سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:12 

باب ڇهون

 

سهپ ۽ رواداريءَ جو پڌرنامو

 

سچ جي ڳولها گناهه ڪونهي، سچ جيئن سمجهه ۾ اچي، تيئن اُن کي ظاهر ڪرڻ گناهه ڪونهي؛ عقيدو ڪنهن تي زوريءَ مڙهي نٿو سگهجي، عقيدو هر ڪنهن جي پنهنجي مرضيءَ جي ڳالهه آهي.

-                                                                                                                                                                                                          سسيباسٽيان ڪاسٽيلو 1551ع.

سرويٽس جي شهادت کان پوءِ ترت  اِها ڳالهه محسوس ڪئي ويئي ته، ’اصلاح دين مسيح ‘ (Reformation) جي  تحريڪ، هاڻي اُتي پهچي چڪي هئي، جتان اڳتي وڌڻ جا الڳ الڳ رستا ڦٽي ٿي نڪتا. جيڪا صدي ماڻهن جي رت سان سڄي رنڱي  لال ٿي پيئي هجي، اُن ۾ سرويٽس جهڙي هڪڙي  وڌيڪ ماڻهوءَ جو خون، ڪا وڏي ڳالهه نه هئي-  اُهو هڪ رواجي واقعي وانگر وسري به سگهيو ٿي. اِيئن ته اسپين جي ڪناري کان وٺي بحرشمالي تائين سڄي يورپ ۾ سرزمين برطانيه سميت ’مسيحيت ‘ جا محافظ ۽ تبليغ ڪار، مسيح جي نالي ۽ اُن جي تقدس کي مٿي ڪرڻ لاءِ ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڪافرن ۽ ملحدن کي ساڙيندا ٿي رهيا. ’دين حق‘ جي آستانن تي ( ۽ دينَ حقَ به سوين هئا)، هزارين بلڪ لکين بيوس ماڻهو عضوا ڪپائيندا، ڦاسيءَ تي چڙهندا، قتل ٿيندا، ۽ سڙندا ٿي رهيا. ڪيترن ئي کي جيئري ٻڌي پاڻِيءَ ۾ ٻوڙيو ويندو هو. دين جي نالي ۾ هن انساني قتلام بابت، ڪاسٽيلو پنهنجي ڪتاب ’مسئله ء ملاحده‘ ۾ لکيو آهي ته.: ”جيترا ايئن ڪُسندا ٿي رهيا، سي، آءٌ گهوڙا به نٿو چوان پر رڳو  ٻڪر به هجن ها، ته به هر بادشاهه اُنهن جي ڪوس کي پنهنجو وڏو نقصان سمجهي ها، پر ڇاڪاڻ ته اُهي رڳو ماڻهو هئا، اِنهيءَ ڪري اُنهن کي ڳڻڻ جي به ڪنهن تڪليف ڪانه ڪئي. ڪاسٽيلو آهه ڪندي، چوي ٿو: ”آءٌ نه ڀانيان ته، تاريخ جي ڪنهن دؤر ۾ ايترو انساني خون وهيو هوندو جيترو اسان جي دور ۾ وهي رهيو آهي.“

پر تاريخ جي صدها دورن جي بيشمار ظلمن ۾ هميشه هڪڙو ئي اهڙو ظلم هوندو آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ته ٻين معمولي ظلمن جهڙو ئي هڪڙو ظلم هوندو آهي پر اتفاق سان اُهو ئي اُن دؤر جي ظاهري طور ستل انساني ضمير کي چهنڊڙي پائي سجاڳ ڪندو آهي. آڙاهه جي جن شعلن، شهيد سرويٽس کي ساڙي ڀسم ڪيو، اُهي شعلا اُن دؤر جي ٻين اهڙن شعلن کان ڀڙڪو کائي مٿڀرو اُڀري ويا هئا. ٻه سؤسال پوءِ، مشهور تارخ نويس، گبن، سرويٽس جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ڪئٿولڪ دنيا ۾ سوين انسان باهه جو ٻارڻ ٿيندا ٿي رهيا، پر پروٽيسٽنٽ دنيا جي هيءَ هڪڙي انساني جان جي ’قرباني‘ پٿر کان پٿر دل کي رجائي ميڻ ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي“. والٽيئر جي چوڻ موجب، سرويٽس جو خون ’تحريڪ اصلاح دين‘ جو پهريون ’ديني قتل‘ هو ۽ اُن عظيم تحريڪ جي بنيادي خيال جي اِها پهرين کليل ترديد  هئي، دراصل پروٽيسٽنٽ ڪليسا لاءِ ته اصولي طور الحاد جي ڳالهه ئي بي معنيٰ هئي. ڇاڪاڻ ته پروٽيسٽنٽ تحريڪ جو بنيادي مطالبو ئي اِهو هوندو ته خدائي ڪلام جي تشريح ۽ تفسير جو هر ڪنهن کي حق هو. اهو ئي سبب هو، جو هن تحريڪ جي بانين ليوٿر ۽ زونگلي ۽ ٻين، پنهنجي ڪنهن به ساٿيءَ جي خلاف، جيڪي وقت بوقت دين جي معاملن ۾انتهائي قسم جي خيالن جو کُليو اظهار پيا ڪندا هئا، ڪڏهن به ڪنهن سخت قدم کڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بلڪ اهڙيءَ آزاد خياليءَ کي روڪڻ يا ضابطي ۾ رکڻ لاءِ، هو هر قسم جي دٻاءَ يا زور جي استعمال جي مخالفت ڪندا هئا. ليوٿر جو چوڻ هو ته، ”مون کي موت جون سزائون ڪنهن به حالت ۾ پسند نه آهن، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اُهي مناسب ئي ڇو نه کڻي هجن، هن سلسلي ۾جنهن ڳالهه جو مون کي ڊپ آهي، سا هيءَ آهي، ته اُن مان غلط ۽ نهايت خطرناڪ مثال قائم ٿي سگهن ٿا. اِنهيءَ ڪري ڪنهن به صورت ۾ (مذهب جي)  ڪوڙن دعويدارن کي مارڻ جي فائدي ۾ نه آهيان، ملحدن ۽ ڪافرن کي حيواني زور وسيلي مقابلو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪفر يا الحاد هڪ روحاني مسئلو آهي، جنهن جي داغ کي دنيوي باهه يا دنيوي پاڻيءَ سان ڌوئي صاف نه ٿو ڪري سگهجي.“

بهر حال ترت ئي، جڏهن نئين شريعت منظم ڪليسا جي صورت  وٺڻ شروع ڪئي، تڏهن ’اصلاح‘ جي هنن اوئلي بانين کي پڻ، هيءَ ڳالهه  محسوس ٿي، جيڪا پراڻيءَ ڪليسا جي اختياريءَ وارن کي ئي معلوم هئي، ته اقتدار زور کان سواءِ قائم نه ٿي رهي سگهيو. اِنهي ڪري ليوٿر هن سلسلي ۾ هڪ ’مصلحتي‘ رستو ڳولي ڪڍيو، جنهن مطابق الحاد ۽ بغاوت ۾ فرق ڪرڻو هو، يعني هڪڙا ته ’احتجاجي‘ هئا، جيڪي رڳو روحاني ۽ مذهبي ڳالهين ۾ اصلاحي ڪليسا جي راءِ کان اختلاف رکي سگهيا ٿي، ۽ ٻيا اُهي جيڪي ’باغي‘ هئا ’امن جا ويري‘ هئا، جن بيٺل مذهبي نظام کان انحراف ڪندي، سڄي سماجي سرشتي کي بدلائڻ گهريو ٿي، پوئين قسم جي ماڻهن جي خاتمي لاءِ، جيڪي اشتراڪي قسم جي غير بپتسمي ۽ باغي شخص هئا، هُن سرڪاري طور زور جي استعمال جي اجازت ڏني، پر اِن  هوندي به، اصلاحي ڪليسا جي هنن شروعاتي اڳواڻن مان ڪنهن هڪڙي به اهڙي ڪنهن شخص کي جلاد جي حوالي ڪرڻ جو انتهائي قدم ڪونه کنيو، جيڪو هُن جي پنهنجن عقيدن سان متفق نه هو يا جنهن پاڻ کي عقل پسند ۽آزاد خيال سڏيو ٿي، دراصل اڃا ڪالهوڪي ڪالهه هنن ’مذهبي انقلابين‘ پنهنجن عقيدن جي آزاديءِ لاءِ پوپ ۽ اُن جي حمايتي شهنشاهن خلاف پنهنجي جان جي بازي لڳائي، جنگيون ڪيون هيون ۽ پنهنجي لاءِ مقدس ترين انساني حقن جي محافظ هجڻ جي دعوي ڪئي هئي. ايتري ۾ ڪئٿولڪ فرقي جي هولناڪ ديني عدالت جي سامهون، ڪنهن پروٽيسٽنٽ  ديني عدالت جو قائم ٿيڻ، هنن جي احساس شرافت ۽ اصلاحي دعويداريءَ جي خلاف هو.

پر اِهو اُن تاريخي دور جو پهريون انقلاب دشمن ۽ ڪڌو قدم، سرويٽس کي جيئري جلائڻ جي صورت ۾، ڪال ون ئي کنيو. اُن قدم سان هُن ”مسيحي انسان جي آزادي“ جي آدرش کي پوريءَ طرح ختم ڪري ڇڏيو، جنهن آزاديءَ جي بحال ڪرڻ ۽ ماڻڻ لاءِ اصلاحي تحريڪ ايترو جهد ڪيو هو. ان ۾ هو ڪئٿولڪ ڪليسا کان به مقابلي ۾ اڳتي وڌي ويو، جنهن وري به پورو هڪ هزار سال پنهنجي ڪنهن مخالف کي، صرف عقيدي جي اختلافي تشريح جي ڏوهه ۾ جيئري جلائي مارڻ کان پاسو ڪيو هو. ڪال ون کي ته اڃا اقتدار سنڀاليندي ڏهه سال مس ٿيا هئا، ته هُن ايئن پنهنجي هڪ مخالف کي رڳو پنهنجي ديني استبداد کي مضبوط ڪرڻ لاِءِ، جيئري ئي باهه ۾ ساڙائي ڇڏيو. سرويٽس کي جو اِيئن ساڙيو ويو سو انهيءَ ڪري به نه ته هو ڪو دهريو هو- ڇاڪاڻ ته هو دهريو بلڪل ڪونه هو- هُن کي ته رڳو اِنهيءَ لاءِ باهه ۾ وڌو ويو هو، جو هُن ڪال ويني نظريي جي ڪن عقيدن سان اختلاف ڪيو هو. صدين گذرڻ کان پوءِ، جينيوا جي آزاد شهر انساني آزاديءَ جي هن بي خوف سورمي جو يادگار تعمير ڪرايو، جنهن تي هُنن سندس نالي هيٺيان هي لفظ لکيا: ”پنهنجي دور جو امر شهيد“: ۽ ايئن هُنن گويا اُن دور جي گناهه جو انساني تاريخ جي اڳيان اعتراف ڪيو. پر هيءُ خون اُن دور جي نابينائيءَ ۽ حيواني ڪٺورتا جي کنڌي لکڻ کان وڌيڪ اُن هڪڙي شخص ڪال ون جي ئي حساب ۾ آڻڻ مناسب آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن خاص عمل لاءِ ظاهر آهي ته فقط اُهو هڪڙو ئي شخص جوابدار آهي، جنهن جي هٿان اُهو سرزد ٿئي ٿو.

سرويٽس جي شهادت جي پهرئين ڏينهن کان وٺي چوڌاري عام ناراضگي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي- ايتري قدر، جو ڪال ون جي سرڪاري دليل باز، ڊي باز، کي چوڻو پيو ته”ان بدنصيب شخص جي رک اڃا ٿڌي ئي ڪانه ٿي آهي ته اختلافي بحث مباحثا شروع ٿي ويا آهن ته ڪافرن ۽ ملحدن کي سزا ڏيڻ به گهرجي يانه! ڪن جو چوڻ آهي ته هُنن کي واقعي ختم ڪرڻ گهرجي، پر موت جي سزا  وسيلي نه! ٻين جو چوڻ آهي ته هُنن کي ماڳهين خدا جي حوالي ڪري ڇڏڻ گهرجي، ته ڀل هو قيامت جو وڏو عذاب ڀوگين !“ هڪ طرف ڪال ون جا ڪٽر طرفدار هئا؛ مثلاً ميلانٿان نالي هڪڙي پروٽيسٽنٽ اڳواڻ، جنهن پاڻ به سرويٽس جي خلاف بڦلڻ ۾ ڪثر ڪانه ڇڏي هئي، پنهنجي ”اعليٰ حضرت ديني ڀاءٌ“ ڪال ون ڏانهن لکي موڪليو ته ”مقدس ڪليسا اوهان جي شڪر گذار آهي، ۽ قيامت تائين شڪر گذار رهندي .....خداوند قدوس جي پيارن ٻانهن، جينيوا جي سربراهن، اهو بلڪل ٺيڪ ڪيو، جو هُنن هن شيطان جي ٻچي، گستاخ لعين ۽ ڪافر پليت کي موت جي سزا ڏني“. ڊاڪٽر مسڪولس ’ملول‘ نالي هڪڙو شعرائي ’دانشور‘ هو، جنهن ڪال ون جي شان ۾ اهڙِيءَ ديني کيپ کٽڻ تي وڏو هڪ قافيي ۽ بحر تي تز بيٺل قصيدو به ٺاهي ڪال ون کي پيش ڪيو. پر سڄي سئٽرزلنڊ جي ملڪ ۾ کليل تعريف ۽ تسليم جا آواز به فقط اهي ئي هئا. خود زيورچ، شافيسن ۽ ٻين ڪليسائين به هن ڪم تي پنهنجي ايتري خوشي ڪانه ڏيکاري،جيتريءَ جي منجهانئن جينيوا جي سربراهن کي اُميد هئي. ممڪن آهي ته هنن ٻين اصلاحي ڪليسائين، اصولي طور، هن  عمل جي ديني منطق کي تسليم به ڪيو هجي ته هن قسم جي انتهائي فرقيبازيءَ جي ڳالهين کي دٻائڻ ضروري هو، پر هو اِنهيءَ حسن اتفاق تي ته پڪ ئي پڪ مطمئن بلڪ خوش هيون ته هيءُ پهريون ڏکيو ” ايماني تصديق جو عمل“- پروٽيسٽنٽ مسيحن جي پهرئين هڪ آزاد خيال شخص جو هي دردناڪ خون- سندن پنهنجي دائري اختيار ۾ واقع نه ٿيو هو، ۽ اُن هولناڪ فيصلي جي ملامت جو بار ڪنهن طرح سندن سر تان هٽي، جيهان ڪال  ون تي ئي وڃِي ڪريو هو.

پر ٻئي طرف ڪال ون جي هن انسان دشمن ڪم لاءِ عام نفرت ۽ ملامت جو  آواز ايترو جهيڻو ڪونه هو، جيترو سندس طرفدارن جو سندس  پذيرائيءَ يا دفاع ۾ اُٿندڙ آواز، جيڪو مشڪل سان ايئن ڪٿي ٻڌڻ ۾ٿي آيو. اُن دور جي هڪڙي مشهور قانون دان، فرئنڪ بودين، ته ظاهر ظهور ۽ واضح لفظن ۾اعلان ڪيو ته ”منهنجي هيءَ پختي راءَ آهي ته مذهبي عقيدي جي ڪنهن  نقطي تي ايئن هڪ سرڪاري (دنيوي) عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو ڪال ون  کي ڪو به حق ڪونه هو. “  نه رڳو سڄي يورپ جا آزاد خيال، انسان شناس شخص ڏک ۽ ڪاوڙ جي اجهل جذبن جي لپيٽ ۾ اچي ويا هئا، پر خود پروٽيسٽنٽ پادرين جي برادريءَ جي وڏي حصي ۾ پڻ هن واقعي جي رد عمل طور هڪ قسم جي شديد بي آرامي ۽ ناراضگي پيدا ٿي پيئي هئي. جينيوا کان فقط هڪ ڪلاڪ جي پنڌ تي ’واڊ‘ شهر جي ديول ۾ پادرين يڪراءِ ٿي پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪيو ته ڪال ون جيڪا سرويٽس سان هلت اختيار ڪئي هئي، اُها خلاف مذهب  ۽ غير قانوني هئي. خود جينيوا ۾ پنهنجن نڪته چينن ۽ مخالفن کي دٻائڻ ۽ ضابطي ۾ رکڻ لاءِ. ڪال ون کي پوليس کان مدد وٺڻي ٿي پيئي. هڪ عورت ظاهر ظهور، وچ رستي تي، اِها ڳالهه ڪئي ته سرويٽس يسوع مسيح جي راهه ۾ شهيد ٿيو هو. اُن عورت کي جهلي جيل ۾ وڌو ويو. اهڙيءَ طرح ڪتابن جي هڪ ڇاپيندڙ مجاهد کي به جيل ۾ بند ڪيو ويو، جنهن جو چوڻ هو ته شهري اختياريءَ وارن سرويٽس کي موت جي سزا رڳو هڪڙي شخص جي چوڻ تي ۽ اُن کي خوش ڪرڻ لاِءِ ڏني هئي. جينيوا ۾ رهندڙ ڪيترائي پرديسي عالم هڪدم شهر ڇڏي هليا ويا؛ هنن پاڻ کي اُن استبدادي ماحول ۾ هرگز سلامت نه ٿي سمجهيو، جتي فڪر جي آزادي ايتري خطري ۾اچي ويئي هئي. ٿورن ڏينهن ۾ ڪال ون  کي خبر پئجي ويئي ته سرويٽس پنهنجي جيئري، پنهنجن سڀني تحريرن سميت، هن جي آمريت لاءِ ايترو خطرناڪ نه هو، جيترو هيءُ اسپيني طالب علم، شهيد ٿي وڃڻ کان پوءِ، ۽ هيءُ حق ۽ اصول جو داعي، پنهنجي آزاد ضمير جو بيباڪ آواز، ماٺ ٿي وڃڻ کان پوءِ، اُن لاءِ ثابت ٿي رهيو هو.

ڪال ون جا ڪَن هر اختلافي آواز جي ٻڌڻ لاءِ کليل هوندا هئا. جيتوڻيڪ جينيوا جا شهر واسي پنهنجي چپن کي خوب سبيو پيا هلندا  هئا، ته به جيڪي ڪجهه ڀڻڪاٽ درن جي سوراخن مان ۽ بند درين جي چيرن مان نڪري هن جي ڪنن تائين پهچندا ٿي رهيا، اُنهن کي ٻڌي، هن محسوس ڪري ورتو ته سندس شهر جا رهاڪو ۽ سندس اڪثر همعصر ماڻهو پنهنجي جوش ۽ ڪاوڙ کي وڏيءَ ڪوشش سان پنهنجن دلين ۾ دٻايو هلندا ٿي رهيا. پر، جيڪي ٿيڻو هو، سو ته ٿي چڪو هو. وري ته اُن ڳالهه جي نه ٿيڻ جو سوال ئي ڪونه هو. سرويٽس موٽي ته ڏاگهه تان جيئرو ٿي نه ٿي سگهيو. ايئن ڪال ون به پنهنجي ڪئي جي نتيجن  کان هر گز پاڻ ڪڍي نه ٿي سگهيو. پر. وري به، هن پڪائي سان ڳالهه کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي ذميداريءَ جي بچاءَ ۾ ڪنهن عقلي ڍال تيار ڪرڻ جو ارادو ڪيو. اهڙيءَطرح، نه چاهيندي به، ڪال ون، جنهن سرويٽس جي خلاف جارحانه محاذ آرائي شروع ڪئي هئي، تنهن کي هاڻي لاچار دفاعي موقف اختيار ڪرڻو پيو. سڀني دوستن کيس يڪراءِ صلاح ڏني ته اها هن جي شان جي ڳالهه هئي ته هو پنهنجي اُن ”ايماني عمل“ جي صحت ۽ صداقت کي ثابت ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ سرويٽس کي آڙاهه ۾ اڇلڻو پيو هو. انهن حالتن ۾، پوءِ، ڪجهه دل من هڻندي، هُن سرويٽس متعلق نيٺ دنيا کي ”حقيقتن “ کان آگاهه ڪرڻ ۽ ان ملحد جي قتل لاءِ پنهنجي بچاءَ جي ڪيس تيار ڪرڻ، جو فيصلو ڪيو.

پر سرويٽس جي معاملي ۾ ڪال ون جو ضمير صاف ڪونه هو ۽ گدلي ضمير وارو ماڻهو ڪيتري به پنهنجين داغن کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪري، فقط بي اثر ۽ ڦيڦي تحرير ئي تيار ڪري سگهندو. پوءِ هن پنهنجي صفائيءَ ۾ ”سرويٽس جي ضررناڪ الحاد خلاف سچي ايمان ۽ تثليت مقدس جو بچاءَ“ جي نالي سان هڪ عذرنامو تيار ڪيو. هيءُ ڪتاب، جيڪو، ڪاسٽيلو جي لفظن ۾، ڪال ون عين اُن حالت ۾ لکيو ”جڏهن هن جي هٿن مان اڃا سروِيٽس جي رت ٽمي رهيو هو،“ هن جي سمورين تصنيفن ۾ اها هڪ ڪمزور ۾ ڪمزور تصنيف هئي. ڪال ون پاڻ به ڳالهه قبول ڪئي ته  هُن اُها تصنيف ”تڙ تڪڙ ۾“ تيار ڪئي هئي- يعني اشتعال ۽ بيزاريءَ جي حالت ۾. هن پنهنجي بچاءَ جي موقف ۾ پاڻ کي ڪيترو هيڻو ٿي  سمجهيو، اُهو هن مان ئي معلوم  ٿئي ٿو ته هُن پنهنجي اُن ’پڌرنامي‘ تي پاڻ به صحي ڪئي ۽ جينيوا جي سڀني واعظين ۽ وڏن پادرين کان به صحيون ورتائين، ته جيئن اُهي به ساڻس گڏ اُن جوابداريءَ ۾ سندس ڀائيوار هُجن. هُن کي اِها ڳالهه ناپسند هئي ته رڳو کيس اڪيلو سرويٽسن جي خون جو اُڪسائيندڙ سمجهيو وڃي- ڇو ته کيس معلوم هو ته اُن سلسلي ۾ چوڌاري ڪيتري ناراضگي  پکڙيل هئي. اِنهيءَ ڪري، هڪ پاسي  هُن پنهنجي  لکيت ۾ ايئن  ڏيکارڻ چاهيو ٿي ته اُن ڳالهه جي سڄي ذميداري  ”اختياريءَ وارن“ جي مٿان هئي؛ پر ٻئي پاسي هن کي هي به ثابت ڪرڻو هو ته ”اختياريءَ وارا“ يعني شهري ڪائونسل جا جج اُن اسپيني ”بلا“ کي ناس ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح حق بجانب پڻ هئا. پنهنجي لاءِ هن ايئن چوڻ جي ڪوشش  ٿي ڪئي ته هو پاڻ ته هڪ بيحد نرم دل شخص هو ۽ فطرتاً هر قسم جي تشدد جي خلاف هو! ان دعويٰ کي ثابت ڪرڻ جي خيال کان هن ڪتاب جو وڏو حصو ته رڳو ان ڳالهه جي بيان سان ڀري  ڇڏيوته ڪئٿولڪ ديني عدالت ڪيڏي هڪ بيرحم ۽ ظالم شيءِ هئي، جنهن  سچن مومنن ،کي ڪنهن  بچاءَ جي موقعي ڏيڻ  کان سواءِ، موت جون سزائون ڏيئي ڇڏيون ۽ انهن سزائن کي بدترين  جهنگلي  طريقي سان عمل ۾ ٿي آندو! (اڳتي  هلي، ڪاسٽيلو خود کانئس پڇڻ وارو هو: ”تون پنهنجي ڳالهه ڪر! سرويٽس جي بچاءَ لاءِ تو ڪنهن کي مقرر ڪيو هو ؟“) پنهنجن پڙهندڙن کي پوءِ هيءَ ڳالهه ٻڌائي هن هيڪاري  حيرت  ۾ وجهي ڇڏيو ته هُن  ته پاڻ، لڪ ڇپ ۾ سرويٽس کي سمجهائڻ  جي ڪوشش ڪئي هئي ته ڪجهه نرم ٿئي؛ ۽ سچ پچ، ته شهري ڪائونسل جي جج صاحبن به هُن جي ڳالهه ڪانه مڃي، نه ته هن پاڻ ته هُنن کي به سمجهايو  هو ته سرويٽس سان ڪجهه رحمدليءَ جو ورتاءُ ڪيو وڃِي؛ تنهن ڪري هو ئي هن لا ءِ موت جي سزا تي هوڏ ٻڌي بيٺا هئا ۽ هُنن ئي اُن سزا جي ايڏيءَ سخت تعميل جا احڪام جاري ڪيا هئا! ڪال ون جو سرويٽس جي فائدي ۾، يعني هڪ قاتل جون پنهنجي ڦاسايل شڪار جي بچاءَ ۾، اهي سڀ بيان ڪيل ڪوششون سچ پچ ته ”ايتريون  مخفي“ هيون، جو اُهي ڪال ون جي ايئن ظاهر ڪري ٻڌائڻ کان پوءِ به ڪنهن کي اعتبار ۾ ڪو نه آيون. اُنهن بابت ڪاسٽيلو جو کيس هيءُ چوڻ هو ته ”برابر، سرويٽس کي نرم ڪرڻ لاءِ جيڪي تو ڪوششون ڪيون هيون، تن مان پهرين ڪوشش هيءَ هئي، جو تو  هن کي اک ڏيکاري هئي ۽ دڙڪا ڏنا هئا؛ ۽ ٻيءَ ڪوشش سان تو هن کي جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏيو هو، جتان هو فقط تڏهن نڪتو جڏهن اُتان هُن کي سڌو وڃي ڏاگهه تي چڙهڻو ۽ جيئري سڙي رک ٿيڻو هو!“

مطلب ته اِنهيءَ طرح هڪ پاسي هن سرويٽس جي شهادت جي ذميداريءَ جو بار پنهنجن ڪلهن تان لاهڻ ۽ ٻئي پاسي ”اختياريءَ وارن“ کي اُن بار جي گناهه کان ڇڏائڻ جي خوب ڪوشش ڪئي. هميشه وانگر، آزاد خياليءَ جي خلاف به هن پنهنجي قلم جا ڏاڍا جوهر ڏيکاريا. هُن جو دليل هو ته جيڪڏهن هر ڪنهن کي آزادي ڏئي ڇڏجي ته جيڪي هُن کي وڻي سو چوندو وتي، ته اها ته ڪنهن به صورت ۾ ڪا ڏاهپ جي ڳالهه ڪانه چئبي، ڇاڪاڻ ته ان مان سڀ کان وڌ رڳو عيش پسند، دهريا ۽ خدا کان باغي شخص ئي فائدو وٺندا! ڪو به نظريو سواءِ سچي نظريي، (يعني جينيوا جي نظريي) جي، دنيا ۾ پکڙڻ نه گهرجي. غلط نظرين جي تبليغ جي پائبندي ڪا آزاديءَ تي پائبندي ڪانه چئبي. (خود پسند آمر سدائين پنهنجي آمريت جي بچاءَ ۾ اِنهيءَ منطقي فريب کي استعمال ڪندا آهن.) مطلب ته ڪال ون ۽ سندس فڪر جي ماڻهن جي نظر ۾ ڪنهن بيٺل سماجي يا سرڪاري راءِ جي خلاف ٻيءَ ڪنهن راءِ کي گُهٽي ۽ دٻائي ڇڏڻ - اها ڪا آزاديءَ تي بندش يا روڪ ڪانه چئبي - بلڪ ايئن ڪرڻ سان ته پاڻ اختلافي راءِ رکندڙن سان هڪ قسم جي ڀلائي ڪئي ٿي وڃي، ڇو ته اِنهيءَ روءِ هو ”خداوند عظيم جي اعليٰ تقدس خاطر“ عام ماڻهن لاءِ روشن مثال بنجي بيهن ٿا !

بهرحال، ڪال ون کي پنهنجيءَ ڳالهه جي اها ڪا هيڻائي ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي آئي ته ’ڪفر ۽ الحاد کي دٻايو وڃي يا ختم ڪيو وڃي‘، ڇو ته اها ڳالهه ته هنن پنهنجي مخالف ڪئٿولڪ ڌر وارن کان ئي سکي هئي ۽ ان ۾ هو ٻئي متفق هئا. اصل سوال هيءُ هو، جنهن جو ڪال ون کي معقول جواب ڏيڻو هو، ته ڇا، طاقت ۽ اختيار جي صاحبن کي اِهو حق هو ته راءِ يا عقيدي جي اختلاف ڪري ڪنهن کي قتل ڪر ي ڇڏين! سرويٽس جي حالت ۾ ڪال ون شروع کان ئي اهو پنهنجو حق سمجهيو ٿي، ۽ هاڻي کيس رڳو ان حق جي ثابتيءَ ۾ دليل پيش ڪرڻا هئا. قدرتي طور اُهي دليل هُن کي انجيل مان ئي پيش ڪرڻا هئا. هن کي اُتان ئي هي ثابت ڪرڻو هو ته هن جو ڪجهه ڪيو هو، سو ”خدائي حڪم“ هيٺ ۽ ”منشاي ايزديءَ“ مطابق ڪيو هئائين. اُن خدائي حڪم ۽ اُن منشاي ايزديءَ سبب ئي هُن سرويٽس کي هن دنيا مان ڪڍي، ٻيءَ دنيا ڏانهن روانو ڪيو هو. گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين ته اهڙو ڪو پروانو يا مثال کيس ”ڪتاب “ مان ملي وڃي، پر اُتان کيس ڪا سند ملي ڪانه سگهي، ڇاڪاڻ ته انجيل ۾ ”الحاد“ جي اهڙي ڪا ڳالهه آيل ڪانه هئي. ان ۾ رڳو ”خدا جي بي ادبيءَ “ جو ذڪر ٿيل هو. هوڏانهن سرويٽس، جيڪو آڙاهه جي شعلن ۾ ويڙهجي وڃڻ کان پوءِ به ’مسيح مسيح ‘ پڪاريندو ويو، ڪنهن به صورت ۾ خدا جو باغي ڪو نه هو. پر ڪال ون، جيڪو انجيل مان ڪانه ڪا مطلب جي آيت ڪڍي، ان کي پنهنجي مرضيءَ جي معنيٰ ڏيڻ تي هريل هو، تنهن بهرحال اعلان ڪيو ته ”اختياريءَ وارن“ تي اهو ”خدائي فرض“ رکيل هو ته اهڙن ماڻهن کي پاڙون پٽي ڇڏين، جيڪي ايمان راسخ (يعني سندس تشريح واري ايمان) جي خلاف ڪو عقيدو رکندا هجن، يا اهڙو ڪو خيال ۽ رايو رکندا هجن جنهن سان تسليم ٿيل اختياريءَ (يعني سندس اختياريءَ) جي خلاف ورزي ٿيندڙ هجي.”جيئن ڪو رواجي ماڻهو ڏسي ته سندس ڪو ساٿي خدا کان باغي ٿي ويو آهي يا ڪو’خدا جو گهر ‘ گندو ٿي رهيو آهي، ۽ هو هڪدم تلوار مياڻ مان ڪڍي ميدان ۾ نڪري نه ٿو اچي، ته هن کي نه فقط خدا جو گنهگار پر بزدل به چئي سگهجي ٿو؛ تئين جيڪڏهن ڪو حاڪم ڏسي ته دين مقدس کي نقصان پهچي رهيو آهي پر هو اُن تي اکيون پوري ماٺ ڪري ويهي رهي، ته اها هن جي بزدلي  ته گهڻي گهڻي خراب چئبي.“ اختياريءَ وارن جي هٿن ۾ تلوار انهيءَ ڪري ڏني وڃي ٿي، ته هو اها ”خداوند قدوس جي دفاع“ ۾ ڪم آڻين. جيڪي به عمل ”خدمت دين مقدس“ جي خيال کان ڪيا وڃن ٿا، اُهي اول ئي خداوند تعاليٰ جي حضور ۾ مقبول آهن. دين حق ۽ ايمان راسخ جي دفاع ۾ خون جا رشتا ۽ انساني قرب ۽ ڪهڪاءَ جون تقاضائون سڀ ختم ٿي وڃن ٿيون. جڏهن انسان جا ويجهي ۾ ويجها عزيز ۽ ساٿي به شيطان جي چڪر ۾ ڦاسي،”سچي“ دين کان ڦري وڃن، تڏهن هُن جو فرض آهي ته اُنهن سان وڙهي انهن کي به ناس ڪري ڇڏي. پوريءَ صاف گوئيءَ سان ڪال ون اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن جي نگاهه ۾ پڪو مؤمن اهو آهي، جيڪو ”نظريي“ (يعني هن جي نظريي، خاطر پنهنجون سڀ انساني همدرديون ۽ لڳ لاڳاپا قربان ڪري ڇڏي هن مان اسين ڏسي سگهون ٿا ته تعصب ۽ ڪٽرپڻي جي انڌ ۾ هڪڙو ڏسڻو وائسڻو،  ٻيءَ حالت ۾ سٺو، ڏاهو ۽ شخصي طرح نيڪ مذهبي ماڻهو ڪيتريءَ حد تائين انساني مرم مريادا کي ڇڏي انسان دشمنيءَ جي راهه اختيار ڪري سگهي ٿو. هو پنهنجن دوستن، ڀائرن ۽ پياري کان پيارن عزيزن قريبن سڀني کي، کانئن ٿوري کان ٿوري نظرياتي اختلاف يا سندس ”محڪمي امورمذهبيءَ“ سان هُنن جي ڪنهن ٿوري کان ٿوري تضاد سبب، سواءِ ڪنهن خسيس ڪهڪاءَ ۽ ڪهل جي، بنهه اکيون پوري، ٻَڌائي، هولناڪ ديني عدالت جي حوالي ڪري ڇڏڻ ۾ هڪ تر جيتري به ويرم ڪرڻ وارو نه هو. متان ڪو دين مقدس جي اهڙي سڌي سنئين پر وحشتناڪ حيواني ڪم ۾ ڪا پس و پيش ڪري، اُن لاءِ ڪال ون پنهنجي آخرين ۽ دلپسند دليل يعني کُليءَ سڌيءَ دهشت  جي استعمال، جو سهارو ورتو. هن اعلان ڪيو ته ڪوبه جيڪڏهن ڪنهن ملحد جو بچاءَ ڪندو، يا ان کي پناهه ڏيندو، ته اُهو خود به الحاد جو ڏوهي آهي ۽ ان کي اهڙي ئي سزا ملي سگهي ٿي، جهڙي هڪ ثابت ٿيل ملحد کي. اها ڳالهه ڪال ون  جي برداشت کان ٻاهر هئي ته  ڪو هُن جي راءِ سان اختلاف ڪري، اِنهيءَ ڪري هن اڳي ئي سڀني کي دڙڪي هيٺ رکڻ ٿي گهريو ته جيئن ڪو به هن جي مخالفت نه ڪري، ٻيءَ حالت ۾ اُن جو اِهو ئي حال ٿي سگهيو ٿي جيڪو سرويٽس جو ٿيو. جيڪڏهن هو اڃا به پنهنجو وات بند نه رکندا،ته هنن لاءِ به چکيا  ٺهي پيئي هئي! ڪال ون چاهيو ٿي ته سرويٽس جي دل آزار خوني مسئلي جي پريشانيءَ کان هو دائمي طرح ڇٽي پوي، ۽ اهو واقعو هميشه لاءِ اُتي ئي دفن ٿي پوي.

پر خون  جي ڳالهه کي خاموش ڪرڻ ايترو سولو به ڪونهي. ڪال ون پنهنجي ڳالهه ڪيتري به زور سان ڪري، ڪاوڙ سان ڪري، دڙڪا ڏئي، ۽ ڪيتريون به رڙيون ڪري ڪري پاڻ کي بي ڏوهي سڏي - سرويٽس جي شهادت جي ڳالهه ايئن ختم ٿيڻي ڪانه هئي. ڪال ويني ”عذرنامي“، جنهن ۾ مومنن کي اُڀاريو ويو هو ته هو سڀ ملحدن جي ڦاسائڻ ۾ لڳي وڃن، ماڻهن جي دلين تي بيحد برو اثر پيدا ڪيو. بهترين پروٽيسٽنٽ مسيحي به اهو ٻڌي ۽ ويچاري، بنهه هيبت ۾ وٺجي ويا ته سندن پنهنجي ڪليسا ۾ پڻ ڪنهن جي ”مقدس ديني عدالت“ جي قائم ٿيڻ جو امڪان ٿي سگهيو ٿي. منجهانئن ڪي ايئن چوڻ لڳا ته ههڙو وحشتناڪ خيال شهري ڪائونسل طرفان ظاهر ٿئي ها، ته ڪا ڳالهه هئي، پر هي ته خود ڪلام خداونديءَ جي مير واعظ جي واتان پڌرو ٿيو هو، جيڪو نماڻي ۽ صابر يسوع مسيح جي غلامن جو هڪ غلام هو! ’بَرن‘ شهر جي هڪ عملدار، زرچين، جيڪو پوءِ ڪاسٽيلو جو وفادار دوست ۽ مددگار ثابت ٿيو، پنهنجي موقف جو وڌيڪ وضاحت سان اظهار ڪيو. هن ڪال ون کي هڪ ذاتي خط ذريعي لکي موڪليو ته ” آءٌ  تسليم ڪريان ٿو ته آءٌ پڻ انهن مان هڪ آهيان، جيڪي عقيدي جي اختلاف جي سلسلي ۾ موت جي سزا جي حق ۾ نه آهن، سواءِ انهن اختلافي حالتن جي، جن ۾ مقدس ايمان جي، بدنيتيءَ سان ۽ شعوري طور ڪا هتڪ يا تحقير ڪئي ويئي هجي. هن سلسلي ۾ منهنجو اهو رايو انجيل مقدس جي انهن آيتن جي مفهوم تي ٻڌل آهي، جن ۾ دين جي معاملن ۾ زور جي استعمال کي روڪيو ويو آهي، ۽ تازو هتي ڪن غير بپتسمي فرقي وارن سان جيڪا هتيا چاري روش ورتي ويئي آهي، اُن جي ردعمل طور  پڻ اهو منهنجو رايو ايئن بيٺو آهي. مون پنهنجي اکئين هڪڙي اسي سالن جي ٻڍي عورت ۽ هن جي ڌيءَ جنهن کي ڇهه ٻار ساڻ هئا، تن کي ڏٺو ته انهن  کي گهليندا، ڦاسي گهاٽ تي وٺي ويا، ۽ اُتي اُنهن ٻنهي کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيائون- اُنهن جو ڏوهه رڳو هيءُ هو ته هنن جو معصوم ٻارن جي بپتسمي (Baptism) : ۾ ايمان ڪونه هو. اهڙي اکئين ڏٺي مثال جي روشنيءَ ۾، آءٌ ڊڄان ٿو ته ڪٿي سرڪاري اختياريءَ وارا، پنهنجي خوددانيءَ جي جوش ۾ اچي، هنن معاملن ۾ اُهي ضابطا ۽ حدون  به لنگهي نه وڃن، جيڪي شايد توهين پاڻ به اِن سلسلي ۾ عائد ڪرڻ چاهيندا، ۽ ڪٿي هو ننڍين ننڍين خطائن کي به وڏن گناهن  جو ٺپو هڻي، بيگناهه ماڻهن جو اجايو خون نه وهائيندا رهن. اوهين پاڻ به چاهيو ٿا ته ايئن ٿيڻ نه کپي.آءٌ اِنهيءَ ڪري هيءَ استدعا ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته اختياريءَ وارن کي هر دم تلوار جي مُٺئي ۾ هٿ وجهڻ بدران، اهڙين ڳالهين ۾ انتهائي همدرديءَ ۽ ڪهل کان ڪم وٺڻ گهرجي. پنهنجي سر آءٌ ته هوند پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ڇڏيان، پر ٻئي ڪنهن جي، ڦڙي رت جي ذميداري به هوند نه کڻان، جنهن موت جي سزا لائق ڪو ڏوهه ئي نه ڪيو هجي.“

تعصب سان ڀريل اُن دور ۾، هڪڙي رواجي ميونسپل عملدار جا اهي لفظ آهن! ڪيترائي ٻيا  هُن سان اِنهن خيالن ۾ متفق هئا، پر اُنهن کي ايئن کُليءَ طرح  ظاهر ڪرڻ جي  جرئت ڪا نه هُين. خود هيءُ ميان زرچين به اُنهن معاملن ۾ اڳتي وڌي، ايئن پاڻ کي پڌري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ۽ ڪال ون کي ايئن به لکندي عذر ڪونه ٿيس ته اُن سلسلي ۾ سندس نيت کُلئي، عام احتجاج ڪرڻ جي ڪانه هئي: ”جيستائين مون کي منهنجو ضمير اجازت نه ڏيندو، تيستائين، بحث مباحثي جي طوفان اٿارڻ ۽ ايئن ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ بدران، آءٌ  گونگن وانگر خاموش ٿيو پري بِيٺو هوندس.“ اڪثر ايئن ٿيو آهي ،جو اهڙن وقتن تي، ڪونئريءَ دل وارا ماڻهو حالتن سان سرچاءُ ڪري، پاسو وٺي ويهي رهندا آهن، ۽ دراصل اُها ئي ڏاڍ ۽ جبر جي قوتن جي عين منشا پڻ هوندي آهي. اُن دور جي اٽڪل سڀني نيڪ دل ماڻهن هن اشراف ۽ ماٺيڻي زرچين وانگر ئي عمل ڪيو. هو سڀ يڪا خاموش ٿي ويا؛ انسان شناس، عالم فاضل، پادري ۽ راهب، سڌارڪ ۽ سماج شيوڪ سڀ؛ ڪي ان ڪري، جو هنن کي کلئي عام جهيڙو  پسند ڪونه هو، ۽ ٻيا انهيءَ ڪري، جو ڊپ هون ته رڳو اڳتي وڌي سرويٽس جي خون جي ساراهه نه ڪرڻ ڪري، هونئن ئي مٿن الحاد يا الحاد سان ملت جو شڪ ٿي سگهيو ٿي! صورتحال اتي اچي بيٺي، جو ايئن ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪال ون جي دڙڪي کان ڊڄي، ته اختلاف ڪندڙن جي پوري پوري خبر ورتي ويندي، سڀني کڻي اکيون بند ڪيون هيون ۽ چَپَ سبائي کڻي ماٺ اختيار ڪئي هئائون. ايتري ۾، اوچتو هڪ آواز اُٿيو، آواز، جيڪو ڪال ون جو ڄاتل سڃاتل هو ۽ هن لاءِ ڏاڍو هڪ اڻ وڻندڙ ۽ ڪڙو آواز هو- جنهن مٿي اُڀري، مجروح انسانيت جي نالي ۾، پوري اعتماد سان اُنهيءَ شخص تي خون جو الزام هنيو، جيڪو مائيڪل سرويٽس جي خون جو ذميدار هو. هيءُ آواز ڪاسٽيلو جو آواز هو، جيڪو ڪڏهن به جينيوا جي آمر جي ڌڙڪن کان ڪنبي ۽ ڊڄي نه سگهيو اهو، ۽ جنهن چؤطرف ڇانيل ماٺ جي وچ ۾ مٿي اُڀري، بيشمار ٻين انسانن جي جانين بچائڻ لاءِ، پنهنجيءَ هڪ جان کي تريءَ تي رکي، موت کي، ايئن وڌي ۽ وچ ميدان تي بيهي للڪاريو هو.

روحاني (ذهني) معرڪن ۾ بهادر اُهو نه آهي، جيڪو اکيون پوري، جنون ۾ ڀرجي، هڪدم ميدان ۾ ٽپي ٿو پوي. هنن معاملن ۾ سوچ ويچار کان ڪم وٺڻو پوي ٿو، ڳڻ ڳوت ڪرڻي پوي ٿي، ۽ پنهنجي ڳالهه ۽ ٻئي جي ڳالهه کي تورڻو تڪڻو پوي ٿو. هن ميدان جا بهادر صبر کان ڪم وٺن ٿا ۽ امن جا ڳولائو آهن ۽ آخر ۾ جڏهن ڏسن ٿا ته ٻيو رستو ڪونهي ۽ ويڙهه اچي سر تي بيٺي آهي، تڏهن منهن ڏيڻ لاءِ، بچاءَ جو محاذ جهلي، وڌي اچي ميدان ۾ بيهن ٿا. اُن کانپوءِ هو پنهنجيءَ جاءِ تي ثابت قدم ۽ اڏول بنجي بيهن ٿا. ڪاسٽيلو جي به اها حالت هئي. هو هڪ مخلص ۽ انسان دوست شخص هو، تنهن ڪري هن کي جهيڙي جو ڪو شوق ڪونه هو. هُن جي پيار ڀريءَ ۽ امن پسند طبيعت سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو طريقو وڌيڪ ٺهڪندڙ هو. هُن کي خبر هئي ته سچ جا گهڻا روپ آهن، پوءِ اُهو دنيوي سچ هجي يا آسماني سچ هجي. هن 1562ع ۾ هڪڙو بيحد اهم ڪتاب- ”شڪُ ڄاڻ جي ڪنجي آهي.“ لکيو هو، جيڪو پورن چئن سؤ سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو تازو هاڻي ڇپجي سگهيو آهي. اُن جي نالي سان ئي هن جي حق طلب سڀاءَ جو پتو پوي ٿو. هو هر وقت پنهنجي اندر ۾ جهاتي وجهي، پنهنجن راين ۽ جذبن جي ويٺو جانچ جونچ ۽ چڪاس ڪندو هو. پر ڪي ماڻهو وري حد کان وڌيڪ شڪي هوندا آهن ۽ چوندا آهن ته انسان جو علم ڪڏهن صحيح ٿي ئي نه ٿو سگهي. پر ڪاسٽيلو ايئن نه هو. هُن جو انساني سمجهه ۽ انساني ڄاڻ ۾ ڀرپور اعتماد هو. هو ٻين جي راين جو پورو احترام ڪندو هو، ۽ جيستائين ڪنهن ڳالهه جي معقول حد تائين پڪ ڪانه هوندي هُيس، تيستائين اُن ڳالهه ۾ ٽپي نه پوندو هو، بلڪ خاموش ٿي اُها ويهي ٻڌندو هو. پنهنجي اندر جي آزاديءَ خاطر، پنهنجي عهدي ۽ پنهنجي رُتبي کي ڇڏي، وقت جي سياست کان ڪناره ڪش ٿي، هن پنهنجي روحاني طور تخليقي ڪم، يعني انجيل جي لاطيني ۽ فرينچ ٻولين جي ترجمي ۾ پاڻ کي مصروف رکيو. جينيوا مان نڪرڻ کانپوءِ، هن کي ’باسيل‘ جي شهر ۾ ئي مٿي لڪائڻ لاءِ اَجهو ملي سگهيو هو، ڇو ته اهو ئي شهر هو جيڪو اُن دور ۾ اٽڪل سڄي يورپ ۾ مذهبي آزاديءَ جو آخري پناهه گاهه شمار ٿي رهيو هو. هن شهر ۾ جرمنيءَ مان ليوٿر جي لوڌيل ڪارسٽ، اٽليءَ مان رومن ديني عدالت کان جان بچائي ڀڳل برنارڊينو اوچينو، جينيوا مان ڪال ون جو جلاوطن ڪيل ڪاسٽيلو، هالنڊ مان ڀڳل غير بپتسمي ڊئوڊ جورس (ٻئي هڪ جڙتو نالي سان)، ليلس سوسينس ۽ سڪنڊس ڪيورو ۽ ٻيا ڪيئي اهڙا آزادي پسند شخص، يورپ جي مختلف هنڌن تان ڀڄي، اچي باسيل ۾ گڏ ٿيا هئا. اُهي سڀ مذهبي عقيدي ۾ متفق نه هئا، پر هڪ ئي قسم جي ظلم جا ستايل هئا، ۽ آخري طور مقصد به سڀني جو هڪ هو- ۽ کين معلوم هو ته سڀني جي پڇاڙي به شايد ساڳي هڪ ئي ٿيڻي هئي!  بهرحال، مخلص، خود فراموش، انسان شناس شخصن جي باهمي دوستانه تعلقات لاءِ ضروري نه آهي ته پاڻ ۾ هو نظريي جي ننڍي کان ننڍي نقطي تي به متفق هجن. هِن موقعي تي باسيل ۾ اچي گڏ ٿيل هي سڀئي شخص اهي هئا، جن پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي آمرن جي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪيو هو. باسيل ۾ گڏ ٿي، هنن ايئن به ڪونه ڪيو ته ڪي اشتهار، ڪي پترا يا ڪي ڪتابڙن مٿان ڪتابڙا ڇاپي، چوڌاري اعلان ڪري ٻڌائين ته هو ڪي وڏا سورما هئا. هُنن بيهي ڪٿي مناظرائي قسم جون تقريرون به ڪونه ڪيون ۽ نه ئي ڪي جماعتون يا گروهه ٺاهيائون. هنن سڀني جي دلين کي جيڪڏهن ڪا هڪڙي ڳالهه ٻيءَ هر ڳالهه کان وڌيڪ ڏکوئي رهي هئي ته اهو يورپ جي اٽڪل هر ملڪ ۾ مذهب زده آپيشاهيءَ جو وڌندڙ زور هو، جيڪو سندن چوڌاري ماڻهن جي روح ۽ جسم ٻنهي کي چيڀاٽي ۽ چيچلائي رهيو هو، ۽ چوڌاري ماٺ هئي ۽ ڪو ڪُڇڻ وارو ڪونه هو! هو ايڏي سڄي دهشت زده ماحول ۾ ”تنها احتجاجي“ يا ”هيڪلا دانهين“ هئا، جيڪي ماڻهپي ۽ محبت، سڪون ۽ سلامتيءَ جي شيدائن طور هِتي  هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيا هئا.

باسيل جي هنن بي غرض، معصوم طبع، آزاد خيال مفڪرن، بهرحال، سرويٽس جي خون ۽ اُن جي بچاءَ ۾ ڪال ون جي لکيل انتهائي خطرناڪ ڪتاب کي پنهنجي خلاف ۽ پنهنجيءَ هر بهترين ڳالهه جي خلاف کُليءَ جنگ جو  اعلان سمجهيو. هيءَ هڪ ڪُڌي ۽ گهمنڊ ڀريل للڪار هئي، ۽ هنن ايئن محسوس ڪيو ڄڻ ڪال ون هنن جي روح کي مٺ ۾ جهلي بيهي نپوڙيو هو. هنن لاءِ هيءَ هڪ بنهه اهم ۽ فيصله ڪُن ڳالهه هئي. جيڪڏهن ههڙي وحشيانه عمل جي جواب ۾ ڪجهه نه ڪيو ويو، ته يورپ ۾فڪر جي آزادي ختم ٿي ويندي، ۽ فقط زور چوڌاري حق جي سندَ طور غالب پئجي ويندو. ديني اصلاح جي تحريڪ سڄيءَ دنيا ۾ ”ضمير جي آزاديءَ“ جو جهنڊو بلند ڪيو هو ۽ ان سان انساني زندگيءَ ۾ نيڪيءَ ۽ خير جو هڪ نئون سج اُڀريو هو. ڇا، دنيا ٻيهر خوف ۽ جهالت جي اونداهه ۾ ويڙهجي وڃڻ واري هئي؟ ڇا، اُهي سڀ مسيحي مومن، جن جو ڪال ون جي ديني عقيدن سان پورو اتفاق نه هو، تن کي تلوار جو لقمو بنجڻو ۽ باهه جو بَکُ ٿيڻو هو؟ ڇا، اها ڳالهه ضروري نه هئي ته جينيوا ۾ چئپل جي ٽڪريءَ تي جنهن باهه جي مچ ۾ سرويٽس سڙي رک ٿيو هو، ان مچ جي شعلن مان سڄي يورپ ۾ هزارين اهڙا ٻيا مچ ٻرن ۽ ڀڙڪو ڏيئي اُٿن، تنهن کان اڳ اهڙو هڪ واضح، بي خوف ۽ زوردار اعلان ڪيو وڃي ته روحاني مسئلن ۾ طاقت ۽ اختيار جي صاحبن کان مختلف عقيدا رکندڙ شخص هرگز ڪي ڌاڙيل يا خوني ڪونه هئا جن کي قتل ڪرڻ جو ڪنهن ”ڏاهي کان ڏاهي“ شخص يا ڪنهن ”ڏاڍي کان ڏاڍي“ ديني يا دنيوي نظام کي ڪو حق هو: اُهي ڪي جهنگلي جانور ڪونه هئا، جن کي سماج خارج ڪرڻ يا شهر بدر ڪرڻ ۽ ايئن هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، ٻئي هنڌان ٽئين هنڌ ڀڄائڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪو حق هو! برابر ان ڳالهه ۾ دير گهڻي ٿي چڪي هئي، پر دنيا کي وري به معلوم هجڻ گهرجي ته مسيحيت ۾ عدم رواداري هڪ غير مسيحي روش هئي، ۽ جڏهن ان ڦري دهشت ۽ دٻاءُ جو روپ ٿي ورتو ته اها مڪمل طور تي هڪ غير انساني روش هئي. هيءُ عين موقعو هو جو دنيا جي اڳيان اُٿي بيهي، مظلوم جي حمايت ۾ ۽ ظالم جي خلاف، سڌي سنئين ۽ صاف صاف ڳالهه ڪئي وڃي.

سڌي سنئين ۽ صاف صاف ڳالهه ڪرڻ ضروري ته هئي، پر ڇا، اها ممڪن به هئي؟ ڪي اهڙا وقت به هوندا آهن، جڏهن سڌي سادي ۽ پڌري کان پڌري سچ کي ڪنهن نه ڪنهن پوش ۾ ڍڪڻو پوندو آهي ۽ پوءِ ان کي ظاهر ڪري سگهبو آهي؛ جڏهن انساني ڀلائيءَ جي بهترين ۽ اعليٰ کان اعليٰ خيالن کي پٺين دروازن کان لڪائي اندر موڪلبو آهي- روپوش ۽ ٻُٽن ٻڌل چورن وانگر، ڇاڪاڻ ته اڳين دروازن تي اختيار ۽ اقتدار جي صاحبن جا پگهاردار چاري ۽ بيلف پهري تي چوڪس بيٺا هوندا آهن. تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا، وري وري اهڙا احمقانه تماشا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جڏهن هڪ خاص قوم يا دين جا ٻين ماڻهن جي خلاف ڪوڙ، تهمتون ۽ اشتعال بازيون نه رڳو برداشت ڪيون وينديون آهن. بلڪ، وڌي وڌي، انهن جي پٺڀرائي ۽ همت افزائي ڪئي ويندي آهي؛ ۽ ٻئي پاسي ان قوم يا دين جي عتاب هيٺ آيل انهن ٻين ماڻهن جي نياءُ ۽ نيتيءَ جي هر ڳالهه ۽ انهن جي هر قسم جي برادرانه، امن دوست ۽ آدرشي امنگ ۽ خيال کي شڪ جي نگاهه ۽ الزامي انداز سان ڏٺو ويندو آهي ۽ دٻايو ويندو آهي- ڇو ته اُهي ڳالهيون ۽ اُهي امنگ ۽ خيال ان بالادست قوم جي نافذ ڪيل سرڪاري يا ديني نظام لاءِ خطري جو باعث سمجهيا ويندا آهن. انهن کي بي ديني، فساد، غداريءَ ۽ وطن دشمنيءَ جي تهمتن هيٺ نستو ۽ بي آواز ڪيو ويندو آهي. عين اهڙيءَ صورتحال ۾، ڪال ون هٿان نافذ ٿيل دهشتي نظام هيٺ، ڪاسٽيلو ۽ سندس ساٿين لاءِ پنهنجن خيالن کي کُليو کلايو ظاهر ڪرڻ ممڪن ڪو نه هو. سهپ ۽ رواداريءَ جي حمايت ۾ هڪ پڌرنامو- ان جي دور جي عام انسانيت اڳيان هڪ فرياد- جيڪو هنن پيش ڪرڻ گهريو ٿي، اهو ته ان زماني جي چالو روحاني ڏاڍ ۽ دهشتي حالتن ۾ پڌري ٿيڻ سان پهرئين ڏينهن ئي ناڪام بلڪ اُڏري واءُ ٿي وڃي ها!

زور کي انهيءَ ڪري اٽڪل سان منهن ڏيڻو هو. هڪڙو ڪوڙو نالو پهريائين سمجهي ٻجهي ٺاهيو ويو. نئين تصنيف، جيڪا دراصل ڪاسٽيلو جي تيار ڪيل هئي، ان جي مصنف جو نالو ”مارٽينس بيلس“ ظاهر ڪيو ويو، ۽ اُن جي منهن واري صفحي تي اُن جي ڇپائيءَ ۽ اشاعت جي هنڌ جو نالو به ڪوڙو ڏنو ويو (باسيل جي بدران ماگڊيبرگ). پر، سڀ کان وڌيڪ جنهن حرفت کان ڪم ورتو ويو، سا اُن جي متن جي سلسلي ۾ هئي. هيءَ هڪ بيگناهه مظلومن جي بچاءَ ۾ لکيل تصنيف هئي، پر ان جي مضمون کي ايئن رٿيو ويو ۽ پيش ڪيو ويو، ڄڻ اها خالص علم ۽ دين جي سلسلي ۾ هڪ ’تحقيقي ڪاوش‘ هئي؛ ڄڻ اُن ۾ ڪي وڏا عالم، فاضل، دين جا بزرگ هڪ وڏو شرعي ۽ فقهي مسئلو حل ڪري رهيا هئا- يعني، ”ملحدن جو مسئلو، انهن تي سختي ڪرڻ جائز آهي يا نه، ۽ ٻيو ته انهن سان ڪهڙي روش ورتي وڃي، جگ مشهور، اڳين ۽ هاڻوڪن، عالمن ۽ مفتين جي راين سميت.“ ۽ واقعي جيڪڏهن هن ڪتاب ”مسئلهء ملاحده“ جا صفحا ايئن ڪو مٿاڇرا ورائي ويندو، ته هن کي ايئن ئي لڳندو ته اهو ڪو ڏاڍو سڳورو، برڪت ڀريو ديني ڪتاب آهي، جنهن کي کولڻ ۽ ٺپي رکڻ کان اڳ ضرور چمڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ هن کي مقدس ڪليسا جي تمام وڏن بزرگن جا نالا ۽ اُنهن جا خيال  ۽ رايا ڏسڻ ۾ ايندا: مثلاً حضرت آگسٽين، حضرت ڪرسوسٽم، حضرت جيروم، ۽ ٻيا اهڙا سڳورا اولياءَ ڪرام ۽ انهن سان گڏ وري جديد پروٽيسٽنٽ علماءِ عظام، جيئن ته ليوٿر، سيباسٽيان فرئنڪ ۽ ٻيا اهڙا جيّد عالم ۽ پڻ حڪيم ارئسمس جهڙا غير جانبدار انسان دوست فاضل شخص، وغيره. هيءُ ڪتاب سچ پچ ايئن لڳي سگهيو ٿي، ڄڻ هڪ اهم ديني مسئلي متعلق وڏن وڏن دين جي ڄاڻ ۽ اهل الراءِ بزرگن ۽ ايمان ۽ تقويٰ جي صاحبن جي راين جو هڪ املهه مجموعو هو، ۽ رڳو انهيءَ مقصد سان گڏ ڪيو ويو هو ته پڙهندڙ ان ڏکئي ديني مسئلي متعلق پنهنجي بي لوث راءِ قائم ڪري سگهي! پر ڪتاب کي ڌيان سان ۽ ڪجهه تفصيل سان پڙهڻ مان معلوم ٿيو ٿي ته ان ۾ رڳو اُهي رايا ۽ خيال پيش ڪيا ويا هئا، جن مطابق ملحدن کي موت جي سزا ڏيڻ هڪ نامناسب ۽ ناجائز عمل هو، هن ڪتاب ۾، جيڪو وڏيءَ محنت ۽ انتهائي سنجيدگي سان لکيو ويو هو، هڪڙي حرفت هيءَ به رکي ويئي  هئي- ۽ اُن ۾ اهو ئي هڪڙو شعوري نفرت جو اظهار ٿيل هو- ته ان ۾ جيڪي حوالا ڏنا ويا هئا ۽ جيڪي سندون پيش ڪيون ويون هيون، جن مطابق ملحدن مٿان تشدد جو انتهائي استعمال ناجائز هو، انهن حوالن ۽ سندن ۾ هڪڙو حوالو ۽ سند اها هئي، جيڪا ڪال ون لاءِ زهر قاتل جي برابر هئي، ۽ اها هئي خود ڪال ون جي پنهنجي سند، جيهان ڪال ون جن ڏينهن ۾ پاڻ مذهبي جنون جو شڪار هو، ۽ تعصب ۽ ڪٽرپڻي جي هٿان پاڻ عذاب سهي رهيو هو، ۽ پنهنجن ظالمن جي وچ ۾ تصفيي لاءِ تلوار ۽ باهه جي استعمال جي خلاف هو. تڏهن ان ’مسئلهء ملاحده‘ تي هن پنهنجي راءِ جو اهو اظهار ڪيو هو. يعني، ”مارٽينس بيلس“ جي ڪتاب ۾ ڪال ون پاڻ سرويٽس جي قاتل ڪال ون کي غير مسيحي هجڻ جو تعزير ڏيئي رهيو هو! ڪال ون جو اُهو رايو هيءُ هو: ”جيڪي ڪليسا مان خارج ڪيا وڃن ٿا، تن جي خلاف مهلڪ هٿيار استعمال ڪرڻ ۽ اُنهن کي نوع انسان  جي مشترڪ حق کان محروم ڪرڻ غير مسيحي ۽ حيواني عمل آهي.“

پر ڪتاب کي اهميت اُها ڳالهه ڏئي ٿي، جيڪا اُن ۾ ظاهر  ظهور چيل هوندي آهي- ۽ نه اُها ڳالهه جيڪا اُن ۾ مخفي رکيل هوندي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪاسٽيلو ڪي 12 صفحا هڪڙي ورٽمبرگ جي نواب ڏانهن انتساب جا به لکيا آهن، اُنهن ۾هُن ڪنهن ڳالهه جورک رکاءُ ڪو نه ڪيو آهي، بلڪ جو ڪجهه لکڻو هوس، سو کولي کولي لکيو اٿس. اُن جا شروعاتي ۽ آخري چند لفظ ئي سڄيءَ هن ڪاوش کي هڪ عارضِي ديني مباحثي جي سطح کان مٿي کڻي، انساني آزاديءَ جي هڪ  بنيادي ۽ آفاقي دستاويز جي سطح تائين پهچائين ٿا. اُهي 12 صفحا ۽ اُهي چند لفظ ئي آهن، جيڪي پهريان لفظ هئا، جن ۾ اِها دعويٰ ڪئي ويئي هئي ته فڪر جي آزادي انسان جي هڪ مقدس نعمت آهي، ۽ اُن کي يورپ ۾ جيئري رهڻ جو پورو پورو حق هو، جيتوڻيڪ هيءُ انتساب فقط اُن دور جي حالتن پٽاندڙ ملحدن جي بچاءَ ۾ لکيو ويو هو، پر اُن ۾ اُنهن سڀني آزاد خيال ماڻهن جو بچاءَ ٿيل آهي، جيڪي آئنده ڪٿي به ۽ ڪڏهن به،  پنهنجي سياسي ۽ فلسفيانه آزاد خياليءَ سبب، آمريت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿي سگهيا ٿي. هيءَ هڪ مختصر  تحرير هئي، پر جديد دنيا ۾ روحاني عدل جي موروثي دشمن، يعني بند ذهن ڪٽرپڻي جي خلاف، جيڪو پنهنجيءَ ڌُر جي خيالن کان علاه ٻئي هر خيال کي هروقت دٻائڻ چاهيندو آهي، هڪ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ فڪري جنگ جو اعلان انهيءَ مختصر تحرير وسيلي ٿيو. آزاد فڪر جي اُن ازلي دشمن اڳيان، اِنهيءَ تحرير سان، يورپ جي سرزمين ۾ سهپ ۽ رواداريءَ جو خيال وڌي اچي آڏو بيٺو- اُهو هڪ سياڻپ ڀريو ۽ سدا بهار خيال، جنهن جي اڳتي وڌڻ سان ئي هن روءِ زمين تان جهيڙي ۽ دوئيءَ جو ديو شڪست کائي پوئتي هٽي سگهي ٿو.

ڪاسٽيلو پنهنجي نطريي کي پوريءَ وضاحت سان ۽ هڪ لاجواب ۽ صاف سڌي منطقي انداز سان پيش ڪيو. سوال هيءُ هو ته ڇا، الحاد، جيڪو هڪ خالص ذهني يا فڪري ڏوهه هو، اُن جي سزا طور ملحدن کي جسماني ايذاءَ ۽ موت جون سزائون ڏيڻ گهرجن؟ پر اُن سوال تي بحث ڪرڻ کان اڳ، ڪاسٽيلو پڇي ٿو ته ’ملحد‘ لفظ مان، بهرحال، اسان جو ڇا مطلب آهي؟“ ڪنهن سان بي انصافي ڪرڻ کان سواءِ اسين ڪهڙي قسم جي ماڻهوءَ کي ملحد سڏڻ ۾حق بجانب ٿي سگهون ٿا؟ ڪاسٽيلو جو جواب آهي ته ”آءٌ نٿو مڃان ته جن کي ملحد سڏيو وڃي ٿو، سي سڀيئي سچ پچ ڪي ملحد آهن........ هيءُ  لقب اڄ اهڙو ته خطرناڪ، پر ساڳئي وقت هڪ عام لقب ٿي پيو آهي، ۽ ايتري ته اُن سان بدنامي ۽ خواري وابسته ٿي چڪي آهي، جو جڏهن به ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن دشمن مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو، ته فوراً اُن تي اِهو الزام هڻي ٿو ته ’اهو ملحد آهي!‘ ۽ جيئن ئي ٻيا ماڻهو اهڙو خوفنائتو نالو ٻڌن ٿا، ته هو هراس ۾ وٺجي وڃن ٿا ۽ کڻي ٿا ڪنن تي هٿ ڏين، ۽ پوءِ اکيون بند ڪري، ڪاوڙ ۾ ڀرجي، نه رڳو بيهي ٿا اُن ماڻهوءَ تي جلهون ڪن، پر اُنهن سڀني ماڻهن کي گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا، جيڪي اُن غريب جي بچاءَ ۾ هڪ لفظ ڪڇڻ جي به ڪڏهن ڪا جرئت ڪن ٿا.“

ڪاسٽيلو پاڻ اهڙي ڪنهن تعصب ۽ ڪٺورتا جي جنون ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار نه هو. هُن کي خبر هئي ته تاريخ جي هر دورجي اڳيان اهڙن اڀاگن انسان جي ڪانه ڪا نئين جماعت، ڪو نه ڪو نئون فرقو يا قوم موجود هوندي ئي هوندي آهي، جنهن تي اُن دور جي سڄيءَ قبضيدار نفرت جا زهر ڀريا تير وسندا رهندا آهن. ڪڏهن انهن جي مذهب کي نشانو بنايو ويندو آهي، ڪڏهن اُنهن جي چمڙيءَ جي رنگ کي، نسل کي، سماجي تخيل کي يا ٻوليءَ ۽ سڀيتا کي، يا فڪر کي- مطلب ته تاريخ جي هر دور جي با اختيار قوم يا فرقو  پنهنجو سمورو حيواني زور پنهنجي هڪ نسبتاً ننڍي ۽ ڪمزور مخالف فرقي تي آزمائيندو ئي رهندو آهي. الزام ۽ عتاب جدا جدا ٿي سگهن ٿا، جهنڊا ۽ نعرا نوان نوان ۽ الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا، پر خواريءَ ۽ بد ناموسيءَ، حقارت ۽ حق تلفيءَ، ظلم ۽ تشدد جا طريقا سدائين ساڳيا ٿا رهن. لائق مصنف پنهنجي اُن تصنيف ۾ پوءِ ٻڌايو ته تاريخ جي اِنهيءَ عجيب عادت ۽ دل ڏکوئيندڙ حقيقت کي خيال ۾ رکندي، ڪو به سمجهدار شخص ڪڏهن به اهڙين اشتعالي نعريبازين ۽ ملامتي رنگ آميزين ۽ عامي ۽ خسيس ذهنن جي جوش ۽ جنون کان متاثر نه ٿو ٿي سگهي. هن کي وري وري پنهنجي عدل ۽ انصاف جي نگاهه کي يڪجا ۽ روشن رکڻو پوي ٿو، ۽ اُن جي مدد سان هن  کي سدائين صحيح ۽ غلط، حق ۽ ناحق جي تميز ڪرڻي پوي ٿي. اِنهيءِ ڪري ”مارٽينس بيلس“ اعلان ڪيوته جيستائين اِنهيءَ لفظ ”ملحد“ جي معنيٰ  ۽ مفهوم کي پوريءَ طرح واضح نه ڪيو ويو آهي، تيستائين ملحدن جي هن سوال تي ڪو به پڪو ۽ اڏول موقف اختيار ڪري نه ٿو سگهجي.

پوءِ ڀلا ملحد ڇا آهي؟ ملحد ڪنهن کي ٿو چئي سگهجي؟ ڪاسٽيلو پنهنجيءَ تصنيف ۾ وري وري هن سوال کي اٿاريو آهي. ڪال ون ۽ ٻين دين جي قاضين ۽ مفتين اها دعويٰ ٿي ڪئي ته انجيل ئي جائز قانون جو واحد ڪتاب هو.”مارٽينس بيلس“ انهيءَ ڪري ان مقدس ڪتاب جي وڏي احتياط سان ۽ تفصيلي ورق گرداني ڪئي، ۽ هن جي حيرت جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺائين ته هيءُ لفظ يا اهڙو ڪو تخيل ڪلام الاهيءَ ۾ ڪٿي ڪو آيل ئي ڪونه هو ! اُن لاءِ ايئن هُن معلوم ڪيو ته پهريائين ڪو مقرر سرشتو، ڪا راسخ شريعت، ڪو جامد نظريو  وجود ۾ اچڻ ضروري هو، ۽ اُن کان پوءِ ئي اُن جي نسبت ۽ حوالي سان لفظ ”ملحد“ استعمال ۾ اچي سگهيو ٿي ۽ رائج ٿي سگهيو ٿي. ڪو به ماڻهو ڪنهن ڪليسا يا ڪنهن شريعت جو باغي نه ٿي ٿي سگهيو، جيستائين اُها ڪليسا يا شريعت ڪنهن رُڪ جهڙي ڏاڍي ۽ سخت شرشتي يا نظام جو روپ اختيار نه ٿي ڪري سگهي. ايئن برابر هو ته انجيل ۾ ’نه-مڃيندڙن‘ ڏانهن ۽ اُنهن لاءِ سزا جي ضرورت بابت اشارا موجود هئا. پر اُن جي اها معنيٰ ڪانه ٿي، ٿي سگهي، ته جنهن کي ملحد ٿي سڏيو ويو اُهو ان ڪري نه - مڃيندڙ به هو. سرويٽس جو مثال اُن ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ ڪافي هو. جن کي ملحد سڏيو ٿي ويو، خاص طرح غير بپتسمي فرقي وارا تن ته پڪي ايماني جوش سان اها دعويٰ ٿي ڪئي ته هو سچا ۽ مخلص ميسحي مؤمن هئا، ۽ دين مسيحي جي شافع نبيءَ کي پنهنجو  پياري کان پيارو ۽ ڀلاري کان ڀلارو هادي مڃيائون ٿي ۽ ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مسيحيءَ ڪنهن به مسلمان، يهوديءَ يا اهڙي ٻئي ڪنهن غيرمسيحيءَ کي ”ملحد“ نه ٿي سڏيو، اُنهيءَ ڪري الحاد فقط اهڙي ئي قسم جو هڪ ڏوهه ٿي سگهيو ٿي، جيڪو مسيحي ملت جي اندر ئي سرزد ٿي سگهيو ٿي. انهيءَ طرح لفظ ”ملحد“ جي هڪ نئين بنيادي تشريح واضح ٿئي ٿي. يعني، ملحد اُهي ماڻهو سڏجي سگهيا ٿي، جيڪي، جيتوڻيڪ مسيحي هئا، پر هنن جي مسيحيت ”سچي“ مسيحيت نه هئي، ۽ هوهڪ نه ٻيءَ طرح ”سڌي رستي“ يا ”صراط المستيقم“ کان سعيو ڪري هٽي ويا هئا.

پر، ڇا، ايئن اسان جي ڳالهه صاف ٿي ويئي؟ افسوس، اسين اهو فيصلو ڀلا  ڪيئن ڪري سگهون ته مسيحيت جي ايترين گهڻين تشريحن مان اُن جي ڪهڙي تشريح ”صحيح “ آهي، ۽ ڪلام خداونديءَ جي ڪهڙي معنيٰ ۽ ڪهڙي تفسير ”سچي“ آهي. ڀلا، اُها، صحيح تشريح ۽ اها سچي تفسير ڪئٿولڪ،ليوٿر، زونگلي، غير بپتسمي عالمن، ٿامس منظر، جان هوس، ڪال ون يا ٻين اهڙن سوين عالمن ۽ شريعت ۽ فقهه جي صاحبن مان فقط ڪنهن  هڪڙي جي تعليم ۽ شرعي ۽ فقهي پيشڪش جي صورت ۾ مڃون يا انهن سڀني جي تعلميات کي هڪ ئي وقت صحيح ۽ سچو سمجهون؟ ڇا، ديني مسئلن ۾ ڪا حتمي ۽ آخري يقين جي صورت به هئي؟ڇا، ڪلام خداوندي جي ”سچيءَ“ معنيٰ ۽ ”سچي“ تفسير جو ڪو  امڪان به هو؟ خودانيءَ جي فخر ۾ ورتل ڪال ون جي مطلق اعتماد واريءَ”هائو“ جي عيوض، ڪاسٽيلو جو هُنن ڳالهين جي سلسلي ۾ نماڻو جواب هو ته ”نه، اُن جي ڪا صورت ڪانه هئي، ڪو امڪان ڪونه هو!“ ڪلام خدا ونديءَ جي معنيٰ ڪن حالتن ۾ سنئين سڌي ۽ صاف هئي، ۽ ڪن حالتن ۾ منجهيل ۽ بنهه غير يقيني هئي. ڪاسٽيلو، جيڪو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ مذهبي ماڻهو هو، تنهن جو چوڻ هو ته ”مذهب جون حقيقتون پنهنجي اصليت جي خيال کان پرسرار هيون، ۽ هزار سالن  کان مٿي گذري وڃڻ کان پوءِ اُنهن تي تڪرار ۽ اختلاف موجود هو، ۽ اُن تڪرار ۾ خونريزي ايئن هلندي ئي رهندي، جيستائين ڪ روحاني محبت اسان جي دلين ۾ روشني پيدا ڪري ۽ اُنهن کي نماڻائيءَ سهپ جي خصلت عطا ڪري.“جيڪو به  ڪلام خداونديءَ جي معنيٰ ڪري ٿو يا تفسير ڏي ٿو، اهو اُن ۾ غلطي ڪري سگهي ٿو: انهيءَ ڪري رواداري ۽ سهپ ڌارڻ مسيحي مؤمن جو پهريون فرض آهي.” جيڪڏهن ڳالهيون اهڙيون صاف ۽ سنيون سڌيون هجن ها جهڙي خدا جي هستيءَ جي ڳالهه آهي، ته هوند سڀ مسيحي مؤمن دين جي معاملن ۾ ايئن يڪراءَ هجن ها جيئن سڄيءَ دنيا جون سڀ قومون يڪراءِ آهن ته خدا آهي. پر ڇاڪاڻ ته سڀ ڳالهيون، بهرحال، منجهيل ۽ اَڻ صاف آهن، اِنهيءَ ڪري مسيحِي مؤمنن کي گهرجي ته هڪ ٻين کي نندڻ ۽ ملامت ڪرڻ ڇڏي ڏين. جيڪڏهن اسين وحشين کان وڌيڪ  سمجهدار آهيون ته اچو ته پاڻ کي عمل ۾اُنهن کان بهتر ثابت ڪريون، ۽ اُنهن کان وڌيڪ هڪ ٻين تي ۽ انسانن تي ڪهل ڪريون.“

اُن کان پوءِ ڪاسٽيلو پنهنجي ويچار کي هڪ قدم اڳتي وٺي ٿو وڃي. هو سوال ٿو اُٿاري ته ڪٿي ايئن ته نه آهي ته هڪڙو ماڻهو، جيڪو مسيحيت جي بنيادن کي مڃي ٿو، پر انهن طريقن سان نٿو مڃي جن طريقن سان اختيار ۽ اقتدار جا صاحب خوش ٿين ٿا، اهو ماڻهو ملحد ٿو سڏجي؟ انهيءَ ڪري، الحاد (۽ هي هتي نيٺ اسين ڳالهه جي مغز کي وڃي پهچون ٿا-) ڪا هيڪل ۽ آسمان مان آيل شيءِ نه پر بنهه هڪ انساني ۽ نسبتي قسم جي  شيءِ آهي. ايئن برابر آهي ته هڪڙي ڪئٿولڪ جي نظر ۾ هڪڙو ڪال ويني ملحد آهي، ۽ بلڪل ساڳيءَ طرح هڪ ڪال وينيءَ لاءِ هڪڙو غير بپتسمي ملحد آهي. جيڪو ماڻهو فرانس ۾ سچو مومن آهي، سو جينيوا ۾ ملحد ٿو سڏجي، ۽ جينيوا جو مؤمن وري فرانس ۾ ملحد ٿو مڃجي. جنهن کي هڪڙي ملڪ ۾ جيئري ساڙيو ويندو، اُن کي ٻئي پاڙيسري ملڪ ۾ شهيد ٿو سڏجي. ”هڪڙي شهر يا هڪڙي پاڙي واري ملڪ ۾ ماڻهو توکي سچو مؤمن سڏيندا، پر ٻئي شهر يا ٻئي پاڙيسري ملڪ ۾ هو توکي ملحد سڏيندا ۽ گهٽ وڌ ڳالهائيندا. انهيءَ ڪري اڄ ڪو ماڻهو، جي چاهي ته کيس ڪو پريشان نه ڪري، ته  کيس ايترائي عقيدا ۽ مذهب مڃڻا پوندا، جيترا شهر آهن يا ملڪ آهن“.

هاڻي ڪاسٽيلو پنهنجي آخري ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم خيال تي پهچي ان کي پوريءَ دليريءَ سان ظاهر ٿو ڪري. ”جڏهن آءٌ ان ڳالهه تي سوچيان ٿو ته ملحد سچ پچ ڪير آهي، تڏهن مون کي ان لاءِ ٻي ڪابه سڃاڻپ ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي سواءِ ان جي ته اسين سڀيئي انهن سڀني جي اکين ۾ ملحد آهيون، جيڪي اسان سان يڪراءِ نه آهن.“ هيءُ خيال هڪ بلڪل سادو خيال ڏسجي ٿو، ڄڻ ته هڪ معمولي خيال آهي- ايترو اهو هڪ سڌو ۽ پڌرو خيال آهي، پر ايتري ڳالهه ايئن پڌري پٽ چوڻ، ان لاءِ اُنهن ڏينهن ۾ وڏيءَ اخلاقي جرئت جي ضرورت هئي. ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ خيال جي اهميت هيءَ هئي ته هڪڙي سڄي دور، اُن جي اڳواڻن، حڪمرانن ۽ پادرين، ڪئٿولڪ ۽ ليوٿري ڌر ٻنهي کي گويا سنئون سڌو ۽ صاف ايئن چوڻو هو ته هُنن اُن وقت تائين جيڪا ڪجهه ملحدن مار پئي ڪئي هئي سا سڄي بيوقوفي هئي ۽ اها سموري مجاهدپائي محض سندن خسيس خام خياليءَ جو نتيجو هئي. هزارن لکن ماڻهن کي جسماني ايذاءَ ڏيئي چيچلايو ويو ۽ ماريو ويو، ڦاهيون ڏنيون ويون، ٻوڙيو ويو ۽ ساڙيو ويو- سڀ بي قاعدي؛ هو سڀ بي گناهه هئا. ڇاڪاڻ ته هنن خدا جو يا سرڪار جو ڪو ڏوهه ڪونه ڪيو هو: هنن جو پنهنجي انساني ڀائرن کان عمل ۾ نه پر رڳو خيالن جي اڻ ڏٺيءَ دنيا ۾ اختلاف هو. پنهنجي ڪنهن انسان ڀاءُ جي خيالن تي حڪومت ڪرڻ جو ڪنهن کي حق هو؟ ڪنهن کي اهو حق هو ته ٻئي انسان جي بنهه ذاتي ۽ اندر جي عقيدن کي عام قانون جي ڪسوٽيءَ تي ڏوهه سڏي سگهي؟ اهو حق نه ڪنهن سرڪار کي ٿي سگهيو ٿي ۽ نه ٻئي ڪنهن با اختيار اداري يا انتظاميه کي ٿي سگهيو ٿي. انجيل ۾ اسان پڙهيو آهي ته اسين ”سيزر وٽ سيزر جي معاملن“ لاءِ جوابدار آهيون؛ ۽ ڪاسٽيلو، ليوٿر جي حوالي سان، ٻڌائي ٿو ته ڌرتيءَ جي سرڪار کي فقط اسان جي بدن تي حڪمرانيءَ جو اختيار آهي، ۽ جيتري قدر روح جو واسطو آهي، خدا ڪڏهن به نه ٿو چاهي ته اُن تي ڪنهن به غير خدائي قانون جو غلبو قائم هجي. دنيوي سرڪار جو اهو حق آهي ته پنهنجي هر شهريءَ يا رعيتيءَ کان پنهنجي ٻاهرئين ۽ سياسي انتظام جي حڪمن جي تابعداري حاصل ڪري. انهيءَ ڪري اخلاقي، ديني ۽ روح جي لطيف (ادبي ۽ فني) عقيدن جي اندرينءَ دنيا ۾- جيتر اهي عقيدا سرڪار جي بنيادي وجود خلاف ڪا ظاهري بغاوت نه ٿا ڪن (جديد ٻوليءَ ۾ ايئن چئجي ته جيستائين اهي ماڻهو سياسي اشتعال انگيزيءَ ۾ عملي حصو نه ٿا وٺن)- ڪنهن به قسم جي دنيوي اختيار جي دست اندازيءَ کي محض طاقت جو ناجائز استعمال ئي چئي سگهبو ۽ اُن سان انسان جي بنيادي ۽ ازلي انفرادي حقن جي ترديد ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه هن اندرينءَ دنيا ۾ وهي واپري ٿو، اُن لاءِ ڪوبه  شخص دنيوي سرڪار وٽ جوابدار نه آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو- ”انهن مسئلن جي سلسلي ۾ هر ڪو خدا وٽ پنهنجي سر گذشت پاڻ پيش ڪري سگهي ٿو“مطلب ته ڪنهن سرڪار اختيار يا انتظام جو خالص مت يا راءِ جي معاملن سان ڪو واسطو ڪونهي. ان صورت ۾، ٻئي ڪنهن جي فڪري عقيدن کي پنهنجي عقيدن کان مختلف ڏسي، ماڻهوءَ کي نيٺ ڇو ايترو ڪاوڙ ۾ ڀرجي وڃڻ گهرجي؛ ڇو هڪدم پوليس چڙهائي اچجي؛ ڇو ايتري خونخوار نفرت ڏيکارجي؟ سرچاءُ جي جذبي کانسواءِ سچو ماڻهپو ممڪن ئي ڪونهي. ”اسين سڀ گڏجي امن امان ۾ رڳو تڏهن رهي سگهون ٿا، جڏهن اسين پنهنجي مسهپ ۽ ’ڌڪار‘ کي ضابطي ۾ رکڻ سکون. جيتوڻيڪ وقت بوقت راءِ جا اختلاف نه رڳو سدائين ممڪن پر اڻٽر آهن، اسين بهرحال، هر موقعي تي ڪنهن عام سمجهوتي تي وري به پهچي سگهون ٿا، ۽ ايئن هڪٻئي سان گهڻگهرائيءَ ۽ سٻنڌ جو رشتو قائم رکي سگهون ٿا ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي ڳانڍاپي ۾ گڏ رهي سگهون ٿا- جيسين اهو وقت اچي، جڏهن اسين پاڻ ۾ ’عقيدي ۽ ايمان جو اتحاد‘ به قائم ڪري سگهون.“

هيترو انساني ڪوس ۽ هيترو انساني ظلم ۽ عذاب، جنهن جا دل ڏاريندڙ داستان انسان جي نالي تي ڪارنهن جي ٽڪن وانگر تاريخ جي صفحن تي پکڙيا پيا آهن، ان جو ڏوهه ”ملحدن“ تي ڪونهي. هو بي ڏوهي آهن. ڪنهن کي به سندس خيالن ۽ عقيدن جي سزا نه ٿي ڏيئي سگهجي. هيءَ دنيا، جيڪا ڏوهن سان ڀري پئي آهي، ۽ سدائين خام خيالن ۽ وس کان نڪتل مونجهارن ۽ مشڪلاتن جو شڪار پئي رهي آهي، اُن ۾ ڏوهه جي آهي ته تعصب جو آهي، ڪٽرپڻي جو آهي، ۽ انهن پنهنجي ليکي ڏاهپ ۽ ڏيا جي صاحب شخصن جي بي صبريءَ جو آهي، جيڪي پنهنجي خيال، مذهب يا فلسفي کان علاوه ٻئي ڪنهن خيال، مذهب، يا فلسفي کي صحيح سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪاسٽيلو اهڙيءَ ديوانگيءَ جي حد تي پهتل خوددانيءَ جي دعويٰ کي هر صورت ۾ نندي ٿو. ”ماڻهن کي پنهنجن راين جي صحيح هجڻ جو ايڏو ته پڪو يقين آهي- يا ڪم از ڪم هو اهڙيءَ ته هڪ موهوم آٿت جا شڪار آهن ته سندن پنهنجا ويساهه ۽ ويچار ئي صحيح آهن، جو هو ٻين جي راين کي نفرت ۽ هتڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. دنيا ۾ ظلم ۽ اذيت جا سڀ ڪم انهيءَ فخر ۽ هوڏ جو نتيجو آهن. پنهنجي همه دانيءَ جي هٺ ۾ ورتل ماڻهو، سواءِ ان جي جيڪو ساڻس متفق آهي يا ايئن چئجي ته ساڻس ها ۾ ها ملائي ٿو، ٻئي ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي- جيتوڻيڪ اڄ جيترا ماڻهو آهن، تقريباً اوترا ئي رايا پڻ آهن. انهيءَ طرح ڪو هڪ ”فرقو“ به ڪونهي، جيڪو ٻين سڀني فرقن کي نندي نٿو ۽ انهن کي ختم ڪري اڪيلي سر پاڻ ڏاهپ ۽ ڏِٺِ جي بنياد تي پنهنجي واحد ۽ لاشريڪ سلطاني قائم ڪرڻ نه ٿو چاهي. اهو ئي سبب آهي، جلاوطنيون، شهر نيڪاليون، قيد، ڦاسيون ۽ باهيون اُٿنديون ۽ عمل ۾ اينديون رهن ٿيون، ۽ هي دنيوي دورزخ جا داروغا، جيئن اڳي تئين اڄ به، پنهنجي انسان دشمن ڪارگذارين ۾ مصروف آهن، ته جيئن اهي نظريا جيڪي کين ۽ سندن آقائن کي ناپسند آهن، اُهي دٻجي ۽ ختم ٿي وڃن؛ بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته هنن کي پنهنجين انهن دوزخي ڪاررواين جو ڪو کُليو مقصد به سامهون ڪونه هوندو آهي، ۽ هي رڳو پنهنجي جولان ۽ جنون ۾ ڇتا بنيا، مُنهن مان گڦ ڳاڙيندا، هر پنهنجي مخالف کي چڪيندا ۽ ڏاڙهيندا، پنهنجين ئي ڀنواٽين ۾هت هت سرپٽ ڊوڙندا رهندا آهن.“هڪ پاسي جو ضد ٻئي پاسي به ضد پيدا ڪري ٿو. مَن جي دنيا جي هن سهپ، روحاني عالم جي هن عدم رواداريءَ،  ”اذيت رسانيءَ جي هن وحشي ۽ غير مهذب خواهش جي نتيجي ۾، اڄ اسان کي ڪيترا اهڙا شخص  به ملن ٿا، جيڪي زهر آلود بيان بازين جي اثر ۾ ايترا ته مشتعل  ۽ سيخ پا ٿيا ويٺا آهن، جو جيڪڏهن خون جي سزا يافته ڪنهن بدنصيب کي جيئري باهه جي مچ ۾ اُڇلڻ بدران رحمدليءَ وچان رڳو گهٽو ڏيئي ساهه ڪڍڻ جي ڪو ڳالهه ٿو ڪري، ته اُن تي به هو ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙها ٿي وڃن ٿا.“

هن درندگيءَ ۽ وحشيپڻي مان فقط هڪ شيءِ آهي، جيڪا انسان ذات کي بچائي سگهي ٿي- اُها آهي سهپ ۽ رواداري. اسان جي دنيا ۾ هڪ کان وڌيڪ سچ رهن، اُن لاءِ ڪافي جاءِ آهي؛ ۽ جيڪڏهن ماڻهن ۾ نيڪ خواهشون ۽ نيڪ ارادا آهن، ته اسان جي اِن وسيع دُنيا ۾ اهي گهڻا سچ آسانيءَ سان گڏ گذاري سگهن ٿا. ”اچو ته هڪٻئي کي برداشت ڪيون؛ ڪير ڪنهن جي عقيدي جي بي حرمتي نه ڪري“. الحاد ڪُشي غير ضروري آهي، بلڪل ايئن جيئن ڪنهن به قسم جي راءِ تي سختي بيسود آهي. هوڏانهن ڪال ون پنهنجي ’پڌرنامي‘ عرف ’عذرنامي‘ ۾ الحاد کي روءِ زمين تان مٽائڻ لاءِ حڪمرانن کي اُڀاريو هو ته هو ”تلوار ۽ باهه“ جي استعمال ۾ وڌيڪ ڪشاده دست ٿين؛ پر هن پاسي ڪاسٽيلو آهي، جيڪو هر طاقت ۽ اختيار جي صاحب کي منٿون ڪري ٿو ته هو رحم کان ڪم وٺن، ۽ انهن ماڻهن جي چوڻ تي نه لڳن، جيڪي ”اوهان کي انسانن جي قتل تي اُڀارين ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي اوهان جو اُتي هرگز ساٿ ڪونه ڏيندا، جتي اوهان کي پنهنجي آخري اعمال نامي پيش ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو، انهن کي پنهنجي ئي حساب پيش ڪرڻ ۽ اُن جي بچاءَ ڪرڻ کان اُتي فرصت ڪانه هوندي. مون تي اوهين اعتبار ڪريو ته جيڪڏهن حضرت مسيح اڄ هتي هن ڌرتيءَ تي هجي ها، ته هو اوهان کي ڪڏهن به اهڙن انسانن کي مارڻ لاءِ نه چوي ها، جيڪي ڦاسيءَ جي تختي تي ۽ باهه جي مچ ۾ بيهي به سندس نالو وٺن ٿا ۽ کيس سڏين ٿا- جيتوڻيڪ هُنن کان ڪنهن تفصيلي ڳالهه ۾ پوءِ ڪا سهوَ ئي ڇو نه ٿي ويئي هجي، يا اُهي سڌي رستي کان ڪجهه مُڙي ئي ڇو نه ويا هجن.“

سيباسٽيان ڪاسٽيلو ملحدن جي گناهگاريءَ يا معصوميت جي هن مشڪل سوال تي پوري سڪون ۽ اطمينان سان بحث ڪيو آهي. اُن ۾ هن ڪنهن به بيجا جوش يا جذبات کان ڪم نه ورتو آهي.دانشمنديءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مناسب به ايئن آهي. هُن مسئلي جي ٻنهي پُڙن جي وڏيءَ خبرداريءَ سان تور تڪ ڪئي؛ ۽ آخر ۾ هيءَ به گهر ڪئي ته هڪڙو ”روحاني آزاديءَ جو شهر“ تعمير ڪيو وڃي، جتي هي اڻ گهربل ۽ ڌڪاڻل بدنصيب پنهنجن مارين کان ڊوڙي ڊوڙي، پاڻ بچائي، پناهه لاءِ وڃي پنهنجو مٿو لڪائين. جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي ڳالهه جي صحيح هجڻ جي پڪ هئي، ته به هن پنهنجا رايا پوريءَ نمرتا سان پيش ڪيا. هوڏانهن گروهه بندين ۽ فرقيواريت ۾ ڦاٿل بي وزنا شخص پنهنجا پنهنجا هلڪا وٽ ۽ کوٽا وکر کنيو شهر جي وچ چونڪن تي بيهي هوڪا ڏيندا ۽ زورائتيون رڙيون ڪندا رهيا. هنن نظرياتي ڪوتاهه دل شخصن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي منبر تان بيهي واڪا ڪندو رهيو ته هو ۽ فقط هو، ۽ ٻيو ڪوبه نه، اصل ۽ سچو عقيدو آڇي رهيو هو، ۽ فقط سندس آواز سان ۽ سندس لفظن ۾ خدا جي مرضيءَ جو اعلان ٿي سگهيو ٿي. هيڏانهن ڪاسٽيلو هو، جنهن رڳو هيئن ٿي چيو:” آءٌ اها دعويٰ ڪري اوهان سان ڪونه ٿو ڳالهايان ته آءٌ ڪو خدا جو موڪليل نبي آهيان. آءٌ عام ماڻهن منجهان هڪ ماڻهو آهيان ۽ هرگز جهيڙاڪ طبع ۽ بحثي ماڻهو ناهيان، آءٌ رڳو چاهيان ٿو ته مذهب جهيڙن جهٽن ۽ جهڳڙي فساد وسيلي نه، پر همه گير محبت وسيلي قائم ٿئي؛ ٻاهرئين ڪريا ڪرم ۽ رسمي نمائش وسيلي نه، پر دل جي اندرئين آواز ۽ انسان دوست عمل وسيلي قائم ٿئي.“ نظريه پرست عالمن هڪٻئي سان ايئن ٿي ڳالهايو، جيئن ڪو اسڪولي ٻارن ۽ غلامن سان ڳالهائيندو آهي؛ پر انسان شناس ۽ علم دوست شخص هڪٻئي سان ايئن مخاطب ٿيندا آهن، جيئن ڀاءُ ڀاءُ سان يا انسان انسان سان ٿيندو آهي.

انهن سڀني ڳالهين هوندي به، هر نرم دل ماڻهو جڏهن به ڏک جهڙي ڪا ڳالهه ڏسندو ته ضرور هن جي روح کي جهٻو ايندو. ماڻهن جا مِرُن جهڙا ڪم ڏسي، حساس دل جو لڏي وڃڻ ۽ ڪن حالتن ۾ وسان نڪري وڃڻ لازمي ڳالهه آهي. ساڳيءَ طرح هڪ ديانتدار ليکڪ جو هٿ، جنهن جي دل زخميل ۽ اکيون آليون هُجن، پنهنجي وقت جي وحشي ڪار گذارين کي قلمبند ڪندي، ضرور لُڏي ويندو. ڪنهن جو بُت غصي ۾ لرزي رهيو هجي ۽ سندس آواز ۾ لوڏ نه اچي، سا ڳالهه ممڪن ڪانهي. انهيءَ نموني، چئپل ٽڪريءَ جي مقتل تي هڪڙي معصوم انسان جي ايڏي وحشتناڪ خون تي، ڪاسٽيلو به پنهنجي طبيعت کي قبضي ۾ رکي نه سگهيو. ايترين اذيتن سان هڪڙو عالم ٻئي عالم کي، هڪڙو دين جو فاضل ٻئي دين جي فاضل کي قتل ڪرائي ڇڏي، سو به ’پيار جي مذهب‘ جي نالي ۾، اها ڳالهه ڏسي، هڪڙو ڪو ڪانئر ۽ ٻيو ڪو ڪٺور شخص ئي پنهنجي طبيعت کي بحال رکي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري سرويٽس جي خون ناحق جي مسئلي تي سوچيندي سوچيندي ۽ اُن تي لکندي لکندي، ڪاسٽيلو جو قلم به خالص اُن جي علمي ۽ قانوني صورتن تائين پاڻ کي محدود رکي نه سگهيو.

باهه جي مچ تي ٽنگيل، مقتل جي ڪلي سان ٻڌل، لُڇندڙ ۽ ڪيهون ڪندڙ سرويٽس جو عڪس ۽ ٻين اهڙن بيشمار ناحق جلندڙ ۽ دانهون ڪندڙ ملحدن جا عڪس پنهنجي سامهون آڻيندي، ڪاسٽيلو پنهنجون اکيون لکيل پني تان مٿي کڻي، پري انهن منافقن ۽ وحشي صفت نظريه پرستن ڏانهن ڏٺو، جيڪي اهڙن هولناڪ اتياچارن ۽ دل ڏاريندڙ نظارن تي خلق کي اُڀاري رهيا هئا، ۽ جيڪي پنهنجي ۽ ٻين جي اهڙيءَ مسهپ ۽ اهڙي مرونئپي کي نه فقط جائز سمجهي رهيا هئا بلڪ پنهنجن انهن ڪارنامن جي طفيل پاڻ کي خدا جا سچا ۽ پاڪ بندا سڏي رهي رهيا. ڪاسٽيلو جي سامهون ڪال ون ئي هو، جڏهن هن دل مان آهه ڀريندي لکيو ته ”ڪيڏيون به هي خطرناڪ ڳالهيون هجن، پر وڌيڪ خطرناڪ انهن بدڪارن جي اها بدڪاري آهي جڏهن جو هو پنهنجن بدعملن کي يسوع   مسيح جي چادر ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ اعلان ڪن ٿا ته هو ان جي مرضيءَ مطابق اهي ڪم ڪري رهيا آهن.“ ڪاسٽيلو کي خبر هئي ته اختيار ۽ اقتدار جا صاحب هميشه پنهنجن تشددي ڪارنامن جي سند ڪنهن نه ڪنهن مذهبي يا فلسفيانا آدرش مان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر معصوم رت هر آدرش جي منهن تي ملجي وڃي ٿي ۽ ان جي سڃاڻپ مٽائي ڇڏي ٿي؛ ۽ تشدد جو استعمال هر خيال کي ڪيرائي ڪسيري جي قيمت جيترو ڪري ٿو ڇڏي. مائيڪل سرويٽس کي مسيح جي حڪم تي ساڙيو ڪونه ويو هو، هُن کي جيهان ڪال ون جي حڪم تي ساڙيو ويو هو، ۽  اها سڄيءَ مسيحي دنيا لاءِ شرم جي ڳالهه هئي. ڪاسٽيلو دانهن ڪري چوي ٿو: ”اڄ ڪير مسيحي  دين ۾ اچڻ گهرندو، جڏهن اُهي جيڪي اڳي ئي اُن ۾ داخل آهن ۽ پاڻ کي مسيحي سڏائين ٿا، تن کي سندس ئي جهڙا ٻيا مسيحِي ايڏيءَ بي رحميءَ سان باهه ۾ ساڙي ۽ پاڻيءَ ۾ٻوڙي ماري رهيا آهن، اُنهن سان خونين ۽ ڌاڙيلن جهڙي بلڪه اُنهن کان به زياده بي ترسيءَ واري روش اختيار ڪري رهيا آهن؟ڪير آهي،جو اڄ مسيح تي پنهنجو ايمان قائم ڪري سگهندو، جڏهن هو ڏسي ٿو ته جن ماڻهن طاقت کسي پنهنجي هٿ ۾ ڪئي آهي، اُنهن کان ڪوبه جيڪڏهن ڪنهن تر جيتريءَ ڳالهه ۾ به اختلاف ڪري ٿو، ته اُن کي جهلي، مسيح جي نالي ۾، هو ساڙي ڇڏين ٿا، جيتوڻيڪ هو مسڪين باهه جي شعلن ۾ جلندي به زور زور سان دانهون ڪندو رهي ٿو ته هو مسيح جو مڃيندڙ آهي؟ آخر شيطان  به ان کان وڌ ٻيو ڇا ڪندو ته هو مسيحين کي ساڙيندو رهي، جيڪي سندس نه پر مسيح جو نالو وٺن ٿا؟“

هن ڀلاري ۽ گهڻگهري محترم شخص اِنهيءَ ڪري محسوس ڪيو ته هيءُ وقت هو،  جو اُن خام خيال کي به ختم ڪيو وڃي ته ماڻهن کي شهيد ڪيو وڃي ٿو ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو  رڳو اِنهيءَ لاءِ، جوهُنن سان وقت جي طاقتورن جو ذهني سطح تي اختلاف آهي. ساڳئي وقت جيئن ته هُن کي معلوم هو ته اقتدار جا صاحب پنهنجي اختيار کي هميشه غلط استعمال ڪن ٿا، ۽  هو پاڻ، هڪ جيتامڙو، اُن مهل شايد هڪڙو ئي شخص هو، جو مظلومن ۽ ماريل هيڻن جي سوال کي  ان نموني کڻي رهيو هو، انهيءَ ڪري، بيحد نراسائيءَ ۾، هُن پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ ڀريل دل سان ۽ جذبات جي وهه ۾ وهي ڪري، هو، آخر ۾، هڪ دعا گهري ٿو.

”او خالق، او ڪائنات جا مالڪ ! ڇا، تون هي شيون ڏسين ٿو؟ ڇا، تون اهڙو بدلجي ويو آهين، اهڙو سخت دل ۽ پنهنجي فطرت کان ايترو مختلف ٿي ويو آهين؟ جڏهن تون هن ڌرتيءَ تي هئين، تڏهن  توکان وڌيڪ  ڪو به نماڻو، ڪو به قياس وارو  ۽ بخشيندڙ، ڪو به ماٺيڻو ۽ صبر وارو ٻيو ڪونه هو. جڏهن توکي دُرّا هنيائون،  توتي ٿڪون اڇلايائون، توتي چٿرون ڪيائون، توکي ڪنڊن جو تاج پارايائون، ٻن چورن جي وچ ۾ توکي صليب تي چاڙهيائون - پنهنجي ايڏيءَ گهٽتائيءَ جي وچ ۾ تو اُنهن لاءِ دعا گهري، جن اِهي شرم جهڙيون ڳالهيون توسان ڪيون هيون. آءٌ توکي تنهنجي پيءُ جي سڳوري نالي ۾ عرض ٿو ڪريان: ڇا سچ پچ تنهنجي اِها مرضي ٿي سگهي ٿي ته جيڪي تنهنجا حڪم ايئن نٿا سمجهن جيئن اُهي طاقت وار سمجهن ٿا، تن کي ٻوڙيو وڃي، دُرّا هڻي انهن جا آنڊا ڪڍيا وڃن، اُنهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو وڃي، اُنهن جا سنڌ سنڌ تلوار سان ڪپيا وڃن، اُنهن کي ڌڳندڙ باهه تي پچايو وڃي،  ۽  ايئن بي ترسيءَ  سان عذابن تي عذاب ڏيئي ماريو وڃي جيترا ڪنهن کي ڪوڏيئي سگهي! اومسيح!  ڇا، اهي ڳالهيون تنهنجيون چيل آهن ، تو کي پسند آهن؟ ڇا، اُهي ماڻهو، جن هي ڪوس ڪرايا آهن، جيڪي ايئن تنهنجي اولاد جو کلون لهرائين ٿا ۽ اُنهن کي  ڪُٽي ڪُٽي  انهن جو قيمو بنائين ٿا، سي سچ پچ تنهنجا بندا آهن؟ ڇا، جڏهن اِهي ماڻهو تو کي تنهنجو نالو وٺي اِنهن پنهنجن ظلمي ڪاررواين وقت شاهد ڪن ٿا، تڏهن سچ پچ تون اُتي موجود هوندو آهين، ڄڻ توکي ڪا انساني گوشت جي بک آهي! جيڪڏهن، او مسيح! اِهي ڳالهيون سچ پچ تون چاهين ٿو، ته پوءِ شيطان جي ڪرڻ لاءِ باقي ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون رهن؟ اها ڪيتري نه تنهنجي بي حرمتي آهي، جو ايئن چيو وڃي ته اِهي شيطان جا ڪم تون چاهين ٿو! ماڻهن جي اِها ڪيڏي نه ذليل گستاخي آهي، جو جيڪي ڳالهيون فقط ابليس جي مرضيءَ ۽ اُن جي ڪاريگريءَ سان ٿي سگهن، اُنهن لاءِ چون ته اُهي مسيح جي مرضيءَ ۽ حڪم سان ٿين ٿيون!“

جيڪڏهن سيباسٽيان ڪاسٽيلو رڳو ”مسئلهءِ  ملاحده “ ڪتاب جو پيش لفظ لکي ها، ۽ اُن پيش لفظ جو به رڳو هيءُ  پويون هڪ صفحو لکي ها، ۽ ٻيو ڪجهه به نه لکي ها، ته به هُن جو نالو انسان جي تاريخ  ۾ آمر هجي ها. ڇاڪاڻ ته هن جو ڪيڏو  نه هيڪلو آواز هو، ڪيڏي نه مختصر اميد هئي هُن  جي ته دنيا  ۾ هُن جي صدا ٻڌڻ وارا به ڪي ٿي سگهيا ٿي - اُها دنيا، جتي هٿيارن  جي ٽڪراءَ  ۾ لفظن جوآواز ٻڌو ٿي ويو ۽ جتي آخري فيصلو سواءِ ويڙهه جي ٻيو هوئي ڪونه! پر ويساري  بني نوع انسان جا سڀ کان وڌ انساني اصول ۽ مطالبا، سبق  ۽ آدرش، جن جو فڪر ۽ عمل جي استادن - مذهبي رهبرن  درويشن ، فيلسوفن، عالمن،سماجي سڌارڪن - وري وري پئي اعلان ڪيو آهي، جيترا وڌيڪ ياد ڪجن ۽ ياد ڏيارجن، اوترو  بهتر. نماڻو سيباسٽيان، ان سلسلي ۾چوي ٿو ته ”بيشڪ آءٌ ڪا به اهڙي ڳالهه ڪانه ٿو چوان، جيڪا مون کان اڳ ٻين نه چئي آهي. پر جو حق ۽ انصاف آهي، اُن کي وري وري چوڻ ڪڏهن به غير ضروري نه آهي، جيستائين اُهو وڃي قبول پوي ۽ عمل ۾ اچي.“ ۽ جيئن ته هر دور ۾ زور  ۽ ڏاڍ پنهنجون شڪليون بدلائيندو رهي ٿو، اُن جي خلاف جدوجهد  پڻ اُنهن ماڻهن کي وري وري شروع ڪرڻي پوي ٿي ، جيڪي روح جي نيڪين سان پنهنجو واسطو قائم رکن ٿا. اُنهن کي ڪڏهن به اهو عذر  ڏيئي، ان جدوجهد جي ذميدارين کان پاڻ بچائڻو نه آهي ته زور اڄ ايڏوطاقتور آهي، جو اُن جي خلاف ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه چوڻ ضروري آهي  اُن کي وري وري چوڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه به ڪانهي، ۽ سچ جو اظهار  ڪڏهن به اجايو نه ٿو ٿي سگهي. جي ”لفظ“ کي ڪاميابي  نه ٿي به ملي، ته به اُهو پنهنجي  لافاني وجود جو اظهار رکي ٿو؛ ۽ جو شخص  هتي ۽ هن گهڙيءَ اُن جي تقاضا کي مڃي ٿو ۽ اُن جو فرض ادا ڪري ٿو، اُهو ئي ثابت ڪري ٿو ته ڪابه دهشت آزاد روح کي هيسائي نه ٿي سگهي، ۽ ٻيو ته وقت جي بي ترس کان بي ترس پهر ۾ به ماڻهپي ۽ مريادا جي آواز جي گنجائش ضرور موجود رهي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org