کي وساريو ٿا، تڏهن اوهين ڏٺا وائٺا غلط رستي تان ٿا وڃو.“اها ڳالهه هن کي گويا چوچڙي دکائي منهن ۾ هڻڻ جي برابر هئي. پر سرويٽس اتي به بس ڪانه ڪئي، هن نيٺ ڇا ڪيو، جو ڪال ون جي مشهور ڪتاب ’نظام دين مسيح‘ جي ڪاپي کڻي، ان جي صفحن تي پاسن کان هن جي غلطين تي نشان ڏئي ۽ انهن تي پنهنجا حاشيا لکي اُها ڪاپي ڪال ون کي ڏياري موڪليائين. هڪڙي رواجي ديني عالم جي ههڙيءَ گستاخيءَ تي ڪال ون کي ڪيتري باهه وٺي وئي هوندي، ان جو اندازو سولائيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. هڪدم قلم کڻي پنهنجي دوست فاريل کي لکي موڪليائين: ”هيءَ سرويٽس منهنجا ڪتاب کڻي انهن تي بيهودا رمارڪ لکي، انهن جي بي حرمتي ڪري ٿو، بلڪل اهڙي طرح جيئن ڪو پليت ڪتو ڪنهن پٿر کي ويهي چٽي ۽ چڪ هڻي، ههڙي گستاخ احمق سان بحث ڪري آخر آءٌ ڇو پنهنجو وقت وڃايان؟ مون کي هن بدبخت جي لفظن جي اهڙي ئي پرواهه آهي، جهڙي ڪنهن گڏهه جي هينگن جي.“

هوڏانهن بدنصيب گامون سچار، ڏسندي وائسندي به، ته هو پنهنجي عقل جا نازڪ ۽ نرم تير، هڪ اهڙيءَ خود پسنديءَ جي اٽوٽ زرهه سان چٽي رهيو هو، جيڪا ڪڏهن به ٽڪجي نه ٿي سگهي. وري ٻيا پنهنجا ساڳيا اهڙا تير اُن تي ڇوڙڻ لڳو، ڪال ون جيڪو هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ئي تيار نه هو، سرويٽس کي بهرحال اُن ڪال ون کي ئي مڃائڻو هو! ايئن ٿي نظر آيو، ڄڻ خود ڪال ون جي پنهنجن لفظن ۾ سرويٽس تي ”ڪو ڀوت سوار هو،“ ڪال ون کان پاڻ بچائڻ بدران هو وري وري هُن جي ويجهو وڃي رهيو هو. آخر ۾ هن شايد اُن ’ڀوت‘ جي چرچ تي پنهنجي هڪڙي نئين ڪتاب جا پروف جيڪو اڃا ڇپجي پريس مان نڪتو ئي ڪونه هو، ڪال ون ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ ڪتاب به اهڙو جنهن جو نالو ئي ڪال ون کي چيڙائي باهه ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هو، سرويٽس اُن ڪتاب جو نالو ئي اهڙو رکيو هو، ڪال ون جي ڪتاب ’نظام دين مسيح‘ جي سامهون ’احياي دين مسيِح‘ ڇاڪاڻ ته هن جي لفظن ۾ ’نظام‘ دين مسيح کان اڳ. ’احياي‘ دين مسيح ضروري هو. ڪال ون لاءِ هن اسپيني ڊان ڪئگزاٽ جي هيءَ جرئت ۽ هن مناظري باز، گامون سچار جي هيءُ گستاخي سهڻ جي حد کان مٿي چڙهي ويئي هئي، هن  پوءِ ڪتب فروش فريلان کي لکي موڪليو، جنهن هن سڄيءَ خط و ڪتابت ۾ وچ جي ڳانڍاپي جو ڪم ڏنو هو، ته هُن (ڪال ون) وٽ اهڙي ’ڦوڪجي، ڦاٽڻ تي اچي بيٺل احمق‘ جي خطن پڙهڻ بدران پنهنجي وقت جو بهتر مصرف موجود هو، ساڳئي وقت ٻئي خطرناڪ ثابت ٿيڻا هئا. فاريل ڏانهن لکيل خط ۾ هن جا اُهي لفظ هي هئا: ”سرويٽس تازو مون ڏانهن خط لکيو آهي، ۽ اُن سان گڏ پنهنجوهڪڙو وڏو ڪتاب به موڪليو اٿس، جيڪو سڄو هن جي بڪواس سان ڀريل آهي، پر اُن لاءِ خط ۾ اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙي دعويٰ ڪئي اٿس، ته هُن ۾ اهڙيون عظيم حقيقتون ۽ انڪشاف ڏنا ويا آهن، جيڪي هيلتائين ڪنهن جي تصور ۾  به نه آيا هوندا. هن لکيو آهي ته، ”جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي، ته هو روبرو اچي، مون سان هتي ملي، پرآءٌ هن سان ڪو به واعدو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو هو هتي آيو، ته جيتري قدر هن شهر ۾ منهنجا اختيار آهن آءٌ هن جو اهڙو بندوبست ڪندس جو هتان هو وري جيئرو موٽي ٻاهر نه وڃي سگهندو.“

اسان کي اها خبر ڪانهي، ته سرويٽس کي هن دڙڪي جو ڪنهن اطلاع ڏنو هو يا نه، خود ڪال ون جي ڪنهن (گم ٿي ويل) خط مان هن کي اهڙي قسم جو ڪو خوفناڪ اشارو ملي ويو هو، پر هيءُ اسپيني سوڍو بهرحال اُن کان پوءِ ڏسجي، ته ڪال ون جي دل ۾ هُن ڏانهن جيڪا شديد نفرت موجود هئي، پڪ ئي پڪ اُن کي سمجهي ويو هو. پهريون ڀيرو هُن جي دل ۾ پنهنجي ڪتاب جي مسودي بابت خوف پيدا ٿيو، جيڪو هن’اعتبار رکي‘ ڪال ون ڏانهن موڪليو هو، ڇاڪاڻ ته اُن تي سندس هٿ اکر لکيل مواد موجود هو ۽ ٻيو ته اُهو اُن وقت اهڙي ماڻهوءَ جي قبضي  ۾ هو، جيڪو هن جو ظاهر ظهور جاني دشمن ٿيو بيٺو هو، فوراً هن ڪال ون کي لکي موڪليو، اوهان جو خيال آهي، ته آءٌ شيطان آهيان، اِنهيءَ ڪري وڌيڪ اوهان سان منهنجي ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. هاڻي مون ڏانهن مهرباني ڪري منهنجو مسودو موٽائي موڪليو، ٻيهر آءٌ اوهان کي تڪليف ڪو نه ڏيندس. ايترو سو آءٌ وري به چوندس، ته جيڪڏهن اوهين پوپ کي واقعي مسيح جو دشمن سمجهو ٿا، ته پوءِ اوهان کي هي به مڃڻو پوندو، ته تثليت ۽ ٻالڪپڻي جي بپستمي جا عقيدا، جيڪي پاپائي سرشتي جون ئي ايجاد ڪيل ڳالهيون آهن، اُهي مسيحي عقيدا نه پر شيطاني عقيدا آهن.“

ڪال ون کيس ڪوبه جواب نه موڪليو، هن جو سرويٽس ڏانهن سندس مسودي واپس ڪرڻ جو ارادو ڪونه هو، اُن جي بدران هُن اُها ’ڪافرانه تحرير‘ ويڙهي ٺاهي، پنهنجي ميز جي خاني ۾ بند ڪري رکي ڇڏي، ضرورت وقت اُها کيس ڪم اچڻ واري هئي. ٻنهي ڌرين اِهو خوب سمجهيو ٿي، ته جيڪي پڇاڙيءَ ۾ هنن هڪٻئي کي گفتا چيا هئا، اُنهن جي تلخيءَ کان پوءِ منجهن اڳتي هلي، اڃا ئي وڌيڪ خطرناڪ جيهڙو اڻٽر هو، اُن جهيڙي جي ڀوائتن نتيجن کي خيال ۾ رکندي، اُن وقت سرويٽس هڪڙي ديني عالم ڏانهن   لکيو،”مون کي هاڻي بلڪل پڪ ٿي ويئي آهي، ته هن راهه ۾ منهنجو موت لازمي آهي، پر اِها ڳالهه مون کي پنهنجي راهه تان هٽائي نه ٿي سگهي. آءٌ يسوع مسيح جو هڪ فدائي آهيان، آءٌ پنهنجي آقا جي نقش قدم تي اڳتي وڌندو ئي رهندس.“

ڪاسٽيلو ۽ سرويٽس کي ۽ سون ٻين اهڙن شخصن کي پنهنجون املهه حياتيون قربان ڪري اِهو سبق سکڻو هو، ته ڪال ون جهڙي ڪٺور دل ۽ ڪٽر اعتقاد پرست شخص سان عقيدي جي ڪنهن معموليءَ کان معمولي نُقطي تي به اختلاف ڪرڻ يا هن جي آڏو اچڻ، هڪ بيحد خطرناڪ ڳالهه هئي. هن ڳالهه ۾ ڪال ون پاڻ جهڙن تاريخ جي ٻين سڀني شخصن وانگر هڪ انتهائي سخت ضدي ۽ بي ترس شخص هو، هو پاڻ کي ڪڏهن به ڪنهن جوش يا جذبي جي وقتي ڀڙڪي جو شڪار ٿيڻ ڪو ڏيندو هو، ۽ نه وري تيسي يا ڪاوڙ جي انڌ ۾ وٺجي، پنهنجي طبع جو توازن هٿان ڇڏيندو هو. هن جي مڇڏو ۽ بي حس طبيعت خالص هن جي مغز جي پيداوار هئي، هن جي نفرت نه ڪنهن کي بخش ڪندي هئي ۽ نه ڪنهن کي وساري سگهندي هئي. هن جي حافظي تي هڪ ڀيرو ڪو نالو نقش ٿيندو هو، ته اُهو پوءِ اُتان فقط تڏهن مٽبو هو، جڏهن اُهو حياتي جي لوح تان ئي ميسارجي وڃي. هن حالت ۾ به جيتوڻيڪ ڪيترا سال گذري ويا، جو هن سرويٽس جو ڪو ذڪر به وري ڪونه ٻُڌو، تنهن هوندي به، سرويٽس جو نالو هو پنهنجي دل ۾ موجود رکندو آيو. ساڳئي وقت سرويٽس جون تحريرون به هن جي ميز جي خاني ۾ جيئن هيون تيئن، امانت باسلامت، محفوظ رکيون رهيون. مطلب ته ڪال ون جي ترڪش ۾ تير هر وقت موجود هئا، ۽ هن جي اندر ۾ سرويٽس خلاف نفرت جي باهه ايئن ئي ڌڳندي رهي.

هوڏانهن سرويٽس ڪيئي سال خاموش رهيو، جيڪو ماڻهو هُن جي ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو، تنهن کي وڌيڪ مڃائڻ جي ڪوشش ترڪ ڪري هو پوريءَ جانفشانيءَ سان پنهنجي ڌنڌي کي لڳي ويو، بهرحال اعليٰ حضرت آرڪ بشپ جو هيءُ خاص طبيب مخفي طرح پنهجو سمورو وقت پنهنجي ڪتاب’احيائي دين مسيح‘ کي مڪمل ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. هن جي ڪا هڪ گهڙي به واندڪائي جي اُنهي خيال کان  پوءِ فارغ ڪانه رهي. هن جو خيال هو، بلڪه هن کي پڪ هئي، ته سندس اُهو ڪتاب مسيحي دين ۾اُها بنيادي ۽ حقيقي اصلاح آڻيندو، جيڪا نه ڪال ون نه ليوٿر ۽ نه زونگلي آڻي سگهيا هئا. جتي اُنهن جي اصلاح ناقص هئي، اُتي اُن جي تڪميل ۽ جتي اُها غلط هئي، اُتي اُن جي عيوض، سچي ۽ صحيح اصلاح فقط سندس اُن عظيم ڪتاب وسيلي ئي عمل ۾ اچي ٿي سگهي. سندس هيءَ ديني اصلاح دنيا ۾خالص ۽ اصل مسيحيت جي نفاذ جو باعث بڻبي ۽ اُن وسيلي سڄي عالم جي نجات عمل ۾ اچڻي هئي دراصل سرويٽس انجيل مقدس جو اُهو ’معلون منڪر‘ به ڪونه هو، جيڪو الزام ڪال ون پوءِ مٿس رکي، هن کي ڪاٺ ۾ وڌو هو، هو اُن قسم جو ’آزاد خيال ۽ دهريو‘ به بلڪل ڪونه هو، جيئن هُن جا پوئلڳ ٿا چوائين. مذهب جي سلسلي ۾ هو هڪ ديندار بلڪ پڪو مومن مسيحي هو. دين جي راهه ۾هو پاڻ کي وڏو متقي ۽ مجاهد سمجهندو هو، ۽ ايمان وارو ڀانئيندو هو، ته اُن راهه ۾هڪ سچي مؤمن کي هردم پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ کپي، اهڙي سندس پختي ايمان جي ثابتي خود سندس اُن ’احيائي دين مسيحي ‘ جي پيش لفظ مان ملي ٿي، جنهن ۾ هُن وڏي دل جي رقت سان هيءَ دعا گهري آهي، ”او منهنجا يسوع مسيح خداجا پاڪ روح! تون جيڪو اسان وٽ ڪائنات جي خلقڻهار وٽان آيل آهين، پنهنجي هن بيوس بندي جي ڪا مدد ڪر ته جيئن آءٌ هيءَ تنهنجي سڳوري تعليم جي جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو، سا آسمان جي سج وانگر دنيا تي واضع ٿئي. هيءُ تنهنجو ڪم آهي، جيڪو تنهنجي ئي پاڪ حڪم سان مون هيڏي نياز سان ۽ تنهنجي ڀروسي تي پنهنجي سر کنيو آهي. اڳي به هڪ ڀيرو مون تنهنجي ان بار لاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هاڻي اِهو تنهنجو فرض، آءٌ ٻيهر ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇاڪاڻ ته تنهنجي مرضيءَ جي پوري ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، ۽ ان راهه ۾ جو ڪجهه تو وٽان مون کي مليل آهي. اُهو سڀ بلڪ پنهنجو هيءُ حقير سر به آءٌ ڏيئي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان. تو ئي اسان کي چيو آهي، ته اسان کي روشني، جيڪا تو وٽان عطا ٿيل آهي، پنهنجي ڪنهن غرض جي ڍڪ هيٺيان لڪائي رکڻ نه کپي. اي منهنجا محبوب يسوع! اي ڪائنات جي پروردگار اعظم جا مقدس روح! منهنجي مدد ڪر، ته تنهنجي حق جي ڪلمي جو اعلان ڪريان ۽ اُن ۾ ڪوبه ڊپ پنهنجي جان جو ڊپ به مون کي ناڪام نه ڪري. آمين!“

جيسين ڪتاب جي ڇپائي پوري ٿي سگهي، تيسين اُن جي لڪ ۽ بچاءَ جون جيڪي تدبيرون سرويٽس عمل ۾ آنديون، اُنهن  مان خبر پوي ٿي، ته هن کي پوريءَ طرح  معلوم هو ته ڪتاب جي شايع ڪرڻ ۾ هو ڪيڏو وڏو خطرو سرتي کڻي رهيو هو، موجوده زماني جي انداز سان هڪڙي ڪنهن ننڍي شهر ۾ ويهي اُتان جي آرڪ بشپ جي حاضريءَ جو هڪڙو طبيب خاص ستن سون صفحن جي هڪڙي ضخيم ’ڪافرانه‘ ڪتاب جي اشاعت جو بندوبست ڪري، اهوڪم هرگز ڪو معمولي يا سولو ڪم ٿي نه ٿو سگهي، نه فقط ڪتاب جو مصنف پر اُن جا ڇاپيندڙ ۽ اُن جا ورهائيندڙ، سڀيئي اُن ڪم ۾ ڄڻ پنهنجي جان جي بازي لڳائي رهيا هئا، سرويٽس پنهنجي سر پنهنجي طبابت جي ڌنڌي مان جو ڪجهه ميڙيو هو، اُن جي آخري پائي به هن ڪم تي لڳائي ڇڏي. هُن جي ايڏي ڪشادي خرچ جي ڪري ئي هن جا ڪيترا ساٿي هن خطرناڪ ڪم کي ڇڏي وري به اُن کي لڳي ٿي ويا، جنهن پريس ۾ ڪتاب ڇاپيو ٿي ويو. اُن کي احتياط طور اصلوڪيءَ جاءِ تان پٽي پرانهين ڪنهن جاءِ  تي رکيو ويو. جنهن جي مسواڙ سرويٽس پاڻ ڀريندو ٿي رهيو. اُتي اُن مخفي جاءِ ۾’مقدس ديني عدالتن‘ جي جاسوسن ۽ محتسبن کان پري ڊڄندي ڊڄندي هيءُ ’ڪافرانه‘ مواد ڪمپوز ڪيو ويو ۽ ڇاپيو ويو. جن ماڻهن اِهو ڪم ڪيو ٿي اُهي وڏي ڪوشش سان چونڊي اهڙا هٿ ڪيا ويا هئا، جيڪي ڀروسي جهڙا ٿي سگهيا ٿي، ۽ جن اُن خوفناڪ راز کي پنهنجن سينن ۾مخفي رکڻ جو  قسم کنيو هو، اُن تي ڪوبه اهڙو نشان پتو رهڻ ڪونه ڏنو ويو، جنهن مان پتو پئجي سگهي، ته اُهو ڪٿي ڇپيو هو، پر افسوس اِها وري سرويٽس جي بدقسمتي هئي، جو ڪتاب تي ڇپائي جي سال سان گڏ بلڪه اُن جي مٿان هن جي پنهنجي نالي اڳيان اکر م. س. الف (مائيڪل سريٽس اِلانو) ڪنهن طرح رهجي ويا جن مان ’مقدس ديني عدالت‘ جي نوسيندڙ شڪارين کي اُن جي مصنف متعلق پوري ۽ پڪي ثابتي هٿ اچي ويئي.

پر سرويٽس جي بي ترس دشمن کي سرويٽس جي اِنهيءَ غلطي جي به ضرورت ڪانه هئي، ڇو ته هو ته جيتوڻيڪ ظاهري طرح ته ڄڻ اکيون پوريو ويٺو هو، پر حقيقت ۾هن جي دل ۾ جيڪو نفرت جو مچ ٻري رهيو هو، تنهن هن کي هرگز سمهڻ ڪو نه ٿي ڏنو، هو نه فقط جينيوا ۾ پنهنجي جاسوسي جو پورو ڄار وڇايو ويٺوهو، پر اُن جون ڳنڍيون ۽ پلاند پاڻ وڌيڪ هوشياريءَ سان پنهنجي سڀني پاڙيسري ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيا هئا. ڪئٿولڪ فرانس ۾ ته ڪال ون جي جاسوسي تنظيم جو ڪم ’مقدس ديني عدالت‘ جي جاسوسيءَ کان وڌيڪ سخت هو، سرويٽس جو ڪتاب اڃا پورو پڌرو ئي ڪونه ٿيو هو، اڃا اُن جي ڇاپي جون تقريباً سموريون هڪ هزار ڪاپيون ليانس ۾ ڪنهن گدام ۾ پيون هيون، ۽ تمام ڪي ٿوريون ڪاپيون فرئنڪفرٽ جي ڪتابي نمائش لاءِ  مس پهچي سگهيون هيون، ۽ اُنهن جو تمام ڪومختصر وڪرو مس ٿي سگهيو هو (اڄ اُنهن مان دنيا ۾ فقط ٽي ڪاپيون موجود آهن) ته ڪتاب جي هڪ ڪاپي سڀ کان اول ڪال ون جي هٿن ۾ پهچي چڪي هئي، ڪتاب جي ڪاپيءَ هٿ اچڻ سان جينيوا جو هيءُ طاقت ۽ تعصب جي انڌ ۾ ورتل آمر هڪ ئي ڌڪ سان ڪافر ۽ ڪافر جي لکتين کي گڏي ختم ڪري ڇڏڻ جي ڪم کي لڳي ويو.

دنيا کي اِها خبر ڪانهي، ته جنهن پهرئين ڌڪ سان ڪال ون هيءُ جهاد پنهنجي سر ڪرڻ گهريو ٿي، اُهو ئي هن جو ذليل کان ذليل ڪم شمار ٿي سگهيو ٿي، هو ايئن به ڪري سگهيو ٿي، ته جنهن ڪتاب  کي پڙهڻ کان پوءِ هن ان کي هڪ انتهائي ملحدانه تصنيف سمجهيو ٿي، اُن جي خلاف پنهنجي ديول جي منبر تان بيهي، پنهنجي پوري ديانتدريءَ سان ديني فتويٰ جو اعلان ڪري سگهيو ٿي ۽ سڄيءَ ڪئٿولڪ فرقي جي هولناڪ ’مقدس ديني عدالت ‘ جا جاسوس ۽ محتسب ازخود ڪتاب جي مصنف کي ڪٿي نه ڪٿي ڳولهي وٺن ۽ ڪنهن نه ڪنهن ريت جهلي وٺن ها، ڀلي اُهو ڪٿي ڪنهن آرڪ بشپ جي پناهه ۾ ئي ڇو نه لڪو ويٺو هجي ها، پر هن پروٽيسٽنٽ ديني اصلاح جي ”عظيم اڳواڻ“ پنهنجي پاپائي دشمنن کي هن سلسلي ۾ايتري تڪليف وٺڻ کان به بچائي ڇڏيو. ڪال ون جا طرفدار هن ڳالهه ۾ اڄ ڪيترو به هن جو بچاءَ ڪن، پر سندن اُهي سڀ دليل پاڻ وڌيڪ هن جي پست اخلاقيءَ کي ثابت ڪن ٿا. ڪال ون جيڪو پنهنجي شخصي ورتاءَ ۾ هونئن هڪ سخت ايماندار هو ۽ سدائين اُن ۾ پنهنجن عملن جي نيت بخير ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهندو هو، سوجڏهن ڏسندو هو ته سندس اعتقادي نظريو خطري ۾ هو يا جڏهن سندس مقدس ’فرض ادائيءَ‘جو ڪو سوال اٿندو، تڏهن هن  کان پنهنجا سمورا اصول ۽ اخلاقي قدر وسري ويندا هئا. پنهنجي اعتقادي ايمان ۽ پنهنجي جماعت جي مفاد لاءِ هو هر طريقي ۽ هر ذريعي جي استعمال کي جائز سمجهندو هو، جيئن ئي سرويٽس جو ڪتاب هن جي هٿ چڙهيو، تيئن سندس هڪ ويجهي ساٿي گالين ٽرائيءَ جو هڪ فرينچ پناهگير هو، 1553ع جي فيبروريءَ جي مهيني ۾ جينيوا مان پوئتي پنهنجي اباڻي وطن فرانس ۾ رهندڙ پنهنجي هڪڙي سؤٽ ائنٽون آرني ڏانهن اُن جي سڄي روئداد لکي موڪلي، ائنٽون آرني هڪ ڪٽر ڪئٿولڪ هو، اهڙو ئي جهڙو هيڏانهن هيءُ سندس پناهگير سؤٽ گالين ٽرائي ڪٽر پروٽيسٽنٽ هو، ائنٽون آرني هوڏانهن فرانس ۾ ڪٽر ڪئٿولڪ ’مقدس ديني عدالت‘ جو معتمد هو، ته هيڏانهن هيءُ  سندس سؤٽ گالين ٽرائي جينيوا ۾ ’محڪمي امور مذهبي‘ جي هن ڪٽر عقيدي پرست پروٽيسٽنٽ سربراهه جو اهڙو ئي ويجهو معتمد هو. پروٽيسٽنٽ گالين پنهنجي خط ۾ ڪئٿولڪ ائنٽون  کي وڏي تفصيل سان لکي موڪليو، ته ڪيئن هو،”جينيوا ۾ ڪافرن ۽ ملحدن کي سندس مسيح دشمن حرڪتن کي. “ پوري طرح دٻايو ويٺا هئا ۽ ڪوبه ڪونه هو جو اُنهن کي وڍي ۽ پاڙؤن پٽي، اُن زمين پاڪ کي اُنهن کان آجو ۽ صاف ڪري سگهي، مثلاً فرانس ۾ هڪڙو اهڙو زهرناڪ ٻوڙو اڀريو بيٺو هو، هڪڙو اهڙو ڪافر لعين موجود هو ۽ هلي چلي رهيو هو، جيڪو جنهن گهڙيءَ جهلجي سگهي، اُنهيءَ گهڙي اُن کي هوند باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏجي!“

گالين جي خط جا اهي ٽڪرا پڙهي، اسان کي فوراً ڪال ون جا اڳيان لفظ ياد اچن ٿا، جيڪي هن فاريل ڏانهن خط ۾ لکي موڪليا هئا، ”جيڪڏهن هڪ ڀيرو هو، هتي آيو ته جيتري قدر هن شهر ۾ منهنجا اختيار آهن، آءٌ هن جو اهڙو بندوبست ڪندس، جو هتان وري جيئرو ٻاهر نه وڃي سگهندو!“ پر ڪال ون جي معتمد گالين ٽرائيءَ اُن کان به وڌيڪ واضح لفظن ۾ اُن ’بدمعاش‘ جو نالو کڻي ڳالهه کي اڳتي وڌايو،”آئون اُن آرگون شهر جي اسپيني رول جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن جو نالو مائيڪل سرويٽس آهي، پر پاڻ کي هو مائيڪل ڊي اِلانو سڏائي ٿو ۽ طبابت جو پيشو اختيار ڪيل اٿس.“ پوءِ خط ۾ هُن سرويٽس جي ڪتاب جو نالو کڻي اُن جي مضمون جي فهرست ڏني ۽ اُن سان ڪتاب جي پهرين چئن صفحن جو نقل شامل ڪيو ۽ آخر ۾ هن بدين سان ڀريل دنيا تي لعنت ملامت جا خوب ڇوهه ڇنِڊي، گالين پنهنجي خط جي پڄاڻي ڪئي.

جينيوا مان هيڏي وڏيءَ عقلمنديءَ سان روانو ڪيل هيءُ بم گولو پنهنجيءَ پوري مقرر جاءِ تي وڃي ڦاٽو، چغلخور گالين ٽرائيءَ  جيئن ڳالهه رٿي هئي، بلڪل اُها ايئن ئي ٿي، ڪئٿولڪ مؤمن ائنٽون آرني خط پڙهڻ سان تپي باهه ٿي ويو ۽ خط سميت سهڪندو سهڪندو اُنهيءَ ئي گهڙي وڃي ليانس جي وڏي ديني عامل يعني اتان جي ڪارڊينل وٽ پهتو، ڪارڊينل سڳوري خط ڏسي فوراً پاپائي ’عدالت‘ جي هيڊ محتسب کي پاڻ وٽ گهرايو، اِنهيءَ طرح چوٽيءَ تي بيهي، ڪمال ڏاهپ سان جيڪو پٿر ڪال ون هيٺ ڇڏيو هو، اُهو پوريءَ رفتار سان بولاٽيون کائيندو وڃي پاڙ ۾ ڪريو، سرويٽس جي خلاف فرد جرم جو اُهو پٿر جينيوا مان فبروريءَ جي 27 تاريخ تي اُڇليو ويو هو تقريباً ويهن ڏينهن کان پوءِ  مارچ جي 16 تاريخ تي ديني محتسبن مائيڪل ڊي اِلانو کي وائين شهر ۾ ڳولهي وڃي هٿ ڪيو ۽ مٿس دستوري طور ’ڪفر ۽ الحاد‘ جو ساڳيو الزام عائد ڪيو، جيڪو جينيوا مان گالين ٽرائيءَ جي معرفت ڪال ون هن جي خلاف مرتب  ڪيو هو.

جينيوا جا هي چغلخور، بهرحال اِها ڳالهه معلوم ڪري بيحد پريشان ٿيا هوندا، ته سندن بم گولو پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي ڦاٽو پر پنهنجي اصل نشان کان گسي ويو، يعني ان جي نقصان مان سرويٽس صاف بچي ويو. ممڪن آهي، ته ڪن وچ وارن سرويٽس جي دوستن يا خير خواهن هن کي ان کان پهريان ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هجي، شايد وائين شهر جي آرڪ بشپ ئي پنهنجي طبيب کي اڳواٽ ڳالهه جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو، جڏهن هيڊ محتسب اتي پهتو، ان کان اڳ ئي ڇاپخانو پنهنجي اصل هنڌ تان پٽجي ٻئي هنڌ پهچي چڪو هو، شهر جا ڇاپيندڙ، جلد بند ۽ ٻيا سڀ اهڙا شخص گڏجي قسم کڻي چئي ويا، ته هنن اهڙو ڪوبه ڪتاب نه ڪمپوز ڪيو هو نه ڇاپيو هو ۽ نه ڪڏهن رڳو ڏٺو به هو، هوڏانهن شهر جي معزز طبيب مائيڪل ڊي اِلانو کي ڪاوڙ وٺي وئي، جڏهن کيس چيو ويو، ته هو مائيڪل سرويٽس هو، نه بلڪل نه، هن جو مائيڪل سرويٽس سان ڪهڙو واسطو؟ وڌيڪ حيرت جي ڳالهه هيءَ ٿي ته پاپائي ”عدالت“ به شروع ۾ ڪجهه ڦڙتي ڏيکاري، پر وڌيڪ ڳالهه جي چورپچور ڪرڻ ڇڏي ڏني، سندن ان چڱ مڙسيءَ کي خيال ۾ آڻي اسين اڄ به اندازو ڪري سگهون ٿا ته ’جوابدار‘ تي ضرور  ڪنهن طاقتور شخص پنهنجي پناهه جو هٿ رکيو هوندو، اهڙين ڳالهين ۾ مقدس ديني عدالت پنهنجي ’عدالتي‘ ڪم ۾ پهريائين جوابدار کي هونئن اشڪنجي ۾ وجهائيندي هئي، پوءِ اُن ۾ اشڪنجي کي آهستي آهستي ڪشائيندي هئي، ته جيئن جوابدار سچي ڪري ۽ قبولدار ٿئي، پر ساڳئيءَ اُنهي ’عدالت‘ مائيڪل ڊي الانو سان ايئن نه ڪيو، ۽ هن جي پچر ئي ڇڏي ڏني، اُن ۾ ضرور ڪنهن جو هٿ هو، هيڊ محتسب چپ ڪري ليانس شهر ڏانهن موٽي ويو. ائنٽون آرنيءَ کي اطلاع ڏنو ويو، ته پڇا ڳاڇا مان معلوم ٿيو هو، ته هن جو الزام بي بنياد هو. ايئن جينيوا جي پروٽيسٽنٽ آمر جي اها ڪوشش ته پاپائي ’عدالت‘ جي هٿان سرويٽس کي ختم ڪرايو وڃي، ناڪام ثابت ٿي. ممڪن آهي، ته سڄي ڳالهه اُتي ئي بند ٿي وڃي ها، پر آرنيءَ موٽائي جينيوا ۾ پنهنجي سئوٽ گالين ٽرائيءَ کي لکي موڪليو، ته صورتحال بهرحال اُها هئي ۽ جيڪڏهن ٻيو ڪو پار پتو ۽ مواد مذڪوره ’ڪافر‘ جي خلاف وٽن هو، ته اهو ڏانهس موڪليو وڃي.

هيستائين ته ايئن فرض ڪرڻ لاءِ ڪو سبب به ٿي سگهيو ٿي، ته ڳالهه جو نرم پاسو وٺندي، ايئن چيو وڃي ته گالين ٽرائيءَ پنهنجو پاڻ هڪڙي اهڙي ملحد منصف جي خلاف جنهن کي هو شخصي طور سڃاڻندو به ڪونه هو، پنهنجي ڪئٿولڪ سئوٽ آرنيءَ ڏانهن اهو سڀ ڪجهه خير صلاح ۾ لکي موڪليو هو، اُن سڄيءَ ڳالهه ۾ کيس ۽ خود ڪال ون کي خواب خيال ۾ ڪونه هو، ته سندن اهو الزام ايئن پاپائي اختياريءَ وارن جي ڪنن تائين پهچي نه ٿي سگهيو. پر هاڻي جڏهن جينيوا جي هنن ڪٽر اعتقادي پروٽيسٽنٽ تقويٰ بازن کي معلوم ٿي چڪو هو، ته سرويٽس جي خلاف تحقيقات شروع ٿي چڪي هئي، ۽ ان سلسلي ۾ ئي فرانس جي پاپائي ’عدالت‘ جي استعمال لاءِ ائنٽون آرنيءَ کانئن وڌيڪ خبرچار گهري رهيو هو، تڏهن ته هنن کي ڳالهه جي اهميت سمجهڻ کپندي هئي، ۽ پوءِ به مسيحي تقويٰ جي صاحب انجيل مقدس جو علمبردار ان هولناڪ پاپائي ’عدالت‘ جو دلال ۽ جاسوس بڻجڻ کان پاڻ کي باز نه رکي سگهيو، جنهن سندس ئي سوين معصوم پروٽيسٽنٽ جماعتين کي ڌڳندڙ باهه جي ٽانڊن تي جيئري شيخ ڪباب وانگر پچائي ماريو هو، بيشڪ ڪال ون تي سڌي الزام رکڻ لاءِ سرويٽس وٽ پورو پورو سبب هو. ”ڇا تون اهو نه ٿو محسوس ڪرين، ته انجيل مقدس جي هڪ مومن متقيءَ جي شان وٽان هيءَ ڳالهه نه آهي، ته هو پنهنجي دشمن ڌر اڳيان پنهنجي ئي هڪ جماعتيءَ تي فريادي به بڻجي ۽ سرڪاري شاهد به ۽ پنهنجي عهدي ۽ اختيار جو فائدو وٺي، پنهنجي ان مخالف پر ڪمزور هم جماعتيءَ کي ڦاسائي، پنهنجي ان گڏيل دشمن جي حوالي ڪرڻ لاءِ اُن جي راهه ۾ بيهي مڪر ۽ فريب جا ڄار وڇائي،“

پر هيءَ ڳالهه اسان کي واضح طور تي وري به سمجهڻ گهرجي، ته ڪال ون لاءِ جتي سندس اعتقادي ايمان جو سوال هو، اتي ڪنهن اصول يا قدر جي ڪا معنيٰ ۽ ڪا اهميت ڪانه هئي، سرويٽس کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻ گهرجي، ان مقصد لاءِ ڪال ون جي دل ۾ اعتقادي نفرت جو آڙاهه ٻرندو رهيو، تنهن ڪري، هن کي ڪا پرواهه ڪانه هئي، ته ان لاءِ هن کي ڪهڙا طريقا ۽ ڪهڙا ذريعا استعمال ڪرڻا ٿي پيا ۽ اُهي ذريعا ۽ طريقا جيڪي ان مقصد لاءِ هن استعمال ڪيا ٿي، انهن کان وڌ شرم جي ڪا ڳالهه ٿي ئي ڪانه ٿي سگهي، گالين ٽرائيءَ جيڪو ٻيو خط ائنٽون آرنيءَ ڏانهن هن سلسلي ۾ موڪليو، جيڪو پڪ ئي پڪ هن کي ڪال ون ئي لفظ بلفظ مهان منهن ويهاري لکايو هو، اهو منافقيءَ، جو هڪ شاهڪار هو، خط ۾ حيرت جو اظهار ڪيل هو، ته آرنيءَ اڳيون خط پاپائي ’عدالت‘ جي حوالي ڪيو هو، حالانڪ: ”اهو فقط تنهنجي پنهنجي پڙهڻ لاءِ هو. منهنجو ان جي لکڻ  مان رڳو هيءُ مقصد هو ته توکي ٻڌايان ته جيڪي پاڻ کي ڪليسا جا ٿنڀا چوائين ٿا، تن جي دل ۾ پنهنجي مقدس دين لاءِ ڪيترو نه مختصر جذبو بچيو آهي“. بهرحال گذشته ڳالهه ڇٽي پر هاڻي، جي لکندڙ کي خبر هئي، ته باهه جو اوڙاهه ٻري چڪو هو، وڌيڪ ان ڏس ۾ هولناڪ پاپائي’عدالت‘جي ڪارروائيءَ کي روڪڻ يا ڍري ڪرڻ بدران هن ذليل مخبر ۽ چغلخور پاڻ وڌيڪ ڍيڍپائيءَ سان خط لکيو، ته ڇاڪاڻ جو اها غلطي اڳي ئي ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري هاڻي ان ۾ شڪ ڪو نه هو ته ”ان ۾ به خداوند قدوس جي ڪا رضا شامل آهي ۽ هو مسيحي دنيا کي هن گنديءَ ۽ موتمار وبا کان نجات ڏيڻ گهري ٿو.“ ان کان پوءِ جو ڪجهه خط ۾ لکيو ويو، اهو ته اعتبار کان ئي ٻاهر هو، پنهنجي انساني نفرت جي غير انساني اظهار تي پردي وجهڻ لاءِ خدا جو نالو وچ ۾ آڻيندي گالين ٽرائيءَ پنهنجي سئوٽ ڏانهن جيڪا ڪجهه معلومات ۽ جو ڪجهه ٻيو مواد موڪليو، اهو بنهه موتمار نوعيت جو هو، سرويٽس جا پنهنجا هٿ اکر لکيل خط ۽ هن جي ڪتاب جي قلمي مسودي جا ڪجهه حصا، ان معلومات ۽ مواد جي پيش نظر، هن ڪافر ۽ ملحد خلاف جيڪي سخت قدم جن کي کڻڻا هئا، سي هاڻي کڻي سگهيا ٿي.

سرويٽس جا هٿ اکرين لکيل جنسي خط موڪليا ويا، اُهي خط گالين ٽرانيءَ وٽ ڪيئن آيا؟ کيس ته سرويٽس ڪڏهن ڪو خط ڪونه لکيو هو، انهيءَ ڳالهه کي ڪنهن طرح ڍڪي ئي نه ٿو سگهجي، ان لاءِ اسان کي هر صورت ۾ ڪال ون کي ڇڪي ٻاهر آڻڻو پوندو، جنهن پاڻ کي پس منظر ۾ رکي پنهنجو دلي مقصد حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي، سرويٽس جا خط ۽ سرويٽس جي ڪتابي مسودي جا ڪجهه ورق، اهي ته هن ڪال ون ڏانهن موڪليا هئا ۽ ڪال ون پوريءَ طرح ڄاتو ٿي، ته اُهي هو هن موقعي تي پنهنجي ميز جي خاني مان ڪهڙي مقصد لاءِ ٻاهر ڪڍي رهيو هو، هن کي معلوم هو، ته اُهي ڪاغذ ڪنهن ڏانهن وڃي رهيا هئا، يعني انهن ئي ’پاپائين‘ ڏانهن - جن جي خلاف هو، ديول جي منبر تان چڙهي، هر روز ڊگھا ڊگھا ۽ پرجوش واعظ ڪندو رهندو هو، جن کي هو ’شيطان جو اولاد‘ سڏيندو هو ۽ جيڪي سندس ئي پوئلڳن کي ايذاءَ ڏئي ۽ جيئري ساڙي مارڻ لاءِ تيار ويٺا هوندا هئا. ڪنهن به صورت ۾ اها ڳالهه هن کان لڪل ڪانه هئي، ته اهي ڪاغذ ۽ اهي تحريرون سرويٽس کي جيئري آڙاهه ۾ اڇلڻ لاءِ جينيوا جي گالين ٽرائيءَ وٽان ليانس جي ائنٽون آرنيءَ معرفت انهن ئي هولناڪ ’عدالتي پاپائين‘ ڏانهن وڃي رهيا هئا.

انهيءَ ڪري اڳتي هلي، پاڻ کي ان معاملي ۾ اڇي ثابت ڪرڻ جي جيڪا هن ڪوشش ڪئي، اها ايئن ئي هئي، جيئن ڪو چور چوريءَ تان موٽندي، پنهنجا پيرا ڊاهيندو وڃي.”اهي افواهه اٿاريا ويا آهن ته پاپائي ’عدالت‘ جي هٿان سرويٽس جي گرفتار ٿيڻ ۾ منهنجو هٿ هو؛ ڪي ته ايئن به پيا چون ته مون اهڙي ذليل حرڪت ڪئي هئي، جو هن کي هٿ سان وٺي، دين جي دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، بنهه ايئن ڄڻ ڪو ڪنهن کي بگھڙ جي وات ۾ ڏئي ڇڏي! جيڪي ماڻهو مون تي اهي الزام هڻن ٿا، انهن کان آءٌ ايترو ٿو پُڇان، ته آءٌ آخر اوچتو ئي ايئن پاپائي عاملن سان ڪيئن واسطي ۾ آيو هوندس؟ اها ته ڳالهه مڃڻ جهڙي ئي نه آهي، ته منهنجو ڪو انهن سان واسطو ٿي سگهيو ٿي اُهي ته مون لاءِ ايئن هئا ۽ آهن، جيئن يسوع مسيح لاءِ ابليس لعين، آءٌ انهن سان ڪنهن سازش ۾ ڪيئن شريڪ ٿِي ٿي سگهيس؟“ پر ڪال ون جو اهو محض ڌڌڙ ۾ پير هو، جنهن مان هن جو ڪوبه بچاءَ ٿي نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو پاڻ معصوم بڻجي سوال ٿو پُڇي ته ،”آئون آخر اوچتو ايئن پاپائي عاملن سان ڪيئن واسطي ۾ آيو هوندس؟“ ته ان جو ته صاف ۽ منهن ٽوڙ دستاويزي جواب موجود آهي، هو پنهنجي دوست گالين ٽرائيءَ جي ذريعي هنن سان واسطي ۾ آيو هو، جيڪا ڳالهه ٽرائيءَ پنهنجي خط ۾ آرنيءَ ڏانهن صاف ئي صاف لکي موڪلي هئي. ”سچ پچ ته ڏاڍي مشڪل سان آءٌ عالي جناب ڪال ون کان هي ڪاغذ وٺي سگهيو آهيان، جيڪي هن خط سان توڏانهن موڪلي رهيو آهيان. منهنجو مطلب اهو نه آهي، ته ان ڳالهه ۾ هن جي سهمتي نه آهي ته اهڙي انتهائي نفرت لائق الحاد کي پوريءَ طرح دٻائڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ گهرجن. پر پنهنجي سلسلي ۾ هو پنهنجو فرض ٿو سمجهي، ته ڪافرن ۽ ملحدن کي دليلن سان قائل ڪيو وڃي ۽ نه ’عدالتي تلوارن سان‘ اهڙي واضح ڳالهه کان پوءِ هن مت موڙهي خاطوءَ جي هيءَ ڪوشش بيسود هئي. جنهن سان هو وري به اصلي ڏوهيءَ تي ڪک رکي رهيو هو ته: ”مون نيٺ گستاخي ڪري عاليجناب ڪال ون کي هئين چئي ڏنو، ته جيڪڏهن هو ويندو، ۽ پوءِ وڏين منٿن ۽ گهڻي زور تي لاچار هُن هيءُ تصديقي مواد منهنجي حوالي ڪيو، جيڪو آءٌ هن خط سان شامل ڪري رهيو آهيان.“

لفظن کان عمل وڌيڪ واضح ٿين ٿا، خوشيءَ سان يا لاچار کان بهرحال ڪال ون سرويٽس جا خانگي خط ’پاپائي عاملن‘ کي ڏياري موڪليا، ته انهن جي لکندڙ کي برباد ڪرڻ لاءِ اُهي استعمال ٿي سگهن، ڪال ون ۽ فقط ڪال ون ئي اُنهيءَ لاءِ جوابدار هو، جو ٽرائي آرنيءَ ڏانهن اهو خط لکيو هو، دراصل اهو خط هو ئي پاپائي عاملن جي پڙهڻ لاءِ، ڪال ون اهو خطرناڪ مواد ٽرائيءَ جي حوالي ڪيو هو، جيڪو هن آرنيءَ ڏانهن موڪليو ۽ ان سلسلي ۾ هن ڏانهن خط ۾ وڌيڪ چٽائي سان لکيائين ته، ”آءٌ ڀانيان ٿو ته هيءُ مواد جيڪو تو ڏانهن هاڻي موڪلي رهيو آهيان، اُن ۾ ناقابل ترديد ثابتيون موجود آهن ۽ ان جي مدد سان توکي وڌيڪ سرويٽس کي جهلائڻ ۽ مٿس ڪيس هلائڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي.“

اها ڳالهه به رڪارڊ تي موجود آهي، ته پاپائي ”عدالت“ جي اعليٰ مختارڪارن جڏهن ملحد سرويٽس جي گناهه جو هيءُ تصديقي مواد ڏٺو، جيڪو ڏانهن سندن جاني دشمن مها ملحد ڪال ون موڪليو هو، تڏهن هنن کان يڪو ٽهڪ نڪري ويو، واقعي هيءَ هنن جي خوشيءَ جي ڳالهه هئي، ٽرائيءَ جي بچاءَ ۾ اڃا به ڪي کوکلا دليل ڪو ڏئي سگهي ٿو، ته اهو ڪم هن رڳو پنهنجي طاقتور بزرگ دوست کي پنهنجي سچائيءَ ڏيکارڻ لاءِ ۽ ڏانهن پنهنجي نيڪدليءَ ۽ نيازمنديءَ جي اظهار طور ڪيو هو، پر خود ڪال ون جي باري ۾ ته اهڙو ڪو انڌو منڊو بچاءَ جو دليل اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، جيڪو پروٽيسٽنٽ فرقي جو هڪ اعليٰ اڳواڻ هو ۽ جيڪو انهيءَ طرح پنهنجي هڪ پروٽيسٽنٽ مؤمن ڀاءُ کي جيئري ساڙڻ لاءِ پنهنجي دشمن ڪئٿولڪ فرقي جي هولناڪ ’ديني عدالت‘ سان ٻٽوٻٽ بيهي، ان جي ايتري مدد ڪري رهيو هو، هنن ٻن مخالف فرقن جا اڳواڻ دنيا ۾ هرهنڌ هڪٻئي جا جاني دشمن ٿي پئي هليا ۽ هڪٻئي سان سواءِ باهه ۽ تلوارن، ڦاهن ۽ اشڪنجن جي ٻي ڪا ڳالهه هو ڄاڻندا ئي ڪونه هئا، بهرحال ڪال ون جي هن ’اشرافي‘ تعاون تي ٻه چار ٽهڪ ڏئي پاپائي ’عدالت‘ جا اُهي پيٽ ڀريا سنگدل عامل پنهنجي ڪم کي لڳي ويا، سرويٽس کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هن کان سخت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ڪال ون هن جي خلاف جيڪي خط ۾ ڪتاب جا اقتباس مهيا ڪيا هئا، اُهي ايترا ته پڪا پختا ثبوت هئا، جو هو نه ڪتاب جي تصنيف کان انڪار ڪري سگهيو ۽ نه مائيڪل ڊي الانو ۽ مائيڪل سرويٽس جي ساڳئي هڪ شخص هئڻ کان ئي پاڻ بچائي سگهيو، هو ڳالهه وڃائي چڪو هو، آڙاهه جا بُنڊ وائين شهر ۾ سٿجي چڪا هئا ۽ انهن مان ٽڙڪندڙ مچ جون ڄڀيون ڪنهن به ڏينهن اُٿي سگهيون ٿي.

بهرحال هيءَ ٻيو ڀيرو به، ڪال ون جي اُميد ته هو پنهنجي وڏي دشمن کان ٻين وڏن دشمنن جي مدد سان جند ڇڏائي سگهندو، ناڪام ثابت ٿي، يا ته سرويٽس پنهنجي ڪامياب طبابت جي ڌنڌي معرفت، پنهنجا اثر رسوخ وارا جان نثار دوست پيدا ڪري سگهيو هو، جيڪي کيس هن ڀيري به ڪم آيا (۽ اها ئي ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ لڳي ٿي) يا وري ڪئٿولڪ ديني اختياريءَ واري هن ڪم ۾ پنهنجي دشمن ڪال ون جي ايڏي گهڻي دلچسپي ڏسي ڪجهه وڌيڪ خبرداريءَ ۽ احتياط کان ڪم وٺڻ گهريو. بهرحال قيد جي سنترين ڪجهه وڌيڪ بي خياليءَ کان ڪم ورتو، شايد سندن آقا انهيءَ خيال جا ٿي پيا هئا، ته جينيوا جي مها ملحد کي خوش ڪرڻ بدران هڪڙي اهڙي بنهه ننڍڙي ۽ خسيس ملحد کي موقعو ڏيڻ ته ڀڄي وڃي، وڌيڪ بهتر ڳالهه هئي، سرويٽس تي چوڪسيءَ کي نرم ڪيو ويو، اهڙن مجرمن جي حالت ۾ دستور هيءُ هوندو هو، ته اُنهن کي ڏينهن رات ڪال ڪوٺڙين ۾ پيرن ۾ زنجير وجهي بند رکيو ويندو هو. پر سرويٽس کي غير معمولي سهولتون ڏنيون ويون، هن کي هر روز باغ ۾ گهمڻ ۽ تازي هوا کائڻ جي اجازت هئي، هڪڙي اهڙي موقعي مان. اپريل جي ستين تاريخ تي فائدو وٺندي، قيدي حوالات مان گم ٿي ويو، جيل جي دربانن ۽ جيل جي وڏي صاحب لاءِ پوئتي هن جو فقط هڪ چرغو پيو هو، جو هنن کنيو ۽ ڀت سان ٽيڪيل ڏاڪڻ هنن ڏٺي، جنهن تي چڙهي سرويٽس ڀت تان ٽپ ڏئي ڀڄي ويو هو، پر پوءِ به آڙاهه جي بنڊن جي سٿي اجائي ڪانه وئي، اُن کي چوچڙي ڏئي ٻاريو ويو ۽ جڏهن مچ جا ٽڙڪندڙ شعلا مٿي اڀريا، تڏهن اُنهن ۾ سرويٽس جو بوتو ۽ سرويٽس جي ڪتاب ’احيائي دين مسيح‘ جا پنج کوکا اڇلي وڌا ويا، جي اُتي جو اُتي سڙي رک ٿي ويا. جينيوا جي مير واعظ ۽ مطلق ديني آمر جي سڄي بدباطن رٿا، ته هڪڙي پنهنجي گروهه جي دشمن کي ٻاهرين دشمنن جي هٿان ختم ڪرائي ڇڏجي، ۽ پنهنجا هٿ به صاف رکجن، پوري جي پوري ناڪام ثابت ٿي، اُن ڏينهن کان پوءِ سڀني انسان شناس ماڻهن لاءِ ڪال ون هڪ خسيس ۽ قابل نفرت شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه رهيو. اُن ڏينهن کان پوءِ سرويٽس جي برخلاف جيڪا به هن کي مهم سر ڪرڻي هئي، اها سڌي طرح کيس هلائڻي هئي ۽ دنيا جي اڳيان اُن جي سڄي ذميداري هن کي پنهنجي سر تي کڻڻي هئي ۽ اُها هن جي مهم فقط هيءَ هئي، ته هو هڪڙي انسان جي موت جو ڪونه ڪو سبب ٺاهي ۽ ڪونه ڪو سامان پيدا ڪري، جنهن انسان جو جرم فقط هيءُ هو، ته اُن انسان جي خيالن سان متفق نه هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org