باب پنجون
سرويٽس جو خون
قيد مان ڀڄي نڪرڻ کان پوءِ، ڪيترائي مهينا سرويٽس
ڪٿي ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو. اهي ڏينهن هن ڪٿي گذاريا
ڪيئن گذاريا، تنهن جو پتو شايد اسان کي ڪڏهن به نه
پئجي سگهي. ظاهر آهي، ته هن جا اُهي ڏينهن ڏاڍا
ڏکيا گذريا هوندا. هو ايئن هو جيئن پڃري مان نڪتل
پکي، جنهن جي ڦاسائڻ لاءِ هيٺ چوڌاري ماري ڄار
وڇايو ويٺا هجن. مٿي اُڏامي اُڏامي پرڙا سٽي سٽي
نيٺ هو لٿو ۽ سڌو وڃي ڄار ۾ ڦاٿو. بلڪ ايئن چئجي،
ته ڄار ۽ ماري ٻيئي هُن پاڻ پنهنجي پسند جا ڳولي
هٿ ڪيا، ۽ لٿو عين اُنهيءَ ڄار تي، ۽ ڦاٿو عين
اُنهيءَ ماري وٽ، يعني جينيوا ۾ پنهنجي جاني دشمن
سنگدل آمر مير واعظ ڪال ون وٽ. آگسٽ مهيني ۾هڪ
ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، الائي ڪٿان هو هڪڙي مرضيل
گهوڙي تي چڙهي، جيڪو هُن ڪٿي ڀاڙي تي هٿ ڪيو هو،
جينيوا ۾ ’روزامي‘ نالي مهمان سراءِ ۾ اچي لٿو. هن
ڇو ايئن ڪيو، اهوبه هُن جي زندگيءَ جي رازن مان هڪ
رازآهي. جيڪو اسين شايد ڪڏهن به نه سمجهي سگهون،
ممڪن آهي ته هن اُتي فقط رات گذارڻ چاهي هجي ۽ ٻئي
ڏينهن ڍنڍ اُڪري، ڪنهن ٻئي هنڌ ڀڄي وڃڻ جي مرضي
هيس، يا شايد خط و ڪتابت کي بيڪار ڏسي، هُن ڪال ون
سان روبرو گفتگو ڪرڻ گهري هجي، ته جيئن هن کي پاڻ
ڏانهن ڪجهه نرم ڪري سگهي، ايئن به ممڪن آهي ته هُن
جو ايئن ٻيا سڀ پاسا ڇڏي، جينيوا جو ئي رخ ورتو،
سو اِن ڪري جو هو پنهنجي پوري هوش ۾ نه هو، جيئن
اڪثر اهڙين مجبورين ۽ بيوسيءَ جي حالتن ۾ ٿيندو
آهي ۽ ماڻهو ٺلهي دل ٻڌي باهه ۾ٽپي پوندا آهن،
ڪيئن چئجي ته ڇا هو، ۽ ايئن ڇو ٿيو جينيوا ۾سرويٽس
جي سلسلي ۾ پوءِ ڪجهه ٿيو، اُن جا سڀ تفصيلي رڪارڊ
موجود آهن، پر اُنهن مان ڪنهن هڪ رپورٽ ۾ به اها
ڳالهه ڄاڻايل نه آهي، ته هو آخر ڇو ٻيا سڀ هنڌ
ڇڏي، عين اُنهي هنڌ آيو، جتي سندس دشمن ڪال ون اڳي
ئي سندس تاڙ ۾ ويٺو هو.
پر در در ڀٽڪندڙ هن دکي انسان اڃا ئي ٻي هڪڙي
ڳالهه ڪئي، جيڪا اُن کان به وڌيڪ حيرتناڪ هئي.
جيئن هو، اُتي پهتو، تيئن هو شهر جي مرڪزي ديول ۾
لنگهي ويو، جتي ڪال ويني جماعتيا اڳي ئي گڏ ٿيا
ويٺا هئا ۽ ڪال ون اُنهيءَ جي اڳيان واعظ ڪرڻ وارو
هو. اُهو آخري آچر جو ڏينهن ۽ تاريخ 13 آگسٽ 1553ع
جي صبح جو وقت هو، اُن موقعي تي اُتي ٻيو ڪو ماڻهو
نه ته ڪال ون پاڻ ته پڪ ئي پڪ کيس سڃاڻي ٿي سگهيو.
ڇاڪاڻ ته هو ٻئي ڪافي وقت اڳ پئرس ۾گڏ هڪ ئي ڪاليج
۾پڙهيا هئا. اهڙي اُٻهري ۽ ڪوتاهه انديش عمل جو
ٻيو ڪو به سبب، ٻي ڪا به سمجهاڻي نه ٿي ٿي سگهي،
سواءِ هڪ جي يعني هيءَ ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جي
کٽي هن کي کڻي، آڻي اُنهي جاءِ تي ۽ عين اُنهي
گهڙي اتي ڇڏيندي آهي، جتي عزرائيل اڳي ئي هن جي
انتظار ۾ ويٺو هوندو آهي، جيئن مک کي موت کڻندو
آهي، ته ڪوريئڙي جي ڄار ۾ وڃي ڪرندي آهي.
جنهن شهر جا سڀ ماڻهو هونئن ئي هڪٻئي تي جاسوسي
ڪرڻ ۾ مصروف هجن، اُتي نئين آيل ڪنهن ماڻهوءَ تي،
لازميءَ طرح سڀني جون اکيون کتل رهنديون آهن. پوءِ
جو ڪجهه ٿيو اُهو به ايئن ئي ٿيڻو هو، ڪال ون
ڪيڏيءَ مهل پنهنجي خاموش بندگي گذار رڍن جي ڌڻ ۾
هن خونخوار بگهڙ کي بيٺل ڏسي ورتو، ۽ چپ چاپ
پنهنجن سپاهين کي ڪارروائي ڪرڻ جو اشارو ڪري
ڇڏيائين. سرويٽس جيئن ئي ديول مان جماعيتين سان گڏ
ٻاهر نڪتو، تيئن کڻي گرفتار ڪيائونس. جينيوا ۾ هن
کي پهتي پورو ڪلاڪ به ڪونه ٿيو هو ته هو زنجيرن ۾
ٻڌجي قابو ٿي ويو. هيءَ گرفتاري نه رڳو عالمي طور
قبول ٿيل، مهمان نوازيءَ جي دستور جي خلاف هئي پر
خود ٻين بين الاقوامي قانونن جي پڻ خلاف هئي.
سرويٽس جينيوا جي رياست جو نه شهري هو ۽ نه هن تي
اُتان جو ڪو قانون لاڳو ٿيو ٿي، سواءِ اُن حالت
جي، جو هو اُتي پهچڻ کان پوءِ اُتان جي قانون جي
ڪا ڀڃڪڙي ڪري هو هڪ پرديسي شخص هو، اسپين جو
رهواسي هو، جنهن مس اڃا جينيوا ۾ پير پاتو هو، ۽
اهڙو ڪو ڏوهه ئي ڪونه ڪيو هئيائين، جنهن مان هُن
جي گرفتاريءَ جو سبب پيدا ٿيو هجي. هُن جا ڪتاب
جينيوا جي سرحد کان ٻاهر لکيا ۽ ڇاپيا ويا هئا ۽
اُنهن ۾پيش ڪيل سندس آزاد خيالن جي رد ۾ اڃا
جينيوا جو مؤمن متقي اچي ڪونه سگهيو هو، تنهن کان
سواءِ هڪڙي ’ڪلام خداونديءِ جي واعظ‘ سڳوري کي
اِهو حق ڪونه هو ته هو ڪنهن ماڻهوءَ جي گرفتاري جو
حڪم ڏئي، توڻي جو هُن تي نه ڪنهن جي طرفان ڪو
الزام لڳو هجي ۽ نه ڪنهن قسم جو ڪو ڪيس ِ هليو
هجي، محض ڇڙواڳ آمرانه طاقت جي وحشي استعمال جو هڪ
مثال هئي، ۽ اُن کان پوءِ جيڪو مٿس ناحق ڪيس هلايو
ويو، اُن جي حيثيت هُن جي قتل لاءِ هڪ هٿرادو
رچايل ناٽڪ کان هرگز مٿي ڪو نه هئي.
سرويٽس کي بي ڏوهو گرفتار ڪيو ويو، ۽ بي ڏوهو جيل
۾ وڌو ويو اُن صورت ۾ پوءِ ضرور هن جي خلاف ڪو نه
ڪو الزام گهڙڻو ئي هو، ڳالهه جي منطق جي تقاضا ته
اها ئي ٿي سگهي ٿي، ته جنهن شخص جي چوڻ تي هُن جي
گرفتاري عمل ۾ آئي هئي. ”منهنجي ڪوشش سان.“ اهي
ڪال ون جا پنهنجا لفظ آهن، اُهو شخص اڳتي وڌي
سرويٽس تي فريادي بڻجي ها، پر جينيوا جا قانون ان
سلسلي ۾ ڪجهه اهڙا سخت هئا، جو ڪال ون کي اِها همٿ
ڪانه ٿي، اُنهن مطابق هيئن ٿيڻو هو ته جيڪو به
شهري ڪنهن ٻئي شهريءَ تي ڪو الزام هڻي ته اُهو
پاڻ به ملزم سان گڏ گرفتار ٿئي ۽ جيل ۾ پوي، تان
جو هو اِهو ثابت ڪري، ته ملزم تي سندس الزام
بنيادي طور سچو هو، اُن قانون هيٺ جيڪڏهن ڪال ون
پاڻ سرويٽس تي فريادي ٿي ٿيو، ته کيس به پنهنجو
پاڻ عدالت جي حوالي ڪرڻو ٿي پيو. جينيوا جي هن
تقدس ماب ديني آمر لاءِ هيءَ صورتحال قابل قبول نه
هئي، جيڪڏهن شهري ڪائونسل جي اڳيان اتفاق سان
سرويٽس بي ڏوهي ثابت ٿي وڃي ۽ خود مٿس ڪوڙي الزام
جي ڏوهه ۾ قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ته اُن ۾ته هن جي
پت ڌوپجي وڃِي ها ۽ اها ڳالهه ته واقعي هن لاءِ
موت جي برابر ٿئي ها. اِنهيءَ ڪري ڪال ون حڪمت
عملي کان ڪم وٺندي، پنهنجي هڪڙي ’سيڪريٽري‘ کي
جيڪو سچ پچ سندس بورچي هو، اُن ڪم لاءِ تيار ڪيو ۽
ايئن نڪولس ڊي لا فانٽين نالي هڪڙو اڌ پڙهيل
ماڻهو، سرويٽس تي فريادي بنجي اڳيان آيو، ۽ 23
نڪتن جو فرياد نامو (جيڪو دراصل ڪال ون ئي مرتب
ڪيو هو) عدالت اڳيان پيش ڪري، جينيوا جي اُن سخت
عدالتي قانون هيٺ، چپ چاپ پنهنجي آقا جي عيوض،
پنهنجي اُن فرياد جي ضمانت طور جيل ۾ هليو ويو هن
سلسلي ۾ آخر جيڪو هولناڪ سانحو رونما ٿيڻو هو، اُن
جي شروعاتي چهچٽي جي ابتدا، انهي کل جهڙي پر ساڳئي
وقت شرمناڪ واقعي سان عمل ۾ آئي هئي. بهرحال ڳالهه
کي ظاهري طور ايئن قانوني صورت ڏني ويئي. سرويٽس
کان ابتدائي پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ۽ سڄو فرد جرم کيس
ڏاڍيان پڙهي ٻڌايو ويو، هن تي جيڪي به الزام هنيا
پئي ويا، اُنهن جا هو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ۽ ڏاڍي سياڻپ
وارا جواب ڏيندو رهيو. ڇاڪاڻ ته اڃا طويل مدت جي
قيد هن جي ذهني قوت کي ڪو لوڏو ڪونه رسايو هو.
الزامن جي هڪ هڪ نقطي جي بچاءَ ۾ هن پنهنجا خيال
پيش ڪيا. مثلاً هن تي هڪڙو الزام هو، ته هن پنهنجي
تصنيفن ۾ ڪال ون تي حملا ڪيا هئا، اُن جي جواب ۾
هُن چيو ته اها ڳالهه ايئن ڪانه هئي، ۽ هُن پاڻ ته
فقط بچاءَ ۾ ڪجهه لکيو هو ۽ چيو هو، ته ڪال ون مٿس
الزام ٿي رکيو، ته هو پنهنجن ڪن راين تي ڳنڍ ٻڌي
ٿي بيٺو، ته اُهو ساڳيو هُن ڦيرائي ڪال ون تي
هنيو، ته انهن ڳالهين ۾ هو پاڻ گهٽ ضدي ڪونه هو.
هن جو چوڻ هو، ته سندس ۽ ڪال ون جي وچ ۾، راين
جواختلاف فقط ڪن ديني مسئلن جي سلسلي ۾ هو، ۽ اُن
سان شهري ڪائونسل جي دنيوي (سرڪاري) عدالت جو ڪو
واسطو ڪو نه هو، پر اُن هوندي به، جيڪڏهن ڪال ون
کيس گرفتار ڪرايو هو، ته اُهو فقط ايترو، پر
پروٽيسٽنٽ فرقي جي اڳواڻ ته هن کي پنهنجي مخالف
ڪئٿولڪ جي پاپائي ’مقدس ديني عدالت‘ جي حوالي
ڪرائي ڇڏيو هو ۽ جيڪڏهن اُتي به سندس وس پڄي ها،
ته گهڻا ڏينهن هو (سرويٽس ) جيئري سڙي ختم به ٿي
وڃي ها.
سرويٽس جي انهيءَ موقف جي قانوني ۽ منطقي حيثيت
ايتري ته لاجواب هئي، جو ڪائونسل جو عام رخ هُن جي
فائدي ۾معلوم ٿي رهيو هو، ۽ ايئن ممڪن پئي نظر
آيو، ته اُها پنهنجي فيصلي ۾رڳو هُن کي شهر
نيڪاليءَ جو حڪم ڏئي ۽ وڌيڪ هُن لاءِ ٻي ڪنهن به
سزا جي ڳالهه ئي نه اُٿي؛ پر ڪال ون کي اُن
صورتحال جي کڙڪ پئجي ويئي ۽ هن کي اچي ڳڻتي ورتو،
ته ڪٿي سندس شڪار مرڳو چنبي مان نڪري نه وڃي، انهي
غصي ۽ ضد ۾ آيل، هن ’مسيحي تقويٰ‘ جي دعويدار آمر
ڇا ڪيو جو 17 آگسٽ تي، پنهنجو سڄو غير جانبداريءَ
جو ڍونگ هڪ پاسي رکي، پاڻ پنهنجي سر وڃي، شهري
ڪائونسل جي اڳيان بيٺو ۽ اُن کي گذارش ڪيائين ته
اڳتي هن کي سڄي ڪيس ۾ پاڻ ڪورٽ ۾ حاضر رهڻ جي موڪل
ڏني وڃي، ته جيئن، ”جوابدار کي سندس غلطين جو پورو
احساس ڏياري سگهجي،“ اُن مان ڪال ون جي نيت سنئين
سڌي هيءَ هئي، ته سڄي ڪيس ۾، هو پنهنجي اثر ۽ رسوخ
سان ڳالهه کي اُتي آڻي بيهاري، جيئن سندس شڪار
ڪنهن به صورت ۾ بچي نه وڃي.
بس اهڙيءَ طرح هر عدالتي ۽ قانوني اصول کي پري
اڇلائيندي، جنهن گهڙِي ڪال ون پاڻ کي سرويٽس ۽
سندس ججن جي وچ ۾ ٽنبي آڻي بيهاريو، اُنهي ئي گهڙي
سرويٽس جي ڪيس جو خاتمو ٿيو. ڪال ون هڪ تربيت ورتل
منطقي ۽ قانون دان شخص هو ۽ ڪيس جي پيروي ڪرڻ ۾
پنهنجي نوڪر نڪولس ڊي لا فانٽين کان هر طرح وڌيڪ
هوشيار ۽ قابل هو، سرويٽس عدالت ۾ ڊي لا فانٽين
عيوض هن کي پنهنجي پيروي ڪندي سامهون ڏسندي
گهٻرائجي ويو. هُن جڏهن ڏٺو، ته سندس جاني دشمن
ڪال ون سندس ججن سان گڏ بيٺو آهي ۽ ڏاڍي ٿڌائي ۽
سختيءَ سان کانئس سوالن مٿان سوال پڇي رهيو آهي ۽
ساڳئي وقت منهن تي غير جذباتي رنگ جو غلاف به پوري
طرح اوڍيو ويٺو آهي، تڏهن هن جي خود اعتمادي، هيڪر
ته پاڙن سوڌي ڌڏي ويئي. افسوس هيءُ بنهه ويچارو ۽
بيواه ماڻهو، هن بي ترس ۽ خوفناڪ صورتحال ۾ ذري
گهٽ ڊهي پيو ۽ هڪدم زود رنجيءَ، جذباتيت، تلخ
نوائي ۽ نراسائيءَ جو شڪار بنجي ويو. پنهنجي مضبوط
قانوني موقف تي قائم رهڻ بدران، ته هو هڪ پرڏيهي
مسافر هو ۽ جيستائين هن جينيوا جي شهري رياست جو
ڪو قانون ڪو نه ڀڳو هو، تيسين هُن تي جينيوا جو ڪو
سرڪاري اختياري لاڳو ڪو نه ٿي ٿيو، هو ڪال ون جي
عيارانه چال ۾ ڦاسي پيو ۽ هُن جي پُر فريب شرعي ۽
فقهي سوالن جا جواب ڏيندي ڏيندي، هُن سان خالص
ديني مناظري بازيءَ جي ڄار ۾ اڙجي پيو ۽ ايئن اڻ
ڄاڻائي ۾ پنهنجي مٿان ڪفر ۽ الحاد جي الزام جو
ڪافي جواز پاڻ پنهنجن دنيوي ججن کي پيدا ڪري
ڏنائين. مثلاً هن جو رڳو هڪڙو خيال، ته ”شيطان به
خداوند قدوس جي وجود پاڪ جو هڪ حصو هو.“ ڪائونسل
جي ميمبرن جي ايماني صدمي لاءِ ڪافي هو. جيڪي
ويچارا سڀ مسيحي مؤمن متقي شخص هئا يا ڪم از ڪم
هنن پاڻ کي پوري اعتماد سان ايئن سمجهيو ٿي. ڪورٽ
جي اڳيان دينيات جي موضوع تي هن قسم جي گرما گرم
بحث ڇڙڻ جو هڪ فائدو سو هيءُ ٿيو، ته سرويٽس جي
گهٻراهٽ دور ٿي ويئي ۽ هن جي فلسفيانه خوديءَ کي
جو ايئن للڪاريو ويو، تنهن هن جي ذهن جا پردا کولي
ڇڏيا ۽ پوري اعتماد ۽ هوشمنديءَ سان هو اُن بحث جي
جزئيات ۽ هرپهلوءَ جي تفصيلات ۾ پنهنجي خيالن ۽
راين جو اظهار ڪرڻ لڳو، بحث جي هن پرجوش روانيءَ ۾
افسوس، سرويٽس کان هيءَ حقيقت وسري ويئي، ته سندس
جج حضرات دينيات جي علم جا ايترا شناس نه هئا ۽ هو
اُنهن ڳالهين ۾ سندس ايتري آزدانه گفتگو ٻڌي هن
بابت واقعي حيرت ۾ پئجي ويا ۽ شڪ ڪرڻ لڳا، ته ڪال
ون جي الزام ۾ مڄاڻ ڪو وڏو سچ لڪل هو. ڳالهه کي
وڌيڪ ڦولهڻ کان اڳ ڪورٽ سڳوري، وچ ۾ فيصلو ڏنو
ته سرويٽس جي گرفتاري ۽ مٿس لڳايل الزامن لاءِ
ڪافي جواز موجود هو. انهيءَ ڪري سندس فريادي نڪولس
ڊي لافانٽين کي آزاد ڪيو وڃي، هن مهم جي ان پهرين
ڪاميابيءَ تي ڪال ون ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي هڪ
دوست کي ان جو احوال ڏيندي لکي موڪليائين ته: ”مون
کي هاڻي اميد آهي، ته هن منحوس کي موت جي سزا
ملندي.“
ڪال ون ڪيس جي اهڙي فتويٰ جو خواهش مند ڇو هو؟ ڇو
ٿي هن چاهيو، ته سرويٽس کي موت جي سزا ملي، ڇوته
ان کان گهٽ ٻي ڪا سزا هن کي قبول نه هئي. شهر
نيڪالي يا ٻئي ڪنهن اهڙي قسم جي بي عزتي وغيره جي
سزا؟ هن سرويٽس کي به ايترو ئي ڌڪاريو ٿي، جيترو
ڪاسٽيلو کي يا ٻئي هر اهڙي شخص کي جنهن مسيحيت جي
تبليغ عين اُن طريقي سان نه ٿي ڪئي، جنهن طريقي
سان هُن پاڻ ڪئي ٿي. اُهو هن لاءِ ڄڻ ته اک جو
ڪنڊو هو، ظلم ۽ ڏاڍ ڏانهن مائل طبيعت رکندڙ
ماڻهوءَ لاءِ سڀ ڪو خود خيال ماڻهو ايئن اک جو
ڪنڊو هوندو آهي. پر خاص سرويٽس جي حالت ۾ڪال ون
موت جي سزا لاءِ ايترو خواهشمند ڇو هو؟ اُن جو
جواب هيءُ آهي، ته خاص هن موقعي تي هن معاملي ۾ڪال
ون جا ارادا ذاتي نوعيت جا نه هئا، ڪي ٿورا ئي
ڏينهن ٿيا هئا، جو ڪال ون جي ڪٽرپڻي جو هڪڙو ٻيو
باغي حڪيم، هيرونيمس بالسيڪ جيڪو ڪنهن وقت مسيحي
راهب به ٿي رهيو هو ۽ جنهن تي پڻ هن ساڳيءَ جينيوا
جي شهري ڪائونسل وٽ ڪفر ۽ الحاد جي الزام هيٺ
فرياد داخل ڪرايو ويو هو. اُهو اَڇين ڪَڇين اُن
الزام کان بچي ويو هو. بالسيڪ جيڪو جينيوا جي اٽڪل
سڀني نامور شهرين جو خانداني طبيب هو ۽ اُنهن وٽ
ڏاڍو پيارو ۽ مقبول به هو. اُن ڪال ون جي عقائدي
تعليم جي ڪمزور کان ڪمزور نقطي، يعني تقدير بابت
هن جي عقيدي تي حملوڪيو هو. کانئس اڳ هڪڙي ٻئي
آزاد خيال مفڪر ارئمس پڻ وڏي پروٽيسٽنٽ اصلاحي
اڳواڻ ليوٿر جي ساڳئي عقيدي تي اهڙو ئي اعتراض ڪيو
هو، ملحد بالسيڪ دليل اٿاريو هو ته اِهو هر گز
ممڪن نه هو، ته خداوند تعاليٰ جيڪو پاڻ مطلق نيڪي
هو، سو ڪنهن به صورت ۾ انسانن کي ڄاڻي واڻي ۽
ارداتاً برائي ڏانهن مائل يا مجبور ڪري سگهيو ٿي.
ليوٿر به ارئمس تي ڪاوڙجي باهه ٿي ويو هو ۽ خوب
هُن کي گاريون ڏنيون هئائين، پر هُن کي گهلي ڪنهن
سرڪاري ڪورٽ ۾ رجوع ڪونه ڪرايو هئائين، ڪال ون
جنهن کي پنهنجي ڄاڻ جي سچائيءَ تي گهمنڊ هو ۽
پنهنجي اُن ڄاڻ جي هر مخالف کي هن ڪافر ۽ ملحد ٿي
سمجهيو، بالسيڪ کي ديني قسم جي دليلن سان قائل ڪرڻ
جي ڪوشش بدران، هڪدم جهلائي جيل ۾ وجهائي ڇڏيو.
جينيوا ۾ تمام گهڻا اهڙا هئا، جيڪي هيرونيمس
بالسيڪ کي سڃاڻندا هئا، ۽ هن کي هڪ نيڪ ۽ خدا ترس
شخص سمجهندا هئا. جيئن ڪجهه عرصو اڳي، ڪاسٽيلو جي
حالت ۾ تيئن هاڻي به ڪال ون جي روش مان عام ماڻهن
۾ اهو شڪ جاڳي پيو، ته هن بالسيڪ کي پنهنجو ذاتي
رقيب ٿي سمجهيو، ۽ اِنهيءَ ڪري هن مان جند ڇڏائڻ
ٿي گهريائين ته ته جيئن آئيندي هو بي اونائيءَ سان
جينيوا ۾ حڪمراني هلائي سگهي. بالسيڪ جيل مان
پنهنجي بچاءَ ۾ هڪ مضمون لکي، لڪ چوري پنهنجي ڪنهن
دوست کي ٻاهر موڪلي ڏنو، ۽ اُن مضمون جا پوءِ
بيشمار نقل ٿي، شهر جي ماڻهن کي هٿؤن هٿ پهچڻ
لڳا. ڪال ون گهڻو ئي شهري ڪائونسل تي دٻاءُ رکيو،
پر اُها بالسيڪ تي ڪفر جي ڏوهه جي سزا ٻڌڻ کان
ڪيٻائيندي رهي نيٺ اُن ڏکئي فيصلي کان بچڻ خاطر
ڪائونسل اعلان ڪيو، ته هنن پاڻ کي اهڙن ديني مسئلن
جي فيصلي ڪرڻ جو اهل نه ٿي سمجهيو ۽ اُهو ڪم سندن
اختيار جي دائري کان پڻ ٻاهر هو، ساڳئي وقت هنن
فيصلو ڪيو، ته اُن مشڪل سوال جي حل واسطي کين
سئٽرزلينڊ جي ٻين اصلاحي ڪليسائن جي راين جي به
ضرورت هئي. ڪائونسل جو هيءُ فيصلو، بالسيڪ جي
نجات جو وسيلو ثابت ٿيو. ملڪ جي زيورچ. برن ۽
باسيل جي اصلاحي ڪليسائن جن جينيوا ۾ پنهنجي اُرهه
زورائي ۽ هٺ ڌرم ساٿيءَ کي ڪنهن طرح نيچو نمائڻ
به گهريو ٿي، اتفاق راءِ سان فيصلو ڏنو، ته تقدير
جي مسئلي متعلق بالسيڪ جي خيالن کي ڪفر يا الحاد
نه ٿو سڏي سگهجي، اُن کان پوءِ شهري ڪائونسل
جوابدار کي ڇڏي ڏنو. ڪال ون جو هيءُ شڪار ايئن
صاف بچي ويو، ڪال ون کي خوش رکڻ لاءِ ميونسيپل
اختياريءَ وارن بالسيڪ تي شهر نيڪاليءَ جو حڪم
ناموجاري ڪيو ۽ هو شهر ڇڏي ڪال ون جي ڄار مان
نڪري ڀڄي ويو.
ڪال ون جي هن ايڏيءَ ناڪاميءَ سبب جينيوا ۾ هن جي
ديني اختيار اعليٰ کي ڪافي ڌڪ رسيو هو، ان جو
پورائو فقط ايئن ٿي سگهيو ٿي، جو بالسيڪ کان به
وڏي ملحد ۽ ڪافر جو وڏي طمطراق سان ترت خاتمو عمل
۾ آندو وڃي، ۽ سرويٽس جي حالت ۾ ڪال ون جي
ڪاميابيءَ جا امڪان به وڌيڪ صاف ۽ قوي هئا، هڪ ته
سرويٽس پرديسي هو ۽ بالسيڪ يا اُن کان اڳ ڪاسٽيلو
وانگر شهر ۾، هن جا گهڻا دوست، پوئلڳ يا مددگار
ڪونه هئا، ٻيو اصلاحي ڪليسا جا عامل ۽ عهديدار،
پادري ۽ واعظ ملڪان ملڪ ڪيترن سالن کان تثليث جي
عقيدي خلاف، هن جا گستاخ خيال ۽ رايا ٻڌي ٻڌي ۽
ديني معاملن ۾ هن جون ٻيون باغيانه ڳالهيون ڏسي
ڏسي، هونئن ئي ڪافي هن کان بدظن ٿيل هئا. ههڙو بي
واهو، پرڏيهي جنهن جي ڪا پٺ نه هجي، هن سلسلي ۾
آسانيءَ سان قربانيءَ جو ٻڪرو بڻجي سگهيو ٿي،
انهيءَ ڪري شروع کان ئي سرويٽس جو ڪيس ڪال ون لاءِ
هڪ خاص سياسي نوعيت جو ڪيس هو، هڪ اهڙو ڪيس جنهن
تي جينيوا ۾ ڪال ون جي حڪمرانيءَ جي سوال جو
دارومدار هو. هڪ اهڙيءَ ڪشمڪش جو سوال، جنهن تي ئي
انهيءَ ڳالهه جو مدار هو، ته ڪال ون پنهنجي روحاني
آمريت جي مرضي عمل ۾ آڻي ٿي سگهيو يا نه، جيڪڏهن
ڪال ون کي سرويٽس کان رڳو جند ڇڏائڻي هجي ها، ان
حيثيت ۾ جو هو سندس ذاتي ديني مخالف هو، ته ايئن
ته هو آسانيءَ سان ڪري سگهيو ٿي، ڇو ته جينيوا ۾
سرويٽس جي خلاف ڪيس جي ڪارروائي اڃا شروع ئي مس ٿي
هئي، ته فرانس جي عدالتي اختيار وارن جا ايلچي
اُتي اچي پهتا هئا، ته پناهگير سرويٽس کي سندن
حوالي ڪيو وڃي، جو اُتي وائين شهر ۾ هن کي ڦاسيءَ
جي سزا اڳي ئي ملي چڪي هئي ۽ هن لاءِ ڦاسيءَ جو
گهاٽ اُتي تيار ٿيو بيٺو هو، ڪال ون لاءِ اهو هڪ
بهترين موقعو هو، جو پنهنجي فراخدليءَ جو مظاهرو
به ڪري سگهي ها ۽ پنهنجي نالائق مخالف کان جان به
ڇُٽي پويس ها، جينيوا جي شهري ڪائونسل کي به، فقط
قيديءَ جي منتقلي منظور ڪرڻي هئي ۽ ايئن ڪرڻ سان
اها سرويٽس جي هن آزاد فڪر ۽ اعليٰ انسان جي ناحق
خون جو ڏوهه دائمي طرح مٿس مڙهجي ويو آهي، اهو
قابل نفرت ڪارنهن جو داغ ڦري، ڪئٿولڪ ديني عدالت
جي منهن تي ملجي وڃي ها، پر ڪال ون سرويٽس جي اُن
منتقليءَ جي مخالفت ڪئي، هن لاءِ سرويٽس ڪو شخص نه
پر هڪ نشان هو، هُن جي ڪٽرپڻي جي مخالفت جو نشان،
جيڪو هن کي ڊاهڻو هو ۽ هُن جي عقائدي همه دانيءَ
جي باطل هجڻ جي هڪ علامت جيڪا هن کي مٽائڻي هئي،
بهرحال فرينچ ايلچين کي هٿين خالي واپس ڪيو ويو،
هن خودپسنديءَ جي هٺ ۾ ورتل، پروٽيسٽنٽ آمر چاهيو
ٿي، ته هيءُ ڪيس سندس پنهنجي اختيار جي دائري اندر
هلي ۽ فيصلو ٿئي، ته جيئن هر ڪنهن کي خبر پوي، ته
اعليٰ حضرت مولانا ڪال ون سان اختلاف ڪرڻ ڪو سولو
ڪو نه هو، بلڪ ڪنهن کي جي ڪجهه ڪرڻو هو، ته پهرين
هُن کي پنهنجي سر تان آهو پلي، پوءِ ڪرڻو هو.
جينيوا ۾ ڪال ون جي دوستن ۽ پڻ هن جي دشمنن ترت ئي
ڳالهه جي مصلحت کي سمجهي ورتو هو، سرويٽس جي ڪيس
کي ڪال ون دراصل پنهنجي طاقت ۽ اختيار لاءِ هڪ
آزمائش سمجهي رهيو هو، انهيءَ حالت ۾ فطرتي طور تي
هن جا دوست توڙي دشمن سڀيئي ان ڪوشش ۾ لڳا رهيا،
ته ڪنهن طرح هن کي انهيءَ سندس هٺ تان لاهين، جيڪي
ڪال ون جا دشمن يا مخالف هئا، انهن سرويٽس کي اهڙي
هڪ اَڏڙِي ٿي سمجهيو، جنهن جي استعمال سان، هو
شايد ڪال ون کي اُٿلائي پنهنجي جڳهه تان هٽائي
سگهيا ٿا، هنن کي ان ڳالهه جي پرواهه ڪانه هئي ته
ايئن ڪندي، سندن هٿن ۾ خود اها اَڏڙِي ڪٿي ٽڙڪي
ڀڄي نه پوي، منجهانئن جيڪي سرويٽس جا گهڻا همدرد
هئا، تن هن جي حمايت ۾ اهڙيون ڳالهيون ويٺي
هُلايون، جن کي ٻڌي، هو بنهه ديوانگيءَ جي حد
تائين خوشفهمين ۾ ڀرجي ويو ۽ ڪورٽ جي اڳيان پنهنجي
ڳالهين ۽ دعوائن ۾ ڪڏهن ڪڏهن خود ضابطگيءَ جي حدن
کان به لنگهي ويندو هو. ماڻهن کي ته رڳو هيءُ
گهريو هو، ته ڪنهن طرح ڪيس کي ڪيئن وڌ ۾ وڌ سنسني
خيز بڻايو وڃي. هُنن جو خيال هو ته ڪورٽ اڳيان
جيترو وڌيڪ ۽ جيتري جوش سان سرويٽس پنهنجي بچاءَ ۾
ڳالهائيندو ۽ دليل بازي ڪندو، اوترو وڌيڪ ڪال ون
بدنام ٿيندو ۽ هن جي اثر رسوخ کي ڌڪ رسندو.
در حقيقت سرويٽس کي ڀڙڪائڻ ۽ جوش ڏيارڻ جي ڪا
ضرورت ئي ڪانه هئي، هو اڳي ئي اعصابي طور گرم طبع
شخص هو ۽ ڪاوڙ وٺندي هيس ته بنهه وس کان نڪري
ويندو هو، تنهن کان پوءِ جو هيتري طويل مدت هو جيل
۾ رهيو، جتي کيس طرح طرح جا ايذاءَ ڏنا ويا ۽ مٿس
طرح طرح جون سختيون ڪيون ويون، انهن هن جي طبيعت
کي هيڪاري لوڏي وڌو هو ۽ ڪال ون کي اها پوري خبر
هئي، ته هن سان جيل ۾ ڪهڙي ’ٺيڪ‘ روش ورتي پئي ٿي
وئي، هفتن جا هفتا لاڳيتو هيءُ معصوم انسان هڪ سزا
يافته خونيءَ وانگر هٿڪڙين ۽ پيرڪڙين ۾ قابو هڪ
اونداهي، ٿڌي، گهميل سوڙهي بُهري ۾ اڪليو پيو
رهندو هو، هن جي ٺري ڳڱ ٿيل بت تي ڪپڙن جون ليڙون
پيون لڙڪنديون رهيون، ڪڏهن هن کي بدلائڻ لاءِ ڪو
بت جو ڪپڙو ڪونه ڏنو ويو، ضروري حاجتن پوري ڪرڻ
لاءِ کيس ڪا سهولت ڪانه هئي، ڪوبه سندس کيس ڪا
ٿوري کان ٿوري مدد ڪري نه ٿي سگهيو، بيحد لاچار هن
ڪائونسل کي مٿس انساني ڪهڪاءُ ڪرڻ جي گذارش ڪئي:
”مون کي مکيون پٽي رهيون آهن، منهنجي جُتي ڇڄي،
ٽڪر ٽڪر ٿي وئي آهي، پائڻ لاءِ ڪابه اڇي شيء مون
وٽ ڪانهي.“
هڪ موقعي تي جڏهن ڪائونسل سرويٽس جي حالت تي قياس
ڪري، کيس ٿوريءَ ڪنهن سهولت ڏيڻ جي خواهش ڏيکاري،
ته اهڙو ڪو مخفي هٿ چُريو (سمجهي سگهجي ٿو، ته اهو
ڪهڙو هٿ ٿي سگهيو ٿي، جنهن اشڪنجي کي وڌيڪ ڪشي تي
ڇڏيو)، جو ٻيهر اهڙي ڪا ڳالهه ڪائونسل جي دل ۾
پيدا ٿي ڪانه سگهي، حالت نيٺ اها وڃي بيٺي، جو
هيءُ آزاد ۽ حوصليمند مفڪر ۽ عالم شخص، پنهنجي اُن
اونداهي، بدبودار، مکين جي ڪٽڪن ڀريل بُهري ۾ ايئن
پيو رهيو ۽ حياتيءَ جا آخري دم ڳڻيندو رهيو، جڏهن
هو پنهنجي ڪرفتيءَ ۾ ذري گهٽ ٻوساٽجي رهيو هو، هن
ڪائونسل وٽ هڪ ڀيرو ٻيهر دانهن ڪئي: ” آءٌ اوهان
کي مسيح جي پيار جو قسم وجهي چوان ٿو، ته جو ڪجهه
اوهين ڪنهن اخلاقي مجرم کي يا ڪنهن مسيح دشمن غير
کي ڏئي سگهو ٿا، ان کان مون کي محروم نه ڪيو،
اوهان جو حڪم آهي، ته مون کي صاف سٿرو رکيو وڃي،
پر ان ڏس ۾ ڪجهه به نٿو ڪو وڃي، هيءَ ڪيڏي نه بي
ترسيءَ جي ڳالهه آهي، جو مون کي جسم جي ضروري
حاجتن پوري ڪرڻ جي به سهولت نه ٿي ڏني وڃي!“
وري به ڪجهه ڪونه ٿيو! ان کان پوءِ جڏهن هُنن کي
سندس ڍونڍ جهڙيءَ ڏر مان گهلي ڪورٽ ۾ آندو ويو،
تڏهن هو رنج ۽ ڪاوڙ ۾ بنهه ڦاٽي پيو زنجيرن ۾ ٻڌل،
ڌپ جهريون ٽڳڙيون اوڙهيل، هيءُ انسان ڪورٽ ۾ هيٺ
بيٺل هو، سندس سامهون جاني دشمن ڪال ون ججن سان گڏ
مٿي ويٺل هو، اڇو اُجرو، صاف ۽ کڙڪي دار سياهه
چوغو پهريل، ٿڌو ۽ شوخ نگاهه، ايئن پنهنجي شڪار تي
حملي ڪرڻ لاءِ تيار، جيئن ڪو ٿلهو متارو تازو
توانو ڪتو ڪنهن بکئي ۽ بيمار رسيءَ ۾ ٻڌل بيوس ٻلي
تي چڙهي وڃڻ لاءِ تيار هجي، اهو ڪال ون جنهن اُن
حالت ۾ سرويٽس سان ديني، روحاني ۽ فلسفيانه سوال
جواب ڪرڻ گهريا ٿي، ايئن جيئن هڪ عالم ٻئي عالم
سان يا جيئن رت چکيل ٻلو پنهنجي زخميل ڪُئي سان
راند ڪندو آهي، اهو ڪال ون جيڪو هُن کي ان حالت ۾
به اکيون ڏيکاري رهيو هو، ۽ مٽون ڦوڪي، خوني،
بدمعاش ۽ اشتهاري مجرم سڏي رهيو هو! هن صورتحال ۾
ڪنهن کي ڇو ڪا حيرت ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هو سندس
بنهه انفرادي ۽ ذاتي، بلڪ شخصي جنسياتي ڳالهين
بابت ذليل کان ذليل ۽ بدنيتيءَ سان ڀريل سوالن ۽
تهمتن جا جواب، رنج ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي، پنهنجي ڪٺور دل
۽ ايذاءَ پسند دشمن کي ايئن ڏئي، جنهن ۾ هو خود
ضابطگيءَ جي حدن کان نڪري وڃي ۽ علمي ۽ شائسته
گفتگوءَ جي بدران ماڻهو پنهنجي وس ۾ رهي نٿو سگهي،
هاڻي سندس دشمن کي جنهن جي هٿان هو اُن حالت کي
رسيو هو، کانئس گارين جا دس ٻڌڻا ئي هئا.
”ڇا، تون هڪ شيطان طبع ۽ فرعون صفت شخص نه آهين؟
ڇا توکي انڪار ڪرڻ جي جرئت آهي، ته تون هڪ خونخوار
درندو حيوان آهين؟ تنهنجن عملن مان آءٌ ثابت ڪندس
ته تون اهو ۽ اُن کان وڌيڪ ذليل ۽ ڪميڻو آهين، آءٌ
پاڻ- آءٌ ته پنهنجي حق جي ڳالهه تي ۽ اُن جي انصاف
تي يقين رکان ٿو ۽ موت کان هرگز ڪونه ٿو ڊڄان، پر
تون آهين جو اتي جو اتي مٿي ويهي ايئن ٿو چيخون
ڪرين، جيئن ڪو انڌو ماڻهو رڻ پٽ ۾ بيهي ڪندو آهي.
اهو سڀ توسان ان ڪري آهي- جو تنهنجي دل ۾ انتقام
جي باهه پئي ٻري، تون ڪوڙو آهين، تون ڪوڙو آهين،
ڇاڪاڻ ته تون جاهل، گلاخور، مڪار ۽ خسيس تهمت باز
آهين، جڏهن ڪنهن کي مارڻ لاءِ پٺيان پوين ٿو، ته
ڪاوڙ ۾ تنهنجي دل ٽهڪي ٿي، ڪاش، تون ماءُ جي پيٽ
مان ڄمين ئي نه ها ۽ مون کي هيئن تنهنجي مرونئپي
جون ڳالهيون نه ڪرڻيون پون ها!“
ڪاوڙ جي هن لهر ۾ غريب سرويٽس کان بلڪل وسري ويو،
ته هُن ۾ ڪابه طاقت ڪانه هئي ۽ هو بنهه بيوس ۽
ويچارو هو ۽ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيو، هن جو منهن
گجيءَ ۾ ڀرجي ٿي آيو ۽ هُن جا زنجير پئي کڙڪيا،
هُن ڪائونسل کان پنهنجن ججن کان گهر ڪئي، ته سندس
بدران هو ڪال ون کي سزا ڏين، جيڪو قانون شڪن هو ۽
جيڪو ظلم ۽ ظلم جي طاقت ۾ جينيوا جو غير محدود آمر
هو. ”هيءُ هڪ پليت جادوگر اٿوَ، اوهين رڳو هن کي
ڏوهي ثابت ڪري سزا ڏئي نه ڇڏيوس، پر هن کي شهر
نيڪالي ڏئي ڇڏيو ۽ هن جي ملڪيت عيوض ۾ مون کي
ڏياري ڇڏيو، ڇو ته آءُ پنهنجو سڀ ڪجهه رڳو انهيءَ
هڪڙي فريبي، ملعون ڪري وڃايو ويٺو آهيان.“
انهيءَ چوڻ جي ضرورت ڪانهي، ته ڪائونسل جا معزز
ميمبر سرويٽس جون اهي پنهنجي وزن کان نڪتل ڳالهيون
ٻڌي، تعجب ۾ وٺجي ويا، سندس سامهون هڪ ڳري هڏا تي
ويل، منهن ۾ سُڪي هيڊ ٿي ويل منجهيل ڏاڙهيءَ وارو،
ڳاڙهيون اکيون ڪڍيو، ٽٽل ڦٽل فرينچ ٻوليءَ ۾ سندن
مسيحي رهبر اعظم کي ايتريون ذليل گاريون ڏئي رهيو
هو، هنن ضرور ايئن سمجهيو هوندو، ته هن تي ڪو جن
جو پاڇو پيل هو ۽ اهو سڀ ڪجهه هو شيطان جي چوڻ تي
ئي بڪي رهيو هو، هنن جا خيال ۽ احساس روز بروز هن
جي اهڙين گٿل ڳالهين ٻڌڻ، ڏانهس ٿڌا نه بلڪ ڏمربا
سخت کان سخت ٿيندا ويا، در حقيقت ڪيس ختم ٿي چڪو
هو ۽ هاڻي رڳو جوابدار کي سزا ٻڌڻي هئي، پر ڪال ون
جي روپوش دشمن چاهيو ٿي، ته ڳالهه اڃا ڪجهه
اينگهيندي رهي ۽ هيءُ جينيوا جو آمر، سندن دشمن
پنهنجي سوڀ جي خوشيءَ کان ڪجهه وقت وڌيڪ محروم
رهي، ته چڱو. آخر ۾ اُنهن جيئن بالسيڪ جي ڪيس ۾
ڪيو هو، تيئن هن ڀيري پڻ سرويٽس کي بچائڻ خاطر اها
ڪوشش ڪئي، ته هن معاملي تي به سئٽزرلينڊ جي اصلاحي
ڪليسائن کان راءِ ورتي وڃي، کين اُميد هئي، ته ڪال
ون جو هيءُ نئون شڪار به اڳي وانگر سندس ظالمانه
ڪٽر هٿن مان ايئن ڇني ۽ ڇڏائي ويندو، جيئن اُن
ڀيري بالسيڪ کي هنن بچائي ورتو هو.
پر هن طرف ڪال ون کي به ان ڳالهه جو پورو احساس هو
ته سندس اختيار کي ڪافي ڌوڏو پهچي چڪو هو ۽ اهو
ڪنهن به وقت ڪري سگهيو ٿي. تنهن ڪري، هن ضروري ٿي
ڄاتو، ته هيءُ ٻيو ڀيرو کيس هن ڳالهه ۾ ڪنهن به
طرح هار کائڻي نه هئي، انهيءَ ڪري جيتر هن جو قيدي
جيل ۾ سڙي رهيو هو، تيتر هو خطن پٺيان خط ۽ ماڻهن
پٺيان ماڻهو زيورچ، باسيل، برن ۽ شافسين ڪليسائن
جي سربراهن ڏانهن موڪليندو رهيو، ته جيئن انهن جو
رايو ڪنهن به طرح سندس خلاف ظاهر نه ٿئي، هن سلسلي
۾ هن جي فائدي ۾ هڪڙي ٻي ڳالهه هئي، جا به ڪم ڪري
رهي هئي، ۽ اها هئي، خود سرويٽس جي پنهنجي شهرت،
هو سڄيءَ پروٽيسٽنٽ يورپ جي دنيا ۾ پنهنجي الحادي
راين ۽ ڳالهين ڪري مشهور هو، هر هنڌ هيءُ ’اسپيني
گستاخ‘ ديني اصلاح ۾ وڳوڙ وجهڻ وارو ۽ پنهنجي اُن
باغيانه حيثيت سبب ڌڪار ۽ دشمنيءَ لائق سمجهيو
ويندو هو، اُن جو نتيجو هيءُ نڪتو ته سئٽزرلنڊ جي
سڀني اصلاحي ڪليسائن اتفاق راءِ سان سرويٽس جي
خيالن ۽ راين کي گمراهه ۽ غلط سڏيندي، هن جي خلاف
ڪفر جي فتويٰ صادر ڪئي، جيتوڻيڪ منجهانئن ڪنهن هڪ
به هن لاءِ موت جي سزا تجويز ڪانه ڪئي، پر سڀني
گڏجي هن جي خلاف بهرحال سخت کان سخت قدم کڻڻ جي
سفارش ڪئي.
زيورچ مان لکجي آيو ته: ”ان ڳالهه جو فيصلو اوهان
جي عقل تي ڇڏيون ٿا، ته هن شخص کي جيڪا اوهان کي
سزا وڻي، سا ڏيو.“ برن مان جواب آيو، ته: ”جينيوا
جي ججن کي پنهنجي ڏاهپ ۽ اختيار جي حدن کان ڪم
وٺي، فيصلو ڪرڻ گهرجي، ته هن وبا مان ڪيئن نجات
ملي.“ باسيل جو جواب هو ته: ”اسين پوري طرح مطئمن
آهيون ته هن بدبخت جي سزا طور اوهين ڪنهن به اهڙي
انتهائي قدم جو فيصلو نه ڪندا، جيڪو مسيحي ميونسپل
اختيار وارن جي شان وٽان نه هجي.“ مطلب ته ملڪ جي
ڪنهن هڪ ڪليسا وٽان به اهو لکجي نه آيو، ته
جوابدار کي موت جي سزا ڏني وڃي، بهرحال ڇاڪاڻ ته
انهن سرويٽس جي خلاف عمل ۾ آيل سڄيءَ قانوني
ڪارروائيءَ کي جائز شمار ڪيو هو، انهيءَ ڪري ڪال
ون محسوس ڪيو، ته هو ان لاءِ ’قانوني طور جائز
سزا‘ کي قبول نه ڪندا، ڇو ته ان باري ۾ هنن ڪنهن
صاف ڳالهه ڪرڻ کان پرهيز ڪري، اهو فيصلو خود مٿس
ڇڏيو هو، ته جوابدار لاءِ ڪهڙي سزا تجويز ڪري،
ايئن جڏهن ڪال ون کي آزاد ڇڏيو ويو، تڏهن هن ڌڪ به
سخت ۽ فيصلا ڪن هنيو، ملڪ جي سڀني اصلاحي ڪليسائن
طرفان ايئن سرويٽس جي خلاف فتويٰ صادر ٿيڻ کان
پوءِ هن جي خير خواهن هڪ ڀيرو وري به هنن شهرن جي
ٻن سئو مشاهيرن جي عام ميڙ کي اپيل ڪرڻ جو ارادو
ڪيو، پر وقت گذري چڪو هو، خود ڪال ون جي مخالفن به
محسوس ڪيو، ته هن سلسلي ۾ وڌيڪ مقابلو ڪنهن لاءِ
به فائديمند ثابت نه ٿيندو، آخرڪار آڪٽوبر جي 26
تاريخ تي جينيوا جي شهري ڪائونسل شهر جي اعليٰ
عدالت جي حيثيت ۾ ڪثرت راءِ سان فتويٰ ڏني، ته
سرويٽس تي ڪفر ۽ الحاد جو ڏوهه ثابت ٿي چڪو هو، ۽
اُن جي سزا طور هن کي جيئري ساڙيو ويندو ۽ سندن ان
عبرتناڪ فتويٰ تي ٻئي ڏينهن چئمپل جي ٽڪريءَ تي
پوري اهتمام سان عمل ڪيو وڃي.
جيسين شهري ڪائونسل جي هن حيواني فيصلي جو اعلان
نه ٿيو هو، تيسين ڏينهن پٺيان ڏينهن ۽ هفتن پٺيان
هفتا گذرندا ٿي رهيا ۽ سرويٽس ٻاهرينءَ دنيا کان
بلڪل پري پنهنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پنهنجي ڏک کي ساڻ
کنيو پيو رهندو هو ۽ سدائين پنهنجي تصوراتي دنيا
کي اُميد جي لاٽ سان روشن رکيو ويٺو هوندو هو.
پنهنجي اُن تصوراتي دنيا کان علاوه هن جي ڪنن تي
سدائين پنهنجن سچن پچن ۽ مرحوم دوستن ۽ خيرخواهن
جا ڀُڻڪا ۽ آواز به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پيا پوندا
هئا، ۽ ايئن هو پنهنجي دل ۾ خواب جي دنيا آباد ڪيو
ويٺو هوندو هو ته هن پنهنجن ججن کي پنهنجي ڳالهه
جي حقانيت جو قائل ڪري ڇڏيو هو، ۽ بس ٿورن ئي
ڏينهن ۾ ڪال ون جيڪو جينيوا جي اقتدار تي صرف
پنهنجن ڪوڙين دعوائن جي ڪري قابض ٿيو ويٺو هو،
اجهو ٿو ذليل ٿي جينيوا مان تڙجي ٻاهر نڪري، پوءِ
جڏهن آڪٽوبر جي 27 تاريخ صبح تي ڪائونسل جو
سيڪريٽريءَ منهن گهنجائي، هن جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾
داخل ٿيو ۽ پوريءَ رسمي ڳنڀيرتا سان پنو کولي
فتويٰ پڙهي، هن کي ٻڌائڻ لڳو، ته ان ڏينهن شام جو
هن کي جيئري ساڙيو ويندو، ڇاڪاڻ ته جو هو ملحد ۽
ڪافر هو. تڏهن اُن ماڻهوءَ کي ايئن پاڻ وٽ ايندي
ڏسي ۽ جو ڪجهه هن پڙهيو، اهو هن کي پڙهندي ڏسي،
مسڪين سرويٽس جون اکيون کلئي جون کُليون رهجي
ويون. هن تي ڄڻ وڄ ڪري پئي، هو ٻڌندو رهيو! ايئن
ڄڻ جو ڪجهه ٻڌي رهيو هو، ان جو هڪ لفظ به هن ڪونه
ٿي سمجهيو، ڪجهه منٽن لاءِ هو ايئن بت بڻيو بيٺو
رهيو، ڄڻ ٻوڙو هو ۽ ڪجهه هوش ڪونه هوس، پوءِ هيءُ
دکي انسان هڪدم ڊهي پيو، هو سڏڪا ڀرڻ لڳو ۽ دانهون
ڪرڻ لڳو، تان جو پنهنجي اسپيني مادري ٻوليءَ ۾ هن
جي دل مان چيرجي ڏاڍيان رڙي نڪتي ”مزري ڪارڊياس“ (
او منهنجي ڏکن ڀريل دل!) هن ڀيانڪ خبر تي، هن جو
سڄو پاڻ مٿان ڪري، هيٺ اچي پٽ پيو. هن جو هانءُ
ڦسي پيو، ٻئي پاسي زوراور واعظين، جن پري کان هن
جو اهو حال پئي ڏٺو، اهي به پنهنجي خيالي دنيا ۾
بيهوش ٿي بيٺا رهيا، هنن سمجهيو، ته سرويٽس تي
ايئن دنيوي سوڀ پائڻ کان پوءِ، اجها ٿي کين روحاني
سوڀ به ملي، پڪ ئي پڪ نراسائيءَ جي بار ۾ دٻجي
اجهو ٿو روئي کانئن معافي وٺي ۽ پنهنجي ڪفر ۽
الحاد کان کُلئي عام توبهه ڪري!
پر حيرت جي ڳالهه واقعي هيءَ هئي، جو جڏهن هن غريب
مصيبت جي مارئي، ڏکن ڀري دل رکندڙ شخص کي، پنهنجي
ڪِئي تي پڇتائڻ ۽ پنهنجن راين تان ڦرڻ لاءِ چيو
ويو، تڏهن هڪدم هن جي وساڻل دل کي ٻيهر ڄڻ چڻنگ
لڳي وئي ۽ هن جي غيرت کي ڄڻ ڪنهن ڌڪ هڻي ڪڍيو ۽ هو
ڪنڌ اوچو ڪري ٻيهر دنيا سان مهاڏو ڏيڻ بيهي رهيو.
جيڪڏهن هن جي جسم کي سڙڻو هو، ته ان کي سڙڻو ئي
هو، پر پنهنجن عقيدن تان هڪ ڪک به ڪونه هٽندو ۽
ايئن اُتي هيءُ علم جو عاشق جيئڙو هڪدم مٿي اُڀري،
تاريخ جي عظيم سرفروشن جي صف ۾ وڃي بيٺو. فاريل،
جيڪو ويجهو ڪٿي ٻاهر ويل هو، سو سرويٽس جي شڪست جو
ٻڌي، هڪدم جينيوا ۾ موٽي آيو ۽ تکو تکو ڊوڙندو
سرويٽس وٽ اچي پهتو، ۽ ڀانيائين ته هن تي حاصل ڪيل
ڪال ون جي سوڀ ۾ ڪجهه پاڻ به ڀاڱي ڀائيوار ٿئي، پر
سرويٽس وٽ تي هن جي هڪ به ڪانه هلي، هُن جي هر
ڳالهه کي سرويٽس بنا ڪنهن هٻڪ جي ٿڏي ڇڏيو، چي،
روحاني مسئلن ۾ ڪنهن دنيوي قانوني فتويٰ کي
ماڻهوءَ جي صحيح يا غلط هجڻ جي ثبوت طور قبولي نٿو
سگهجي، توهين هڪڙي ماڻهوءَ کي قائل ڪرڻ کان سواءِ
به قتل ڪري سگهو ٿا ۽ اهو مرڻ کي مري وڃي، پر هن
جو من پنهنجي غلطي نه مڃي، ته هن کي وڌيڪ ڪير ڇا
ٿو ڪري سگهي! فاريل، هن زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ موت جي
دروازي تي بيٺل عظيم انسان کي ڪنهن به دڙڪي يا لوڀ
لالچ سان پنهنجي هڪ لفظ تان به هٽائي نه سگهيو.
سرويٽس، بهرحال پنهنجي نظر ۾ ڪافر نه، پر پڪو
مسيحي مؤمن هو ۽ اُن پنهنجي ايمان جي بنياد تي هن
پنهنجي وڏي کان وڏي دشمن سان به صلح ڪرڻ پنهنجو
فرض ٿي سمجهيو، انهيءَ ڪري هن آخري هڪ ڀيرو ڪال ون
سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري.
ڪال ون ۽ سرويٽس جي هن ملاقات جو احوال اسان کي
فقط ڪال ون جي پنهنجي قلم جو لکيل ملي ٿو، مري ويل
ڪو ماڻهو پنهنجي ڳالهه ڪونه ٿو ٻڌائي سگهي، ڪال ون
جي قلم جي لکيل، ڪال ون جي پنهنجي روش جي رپورٽ
اسان کي ڪال ون جي شدت ۽ سنگدليءَ بابت گهڻو ئي
ڪجهه ٻڌائي ٿي، سوڀ جي ڍَوَ ۾ آڦريل آمر. پنهنجي
جيتيل دشمن جي سرد ۽ پُسيل انڌاريءَ ڪوٺيءَ ۾ هن
سان ڪو لفظ ڪهڪاءَ ۽ همدردي جو يا ڪنهن انساني يا
مسيحي رحم ۽ قياس جو ونڊڻ لاءِ ڪونه ويو هو، پر
پوريءَ ٿڌائي سان ۽ ڳرائيءَ سان هن سرويٽس سان
جنهن جو انتهائي عذاب جي حالت ۾ ترت ئي ساهه نڪرڻو
هو، پنهنجي گفتگو هن سوال سان شروع ڪئي ته کيس خبر
نه هئي ته سرويٽس هن کي ڇا لاءِ پاڻ وٽ سڏيو هو،
ان مان هن جو صاف مطلب ته اهو هو ته سرويٽس فوراً
هن جي اڳيان جهُڪي پوي ۽ کانئس پنهنجي گناهه جي
معافي وٺي ۽ هٿ ٻڌي کانئس پنهنجو جيئدان گهري!
سرويٽس نهايت سادگيءَ جي معصوميت سان جواب ڏنس ۽
ان جواب کي پڙهي هر اها دل جا حساس ۽ نرم آهي، سان
لازمي طرح لُڏي ويندي ته ڪال ون کي اُن حالت ۾ پاڻ
وٽ سڏڻ مان سندس مراد رڳي اها هئي، ته پڇاڙي ۾ هو
ڪال ون کان معافي گهري ڇڏي! هڪڙو بيوس مظلوم شخص
پاڻان ڏاڍي، پنهنجي ظالم شخص کي، جنهن هُن کي ڌڪي
موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو هو، پنهنجي طرفان سڀ ڪجهه
معاف ڪري، پاڻ هُن کان پنهنجي گناهن جي معافي
گهري، هيءَ ڪيڏي نه هڪ اعليٰ انسانيت جي ڳالهه آهي
پر پٿر منهون ڪال ون پنهنجي هڪڙي سياسي ۽ ديني
دشمن کي مسيحي ته نه پر رڳو انسان سمجهڻ لاءِ تيار
به نه هو.
هن جي خشڪ رپورٽ جا هي لفظ پڙهو:
”منهنجو هن کي جواب فقط هيءُ هو (۽ سچ به اهو هو)
ته منهنجي هن سان ذاتي دشمني ڪانه هئي.“ |