پر تعصب ۾ ورتل ۽ هٺ ڌرم ماڻهوءَ کي سمجهائڻ يا
ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش بي سُود هوندي آهي. ميلنشان جي خط
ته پاڻ ڪال ون تي ابتو اثر پيدا ڪيو. ميلنشان جي
ڳالهه کي هُن ايئن سمجهيو، ڄڻ لڙائي جي ميدان ۾
ڪنهن امن پسند سپاهيءَ فوج جي ڪپتان کي صلاح
ڏني هجي، ته دشمن تي زوردار حملي ڪرڻ بدران، هن
جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري بيهي رهڻ کپي، ته ڀل هو
ميدان ماري وڃي! ايئن ڀلا ڪيئن ٿي ٿي سگهيو!
ڪاسٽيلو، جنهن جو آزاديءَ جو مطالبو ايئن هو،
جيئن ڪال ون جي سڄي فڪر کان انڪار، ڪال ون اقتدار
جي مرڪزيت کان انڪار، ڪال ويني دين جي جامع حيثيت
کان انڪار، بلڪ ڪال ون جي خود ذاتي وجود کان
انڪار- هِن حالت ۾ ڪال ون ڪيئن ٿي ميلنشان يا ڪنهن
ٻئي اهڙي ”ملائڪ“ جي ڳالهه کي ڪو وزن ڏيئي سگهيو!
هاڻي ته هُن جي واحد خواهش اها هئي، ته ڪاسٽيلو
کي ڪنهن طرح بنهه فنا ڪري ڇڏجي. سندس هيءَ لڙائي
مرڻ مارڻ واري لڙائي هئي هن ۾ ڪنهن رک رکاءِ يا
ڇڏڻ ڇڏائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانه هئي.
پوءِ جيئن سرويٽس جي معاملي ۾ جڏهن ڳالهه وڌي وڃي
چوٽ تي پهتي هئي، تڏهن هو پنهنجي آواز طور
استعمال ٿيل ماڻهو نڪولس ڊي لا فانٽين کي پري
ڪري، پاڻ پنهنجي سر وڌي اچي ميدان تي بيٺو هو.
تيئن هاڻي به هُن پنهنجي بڇيل ڊي باز کي هٽائي هڪ
پاسي ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سر پاڻ ترار مياڻ مان
ڪڍي، وڌي اچي اڳيان بيٺو. هن جو واسطو هاڻي صحيح
يا غلط سان ڪونه هو، ڪلام اِلاهيءَ ۽ اُن جي
تشريح يا وِضاحت وغيره سان به ڪو نه هو، ۽ نه
وري سچ يا ڪوڙ سان ئي هو. هن جي دلچسپي هاڻي فقط
اِنهيءِ ۾ هئي، ته ڪنهن طرح ڪاسٽيلو کي ختم ڪيو
وڃي. پر ڪاسٽيلو تي وار ڪرڻ لاءِ فوري طور هن وٽ
ڪو سبب ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته اُن وقت ڪاسٽيلو اُن سڄي
بحث مباحثي کي ڇڏي صرف پنهنجي مطالعي ۾ لڳي ويو
هو. پر جيڪڏهن اُن لاءِ ڪو سبب ڪونه هو، ته اُهو
ڪنهن طرح کوٽي به ڪڍڻو هو، پوءِ اُهو ڪهڙو به
بيڪار ۽ بي بنياد ڇو نه هجي. دشمن ڪاسٽيلو جي مٿي
ڀڃڻ لاءِ جيڪو به جهڙو به ڏنڊو هٿ اچي سگهيو، سو
ٺيڪ هو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو هڪڙو ڪو سوداگر
ٻاهران جينيوا جي شهر ۾ واپار سانگي آيو، ۽ اُن جي
سامان جي تلاشي وٺندي، اختياريءَ وارن کي هڪڙو گيت
هٿ آيو، جنهن ۾ ڪال ون تي سخت سِٺَ ٿيل هئي اُن
۾ڪا رتيءَ ڀر به شاهدي موجود ڪانه هئي ته
اُهوڪاسٽيلوجوٺهيل گيت هو، ۽ واقعي اُهو ڪاسٽيلو
جو ٺهيل به ڪو نه هو، پر ڪاسٽيلو کي، جو ختم ڪرڻو
هو، سو ان لاءِ اِهو گهر ويٺي ڪال وين کي تز سبب
هٿ اچي ويو. فوراً هُن وڏي جوش هيٺ ۽ سخت ڪاوڙ جي
لهجي ۾ اُن ڪوارَ جو الزام ڪاسٽيلو تي هنيو ۽ اُن
جي جواب ۾ اهڙو بيحد سطحي بدشد ۽ خسيس قسم جو
مضمون لکيو، جيڪو فقط ڪو نشي ۾ ورتل ۽ پنهنجي هوش
کان نڪتل ماڻهو ئي لکي ٿي سگهيو. اُن ۾ هن ڪاسٽيلو
کي خدا دشمن، بدمعاش ۽ چور سڏيو. اُن ۾ باسيل
يونيورسٽيءَ جي هن معزز پروفيسر تي وڌيڪ الزام
هنيو ويو ته هُن ڏينهن ڏٺي جو باسيل شهر ۾ ٻارڻ
جون ڪاٺيون چورايون هيون ۽ اُهي هو گهر کڻائي ويو
هو! مضمون جي آخر ۾ مضمون جو مصنف نفرت ۽ غصي ۾
ڀرجي، بنهه جنوني ڪيفيت ۾ وٺجي ويو هو، ۽ لرزي
۾ اچي، مُٺيون ڀيڙي، دوڏا ڦوٽاري، ڪاسٽيلو کي پِٽ
هنيئن هئائين: ”اڙي شل خدا جي ڪا مار پويئي، او
شيطان !“
هڪ انتهائي ذهين ۽ ادبي ڪماليت جو مالڪ، بغض ۽
ڪيني ۾ وٺجي، ڪيئن پنهنجي اوچي معيار تان ڪري، اچي
پٽ ٿو پوي، اُن جومثال ڪال ون جي هن گندي ۽ خسيس
قسم جي مضمون کان وڌيڪ ٻيو ڪو مشڪل ملي سگهي. هيءَ
ڳالهه راڄنيتي اڳواڻن لاءِ پڻ هڪ چتاءُ ثابت ٿي
سگِهي ٿي، ته پنهنجي جذبات کي ضابطي ۾ نه رکڻ سان
هو ڪيتري قدر نه پاڻ کي پنهنجي موقف تان ڪيرائي ۽
بيوقوف ثابت ڪري ٿا سگهن. ڪال ون جي هن ذليل مضمون
تي باسيل يونيورسٽيءَ جي سينيٽ کي ايترو ته ڏک ٿيو
۽ ڪاوڙ لڳي، جو ڪاسٽيلو جي تحرير تي هنن جيڪي
پائبنديون عائد ڪيون هيون، سي سڀ اُتي جو اتي هن
هٽائي ڇڏيون. باسيل يونيورسٽي يورپ جي يونيورسٽين
۾ هڪ اعليٰ مقام جي يونيورسٽي هئي انهن لاءِ اها
ڳالهه برداشت کان ٻاهر ته وٽن ڪم ڪندڙ هڪ بزرگ
پروفيسر کي انسانيت پسند دنيا ۾ رولاڪ، چور ۽
بدمعاشُ مشهور ڪيو وڃي، ۽ جيئن ته اهڙن غير
شريفانه الزامن جو ديني عقائد جي بحث سان ڪو واسطو
ڪونه هو، ۽ اُنهن سان محض هڪ شخص جي بدناموسي ٿِي
ٿي، اِنهي ڪري سينيٽ ڪاسٽيلو کي خاص اجازت ۽
اختيار ڏنو ته کلئي عام اُن جو جواب ڏئي.
ڪاسٽيلو جو جواب هڪ نهايت فضيلت ڀريو جواب هو. هو
ڪشاده دل هو ۽ هُن ۾ سهپ جو مادو هو. مخالفن جي
ڏانهنس نفرت سندس دل ۾ ڪو به ڪيني ۽ ڪروڌ جو زهر
اوتي ڪانه سگهي هئي. هن جي جواب جا پهريان جملا
ئي هُن جي شريف طبع ۽ مطئمن ضمير جي ثابتيءَ لاءِ
ڪافي هئا:” مون کي هن کُلئي بحث ۾ پوڻ سان ڪا
خوشي ڪانه ٿي ٿئي. آءٌ برادرانه مفاهمت کي وڌيڪ
پسند ڪريان ها، جيڪا مسيحي جذبي سان هڪٻئي ۾ اسين
محبت ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم ڪري سگهون ها. هي
جهڳڙي جا غير مهذب طريقا، جن ۾ هڪٻئي تي الزم هڻڻا
پون ٿا ۽ کلئي عام هڪٻئي سان گهٽ وڌ ڳالهائڻو ٿو
پوي، اِن مان ته خود مقدس ڪليسا جي نيڪناميءَ تي
داغ لڳي ٿو. پر، جيئن ته اوهان ۽ اوهان جي دوستن
منهنجي ان صلح پسند سهڪار جي سڄي خواب کي ٽوڙي
ڇڏيو آهي، اِنهيءَ ڪري لاچار مون کي اوهان جي بيجا
جملن جو هيءَ جواب ڏيڻو پوي ٿو. پر آءٌ اوهان کي
پوري ادب ۽ احتياط سان جواب ڏيڻ گهران ٿو.“ ڪال ون
پنهنجي مضمون جي پهريئن ڇاپي ۾ ڪاسٽيلو جو نالو
وٺي چيو هو، ته اها گمنام سٺ ڪاسٽيلو ٺاهي هئي.
پر ساڳئي پنهنجي مضمون جي ٻئي ڇاپي ۾ هو پنهنجي
اُن دعويٰ تان ڦري ويو. بلڪ اُن ڳالهه کي ئي کائي
ويو، ڇاڪاڻ ته اوستائين کيس پنهنجي غلطي جو احساس
ٿي چڪو هو. پر وري به کُليو کلايو پنهنجي اُن
چُڪ جو اظهار ڪونه ڪيائين، جيئن هڪ ديانتدار
ماڻهوءَ کي ڪرڻ کپندو هو. پر ڪاسٽيلو پنهنجي جواب
۾ هُن جي اُن ڪوڙ کي پوريءَ طرح پڌرو ڪري
بيهاريو، ۽ سڌو پڇيائينس، ته کُلي ڳالهه ڪر هائو
يا نه؟ ڇا، پنهنجي مضمون لکڻ وقت توکي خبر هئي ته
آءٌ گيت جو مصنف ڪونه هوس؟ بهرحال آءٌ پاڻ ڇا ٿو
چئي سگهان ته اُهو ڪوڙو الزام هو، ۽ پوءِ به تو
ڄاڻي ٻجهي ٺڳي ٿي ڪئي، يا ممڪن آهي، ته ان جي توکي
پوري پڪ ڪانه هئي، ۽ پوءِ به تو الزام جو مون تي
هنيو، تنهن جي معنيٰ ته تو بيحد هلڪڙائي ۽ غير
ذميداريءَ جو ڪم ڪيو. ٻنهي حالتن ۾ تنهنجو عمل
کوٽو ۽ شرم جهڙو عمل هو- ڇاڪاڻ ته اُن لاءِ تو وٽ
ڪو به واجبي سبب ڪونه هو. مون اُهو سِٺ جو گيت
ڪونه لکيو هو، ۽ نه وري پئرس ۾ ڇپجڻ لاءِ ڪو مون
موڪليو هو. جيڪڏهن اِن سِٺ جي اشاعت ڏوهه جو ڪم
هو، ته اِهو ڏوهه پاڻ تو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اُن جي
باري ۾ جيڪو تو ايڏوڊگهو ۽ اڻ سهائيندو مضمون لکيو
۽ شايع ڪيو، اُن کان پوءِ ئي اُها سِٺ ماڻهن ۾
مشهور ٿي سگهي هئي.“
اهڙي طرح، ڪال ون مٿس حملي لاءِ جيڪو بهانو
استعمال ڪيو هو، اُن جا وکا پڌرا ڪندي، ڪاسٽيلو هن
جي اصل مضمون کي هٿ ۾ کنيو. ”تون گارين ڏيڻ ۾ ڀَڙُ
آهين ۽ اُن لاءِ تو وٽ گُٿا لفظ به گهڻا آهن، ۽
جوش ۾ ڀرجي، تو ايئن ڳالهايو آهي، جو زبان تنهنجي
وس کان نڪري ويئي آهي. تو يڪساهي مون کي، ’خدا جو
تڙيل‘، ’غيبتي‘، ’بدڪار‘ ’ڀونڪندڙ ڪتو‘، ’جاهل‘،
’وحشي‘، ’بي ادب‘ ۽ ’ڪلام خداوندي جو غلط
پڙهندڙ‘’احمق، جيڪو خدا تي چٿرون ٿو ڪري‘، ’ايمان
جو منڪر‘، ’بيحيا‘، ’بيمار ڪتو‘، ’بدبودار ۽ ڪرهت
ڪرڻ جهڙو‘، ’اُبتو، ۽ اَڻ گهڙيو روح‘، ’رول‘ ۽
’ڇتو چور‘ سڏيو آهي اَٺ ڀيرا تو مون کي ’بدمعاش‘
سڏيو آهي. ايئن پورا چار ڇپيل صفحا اهڙين چونڊ
گارين سان ڀريا اٿئي پنهنجي مضمون جو عنوان ئي
رکيو اٿئي ”هڪ بدمعاش جا ڪوڙ“ ۽ اُن جو آخري جملو
آهي، ’شل خدا جي ڪا مار پويئي،او شيطان!‘ الف کان
ي تائين سڄو مضمون ايئن گند سان ڀريل آهي،
جيتوڻيڪ اُن جي لکندڙ جي دعويٰ آهي ته هو خدا
رسيده ۽ مسيحي شرافت جو مجسمو آهي. سچ پچ، جيڪي
تنهنجا پوئلڳ ۽ معتقد آهن، تن جي حال تي افسوس ٿو
ٿئي. ڇا، تون چاهيندين ته اُهي سڀ پڻ تنهنجون اِهي
ڳالهيون سکي، تو وانگر ايئن چيڙاڪ ۽ بدڪلام ٿين!
پر اِهي تنهنجون گاريون ۽ اِهي تنهنجا واڪا مون تي
ڪوبه اثر ڪونه ٿا ڪن .... ڪڏهن نه ڪڏهن سچ پڌرو
ٿيندو ۽ اُن جي سوڀ ٿيندي، ۽ تو ڪال ون کي خدا جي
اڳيان اِنهن سڀني بد ڪلامين، بهتانن ۽ ڪوڙن لاءِ
جواب ڏيڻو پوندو، جيڪي تو منهنجي مٿان مڙهيا آهن-
مان، جنهن جي نجات لاءِ به مسيح پاڪ ايئن ئي
پنهنجي جان قربان ڪئي هئي، جيئن تنهنجي نجات لاءِ!
ڇا، اهو ممڪن آهي ته توکان مسيح جا اُهي لفظ وسري
ويا آهن، ۽ اِن لاءِ توکي ڪو پڇتاءُ ڪونهي، ته
”جيڪو به بي سبب پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙجي ٿو اُهو
خدائي فيصلي جي خطري هيٺ رهي ٿو، ۽ جيڪو به پنهنجي
ڀاءٌ کي ”اڙي“ چوي ٿو، اُهو خدا جي محبت کان
محروم ٿئي ٿو!“
اُن کان پوءِ، پوري ڌيرج سان ڪاسٽيلو ڪال ون جي
اُنهيءَ الزام خلاف پنهنجو بچاءَ پيش ڪري ٿو. جنهن
۾ هن کي ”ٻارڻ جي ڪاٺين جو چور“ سڏيو ويو
هو.”برابر، جيڪڏهن مون ڪاٺيون چورايون آهن، ته اهو
هڪ بيحد سخت ۽ ناقابل معافي ڏوهه آهي. پر ڪنهن تي
بهتان مڙهڻ به ته اهڙو ئي سخت ڏوهه آهي! چڱو، کڻي
سمجهون ٿا ته تنهنجو الزام سچو آهي، ۽ مون واقعي
هتي باسيل جي شهر ۾ ڪاٺيون چورايون آهن پر،
تنهنجي عقيدي موجب، اِهو ڏوهه به ته مون پنهنجي
وسان ڪونه ڪيو هوندو. ڇو ته منهنجي تقدير ۾ ئي
ايئن لکيل هو ته مان اِهو ڏوهه ڪندس. پوءِ اُن
لاءِ مون کي ڇا لاءِ ٿو گهٽ وڌ ڳالهائين؟ ڇا،
بجاءِ اُن جي، توکي مون تي قياس نه ڪرڻ گهرجي، جو
خدا- اهو ڏوهه منهنجي تقدير ۾ لکي ڇڏيو هو، ۽
اِنهيءِ ڪريءَ اهو مون لاءِ ممڪن ئي ڪونه هو ته
اِهو ڪو ڏوهه آءٌ نه ڪري سگهان؟ ۽ جيڪڏهن ڳالهه
واقعي ايئن آهي، ته پوءِ تون ايڏيون رڙيون ۽
ڪوڪون ڪري، آسمان کي ڪنبائڻ ڇو ٿو گهُرين؟. ڇا،
اِنهيءَ لاءِ ته مان آئيندي ٻي ڪا اهڙي چوري نه
ڪريان؟ پر مان جيڪڏهن اهڙو عادتي چور آهيان ته
اُها به منهنجي قسمت جي ڳالهه آهي، جنهن کان آءٌ
هرگز بچي نٿو سگهان. هن حالت ۾ توکي ته پاڻ منهنجي
بچاءَ ۾ لکڻ گهرجي، ڇو ته بنهه بيوسيءَ کان آءٌ
اِهي ڏوهه ڪندو رهان ٿو! تنهنجي پنهنجي تعليم
مطابق، آءٌ چوريءَ کان پاڻ کي ايترو ئي بچائي
سگهان ٿو، جيترو پنهنجيءَ ڪنهن ڪوشش سان قد ۾ پاڻ
کي ڪو هڪ انچ به ڪڏهن وڌائي ٿو سگهان!“
ايئن ڪال ون جي اِن بيهودي الزام تان کِلون ۽
چٿرون ڪندي، ڪاسٽيلو پنهنجي جوابي مضمون ۾ کولي
پنهنجن پڙهندڙن کي ٻڌايو ته اُن الزام جو بنياد
ڪهڙيءَ ڳالهه تي بيٺل هو. حقيقت هيءَ هئي ته
سانوڻيءَ جي موسم ۾ رائين نديءَ ۾ چاڙهه ايندو هو
۽ اُن ۾ لڙها ۽ بُنڊ لُڙهي ايندا هئا، جيڪي اُن جي
ڪنارن تي آباد ٿيل ڳوٺن جا ماڻهوءَ ڪپن تان بيٺي
بيٺي يا پاڻيءَ اندر گهڙي ڪڍي وٺندا هئا. باسيل
جا رهواسي به ايئن ڪندا هئا، جيئن ٻين شهرن ۽ ڳوٺن
جا ڪندا هئا، ۽ اهو دستور هوندو هو ته جيڪو به
اُهي ڪاٺيون ۽ بنڊ ايئن جهلي درياءَ مان ٻاهر
آڻيندو هو، اُهي اُن ماڻهوءَ جا پنهنجا سمجهيا
ويندا هئا؛ بلڪ ماڻهن کي اُنهن لڙهن ۽ بُنڊن کي
وهندڙ پاڻي مان ڪڍي ٻاهر ڪرڻ لاءِ همٿايو ويندو
هو، ته جيئن اُهي نديءَ تي ٿيندڙ ٻيڙين جي ترڻ ۾
رڪاوٽ ۽ اُن لاءِ خطرو ثابت نه ٿين. باسيل شهر جي
ميونسپل اختياريءَ وارا ته اُن ڪم لاءِ اهڙن
”چورن“ کي اجورو به ڏيندا هئا. خود ڪاسٽيلو کي به
اُن ”چوري“ لاءِ ڪجهه رقم ”انعام“ طور ڏني ويئي
هئي. اهڙي دندان شڪن جواب پڙهڻ کان پوءِ ڪاسٽيلو
جا ڪٽر ۾ ڪٽر دشمن به خاموش ٿي ويا ۽ وري اُهو
الزام ڪڏهن به اُنهن هُن تي ڪونه هنيو- ڇو ته
اُن سان ڪاسٽيلو جي نه پر خود ڪال ون جي خواري ٿي
رهي هئي.
پر
ڳالهه تي رنگ آميزي ڪرڻ يا اُن لاءِ ڪنهن قسم جي
عذر يا معذرت پيش ڪرڻ يا مرڳو اُن کي کائي وڃڻ
سان ڪال ون جي ساک بحال نٿي ٿي سگهي؛ ڇو ته هُن
پنهنجي آمريت جي انڌ ۾ اچي، فقط پنهنجي هڪ سياسي
مخالف کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ئي هيءُ سارو ڪوڙ جو
ٽڪساٽ کڙو ڪرڻ گهريو ٿي- جيئن سرويٽس جي حالت ۾
ڪيو هئائين. ڪاسٽيلو جو ڪردار ته پاڻ هِن سڄي
معاملي ۾ وڌيڪ اڇو اُجرو ۽ صاف سٿرو ٿي. ماڻهن جي
اڳيان اُڀري آيو هو. هُن ڪال ون ڏانهن پوري
اعتماد سان لکي موڪليو هو: ”ڀلي عام ماڻهو، جيڪي
انصاف ڪرڻ گهرن ٿا، سي انصاف ڪن. آءٌ ڪنهن به
اهڙي ماڻهوءَ جي راءِ کان خائف ڪونه آهيان، جيڪو
نفرت ۽ پاسخاطريءَ کان سواءِ، ڳالهه جي تور تڪ
ڪرڻ گهري ٿو. جيڪي مون کي ننڍپڻ کان سڃاڻن ٿا
اُنهن کي خبر آهي، ته آءٌ سدائين مسڪينيءَ جي
حالت ۾ رهيو آهيان. لاتعداد ماڻهو ان ڳالهه جا
شاهد آهن. ان باري ۾مون کي شاهدن ڳولڻ جي ضرورت
ڪانهي خود توکي خبر ڪانهي ڇا ته مون پنهنجي سڄي
زندگي ڪيتري سادگيءَ ۽ غربت ۾ گذاري آهي؟ تون ۽
تنهنجا سڀ شاگرد ۽ معتقد ڄاڻن ٿا ته اِن باري ۾
مون تي ڪنهن قسم جي ڪا آڱر به کڄي نه ٿي سگهي. ان
صورت ۾ اوهين مون تي فقط اهو الزام لڳائي سگهيا ٿي
ته منهنجا عقيدا اوهان جي عقيدن سان ٺهڪي نه ٿا
اچن، ۽ اهو ئي گناهه آهي. اُن جي بدران اوهين مون
کي محض بدنام ڪرڻ لاءِ، مون تي اُهي اخلاق کان
ڪريل تهمتون رکو ٿا، جيڪي بي بنياد آهن ۽ اُنهن
جي تقويت ۾ اوهين خدا جو نالو کڻو ٿا؟ ڇا اعليٰ
حضرت جناب ڪال ون صاحب توکي معلوم ڪونهي ته رڳو
ڪروڌ ۽ ڪيني جي اثر ۾ اچي، ڪنهن تي ڪوڙا الزام
مڙهڻ ڪيڏو نه ڪبيرو ۽ ناقابل معافي گناهه آهي؟
”پر خدا جو نالو آءٌ به کڻي سگهان ٿو؛ ۽ جيئن ته
تون خدا جو نالو وٺين ٿو. انهيءِ لاءِ ته منهنجي
خلاف ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري سگهين، آءٌ پڻ اُنهيءَ ئي
پنهنجي خدا جي حضور ۾ تنهنجي انهيءَ ظلم خلاف
فريادي آهيان. جيڪڏهن آءٌ ڪوڙو آهيان، ته شل خدا
مون کي اُن جي جوڳي سزا ڏئي ۽ ڀل ته ماڻهو مون کي
بي عزت ڪن، بلڪ اُن لاءِ کين منهنجي جان به مباح
آهي. پر جيڪڏهن سچ منهنجي پاسي آهي، ۽ تو مون تي
ڪوڙي تهمت هَنيئن آهي، ته آءٌ دعا ٿو گهران ته
منهنجي دشمن منهنجي راهه ۾ جيڪي کڏون کوٽيون آهن،
شل اُنهن ۾ ڪرڻ کان خدا مون کي پناهه ۾ رکي.
منهنجي هيءَ به دُعا آهي ته توکي به مرڻ کان اڳ هو
توبهه تائب ٿيڻ جي توفيق ڏئي، ۽ هيءُ جيڪو تو
گناهه ڪيو آهي، اُهو تنهنجي نجات جي راهه ۾ رڪاوٽ
نه ٿئي.“
هيءَ ٻولي ۽ هِيءَ طرز تحرير، جيڪا هڪ آزاد ۽ نيڪ
طبع ماڻهو ڪم آڻي ٿو، سا ڪال ون جي رنگ ۽ انداز
کان ڪيتري نه مختلف آهي، جيڪو هُن هٺ ۽ ڪروڌ ۾
ڀرجي ڪاسٽيلو جي خلاف پنهنجي مضمون ۾ اختيار ڪيو
هو! حق شناس ۽ انسان پسند ماڻهوءَ ۽ هڪ خود پسند
ڪٽر شخص جي سڀاءَ ۾ اهو ازلي فرق ٿئي ٿو. جنهن
ماڻهوءَ جو ضمير صاف آهي، اِهو هميشه نوڙت ۽
نرمائيءَ سان ڳالهائڻ جو عادي هوندو آهي، پر هٺ
ڌرم ۽ هوڏي ماڻهو ڌڪار ۽ دهمان کان سواءِ ٻيو ڪو
رستو ڪونه ڄاڻي. نفرت سان ڀريل دل ڪڏهن به صاف ۽
هلڪي نٿي رهي سگهي، ڪابه خالص روحاني نيڪي ڪنهن
آءٌ- پڻي جي انڌ ۾ ورتل ماڻهو لاءِ ممڪن ئي ڪانهي.
انساني ڀلائيءَ جي شفاف روحاني عمل جي اُميد فقط
انهن شخصن کان ڪري سگهجي ٿي، جيڪي مٺا ۽ صبر وارا
ٿين ٿا، ۽ جن جو پنهنجي نفس تي قبضو آهي ۽ هو
سدائين انصاف جي رستي تي هلندڙ آهن.
پر جيڪي ماڻهو ڌر بڻجي ٿا بيهن ۽ جانبداريءَ کي
پنهنجو منصب ٿا سمجهن، انهن جي نظر ۾ انصاف جي ڪا
اهميت ڪانه ٿي رهي؛ انهن جي اک فقط سوڀ ۾ کُتل رهي
ٿي. سندن پنهنجي ڳالهه مٿي ٿئي، هُنن لاءِ بس اها
ئي ڳالهه اهم آهي. هو ٻئي ڪنهن جي ڳالهه مڃڻ لاءِ
تيار ئي نه هوندا آهن. هنن کي فقط پنهنجي ڳالهه
مڃائڻي هوندي آهي. هيڏانهن ڪاسٽيلو جو جواب پڌرو
ٿيو ۽ هوڏانهن مٿس نئين سر حملا شروع ٿي ويا. هاڻي
البت کيس ذاتي گارين ڏيڻ کان پرهيز ڪئي وئي، يعني
کيس ”ڪتو“، ”مرون“، ”ڪاٺين جو چور“ وغيره سڏڻ کان
چپ چاپ معافي ڏني وئي. خود ڪال ون به هن جي خلاف
اهڙن گندن لفظن جي ڪم آڻڻ کان توبهه ڪئي. پر ان جي
بدران مٿس حملي جو رُخ بلڪل ئي ٻيو اختيار ڪيو
ويو. هاڻي مٿس خالص ديني الزامن جي وارو وار ڪئي
وئي. ٻيهر جينيوا جا ڇاپ خانا تحريڪ ۾ آندا ويا.
نئين سر ٿئوڊور ڊي باز کي ميدان ۾ آندو ويو. هن
لاءِ سچ کان وڌيڪ پنهنجي آقا سان وفادار رهڻ لازم
هو. بائيبل جي سال 1558ع ۾ ڇپيل جينيوا جي سرڪاري
نسخي جي مهاڳ ۾ هن کُليو کُلايو ڪاسٽيلو تي اهڙا
ته انسانيت کان ڪريل حملا ڪيا، جو انهن کي پڙهي،
لکندڙ جي مسيحي هجڻ تي ئي شڪ اچيو وڃي. ان مهاڳ ۾
ڊي باز لکي ٿو ته ”شيطان، جيڪو اسان جو پراڻو دشمن
آهي، تنهن جڏهن ڏٺو ته هو جيئن اڳي تئين هاڻي به
ڪلام خداونديءَ جي وسيع اشاعت کي روڪي نٿو سگهي،
تڏهن هو اڳي کان به وڌيڪ خطرناڪ هٿيار کڻي ميدان ۾
نڪري آيو. ڪيتري زماني تائين انجيل مقدس جو ڪو
فرينچ ترجمو- ڪو پڙهڻ جهڙو ترجمو- ڪونه هو. پر
هاڻي وري، ان جي مقابلي ۾، شيطان اُن جا اوترا ئي
مترجم پيدا ڪري وڌا آهن، جيترا هن جا خبيث ۽ خسيس
نفس آهن ۽ اڃا ته ٻيا به ڪيترائي اهڙا لعنتي گستاخ
کيس ان ڪم لاءِ ملي ويندا- ممڪن آهي ته خداوند
قدوس کيس اِن ڳالهه ۾ ڪا گهاڻي وجهي. پڙهندڙ
جيڪڏهن مون کان اهڙن مردودن جو ڪو مثال پُڇي، ته
آءٌ کيس سيباسٽيان ڪاسٽيلو جو نالو ڏَسي سگهان ٿو،
جنهن انجيل جو لاطيني ۽ فرينچ ٻولين ۾ ترجمو ڪيو
آهي- اهو ڪاسٽيلو، جنهن جو نالو مقدس ڪليسا وٽ
احسان فراموشيءَ، بي ادبيءَ ۽ گستاخيءَ کان مشهور
آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ اهو ئي خدا جو تڙيل ملعون آهي،
جنهن کي سڌي رستي تي هلائڻ لاءِ مقدس ڪليسا کي
ڪيترا جتن ڪرڻا پيا آهن- پر سڀ بي سُود! انهيءَ
ڪري اسين پنهنجو اِهو خدائي فرض ٿا سمجهون ته هاڻي
وڌيڪ ماٺ ڪري ويهي نه رهون، بلڪ سڀني مسيحي مومنن
کي هِن ماڻهوءَ بابت چتاءُ ڪري ڇڏيون، جيڪو هِن
وقت شيطان پليت جو ئي خاص ڌُڻيل ۽ قبول ڪيل ماڻهو
آهي.“
ڪنهن عالم ۽ فاضل شخص تي ڪفر جي فتويٰ- ان کان
زياده کُليل لفظن ۾ ٻي ڪهڙي صادر ٿي سگهي ٿي؟
بهرحال ڪاسٽيلو، جيڪو ”شيطان جو ڌُڻيل“ ماڻهو هو،
سو وري به ماٺ ڪري ڪونه ويٺو. ميلنشان جي خط جي
آڌار تي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هِن ڏکويل شخص جي
قلم تان پابندي لاهي ڇڏي هئي. هن ڀيري ڊي باز هُن
کي جيڪو جواب ڏنو، سو ڏاڍو ڏک ڀريو ۽ دل ڀڄائيندڙ
جواب هو. ۽ هِنن حالتن هيٺ واقعي هو ٻيو ڪري به ڇا
ٿي سگهيو، جڏهن روحاني منزلن جي دعويٰ ڪندڙ شخص
ڦري، اهڙا نفرت ۽ حيوانيت جا ديَو ٿي پون! هُن
ڄاتو ٿي ته ڪال ويني سچ جا ساٿياري ڪونه هئا؛ هُنن
ته رڳو پنهنجي ئي عقيدي جي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ گهريو
ٿي، ۽ انهيءَ ڪري هو تيسين خاموش ٿي ويهڻ وارا
ڪونه هئا، جيسين کيس پوريءَ طرح ختم ڪري نه ڇڏين،
جيئن هن کان اڳ هن پنهنجن ٻين نظرياتي ۽ سياسي
مخالفن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. پر هو پاڻ پنهنجن
مخالفن لاءِ نفرت جو اهڙو آڙاهه دل ۾ کڻي هلڻ لاءِ
تيار نه هو. انهيءَ ڪري وري هنن جي سُتل ضمير کي
جاڳائڻ لاءِ لکيائين؛ “ توهان اختياريءَ وارن کي
اُڀاري رهيا آهيو ته هو مون کي مارڻ جو بندوبست
ڪن. توهان جا ڪتاب ۽ توهان جون تحريرون ايئن پڌري
پٽ انهن کي چونديون ٿيون رهن. انهن مان اِها ڳالهه
پڌري نه هجي ها، ته هوند اهڙو الزام اوهان تي آءٌ
هرگز نه هڻان ها. پوءِ ٻئي ڪنهن نموني مون کي اُن
ڳالهه جي ڪيتري قدر خاطري ڇو نه هجي ها. اوهين
سمجهو ٿا. ته آءُ مري ويس، ته اوهان کي جواب ڏيڻ
مون لاءِ ممڪن نه رهندو: اِنهيءَ ڪري جيسين جيئرو
آهيان، تيسين اوهان لاءِ آءٌ ايئن آهيان جيئن ڪنهن
ٻار لاءِ ننڊ ۾ ڊيڄڙو. پر اوهان کي اهو معلوم آهي
ته اختياريءَ وارا اوهان جي چوڻ تي مون کي مارائڻ
لاءِ تيار نه آهن- گهٽ ۾ گهٽ اڃا تائين ته هو
اوهان جي انهيءَ دٻاءَ ۾ اچي نه سگهيا آهن پر
تنهن وچ ۾ توهين مون کي دنيا جي اکين ۾ خوار خراب
ڪرڻ گهرو ٿا ته جيئن ايترو حقير بڻجي وڃان جو
منهنجي قول ۽ فعل جي ڪٿي ڪا وقعت نه رهي. هاڻي،
اوهان کي ان مسيح جو واسطو وجهي چوان ٿو، جنهن جو
بار بار اوهين نالو وٺي رهيا آهيو، ته اوهين اُن
جي اڳيان پنهنجي اِن روش کي ڪهڙيءَ طرح جائز ثابت
ڪري سگهو ٿا؟ هو ته اُهو هو، جنهن پنهنجي غدار
ساٿيءَ جوڊاس سان ان وقت به نرمائيءَ ۽ شفقت سان
پئي ڳالهايو، جڏهن اُهو کيس دشمن جي حوالي ڪرڻ جي
سازش ۾ رُڌل هو، ۽ هُن کي جڏهن صليب تي چاڙهيو ويو
هو، تڏهن اُتان به هو پنهنجن جلادن جي نجات لاءِ
دعائون گهرندو ٿي رهيو. پر هيڏانهن اوهان آهيو، جي
پاڻ کي مسيح جو پوئلڳ چوايو ٿا؛ ڇا، اوهين سمجهو
ٿا ته اوهين پاڻ ڇا ڪري رهيا آهيو؟ رڳو اِنهيءَ
لاءِ ته منهنجو اوهان سان ڪن عقيدن تي اختلاف آهي
۽ اوهان جي ڪن معمولي راين کان الڳ رايو رکان ٿو،
انهيءَ ڪري منهنجي رت جا پياسي بڻجي پيا آهيو، ۽
پاڻ توڙي ٻين هٿان هر هنڌ مون کي ڏک ۽ عذاب
ڏياريندا ٿا رهو! اوهان کي اِها ته خبر آهي ته
اوهان جي اهڙي قسم جي عمل تي خداوند يسوع ڪيترو نه
ناراض ٿيندو هو ۽ اُن کي ڪيتري قدر نه قابل ملامت
سمجهندو هو! ڇا، هن جو اهو قول اوهان کان وسري ويو
آهي ته ”جيڪڏهن ڪو پنهنجي ڪنهن ڀاءُ کي ڌڪاري ٿو
ته اهو خوني آهي!“ اهي ته سنوان سڌا سچ آهن ۽ مقدس
انجيل ۾ هرڪو ڏسي سگهي ٿو، بشرطيڪ هن جي دل
مناظرائي کوٽ ۽ ڏنگائيءَ کان بچيل هجي. اوهين پاڻ
زبان سان -انهن ڳالهين کي مڃو ٿا ۽ چئو ٿا ته انهن
تي اوهان جو ايمان آهي. پوءِ انهن تي اوهين پنهنجي
روزمره جي زندگين ۾ عمل ڇو نٿا ڪريو؟
ڪاسٽيلو کي خبر هئي ته ڊي باز ته رڳو هڪڙو پتلو
هو، جنهن کي -چٽ ڏئي اڳ ۾ ڪيو ويو هو. اصل ۾ ڪال
ون ئي هو، جنهن ضمير جي اندرئينءَ دنيا توڙي
ٻاهرينءِ ٻيءُ دنيا ۾ پنهنجي آمريت کي قائم رکڻ ٿي
گهريو ۽ اُن جي دل ۾ ئي اُها خونخوار نفرت موجود
هئي، جنهن ڪاسٽيلو کي پوريءَ طرح ختم ڪرڻ گهريو
ٿي. ڪاسٽيلو، اِنهيءَ ڪري ڊي باز کي ڇڏي، سڌيءَ
طرح ڪال ون سان مخاطب ٿيو: “تون پاڻ کي مومن مسيحي
سڏائين ٿو، تون انجيل مقدس جا حوالا ڏين ٿو، تون
ڪلام خداونديءَ کي پنهنجي سند سڏين ٿو ۽ فخر سان
دعويٰ ڪرين ٿو ته تنهنجو سڄو ذهن خداوند قدوس جي
ارادي ۽ مرضيءَ جي عين مطابق ڪم ڪري ٿو. تون
سمجهين ٿو ته توکي انجيل مقدس جي حقيقي معنيٰ جي
ڄاڻ آهي. پر، جي تون ٻين کي اها سيکارڻ گهرين ٿو،
ان جي بدران اُها پاڻ کي ڇو نٿو سيکارين؟ اها توکي
ڪيئن ٿي همٿ ٿئي، جو ديول جي منبر تان بيهي، ٻين
تي لعن طعن ڪرين ٿو جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا، جڏهن
تون پاڻ پنهنجي تحريرن ۾ ڪوڙَ لکندو رهين ٿو؟ ايئن
ڇو آهي، جو ٻاهرينءَ طرح منهنجي هوڏ جي دعويٰ
ڪندي، ساڳيءَ هوڏ ۽ خودپسنديءَ ۾ ڀرجي، منهنجي
خلاف اُهي اُهي فتوائون جاري ڪندو رهين ٿو، ڄڻ تون
خود خدا سان گوڏو گوڏي ۾ ڏيو، تخت تي هن جي بنهه
ساڄي پاسي ويٺو آهين ۽ هُن پنهنجي دل جا سمورا راز
توکي ٻڌائي ڇڏيا آهن؟ منهنجي توکي صلاح آهي ته
ڪجهه پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي ڏس، متان اڳتي
ان جي به مهلت نه ملي! جي تولاءِ اهو ممڪن ٿي
سگهي، ته هڪ گهڙي لاءِ ايئن به سوچڻ جي ڪوشش ڪري
ڏس ته ڇا تون هر ڳالهه ۾ واقعي ايترو ڪامل اڪمل
انسان آهين، جيترو تون پاڻ کي عام طرح سمجهين ٿو!
ايئن سوچڻ جي ڪوشش ڪندين ته شايد پنهنجي لاءِ ڪجهه
قدر اُهو ئي رايو قائم ڪري سگهين، جيڪو ٻيا پنهنجي
دل ۾ تو لاءِ رکن ٿا. پاڻ کي فنا في النفسيءَ کان
بچاءِ، جيڪا توکي بنهه کائي رهي آهي، تنهنجي دل ۾
ايترن گهڻن ماڻهن لاءِ، ۽ خاص ڪري منهنجي لاءِ،
جيڪا هيتري ڌڪار ۽ حقارت آهي، اُن کان به پاڻ کي
آجو ڪر ته جيئن تنهنجي روح کي ڪجهه سڪون ملي. اچ
ته پاڻ ۾ هڪٻئي لاءِ گهڻگهرائي ۽ نيڪ تمنائيءَ جي
چٽاڀيٽي ڪريون- اِن مان توکي ترت ئي خبر پوندي ته
آءٌ ايترو برو نه آهيان جيترو تون مون کي سمجهين
ٿو- بلڪل ايئن جيئن توکي هاڻي معلوم ٿي چڪو آهي ته
ڪاٺين جي چوري جو جيڪو ڏوهه تو مون تي مڙهيو هو،
سو صحيح نه هو. جيڪڏهن آءٌ عقيدي جي مسئلي ۾ تو
کان جدا آهيان ته توکي کپي ته تون ڪجهه برداشت ڪر.
ڇا اِها ڪا ايڏي ناممڪن ڳالهه آهي، جو ٻه نيڪدل
ماڻهو راءِ جي اختلاف هوندي به دلي طور هڪ هجن؟“
تحقيق، ڪو ماڻهو ڪٽر عقيدي پرستن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ
ڀريل حملن جو جواب اِنهيءَ کان وڌيڪ ميٺاج ۽ فضيلت
سان نٿو ڏئي سگهجي. اختلافي مسئلن ۾ اِن کان وڌيڪ
مصالحتي انداز ٻيو ڪو ممڪن ئي ڪونهي. اهڙي ڀل
مانسيءَ جي روش چوڻ ۾ ته سولي آهي، پر اُن تي عمل
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪاسٽيلو تي ته هيءُ سڄو آزار
زوريءَ مڙهيو ويو هو. پر ان ۾ آخر سوڌو هو پنهنجو
ڪردار سهپ ۽ مريادا جي زندهه مثال طور پيش ڪندو
رهيو. حقارت جو جواب حقارت سان ۽ نفرت جو جواب
نفرت سان ڏيڻ جي بدران هو پنهنجن مخالفن ڏانهن
پنهنجي محبت ۽ مفاهمت جو هٿ ڊگهيريندو رهيو.
هوڏانهن سندس مخالف سندس قتل جا سانباها ڪندا
رهيا، هيڏانهن هيءُ اشراف اُهو ئي کين انسانيت کان
ڪم وٺڻ لاءِ هٿ جوڙ ڪندو ۽ خدا جا واسطا وجهندو
رهيو ۽ خدا جي پياري يسوع جي نالي ۾ ليلائيندو
رهيو: ”منهنجو اوهان کي هيءُ نماڻو عرض آهي ته
منهنجي شخصي آزاديءَ جو احترام ڪريو، مون تي
ڪوڙيون تهمتون نه هڻو. ڇڏيو ته آءٌ پنهنجي ايمان
تي پورو رهان ۽ اُن ۾ مون کي ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍڻي
پوي. اوهين به پنهنجي ايمان تي جيئن اوهان جي مرضي
هجي تئين قائم رهو- مون کي اِن تي ڪو اعتراض
ڪونهي، بلڪ اُن ۾ آءٌ خوش ٿو ٿيان. مهرباني ڪري-
اهو خيال دل تان لاهي ڇڏيو ته جيڪو اوهان سان سهمت
نه آهي، اهو هروڀرو به غلط آهي ۽ انهيءَ ڪري ان کي
جيئري ساڙي ڇڏڻ گهرجي... جڏهن آءٌ ڏسان ٿو ته
ڪيترائي متقي ۽ پرهيزگار، راسخ ۽ اڏول ايمان وارا
مسيحي عالم انجيل سڳوري جا پنهنجي پنهنجي خاص
نموني سان تفسير ڪن ٿا، تڏهن يسوع مسيح جي ذات
مقدس ڏانهن جيڪا منهنجي عقيدت ۽ سندس پاڪ ڪلام ۾
جيڪو منهنجو ايمان ۾ سو وڌيڪ پختو ٿئي ٿو، برابر
اها ته لازمي ڳالهه آهي، ته انجيل مقدس جي تفسير ۾
پاڻ ٻن مان هڪ جو تفسير ضرور غلط هوندو، پر ان ڪري
اسين پاڻ ۾ هڪٻئي سان ڇو وڙهون؟ هو جيڪو اسان ٻنهي
جو مالڪ آهي، سو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اسان مان جيڪو
هاڻي گهمراهه آهي، تنهن کي پاڻ ئي راهه راست تي
آڻيندو. تنهن وچ ۾ اسان ٻنهي مان هر هڪ کي فقط
هڪڙي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ۽ ياد رکڻ گهرجي: اُها
هيءَ ته اسان ٻنهي تي سڀ کان اول مسيحي اخوت ۽
محبت جو فرض عائد ٿيل آهي. اچ ته پهرين ان تي عمل
ڪريون، ۽ ان تي عمل سان پنهنجن مخالفن جا منهن بند
ڪريون. تون سمجهين ٿو ته پنهنجن راين ۽ عقيدن ۾
تون صحيح آهين. ٻيا پڻ پنهنجن راين ۽ عقيدن متعلق
ايئن سمجهن ٿا. ان صورت ۾ اسان مان جيڪو وڌ ۾ وڌ
ڏاهو آهي ان جو فرض ڇا آهي؟ اهوئي ته هو پنهنجي
عمل ۾ وڌ ۾ وڌ اخوت ۽ محبت جي روش ڏيکاري. اسان کي
پنهنجي علم تي گهمنڊ ڏيکارڻ نه کپي. خدوند قدوس ئي
سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو۽ هو ئي سڀ کان وڌيڪ ڏاهو آهي؛ ۽
اسان کي ياد رکڻ کپي ته هُن ’وڏن وڏن طاقتورن کي
سندن تختن تان لاهي پٽ تي اڇلايو آهي، ۽ اُهي‘
جيڪي تمام ننڍا ۽ هيڻا هئا، تن کي مٿي کڻي اوچين
اوچين گادين تي ويهاريو آهي.“
”هي لفظ مون اُن وقت لکيا آهن، جڏهن منهنجي دل
محبت جي جذبي سان ٽمٽار ٿيل آهي، آءٌ تو کي ۽
اوهان سڀني کي پنهنجي محبت ۽ مسيحي مفاهمت جي آڇ
ٿو ڪريان. آءٌ توکي استدعا ٿو ڪريان ته مون تي
محبت ۽ شفقت جو هٿ رک. آءٌ خدا جو نالو وٺي چوان
ٿو، ته هيءَ استدعا توکي پنهنجي دل جي گهرائين سان
ڪريان ٿو.“
”جيڪڏهن تون پوءِ به دل ۾ ڌڪار جو انگ رکي مون تي
وار ڪندو رهئين ، جيڪڏهن آءٌ تو کي بهرحال مڃائي
نه سگهيس، ته تون مون کي هڪ مسيحي ڀاءُ ڪري سمجهه
۽ مون سان قرب ۽ اخلاص جي روش هل ۽ مون سان بغض ۽
عداوت ڇڏي ڏي، ته اُن حالت ۾ به مون کي هاڻي
خاموش ٿي ويهڻو آهي. اسان ٻنهي جو نبيرو پاڻيهي
خدا وند قدوس ڪندو. آءٌ پنهنجيءَ سڄي ڳالهه جو
فيصلو اُن خالق اڪبر داناء بيناءَ عدل ۽ فضل جي
صاحب جي حوالي ڪريان ٿو.“
هيءَ ڳالهه بنهه ويساهه کان ٻاهر ٿي لڳي، ته
سمجهوتي ۽ سرچاءُ جي ههڙي دل ڀڄائيندڙ دانهن به
ڪنهن تي بي اثر رهجي وڃي. پر اسان فاني انسانن
جي فطرت جي هڪڙي متضاد خصوصيت هيءَ آهي، ته اسان
مان اُ هي جيڪي نظرياتي آهن، اُهي پنهنجي پنهنجي
تنگ خياليءَ ۾ ايترا ته ورتل ٿين ٿا ۽ ان جا ايترا
ته پائبند آهن، جو ٻئي ڪنهن خيال جو مٿن ڪو اثر
ٿئي، سو ممڪن ئي ڪونهي؛ ۽ کين ڪابه دانهن ڪو فرياد
پنهنجي ڳالهه تان نه ٿو هٽائي سگهي، فڪر جي معاملي
۾ جانبداري لازمي طور ماڻهوءَ کي عمل جي دائري ۾
بي انصافيءَ ڏانهن مائل ڪري ٿي. ۽ جڏهن ڪو شخص يا
ڪا قوم ڪنهن محدود نظريي جي ڪٽرپڻي جو شڪار هوندي
آهي، ته اُن جي سامهون هڪٻئي جي سهپ ۽ سمجهوتي جو
امڪان ختم ٿي ويندو آهي. ڪاسٽيلو جي هن ايڏي
درديلي دانهن جو ڪال ون تي ڪو به اثر ڪو نه ٿيو.
هيءَ دانهن ڪنهن جي هئي؟ اِنهيءَ دل جي، جيڪا صرف
محبت جي ڳولائو هئي، جنهن پنهنجي ڪا ڳالهه مڃائڻ
ڪانه ٿي گهري ، جنهن ڪو بحث مباحثو به ڪرڻ ڪونه ٿي
گهريو جنهن فقط گهريو ٿي، ته ماڻهو هڪٻئي کي
برداشت ڪن، پاڻ جيئڻ گهرن، ته ٻين کي به جيئڻ ڏين؛
امن امان ۽ صلح سانت ۾ رهن؛ هڪٻئي سان عداوت ۽
نفرت بدران ماڻهپي ۽ مروت جي فضا ۾ زندگي بسر ڪن،
پر جينيوا جي وڏي ديندار پادريءِ تي هن مسيحي امن
جي اپيل جو ڪو اثر ڪو نه ٿيو. اٽلو هن ڪاسٽيلو جي
خلاف هڪ وڌيڪ زورائتي حملي جي تياري ڪئي، عام
ماڻهن کي هُن جي خلاف اُڀارڻ ۽ مشتعل ڪرڻ شروع
ڪيو. ڪاسٽيلو جي خلاف سندس هيءُ حملو سڀ کان وڌيڪ
خسيس ۽ ذليل حملو هو. جيتوڻيڪ، هونئن ڪال ون جي
جينيوا ۾ ناٽڪ ۾ حصو وٺڻ ته ٺهيو، پر رڳو اُن کي
ڏسڻ به ديني ڏوهه شمار ٿيندو هو، اُتي جينيوا جي
هڪ خانقاهه ۾ ڪال ون جي پوئلڳن ۽ معتقدن هڪڙو
”ديني “ ناٽڪ رچيو ۽ اُهو اسٽيج تي آڻي ڏيکاريو،
جنهن ۾ ڪاسٽيلو کي خوار خراب ڪرڻ جي خيال کان، ڊي
پاروو ڪاسٽيلو؛ جي کُلئي نالي سان هڪڙو ڪردار
ڏيکاريائون، جيڪو شيطان جي مُک صلاحڪار ۽ ايجنٽ
طور پيش ڪيو ويو هو، ۽ ناٽڪ ۾ اُن ڪردار کان
’قبوليت‘ طور گيت جي صورت ۾ هي لفظ چوايائون:
”منهنجو قلم منهنجو ناهي،
”منهنجو ذهن منهنجو ناهي؛
”پاپائي اعظم لاءِ مان سوچيان ٿو،
”پاپائي اعظم لاءِ مان لکان ٿو.
”نفس جو آهيان مان غلام.
”رڳو پيسو ئي آ منهنجو دام!
”فتنو پکيڙڻ آ منهنجو ڪم،
”رڳو زهر ئي زهر آ منهنجو دم!“
اُهو ماڻهو جنهن جي سڄي زندگي فقيراڻي سادگيءَ ۽
درويشانه بي احتياجيءَ ۾ گذري هجي، اُن لاءِ اِهو
هلائڻ ته هُن پنهنجو قلم وڪيو هو، ذهن وڪيو هو، هو
نفس جو غلام هو، پيسو هُن لاءِ سڀ ڪجهه هو، ۽
پاپائيت جو پگهاردار نوڪر هو. افسوس هيءَ سڄي
انسان دشمن روش ۽ الزام تراشي نه رڳو جينيوا جي
ديندار اڳواڻن جي موڪل سان، پر اُنهن جي تحريڪ سان
عمل ۾ اچي رهي هئي! ڪال ويني گروهه جا ماڻهو ڪروڌ
۽ ڪٽرپائي ۾ ايترا وٺجي ويا هئا، جو کانئن غيبت
۽ حق، گلا ۽ سچ جو فرق وسري ويو هو، هنن جو واحد
مقصد هيءُ وڃي رهيو هو ته ڪنهن ريت ڪاسٽيلو کي
باسيل يونيورسٽيءَ جي پروفيسريءَ تان لهرايو وڃي،
هُن جون تحريرون ساڙيون وڃن ۽ جي ٿي سگهي ته خود
کيس به جيئري آڙاهه ۾ اڇلايو وڃي.
نفرت ۽ ٻيائي جي هنن ماهرن کي هاڻي ڪجهه بخت به
مدد ڪئي جينيوا ۾دستوري طور عمل ۾ ايندڙ عام گهرن
جي تلاشيءَ ۾ ڪال ون جي ”روحاني محافظن“ کي هڪڙي
گهر ۾ ٻه اهڙا شهري هٿ لڳي ويا، جيڪي هڪڙو ڪتاب
پڙهي رهيا هئا. جنهن تي ڪال ون جي اجازت جو ٺپو
لڳل ئي ڪونه هو! اُن جي نالي واري ورق تي مصنف جو
نالو به لکيل نه هو، ۽ نه وري اُن جي پوئين اڳيئن
صفحي تي ڪٿي ٻي ڪا اُن جي ڇپائي بابت معلومات ڏنل
هئي، اِنهن ڳالهين ڪري هيڪاري اُهو ڪتاب جنهن جو
نالو ”فرانس جي شهرين کي سهڻي صلاح “ الحادي ادب
جي شڪ هيٺ اچي ويو! ڪتاب جي ٻنهي پڙهندڙن کي هڪدم
”محڪمي امور مذهبي“ جي اختياريءَ وارن اڳيان آندو
ويو، اشڪنجي ۾ ڪسجڻ ۽ جيئري کلجڻ جي خوف کان هي
ٻيئي شخص گهٻرائجي ويا ۽ هي بيان ڏنائون ته:
”’سهڻي صلاح‘ وارو ڪتاب کين ڪاسٽيلو جي هڪڙي
ڀائيٽي کان مليو هو.“ شڪاري فوراً ان ڌپي تي اڳيان
وڌيا ته جيئن شڪار کانئن ڪٿي گم نه ٿي وڃي.
۽ حقيقت به اها هئي، ته هيءَ ڪتاب، ”بدعتن ۽
الحادي سهوُن سان ڀريل هئڻ سبب بيحد خراب ۽
خطرناڪ“ تصنيف هئي ۽ اهو هو به ڪاسٽيلو جي قلم جي
تخليق، هن کان هڪ ڀيرو وري به ”خطا“ سرزد ٿي ويئي
هئي. ايئن ٿي معلوم ٿيو، ته هن جي اِها پراڻي عادت
مٽجڻ کان مٿي چڙهي چڪي هئي، جنهن مطابق هن چاهيو
ٿي، ته مسيحي ڪليسا جي اندر، جيڪو خونخوار تصادم
پيدا ٿيل هو. اُهو ڪنهن طرح افهام تفهيم وسيلي ختم
ٿي وڃي ۽ مخالف گروهن ۽ فرقن جي وچ ۾سرچاءُ ۽ صلح
جي صورت قائم ٿي سگهي. اُن پنهنجي دلي خواهش ۽
جذبي جي موجودگيءَ ۾ هو خاموش به نيٺ ڪيئن ٿي رهي
سگهيو. جڏهن هُن ڏٺو ٿي، ته سندس پياري وطن فرانس
۾ هزارين جانيون ديني تشدد ۽ ظلم جو شڪار ٿي
رهيون هيون، ۽ جينيوا جي چرچ تي پروٽيسنٽ فرقي
وارا ڪئٿولڪ فرقي وارن جي خلاف هٿيار گڏ ڪري رهيا
هئا ۽ عنقريب اُتي وڏي ڪا خونريزي واقع ٿيڻ واري
هئي، ٿورو ئي عرصو پوءِ، واقعي فرانس ۾ سينٽ
بارٿلمو جو ڪوس عمل ۾ آيو، ۽ طويل مدت جي
فرقيوارنه رتوڇاڻ شروع ٿي ويئي هئي.
اهي سڀ خونخوار واقعا ڄڻ ڪاسٽيلو جي دورانديش
اکين اڳ ئي ڏسي ورتا هئا ۽ هو بنهه آخري گهڙي
تائين اُنهن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو . هُن
پنهنجي ”سهڻي صلاح “ ۾ سمجهايو هو، ته مذهب جي
نالي ۾ اهي خونريزيون بيسود هيون، ديني نظرين مان
هيءَ نظريو يا هُو نظريو پنهنجي جاءَ تي غلط نه
هو؛ دراصل غلط ڳالهه، بلڪ انتهائي مجرمانه ڳالهه
هيءُ هئي، ته ڪنهن ماڻهوءَ کي هو مڃڻ لاءِ تيار نه
هجي، هن دنيا ۾ جيڪا به خرابي پيدا ٿئي ٿي اُها
انهيءَ ”ضمير جي ٻوسٽ“ مان ٿئي ٿي، تنگدل ۽ تعصبي
ماڻهو هميشه ضمير تي زنجيرن وجهڻ جا نت نوان زور
آزمائيندا رهن ٿا. ڪاسٽيلو پنهنجي اُن ڪتاب ۾ وڌيڪ
ٻڌائي ٿو، ته حقيقت بهرحال هيءَ آهي، ته اهو نه
رڳو غير قانوني ۽ غير اخلاقي فعل آهي، جو ڪنهن کي
سندس مرضيءَ جي خلاف ڪنهن عقيدي کي مڃڻ لاءِ مجبور
ڪيو وڃي، پر اهو هڪ بنهه غير معقول ۽ چريائپ جو
فعل پڻ آهي. ايئن ڪنهن فلسفي يا نظريي جي متعقدن
کي زوريءَ ڀرتي ڪرڻ سان اُن جا فقط منافق پوئلڳ ئي
پيدا ڪري سگهجن ٿا. زوريءَ ڀرتي ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي
اهڙي نموني سان هڪ جماعت جي ميمبرن ۾ رڳو نالي
ماتر واڌ آڻي سگهجي ٿي ۽ اُن جو رياضي انگ وڌائي
سگهجي ٿو، جنهن سان دنيا ٺڳجي وڃي ٿي، پر اُنهن
سان گڏ جماعت جا سچا پچا ۽ مخلص پوئلڳ به ٺڳجي وڃن
ٿا، ڪاسٽيلو جا اهي خيال رڳو دين مسيح يا اُن جي
ڪال ويني جماعت لاءِ ئي موزون نه هئا، پر پوريءَ
طرح عالمي اهميت ۽ افاديت جا هئا، اُهي جيڪي
بهرحال پنهنجا پوئلڳ وڌائين ٿا، زور سان يا لالچ
سان، اُهي انهيءَ بيوقوف جو مثال آهن، جنهن وٽ
شراب جو مُٽ آهي. جنهن ۾ ڪجهه شراب پيل آهي، پوءِ
هو ان ۾ پاڻي وجهي، اُهو ڀري ٿو، ته جيئن وٽس گهڻو
شراب ٿئي، اُن جو نتيجو اِهو ٿو ٿئي، ته سندس شراب
ڪونه ٿو وڌي، پر ٿورو گهڻو جو ڪجهه وٽس هو، سو به
خراب ٿي وڃيس ٿو، اها ڪيڏي نه حماقت جي ڳالهه آهي،
جو چئجي ته جن کان زوريءَ ڪو عقيدو مڃائجي ٿو،
اُهي سچ پچ به اُن کي مڃين ٿا! اُنهن کي جيڪڏهن
پنهنجن دلي لاڙن جي اظهار جي آزادي ڏجي ته اُهي
هوندي هيئن چون:”ايمانداريءَ جي ڳالهه ٿا پُڇو، ته
آءٌ سمجهان ٿو، ته اوهين اَنيائي ۽ ظالم آهيو ۽
جيڪي ڪجهه اوهان مون کي زوريءَ مڃرايو آهي، اُهو
سڀ ڪوڙو آهي. ڪِنو شراب ماڻهن کي زوريءَ پيارڻ سان
ڦري سٺو ڪونه ٿو ٿي سگهي.“
اهڙيءَ ريت ڪاسٽيلو پنهنجي بنيادي راءِ جو اظهار
جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ زورائتي نموني ۾ ڪندو رهيو،
ته مسهپ ۽ عدم روادري لازمي طور جهيڙي ۽ جنگ جو
رستو آهي، امن ۽ پرچاءَ جي واٽ سواءِ رواداريءَ ۽
سهپ جي ٻي ڪا ڪانهي، ڪوبه فلسفو يا دين ڪڏهن به
رسن، اشڪنجن، ڪهاڙن ۽ بندوقن سان قائم نه ٿو ٿي
سگهي؛ اُهو جي قائم ٿي سگهي ٿو، ته فقط هيئن جو
ماڻهو اُن کي پنهنجي آزاد مرضيءَ سان مڃين ۽
قبولين. پوريءِ طور هڪٻئي جي خيالن کي سمجهڻ ۽
برداشت ڪرڻ سان ئي جنگين کي ٽاري ٿو سگهجي ۽ هڪٻئي
جي وچ ۾ مشترڪ خيالن جون پُليون ٻڌي ٿيون سگهجن،
انهيءَ ڪري ڇڏيو ته اُهي جيڪي پروٽيسٽنٽ ٿي رهڻ
گهرن ٿا، سي پروٽيسٽنٽ ٿي رهن، ۽ اُهي جيڪي
ايمانداريءَ سان ڪئٿولڪ ٿي رهڻ گهرن ٿا، سي ڪئٿولڪ
ئي رهن. ماڻهن جي هن يا هُن ڌر کي زوريءَ ڪيڏانهن
گهلڻ مان ڪهڙو سُود؟ ڪاسٽيلو جي مرڻ کان پوءِ پوري
هڪ نسل جي مسلسل جنگ آزمائيءَ، مشترڪ قتل عام کان
پوءِ، جڏهن هي ٻئي ڌريون نئنٽيز جي شهر ۾ آمهون
سامهون ٿي ويٺيون، ۽ بيسود جنگبازيءَ کي پنهنجي
گڏيل زيان محسوس ڪري آئنده ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي
اصول تي هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جو سمجهوتو ڪيائون،
تڏهن ايئن ڪرڻ سان اُنهن گويا ڪاسٽيلو جي هيڪليءَ
۽ پُر درد انسان شناس ۽ انسان پسند دل جو آواز
پنهنجي ڪنين ٻڌو هو ۽ هئين سان هنڊايو هو. ”فرانس!
منهنجا محبوب مادر وطن، منهنجي توکي صلاح آهي، ته
تون ضمير تي زور آزمائيءَ کان باز اچ، اُن تي روڪ
نه وجهه، اُن تي ظلم نه ڪر؛ اُن جي بدران ڇڏي ڏي،
ته اُهي جيڪي مسيح کي مڃين ٿا، ڀل ته اُهي پنهنجي
پنهنجي طريقي ۽ دل جي لاڙي سان اُن کي مڃين.“
پر جينيوا ۾ اُن وقت فرينچ ڪئٿولڪ ۽ فرينچ
پروٽيسٽنٽ فرقن جي سمجهوتي ۽ سرچاءَ جي ڳالهه کي
وڏو گناهه سمجهيو ٿي ويو، عين اُنهيءَ وقت ڪال ون
مخفي طور فرينچ پروٽيسٽنٽن کي هٿيارن سنڀالڻ ۽
ميدان تي نڪري اچڻ تي اُتساهي رهيو هو. اهڙين
حالتن ۾ ڪاسٽيلو جون هي امن پسند ۽ انسان شناس
صلاحون ڪال ون جي جارحانه ديني پاليسيءَ سان هرگز
ٺهڪي نه ٿي سگهيون، هن يڪدم ڪاسٽيلو جي ”سهڻي
صلاح“ کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. هڪدم
پروٽيسنٽٽ اختياريءَ وارن ڏانهن خط لکيا ويا،
جيڪي ڏانهُن خاص قاصدن هٿان چوڌاري روانا ڪيا ويا.
هن سلسلي ۾ ڪال ون جي تنظيم ايتري ته باعمل ۽
بااثر هئي، جو آگسٽ 1563ع ۾ منعقد ٿيل پروٽيسٽنٽ
ڪليسائن جي عام اجتماع ۾ هيٺين ريت هڪ ٺهراءُ پاس
ڪيو ويو:”مقدس ڪليسا کي هي عام اطلاع ڏنو وڃي ٿو
ته هڪڙو ڪتاب ”فرانس کي سهڻي صلاح “جي نالي سان
پڌرو ٿيو آهي، جيڪو ڪاسٽيلو جو لکيل آهي. اُهو هڪ
بيحد خطرناڪ ڪتاب آهي. ۽ مومنن کي اُن کان خبردار
رهڻ جو چتاءُ ڏجي ٿو!“
هن ريت هڪ ڀيرو وري به هي تعصبي شخص، ڪاسٽيلو جي
هڪڙيءَ ”خطرناڪ“ تصنيف کي پڌري ٿيڻ کان اڳ ضبط ڪرڻ
۾ ڪامياب ٿي ويا هئا. ڪتاب ته برابر ضبط ٿي ويو.
پر ڪتاب جي مصنف کي ڇا ڪجي، جيڪو ايترو هڪ اڏول،
پختو، ڌرمي، تعصب جو ويري ۽ نظرياتي ذهنن جو دشمن
فيلسوف هو جو هڪڙو ڪتاب ٿي ضبط ٿيس، ته ٻيو ٿي
لکيائين ۽ جنهن کي نه ڪنهن سزا جو خوف هو، ۽ نه
ڪنهن فائدي جي لالچ. سڀ کان وڌيڪ هن کي ختم ڪرڻ
ضروري هو، هن جي وات بند ڪرڻ مان به ڪو فائدو ڪو
نه هو. هن جو اصل مڻڪو ڀڃڻو هو. هڪ ڀيرو وري
ٿئوڊوز ڊي باز کي ڪم تي لڳايو ويو، هُن هڪ ”اپيل“
تيار ڪئي، جيڪا باسيل جي ڪليسائي اختياريءَ وارن
ڏانهن لکيل هئي. اُن جي عنوان ”شيطان جي ڇاڙتي
سيباسٽيان ڪاسٽيلو جي محافظن جي ذميداري“- مان ئي
ظاهر هو، ته هُن ڪاسٽيلو جي خلاف ڇا ٿي ڪرڻ گهريو.
ڊي باز اُن ”اپيل “ جي ابتدا ۾ ئي ڳالهه کي نڌان
تي پهچائي ڇڏيو هو، چي: ”وقت اچي ويو آهي، بلڪ
ڪافي وقت گذري چڪو آهي، جو هن ملحد ۽ ملحدن جي
دوست تي آخري ديني سزا عائد ڪئي وڃي.“ غصي ۾ آپي
کان ٻاهر نڪرندي هن ”نيڪ ۽ پرهيزگار“ ديني عالم
اُن پنهنجي ”اپيل“ ۾ ڪاسٽيلوکي جنسي گاريون ڏنيون:
”ڪوڙو، گستاخ، بدباطن، غير بپتسمي، مقدس دين جو
دشمن، گندو چاپلوس، ملحد ڪافر ۽ ملحدن زانين ۽
عادتي ڏوهارين جو دوست ۽ حمايتي“ وغيره وغيره،
پڇاڙيءَ ۾ هڪ ديني فتويٰ جي انداز ۾ هن لاءِ
چيائين، ته هوهڪ خوني هو. جنهن جي ”بچاءَ جا
اوزار“ شيطان جي ڪارخاني جا ٺهيل هئا. وچ وچ ۾ ڊي
باز ڪاسٽيلو لاءِ ڪي وچٿرا لفظ به ڪم آندا ٿي، پر
جيڪا ڳالهه سندس سڄيءَ لکيت مان اُٻڙڪو کائي ٻاهر
اچي نڪتي هئي، اُها هيءُ هئي ته ڪاسٽيلو جي زبان ۽
قلم جيڪي هُن جا ”شيطان جي ڪارخاني جا ٺهيل بچاءَ
جا اوزار“ هئا، تن کي هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي،
چاهي، اُن لاءِ سندس جان ئي وٺڻي ڇو نه پوي.
اهڙي طرح، ڪاسٽيلو جي ڪٽر عقيدي باز دشمنن نيٺ هُن
جي باري ۾ پنهنجن ارادن جو صاف اعلان ڪري ڇڏيو،
يعني هيءُ ته ڪاسٽيلو تي ڪفر ۽ الحاد جي ڏوهه ۾
ڪيس هلائي، مٿس ديني سزا جي حد عائد ڪئي وڃي، آخر
ڪار دستوري طور باسيل جي ديني ڪائونسل ڏانهن لکيو
به ويو، ته شهري انتظاميه ڏانهن معاملي کي رجوع
ڪيو وڃي، تان اُتي ته ڪاسٽيلو تي ڪيس جي
ڪارروائيءَ جو ڪم هڪدم شروع ڪيو وڃي، ڪاسٽيلو کي
عوام جو پهريون نمبر دشمن سمجهي فوراً گرفتار ڪرڻو
هو، پر افسوس جو اُن ”ثواب جي ڪم“ ۾ اڃا هڪڙي
رڪاوٽ باقي رهجي ويئي هئي، باسيل جي شهري قانونن
موجب ڪو به شهري تيسين گرفتار ٿي نه ٿي سگهيو،
جيسين هُن جي خلاف ڪو لکيل فرياد داخل نه ڪيو ويو
هو. هُن سلسلي ۾ رڳو اعتراض جوڳي ڪتاب جو وجود
ڪافي نه هو، هُن صورتحال ۾ لازمي ڳالهه هئي، ته يا
ته ڪال ون پاڻ يا وري هُن جو ايجنٽ ڊي باز ڪاسٽيلو
جي خلاف ڪو تحريري الزام داخل ڪري، پر هن ڀيري به
ڪال ون پنهنجيءَ اصلوڪيءَ عادت موجب پاڻ کي ۽
خود ڊي باز کي به پردي ۾ رکيو ۽ وچئون ٻئي هڪڙي
غير معروف ماڻهوءَ کي ڌڪي اڳيان آڻي بيهاريو. هُن
جيڪو طريقو شروع ۾ سرويٽس جي حالت ۾ استعمال ڪيو
هو، اُهو ئي هن ڀيري به هُن کي ڪارائتو نظر آيو.
نومبر 1563ع ۾ جيئن ئي ڊي باز جي ”اپيل “، ”شيطان
جي ڇاڙتي“ سيباسٽيان ڪاسٽيلو جي خلاف شايع ٿي،
تيئن آدم وان بوڊسٽين جي نالي هڪڙي بنهه اڻ ڄاڻ ۽
اڻ ڄاتل شخص، باسيل شهرجي اختياريءَ وارن جي آڏو
ڪاسٽيلو جي خلاف لکيت ۾ فرياد پيش ڪيو، ته هو ملحد
هو. پنهنجي فريادنامي ۾ هُن اُهي ئي اُبتا سبتا ۽
بي بنياد دليل پيش ڪيا، جيڪي خود ڊي باز جي ”اپيل“
۾ آيل هئا. جن ۾ ڪاسٽيلو تي لڳايل الزام صحيح هئا
يا غلط، اها ڪا اهم ڳالهه ڪانه هئي: لکيت ۾ فرياد
ڪرڻ جي قانوني تقاضا هئي، جا پوري ڪرڻي هئي ۽ اُها
اُنهيءَ طرح پوريءَ ڪئي ويئي. (هي فريادنامو باسيل
شهر جي دستاويزي باقيات ۾ اڄ به محفوظ آهي) ان کان
پوء جي اختياريءِ وارن لاءِ ٻي ڪاواهه ڪانه رهي،
سواءِ ان جي، جو هو ڪاسٽيلو جي خلاف ڪيس جي
ڪارروائي شروع ڪن. بس ڪال ون ۽ سندس ٽوليءَ جي
ماڻهن ايئن پنهنجو ديرينو مقصد حاصل ڪري ورتو.
هُنن جو مطلب هو، ته ڪنهن صورت ۾ ڪاسٽيلو کي گهلي
ملزم جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهارين.
مٿي بيان ڪيل الزامن کان ڪاسٽيلو نهايت آسانيءَ
سان پنهنجو بچاءَ ڪري سگهيو ٿي. گهڻي شوق ۾ اچي،
بوڊسٽين هُن تي اهڙا ته هڪٻئي جي ابتڙ الزام هنيا
هئا. جو اُهي ڏسڻ ۾ ئي بي بنياد غيرمعقول پئي لڳا،
تنهن کان سواءِ باسيل شهر جو، هر ڪو ماڻهو ڪاسٽيلو
کي ذاتي طرح سڃاڻندو هو، ته هو ڪهڙي نه هڪ صاف
سٿري ۽ معصوم زندگي گذاريندو هو. اِنهيءَ ڪري
سرويٽس وانگر ڪاسٽيلو کي هڪدم گرفتار ڪونه ڪيو
ويو، هن کي زنجير ڪونه پهرايا ويا، هن کي جيل ۾ ڪو
نه وڌو ويو ۽ هن سان ڪا اڍنگي روش اختيار ڪانه
ڪئي ويئي: بلڪ شانائتي نموني سان يونيورسٽيءَ جي
هڪ پروفيسر جي حيثيت ۾ هُن کي پهريائين يونيورسٽي
سينيٽ جي سامهون آندو ويو، ته اُتي مخالفن طرفان
مٿس لڳايل الزامن جي هو صفائي پيش ڪري سگهي.
سينيٽ جي اڳيان هُن پهريون موقف هيءُ ورتو (جنهن ۾
هو صحيح هو ) ته فريادي بوڊسٽن هڪ جاهل ۽ ڪمزور
ماڻهو هو ۽ رڳو نالي ۾ فرياديءَ هو: هن تي الزام
مڙهڻ وارا ڪال ون ۽ ڊي باز هئا. جن اِهو سڄو ڪيس
هُن جي خلاف کڙو ڪيو هو: سينيٽ جي اڳيان خود اُنهن
کي اچڻ گهربو هو ۽ هن جي صفائي ٻڌڻ گهربي هئي،
”جيئن ته مون تي ايڏي زهريلي اندز سان الزام هنيا
ويا آهن، انهيءَ ڪري منهنجي درخواست آهي، ته مون
کي پنهنجي بچاءَ جو پورو موقعو ڏنو وڃي، جيڪڏهن
ڪال ون ۽ ڊي باز نيڪ نيت آهن، ته کين وڌي هتي
سينيٽ جي اڳيان اچڻ گهرجي، جتي هو مون تي اِهي سڀ
ڏوهه ثابت ڪري سگهن، جيڪي هو ٻاهر مون تي مڙهين
ٿا. جيڪڏهن هو پنهنجي ايمان ۾ پختا آهن ۽ پاڻ کي
صحيح سمجهن ٿا، ته کين باسيل يونيورسٽيءَ جي سينيٽ
يا باسيل جي اعليٰ شهري عدالت جي آڏو اچڻ ۾ ڪو
خوف نه هئڻ گهرجي. هنن ته سڄيءَ دنيا اڳيان مون تي
اِهي الزام هنيا آهن، ته پوءِ ڪورٽ جي سامهون اچڻ
۾ کين ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو. مون کي معلوم آهي،
ته اِهي جيڪي مون تي الزام هڻن ٿا، سي وڏا رسوخ
وارا آهن، پر خدا وڏيءَ طاقت وارو آهي، ۽ هن وٽ وڏ
ننڍائي، طاقت ۽ هيڻائي جو سوال ڪونهي: هُن جو عدل
شخصيتن کان مٿي آهي، آءٌ ڄاڻان ٿو، ته آءٌ هنن جي
نسبت ۾هڪ غير معروف فرد آهيان ۽ سماجي درجو به گهٽ
اٿم، پر خدا هيڻن جو نگهبان آهي ۽ هن جو عدل اُنهن
جي بي سبب خون جو ضرور جواب وٺندو. آءٌ هن عدالت
جو اختيار تسليم ڪريان ٿو، ۽ چوان ٿو، ته جيڪي مون
تي الزام لڳايا ويا آهن، جيڪڏهن اُنهن مان ڪو هڪ
به مون تي ثابت ٿئي، ته اُن لاءِ آءٌ پنهنجي سسي
ڪپائڻ لاءِ تيار آهيان.“
پر ڪال ون ۽ ڊي باز هن قسم جي صاف ۽ سڌي ڳالهه جي
قبولڻ لاءِ تيار نه هئا، ٻنهي مان ڪو به باسيل
يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جي آڏو حاضر نه ٿيو. ايئن
پئي ڏسڻ ۾ آيو، ته ڪاسٽيلو تي هنيل سڀ الزام ايئن
دونهين وانگر هوا ۾ غائب ٿي ويندا. پر افسوس
اتفاق اهڙو پيدا ٿي پيو، جنهن ۾ ڪاسٽيلو جي دشمنن
کي وڏي هٿي ملي ويئي. عين اُن وقت هڪڙي اهڙي شيء
ظاهر ٿي پيئي، جنهن مان ڪاسٽيلو تي لڳايل الحاد ۽
ملحد دوستيءَ جي الزامن جي پٺڀرائي ٿي رهي هئي.
هڪڙي عجيب ڳالهه جو اوچتو انڪشاف ٿيو، باسيل شهر
جي بننگن نالي واري محلي ۾ 12 سالن کان هڪڙو بيحد
شريف دولتمند پرديسي شخص رهندو هو، هُن جو نالو
جين ڊي بزور هوندو هو، ۽ امير طبقي ۾هو هڪ معزز ۽
مانائتي شخص جي حيثيت رکندو هو، سال 1556ع ۾هُن
وفات ڪئي ۽ هُن جي ميت سان اڪثر امير ڪبير ماڻهو
سينيٽ ليونارڊو ديول جي قبرستان تائين، ڪانڌي ٿي
ويا هئا، جتي هن کي پوري احترام ۽ ديني طور طريقي
سان دفنايو ويو هو. اُن کان پوءِ سال گذري ويا ۽
پوءِ اوچتو ئي اوچتو هڪ ويسهه ۾نه اچڻ جهڙي ڳالهه
شهر ۾ هلي ويئي ۽ اُها جئين پوءِ تيئن زور زور سان
چوڌاري پکڙڻ لڳي. ايئن ٻڌڻ ۾ آيو، ته اُهو ناميارو
پرديسي شخص نه ته ڪو شريف ماڻهو هو ۽ نه وري ڪو
سائو ستابو تاجر هو. پر اهو شخص ته مشهور معروف
ملحد ڊئوڊ جورس هو، جيڪو فلئنڊرس مان جلاوطن ٿيل
هو، جنهن ”عجائبات عالم“ ڪتاب لکيو هو ۽ جيڪو غير
بپتسمين جي قتل عام دوران ڪيڏانهن لڪي گم ٿي ويو
هو! باسيل شهر جا رهواسي بنهه شرم ۾ ٻڏي ويا، جڏهن
هنن کي اِها خبر پئي، ته هيترا سال هيءُ ٻڌل سئل
ملحد، سچي دين جو دشمن، ڪو وٽن ايئن رهيو پيو هو ۽
هو هن کي سندس جيئري توڙي مئي کان پوءِ سمورو وقت
ايتري پذيرائي عزت ۽ احترام ڏيندا ٿي رهيا، هو
کين ۽ سڀني کي ايتري حد تائين بيوقوف بنائي ٿي
سگهيو! سندس شرافت ۽ ماٺ، بلڪ مهمان نوازيءَ جي
ايئن غلط فائدي وٺڻ واري لعين ڪافر کي ضرور سزا
ملڻ کپي- پرواهه ناهي، جي هو ست سال اڳ مري ويو
آهي! پنهنجي اُن لڄ ڍڪڻ جي خيال کان باسيل جي
اختياري وارن اُن مري ويل ”دين جي دشمن “ تي پوءِ
باقائدي ڪيس هلايو ۽ کيس سندس گستاخيءَ جي جوڳي
سزا ڏني يعني قبر مان هن جي هڏن کي ۽ سڙيل ماس کي
کوٽي ٻاهر ڪڍي، باسيل جي مارڪيٽ ۾ چؤواٽيءَ تي
ڦاهي تي ٽنگيو ويو ۽ پوءِ وڏي ڌام ڌوم سان اُن ئي
جاءِ تي اُن کي ساڙيو ويو ۽ ساڻس گڏ ڪيترن ئي
الحادي ۽ غير مسيحي تحريرن کي پڻ اُڇلي باهه جي
مچ ۾ وڌو ويو، جتي اُهي سڙي رک ٿي ويون. هي دل
ڏاريندڙ نظارو ۽ ساڳئي وقت احمقپڻي جو ڏيک هزارين
تماشبينين ڏٺو، جن ۾ يونيورسٽيءَ جي ٻين پروفيسرن
سان گڏ مجبوراً ڪاسٽيلو کي به بيهي اُهو ڏسڻو
پيو. اوهين سمجهي سگهو ٿا، ته اُن وقت اُنهن جي دل
۾ احساس ڪهڙا هوندا. ڊئوڊ جورس باسيل جي شهر ۾
پنهنجي جلاوطني جو سڄو عرصو ڪاسٽيلو سان دوستيءَ
جي ناتي ۾ ڳنڍيل رهيو هو. هنن ٻنهي سرويٽس کي
بچائڻ جي گڏجي ڪوشش ڪئي هئي. اِهو به ممڪن آهي ته
”ملحدن جو مسئلو“ ڪتاب جيڪو مارٽينس بيلس جي نالي
۾ پهريائين شايع ٿيو هو، اُن جي گمنام مصنفن مان
جورس به هڪ هجي، اِها ته پڪ هئي ته بننگن محلي جو
اُهو رهواسي ڪاسٽيلو لاءِ رڳو هڪ سائو ستابو تاجر
ڪونه هو، جنهن لڪ هيٺ اُهو پناهگزين باسيل ۾ رهندو
هو، بلڪ ڪاسٽيلو کي اِها خبر هئي، ته اُهو شخص سچ
پچ جين ڊي بروز نه هو، جيڪو ايئن پنهنجي سڃاڻپ
لڪايو، اُتي رهندو پئي آيو، پر ڪاسٽيلو جيڪو
پنهنجي زندگيءَ ۾ عملي طور به سچ پچ اهڙو ئي سهپ
۽ رواداريءَ جو پيڪر هو، جهڙوسندس تحريرن مان ظاهر
هو، اُهو پنهنجي مظلوم دوست وٽ ڪيئن ٿي، هُن جي
راز کي فاش ڪري سگهيو! ڪاسٽيلو لاءِ ته هو اُهوئي
هڪ پيارو انسان هو، حق ۽ نيڪيءَ جي راهه ۾اُهوئي
دوست ۽ ساٿي هو، ساهه سان سانڍڻ جهڙو اُهوئي قدرت
جو املهه شاهڪار هو، پوءِ هُن کي دنيا جي سڀني
ديولين ۽ شهري حڪومتن ردي سمجهي ۽ خطرناڪ تصور ڪري
لوڌي ۽ ڌڪاري جلاوطن ڪري ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇو نه
ڇڏيو هجي !
پر ڪاسٽيلو جا اُن ”جڳ بدنام“ غير بپستميءَ سان
اِهي شڪ جهڙا لاڳاپا ايئن کُلي پڌرا ٿيا، تن مان
هُن جي خلاف ڪال ون جي لڳايل هڪڙي الزام کي ڪافي
تقويت ملي. اِها ڳالهه ته هاڻي بنهه ظاهر هئي، ته
ڪاسٽيلو ڪم از ڪم هڪڙي وڏي ملحد جو يار ۽ مددگار
ضرور هو، ته پوءِ ايئن ڇو نه سمجهيو وڃي، ته هو
ٻين سڀني ملحدن جو به اهڙو ئي يار ۽ مددگار هو!
هوڏانهن جو وري چوندا آهن ته ”بدبختي ايندي آهي،
ته اڪيلي ڪانه ايندي آهي. ”پر ٽولا ٺاهي ايندي
آهي“، سو عين اُنهيءَ موقعي تي هڪ ٻي ڳالهه
ڪاسٽيلو جي خلاف ظاهر ٿي پيئي. هن جي خلاف
ثابتيون پيش ڪيون ويون، ته هُن جا ٻئي هڪڙي بدنام
ملحد، برنارڊينو اوچينو، سان به لاڳاپا هئا،
اوچينو شروع ۾ هڪ مسيحي راهب هو ۽ سڄي اٽليءَ جي
ملڪ ۾ پنهنجي آتش نوائي واعظن کان مشهور هو، جيڪي
هو ماڻهن جي عواميءَ ٻوليءَ يعني اطالوي زبان ۾
ڪندو هو، هو ترت ئي ”مقدس ديني عدالت“ جي اک ۾
اچي ويو ۽ اُن جي غضب کان بچڻ لاءِ هن ڀڄي وڃي،
سئٽرزلينڊ ۾پناهه ورتي هئي، اُتي هو هڪڙي
پروٽِيسٽنٽ ديول جو پادري بنيو، پر پنهنجن غير
رواجي ۽ دليرانه راين ۽ خيالن جي ڪري چوڌاري هُن
جي مخالفت ٿيڻ لڳي، خاص طرح هُن جي ڪتاب ”چاليهه
مسئلا“ جا ڪيترائي مخالف پيدا ٿي پيا، جن جو چوڻ
هو، ته اُن ڪتاب ۾ هن انجيل مقدس جا ملحدانه ۽ غير
مسيحي تفسير پيش ڪيا هئا، اُن ۾ هُن حضرت موسيٰ
جي شريعت جا اصول جيئن اُهي انجيل مقدس ۾ آيل
هئا، حوالي طور ڏيئي اها دعويٰ اٿاري (جيتوڻيڪ اُن
جي هُن باقاعدي تبليغ ڪانه ٿي ڪئي) ته مسيحي دين
۾ هڪ کان وڌيڪ زالن سان شادي ڪرڻ جائز هو، ۽ اُن
جي شرعي سند انجيل مقدس ۾موجود هئي.
|