سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:2 

 

مهاڳ

 

    جيڪو ماڻهو ڌڪ کائي ڪِري ٿو، پر همٿ نٿو هاري، ۽ موت جي منهن ۾ هوندي به  خود اعتمادي قائم رکي ٿو، ۽ مرڻ دم به دشمن جي منهن ۾ ٽانڊن ڀريل اکين سان ڏسي ٿو- اُهو مغلوب ٿئي ٿو، پر اسان جي هٿان نه، قسمت هٿان: هو مارجي وڃي ٿو، پر هارائي ڪونه ٿو. غير معمولي بهادر شخصن جو بخت اڪثر غير معمولي طرح ڦِٽي به پوندو آهي. اِنهيءَ ڪري اُنهن جو سوڀياوان شڪستون اُنهن جي ڪاميابين کان وڌيڪ قابل رشڪ هونديون آهن.

- مانٽين،’انسان حيوان‘ جي مضمون ۾

          جڏهن سيباسٽيان ڪاسٽيلو، ڪٽر مذهبي ۽ حڪمرانيءَ جي انڌ ۾ ورتل جيهان ڪال ون جي خلاف پنهنجي نظرياتي اظهار نامي جو مسودو تيار ڪيو هو، تڏهَن اُن جي پهرئين صفحي تي، مٿان ئي مٿان، لکيو هئائين ته ”هيءَ منهنجي ڪوشش ايئن آهي، جيئن هاٿيءَ تي مک جو حملو.“ سيباسٽيان ڪاسٽيلو جينيوا جي رياست ۾ هڪ اسڪول جو غريب استاد هو ۽ جيهان ڪال ون اُن رياست جو مذهبي ۽ سياسي مطلق العنان سربراهه ۽ حڪمران هو. سيبا سٽيان ڪاسٽيلو، جيهان ڪال ون تي هڪ انسان جي ناحق خون جو الزام رکيو هو ۽ هُن کي جوابدار بنايو هو ته هن ڪٽرپڻي جي انڌ ۾ وٺجي، هڪ معصوم ماڻهوءَ کي جيئري باهه ۾ ساڙائي مارايو هو ۽ مذهبي تقدس ۽ اعتقادي اصلاح جي نالي ۾ انساني ضمير جي آزاديءَ جو خون ڪيو هو.

           سيباسٽيان ڪاسٽيلو هڪ اڪيلو آدرش پسند انسان هو. هُن فڪر جي آزاديءَ خاطر ڪال ون جي بيعت کان ۽ پڻ ٻيءِ هر قسم جي روحاني غلاميءَ ۽ ذهني تشدد کان بغاوت جو اعلان ڪيو هو. هو ڇا هو؟ ڪال ون جي مذهب ۽ حڪومت ۽ انهن جي شمار کان زياده ديولين ۽ پادرين جي طاقت ۽ انهن جي قانون ۽ ان جي زنجيرن، ڪال ڪوٺڙين، ڦاسي گهاٽن ۽ باهه جي آڙاهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه– ٺلهو هڪ نالو، هاٿيءَ جي کڄيل پير هيٺيان هڪ ماڪوڙي، طوفان جي آڏو هڪ ڪکُ. هو هڪ مسڪين ماستر هو، جيڪو پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ ڀرڻ ۽ بت ڍڪڻ لاءِ ڪتابن  جا ترجما ڪندو هو ۽ خانگي ٽيوشنون ڏيندو هو، هو پنهنجي ملڪ کان ۽ جلاوطن ڌارئين ملڪ ۾هڪ پناهگزين هو. جتي هن کي نه شهريت جو ڪو درجو هو ۽ نه رهائش جو ڪو حق هو. دنيا ۾ اهڙا دؤر به ايندا آهن، جڏهن انسانن جو خير ۽ خوشيءَ جوڪو طالب، هٺ ڌرميءَ ۽ ڪروڌ ۾ ورتل ٻن ڌرين جي وچ ۾ ايئن هيڪلو ۽ بيوس بنجي ويندو آهي، جيئن وڙهندڙ سانن جي تکن کُرن هيٺيان ڪو ٻوڙو. سيباسٽيان ڪاسٽيلو پنهنجي دؤر جو اُهو هڪ ٻُوڙو هو.

           سالن جا سال هيءُ عظيم، نماڻو  شخص، انسان دوست ۽ علم جوصاحب ظلم ۽ غربت جي ديون جي پيرن ۾ سَٽبو رهيو، پر پنهنجي اندر ۾ سدائين بي خوف ۽ آزاد رهيو، ڇاڪاڻ ته ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڪنهن هڪ صورت سان به هُن پاڻ کي ڪڏهن ڳنڍيل نه رکيو ۽ ڪٽرپڻي ۽ انڌ جي ڪنهن هڪ رسيءَ ۾ به ڪڏهن هن پاڻ کي ٻڌجڻ نه ڏنو. پوءِ جڏهن ڪال ون جي هٿان سَرويٽسَ جي خون هن جي ضمير کي للڪاريو ۽ مُٺ ۾ جهلي نپوڙيو. تڏهن هن پنهنجي غريباڻي ڌنڌي کي هڪ پاسي رکي، ڪچليل انساني حقن جي نالي ۾، وڌي، اُن آمر سان هٿ ڳنڍيو، ۽ پوءِ ئي هن هيڪلي ۽ هيڻي شخص پاڻ کي سچ جي راهه جو هڪ بي ڊپو ۽ سرفروش سورمو ثابت ڪيو. لشڪر ماڻهن جا هن تريناڪ ۽ بي ترس مخالف جا وفادار پوئلڳ هئا- وفادار نه، ته به پوري ضابطي ۾ بيٺل، حڪم جا بندا اهي ضرور هئا. هن جو ساٿي ڪوئي به ڪونه هو. هو نه ڪئٿولڪ، نه پروٽيسٽنٽ ڌر جي مدد جو آسرو رکي ٿي سگهيو. ڪو به وڏو ماڻهو، ڪو به شاهه، شهنشاهه اهڙو ڪونه هو، جنهن وٽ هو پناهه وٺي سگهي ها، جيئن کانئس اڳ پروٽيسٽنٽ تحريڪ جي اڳواڻ، مارٽن ليوٿر، کي اهڙي پناهه ملي سگهي هئي. جيڪي ڪجهه دوست ۽ ويجها ساٿي سندس حوصلي ۽ بهادريءَ کان متاثر هئا، اهي کيس هڪ ٻه لفظ دل ٻڌائيءَ جا مس چئي سگهيا ٿي، پر سي به لڪي لڪي ۽ ڊڄي ڊڄي.

ان زماني ۾ جڏهن تعصب ۽ ڪٽرپڻي جون اکين تي پٽيون ٻڌيو، زوراور ماڻهو، هلندي هلندي، ’ڪافرن‘ ۽ ’محلدن‘ کي جهليندا وتندا هجن ۽ اُنهن کي اشڪنجن ۾ ڪَشيندا ۽ باهه جي آڙاهن ۾ اڇلائيندا وتندا هجن، ڪنهن اهڙي ملحد جو، پڌري پٽ، عام ماڻهن جي اڳيان اچي، بچاءَ ڪرڻ، جنهن اُن ظلم جي خلاف آواز اٿاريو هجي ۽ مظلومن جو پاسو ورتو هجي، جُثي ۽ جان کي وڏي جوکي ۾ وجهڻ جو ڪم هو. ۽ ايئن به ته ڪونه هو، جو ڪاسٽيلو رڳو ڪِنِ خاص مسئلن تائين پاڻ کي محدود رکيو هجي: هن ته بنيادي طرح ان ڳالهه جو انڪار ٿي ڪيو ته اختيار ۽ اقتدار جي گادين تي ويٺل ڏاڍن شخصن کي ڪو حق هو ته هو ڪنهن ماڻهوءَ کي اختلاف راءِ جي ڪري ڪا سزا ڏين يا ڪو نقصان پهچائين. تاريخ ۾ اهڙا وقت به آيا آهن ۽ ايندا رهن ٿا، جڏهن ماڻهن تي اجتماعي ديوانگي طاري ٿي ويندي آهي، ۽ هو پنهنجن مخالفن کي پنهنجي دلپسند نظريي جي اَڏيءَ تي ڪُهڻ شروع ڪندا آهن ۽ اُن کي ڪار خير سمجهي اُن تي خوش ٿيندا ۽ فخر ڪندا آهن. ڪاسٽيلو جي زندگي به يورپ جي ۽ خاص طرح  جينيوا جي رياست جي، اهڙي ئي هڪ هوش کان نڪتل، اجتماعي ديوانگيءَ جي دؤر ۾ گذري. اُهو دؤر يورپ ۾ مسيحيت جي ٻن فرقن جي ٽڪر جو دؤر هو- ڪئٿولڪ فرقو ۽ پروٽيسٽنٽ فرقو– جينيوا رياست  ۾ پروٽيسٽنٽ غالب هئا. ڪاسٽيلو ۽ سرويٽس (جنهن جي بچاءَ ۾ ڪاسٽيلو پاڻ به اڳتي هلي، ذري گهٽ شهادت جي رَتبي تي رسيو)، ٻيئي انهن فرقن جي ظلم ۽ گڏيل سازش جا شڪار ٿيا. سرويٽس جي خون ناحق تي ڪاسٽيلو جي انسان دوست پيڙا،  هن کي وڌيڪ خاموش رهڻ نه ڏنو، ۽ مجبور ٿي، هُن انسان ڏانهن انسان جي هن مرونءَ پڻي خلاف پنهنجو هيڪلو آواز اٿاريو، پر نسل انسانيءَ جي ڪانئرپِڻو ايترو ڪو ازل کان اُن جي تقدير ۾ آيل ٿو ڏسجي، جو ڪاسٽيلو ۽ اُن جهڙا سِرُ تَريءَ تي رکي اقتدار جي گادين تي براجمان ڏاڍ مڙسن کي للڪاريندڙ چَند بهادر شخص، پنهنجي اُن نجات انسانيءَ جي جدوجهد ۾، مشڪل ڪنهن هڪ اڌ مددگار جي اميد رکي سگهن ٿا. ۽ ٿيو به ايئن، جو فيصلي ڪُن گهڙيءَ تي ڪاسٽيلو جو ساٿ ڪنهن به دوست يا حمايتيءَ ڪونه ڏنو، سواءَ سندس پنهنجي بي خوف دل ۽ ناقابل شڪست ضمير جي،  جيڪي ئي هر حالت ۾ هڪ جهونجهار فنڪار جي اَجيت شخصيت جو لازمي ۽ اٽوٽ حصو هوندا آهن.

ها خود اسان جي هن هيڪلي سورمي کي به خبر هئي  ته ڪاميابيءَ جي هر ظاهري پيماني جي خيال کان، سندس سڄي ڪوشش بيڪار ۽ سڄو ڪم اجايو هو، پر اهو سڀڪجهه سمجهندي ۽ ڄاڻندي به، هو پنهنجي ضمير جي آواز تي لبيڪ چئي، ميدان ۾ ٽپي پيو، ۽ سواءِ هڪ گهڙيءَ جي هٻڪ ۽ هراس جي، آخري دم تائين اُن ۾ هڪ اَڏول پهاڙ جيان محڪم بيٺو رهيو. سڀ کان وڌيڪ اها هڪ ئي ڳالهه هن ’نامعلوم سپاهيءَ‘ کي انساني آزاديءَ جي عظيم جنگ جي هڪ لافاني سورمي جي پد تي پهچائڻ لاءِ ڪافي آهي. دراصل ڪاسٽيلو جي هيءَ هيڪلي لڙائي،  پنهنجي زمان ۽ مڪان جي حدن کان ٻاهر نڪري انساني تاريخ  جي هڪ دائمي مسئلي جي اَٽل ۽ شايد ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ لڙائيءَ جي صورت وٺي چڪي آهي – هو ۽ سندس مخالف ڪال ون دنيا جي اُن ازلي ۽ دائمي جنگ جا نشان يا علامتون بنجي چڪا آهن- جنگ جيڪا طبقن جي جنگ آهي، جنگ جنهن کي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي جنگ، سهپ ۽ مسهپ، آزادي ۽ غلاميءَ، انسان دوستيءَ ۽ ڪٽرپڻي، انفراديت ۽ مشيني قسم جي يڪسانيت، ضمير ۽ زور جي جنگ چئجي ٿو. حرف آخر طور هن جنگ جو فيصلو اسان مان هر فرد جي پنهنجي مَنَ ۾ ٿيڻو آهي ته اسان لاءِ ڇا وڌيڪ اهم ۽ اعليٰ آهي: انسان ذات يا سياست، ماڻهو يا مذهب، قانون جو روح يا اکري معنيٰ ، ڳالهه جو باطن يا ظاهر، نارَ جو وهڻ  يا اُن جو رينگٽ؟

جڏهن هڪ نسل جا آدرش پنهنجو زور، پنهنجو ڪارج، پنهنجي ڪشش وڃائي ويهن ٿا. ايتري قدر، جو ڪو شخص، وجهه وٺي، پنهنجي جاذب نگاهه ۽ جادو بيانيءَ جي زور تي الهامي انداز سان، سامهون اچي اعلان ڪري ٿو ته، ” مون، ۽ فقط مون، هي نئون سچ آندو آهي.“، ته پڪ ئي پڪ، هر ڀيري هزارين، لکين، ڪروڙين ماڻهو اُن نئين ’مسيحا‘ جي ڪڍ لڳي پون ٿا. نئون نظريو، نوان آدرش آڻي ٿو. جڏهن به ڪنهن شخص خلق جي آڏو نيڪيءَ، اتحاد ۽ سلامتي جو ايئن  نئون ڪو سراب پيدا ڪيو آهي، تڏهن اُن جي ڏورانهين سڏَ، اُنهن ۾ اَجهل انساني قوتون اُڀاريون آهن، ۽ هو خود قربانيءَ ۽ محويت جا پيڪر بنجي، ميدان ۾ ڪُڏي اچي بيٺا آهن. لکين ڪروڙين ماڻهو پوءِ اُن جادوءَ جي اثر هيٺ اُن ماڻهوءَ جا چڳ وڍيا مريد ٿي پون ٿا، ۽ هُن جي هر حڪم کي اکين تي رکي، انڌن وانگر هن جي پٺيان هلڻ لڳن ٿا. جيتري وڌيڪ محنت ۽ قرباني هو کانئن گهري ٿو، اوتري هو هن کي ڪري ڏيکارين ٿا. آزادي. جيڪا رڳو ڪالهه هنن لاءِ هڪ املهه وٿ هئي، سا وڏي شوق ۽ خوشيءَ سان اڇلائي، هن جي پيرن ۾ ڦٽي ڪري ڇڏين ٿا. تاريخ ۾ هميشه ايئن ٿيو آهي، ته ماڻهن پوءِ پنهنجا ڪلها پاڻ آڻي پاڃارين ۾ وڌا آهن ۽ پنهنجين اکين تي پاڻ بيهي کوپا چاڙهيا آهن، ۽ پنهنجي ’مالڪ‘ جي هٿ ۾ ڊگهي، لچڪدار ۽ کهري تَلهَڙ ڏيئي، اُن هٿ کي پاڻ بيهي چُميو آهي ته ڀل هو سَٽي سَٽي سندن بت جي چمڙي اُڊيڙي ڇڏي ۽ ڊوڙائي ڊوڙائي. مُئي کان اڌ مئو ڪري، وري ڊوڙائي ۽ تلهڙن مان ڪڍي، ايئن کين سدائين سٽيندو ۽ ڊوڙائيندو رهي.

فڪر ڪندڙ ۽ سوچيندڙ ماڻهن جون دليون، پوءِ به هيءَ ڳالهه ڳڻي، پُر اميد ۽ مطئمن رهن ٿيون ته اسان جي هن قديم، نامڪمل ۽ ڦرندڙ گهرندڙ دنيا جي تاريخ ۾ جنهن شيءِ، ههڙا اڳواڻيءَ ۽ فرمانبرداريءَ جا معجزا عمل ۾ پئي آندا آهن، اُها وري به خيال ۽ فڪر جي قوت ئي آهي- يعني هڪ خالص غير مَرئي، روحاني طاقت، جيڪا ڪنهن جي به وٺجڻ ۽ جهلجڻ جي نه آهي. ۽ انهيءَ ڪري ئي اسين اهڙن ’عالمي ٺوگين‘ کي هميشه آفرين ڏيڻ ۽ اڪثر نذر عقيدت پيش ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿا سگهون، جن کوٽي، ٺلهي، اَڄاڻ مادي کي روح جي قوت سان ايڏو متاثر پئي ڪيو آهي. پر، ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ هي آدرشي، ۽ خيالي بهشتن جا دعويدار، ذري گهٽ، سڀ جا سڀ پاڻ وهيڻا، جهل نه ڏيندڙ، بدترين ٺڳ ثابت پئي ٿيا آهن. طاقت کين سموري طاقت هٿ ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي، ۽ ڪاميابي کين ڪاميابيءَ جي غلط استعمال ڏانهن وٺي وڃي ٿي؛ ۽ ايترن ماڻهن ۾ پنهنجي خيالن جي مڃتا پيدا ڪرڻ ۽ اهڙن پنهنجن پوئلڳن پيدا ڪرڻ تي خوش ٿي ويهڻ عيوض، جيڪي سندن مقصد لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار هجن، هي طاقت ۽ فتح جي نشي ۾ ورتل، ماڻهن کان مٿڀرا ماڻهو، گهڻائيءَ کي سڀ ۾، اڪثريت کي ڪُل ۾، بدلائڻ جي چُوس جا شڪار ٿي وڃن ٿا. هو پنهنجي اعتقادي شريعت اُنهن سڀني تي مڙهڻ گهرن ٿا، جيڪي سندن جماعت ۾ شامل نه هوندا آهن. هر آمر ڪڏهن به پنهنجي خود- مقصدي تحريڪ لاءِ فقط پنهنجن غلام طبع، پوئلڳن ۽ جي – حضورين تي راضي نه ٿيندو آهي. هو تيسين مطمئن نه ٿيندو آهي، جيسين سڀ آزاد طبع اصول پسند ۽ عزت نفس جا صاحب به هن جا سلامي ۽ مڃتائو نه ٿي وڃن. پنهنجي نظريي کي اِن طرح عالمگير ڪرڻ لاءِ هو پوءِ پنهنجي حڪومت طرفان قانونن مٿان قانون ٺاهي، ملڪ سان لاڳو ڪري ٿو، جن هيٺ ساڻس هر اختلاف ۽ نااتفاقي سزا لائق جرم شمار ٿئي ٿي. جڏهن ڪي مذهبي ۽ سياسي نظريا پنهنجي پنهنجي آمريت قائم ڪرڻ ۾ ايئن ڪامياب ٿيا آهن، تڏهن اُهي، پنهنجي اوائلي دؤر جي برخلاف، جڏهن اُهي خالص پنهنجي فڪر ۽ خيال جي اثر ۽ دعوت تي مدار رکندا هئا، هڪدم ڦري، ظلم ۽ تشدد جا نظام بنجي ويا آهن. ۽ جيئن ئي ڪو نظريو پنهنجي تسليميءَ لاءِ پنهنجي تعليم جي تبليغ تي نه پر زور جي استعمال تي مدار رکڻ شروع ڪري ٿو،تيئن ۽ تڏهن اُهو سڀ کان  وڌيڪ فڪر جي آزاديءَ خلاف کُليءَ جنگ جو اعلان ڪري ٿو، پوءِ، اُهو هڪ انساني آدرش مان، جيئن پهريائين اُهو هو، ڦري وحشي زندگيءَ جو طريقي ڪار بنجي پوي ٿو،جنهن ۾ سڀ ڳالهه جو فيصلو زور وسيلي ئي ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو خالص ترين سچ به، نه مڃيندڙن مٿان، زوريءَ مڙهجي ٿو، تڏهن اُهو سچ جي بدارن ڦري بدترين ڪوڙ ۽ ’خدائي رحمت‘ بدران ’شيطاني زحمت‘ بنجي وڃي ٿو. اُهو  پوءِ پنهنجي خاتمي واسطي انساني فڪر لاءِ کُلي للڪار ثابت ٿئي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو ڪنهن به نظريي ۽ اُن جي ڪنهن به خود پسند ۽ خود فريب آمر جو ’سچ ۽ واحد سچ‘ تاريخ جي ڪنهن به دؤر ۾ گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهيو آهي.

سورهين صدي عيسويءَ ۾ جينيوا جي رياست ۾ جيهان ڪال ون، اُهڙي ئي هڪ خود پسند ۽ خود فريب آمر، ملڪ جي شهرن ۾، ڳوٺن ۾، شهرن جي بازارين ۾ ۽ چونڪن تي ۽ ڳوٺن جي وچ تي، وري وري پڙهو گهمارايو ۽ اعلان ڪرايو ته :”اُهو جو اسين سيکاريون ٿا، سو سچ آهي ۽ جو اسين نه ٿا سيکاريون سو ڪوڙ آهي.“ ۽ پوءِ جيڪي پنهنجي ذاتي عقيدي تي قائم رهيا ۽ ڪال ون جي ’سچ، ۽ واحد سچ‘ جي مقابلي ۾ ’پنهنجي سچ‘، تي هلندا رهيا، جيئن اُهو هنن سمجهيو هو ۽ محسوس ڪيو هو، اُنهن تي ظلم ۽ تشدد جا پهاڙ ليٽي پيا، جن ۾ تعذير، جلاوطني ۽ جيئري جلائڻ، اهي ٽي مکيه عذاب جا نمونا هئا، جيڪي جيهان ڪال ون جي تعليم کان ڪفر ڪرڻ وارن کي سهڻا ٿي پيا. ڪيترائي انسان دوست اُتي اهڙا هئا، جن هيءُ خدا ۽ يسوع مسيح جي نالي ۾ وحشي زندگيءَ جو دور دورو ڏسي، ماٺ اختيار ڪئي – ڇو ته تجربي هنن کي ڏاهپ جو سبق سيکاريو هو، يعني هيءُ ته: ”درويش ڇتي ڪتي کي جهلڻ بدارن ٻيا ئي بهترين ڪم ڪري سگهي ٿو؛ سمجهو ماڻهوءَ کي هٽي پري ٿيڻ کپي، متان ڇتو ڪتو کيس ئي نه چڪ هڻي ڪڍي!“ پر ڪاسٽيلو انهيءَ سبق تي عمل ڪونه ڪيو، ۽ سنئينءَ سڌيءَ ڏاهپ جي واٽ بدارن، هُن ڏٺي وائٺي چريائيءَ جي واٽ ورتي، ۽ ڇتي ڪتي جي چڪ کان بچي نه سگهيو. پنهنجي سک ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي، خود پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪندي، هُن پنهنجن عتاب هيٺ آيل ساٿين ۽ ساٿارين جو بچاءَ ڪيو. هر روز بلڪ هر گهڙيءَ مذهب جي جاهل ۽ هٺ ڌرم فدائين جي هٿان روزگار، عزت ۽ جان جي خطري هيٺ هوندي به، هو بي خوف، اڏول پنهنجي راءِ تي محڪم بيٺو رهيو. هن جو ڪال ون سان ڪهڙين ڳالهين ۾ اختلاف هو؟ بنيادي طرح ٻن ڳالهين ۾ : هڪڙي هيءَ ته هيءَ ڪائنات ڇا آهي، اُن جي باري ۾ ڪو ماڻهو ڪهڙي به راءِ رکي ، اُن لاءِ هن جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪو زور يا دٻاءُ اچڻ نه کپي ۽ ٻي هيءَ ته ماڻهوءَ جي ضمير تي اختيار هلائڻ جو ڪنهن به ٻئي کي ڪو حق  ڪونهي. هُن اهي رايا ڪنهن شريعت يا نظريي جو طرفدار بنجي يا ڪنهن جماعت جي رڪن جي حثيت ۾ نه پر انسان ذات جي ازلي ۽ امٽ روح جي پاڻمرادي اظهار طور بيان ٿي ڪيا؛ ۽ انهيءَ ڪري ئي هن جا خيال، توڙي جن لفظن ۾ هن اُهي بيان ٿي ڪيا، سي لفظ، ڪڏهن به مٽجڻا نه آهن. عالمگير انساني اهميت ۽ ابدي افاديت جا خيال، جڏهن ڪو فنڪار، سون جهڙن سڪن وانگر، پنهنجي محبت ڀرئي روح جي ضربخاني ۾ ويهي ڍالي ۽ گهڙي ٿو، اُنهن هن جي اَملهه خيالن جي اصلوڪي چمڪ ۾ چٽائي، صدين گذري وڃڻ کان پوءِ به جهڪي ڪانه ٿي ٿئي، مَنُش جاتيءَ جي اهڙن پريمين، گهڻگهرن ۽ خير جي طلب گارن جو هڪڙو اهڙو قول، جو ايئن انساني اتحاد جي ڏورانهين خواب کي حقيقت جي ڪجهه ويجهو آڻي ٿو، فرقيوار ۽ نفاقي شخصن جي هزارها نظرياتي ڳالهين، طول طويل خطبن ۽ اُٺ جيڏن ڪتابن جي فنا ٿي وڃڻ کان پوءِ به زنده ۽ قائم رهي ٿو. انهيءَ ڪري انسان ذات جي هن خاموش، بي ڊپي، بي غرض، وشال من ۽ وسيع نگاهه رکندڙ هڪ ذري گهت وسري ويل خادم جي همت ۽ بهادريءَ جو مثال، ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سدا روشن مشعل جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو- خاص طرح انساني اخلاقيات جي دائري ۾، ڇاڪاڻ ته جڏهن، شريعتي عالمن ۽ فقيهن جي مقابلي ۾، ڪاسٽيلو، ڪال ون جي هٿان قتل ٿيل سرويٽس کي ’هڪ معصوم شهيد‘ سڏيو، ۽ جڏهن ڪال ون جي منطقي موشگافين جي جواب ۾هُن پنهنجو هيءُ اَمر ٻول وڏي وات ماڻهن کي چئي ٻڌايو ته: ” ماڻهوءَ کي جيئري جلائڻ سان ڪنهن عقيدي جو بچاءَ ڪونه ٿو ٿئي، پر ماڻهوءَ جو خون ضرور ٿئي ٿو“، ۽ جڏهن هُن پنهنجو ’رواداريءَ جي بچاءَ ۾ پڌرنامو‘ لکيو: ۽ اُن ۾ هُن يورپ ۾ پهريون ڀيرو فڪر جي آزاديءَ جو  کُليو کُلايو اعلان ڪيو-تڏهن هُن کي پوريءَ طرح خبر هئي، ته ايئن ڪرڻ سان هو پنهنجن عقيدن خاطر پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي رهيو هو. يورپ جي ٻين انسان پسند مفڪرن، مصنفن ۽ دانشورن هن کان پوءِ انسان جي اِنهيءَ بنيادي حق جي خوب حمايت ڪئي، پر اُن ۾ هُنن مان ڪنهن جي به حياتيءِ کي خطرو ڪونه هو- هنن اِن ۾ پنهنجو روزگار پنهنجو سُک ۽ پنهنجو دنيائي شان مانُ، سي ضرور داءَ تي لڳايا ٿي، حياتي جو داءُ هن ميدان ۾ يورپ ۾پهريون ڀيرو ڪاسٽيلو لڳايو ۽ هُن اِهو خواب ڄاتو ٿي؛ ته ماڻهپي جي هن لڙائي ۾هُن جي مٿان اُن سڄيءَ ڪٺور صديءَ جوسمورو مرونئپو ڪٺو ٿي، ضرور اچي ٽٽندو، ۽ کيس ڀڃي، ڀوري ڀنجهر ڪري ڇڏيندو.

سيباسٽيان ڪاسٽيلو کي پنهنجي بي خوفيءَ ۽ همت جي پوري پوري قيمت ادا ڪرڻي پيئي،جنهن هن جي سموري سگهه نپوڙي هُن کي بنهه کوکلو ڪري ڇڏيو: هيءُ عدم تشدد جومبلغ، جنهن سواءِ روحاني هٿيارن جي ٻيو ڪو هٿيار استعمال ڪرڻ ئي نه ٿي چاهيو، تنهن کي حيواني زور سان گهٽو ڏيئي چپ ڪرايو ويو.هن جو مثال به اهو ئي مثال آهي، جيڪو اسين انهيءَ ميدان ۾ وري وري ڏسون ٿا – يعني هيءُ ته جنهن کي ٻي ڪا طاقت، سواءِ اخلاقي دل-جهلي جي، ڪانهي ۽ هو، هيڪلي سر، سامهون ڪنهن پختي ۽ مضبوط اداري يا تنظيم سان هٿ ڳنڍي ٿو، ته اهڙي تصادم ۾ هن جي ڪاميابيءَ جي ڪابه اميد نٿي رکي  سگهجي، جيئن ئي ڪو نظريو ڪنهن حڪومتي چرخي جي قبضي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ سڀ دٻاءَ جا اوزار جيڪي حڪومت جي هٿ هيٺ هوندا آهن، ان  جي اختيار ۾ اچن ٿا، تيئن اهو بي ڌڙڪ ۽ بنا ڪنهن دير جي پنهنجي دهشت جو راڄ قائم ڪري ٿو، جيڪڏهن ڪو  اُن جي ڏاڍ ۽ قوت خلاف زبان مان لفظ ڪڍي ٿو، ته هن جو وات بند ڪيو وڃي ٿو ۽ اڪثر خلاف ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جو ڪنڌ پڻ مروٽي ٻيڻو ڪيو وڃي ٿو. ڪال ون ڪڏهن به ڪاسٽيلو کي سنجيدگيءَ سان جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، هن سدائين پنهنجي نڪته چين کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪرڻ چاهيو؛ ڪاسٽيلو جي تحريرن تي چاري ۽ راکا ويهاريا ويا، انهن کي ضبط ڪيو ويو ۽ جتي اُهي هٿ آيون، اتي انهن کي ڦاڙي ۽ ساڙي ناس ڪيو ويو. سياسي اثر رسوخ کان ڪم وٺي، ڀروارن ملڪن ۽ رياستن ۾ هن جي تقرير ۽ تحرير تي بندش وجهائي ختم ڪيو ويو ۽ هو رڳو ڪنهن کي انهي ٻڌائڻ کان به لاچار ٿي ويو، ته سندس برخلاف ڪهڙا ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، تڏهن ڪال ون جي رسي مان نڪتل قلمباز ۽ ڊگهه - زبانيا هن تي چؤطرف ايئن بلڪل چڙهي ويا، هي ڪو ٻن ڌرين جو اهو مناظرو ۽ قلمي اختلاف ڪونه هو، جنهن ۾ ٻنهي وٽ ساڳيا هٿيار هجن، هي مقابلو ايئن هو، جيئن ڪنهن بي هٿيار اڪيلي انسان کي نيزي باز بدمعاشن جو ڪو ڪٽڪ ورائي وڃي؛ ڪالن ون جو ڇاپخانن تي، منبرن تي ۽ علمي مسندن تي پورو پورو قبضو هو، ڪاسٽيلو جي پوئتان جاسوس ڇڏيا ويا، هن جي ڳالهين ٻڌڻ لاءِ هر هنڌ چغلخور مقرر ڪيا ويا، هن جي خطن کي وچ ۾ جهلي پڙهيو ويندو هو، اهڙي سخت چوڪسي ڪنهن ماڻهو تي هجي ۽ اهو ان کان پاڻ بچائي وڃي، سا هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي؛ حقيقت هيءَ آهي، ته هنن حالتن ۾ ڪاسٽيلو کي ڪاسٽيلو جو وقت کان اڳ موت ئي جلاوطنيءَ يا جيئري باهه جي ٻارڻ بنجڻ کان بچائي سگهيو، هن جي ايئن مرڻ کان پوءِ ڪاميابي جي ڦونڊ ۾ ڀريل ڪٽر مها پادري ڪال ون ۽ ڪال ون جا جائنشين هن جي مڙهه سان وڙهڻ ۽ ان کان بدلي چڪائڻ کان به باز نه رهيا، شڪ ۽ تهمتون ايتريون ته هن جي مرڻ کان پوءِ هن تي هنيون ۽ هڻايون ويون- جو هن جو نالو به ڄڻ هن جي ميت سان گڏ قبر ۾ دفن ٿي ويو ۽ مٽيءَ سان گڏجي مٽي ٿي ويو، ڪم از ڪم ڪاسٽيلو جي دشمنن پنهنجي دل ۾ انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ کان پوءِ ئي هن جي نالي جي پچر ڇڏي ۽ شايد پوءِ ئي هو سامت ۾ آيا ۽ اطمينان جو ساهه کڻي سگهيا.

ڪاسٽيلو کان سندس آخري ڏينهن ۾ قلم کسيو ويو ۽ سندس زبان بندي ڪئي وئي، هو جيسين جيئرو هو تيسين کيس قيد ۾ رکيو ويو، سندس مرڻ کان پوءِ به ڪيترا سال ’علم‘ جي دائرن ۾ هن جي لکيتن مان حوالن ڏيڻ ۽ انهن جي رڳو نالن کڻڻ تي به منع قائم رهي ۽ سوين سال پوءِ به سندس مکيه ڪتابن جي اشاعت تي عملي طور بندش عائد رهي، ڪنهن به عام ڇاپيندڙ کي اها همت ڪانه ٿي ٿي، جو اهي سڄي جا سڄا ڇاپي ۽ شايع ڪري سگهي، ان وچ ۾ ٻين انسانيت جي علمبردارن هن جي خيالن کي پنهنجو ڪيو ۽ جيڪا انسان جي فڪر جي آزاديءَ جي تحريڪ هن شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ هو ڌڪ کائي ڪريو هو، اها ٻين انسان شناس عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي اڳواڻيءَ ۾ نئين سر اڀري ۽ اڳتي وڌي، جيڪي ڪاسٽيلو جي ’نقش قدم‘ تي ايئن اٿيا ۽ اڳتي وڌيا. انهن جي هن خاموش پورهئي ۽ ڪشٽ جو لاڀ کنيو ۽ هن جي نالي جو به فائدو ورتو، اڄ به يورپ جي فڪر جي آزادي جي تاريخ ۾ انهن  جا نالا مثلاً لاڪ (lock) ۽ هيوم (Hume) جا نالا، درج ڪيا وڃن ٿا- ڄڻ ته اهي ئي يورپ ۾ فڪري رواداري ۽ سهپ جا پهريان داعي ۽ دعويدار هئا، ڄڻ سيباسٽيان ڪاسٽيلو جو ’مسئله ملاحد‘  De Heretics نالي ڪو ڪتاب لکيو ۽ ڇپيو ئي ڪونه ويو. ان ڪتاب جي مصنف جي اخلاقي جرئت به وسري وئي، سرويٽس جي بچاءَ ۾ هن جي تحريڪ جي ڳالهه به ياد نه رهي، ڪال ون جي خلاف هن جي لڙائي (هيءَ منهنجي ڪوشش ايئن آهي جيئن هاٿيءَ تي مک جو حملو) ۽ هن جو ان سلسلي ۾ سموريون لکتيون به وسري ويون. تحقيق، انساني آزاديءَ جي هن وسريل سورمي جي شڪر گذاريءَ جو دنيا تي وڏو قرض رهيل آهي، جنهن جي ادائگي اڃا باقي آهي ۽ ان سلسلي ۾ تاريخ هٿان جيڪا بي انصافي ٿي آهي، ان جو پورو ازالو به خود تاريخ کي ڪرڻو آهي.

هونئن ته تاريخ وٽ انصاف ڪرڻ جي فرصت ڪانه ٿي ڏسجي، ان جو ڪم ئي شايد رڳو ڪاميابين جي داخلا رکڻ جو آهي، انهن جي اخلاقي قدر جي ڪاٿي جو فرض هوءَ مشڪل سان ڪڏهن بجا آڻي ٿي، سندس اک رڳو ڪامياب ٿيلن تي کتل رهي ٿي، جيڪي هارائين ٿا ۽ ڪري پون ٿا، تن کي هوءَ اتي ئي ڇڏي، اڳتي وڌي وڃي ٿي، تاريخ جي ئي هن لاپرواهيءَ سبب انساني آزادي جي جنگ جا هي ’نامعلوم سپاهي‘ ايئن نامعلوم رهجي وڃن ٿا، اُنهن جون ’ناڪام‘ قربانيون ڪنهن کي ياد نه ٿيون رهن، پر حقيقت ۾ اهي جيڪي دلين ۾ نيڪي جو جذبو کڻي پنهنجي لاءِ نه پر آئيندي جي انسان لاءِ پاڻ قربان ڪري ويا، يا ڪا ڪوشش ۽ ڪو ڪم ڪري ويا، اها انهن جي قرباني اهو ڪم ۽ ڪوشش ڪڏهن به اجائي يا بي ثمر نه چئي سگهبي، جيتوڻيڪ انهن شڪست کاڌي پر پنهنجي وقت کان اڳ مقصد ڀري زندگي گذاري، هو اهو اعليٰ انساني آدرش پورو ڪري ويا. جيڪو وقت جو محتاج نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪو خيال حقيقت جي دنيا ۾ ڪا صورت وٺي سگهي ۽ عمل ۾ اچي ان لاءِ پهريائين اهو ضروري آهي، ته اهو ڪن جي ذهن ۾ لڪي لڪي جنم وٺي ۽ اُهي ان جي ڪارڻ عمل جي راهه تي اڳتي وڌي مري مٽي وڃڻ لاءِ تيارهجن، انهيءَ روءِ روحاني نقطي نگاهه کان ’فتح‘ ۽ ’شڪست‘ جي لفظن کان نئين معنيٰ ملي ٿي، انهي ڪري جنهن دنيا کي رڳو فاتحن جي يادگار مقبرن ۽ محلن جي ڏسڻ جون اکيون آهن، ان کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته نسل انساني جا سچا سورما اُهي نه آهن، جيڪي انساني لاشن جي ڍيرن مٿان لنگهندي پنهنجن انهن خسيس ۽ وقتي يادگارن تائين وڃي پهتا آهن، پر زندگيءَ جي پر خطر راهه جا اُهي خود فراموش، حال مست، بي خوف، سخت جان ۽ اڻٿڪ کاهوڙي آهن، جيڪي سيباسٽيان ڪاسٽيلو وانگر جيهان ڪال ون جهڙن ڪٺور دل انسان دشمنن هٿان هار کائين ٿا ۽ هار کائي سوڀيا وان ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن جي هار سان ئي انساني زندگيءَ جو قافلو روح جي آزاديءَ جي راهه ۾ هڪ ڪامياب قدم اڳتي وڌائي ٿو، ته جيئن اڳتي هلي ڌرتيءَ تي انسانيت جو راڄ انسان لاءِ بهشت قائم ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org