سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:11 

ان جو مطلب ته سرويٽس جي ان آخري انساني پيشڪش کي ڪال ون سمجهي نه سگهيو ۽ نه ئي سمجهڻ چاهيو، هن جو ڪجهه سرويٽس کي جواب ۾ چيو، اُن جو مطلب هو، ته هن ۽ سرويٽس جي وچ ۾ ڪڏهن به سرچاءُ ٿي نه سگهندو، دراصل سرويٽس کي پنهنجي ذات جي باري ۾ سوچڻ ئي نه گهريو هو، هن کي کليءَ دل سان پنهنجي گناهه جو اقرار ڪري، خدا کان اُن جي معافي پنڻ گهربي هئي، ڇو ته هن خدا جي مقدس تثليثي حيثيت ۾ انڪار ڪري، گناهه به خدا جو ڪيو، مطلب ته ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾، نظريي باز ڪال ون هن دکي انسان کي، جيڪو اُن ئي ڏينهن ڪنهن وقت باهه جي مچ ۾ سڙي ڪوئلو ٿي وڃڻو هو، هڪ انسان، ٻئي انسان کي پنهنجو هڪ انساني ڀاءُ، سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه هو، ڪجهه به نه هو، سواءِ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي، جيڪو خدا جو منڪر هو، ڇاڪاڻ ته هُن خدا جي سندس ٻانهي (ڪال ون) جي مفهوم کي رد ڪيو هو. جڏهن سرويٽس کي دنيا ۾ فقط ڪو پهر اَڌ باقي رهڻو هو ۽ ڪال ون کي جيڪو هن جي موت لاءِ ذميوار هو، هُن پاڻ وٽ سڏايو هو، تڏهن ڪال ون پنهنجي سڄي آمرانه اختيار ۽ اقتدار مان عين اُن گهڙيءَ فقط اهو ڪم ٿي وٺڻ گهريو، ته ڪنهن طرح سرويٽس کي توبهه ڪرائي وڃي ۽ اها قبوليت ورتي وڃي، ته هو پاڻ غلط هو ۽ ڪال ون صحيح هو! پر سرويٽس بهرحال اهو ڄاتو هو، ته هن بي قياس، مڇڏو شخص هن جي زبون ٿيل جسم ۾ باقي رڳو هڪڙي املهه شيء وڃي ڇڏي هئي، جيڪا هن جي وجود جو هڪ لافاني حصو به هئي ۽ اهو سندس وجود جو لافاني حصو هو. سندس ذاتي ايمان، سندس پنهنجي ضمير سان وفاداري، سندس فڪر جي آزادي. ڪال ون هاڻي اُها بي بها اَلڀ وٿ به کانئس کسڻ چاهي ٿي، سرويٽس اُها پنهنجي آخري املهه شيءِ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، هو پنهنجي ايمان تي اڏول بيٺو رهيو ۽ بزدل بڻجي ڪال ون جي اڳيان توبهه ڪرڻ کان انڪار ڪيائين، ڪال ون سرويٽس تي وڌيڪ وقت وڃائڻ ضروري نه سمجهيو، جيڪو ماڻهو دين جي ڳالهين ۾ ڪال ون جي ارادي مطابق هلڻ لاءِ تيار نه هو، اُهو هن جو ديني ڀاءُ نه هو، اُهو هن لاءِ شيطان جو وياءُ هو، جنهن سان وڌيڪ ڳالهائڻ ’سوئر اڳيان هيرو اڇلائڻ‘ جي برابر هو، ڪنهن ڪٽيل ڪافر تي ڇو قياس ڪجي؟ ڪال ون پنهنجي ’ماريل شڪار‘ کي پوءِ ايئن ڦٿڪندي ڇڏيندي، سواءِ ڪنهن نرم موڪلاڻيءَ جي لفظ ڳالهائڻ يا هن تي ڪنهن مُرڪ ڀريءَ نگاهه وجهڻ جي پٺ ورائي، هڪدم اُٿي اُتان هليو ويو، پنهنجيءَ رپورٽ ۾ هيءَ ڳالهه پنهنجن آخري لفظن ۾ ڪال ون پاڻ هيئن بيان ڪئي آهي: ”جيئن ته ڪنهن دليل يا فهمائش سان آءٌ ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهيس، تنهن ڪري مون خداوند قدوس جي راز ۾ وڌيڪ دست اندازي ڪرڻ مناسب نه سمجهي، پوءِ حضرت پال (ڌڻي سدائين مٿس رحم ڪري-آمين!) جي ڏسيل سبق تي عمل ڪندي، آءٌ ماٺ ڪري هن منڪر کي سندس حال تي ڇڏي، اُتان هليو آيس، هن بدبخت پنهنجن هٿن سان خداوند قدوس جي رحمت کان پاڻ کي محروم ڪري ڇڏيو هو!“

ڌڳندڙ مچ تي گوشت جي شيخ وانگر جيئري پچائي پچائي ڪنهن جو ساهه ڪڍڻ موت جي سزا جو اهو هولناڪ ۾ هولناڪ طريقو آهي، يورپ جي تاريخ جي اونداهي وچئين دؤر ۾ به جيڪو ظلم ۽ اذيت جي ڳالهين کان ايترو مشهور آهي، اها سزا ڏاڍي مشڪل سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ حالتن ۾ عمل ۾ ايندي هئي، اُن دؤر ۾ به اڪثر حالتن ۾ جڏهن انهيءَ قسم جي موت جي سزا ڪنهن کي ملندي هئي، ته اُن بدنصيب کي ايئن باهه جي اُلن جي حوالي ڪرڻ بدران، پهرين گهٽو ڏئي يا ٻئي ڪنهن اهڙي طريقي سان بيجان ڪرڻ پوءِ آڙاهه ۾ ٽنگيو ويندو هو، پر هن قسم جي موت جي بدترين سزا ’ديني اصلاح‘ بلڪ ’تجديد دين‘ جي جديد کان جديد دعويدارن پنهنجي پهرئين سزا يافته منڪر تي آزمائي هئي، هيءَ سزا، هنن اکر به اکر ايئن ئي عمل ۾ آندي هئي، جيئن جينيوا ۾ شريعت مسيح جي پروٽيسٽنٽ ڪال ويني نفاذ هيٺ قائم ٿيل نظام دين مسيح جي فاضل ججن پنهنجي فتويٰ ۾ اُها عائد ڪئي هئي. پوءِ جڏهن ڪن رحمدل انسانن، جيڪي بهرحال خود ڪال ون جي اختيار ۽ اثر جي دائري ۾ آيل دنيا توڙي اُن کان ٻاهر ٻيءَ دنيا ۾ اڃا ڪي بچيل هئا، اهڙيءَ وحشتناڪ سزا جي خلاف دانهون ڪيون، تڏهن ڪال ون فوراً اُن سلسلي ۾ پنهنجي ذميداري اُڇلائي ٻين جي ڪُلهن تي وجهڻ لڳو، پاڻ کي سرويٽس جي هن غير معمولي بي ترس موت جي ذميداريءَ کان بچائڻ لاءِ پوءِ هو ڪافي وقت گهڻو گهڻو وقت، دنيا کي ڪوڙا سچا دليل ڏيندو رهيو. سرويٽس جو جسم سڙي رک ٿي ويو، اُن کان ڪيترائي سال پوءِ لکيت ۾ هن اهو انڪشاف ڪيو ته، ”هُن ۽ سندس ’محڪمي امور مذهبي‘ جي ٻين ميمبرن بروقت سرويٽس لاءِ ’ باهه جي موت کي ترار جي موت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش‘ ڪئي هئي، پر هنن جون سڀ ڪوششون رائگان ويون هيون،“ ڪائونسل جي رڪارڊ ۾ اهڙيءَ ڪنهن ’ڪوشش‘ جو ڪو ذڪر اسان کي ڪونه ٿوملي، ڪهڙو غير جانبدرا ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪندو، ته ڪال ون، جيڪو سڄي ڪيس ۾ ڪائونسل تي جائز ۽ ناجائز دٻاءُ وجهندو رهيو، ته سرويٽس کي هر صورت ۾ موت جي سزا ملي، اُهو آخر ۾ اهڙو ڪهڙو قياسي شخص ٿي پيو هوندو، جو پنهنجي ڳالهه مٿي ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ته پاڻ پر پنهنجي ’محڪمي امور مذهبيءَ‘ جي ميمبرن کان به ڪائونسل کي چوارايو هوندائين ته سرويٽس کي موت جي سزا ڪنهن نرم طريقي سان ڏني وڃي ۽ سوبه جهٽ ۾ هڪ آمر مان بدلجي هو هڪدم عام شهري بڻجي ويو ۽ هن جو اهو معمولي چوڻ به، هن جي پنهنجي ڪائونسل قبول نه ڪيو! پر ايئن برابر آهي، ته ڪال ون ۽ سندس جي حضور دوستن سرويٽس جي موت کي آسان ڪرڻ جي آڇ، خود سرويٽس کي ڪئي هئي، بشرطيڪ هو ان آسانيءَ لاءِ ’روحاني موت‘ جي قيمت ادا ڪري، يعني آخر ۾ توبهه تائب ٿئي. اُن کان پوءِ ڪنهن انساني ڪهل ۽ همدرديءَ ڪري نه، پر وري به پنهنجي عيارانه سياسي مفاد جي خيال کان ڪال ون زندگيءَ ۾ پهرين ڀيرو پنهنجي ديني دشمن سان ٻاجهاريءَ روش جو مظاهرو ڪري ها. جينيوا جي ’نظريي‘ جي اُها ڪيڏي نه فتح شمار ٿئي ها، جو سرويٽس آڙاهه تي ٽنگجڻ کان اڳ بيهي چوي ها، ته هو گمراهه هو ۽ ڪال ون صحيح هو! خود ڪال ون لاءِ اُها ڪيڏي نه زبردست سوڀ شمار ٿئي ها، جو هن اسپيني ڪافر کي مجبور ٿي مڃڻو پوي ها، ته هو پنهنجي نظريي لاءِ قربان ڪونه ٿي رهيو هو ۽ کلئي عام تسليم ڪري ها، ته دنيا ۾ ڪال ون جو نظريو ئي صحيح نظريو هو!

سرويٽس کي بهرحال خبر هئي، ته موت جي آسانيءَ لاءِ هُن کان ڪيڏيءَ وڏي قيمت جي وصول ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ويو هو، انهيءَ ڪري هن هوڏ جو هوڏ سان ۽ ڪٽرپائيءَ جو ڪٽرپائيءَ سان مقابلو ڪيو. هو پنهنجي ضمير جي آزادي وڪڻي، آسان موت مرڻ خاطر مولانا جيهان ڪال ون جي بيعت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، هو مرندي مرندي، گهڻي ۾ گهڻو اڌ ڪلاڪ وڌيڪ جيئڻ جون اذيتون سهي ويندو ۽ عيوض ۾ ابدي شهادت جو درجو حاصل ڪندو، پر تاريخ جي صفحن ۾ پوءِ دائمي طور ڪال ون جو نالو وحشيپڻي جي هڪ بدترين مثال طور ياد رهندو. سرويٽس، صاف لفظن ۾ پيش پوڻ کان انڪار ڪيو ۽ ايئن هو پنهنجي هولناڪ تقدير جي آخري وار سهڻ لاءِ سينو تاڻي هڪ قدم اڳتي وڌائي تيار ٿي بيهي رهيو.

پوءِ جيڪي ٿي گذريو، سو دل ڏاريندڙ ڏک جو داستان آهي. آڪٽوبر مهيني جي 27 تاريخ تي يارهين بجي صبح جو، قيديءَ کي سندس ميرن، ڦاٽل، بدبودار ڪپڙن ۾ قيد خاني مان ٻاهر آندو ويو، هن اکيون ڇنڀي، پويون ڀيرو، ڏينهن جي سوجهري ڏانهن ڏٺو، هن جي ڏاڙهي ڳنڍيون ڳنڍيون ٿي وئي هئي، هن جون مٽيءَ لتل هڙٻاٺون نڪري آيون هيون، هن جي بت جو سڄو ماس روڙجي ويو هو ۽ هو باقي رڳو هڏا وڃي بچيو هو. هو ٿڙندو ٿاٻڙندو، پنهنجي بت جي زنجيرن کي کڙڪائيندو، هلندو ٿي آيو. سرءُ جي اُن غمناڪ ڏينهن تي هن جي منهن جو ڇار جهڙو سڪل اُودو رنگ قبر مان اُٿيل ڪنهن مڙدي جي رنگ جهڙو ٿي لڳو. شهر جي مرڪزي هال جي ڏاڪڻ اڳيان قانون جي عملدارن، جيڪي هن کي ڌڪيندا، ٿيلهيندا وٺيو پئي آيا (ڇاڪاڻ ته طويل مدت هڪ هنڌ مڙهي بڻجي پئي رهڻ ڪري، هن ۾ چرڻ جي خير ڪا طاقت باقي هئي) هُن کي ڪلهن تي زور ڏئي، گوڏن ڀر جهڪائي ويهاريو ۽ پاڻ پرڀور ٿي بيهي رهيا، هن جو ڪنڌ هيٺ هو. هو پنهنجي خلاف فتويٰ ٻڌندو رهيو، جيڪا اُن وقت شهري عدالت جي هڪڙي جج گڏ ٿيل ماڻهن جي انبوهه اڳيان زور سان پڙهي ٻڌائي، فتويٰ جا آخري لفظ هي هئا ته: ”مائيڪل سرويٽس،! تون خداوند قدوس جي تثليثي هستيءَ جو منڪر آهين، اسين توکي دين مسيح جي ايماني نظريي موجب ڪفر جو ڏوهي ٿا سمجهون، ۽ تنهنجي گناهه جي توکي هيءَ سزا ٿا ڏيون، ته توکي چئمپل ٽڪريءَ تي زنجيرن ۾ جڪڙي نيو ويندو ۽ اُتي توکي جيئري ساڙيو ويندو ۽ تو سان گڏ تنهنجي ڪتاب جي قلمي نسخي ۽ ڇپيل جلد کي به ساڙيو ويندو- ايستائين جو، تون ۽ تنهنجي ڪتاب جو قلمي نسخو ۽ ڇپيل جلد باهه ۾ سڙي رک ٿي وڃن. ايئن تنهنجي حياتيءَ جو خاتمو ٿيندو، ته جيئن اُهو اهڙن ٻين سڀنيءَ لاءِ سبق ٿئي، جيڪي پنهنجي دل ۾ تو جهڙي گناهه ڪرڻ جو ارادو رکندا هجن.“

تباهه ٿيل ويچارو هيءُ انسان فتويٰ ٻڌي رهيو هو ۽ سيءَ ۾ سندس ڄاڙيون ڏڪي رهيون هيون. دک ۽ نراسائيءَ جي عالم ۾ هو، پنهنجن گوڏن تي رڙهي، ميونسپل اختياريءَ وارن جي ويجهو ويو. جيڪي ڏاڪڻ تي ويٺا هئا ۽ انهن کي منٿ ڪيائين ته هو انساني مريادا کان ڪم وٺي، پهرين هُن جي سسي ڌڙ کان جدا ڪرائي ڇڏين ۽ پوءِ هن جي بدن کي باهه جي حوالي ڪن، ڇو ته: ”ڊڄان ٿو ته ڪٿي باهه جي عذاب کان مجبور ٿي، پنهنجن عقيدن کي ڇڏڻو نه پويم، ۽ ايئن آخري دم ۾ پنهنجي سڄي زندگيءَ جي نعمت کان محروم نه ٿي وڃان! جيڪڏهن مون کان ڪو ڏوهه ٿيو آهي، ته اڻڄاڻائي ۾ ٿيو آهي، نه ته سڄي حياتي منهنجي اڳيان رڳو خداوند قدوس جي رضا جو ئي خيال رهيو آهي.“

اُنهي گهڙي فاريل وڌي وڃي، ججن ۽ سندن آڏو ايئن نوڙيل سرويٽس جي وچ ۾ بيٺو ۽ اوچي آواز ۾ جيڪو پري پري تائين ٻڌجي ٿي سگهيو، سرويٽس کان پُڇيائين، ”ڇا تون تثليث مقدس جي خلاف جيڪا تعليم ڏئي رهيو هئين، اُن کان توبهه تائب ٿيڻ لاءِ تيار آهين، ته جيئن تنهنجي موت کي آسان بڻايو وڃي؟“ سرويٽس، جيڪو هونئن ته هڪڙو مسڪين ماڻهو هو ۽ ايڏو وڏو داناءُ به ڪونه هو، تنهن بنا دير جي فاريل جي هيءَ آڇ اهڙيءَ ئي هوڏ سان ٺُڪرائي ڇڏي ۽ اُنهيءَ ئي گهڙيءَ پنهنجي اخلاقي تونگريءَ ۽ انساني عظمت جي چوٽيءَ کي ڇُهي ورتو، لڳ ڀڳ سڄي جينيوا شهر جي ماڻهن، جيڪي اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، سرويٽس جي هيءَ تقريباً چريائپ جي حد جي جرئت ڏسي، محسوس ڪري ورتو، ته پنهنجي ضمير جي حرمت ۽ پنهنجن عقيدن خاطر ڪو اعليٰ انسان ڪهڙيءَ طرح ابراهيم وانگر باهه ۾ ٽپي پوندو آهي، سقراط جيئن زهر جو پيالو پي ويندو آهي ۽ مسيح وانگر پنهنجي صليب پنهنجن ڪلهن تي پاڻ کڻي اُن تي چڙهي امر ٿي ويندو آهي.

هاڻي سڄو جلوس چئمپل ٽڪريءَ ڏانهن وڌڻ لڳو، جتي سرويٽس کي باهه جي مچ ۾ سڙي تماشو بڻجڻو هو، ۽ مولانا جيهان ڪال ون ۽ سندس ’مسيحي شريعت‘ ۽ اُن جو ’نظام‘ جيڪو ’صدين کان ڀٽڪندڙ مسيحي اُمت جي سڀني مسئلن جو حل‘ بڻجي جينيوا ۾ نافذ ٿيو هو، تن جي اُها دعويٰ ۽ اُهو ڍونگ دنيا جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ سرويٽس سان گڏ اُن ئي آڙاهه ۾ رک ٿي وڃڻو هو، سڄي واٽ جيئن ماڻهن جو انبوهه سرويٽس کي اڳيان ڪيو، مقتل ڏانهن وڌي رهيو هو، تيئن فاريل هُن جي پاسي سان پاسو ڏيو، ٻٽو ٻٽ هلندو رهيو، ۽ سڄو وقت هن کي توبهه تائب ٿيڻ لاءِ زور ڪندو رهيو، تان جو هڪ گهڙي اهڙي آئي، جڏهن سرويٽس، خالص انساني پنهنجائپ جي امنگ ۾ ڀرجي، هُن کي چيو ته ”جيتوڻيڪ هن کي بي انصافيءَ سان ماريو پئي ويو، ته به هُن جي خداوند قدوس جي در اها ئي وينتي هئي، ته هو سندس مخالفن تي شل پنهنجو رحم ڪري!“ اُن تي فاريل کي سخت مٺيان وٺي وئي ۽ ڪٺورتا ۾ ڀرجي چوڻ لڳو: ”ڇا! هيڏي ڪبيري گناهه ڪرڻ کان پوءِ به تون پاڻ کي پاڪباز ٿو سمجهين؟ بس، جي اڃا به تون پنهنجي ضد تي قائم آهين، ته توکي خدا جي حوالي ڪري آءُ هليو ٿو وڃان، نه ته منهنجي مرضي هئي، ته توسان آخري دم تائين گڏ هجان، ته من تون مؤمن مسيحيءَ جو موت مري سگهين.“ سرويٽس وڌيڪ جواب ڪونه ڏنو، هو پنهنجن قاتلن ۽ دين جي آڀماني عالمن جي بڪ بڪ کان تنگ اچي ويو هو ۽ وڌيڪ هڪ اکر به هنن سان ڳالهائڻ، هُن لاءِ ڏکيو ٿي پيو هو. لڳاتار هيءُ ’ثابت ٿيل‘ ملحد ۽ ڪافر، شايد پنهنجي ئي تسڪين خاطر، پنهنجي مُنهن، چپن ۾ هيءَ دعا گهرندو رهيو: ”او خدا! منهنجي روح کي نجات ڏي! او يسوع مسيح، منهنجي ازلي خدا جا سڀ کان پيارا پٽ! مون تي ڪهل ڪر!“ اُن کان پوءِ پنهنجو آواز ڪجهه مٿي ڪري، جيڪي حاضر هئا ۽ کيس ٻڌي سگهيا ٿي، اُنهن کي ساڻس گڏجي ڪِلي کي ڏسندي، هڪ ڀيرو وري گوڏن ڀر جهُڪي پيو ۽ هڪ خدا رسيده مؤمن مسيحيءَ وانگر اکيون پوري، آخري عبادت ۾ محو ٿي ويو، پر ڪٽر فاريل کي ڊپ وٺي ويو، ته ڪٿي هن مشهور ڪافر جو هيءُ ايمان، ۽ هيءَ خدا پرستي، ماڻهن جي دلين تي اثر نه ڪري وجهن: سو هُن مجمعي ڏانهن مُنهن ڪري، زور سان چيو: ”ڏسو ٿا، جڏهن شيطان جي چنبن ۾ ڪو روح اچي ٿو ڦاسي، تڏهن اُن ۾ ڪيڏي نه طاقت اچيو ٿي وڃي، هيءُ ماڻهو وڏو عالم آهي ۽ پنهنجي علم تي گهمنڊ هوس ۽ پنهنجي عملن کي سچو ٿي سمجهيائين، پر هاڻي هيءُ شيطان جي هٿن ۾ آهي. جيئن اوهان مان به ڪنهن سان ايئن ٿي سگهي ٿو.“

ان وچ ۾ غليظ خوني تياريون شروع ٿي ويون، مقتل جي ڪِلي جي چوڌاري ڪاٺيون سٿي ڍڳ ڪيون ويون ۽ اُن ۾ ڇڻڪندڙ زنجيرن کي ڪوڪن سان ٺوڪي مضبوط ڪيو ويو، جلاد پنهنجي شڪار جا هٿ ٻڌا. پوءِ فاريل پويون ڀيرو وڌي، سرويٽس جي ڀرسان ويو، جيڪو ان وقت رڳو ٿڌا ساهه ڀري بار بار چئي رهيو هو، ”او خدا، منهنجا خدا“ فاريل ڏاڍيان، چڙ مان هن کي چيو: ”ڇا تو وٽ ٻيو ڪجهه چوڻ لاءِ ڪونهي؟“ هيءُ بڪ بڪيو پادري اڃا به ان خيال ۾ هو، ته سرويٽس مقتل جي ڪلي کي ڏسي، جنهن سان هو ٻڌجي شهيد ٿيڻو هو، ضرور موٽ کائيندو ۽ توبهه تائب ٿي، ڪال ون جي مذهب تي ايمان آڻيندو، ۽ چوندو، ته پاڻ ڪوڙو هو ۽ ڪال ون سچو هو، پر سرويٽس سندس ڇڙٻ ٻڌي ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان ڪنڌ کڻي ڏانهن نهاريو ۽ جواب ڏنو: ”خدا کي نه سڏيان، ته ٻيو ڇا ڪريان!“

فاريل پنهنجي شڪار کان نراس ٿي، پوئتي هٽي ويو ۽ هاڻي فقط سرڪاري جلاد کي باقي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻو هو. زنجير جيڪي مقتل جي ڪلي سان کُتل هئا، تن کي چار پنج ڦيرا ڏياري بدنصيب سرويٽس جي زبون حال جسم جي چوڌاري جڪڙيو ويو. هُن جي جسم ۽ اُن جي چوڌاري ڦريل زنجيرن جي وڪڙن جي وچ ۾ هن جي ڪتاب جي ڇپيل ڪاپي ۽ اُن جو هٿ اکر لکيل مسودو ٽنبي قابو ڪيو ويو. هيءُ هٿ اکر لکيل نسخو اهو ئي هو، جيڪو سرويٽس سيل مهر ڪري ڪال ون کي پنهنجو هڪ عالم ڀاءُ سمجهي ۽ مٿس ويساهه رکي، شروع ۾ هُن ڏانهن پنهنجي راءِ لاءِ موڪليو هو. آخر ۾ ملامت ۽ ڌڪار جي علامت طور گندرف ۾ ٻُڏل وڻ جي پتن جو ’ڇَٽ‘ سرويٽس جي مٿي تي رکيو ويو ۽ اُن کي ڇڪي، هُن جي ڀرونئن تائين زور سان کُپائي بيهاريو ويو، جلاد ڪاٺين جي ڍڳ کي تيلي هنئين ۽ قتل جو عمل شروع ٿي ويو.

جڏهن باهه جا اُلا هُن جي چوڌاري اُڀري آيا، تڏهن سرويٽس اهڙي ته هڪ خوفناڪ دانهن ڪئي، جو ڏسندڙن مان گهڻن پنهنجا منهن ورائي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيا، جلد ئي دونهين جا ڪارا ڪڪر لُڇندڙ انساني جسم کي چوڌاري وڪوڙي ويا ۽ هو ماڻهن جي اکين کان اوجهل ٿي ويو، پر هُن جون دردناڪ دانهون جيئن پوءِ تيئن زورائيتون ۽ تيز ٿينديون ويون، تان جو هڪ بنهه دل ڏاريندڙ تکي ڪيهه ماڻهن ٻڌي: ”او خدا، پيار جا خدا، مون تي ڪهل ڪر!“ موت سان هيءُ مقابلو اڌ ڪلاڪ هليو، پوءِ اُلا جهڪا ٿيڻ لڳا، دونهون وکرڻ لڳو، ڌڳندڙ ٽانڊن جي مٿان ڪاري لوساٽيل ڪلي سان جڙيل هڪ ڪارو، هانءُ ٻوساٽيندڙ، سڙيل ماس جو لڳڙو دوڳ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي ڪنهن انساني صورت سان ڪا مشابهت ڪانه هئي، اُها شيء جيڪا ڪڏهن هن ڌرتيءَ جي هڪ سوچيندڙ ۽ ازلي حق کان لوچيندڙ شيءِ هئي، جيڪا ڪڏهن الاهي روح جو هڪ جاندار حصو هئي. اُها ايتري ۾ ڳري سسي، گهٽجي اهڙي هڪ اڻ وڻندڙ ۽ دل ڪچي ڪندڙ شيءِ ٿي پئي هئي، جو اُن کي خود ڪال ون به جيڪر ڏسي ها، ته هو به پنهنجي اُن غير انساني عمل تي ضرور پيشمان ٿئي ها، جنهن مطابق هن پنهنجو اهو فخريه حق سمجهيو هو، ته ڪنهن انساني ڀاءُ تي فريادي بڻجي، جج به ٿي ويهي، ۽ جلاد ٿي اُن کي قتل به ڪري ڇڏي.

پر ڪال ون اُن خوفائتي وقت ڪٿي هو؟ اُن وقت هو پنهنجي گهر بند ٿيو ويٺو هو، هن کي شايد اهو ڏيکارڻو هو، ته هو بي تعلق هو، يا شايد پنهنجي طبيعت کي اُن نظاري جي ڌڌڪي کان بچائڻ ٿي گهريائين. هو دريون بند ڪيو، پنهنجي مطالعي واريءَ ڪوٺي ۾ ويٺو هو. عملي طور قتل جو بڇڙو ڪم، هُن سرڪاري جلاد تي ۽ فاريل تي ڇڏي ڏنو هو. فاريل جيڪو کانئس وڌيڪ دل جو ڪٺور ۽ وحشي هو. جيستائين ڪم رڳو هڪڙي بيگناهه کي جهلائڻ، مٿس ڏوهه مڙهڻ ۽ ثابت ڪرڻ ۽ هُن کي ڌڪي متقل جي ڪلي تائين پهچائڻ جو هو، تيستائين ڪال ون سڀ کان زور اُن ڪم جو اڳواڻ هو، پر اصل قتل جي عين گهڙيءَ وارو ڪم هن فاريل ۽ ٻين پگهاردار عملي جي ماڻهن تي ڇڏي ڏنو. هو پاڻ جنهن هيءُ ’مجاهدانه خون‘ رٿيو هو ۽ پايي تڪميل تي پهچايو هو، عين اُن جي عمل ۾ اچڻ وقت احتياط کان ڪم وٺندي، اُن کان دور رهيو. ٻئي آچر تي بهرحال هو پنهنجي ڪاري چوغي ۾ ملبوس، پنهنجي ديول جي مِنبر تي چڙهي، ڏاڍيءَ تقويٰ ڀريل ٻوليءَ ۾ واعظ ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي خاموش جماعت جي اڳيان ڏاڍي ديني شان ۽ فخر سان اُن ’عبرتناڪ الاهي سزا‘ جو ذڪر ڪيائين ۽ جنهن جي عملي مشاهدي جي هن کي همت ڪانه ٿي سگهي هئي، اُن کي هُن ’احيائي دين مسيح‘ لاءِ ’مقدس عدل‘ جو هڪ ’عظيم ڪارنامو‘ سڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org