سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:8 

ڪاسٽيلو پوريءَ خود داريءَ سان جواب ڏنو هو، ته هو اهڙي قسم جو ڪو به واعدو ڏيئي نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته اُن جو پورو ڪرڻ هن جي وس کان ٻاهر هو: هو پنهنجي ضمير جي حڪم کي هرگز عدولي نه ٿي سگهيو. اهڙين حالتن ۾ ڪاسٽيلو ۽  ڪال ون جي وچ ۾ عام مناظرو بيسود هو. پنهنجي پنهنجي ذات ۾ اُن وقت هو هڪ طرف آزادي پسند مذهبي اصلاح ۽ ٻئي طرف ڪٽر مذهبي اصلاح جا مظهر ۽ ترجمان بڻيا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺا هئا. ڪاسٽيلو سان ڳالهين جي هن بيسود ڏي وٺ کان پوءِ ڪال ون ائين چوڻ ۾ حق بجانب هو ته، جيتري قدر هڪٻئي جي ڳالهين مان. آءٌ سمجهي سگهيو آهيان، هيءَ شخص منهنجي متعلق اهڙا خيال رکي ٿو، جو اها اميد رکڻ ته اسين ٻيئي ڪڏهن ڪنهن سمجهوتي تي پهچي سگهنداسين، سا ڳالهه ممڪن ڪانهي.“

ڪاسٽيلو جا ڪال ون متعلق ڪهڙا خيال هئا؟ ڪال ون اها ڳالهه لکيت ۾ ٻڌائي آهي: ”سيباسٽِيان جي مغز ۾ هيءَ ڳالهه ويٺل آهي ته آءٌ  طاقت جو بکيو آهيان ۽ غالب پوڻ چاهيان ٿو“.  واقعي – ڪال ون جي شخصي حقيقت کي ٻين ڪهڙن لفظن ۾ ان کان بهتر بيان ڪري ٿو سگهجي؟ پورا ٻه سال ڪاسٽيلو اُهو ڪجهه ڏسي رهيو هو،- ۽ اُن جي خبر ٻين کي به جلد ئي پوڻي هئي ته ڪال ون پنهنجي ڏاڍائي جي لاڙن ۽ تحڪمانه طبيعت مطابق، جينيوا ۾ فقط هڪڙي ماڻهوءَ جي راين ۽ خيالن کي برداشت ڪرڻ وارو هو، اهو ماڻهو هو پاڻ هو: ٻئي ڪنهن به شخص جو، هن جي روحاني اثر جي دائري ۾ هرگز گذارو نه ٿي ٿي سگهيو، سواءِ هن صورت جي ته هو شرعي عقيدن جي هر ننڍيءَ کان ننڍيءَ ڳالهه ۾، ڪال ون جي پوئلڳي ڪرڻ لاءِ تيار هجي: ظاهر هو ته ڪاسٽيلو لاءِ ههڙي قيد جي هوا ۾ ساهه کڻڻ محال هو؛ هو ڪال ون جي دنيا جو هيءُ روحاني تشدد هر گز برداشت ڪري نه سگهيو هو. فرانس کي ڇڏي ڪئٿولڪ ديني عدالت جي گهٽ مان پاڻ بچائي، انهيءَ  لاءِ ڀڄي ڪو نه نڪتو هو ته هتي اچي. ٻئي قيد جي هوا ۾ گهٽجي ۽ ٻوساٽجي. جنهن کي پروٽيسٽنٽ  ضابطي ۽ انتظام جو نئون نالو ڏنو ٿي ويو؛ هن قديم تقليد ۽ ڪٽرپڻي مان انهيءَ لاءِ جند ڪانه ڇڏائي هئي ته هڪ نئين تقليد ۽ نئين ڪٽرپڻي جو ان کان به وڌيڪ بيوس غلام بنجي وڃي. ڪال ون جو چوڻ هو ته انجيل ۾ هر ڳالهه موجود هئي، اُهو زندگي جو مڪمل دستور العمل هو، اُن جي ڪنهن ڳالهه کان انحراف  يا جيئن هن پاڻ اُن جي ڪنهن ڳالهه جي معنيٰ ۽ تشريح ڪئي ٿي، اُن کان ٻي ڪا اُن جي معنيٰ ۽ تشريح ڪرڻ منع هئي بلڪ گناهه عظيم هو، ڪاسٽيلو جي راءِ هنن سڀني متعلق ڪجهه قدر محتاط نماڻائي واري ۽ عقل پسنديءَ ڏانهن مائل هئي، هن جي نظر ۾ مسيح انسان جهڙو انسان، انساني خيال کان بهترين انسان ۽ اخلاقي طور هڪ مثالي شخص هو، جنهن جي رستي تي سندس پوئلڳ پنهنجي پنهنجي طريقي سان ايئن هلي ٿي سگهيو، جيئن سچائي ۽ نماڻائيءَ سان هو سمجهي ته کيس سندس پنهنجو عقل اُهو رستو ڏيکاري رهيو هو: پر اُن جي اها معنيٰ به ڪانه هئي ته اُن رستي جي هر نئين سمجهاڻي ۽ تشريح آخري ۽ واحد سچي سمجهاڻي ۽ سچي تشريح هئي يا ٿي سگهي ٿي. ڪاسٽيلو جڏهن جينيوا ۾ڏٺو ٿي ته ڪال ويني واعظ اهڙيءَ همه داني جي انداز ۾ ڪلام خداونديءَ جي تشريح ڪري رهيا هئا، ڄڻ اُهو نازل ئي ايئن ٿيو هو، جو فقط هو ئي اُن کي سمجهي سگهيا ٿي، تڏهن هن کي سخت روحاني تڪليف محسوس ٿيندي هئي. هو اهڙن واعظين کي پنهنجي پيشي جي تقدس تي ايمان ڪندي ۽ ٻين سڀني کي گنگهار شمار ڪندي، پاڻ کي سدائين سچ تي سمجهندي، ڏسي ڪاوڙ ۽ افسوس جي گڏيل احساس جي شدت هيٺ ذري گهٽ پنهنجي من جي وس کان نڪري ويندو هو. هڪ ڀيري هڪڙي عام جلسي ۾ انجيل جي هڪ آيت جو تفسير ڪندي، هڪڙي واعظ سڳوري چيو: ” پر اوهان کي کپي ته هر ڳالهه ۾اوهين پوري صبر سان خداوند قدوس جي اسان خاص بندن کي تسليم ڪيو“- تڏهن ڪاسٽيلو هڪدم اُٿي بيٺو ۽ چيائين ته”اوهان خدا جي خاص بندن کي کپي ته اوهين پاڻ به پنهنجي خيالن ۽ عملن کي خدا جي عام بندن اڳيان چڪاس لاءِ پيش ڪريو ۽ پوءِ جيڪو اُنهن بابت خدا جي عام بندن جو رايو بيهي، سو تسليم ڪريو. رڳو ايئن نه ٿيڻ گهرجي- جيئن هاڻي ٿي رهيو آهي- ته جيڪو اوهان کان اختلاف ڪري ٿو، هو تنهن جي آزمائش به اوهين پاڻ ٿا ڪريو، اُن کان پڇا ڳاڇا به اوهين پاڻ ٿا ڪريو ۽ اُن کي ڪُهي به اوهين پاڻ ٿا ڇڏيو!“ هن واقعي جو بيان اسان کي خود ڪال ون جي لکيل احوال مان ملي ٿو. ڪال ون مخالف جي لفظن کي جيئن جو تيئن نقل ڪرڻ جو  عادي نه هو، بلڪ هو پنهنجي مرضيءَ ۽ فائدي پٽاندڙ اُنهن کي بدلائڻ يا ٽوڙڻ مروڙڻ ۾ ڪنهن به اخلاقي بندش تسليم ڪرڻ جو عادي ڪونه هو. بهرحال خود ڪال ون جي ڏنل بيان مان اسين هي سمجهي سگهون ٿا ته ڪاسٽيلو ٻين سڀني انسانن سان گڏ پاڻ کي به غلطيءَ جي امڪان کان ٻاهر نه ٿي سمجهيو- جيئن سينٽ پال جو ذڪر ڪندي ۽ ڪال ويني واعظين کي سندن هوڏ ۽ اڀمان سبب ننديندي، هن چيو ته ”پال خدا جي بندن مان هڪ هو، پر اسين پنهنجي غرض جا بندا آهيون- پال صبر ڪندڙ هو، پر اسين بي صبر آهيون. پال ٻين جي هٿان ظلم سٺو پر اسين معصومن تي ظلم  ڪري رهيا آهيون.“

ڪال ون، جيڪو پاڻ هن جلسي ۾موجود هو، سو ڪاسٽيلو جون اهي تز ڳالهيون ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو. اُتي جو اُتي هو ڪاوڙ ۾ ڀرجي، جواب ۾ ڪافي ڪجهه چئي سگهيو ٿي ۽ ڪري سگهيو ٿي. پر سڀ کان اول هو هڪ حقيقت پسند ماڻهو هو، حڪمت عمليءَ جي مسئلن کان باخبر هو، ۽ پنهنجي طبيعت کي خوب پنهنجي ضابطي ۾ رکي ڄاڻندو هو. هو اُتي ڳالهه کي سمجهي ويو، ته ڪاسٽيلو جي ڳالهين ٻڌندڙن تي ڪيترو اُونهو اثر پيدا ڪيو هو، ۽ ترت ڪنهن جوابي ڳالهه جو اُهو موقعو ڪونه هو. تنهن ڪري پنهنجن چپن کي تيئن وڌيڪ ڀيڙي اُتي هو چپ رهيو ۽ ڪو به جواب نه ڏنائين. ”انهي مهل آءٌ چپ ٿي ويس.“ هن پوءِ اُن واقعي جو ذڪر ڪندي ۽ پنهنجي اُن چپ جو سبب ٻڌائيندي، لکيو؛ ”پر انهي ڪري جو ڌارئي انبوهه اڳيان وڏو خطرناڪ بحث ڇڙي پوي ها.“

پر پوءِ پنهنجي خاص گروهه جي ماڻهن اڳيان هن ڇا ڪيو؟ ڇا، هن ڪاسٽيلو سان پنهنجن اختلافن جو مسئلو ويچار  لاءِ اُنهن اڳيان آندو؟ ڇا، هن ڪاسٽيلو سان پنهنجن خيالن ۽ راين جي منهان منهن ويهي، ڏي وٺ ڪئي؟ ڇا، هُن ڪاسٽيلو کي پنهنجي ”محڪمي امور مذهبي“ جي اڳيان حاضر ڪيو، ۽ هن تي خاص الزام رکي، اُنهن کي حوالن ۽ سَنَدن سان مٿس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ نه بلڪل نه. انهن ڳالهين مان هن ڪابه ڳالهه ڪانه ڪئي. ”سياسي“ مسئلن ۾ سنئين سڌي رستي اختيار جي ڪال ون کي عادت ڪانه هئي. هن جي نظر ۾مٿس ڪنهن به قسم جي تنقيد جي ڪوشش راءِ جي نظرياتي اختلاف کان وڌيڪ ڪا ٻي ڳالهه هئي، ۽ اُن جو علاج به ٻيو ڪجهه ٿيڻو هو. هن پنهنجي خلاف تنقيد کي حڪومت خلاف تنقيد ٿي سمجهيو ۽ اُهو ديني نه پر دنيوي ڏوهه هو. دنيوي ڏوهين کي دنيو عدالت آڏو پيش ٿيڻو آهي. اِنهيءَ ڪري ڪاسٽيلو کي ”محڪمي امور مذهبي “ اڳيان نه، پر ملڪي انتظاميه اڳيان پيش ڪيو ويو؛ هڪ علمي ۽ اخلاقي نوع جي اختلاف کي ڦيرائي انتظام ۽ ملڪي ضابطي جو مسئلو بنايو ويو. شهري ڪائونسل وٽ هن جي خلاف جيڪو فرد جرم لڳايو ويو، اُهو هيءَ هو: ”ڪاسٽيلو پادري برادريءَ کي بدنام ڪيو آهي.“

ڪائونسل هن معاملي ۾ پوڻ لاءِ تيار نه هئي. اُن کي واعظِين جي پنهنجن جهيڙن ۾ دلچسپيءَ ڪانه هئي. ڏسڻ ايئن ٿي آيو ته ”محڪمي امور مذهبيءَ“ هونئن جو ڪيترا حڪومتي اختيار ڇڪي پنهنجي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تنهن تي ملڪي حڪمران اُن کان گهڻي قدر ناخوش هئا. ڪائونسل جا ميمبر ڪافي وقت فيصلي کي اينگهائيندا رهيا، ۽ آخر جڏهن فتويٰ ڪڍيائون ته معلوم ٿيو ته اُها ڪافي مبهم ۽ غير واضع هئي. ڪاسٽيلو کي ڏوهي ڪيائون ۽ اڳتي کيس دين جي عالمن يعني واعظين ۽ پادري برادريءَ کي خوار خراب ۽ بدنام ڪرڻ کان روڪيائون، پر هن کي ڪا سزا ڪانه ڏنائون ۽ نه وري ملازمت کان ئي خارج ڪيائون؛ البت، کيس ٻئي حڪم جي صادر ٿيڻ تائين، وئنڊيرس جي ديول ۾خطبي ڏيڻ کان منع ڪيائون.

ممڪن آهي ته اِهو خيال ڪيو ويو هجي ته اهڙي قسم جو نرم چتاءُ ڪاسٽيلو لاءِ ڪافي هو. پر ڪاسٽيلو جو اِن سلسلي ۾ ٻيو ارادو هو. هن معاملي مان ويتر هن کي خاطري ٿي ته جينيوا ۾ ڪال ون جهڙي هڪ ڪٺور شخص جي آمريت هيٺ ڪنهن آزاد خيال ماڻهوءَ لاءِ عزت سان گذارڻ جي گنجائش ڪانه هئي. اِنهي ڪري هُن ڪائونسل کي درخواست پيش ڪئي ته کيس سندس عهدي تان فارغ ڪيو وڃِي. طاقت جي آزمائش جي هن پهرئين تجربي ۽ پنهنجي مخالف طرفان استعمال ڪيل داءَ پيچ مان هُن هيترو ضرور سمجهي ورتو هو ته سياسي طور جانبدار شخص جڏهن سچ کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ گهرن ٿا- يعني اُن شيء کي جنهن کي هو سچ چون ٿا، تڏهن اُهي سچ کي پنهنجي مرضيءَ موجب موڙڻ مروڙڻ ۾ پنهنجي ضمير جي ڪابه رڪاوٽ محسوس نه ٿا ڪن. ڪاسٽيلو کي اِهو پوريءَ طرح اندازو هو ته هو پنهنجي عهدي تان جا سبڪدوشي، پنهنجي مرضيءَ سان، هڪ سچي مرد ميدان طور، اختيار ڪري رهيو هو، اُن لاءِ سندس دشمن ضرور اها ڳالهه هلائيندا ته هواُن عهدي تان پنهنجي ڪنهن بداعماليءَ سبب محروم ڪيو ويو هو. اِنهي ڪري، جينيوا ڇڏڻ کان پهريائين، هُن پادري برادري جي بدناميءَ ۽ اُن متعلق مٿس سڄي ڪيس جي معاملي بابت اختياريءَ وارن کان هڪ تفصيلي تحريري رپورٽ جي گهر ڪئي. ڪال ون لاءِ هن قسم جي رپورٽ تي صحيح ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونه هو. اُها رپورٽ اڃا تائين باسيل شهر جي لئبرريءَ ۾، ٻين سرڪاري دستاويزن سان گڏ، پنهنجي اصلي صورت ۾ محفوظ آهي، اُن رپورٽ ۾ اڄ به اسين پڙهي سگهون ٿا ته ڪاسٽيلو کي واعظ جي عهدي تي اِنهيءَ ڪري مقرر نه ڪيو ويو هو، جو هُن انجيل جي ٻن بنهه معمولي ڳالهين جي تفسير ۾ راسخ عقيدي کان هٽي، اختلافي رويو اختيار ڪيو هو. رپورٽ جا آخري جملا هي آهن: ”انهيءَ لاءِ ته سيبا سٽيان ڪاسٽيلو جي هتان نڪري وڃڻ جي باري ۾ ڪو به ڪنهن قسم جي ڪا غلط راءِ قائم نه ڪري سگهي، اسين سڀيئي هن ڳالهه جي تصديق ڪريون ٿا ته هن ڪاليج جي ريڪٽر جي عهدي تان پنهنجي مرضيءَ سان پاڻ سبڪدوشي اختيار ڪئي آهي. هو پنهنجي عهدي تان فارغ ٿيڻ تائين پنهنجن فرضن جي اهڙيءَ خوش اسلوبيءَ سان ادائگي ڪندو رهيو، جو اسان هُن کي خود واعظ جي مرتبي لاءِ هر طرح لائق ٿي سمجهيو. جيڪڏهن پڇاڙيءَ ۾ اهو سوال ايئن نه بيٺو جيئن اسان چاهيو ٿي، ته اُهو اِنهي ڪري نه ته ڪاسٽيلو جي چال چلت ۾ ڪنهن قسم جو ڪو عيب يا نقص ڏٺو ويو هو، پر اُن جا سبب فقط اُهي هئا جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي.“

ڪاسٽيلو کي جينيوا مان اِيئن ڀڄائي ڇڏڻ سچ پچ ته ڪال ون جي فتح هئي. ڪاسٽيلو ئي اُهو واحد شخص هو، جيڪو اُتي جرئت سان سندس مقابلو ڪري سگهيو ٿي. پر ڪال ون جي هيءَ فتح عارضي ۽ اُتاڇري فتح هئي. شهر ۾  ڪاسٽيلو جي بيحد عزت هوندي هئي، ۽ اڪثر ماڻهن هن جي شهر ڇڏي وڃڻ ۾شهر جو وڏو نقصان ٿي سمجهيو. عام طرح ايئن ئي چيو پئي ويو ته ”ڪال ون استاد ڪاسٽيلو سان وڏو ظلم ڪيو آهي .“ ساڳئي وقت، ٻيءَ سڄيءَ دنيا ۾ به، جتي جتي ڪو انسان شناس فرد يا گروهه هو، اُتي پڻ ايئن پئي محسوس ڪيو ويو ته جينيوا ۾سواءِ ’هائو سائين‘ چوڻ وارن جي ٻئي ڪنهن کي مولانا ڪال ون برداشت ڪرڻ وارو ئي نه هو. ٻه سؤسال پوءِ، مشهور، فرينچ اديب ۽ فيلسوف، والٽيئر، ڪاسٽيلو  جي جلاوطنيءَ جي هن واقعي جو هنن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي: ”اسان کي هن مان ڪال ون جي ڪاريءَ ۽ ڪٺور دل جي خبر پوي ٿي- ڪاسٽيلو اُن کان پوءِ جيڪي سور سٺا ۽ عذاب ڏٺا، اُن مان پتو پوي ٿو ته ڪال ون مٿس ڪيڏو شديد ظلم ڪيو هو... سچ پچ ته ڪاسٽيلو علم جي ميدان ۾ ڪال ون کان گهڻو مٿي هو، ۽ هن کي فقط ڪال ون جي حسد جو شڪار ٿيڻو پيو هو. “

ڪال ون تنقيد جي سلسلي ۾ بيحد حساس واقع ٿيو هو. هن ترت ئي سمجهي ورتو ته ڪاسٽيلو جي مسئلي ۾ عام راءِ هن جي خلاف هئي ۽ هر ڪنهن ڪاسٽيلو جي ايئن جينيوا ڇڏي وڃڻ لاءِ هن کي ئي ذميدار ٿي سمجهيو. پنهنجواِهو مقصد هُن پورو ئي مس ڪيو هو، يعني جينيوا مان واحد اُهو آزاد راءِ رکندڙ شخص هڪالي ڪڍڻ ۾ هو ڪامياب ئي مس ٿيو هو، ته هن کي هڪڙي خيال ستائڻ شروع ڪري ڏنو ته اُن جي نتيجي ۾ ڪاسٽيلو کي جيڪي به تڪيلفون ۽ ڏک ڏسڻا پوندا ۽ غربت ۽ غريب الوطنيءَ جا جيڪي به عذاب ۽ پريشانيون سهڻيون پونديون، اُن لاءِ دنيا کيس ئي ڏوهي بنائيندي ۽ ذميدار سمجهندي. سچ پچ ڪاسٽيلوجيڪو جينيوا ڇڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو، سو به ڏاڍو هڪ تڪڙو ۽ مخص جذبات جي شدت هيٺ ڪيل فيصلو هو. کيس معلوم هئڻ گهربو هو ته سڄي سئٽرزلينڊ ۾ سياسي طور سڀ کان طاقتور پروٽيسٽنٽ سربراهه جو کليو کلايو مخالف ٿي ڪري، هو ٻئي هنڌ به ڪٿي اصلاحي ڪليسا جي ماتحت آسانيءَ سان ڪو عهدو حاصل نه ٿي ڪري سگهيو. نتيجو به واقعي اِهو نڪتو، ۽ ترت ئي هن جي حالت فاقه ڪشِيءَ جي صورت کي پهچي ويئي. بکئي پيٽ لاءِ، هن شخص کي، جيڪو جينيوا جي پروٽيسٽنٽ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو هو، نيٺ مجبور ٿي، در در تي جهولي جهلي پنڻو پيو. ڪال ون سمجهدار ماڻهو هو، ۽ هُن محسوس ڪيوته سندس هٿان ههڙي حالت کي پهتل سندس هڪ جڳ مشهور مخالف جي هن محتاجيءَ ۽ مسڪينيءَ ۽ دکي زندگيءَ جي ڳالهه ڦري سندس ڳچيءَ ۾ پوڻي هئي. ڪاسٽيلو جي حالت هنيئر ايئن هئي، جيئن هڪ جان بچائي ڀڄندڙ جانور. هاڻي هو ڪال ون جي پاسي ۾  بيهڻ جهڙو ڪونه هو. کائنس ڪال ون کي هاڻي ڪوبه ڊپ ڪو نه هو. ڪال ون انهيءَ ڪري هاڻي چاهيو ٿي ته ڪاسٽيلو ڪٿي ڀڄي وڃي سکيو ٿي ويهي، ته سندس هن جي سلسلي ۾ سڄي ڳڻتي لهي پوي. اُن لاءِ هن ڪاسٽيلو  جي آڏو ’سون جو پليون‘ ٻڌڻ شروع ڪيون. هُن چوڌاري خطن جي پٺيان خط لکڻ شروع ڪيا ۽ هر خط ۾هُن جي ڪوشش اها رهي ته ڪاسٽيلو جي معاملي ۾ پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪري: ”ڪاسٽيلو کي ڪنهن سٺي درجي تي رسائڻ لاءِ مون جيڪي ڪوششون ڪيون، تن جي  مون کي خبر آهي“...”منهنجي مراد اها ئي آهي ته هيءُ مسڪين ۽ حاجتمند شخص ڪٿي ڪنهن سکئي گذر وارو ٿي ويهي.“ (ڪاسٽيلو جي مسيڪينيءَ ۽ حاجتمنديءَ لاءِ ڪال ون کان سواءَ ٻيو ذميدار به ڪير هو؟) ”آءٌ  چاهيان ٿو ته هن لاءِ ڪا پسنديءَ جهڙي آسامي حاصل ڪري سگهان......آءٌ ان لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“پر ڪاسٽيلو هو، جو ويچاري ڪال ون جي هيڏين هم دردين ۽ خير خواهين هوندي به پنهنجي حالت جيئن هُيس تيئن ماڻهن کي ڏيکاريندو ڦريو- هُن لاءِ ٻيو رستو به ڪهڙو هو! نه رڳو ايترو، پر پنهنجي زبان به بند رکي نه سگهيو! هر هنڌ هو کليو کلايو چوندو رهيو ته کيس جينيوا فقط ڪال ون جي آمرانه روش سبب ڇڏڻي پيئي هئي، ۽ اُن باري ۾ هو هر ڪنهن سان تفصيلي ڳالهيون ڪندو رهيو. ڪال ون کي هيءَ صورتحال بيحد ڏکي محسوس ٿي رهي هئي، ۽ جيئن پوءِ تيئن ڪاسٽيلو جون اهي ڳالهيون هن کي وڌيڪ پريشان ڪنديون ٿي رهيون- ڇو ته هو ڪڏهن به پنهنجي لاءِ هيءَ ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو ته هو ڪو آمر هو، جاهه طلب هو، طاقت پسند هو يا ايئن ٿي به سگهيو ٿي. هو ته هڪ نماڻو، غريب طبع، سڀ جو خير گهرڻ وارو ماڻهو هو، جيڪو خدا جي ٻانهپ جو ڳرو بار، جو هن جي مٿي رکيو ويو هو، ايتريءَ سگهه نه هوندي به چپ چاپ کنيو بيٺو هو، ۽ چوويهه ئي ڪلاڪ پنهنجو سمورو  سک آرام ڦٽائي، پنهنجي اُن خدائي فرض جي بجاآوريءَ ۾ مصروف هو.

جڏهن هُن کي ڪاسٽيلو طرفان پڪ ٿي ته هو پنهنجي ڳالهه تان هٽڻ وارو نه هو، ۽ نه هو وري چپ ئي ٿي سگهيو ٿي، تڏهن ڪال ون جي رخ ۾ هڪدم ٻِيو ڦيروآيو. هو پنهنجن دوستن ۽ واقفڪارن ڏانهن پاڻ وڌيڪ جفاڪشيءَ سان خط لکڻ لڳو، جن ۾ هن ڪاسٽيلو جي قياس ۽ گهڻگهرائي جي ڳالهه بلڪل ڇڏي  ڏني. ”توکي خبر نه آهي، “ هڪڙي پنهنجي حمايتيءَ کي لکي ٿو، ” ته هن ٻهڙي ڪُتي (منهنجو مطلب سيباسٽيان ڪاسٽيلو سان آهي) ڪيترو منهنجي خلاف ڀونڪيو آهي. هو چوي ٿو ته مون هن تي ظلم ڪري، سندس عهدي تان کيس خارج ڪرايو آهي! هو مون لاءِ چوي ٿو ته آءٌ حاڪم اعليٰ ۽ آمر ٿيڻ گهران ٿو!“ رڳو ڪن چند مهينن جي گذرڻ سان اُهو شخص جنهن لاءِ ڪال ون پاڻ، هن جي جينيوا کي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به، چوندو ٿي رهيو ته هن کي ڪنهن سٺي  عهدي تي هن ويهارڻ چاهيو، هُن لاءِ هو ڪنهن پسنديءَ جهڙيءَ آساميءَ جي تلاش ۾ هو، بلڪ شروع ۾ هن پاڻ ئِي هن کي پنهنجي واحد اصلاحي ڪاليج جي سربراهيءَ جو لائق سمجهيو هو، اُهو ساڳيو ماڻهو هاڻي ڦري، ”ٻهڙو ڪتو“ ۽ ”وحشي مرون“ ٿي پيو هو! رڳو اِنهيءَ ڪري جو ڪاسٽيلو پنهنجي لاءِ مسڪيني ۽ غريبي قبول ڪئي ٿي، پر پاڻ کي چند سڪن تي وڪڻي خاموش رهڻ  پسند نه ٿي ڪيو!

ڪاسٽيلو جي ايئن پنهنجي لاءِ غربت ۽ مسڪيني گهري وٺڻ پر پنهنجي ضمير کي نه وڪڻڻ جي ڳالهه چوڌاري باهه وانگر پکڙجي ويئي ۽ عام ماڻهن جي دل ۾ هن لاءِ عزت ۽ محبت جا جذبا اڀرڻ لڳا. اُن زماني جي فرينچ مضمون نگار ۽ مفڪر  مانٽين (1592ع-1533ع)، ڪاسٽيلو جي مرڻ کان پوءِ لکيو ته ”افسوس، جو اهڙو، لاجواب  شخص، جنهن ايڏو وڏو ڪم ڪيو هو تنهن کي ايئن پائي پائي لاءِ محتاج ٿي پئي گذارڻو پيو. ڪيترائي ماڻهو اهڙا هلنديءَ پڄنديءَ وارا هئا، جن کي جيڪڏهن هُن جي حال جي وقتائتي خبر پوي ها، ته اُهي هوند ضرور سندس مدد ڪن ها.“ پر ان مان مانٽين جي رڳو پنهنجي ڪجهه وڌيڪ پراميد جذبي جي خبر پوي ٿي، نه ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ هئي. ڪاسٽيلو جي دکي حالت جي گهڻن ئي چڱن چوکن ۽ بيٺل ماڻهن کي خبر هئي، پر افسوس، هنن مان ڪنهن هن جي همدرديءَ ۾ هڪڙي ڪا ٺلهي اڱر  به ڪانه چوري ۽ ڪاسٽيلو ۽ سندس ٻچا بکون ڪڍندا رهيا. سالن جا سال هيءُ عالم فاضل شخص، انسان شناسيءَ جو درد دل ۾ کنيون، در در عام ماڻهن جي مانيءَ ڳڀن تي گذر ڪندو رهيو. آخر عمر ۾ ڪٿي وڃي، هن کي هڪڙي معمولي جاءِ ملي، جيڪا به هُن جي علم  ۽ فضليت جي معيار مطابق هرگز ڪانه هئي. ڪنهن يونيورسٽيءَ هن کي پاڻ وٽ ڪونه سڏيو. ڪٿي به هن کي ڪا واعظ جي جڳهه ڪانه ملي. ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ هن کي ڪونه قبوليو ويو. اِهو سڀ ان ڪري هو جو سئٽرزلينڊ جون سڀيئي شهري رياستون، جيڪي ديني اصلاح جي حمايت ۾ هيون، ۽ جن پروٽيسٽنٽ شريعت اختيار ڪئي هئي، اُنهن ۾ جينيوا جي متعصب مير واعظ ۽ سنگدل آمر جو ايترو ته رعب ڄميل هو، ۽ وڌيڪ اُتان جي پنهنجن حمايتن کي هو ايترا ته خطن پٺيان خط لکندو رهيو، جو ڪنهن کي به سندس عتاب هيٺ آيل اُن مشهور معروف مخالف ڏانهن مدد جي هٿ ڊگهيرڻ جي همت ئي ڪانه ٿي ٿي. پڇاڙي ۾ هن کي باسيل جي هڪڙي ڇاپخاني ۾ پروف ريڊر جي جاءِ ملي، جيڪا به ڪا باقاعدي يا دائمي آسامي ڪانه هئي- ڪم پيري کيس معاوضو ملندو هو، جو هُن جي ڪٽنب لاءِ ڪافي ڪونه هوندو هو؛ وڌيڪ هِتي هُتي خانگي ٽيوشنون ڏيئي، پنهنجي بيمار زال ۽ اٺن ٻارن جو پيٽ ڀريندو هو. سالن جا سال، جيسين سندس حياتي هئي، پنهنجي قليل آمدنيءَ ۾ ڪجهه واڌ آڻڻ لاِءِ، هو ڏلهي مزوري به ڪندو هو- باسيل جي ٻهراڙيءَ  ۾ هو کاٽيرن سان گڏ کاٽي کڻندو هو ۽ مٽيءَ جا ڏلها ڍوئيندو هو. رات جو دير دير تائين ويهي، هو پروف پڙهندو هو، ٻين جون لکيتون درست ڪندو، ۽ هِن جا هُن ٻوليءَ مان ترجما ڪندو هو. هزارن جا هزار صفحا اڄ به باسيل شهر جي سرڪاري لئبرريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي هو ايئن يونانيءَ، هيريو، لاطينيءَ، اطالويءَ ۽ جرمن ٻولين مان ترجمو ڪري، اُتان جي هڪ ڪتابن جي ناشر کي ڏيندو هو ۽ ايئن سڄي عمر، چپ چاپ، پنهنجي ۽ پنهنجي مسڪين ڪٽنب جي روزاني مانيءَ ڳڀي لاءِ، پنهنجو پگهر وهائيندو رهيو ۽ نور نچوئيندو رهيو.

هيترن ڏکن تڪليفن ۾ سالن جا سال گذاريندي، ڪاسٽيلو جي صحت لُڙهي پيئي ۽ هو لاڳيتو ناخوش گذارڻ لڳو. پر ڪڏهن به هن جي آزاد ۽ باهمت روح کي لوڏو نه آيو. پنهنجي هيتري ڏينهن رات لڳاتار ۽ ساهه سٽيندڙ پورهئي ۾ به هُن پنهنجي اصلي فرض کي ڪو نه وساريو. پوريءَ اورچائيءَ ۽ باقاعدگيءَ سان هو انجيل مقدس جي پنهنجن لاطيني ۽ فرينچ ترجمن کي مڪمل ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. وچ وچ ۾هو فڪر انگيز مناظرائيءَ مضمون به لکندو رهيو ۽ انجيل جي ڳالهين جي تفسيرن ۽ وڌيڪ مڪالمن تي پڻ ڪم ڪندو رهيو. ڪو هڪ ڏينهن ڪا هڪ رات به اهڙي ڪانه گذري، جنهن ۾ ڪاسٽيلو پنهنجي ڪم ۾ پوري ڌيان ۽ پوري محويت سان مصروف نه رهيو هو. ڪڏهن به هن سير سفر جو ڪو لطف ڪو نه ورتو، ڪڏهن به هو سک ۽ آرام جي ڪا خوشي ماڻي نه سگهيو، ڪڏهن به زندگيءَ ۾ هن کي شهرت ۽ دولت جو ڪو انعام ملي نه سگهيو. هو دائمي مفلسيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسبو رهيو، هو پنهنجي ڏينهن جو آرام ۽ رات جون ننڊون ڦٽائيندو رهيو، پر ڪڏهن پنهنجي ضمير سان هن غداري ڪونه ڪئي. هو اهڙي هڪ اعليٰ روحاني شخص جو مثال هو، جيڪو دنيا جي نظرن کان پري، گمنامي ۾ رهندي، پاڻ ارپڻ جو دل ۾ اُمنگ رکي، پنهنجي عزيز ترين مقصد جي حصول لاءِ، پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ پنهنجي ساري زندگي ۽ زندگيءَ جي هر گهڙي ايئن قربان ڪندو رهيو، ڄڻ اُنهن مان ڪنهن هڪ تي به هن جو ڪو پنهنجوذاتي حق ڪونه هو، ۽ اُهي سڀ هن کي مليل ئي فقط اُنهيءَ هڪڙي ڪم جي پوري ڪرڻ لاءِ هيون- اُهو مقصد ۽ اُهو ڪم هيءُ هو ته سچ جي مٿان غرض ۽ مفاد جا سڀ يڪطرفا پردا هڪ هڪُ ٿي هٽن ۽ سچ پنهنجي اصلي روپ ۾ پڌرو ٿئي ته جيئن اُهو انسان جي عام ۽ گڏيل مفاد لاءِ ڪم اچي سگهي.

ڪاسٽيلو ۽ ڪال ون جي وچ ۾اصلي مقابلو اڃا شروع ڪونه ٿيو هو. پر ٻه شخص، ٻه خيال هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي اچي بيٺا هئا، ۽ ٻنهي کي معلوم هو ته هو هڪٻئي جو ضد هئا ۽ منجهن ٺاهه ناممڪن هو. برابر، هو هڪ هنڌ يا هڪ شهر ۾ ڪونه ٿي رهيا- هڪڙو باسيل ۾ هو ۽ ٻيو جينيوا ۾- پر ٻنهي جي هڪٻئي تي پوري نظر هئي. ڪاسٽيلو ڪال ون کان وسريو نه هو ۽  نه وري ڪال ون ڪاسٽيلو  کان. جيتوڻيڪ هنن هڪ ٻئي جو کلئي عام ذڪر به ڪونه ٿي ڪيو، پر اها سندن ماٺ وقتي ماٺ هئي- رڳو اوسين تائين جو هڪٻئي کي للڪار ڪري ڳنڍجي نه وڃن. ههڙا مقابلا، جيڪي رڳو راءِ  جي اختلافن کان گهڻا مٿي هوندا آهن- ڇاڪاڻ ته اُهي ٻن بنيادي فلسفن جا ازلي مقابلا هوندا آهن. اُنهن جو ڪڏهن سرچاءُ ٿي نه سگهندو آهي: روحاني آزادي ڪڏهن به آمريت جي پاڇي ۾ سک سان سمهي نه سگهندي ۽ نه جي سگهندي آهي؛ نه وري ڪا آمريت ئي پنهنجي دائري ۾ڪنهن  هڪڙي آزاد روح جي موجود هوندي به ڪو بي اونائيءَ ۽ خود اعتماديءَ جو ساهه کڻي ٿي سگهي. پر ڍڪيل چڻنگون ڀڙڪا کائي ڀنڀٽ بنجي پون، اُن لاءِ ڪا خاص چورپچر  ۽ ڪو خاص ٻارڻ گهرجي. ۽ نيٺ اُها چور پچر ۽ اُهو ٻارڻ به موجود ٿي ويو. ترت ئي ڪال ون جي جينيوا ۾ سرويٽس نالي اهڙي هڪڙي آزاد روح کي جهلي باهه جي مچ ۾ وڌو ويو، ۽ هو اُن ۾ سڙي رک ٿي ويو پر پنهنجي راءِ جي اظهار کان نه مڙيو. ڪاسٽيلو جي زبان تي جيڪي للڪار جا لفظ گهڻي وقت کان ڦڙڪي رهيا هئا، اُهي هو هاڻِي وڌيڪ روڪي نه سگهيو. جڏهن ڪال ون اِيئن سرويٽس کي جيئري باهه ۾ وجهڻ سان پنهنجي ”بادشاهيءَ“ ۾ هر اُنهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، جنهن جو روح آزاد هو، تڏهن ئي ڪاسٽيلو اڳتي وڌي، ضمير جي آزاديءَ جي نالي ۾، ڪال ون خلاف مرڻ جيئڻ جي حد تائين مقابلي جو اعلان ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org