سيڪشن: ادب

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:1

فڪر جي آزادي

محمد ابراهيم جويو

ڇپائيندڙ پاران

سائين محمد ابراهيم جويو، سنڌ جي انهن عالمن، اديبن ۽ ڏاهن مان آهي، جن سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ تاريخ جي ميدان ۾ اهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، جن جو مثال تاريخ ۾ ملڻ محال آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اها خوشقسمتي آهي، جو جويو صاحب بورڊ جو ڏهن سالن تائين سيڪريٽري رهيو. جڏهن ته ان کان پوءِ پاڻ چار سال اعزازي سيڪريٽري ۽ چيئرمين رهي چڪو آهي. جويو صاحب جي دور ۾ بورڊ، سنڌي ادب، علم، تاريخ، لوڪ ادب ۽ ٻين کيترن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ گڏوگڏ ٻين ٻولين جي اهم ۽ لاڀائتن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرايو ويو.

جويو صاحب پنهنجي زندگيءَ جي سوين (100) سال جا ڏهه مهينا مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ ٻن مهينن کان پوءِ پاڻ هڪ صديءَ جي ڄمار ماڻيندو. سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ ان کان وڌيڪ خوشي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته، خوشحال سنڌ جو گهرجاؤ صديءَ جي ڄمار ماڻيندڙ هجي.

ٻين ادارن جيان سنڌي ادبي بورڊ به جويو صاحب جي ڪتابن کي شايع ڪرائڻ جو رٿيو آهي. هن جلد ۾ سندس ٻه اهم ڪتاب ”فڪر جي آزادي“ ۽ ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ شامل آهن، جيڪي ٻيئي ترجمو ٿيل ڪتاب آهن.

جويو صاحب کي سندس سؤ ساله جشن جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ان کان بهتر ٻيو ڪو طريقو نٿو ٿي سگهي ته، سندس ڪتاب ٻيهر شايع ڪرائي عام ڪجن ۽ خاص طور تي نوجوان نسل تائين پهچائجن ته، جيئن هو ان مان ڀرپور لاڀ پرائين.

جويي صاحب جي انهن ٻنهي ڪتابن کي بورڊ طرفان هڪ جلد ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ آءٌ هي ڪتاب پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. انهن ڪتابن جي اشاعت ۾ بورڊ جي مانائتي چيئرمين سائين مخدوم جميل الزمان جي صاحب جو شڪرگذار آهيان، جنهن جي مون کي سرپرستي حاصل آهي.

اميد ته اسان جي هن ڪاوش کي ادب جي ساڃاهه وندن وٽ ساراهيو ويندو.

             

22 جون، 2015ع                                 الهڏتو وگهيو

       سيڪريٽري

 

ڪجهه منهنجي پاران

 

محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي جي رٿيل رٿا موجب جويي صاحب جي سڀني ڪتابن کي هن سال اندر شايع ڪرائڻو آهي. مختلف يونيورسٽيون، علمي، ادبي ۽ ٻوليءَ جا ادارا ان ڏس ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ به ان ڏس ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، مهراڻ جو خاص نمبر پڌرو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته سائين محمد ابراهيم جويي جي ستن ڪتابن کي ٻن جلدن ۾ شايع ڪرايو پيو وڃي.

ٻئي جلد ۾ ٽي ڪتاب شامل آهن، جن ۾ ’فڪر جي آزادي‘ جنهن جو ليکڪ ’اسٽيفن زويگ‘ آهي. هي ڪتاب ابراهيم جويي صاحب 1977ع ۾ ترجمو ڪيو هو، جنهن جا چار ڇاپا اچي چڪا آهن. آخري ڇاپو روشني پبليڪيشن 2008ع ۾ شايع ڪيو هو. اصل ڪتاب جو نالو "The Right to Heresy" آهي.

هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ مهل دوستن جويي صاحب کي ڪتاب جي ترجمي کان جهليو ۽ ان کي وقت جو زيان ڪوٺبو جڏهن ته جويي صاحب جو خيال هو ته آزاد فڪر ۽ عقل جي آڌار تي اڀرندڙ فڪر ئي اصلوڪا ۽ طبعزاد عظيم ڪتاب پيدا ڪري سگهي ٿو. سندس چواڻي ”اسان وٽ جيئن ئي ’آزادي‘ آئي آهي تيئن ٻين سڀني خيالن کي قلف لڳي ويا آهن ۽ پهرا بيهي ويا آهن. ان سوچ کيس هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس نالي مان ئي عيان آهي ته، مترجم وٽ فڪر جي آزاديءَ جي ڪيتري اهميت آهي.

ٻيو ڪتاب ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘ آهي، جيڪو اصل فرينچ ٻوليءَ جو ڪتاب آهي، جنهن جو ترجمو جويي صاحب انگريزي ٻوليءَ تان ڪيو آهي. ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي ته، هڪ ڏکيو پر اهم موضوع آهي. جيتوڻيڪ ترجمي جو ڪتاب آهي، ڪٿي ڏاڍو سولو ۽ دلچسپ محسوس ٿئي ٿو ته وري ڪٿي ڏکيو ڳوڙهو، گهڻو سنجيده ۽ غير دلچسپ. ابراهيم جويي موجب، ”سڄو پوري ڌيان سان پڙهڻ لائق آهي. ان سڄي کي مڃڻ يا ان سان پورو اتفاق به لازمي نه آهي، ڇو ته فلسفو علم ئي ان قسم جو آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي نيٺ به پنهنجي تجربي ۽ عقل تي ڀاڙڻو پوي ٿو ته ڪٿان ڪنهن مليل يا نصيب ٿيل خبر يا چمتڪار تي.

هي ڪتاب اصل فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل هو، جنهن جو 1950ع ڌاري انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ ليکڪ مخاطب به فرينچ قوم کي ڪيو آهي، پر مترجم جو ڪمال آهي، جو هن ان کي نهايت سولي سنڌيءَ ۾ آڻي پڙهندڙن تائين فلسفي جي ابتدائي ڪورس کي آندو آهي.

جويي صاحب کي ترجمي جي فن تي جيڪو ڪمال ۽ دسترس حاصل آهي، تنهن جو مڪمل اظهار هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.

جلد ۾ شامل ٽيون ڪتاب ’وحشي جيوت جا نشان‘، ’هاورڊ موئر‘ جي ڪتاب "Savage Survivals"  جو  سنڌي ترجمو آهي. ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. جويي صاحب هن ڪتاب جو ترجمو ته گهڻو اڳ شروع ڪيو هو، پر ان کي مڪمل پنهنجي ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڪيائين. انساني ۽ حيواني خصلتن، جبلتن، عادتن، روين ۽ روش بابت هن دلچسپ ڪتاب ۾ اوهان کي پيرائتي ڄاڻ ملندي.

اميد ته هيءَ ڪوشش اوهان کي پسند ايندي.

 

ڪراچي،                                                پروفيسر محمد سليم ميمڻ

22 جون، 2015ع                                                   سيڪريٽري

محمد ابراهيم جويو سؤساله جشن ڪميٽي

 

پهريان ٻه اکر

 

منهنجا ڪافي ڪي پيارا دوست آهن، جن جو خيال آهي ته آءٌ هي جي ڪتاب ترجمو ڪريان ٿو، اِهو وقت جو زيان آهي. آءٌ انهن سان انهيءَ خيال ۾ متفق نه آهيان ۽ ان لاءِ مون وٽ پختا دليل آهن.

پهرين ڳالهه ته طبعزاد يا اصلوڪو (original) خيال، جيڪڏهن فڪري دنيا ۾ اهڙي ڪا شيء آهي به، ته اُهي جڏهن به ۽ جنهن کي به من ۾ ايندا آهن، تڏهن هو اُهي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي- ٻيو نه، ڪنهن نه ڪنهن دوست يا دوستن سان ڳالهين ٻولهين ۾ ۽ بحث مباحثي ۾ اُهي ٻڌائي ڇڏيندو آهي، بلڪ اِيئن اُنهن کي ٻڌائڻ ۾ خوُشي محسوس ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪي ٻڌائڻ جهڙا يا ظاهر  ڪرڻ جهڙا اصلوڪا خيال ڪنهنجي من ۾ اچن ٿا ۽ هو اُهي نه ٿو ظاهر ڪري، ته اُهو ماڻهو ذهني طور سنئون سڌو يا صحتمند نه چئي سگهبو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ جا خيال ڪيتري قدر ٻڌڻ ٻڌائڻ جهڙا ٿي به سگهن ٿا، اِن جو جواب پڌرو پيو آهي. انهي ڪري ڪنهن کي چوڻ ته پنهنجا ’اصلوڪا‘ خيال دنيا کي ٻڌاءِ، زباني يا لکيت ۾ يا ڪنهن ٻئي اظهاري وسيلي سان، آءٌ سمجهان ٿو ته اِن جي ڪنهن صورت ۾ ڪا ضرورت ئي ڪٿي درپيش اچڻ نه کپي.

ٻيو ته جيڪڏهن شوق يا گهرج اصلوڪن خيال جي ئي آهي، ته اُهي ته ترجمي ۾ به موجود  هوندا آهن. منهنجا، يعني ”الف“جا، اصلوڪا خيال نه، ته ڪتاب جي اصل منصف جا، هروڀرو ڪنهن کي ڪنهن خاص ماڻهوءَ جا اصلوڪا خيال ٻڌڻ ڇو گهرجن! جيڪڏهن ڪو خاص مسئلو سامهون هجي ۽ اُن خاص مسئلي متعلق معلوم هجي ته ”الف“ ئي ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ ”ب“ نه، ته اُن صورت ۾ ”الف“ سان ملاقات –روبرو، خط پَٽ رستي يا جيڪڏهن هن جي ڪا تصنيف يا لکيت اُن مسئلي بابت موجود آهي ته اُن وسيلي، آساني سان ٿي سگهي ٿي. ورنه ترجمي ٿيل ڪتابُ سڄي جو سڄو اصلوڪن خيالن سان ڀريو پيو آهي- جيڪي هونئن ٻيءِ ٻوليءِ ۾ بيان ٿيل هئا، ۽ هاڻي اُن مان کڻي ٻيءَ هڪ ٻوليءَ ۾، ۽ سڀ کان بهتر، پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾، اسان جي پڙهڻ لاءِ ۽ سمجهڻ لاءِ اسان جي اڳيان رکيا ويا آهن. خيال ڪنهن  جا آهن، اِن جو ويچار ڪرڻو ڪونهي. پر خيال ڪهڙا آهن- اصل ڳالهه ڳولڻ جي، سمجهڻ جي ۽ سوچڻ جا اِها آهي.

ٽين ڳالهه ته خيالُ ڪڏهن به اصلي يا نقلي ڪو نه ٿيندو آهي- خيال صرف صحيح يا غلط ٿيندو آهي.- فائدي وارو يا نقصانڪار ٿيندو آهي، عملي يا غير عملي ٿيندو آهي. سڀ کان وڌيڪ، قبولڻ جهڙو يا نه قبولڻ جهڙو ٿيندو آهي. ڪهڙو خيال قبولبو يا ڪيتري قدر قبولبو يا نه قبولبو، اُن جو مدار وري ذهن ۾ اڳ موجود خيال يا خيالن تي رهي ٿو. اِنهيءَ ڪري جيترا گهڻا چڱا ۽ چوکا خيال ذهن ۾ هوندا، ايتري ماڻهوءَ جي صحيح يا غلط خيال جي پرک تيز ٿيندي ۽ هو قبولڻ جهڙا وڌ ۾ وڌ  خيال قبوليندو ۽ ايئن پنهنجي ذهن کي تيز کان تيز تر ۽ سجاڳ رکي سگهندو.

خيال ”پنهنجو“ يا ”پرايو“ به ڪونه ٿيندو آهي. فقط اُهي، جن کي ڪا ڳالهه لڪائڻي يا مڙهڻي هوندي آهي، اُهي ”پراون“ خيالن کان، يعني، اڄڪلهه، خاص ڪري مغربي خيالن کان، مادي خيالن کان، خود ”عقلي“ خيالن کان جهليندا ۽ روڪيندا آهن- حالانڪ جن خيالن جي قبولائڻ  يا ”پنهنجي“ ڪرڻ لاءِ اهو سڄو اهتمام هو ڪندا آهن،  خود اُهي خيال به هنن جا ”پراوا“ هوندا آهن. ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جا، ٻئي ڪنهن پاسي جا، ٻئي ڪنهن ماحول ۽ پراڻي ڪنهن وقت جا.

چوٿين ڳالهه ته ڪو ٻُڌل يا پڙهيل خيال پنهنجي ٻوليءَ يا پنهنجي لفظن ۾ جيئن جو تيئن، يعني جيئن اصل هو تيئن، ظاهر نه ٿو ڪري سگهجي. ذهن ۾ اڳ موجود خيال اُن کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ اُن تي پنهنجو ڪو خاص رنگ يا اُن جو ڪو پاڇو ضرور وجهي ٿو. اِها انساني فطرت آهي ته ڪو به ڪم هو ڪري ٿو، اُن تي هو ويچار به ڪندو هلي ٿو، يعني ان ۾ هو پنهنجو ذهن وجهي ٿو، ته  اُن کي هو پسند ڪندو. يا نه پسند ڪندو ۽ ان جي تور تڪ  به ڪندو هلي ٿو۽ ايئن ئي هو پنهنجي ڪم کي سوڌي سنواري ۽ سهڻو بنائي ٿو. حسن جي تخليق ايئن ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري ڪو به فنڪار پنهنجيءَ ڪنهن تخليق کي ڪامل به نه سمجهندو آهي ۽ سدائين هڪ کان وڌيڪ ٻيءَ کي بهتر بنائڻ چاهيندو آهي ۽ اڪثر بنائي به سگهندو آهي. ساڳيءَ طرح هڪ ٻوليءِ مان ٻيءَ ٻوليءِ ۾ خيالن کي آڻڻ سان، اُنهن ۾ هڪ قسم جي نواڻ، ترجمي جي چاشني، به اچي وڃي ٿي. اِهوئي سبب آهي، جو خود اصل ٻوليءَ ۾ ڪنهن ڪتاب کي پڙهڻ وارا اُن جي ترجمي کي به پڙهڻ چاهيندا آهن، ۽ اُن مان اُنهن کي هڪ جدا لطف حاصل ٿيندو آهي. اسين شاهه جا شعر انگريزيءِ ۾ يا ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ ۾ به شوق سان پڙهندا آهيون. عمر خيام جي رباعين کي اصل ٻوليءَ ۾ پڙهڻ وارا به اُن جي فزجيرالڊ واري انگريزي ترجمي کي وري وري پيا پڙهندا ۽ اُن مان سواد وٺندا آهن. انهيءَ خيال کان ڪي ڪي ترجما به، پنهنجيءَ جڳهه تي، ٻوليءَ، فڪر ۽ جذبي جي ادبي، فني ۽ تخليقي پيشڪش جي حيثيت وٺي بيهندا آهن. اُن جو مثال جڳ مشهور ٻوليءَ جو بائيبل آهي، جيڪو انگريزي ادب جو متفقه طور هڪ بهترين نمونو سمجهيو ۽ قبوليو ويو آهي.

آخر ۾، ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي و اڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي، ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي، هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل، يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ منقتل ٿيڻ – جديد مهذب  دنيا جي ڄاڻ جون اِهي زوردار ڌارائون ئي اُن جي مهذب بنجڻ ۽ مهذب هجڻ جو مکيه سبب بنيون ۽ مکيه سبب آهن. دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اُهو ڪهڙو اهم ڪتاب لکجي ٿو، جو دنيا جي ڪنهن علمي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ نه ٿو ترجمو ٿئي! اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي ۽ فڪر جي اُتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ، نه ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.

تنهن کان سواءِ آزاد فڪر ۽ عقل جي آڌار تي اُڀرندڙ فڪر ئي اصلوڪا ۽ طبعزاد عظيم ڪتاب پيدا ڪري سگهندو آهي. اسان وٽ جيئن ئي ”آزادي“ آئي آهي، تيئن ٻئي سڀ خيال تي قلف لڳي ۽ پهرا بيهي ويا آهن، سواءِ هڪ  خيال جي، جنهن ۾ ڪا جان رهي ڪانهي، رڳو ڍانڍي وانگر پيو وڄي ۽ وڄندو رهي، جيڪو ٿو ڪجهه لکي ۽ ڪجهه چوي، سو ڦري ڦِري محض انهيءَ ڍانڍي کي پيو وڄائي-صحيح به اسين، سچا به اسين ڏاها ۽ سٺا ۽ صالح به اسين آهيون، يا، جي بنهه نه آهيون- جا ئي صحيح ڳالهه آهي- ته ٿي سگهون ٿا، بشرطيڪ اُهو ڍانڍو زور سان ۽ تيئن زور سان وڄائڻ بيهي رهون. دهشت ۽ دهمان وري ايترو جو ٻئي ڪنهن خيال جي رڳو ڪا سونگهه يا سُڻس ئي ڪٿان پئجي ويئي، ته الائي ڇا ٿيندو ،ڌرتي ڏري پوندي يا آسمان ڪري پوندو! ان صورتحال ۾ بي خوف ۽ جان نثار قلمَ گهرجن، جو واقعي به ڪي طبعزاد ۽ اصلوڪا ڪتاب پيدا ڪري سگهن، ۽ اهڙا قلم به نيٺ پيدا ٿيندا، ضرور پيدا ٿيندا. تنهن وچ ۾ جيڪي ڪجهه باضمير ۽ ديانتدار قلمن کان پُڄي سگهي ٿو، سو هو وري به پنهنجي دؤر کي ڏيندا رهن ٿا. مون کان به، ان ڏس ۾ جو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو ۽ ٿي سگهي ٿو، سو لکندو رهيو آهيان.

چون ٿا ته زمانو گول ڦرندو ٿو رهي، تاريخ پاڻ کي دهرائي ٿي- پر زماني جو اِهو گول ڦيرو هڪ ئي ليڪي تي ڪو نه ٿو ڦري، ۽ نه ئي تاريخ پاڻ کي جيئن جو تيئن ٿي دهرائي ٿي. زماني جو ڦيرو ڪڏهن وڏي گول ۾ ڪڏهن ننڍي گول ۾ ۽ سدائين نئين محور ۽ نئين زمين تي عمل ۾ ايندو رهي ٿو ۽ هميشه اُن جي مجموعي رواني ۽ رخ اڳتي ۽ اڳتي هوندو آهي، ۽ تاريخ، جي پاڻ کي دهرائي به ٿي ته سدائين نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان- ڇو ته حالتن ۾ جمود ۽ ماٺ ڪڏهن به ڪانه ٿي رهي، ۽ متحرڪ ۽ بدليل حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انساني ذهن کي رستا ۽ حل به بدليل ۽ نوان سوچڻا ۽ استعمال ڪرڻا پون ٿا. بهرحال، گذريل تجربن جا بنياد ۽ اُنهن جا سبق، پنهنجي تجربن جي بنياد سان ملائي ۽ ڀيٽي سگهجن ٿا ۽ اُنهن سان ليکي چڪائڻ لاءِ اُهي سبق ڏاڍا ڪمائتا ٿي سگهن ٿا، اِنهيءَ ڪري گذريل وقتن ۾ يا اڄوڪي دور ۾ جتي جتي ڪو اهڙو خيال، جتي جتي ڪا اهڙي روشني ۽ اهڙو ڪو سبق ڏسجي ٿو، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اُن مان اسان واريءَ اونداهه ۾ اسان لاءِ ڪو سوجهرو يا سهولت پيدا ٿي سگهجي ٿي ته ان خيال، اُن روشنيءَ يا اُن سبق کي پنهنجن پيارن پڙهندڙن لاءِ پنهنجي ٻوليءِ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪرڻ کان دل باز نه ٿي رهي. جيڪڏهن ڪنهن دوست يا ساٿيءَ کي خاص منهنجن ”پنهنجن“ خيالن جي ئي ڪا تانگهه آهي، ته جيڪي خيال، جنهن جا به خيال جتان جا به خيال مون کي پسند آهن، اُهي به کين منهنجا ئي خيال سمجهڻ کپن. جيڪو به ڪتاب آءٌ ترجمو ڪريان ٿو. اُهو ڪنهن مجبوريءَ تحت نه ۽ نه پيسن خاطر- پر اُن کي آءٌ مٿئين نقطي نگاهه کان صحيح، مفيد ۽ عين ضروري سمجهي ترجمو ڪريان ٿو. اِنهيءَ ڪري اُن ڪتاب جا خيال سچ پچ به ته ڄڻ منهنجا پنهنجا طبعزاد ۽ اصلوڪا خيال آهن.

ترجمي سان – بشرطيڪ اُهو ڪامياب ترجمو هجي – ٻوليءَ جي اظهاري صلاحيت ڪيتري وڌي ٿي، اِن جي ڪٿ ڪرڻ سولي به آهي، ڏکي به آهي. سنڌيءَ ۾ صحيح، پختي، مايه دار ۽ ادبي خيال کان اعليٰ نثر جي روايت اڃا ايتري عام ڪانه ٿي آهي، اعليٰ نثر جا اوصاف به پنهنجي جاءِ تي اوترا ئي مقرر ۽ واضح آهن. جيترا اعليٰ شعر جا. لفظن جي اِملا (صورتخطي) ۽ چونڊ، جملي ۾ اُنهن جي جاءِ، خود جملن جي الڳ الڳ قسمن مان تُز قسمن جي چونڊ ۽ اُنهن جو ٺهڪندڙ استعمال ۽ پاڻ ۾ سونهندڙ لاڳاپو، هر پئرا(فقري) جي اندروني ترتيب ۽ پيش ٿيل ڳالهه يا خيال جي مطابقت سان اُنهن جو باهمي ربط ۽ سلسلو دمن جي نشانين جو گهربل ۽ صحيح استعمال-ڇو ته جملي ۾ جيئن ٻئي ڪنهن لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي  ۽ ڪو به لفظ سواءِ مطلب ۽ ضرورت جي ڪم ڪونه ٿو اچي، تيئن ان ۾ استعمال ٿيل هرهڪ دم جي نشانيءَ جي پڻ معنيٰ ٿئي ٿي، ۽ پختي نثر ۾ جملي يا پئرا کي پڙهندي، نشانين جي اُنهن معنائن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اعليٰ ۽ فڪر انگيز نثر جي خاصيت هيءَ به هوندي آهي ته اُن  کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪجهه ذهن تي زور به ڏيڻو پوندو آهي- خسيس ۽ مٿاڇريءَ ڳالهه کي ته مٿاڇريءَ انداز ۾ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو، اُن مان ڪجهه پلئه به ڪونه ٿو پوي- ڇو ته اُن ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونهي، جو پلئه پوي. پر مايه دار ۽ ڀَريل نثر کي پڙهڻ لاءِ ڪافي ذهن تي زور ڏئي اُن کي پڙهڻو پوي ٿو. ان  جي ٿوري ڪا چُڪ – لکڻيءَ جي يا ڇپائيءَ جي، اُن جي معنيٰ جي ڌاڳي کي منجهائي ۽ وقتي گم به ڪري ڇڏي ٿي. انهيءَ ڪري علمي ۽ ادبي لحاظ کان ڌارين وڌيڪ تونگر ۽ اڳتي بيٺل ٻولين مان پوري توجهه ۽ ذميداريءَ سان ڪيل ڪامياب ترجما اسان کي پنهنجي مايه دار ۽ اعليٰ نثر جي روايت کي وڌائڻ  ۽ پختي ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهن ٿا.

هيءُ ڪتاب جيڪو ”فڪر جي آزادي“ جي نالي سان پنهنجي عزيز ۽ محترم سنڌي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان، سو اُن جي انگريزي ترجمي جي صورت ۾ مون به پهريون ڀيرو ڪي ٻه سال اڳ پڙهيو هو. پنهنجي پياري دوست نور الدين سرڪيءَ جي گهر ۾ سندس ذاتي لئبرريءَ کي ڏسي رهيو هوس،ته هيءُ ڪتاب نظر مان گذريم – اُن جي نالي Erasmus: The Right To Heresy هيڪاري منهنجي من کي جهٽڪو ڏنو ۽  پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو. هڪ ئي جلد ۾ ٻه ڪتاب گڏ ڏنل هئا. ’ارئمس‘ سان ته 16 صدي عيسويءَ جي هڪ عظيم مفڪر ۽ آزاد خيال شخص جي حيثيت ۾ اڳي ئي واقف هوس؛ اِنهيءَ ڪري اُن کي ڇڏي، اُن جلد جي ٻئي ڪتاب The Right To Heresy جا پنا ورائڻ لڳس، پنج منٽ اُن کي پڙهڻ سان ڏاڍي اُن جي ڳالهه وڻي، ۽ ڀاءُ سرڪيءَ کان منٿ ڪري ڪتاب پاڻ سان کڻي حيدرآباد آيس. ڪجهه واٽ تي پڙهيم ۽ باقي گهر پهچڻ سان لڳاتار پڙهي پورو ڪيم. جيئن جيئن پڙهندو ويس تيئن تيئن دل جو اڌمو پختو ٿيندو ويو ته اُن جي چڱائيءَ کي پنهنجي همزبان هزارن ساٿين، دوستن ، ڀائرن ۽ ڀيڻن سان ضرور ونڊڻ گهرجي ۽ اُن جي روح افزا فڪر کي اُنهن پنهنجن دل گهرين قوم ڀايُن جي آڏو ضرور رکجي ته جيئن اُن مان مون کي ساءُ مليو آهي، تيئن هو به خوش ٿين ۽ اُن مان لاڀُ وٺن. دل جي انهيءَ ڪيفيت ۾ هن ترجمي جي مسودي کي تقريباً ٻه مهينا مسودي جي اصلاح ۽ نقل تي لڳا ۽ ترجمو پريس لاءِ 25 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويو. ويجهن ٻن چئن دوستن کي پڙهايم- جن کي ڏاڍو وڻيو. بهرحال، هاڻي هيءُ ڪتاب پنهنجي مطبوعه صورت ۾ منهنجن لائق پڙهندڙن جي آڏو موجود آهي. اُهي ئي اُن کي پڙهي، اُن جي افاديت ۽ چڱائيءَ جو فيصلو ڪري سگهن ٿا ۽ اُن مان اُن پنهنجي فيصلي آهر ساءُ وٺي سگهن ٿا ۽ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.

هيءُ ڪتاب 16 صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي دين کي درپيش فرقيوار مسئلي (ڪئٿولڪ بمقابل پروٽيسٽنٽ) متعلق هٺ ڌرميءَ ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دلدوز سلسلي سان ڳنڍيل ٻن بي خوف ۽ باضمير مردان حق ۽ عظيم جانيون قربان ڪندڙ، مائيڪل سرويٽس ۽ سيباسٽِيان ڪاسٽيلو جي عظيم ۽ انتهائي قربانيءَ جو قصو آهي، جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري، دل ڀڄائيندڙ ۽ حڪيمانه انداز سان پيش ٿيل آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب جرمن ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، ۽ پهريائين آسٽريا ۾Castillo Gagen Calvin  جي نالي سان 1936ع ۾ شايع ٿيو هو: اُن جو انگريزي ترجمو به The Right To Heresy  انگلينڊ ۾ اُنهيءَ ئي سال شايع ٿيو، جنهن جو هڪڙو نئون ڇاپو لائق مصنف جي ڪل-جرمن تصنيفات جي انگريزي ترجمن جي اشاعتي رٿا ماتحت 1951ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اُن رٿا هيٺ شايع ٿيل سندس انگريزي ترجمن جي ڏهن جلدن جا نالا منهنجيءَ نظر مان گذري چڪا آهن. ممڪن آهي ته اُن رٿا هيٺ وڌيڪ جلد به شايع ٿيا هجن. اصل جرمن زبان ۾ ته هن جا اوترائي ٻيا ڪتاب به لکيل ۽ ڇپيل ٻڌجن ٿا. بهر حال اُنهن ڏهن انگريزي جلدن مان چار جلد پوءِ مون ڪنهن طرح هٿ ڪيا، جيڪي منهنجي مختصر لئبرريءَ ۾ موجود به آهن، ۽ انهن ۾ 448 صفحن جو هڪ جلد لائق مصنف جي ’آپ بيتيءِ‘ جو World of Yesterday  جي نالي سان پڻ آهي، جيڪو مون سڄو پڙهيو آهي. سچ پچ ته   انسان ذات ڪهڙا نه عجيب ۽ عظيم ماڻهو ٿي پيدا ڪري، ۽ هو زندگيءَ ۾  ڇا ڇا نه سهن ٿا  ۽ ڇا ڇا  نه ڪن ٿا! هيڏانهن اسين آهيون، جو ٿورڙي ڪا ڳالهه ٿا ڪريون ته ڦونڊ ۾ ڀرجيو، ڪنهن کي پاڻ  جهڙوسمجهڻ ئي ڇڏي ٿا ڏيون.

    اُنهيءَ ئي سندس ’آپ بيتيءَ‘ جي آخر ۾جڏهن ناشر جو آخري نوٽ پڙهيم ته اسٽيفن زويگ ۽ سندس زال ايلزيٿ شارلوٽ زويگ ٻنهي گڏجي، صلاح ڪري، پنهنجي وطن کان بيوطن، بزاريل ملڪ جي پيٽرو پوليس شهر ۾ فيبروري 23، 1942ع ۾ پنهنجن هٿن سان پاڻ پنهنجو انت آندو، تڏهن ڏاڍو  ڏک ٿيم، ۽ روئي ويٺس، ۽ ڪي ڏينهن ڪوٺيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪري ويهي رهيس – ايئن سمجهيم ڄڻ پنهنجو ڪو عمر جو اَمل يار وڇڙي ويو هوم ڏاڍيءَ ڪنهن ترتيب ۽ اٽڪل سان دل کي پرڀائي وري پاڻ ڀرو ٿي، اڻاسي من کي دنيا جي ڪمن ڪارين سان رَلائي ۽ رَهنت ڪري سگهيس.

هيءُ ڪتاب آءٌ پنهنجن عزيز پڙهندڙن کي پنهنجي پاٻوهه ۽ پيار جي پورهئي جو ثمر ڪري پيش ٿو ڪريان. اميد آهي ته هو، اسان جي موجوده حالتن ۾ جڏهن، سرشتن جي نفاد جا اُهڙا ئي سانباها ٿي رهيا آهن، جهڙا سورهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سرويٽس ۽ ڪاسٽيلو ۽ هزارن ۽ لکن ٻين اهڙن گمنام شهيدن کي ڏسڻا ۽ سهڻا پيا هئا، هن ڪتاب ۾ پيش ٿيل ڳالهين، خيالن ۽ راين جي روشنيءَ ۾ پنهنجن خيالن ۽ راين جي تشڪيل ڪندا ۽ پنهنجي عمل ۽ رد عمل جي رخ جو تعين ڪندا.

 

حيدرآباد سنڌ

3-6 1977ع

محمد ابراهيم جويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org