سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:5 

باب ٻيو

ضابطو

 

جنهن ڏينهن هيءُ ڊگهو، سنهڙو، ڪٺور شخص شاهي دروازي منجهان لنگهي، جينيوا ۾ اندر داخل ٿيو، تنهن ڏينهن کان سڄيءَ انساني تاريخ جي هڪ سڀ کان وڏي ۽ اهم تجربي جي اُتي ابتدا ٿي، هڪ رياست ۽ اُن جي سڄيءَ حڪومت کي بدلائي، انڌيءَ طاقت جي هڪ بي پناهه مشين بنائڻ جو تجربو، جنهن ماتحت بي شمار فردن کي اُنهن جي ڳاڻاٽي کان ٻاهر امنگن ۽ خيالن کي، زوري گهٽي ۽ مروٽي، هڪ خاص الخاص ۽ چئو بند سرشتي جي بوتل ۾بند ڪري ڇڏڻو هو. يورپ ۾ هڪ نظريي جي نالي ۾ماڻهن جي هڪ وڏي اجتماع کي زيردست بڻائي مٿن چؤڦير ڏنڊي جي حاڪميت قائم ڪرڻ جي هيءَ پهرين ڪوشش هئي، اُن ڏينهن کان پوءِ پوريءَ ڪماليت سان ۽ پوريءَ رٿا هيٺ پهريون ڀيرو، جينيوا ۾ ”ڌرتي تي خدا جي بادشاهت“ قائم ڪرڻ جوڪم شروع ٿيو. ملڪ خدا جو، قانون مسيحي شريعت جو ۽ حڪومت خدا جي مسيحي  ڪال ويني جماعت جي نيڪ بندن جي. جينيوا ۾ ماڻهن کي بي داغ، هر بديءَ ۽ گناهه کان پاڪ، نيڪ اعمال ۽ پوري نظم ۽ ضبط سان زندگي گذارڻي هئي. سندن هر مسئلي جو حل ”نظام دين مسيح“ جي نفاذ منجهان ٿيڻو هو، جينيوا کي ”نئون يروشلم“ بنجڻو هو- هڪ اُهو مرڪز، جتان سڄيءَ دنيا جي نجات جي روشني اٿڻي هئي، ۽ سڄي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجڻي هئي، اُن ڏينهن کان پوءِ اهو ئي هڪ خيال ڪال ون جي سڄي زندگيءَ جو محور بنيو رهيو ۽ اُن هڪ ئي خيال جي تعميل ۾ هُن جون سڀ قوتون صَرف ٿينديون رهيون. هن رڪ جهڙي سخت ۽ اَڏول نظريي باز جي دل ۾، پوءِ هڪ گهڙيءَ لاءِ به ڪڏهن ڪو شڪ ۽ گمان پيدا نه ٿيو، ته سندس اُن خيالي بهشت ۾ ڪا اوڻائي يا عيب ممڪن به ٿي سگهيو ٿي. پورا پنجويهه سال جيڪي پوءِ جينيوا ۾ هُن جي روحاني آمريت جا گذريا، جن ۾ هو ماڻهن تي نيڪيءَ ۽ تقويٰ جا سڀ پاساوان شرعي احڪام صادر ڪندو رهيو. اُهو سڄو عرصو ذهني طور هو اِنهي جولان ۾ رهيو، ته هو اُنهي طريقي سان خدا جي مخلوق بندن، پنهنجن گنگهار انسان ڀائرن، کي عظيم خير ۽ برڪت  جي الاهي نعمتن سان مالا مال ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته هو انهن کي خداوند قدوس جي عين مرضيءَ مطابق ۽ سندس هدايتن پٽاندڙ، منع ڪيل ڳالهين کان منع ڪري رهيو هو ۽ اجازت ڏنل ڳالهين جي اجازت ڏيئي رهيو هو.

ظاهري طرح ۽ پهرينءَ نظر ۾، ته هيءَ بلڪل هڪ سنئين سڌي ڳالهه پئي معلوم ٿي. پر اُن کي جڏهن ڪجهه اونهو جانچيو ٿي ويو، ته ڪافي اُن مان دل ۾ شڪ اُٿي سگهيا ٿي. خدا جي مرضي ڪيئن معلوم ٿئي؟ هن جون هدايتون ڪٿي آهن؟ انجيل مقدس جي دفترن ۾، ڪال ون جواب ٿي ڏنو: اُتي ۽ اُتي ٻئي هنڌ ڪٿي به نه، خدا جي ڪلام پاڪ ۾جيڪو، ابدي ۽ ازلي آهي، اُن ۾ئي خدا جي مرضي ۽ خدا جي منشا موجود آهي، ۽ سدا موجود آهي، هي مقدس دفتر اسان وٽ جو اِيئن محفوظ آهن، سي ڪو خواه مخواه يا رڳو ڪنهن اتفاق يا حادثي جي سبب نه، پر خداوند قدوس پنهنجي ازلي منشا کي اِيئن لفظن جي صورت ڏئي، اسان کي اُن پنهنجي بي انت حڪمت جي نوراني جهلڪ سان نوازيو آهي، ته اسين سندس حڪم چڱيءَ طرح سڃاڻي سگهون، ۽ پنهنجي دل جي گهرائين ۾ ويهاري سگهون. اِهي خداوند قدوس جي ازلي حڪمت جا پاڪ دفتر ڪليسا کان آڳاٽا آهن ۽ ڪليسا کان انهن جو رتبو افضل آهي اُنهن کان ٻاهر يا اُنهن کان مٿي ٻيو ڪو سچ ڪونهي. اِنهيءَ ڪري هڪ خالص مسيحي رياست ۾ خداوند قدوس جو ڪلام پاڪ ئي اخلاقيات، فڪر، ايمان، قانون ۽ زندگيءَ جو اعليٰ ۾ اعليٰ ۽ واحد مظهر ٿي سگهي ٿو، اِنهيءَ ڪري انجيل مقدس،  هڪ ڪتاب جي حيثيت ۾، سڄي حڪمت، سڄي عدل ۽ سڄي حق جو مخزن آهي. اُهوئي مسيحي امت لاءِ نور ۽ هدايت جو سرچشمو آهي. ڪال ون لاءِ انجيل ئي سڀ ڪجهه هو، ابتدا به اُن سان هئي ۽ انتها به اُن سان ئي ٿي سگهي ٿي. سڀني مسئلن جا، سڀئي فيصلا اُن جي آئين مطابق ٿي سگهيا ٿي.

اِيئن جو ڪال ون سڄيءَ دنيوي هلت چلت ۽ ڪارڪردگيءَ لاءِ انجيل جي لکيل متن کي ئي اعليٰ ۽ آخرين سَنَد جو درجو ٿي ڏنو، اُن مان اِيئن ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ هو، ”ديني اصلاح جي تحريڪ“ جي مشهور اوئلي ۽ بنيادي مطالبي کي ئي مرڪزي اهميت ڏيئي رهيو هو. پر در حقيقت ان ۾ هو ”ديني اصلاح“ کي ڇڏي، هڪ بنهه وڏي ٻرانگهه ڀري، اُن جي فڪري دائري کان ٻاهر نڪري، پري هڪ ٻئي پاسي وڃي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته ”ديني اصلاح“ هڪ تحريڪ جي صورت ۾ اِنهيءَ مقصد لاءِ اُٿي هئي، ته روحاني ۽ ديني مسئلن ۾ مسيحي اُمت جي فردن کي سڪون ۽ اطمينان ميسر ٿئي، اُن  جو مقصد هو، ته ”انجيل جا مقدس دفتر، بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي هر مومن مسيحيءَ جي هٿ ۾ ڏنا وڃن، روم ۾ رهندڙ پوپ ۽ ڪليسائي ڪائونسلن جي حڪمن يا فتوائن بدران مسيحي فرد جي دين ۽ ايمان جو معاملو اُن جي پنهنجي ضمير يا ذاتي سمجهه تي ڇڏيو وڃي. هيءَ”مسيحي فرد جي آزادي“ جيڪا هڪ بنيادي سوال جي صورت ۾هٿ ۾ کڻي، ليوٿر پنهنجي ”ديني اصلاح“ جي ابتدا ڪئي هئي، اُها ۽ پڻ ٻي هر قسم جي روحاني آزادي، ڪال ون ته پاڻ پنهنجي هر انسان ڀاءُ کان زوريءَ ۽ مڪمل طور کسڻ گهري ٿي. ڪال ون لاءِ ته خدا جو ڪلام پوريءَ طرح چٽو ۽ واضح هو، تنهن ڪري حڪم ڪڍيائين، ته اُن جي ڪابه معنيٰ،  ڪابه تشريح ۽ ڪا به، تفسير، سواءِ اُن جي جيڪي هو، پاڻ اُن کي ڏئي، قبول نه ڪرڻ جهڙو ۽ غلط هو، جيئن پٿر جا مضبوط پيل پاوا ديول جي ڇت کي جهلي بيهن ٿا، تيئن انجيل جون اَمٽ ۽ محڪم آيتون ڪليسا کي جلهي بيهن ٿيون، ته اُها جيئن اڄ آهي تيئن سدا قائم رهي، ڪلام خداوندي هن کان پوءِ ڪنهن نئين فڪر ۽ معنيٰ  جو متحمل نه رهندو. اُهو هاڻي اکٽ تخليقي ۽ گهڻ رويي حق جو سرچشمو نه رهندو، بلڪ ڪال ون جي هٿن ۾ اُهو هاڻي فقط حق جي اُنهيءَ روپ جو ترجمان شمار ٿيندو، جيڪو اُن جو روپ دائمي طور جينيوا جو ”محڪمو اَمور مذهبي“ اُن لاءِ مقرر ڪندو.

اِنهيءَ طرح پوپ جي ڪئٿولڪ هٺ ڌرميءَ جي جاءِ تي ڪال ون پنهنجي پروٽيسٽنٽ هٺ ڌرميءَ جو بنياد وڌو. هُن جي شروع ڪيل اِن قسم جي ڪٽرپڻي جي آمريت کي يورپ جي فڪري تاريخ ۾”انجيل جي آمريت “ سڏيو ويو آهي، اُن کان پوءِ جينيوا ۾ سلطانيءَ توڙي قضا جو مالڪ اُهو هڪ ئي ڪتاب هو، خدا جو قانون جيئن اُهو انجيل ۾ درج هو ۽ اُن جو دستاربند  واعظ هو خدا جو قانون جيئن اُن الاهي قانون جو مستند مفسر هو، بس ڳالهه هئي ته اِنهن ٻن جي هئي، امير توڙي غريب تي اُنهن جو قدم هو، اُنهن جي قول جي مخالفت ڪفر ۽ اُنهن جي طاقت جو انڪار بغاوت جينيوا ۾ قانون جو بنياد شهري ڪائونسل جي حڪمن تي نه پر انجيل ۽ ڪال ون جي حڪمت تي بيٺل هو، فقط اُهي ئي فيصلو ڪري سگهيا ٿي ته، ڇا حلال هو، ڇا حرام هو، ڇا جائز هو، ڇا ناجائز هو، ڇا جي منع هئي ۽ ڇا جي موڪل هئي، اُنهن جي ڳالهه ۾ شڪ يا اُن کان انڪار معنيٰ ته خدا جي وجود ۾ شڪ ۽ اُن کان انڪار ۽ پوءِ اهڙي ڪنهن شڪيءَ ۽ منڪر جو خير ڪونه هو. خُدا ۽ خدائي بادشاهت جي ٺيڪيدار پادري آمرن جي باغين کي لازمي طور سزا لوڙڻي هئي ۽ پنهنجي خون سان اُن بغاوت جو ڪفارو ادا ڪرڻو هو ۽ اهڙي طرح پوءِ جينيوا ۾ مسيحي ڪال ويني پادريت جي آستاني تي انساني خون جون ٻليون چڙهڻ شروع ٿيون، خدا ۽ خدا جي بهترين مذهب خاطر، خدا جي بهترين مخلوق پر ڪال ون جي آڏو بيحد هيڻو ماڻهو چپ چاپ گهٽبو، ٻوساٽبو ۽ چيچلائبو رهيو ۽ ڪوبه هن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪونه هو.

آزاديءَ جي تحريڪ منجهان جيڪڏهن ڪا تشدد جي حڪومت  پيدا ٿئي ٿي ته اُها وري آزاديءَ جي خيال جي موروثي طاقت واري حڪومت کان به وڌيڪ سخت ۽ زوردار مخالف ٿئي ٿي، جيڪي ماڻهو ڪامياب انقلاب وسيلي حڪمرانيءَ جي درجي تي پهچن ٿا، سي ٻيءَ ڪنهن وڌيڪ تبديل جا سڀ کان گهڻا مخالف ٿين ٿا. بلڪ اُن جا ڪٽر دشمن ٿين ٿا.

هر قسم جي آمريت جي شروعات ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش سان ٿئي ٿي، پر اُهو اعليٰ مقصد به نيٺ اُهو وڃي رنگ ۽ روپ وٺندو آهي، جنهن رنگ ۽ روپ جا ماڻهو ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪال ون جو خود منهن ئي اهڙو سڪل سڙيل، اڻڀو، شوخ، هيڪلو، تَڻيل ۽ اَڻ سيبائيندڙ هو، جو مشڪل ڪو رڳو هن جي تصوير پنهنجي ذاتي ڪمري ۾ ڀت تي پاڻ وٽ ٽنگي رکڻ جي چاهنا ڪري ٿي سگهيو. جيڪڏهن هن جون اماڙين جهڙيون شڪي، جُوهه وجهي ڏسندڙ اکيون سڄو وقت ايئن ڪنهن جي مٿان کُتيون بيٺيون هجن ته اُهو ته هوند چريو ٿي پوي، ڪيترو به ماڻهو پاڻ خوش مزاج هجي، پر هن جي موجودگيءَ ۾ پنج منٽ به هو پنهنجي خوش مزاجي قائم رکي نه ٿي سگهيو، سڄي زندگي ڪو ماڻهو هن سان پنهنجائپ جي ويجهڙائي پيدا نه ٿي ڪري سگهيو. اوائلي جوانيءَ کان هن ڪاري رنگ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا هئا، ننڍي ڪاري ٽوپي پاتل هوندي هيس، جيڪا هن جي سوڙهي نراڙ کي ڍڪيو بيٺي هوندي هئي، اُها ڪجهه سپاهيءَ جي هولَ جهڙي ۽ ڪجهه ڪنهن هيڪلي رهندڙ راهب جي جهُنڊ وانگر لڳندي هئي. هو پيرن تائين ڊگهو ڪارو چوغو پائيندو هو. جيڪو ايئن لڳندو هو ته ڪنهن اهڙي جج جو چوغو هو، جنهن جو ڪم ئي هو ماڻهن کي سدائين سزائون ڏيڻ يا اهڙي جراح جو اُهو چوغو معلوم ٿيندو هو، جنهن جو ڪم ئي ڄڻ ماڻهن ۽ مردن جي وڍ ڪٽ ڪرڻ هو. ڪاري رنگ سان هن جي ڏاڍي دل هوندي هئي، ڪارو سدائين ڪارو سنجيدگيءَ جو، موت جو ۽ بي ترسيءَ جو رنگ، ڪڏهن به هو ڪنهن ٻئي رنگ ۾ ڏٺو نه ويو، اهوئي رنگ هن پنهنجي ديني عهدي جو علامتي رنگ بڻائي ڇڏيو هو، هو چاهيندو هو ته ماڻهو کيس سواءِ انهيءَ يونيفارم جي ٻين ڪپڙن ۾ ڪڏهن به نه ڏسن، اهو هن جي خدائيءَ رضاڪار جو، سدائين پنهنجي فرض تي چوڪس رهڻ جو يونيفارم هو، هو چاهيندو هو ته ماڻهو کانئس هميشه ڪن هڻندا رهن، ڊڄندا رهن، هن جي اها چاهنا ئي ڪانه هوندي هئي ته ماڻهو کيس هڪ ماڻهو جي حيثيت ۾ ڀانئين يا پنهنجو ڀاءُ سمجهن.

جوانيءَ جون خواهشون ڇا کي چئبو آهي، ان جي ڪال ون کي خبر ڪانه هئي، هُن پنهنجون سڀ فطري سڌون پنهنجي من ۾ دفن ڪري ڇڏيون هيون، زندگيءَ ۾ هڪ ئي ڀيرو سوبه فقط انجيل سڳوري جي چوڻ کي پورو ڪرڻ لاءِ- هن شاديءَ جو خيال ڪيو ۽ پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته هن لاءِ ڪا مناسب ۽ ڳڻائتي مائي سڳوري ڳولهي هٿ ڪن. اُن ڪوشش ۾ هُو هڪڙي ڪا هلڪيءَ چال جي عورت وٽس وٺي آيا، پر قسمت سندس ڪا ڀلي هئي، جو اُن سان ڦاسجڻ کان هو ڪنهن طرح بچي ويو. نيٺ هن هڪڙي نو مسيح جي رن زال سان شادي ڪئي، جنهن کي هن پاڻ ئي عيسائي ڪيو هو، پر اتي وري قسمت سندس ساٿ ڪونه ڏنو ۽ اها بي بي سڳوري کيس هڪڙو بنهه پنگلو پٽ ڄڻي ڏيئي راهه رباني وٺي هلي وئي. ٻن چئن ڏينهن ۾ هُن جي پٺيان سندس اُهو پٽ به ڌڻي کي پيارو ٿي ويو. اُن وقت ڪال ون جيتوڻيڪ 35 ورهين جو مس هو ۽ جوان هو ۽ ويهارو سال اڃا عمر جا باقي هئس پر اُن کان پوءِ هن ٻيءِ شاديءَ جو ڪڏهن خيال ڪونه ڪيو.

ڪال ون کي خوشيءِ کان چڙ هوندي هئي. شراب جو ڍڪ عورت جو ڪو پاڇو، راڳ جو آواز، ناچ جي ڪا لئي يا هن ڌرتيءَ تي خدا جي ٻي ڪا اهڙي روح رُچندي نعمت، اِنهن ڳالهين کي هو انسان کي الله کان پري ڪرڻ لاءِ شيطان جا حيلا سمجهندو هو ”ديني اصلاح جي تحريڪ“ جا ٻيا باني مثلاً خود ليوٿر پاڻ ايئن چوندا هئا ته جيڪو انسان ڌرتيءَ تي خدا جي نعمتن کي قبول ڪري ٿو ۽ اُنهن مان ڪم وٺي ٿو ۽ اُنهن مان دلي مسرت حاصل ڪري ٿو، اِها هن جي احسان شناسي آهي، جا هو پنهنجي خلقيندڙ پالڻهار ۽ مالڪ جي انهن عنايتن جي عيوض پنهنجي طرفان ڏيکاري ٿو ۽ ٻيو هو ايترين نعمتن جي ملڻ کان پوءِ ڪري به ڇا ٿو سگهي! ليوٿر ته هڪ ڀيري کلندي کلندي اِيئن به چئي ڏنو هو ته ”پرواهه ناهي جي زال تيار نه آهي، نوڪرياڻي ته پري ناهي! “ هو پيٽ ڀري کائيندا هئا، خوب پيئندا هئا ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندا هئا. پر ڪال ون پنهنجي نفس ڪُتي کي پاڻي پيارڻ لاءِ به تيار نه هو. هن پنهنجي بت کي رڳو روح جي سهوليت خاطر ايترو بلڪل گهٽ ۾ گهٽ کاڌو ۽ آرام ٿي ڏنو، جنهن سان هو جي سگهي. رات جو هو رڳو ٽي، گهڻي ۾ گهڻو ته چار ڪلاڪ سمهندو هو، چوويهن ڪلاڪن ۾ هو فقط هڪ ڀيرو کائيندو هو، سو به نهايت مختصر ۽ کائيندي ڪتاب سامهون کليو پيو هوندو هوس، جنهن کي پڙهندو هو. ڪڏهن دل خوش ڪرڻ لاءِ هو گهمڻ نه نڪتو، ڪڏهن هن راند ڪانه ڪئي، ڪنهن فرحت وٺڻ جي ڪڏهن ڪوشش ڪانه ڪيائين، سعيو ڪري اهڙين ڳالهين کان پري ڀڄندو هو جن سان هو واقعي خوش ٿي سگهي. هو ڪم ڪندو رهندو هو، سوچيندو رهندو هو، لکندو رهندو هو، ڳهندو رهندو هو ۽ وڙهندو رهندو هو سڀ روح جي نجات لاءِ، ڪڏهن هڪ ڪلاڪ به هن پنهنجي ذاتي سک لاءِ خرچ ڪونه ڪيو.

بيمار هو ٻارهو ئي رهندو هو، ڪو ماڻهو جڏهن پنهنجي بت کي پورو کاڌو نه ڏئي، ڪو آرام نه ڏئي، ڪا خوشي نه ڏئي، ته نيٺ اُهو سندس پنهنجو بت ضرور بغاوت ڪندو، بس هڪڙي بيماري ڇڏيندي هيس ته ٻي وٺندي هيس. هو جڏهن به ڪنهن کي خط لکندو هو، ته اُن ۾ اڪثر پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن روڳ جي شڪايت ڪندو هو. ڪڏهن  مٿي ۾سور ڪڏهن پيٽ جي تڪليف، ڪڏهن ڦيري، ڪڏهن بواسير، زڪام، پٿري، ٻِرهاڙي، تپ، سنڌن جو سور، ڳڍڙيون، مثاني جي تڪليف مطلب ته سدائين ڪونه ڪو مرض هوندو هئس. جنهن لاءِ هر وقت حڪيم ۽ طبيب وٽس پيا ايندا هئا ۽ ويندا هئا. هن جو جسم ڏسڻ ۾ ايترو ته هيڻو لڳندو هو جو ڀانئبو هو ته، ٿورڙي وڌيڪ زور سان ڊهي پوندو. پنهنجي ان نيم جان بت جي حالت بابت هڪ هنڌ ڄڻ دانهن ڪندي لکيو اٿس ته ”آءٌ  ڇا ڪريان ! منهنجي صحت ايئن آهي ڄڻ گهڻي وقت کان آهستي آهستي مري رهيو آهيان!“

پر هن غير رواجي شخص  زندگيءَ جو هڪ اصول هيءُ به مقرر ڪري ڇڏيو هو ته ”ڏک ۽ نراسائي جي اٿاهه تري مان به نئين طاقت سان اُڀري مٿي اچبو.“ هن پنهنجي ڪنهن بيماريءِ کي کانئس ڪم جو هڪ ڪلاڪ به کسڻ ڪونه ڏنو، پنهنجي باغي بدن کي هو هميشه پنهنجي رعبدار روح جي تابع رکندو آيو. جي وقت تي کيس اهڙو ڪو تيز بخار ٿيندو هو، جو رڙهي ديول تائين وڃي نه سگهندو هو. ته پاڻ کي ڏوليءَ ۾ کڻائي به اُتي رسندو هو ۽ منبر تان ٽيڪ تي بيهي به مومنن جي جماعت کي وعظ ڪندو هو. جيڪڏهن شهري ڪائونسل جي ڪنهن نشست ۾ شامل ٿي سگهڻ جهڙو  نه هوندو هو، ته سڄي ڪائونسل کي سڏي پنهنجي گهر ۾ گڏ ڪندو هو. بستري ۾ چئن پنجن سوڙين هيٺيان موسمي بخار جي سيءَ ۾ ڄاڙيون پيون ڏڪنديون هيس ته به ڪوٺيءَ ۾ ٻه ٽي سيڪريٽري ويهاريو ويٺو هوندو هو، جن کي واري وٽيءَ سان پيو ڳالهيون لکائيندو هو، جيڪڏهن ويجهو ڪنهن ڳوٺ ۾ڪنهن دوست وٽ هڪ ڏينهن لاءِ وڃڻ ٿيندو هوس، ته سڄو پنهنجو دفتر پاڻ سان کڻي اُتي ويندو هو ۽ اتي اڃا لهي ئي مس ويهندا هئا ته شهر ڏانهن نياپا آڻيندڙ ۽  نيندڙ ماڻهن جو هڪڙو اکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو هو، بيماريءَ جي هر سخت حملي کان پوءِ قلم هٿ ۾ کڻي ايئن پنهنجي پورهئي سان  لڳي ويندو هو ڄڻ لکڻي ئي اها ڳالهه کيس اُن وقت هئي.

ڪال ون ڪم کان ڪڏهن واندو ويهي رهي، ان جو ڪو  تصور به نه ٿو ٿي سگهي. هو پورهئي جو جِنُ هو ۽ سواءِ ڪنهن ويسانهينءَ جي ويٺو ڪم ڪندو هو. جڏهن پرڀات کان گهڻو اڳ ٻين گهرن ۾ ماڻهو اڃا گهاٽيءَ ننڊ ۾ستا پيا هوندا هئا، تڏهن هن جي پڙهڻ واريءِ ڪوٺيءَ جي بتي اڳي ئي ٻري ويندي هئي ۽ اڌ رات کان گهڻو پوءِ، جڏهن جينيوا جا سڀ ماڻهو ننڊ پئجي ويندا هئا، تڏهن به هن جي اُها بتي اڃا پيئي ٻرندي هئي، جيڪي ماڻهو سج لٿي ۽ سج اڀرئي هُن جي دريءَ ڏانهن اک کڻي ڏسندا هئا، اُنهن کي ايئن لڳندو هو ڄڻ اها هيڪلي بتي ڪڏهن وسامندي ئي ڪانه هئي. زندگيءَ ۾ هو جيترو بي انداز ڪم ڪري سگهيو، اُهو ڏسي چوڻو ٿي پيو ته هن وٽ ڪي چار پنج دماغ هئا، جن گڏوگڏ پئي ٿي ڪم ڪيو. ايئن چوڻ ۾ ڪو مبالغو نه ٿيندو ته هن دائمي معذور شخص کي حقيقت ۾ چئن يا پنجن مختلف پيشن جو ڪم ڪرڻو ٿي پيو جيڪو هُن وڏيءَ ِگرمجوشيءَ ۽ ڪاميابي سان دنيا کي ڪري به ڏيکاريو. هن جو بنيادي ڪم ته شهر جي وڏيءَ  ديول ۾ واعظ جو هو، پر اِهو هن جو فقط هڪڙو ڪم هو. خود اُن پنهنجي بنيادي  ڪم جي سلسلي ۾اُن وڏيءَ ديول ۾هُن جيڪي خطبا پڙهيا، سي ايترا ته گهڻا هئا جو ڇپيل ڪتابي صورت ۾ اُنهن سان ڪٻٽ جو سڄو خانو ڀرجي وڃي ٿو. پر هُن جي جملي تصنيفات جو اِهي سندس خطبا صرف هڪ ٿورو حصو آهن. ”محڪمي امور مذهبيءَ“ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ جتي سندس چوڻ کان سواءِ ڪو  به فيصلو نه ٿي ٿِي سگهيو، بيشمار ديني ۽ مناظرائي ڪتابن جي مؤلف جي حيثيت ۾، انجيل جي مترجم جي حيثِيت ۾، يونيورسٽيءَ جي ”اداري تبليغ دين“ جي بانيءَ ۽ منتظم جي حيثيت ۾، شهري ڪائونسل جي دائمي صلاحڪار جي حيثيت ۾، مذهبي لڙاين ۾ پنهنجي طرفدارن لاءِ سياسي هدايتڪار جي حيثيت ۾، پروٽيسٽنٽ فرقي جي اعليٰ منتظم ۽ مکُ راڄنيتڪ رهبر جي حيثيت ۾، هيءَ ڪلام الاهيءَ جو محافظ مفسر ۽ مبلغ، جينيوا جي شهري رياست جو مير واعظ مولانا جيهان ڪال ون جينيوا ۾ پنهنجي ديني حڪومت جي سڀني وزارتن جو پاڻ سنڀاليندڙِ هو ۽ اُنهن جي تقريباً هر ڳالهه پنهنجن هٿن سان پاڻ هلائيندو هو، هو فرانس اسڪاٽلينڊ، انگلينڊ ۽ هالينڊ جي واعظين کان پهتل رپورٽون پڙهندو هو ۽ اُنهن جي رهبري لاءِ اُنهن تي پنهنجا تاثرات قلمبند ڪندو هو. هو ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي شريعت جي پروپئگنڊا جو بندوبست رکندو هو، هُن ڪتابن جي ڇاپيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن معرفت پنهنجي هڪ جاسوسي تنظيم قائم ڪئي هئي، جنهن جون ڪارروايون سڄي يورپ ۾ بلڪ يورپ کان ٻاهر لڳ ڀڳ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل هونديون هيون، هر  روز، بلڪ ڏينهن ۾ هر هر، ٻاهرين ملڪن مان ڪيترائي ملاقاتي وٽس ايندا هئا، ڪو به شاگرد، ڪو به نئون اڀرندڙ ديني عالم، جينيوا مان لنگهندو هو، ته ضرور وٽس حاضري ڀريندو هو ۽ سندس رهبري ۽ هدايت وٺندو هو. پنهنجي ايڏي مصروفيت بابت هڪڙي دوست ڏانهن خط ۾ پاڻ لکي ٿو ته ”افسوس جو زندگيءَ ۾لاڳيتا ٻه ڪلاڪ به مون کي اهڙا ياد نه آهن، جن ۾ مون پنهنجي هڪڙي ڪم کي وچ ۾ ڇڏيندي ٻئي ڪنهن اَهڙي ئي ضروري ۽ اهم ڪم کي هٿ ۾ نه کنيو هجي!“

هنگريءَ ۽ پولنڊ جهڙن ڏورانهن  ملڪن جي صورتحال جا اطلاع ناما روزانو سندس ايجنٽن وٽان هُن وٽ پهچندا هئا، جن کي پڙهي واپس اُنهن ڏانهن پنهنجا حڪم احڪام ۽ هدايتون موڪليندو رهندو هو، بيشمار ماڻهو شخصي طرح وٽس صلاح مصلحت لاءِ ايندا هئا ۽ کانئس مدد گهرندا هئا، ڪڏهن جينيوا ۾ نئين سر آباد ٿيل ڪو پناهگزين وٽس ايندو هو، ته هن جا ٻار ٻچا سندس اصل ملڪ مان گهرائي کيس ڏنا وڃن. ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي گهرجائو مسيحي ڀائرن واسطي چندي ڪٺِي ڪرڻ لاءِ ڪال ون پنهنجو خالي ٽوپلو رياست جي سرنديءَ وارن ڏانهن موڪليندو هو، ته اُنهن لاءِ ايئن امداد جمع ٿي سگهي. ڪنهن کي شادي ڪرڻي هوندي ۽ ڪنهن کي طلاق ڏيڻي هوندي،  پر ٻيئي ڏانهنس ويندا، ڇاڪاڻ ته جينيوا ۾ ڪو به ڪم ڪال ون جي مرضيءَ يا موڪل کان سواءِ نه ٿي سگهندو هو. ڪال ون وٽ پنهنجي طاقت ۽ اختيار جي ڪا حد ڪانه هوندي هئي. ديني حاڪم جي حيثيت ۾ سندس خيال موجب هر دنيويءَ شيء کي ديني ۽ روحاني اختياري جي ماتحت رهڻو هو. شهر ۽ شهري رياست جي هر ڳالهه کي هُن پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ گهريو ٿي؛ شهري ڪائونسل جي روزانه ڪارگذارين جي رڪارڊ ۾ڪنهن هڪ ڏينهن جو به اهڙو رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي، جنهن ۾ ايئن درج نه هجي ته ”هن ڳالهه ۾ ”ماءِ لارڊ“ ڪال ون سان صلاح ڪبي.“ ڪابه شيء هن جي چست نگاهه کان پري ڪانه هوندي هئي، هن جي ايتريءَ خود فراموش محنت ۽ جفاڪشيءَ کي هڪ معجزو ته سڏي سگهجي ٿو، پر نفس جي هيڏيءَ غير معمولي تپسا جا ڳاڻيٽي کان ٻاهر نقصان به آهن. جو شخص پنهنجو ذاتي سک ۽ خوشي ايئن پنهنجي مرضيءَ سان پاڻ قربان ڪري ٿو اهو ان قربانيءَ کي ٻين لاءِ وري هڪ لازمي فرض سمجهي، اُنهن تي اُها زوري مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پوءِ هو هرگز محسوس نه ڪندو آهي، ته جيڪا تپسيا هن لاءِ ته فطري شيء بنيل آهي، سا ٻين لاءِ  اُها ساڳي فطري شيء نه آهي، بلڪ هو اُن کي پنهنجي مٿان زوري مڙهيل پنهنجي غلامي جي سزا سمجهن ٿا. سڌن مُئل ۽ تپسيائي ساڌوءَ جي حڪمراني سڀ کان وڌيڪ بي ترس ۽ سخت هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو پاڻ جهڙن انسان جي خوشين ۾ شريڪ نه ٿو ٿئي، اُهو اُنهن جون خوشيون سهي به ڪين سگهندو ۽ سدائين سيکت جي ڏنڊي سان انهن جو ساهه سڪايو بيٺو هوندو.

ضابطو ۽ بي ترس سختي  ڪال ويني  نظريي جا بنيادي اصول هئا. ڪال ون جي خيال موجب انسان کي حق ڪونهي ته ڪنڌ مٿي کڻي چوڌاري نهاري بي ڊپو ٿي دنيا ۾ هلي. هُن کي هميشه ”خدا جي خوف“ جي پاڇي ۾ رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي اوڻائيءَ جو احساس رکي سدائين کيس نماڻائي سان ڪنڌ جهڪائي دنيا ۾ هلڻ کپي. ڪال ون جي خشڪ اخلاقياتي فلسفي مطابق ماڻهوءَ جي خوشدل ۽ بي روڪ لطف اندوزي ”گناهه“ هئي، هر اُها شيءِ جيڪا ڌرتيءَ تي اسان جي وجود کي حسين بنائي ۽ اڳتي وڌائي، جيڪا روح کي تسڪين ۽ تازگي ڏئي، جيڪا اسان کي مٿي کڻي پنهنجي همٿ جو احساس ڏئي، اسان جا بار هلڪا ڪري، اُها ڪال ون جي نظر ۾ اجائي، بيڪار ۽ سطحي شيء هئي. هُن جا  اِهي سخت رايا سڀ کان اول فن سان لاڳو هئا. هن جي چوڻ موجب جيڪا به شي ۽ اُن ۾  ڪا به شيءِ ڇٽل نه هئي- حواسن کي وڻي ٿي، يا اُمنگن کي چوري ٿي ۽ مست بنائي ٿي، اُها هڪدم ٻهاري، پري ڦٽي ڪري ڇڏڻ کپي- سچي مومن کي سندس ”حضور“ ۾ ڪڏهن به ڪنهن فنڪار جي خماريل روح سان پيش ٿيڻو نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن نازڪ خيالن جي خوشبوءِ ۾ ويڙهيل، ڪنهن دل گداز راڳ جي آلاپ ۾مٿي کڄيل، يا ڏک جي ڪن تصويرن ۽ مجسمن جي ڀُلائندڙ حسن  ۾ ورتل روح ڪڏهن به قرب الاهيءَ جا لائق يا حقدار ٿي نه ٿا سگهن.

ڪال ون جي خيال ۾خداوند  عظيم جي ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جو خيال ئي انساني هٺ ۽ هلڪڙائي جو نتيجو هو- ڇاڪاڻ ته اُن ٻنهي جهانن جي قادر مطلق کي انسان جي ڪنهن جلال ۾ آيل يا ڪنهن مجازي يا حقيقي مام ۾ اُٿيل روح جي گهرج ئي ڪهڙي هئي! انسانُ، جيڪوهُن جو هڪ خسيس بندو هو، پنهنجي ۽ هُن جي وچ ۾ اکٽ دوريءَ کي تسليم ڪري، فقط پري کان ئي هُن جي بندگي  جا آداب ۽ احڪام بجا آڻي ٿي سگهيو. ڪال ون جي خدا هرگز نه ٿي چاهيو ته ڪو هُن سان محبت ڪري- ڪنهن جي محبت جي هن کي پرواهه ئي ڪهڙي هئي! هن جي مرضي هئي ته ماڻهو فقط سندس خوف ۾ رهن، کانئس ڊڄن ۽ ضابطي ۾ رهن. ڪال ون جي نظريي جو مکيه نڪتو اِهو ئي هو. خدا جي تصور کي اوچي شرف ڏيڻ خاطر، هُن انسان جي تصور کي ذلت جي کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيو. هن انسان ناشناس مصلح بني نوع انسان کي هڪ ضابطي کان نڪتل اَنبوهه، بي سمجهه ۽ خطاڪار حيوانن جو واڙي مان نڪتل هڪ ڌڻ ٿي سمجهيو، جيڪو زندگيءِ جي جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسندو، جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ دل ڇڪيندڙ خوشين جي رڃ پٺِيان ڊوڙندو، پنهنجي، تباهيءَ جي اوڙاهه ڏانهن وڌي رهيو هو بار بار هو دک ۾ ڀرجي پيو چوندو هو ۽ ڪيترن هنڌن تي وري وري لکيو اٿس، ته ”ڪهڙي نه اسان جي محدود سمجهه کان پري هيءِ رضاءِ ايزدي آهي، جو هُن پنهنجن بندن کي ايترو ناقص ۽ هيڻو خلقيو آهي، جو هو سدائين گناهه ۽ بدڪاريءَ ڏانهن مائل رهن ٿا، الاهي فضل کي سڃاڻڻ جا اهل ئي نه آهن، ۽ وري وري گناهه جي اونهي سمنڊ ۾پيا ٽپا ڏين!“ پنهنجي مسيحي مومن ڀائرن کي ايئن گمراهه ڏسي، هو ڏاڍي رنج ۽ ڪروڌ ۾ وٺجي ويندو هو. پنهنجن ڪتاب ”نظام دين مسيح“  ۾ لکي ٿو: ” جيڪڏهن انسان تي، سندس فطري قوتن جي خيال تي ويچار ڪريون ٿا، ته منجهس، ننهن کان چوٽي تائين، ڪنهن ڀلائي جو يا خوبيءِ جو هڪڙو نشان به ڪونه ٿا ڏسي سگهون. ٿورو يا گهڻو، جو  ڪجهه، هن ۾ پسڻ ڪرڻ جهڙو  آهي، اُهو وري به مٿس خداوند قدوس جي ڪرم نوازيءَ ڪري ئي آهي، اسان جو سمورو انصاف بي انصافيءَ تي بيٺل آهي، اسان جي سڄي خدمت ذلت جو ڍڪيل روپ آهي، اسان جو سڄو مانُ ۽ شان، اسان جي شرم جو باعث آهي، اسان جون پنهنجون جيڪي بهترين شيون به پيدا ٿيل آهن، اُهي اسان جي جسماني ناپاڪائيءَ سبب ناپاڪ ۽ بي اثر آهن ۽ گند لتل مٽي کان هڪ لڇ به وڌ نه آهن.“

ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو، فيلسوفيءَ جي خيال کان، انسان کي اهڙي هڪ ناقص ۽ ناڪام شيء سمجهي ٿو، اُهو هڪ ديني عالم  ۽ دنيوي جي گاديءَ تي ويهيءَ ڪڏهن به اها ڳالهه نه مڃيندو ته اُها خسيس هستي آزاديءَ ۽ خودمختياري جي ڪنهن ٿورڙي ذري جي به لائق ٿي سگهي ٿي. اهڙي بدڪار ۽ هوسي مخلوق کي ته خوب هيسائڻ ۽ دٻائڻ گهرجي ته جيئن اُن جو هيڪاري من نه وڌي وڃي ڇاڪاڻ ته ”جيڪڏهن اسين ماڻهو کي پنهنجي وس ڇڏي ڏينداسين، ته هن جو نفس ته ڪنهن ٻيءَ ڳالهه ڏانهن مائل ئي نه آهي، سواءِ بدي جي !“ انهيءَ ڪري هن ”آدم ڦر “ جي دماغ مان اِها ڳالهه هميشه لاءِ ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته هن کي ڪو حق آهي ته پنهنجي مرضيءَ سان هو دنيا ۾ هلي سگهي ٿو. اِهو خيال جيتري زور سان سندس مغز مان ڪڍيو، ۽ جيترو وڌيڪ اُن جي من کي لغام وجهبو ۽ جيتري گهڻي فرمانبرداري هن کي سيکاربي، اوتروئي خود سندس پنهنجو فائدو آهي. ڪا به آزادي، ڪو به ارادي جو اختيار هن لاءِ جائز ڪونهي. ڇاڪاڻ ته  انهن رعايتن کي هو صحيح طور ڪم آڻڻ جو اهل ئي ڪونهي هن کي جبر سان به خداوند عظيم وٽ هيڻو ٿيڻو آهي ۽ اُن جي اڳيان جهڪڻو آهي. اسان کي هن جي مغز مان هوا ڪڍڻي آهي، هن کي ڊيڄارڻو  ۽ ڪنبائڻو آهي، هن جي سڄي آپي کي ختم ڪرڻو آهي، ته جيئن هو مسڪين ۽ چئيوان ڌڻ ۾ پنهنجو درجو محسوس ڪري خوش ٿي اتي بيهي رهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ آءٌ پڻي کي ختم ڪري ڇڏي ايتريقدر، جو اُن جو وٽس ڪو نشان به نه رهي، ۽ هو سڀ سان سڀ جهڙو بنجي وڃي.

انسان جي شخصيت کي ايئن ختم ڪرڻ لاءِ، ڪال ون وٽ خاص طريقو به پنهنجو هو، جنهن کي هو ”مسيحي تقويٰ“ يا ”ڪليسائي ضابطو“ سڏيندو هو. اڄ ڏينهن تائين انسان هٿان انساني اُڌمن ۽ خواهشن تي اُن کان وڌيڪ  مضبوط ۽ ڳرا زنجير ڪڏهن به رٿيا ۽ وڌا نه ويا آهن. پنهنجي آمريت جي پهرين ڏينهن کان ڪال ون جينيوا ۾ پنهنجي جماعت يعني پنهنجي مسيحي مومنن جي ڌڻ کي هڪلي وڃي ”امرونهي“ جي شمار کان ٻاهر فقرن ۽ اسمن ’هيئن ڪريو، هيئن نه ڪريو، جي فتوائن ۽ فرمانن- جي خاردار لوڙهن ۾ بند ڪيو، پوءِ سندس واعظين، عامل، جاسوس ۽ خود پنهنجي سر هو پاڻ اُن واڙي جي چوڌاري ۽ پڻ اُن جي کڙهه تي لٺيون کڻي بيهي رهيا ته جيئن ڪو به اُتان ٽپ ڏيئي نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، ۽ سڀ اُن جي اندر ڌڻ سان ڌڻ بڻيا بيٺا رهن. پنهنجي اُن دهشتي اخلاقي نظام کي هلائڻ لاءِ هن هڪ خاص محڪمو قائم ڪيو، جنهن کي هُن ”محڪمو امور مذهبي“ نالو. ڏنو ان ”محڪمي “ جو مقصد ڪجهه کليل پر ڪافي غير واضح  لفظن ۾ هيءَ ٻڌايو ويو ته اُهو جماعت تي نظرداري رکندو ته جيئن ”خداوند عظيم جي بندگي نيڪدليءَ سان ٿئي“. پر اِيئن فقط ظاهري طرح اُنهيءَ ’محڪمي‘ جي اختيار جو دائرو زندگيءَ جي مذهبي پهلوءَ تائين محدود ڏيکاريو ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته ڪال ون جي ”نظام دين مسيح“ جي نظريي ۾ ديني ۽ دنيوي مسئلا، سڀ جا سڀ اُن نظام کي قائم ڪندڙ ۽ هلائيندڙ مختيارڪُل رياست جي قبضي ۾ رهڻا هئا. اُنهيءَ ڪري، حقيقت ۾ اُهو ’محڪمو‘ ماڻهوءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي ٻنهي زندگيءَ جي پهلوئن تي هڪجيترو ڇانيل هو. ڪال ويني تفسير ۾ ”خدا جي بندگيءَ “ جي همه گير معنيٰ هئي، يعني اُن موجب ماڻهوءَ جي اٿڻ ويهڻ ،هلڻ چلڻ، سمهڻ جا ڳڻ، مطلب ته هن جي سڄي چال چلت ۽ ڪم ڪار اُن ۾ شمار ٿِي ٿي ويا. اِنهيءَ ڪري ’محڪمي ‘ جا ”محافظ“ هر وقت ۽ هر هنڌ ماڻهن جي ساهه تي سوار هوندا هئا، اُنهن جي هر ڳالهه کي اک ۾ رکيو بيٺا هوندا هئا. اُنهن ’محافظن‘ کي ڪڏهن به غافل رهڻو نه هو، بلڪ ماڻهن جي نه رڳو ”قول ۽ فعل، بلڪ راين ۽ خيالن“ کي به ڌيان ۾ رکڻو هو.

جنهن ڏينهن کان جينيوا ۾ ماڻهن جي  شخصي زندگيءَ تي ههڙي ڪُل- اختياري قبضي جو عمل شروع ٿيو، اُن ڏينهن کان اُتي ماڻهن جي ڪابه شخصي زندگي باقي ڪانه رهي. هڪ ئي ٽِپ سان، ڪئٿولڪ فرقي جي ”احتسابي عدالتن“ کي پوئتي ڇڏي، ڪال ون اڳتي وڌي ويو.”احتسابي عدالتون“ ٻين بي تعلق ذريعن ۽ عام ماڻهن کان اطلاعن پهچڻ ۽ خبرن ملڻ کان پوءِ ئي پنهنجا جاسوس ۽ پُڇائو تصديق لاءِ ٻاهر موڪلينديون هيون. پر ڪال ون جي ديني فلسفي مطابق، جينيوا ۾ هر ماڻهو بنيادي ۽ دائمي طور نيڪيءَ ڏانهن نه پر بديءَ ڏانهن مائل هو، ۽ اِنهيءَ ڪري اُٿندي ئي مٿس گناهه جو شڪ ٿِي سگهيو ٿي، ۽ اِنهيءَ ڪريءَ هُن کي شڪي ماڻهوءَ طور اک ۾ رکڻ ضروري هو. جينيوا ۾ ڪال ون جي موٽي اچڻ کان پوءِ ٿيو به ايئن جو ماڻهن جي گهرن جا دروازا ڄڻ زوريءَ کُلي ويا، ۽ انهن جون غير شفاف ڀتيون بدلجي ڄڻ شيشي جون ڀتيون بڻجي پيون. ڪنهن  به مهل ڪنهن به گهڙيءَ، در تي کڙڪو ٿي سگهيو ٿي ۽ ”روحاني محافظ“ ڪنهن به شهريءَ جي گهر ۾ ”ملاقات“ لاءِ اندر اچي سگهيا ٿي. هر مهيني هڪ ڀيرو سڀني کي، غريب توڙي شاهوڪار هيڻي توڙي ڏاڍي کي، هنن پيشاور روحاني فوجدارن جي آڏو پنهنجي عقائدي صحت ۽ صفائيءَ بابت بيان پيش ڪرڻو پوندو هو ۽ انهن جي آڏي پُڇا جا جواب ڏيڻا پوندا هئا. ان باري ۾ ”محڪمي“ طرفان جاري ڪيل فرمان ۾ چيل هو ته هيءَ روحاني پُڇا ڳاڇا ”آهستگيءَ سان ۽ پوري طرح“ ٿيڻ گهرجي. انهيءَ ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ، جينيوا جي ڪيترن اڇي مٿي وارن پيرسن، معتبر ۽ معزز شخصن کي ڪال ون جي هنن خدائي فوجدارن جي اڳيان ٻارن وانگر سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا هئا- مثلاً: ڇا، کين خدا پاڪ جي بندگيءَ جون آيتون ياد هيون، يا، ڪهڙي سبب هو مير واعظ يا ٻين  واعظين جي هن يا هُن وعظ ۾ حاضر ٿي نه سگهيا هئا! پر اهڙن جدولي قسم جي سوالن ۽ نصيحتن کان پوءِ به ”ملاقات“ ختم ڪانه ٿيندي هئي. هي مسيحي تقويٰ جا ماهر وزن ڪش ۽ پوءِ تفصيلن ۾ وڃي پڪ ڪندا هئا ته مومن جو ايمان سلامت آهي يا نه مثلاً زالن جي چولن جي ڊيگهه هٿ سان ڪڇي ماپي ڏسندا هئا ته اُها شرعي اعتبار کان پوري هئي يا ننڍي وڏي هئي، اُهي چيلهه وٽان توڙي ڳچي ۽ ٻانهن جي ڪٽائي ۾ پورا هئا يا حد کان وڌيڪ سوڙها يا موڪرا هئا. هو انهن جي چولين جي به چڪاس ڪندا هئا ته اُنهن جي پائڻ سان سندن بُبا حد کان مٿي اُڀري ته نه ٿي بيٺا! هو سندن آڱرين جون منڊيون ڳڻيندا هئا ۽ پوءِ سندن ڪٻٽ کولائي ڏسندا هئا ته پائڻ لاءِ وٽن ڪيترا ڪيترا بوٽن جا جوڙا هئا. سمهڻ واري ڪمري جي چڪاس کان پوءِ هو رڌڻي ۾ ويندا هئا ته متان جائز طعامن کان وڌيڪ ڪو طعام، ڪو مربو، ڪا چٽڻي يا ڪا سٺي شيءِ ته لڪائي ڪٿي رکيل ڪانه هئي! پوءِ هو وڌي گهر  جي رهيل ڪوٺين جي خبر وٺندا هئا. ڪٿي ڪتابن جو ڪو ڪٻٽ هوندو هو ته اُن کي هُو وڌيڪ غور سان جانچي ڏسندا هئا ته اُن ۾ ڪو اهڙو ڪتاب ته ڪونه هو، جنهن تي ”محڪمي“ جي اجازت جي مهر لڳل نه هجي. اِن ڳالهه جي تسلي ڪرڻ لاءِ هو، ميزن جا خانا کولي ۽ پلنگن جا گاديلا اُٿلائي به ڏسندا هئا. نوڪرن کان پُڇندا هئا ته سندن مالڪن جي ايمان جو ڪهڙو حال هو ۽ ٻارن کان آڏي پُڇا ڪري معلوم ڪندا هئا ته سندن مائٽن جا ڪهڙا ڪهڙا ڪم هئا.

ڪال ون جو هيءَ ديني جاسوس جڏهن ڪنهن گهٽيءَ مان لنگهندو هو ته ڪنائيندو ويندو هو ته ڪو سينڍ ته ڪونه ٿو وڄائي، ڪٿي ڪو محبت جو گيت يا ’ڪافي‘ ڪو نه ٿو ڳائي، ڪٿي ڪو ٽهڪ ته ڪونه ٿو ڏئي! هن کان پوءِ جينيوا جا اختياريءَ وارا، هر گهڙي خوشي جنهن شيءِ جو نالو تنهن جي ڳولا ۾ ٿي رهيا- يعني ”عيش“ جي ڳولا ۾: مثلاً، شل نه ڪو بدنصيب شهري سڄي ڏينهن ۾ ڳهه ڳهان کان پوءِ، من کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪنهن ساقي خاني ۾ ويندي يا اُتان ڪنهن مهل نڪرندي، کين هٿ چڙهي وڃي- بس پوءِ اُن جو خير ڪونه هو. ايئن ڪو ماڻهو کين ڪوٽ پيس يا چوپڙ راند ڪندي هٿ اچي ويندو هو، ته ان جو به اهو ئي حال ٿيندو هو. ڪال ويني شريعت جا ديني فوجدار بس هر روز ايئن ڪم ۾ لڳا ئي رهندا هئا- آچر جي ڏينهن به کين ويسانهين ڪانه هوندي هئي. اُن ڏينهن تي هو وري انهيءَ ڳولا ۾ هوندا هئا ته اهڙو ڪو قلب جو ڪارو هٿ اچين، جو مولانا ڪال ون جي وعظ ٻڌڻ لاءِ ديول ۾ وڃڻ بدران گهر ۾ ستو پيو هجي. ديول ۾ اندر وري ڪال ون جو ٻيو چغل ويٺو هوندو هو، جيڪو دير سان آيلن ۽ وچ مان اُٿي ويندڙن جا نالا پيو نوٽ ڪندو هو. مطلب ته ”مسيحي تقويٰ“ جا هي سرڪاري رکوالا هر هنڌ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ چست لڳا ويٺا هوندا هئا. رات پوندي هئي ته ’رون نديءَ‘ جي ڪنارن سان وڻن جي جهڳٽن ۾ پيا جهوتون وجهندا هئا ته متان ڪو پياسي جوڙو انهي مهل اُتي وڃي مليو هجي. مسافر خانن ۾ وڃي، هو ماڻهن جا بسترا اُٿلائي ۽ سامان کولائي ڏسندا هئا. ٻاهران شهر ۾ جيڪو به خط ايندو هو يا شهر مان جيڪو به ٻاهر ويندو هو، اُن کي کولي پڙهندا هئا. ”محڪمي“ جي پوري رٿائتي چوڪسي شهر جي حدن کان ٻاهر به عمل ۾ هوندي. ٻاهران ايندڙ گهوڙي گاڏين، عام پتڻ تي هلندڙ ٻيڙين، ٻاهرين ملڪن ڏانهن سامان کڻي ويندڙ جهازن ۾ ۽ شهر جي حدن کان ٻاهر مسافر خانن ۾، ڪال ون جا جاسوس پنهنجي پنهنجي ڪم تي لڳل هوندا هئا. جينيوا جو ڪو شهر واسي پئرس ۾، برلن ۾ يا ٻاهر اهڙي ٻئي ڪنهن شهر ۾ ويل هوندو ۽ اتي هو اتفاق سان جيڪڏهن ڪال ون يا ڪال ون جي انتظام خلاف ڪو لفظ ڪڍندو هو، ته اهو جينيوا ۾ ڪال ون جي ’محڪمي‘ وٽ پهچي ويندو هو، پر سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه برداشت کان ٻاهر هئي، سا هيءَ هئي، جو باقائدي ۽ پگهار تي مقرر ڪيل جاسوسن کان علاوه رياست جا بيشمار ٻيا ماڻهو تُرت ئي رضاڪارانه طور ڪال ون جي جاسوسي انتظام جا پرزا بڻجي ويا، ۽ ان ۾ ڪا عجب جهڙي ڳالهه به ڪانه هئي. جڏهن به ڪنهن رياست ۾ تشدد جو راڄ شروع ٿيندو آهي، تڏهن رضاڪارانه چغل خوريءَ جو ڌنڌو اتي ازخود پيدا ٿي پوندو آهي ۽ زهريلي ول وانگر رياست جي سرسبز وڻ کي هڪدم وڪوڙي ويندو آهي: ڇو ته جڏهن اصولي طور اها ڳالهه قبول ڪئي وڃي ٿي ته چغلي نه رڳو برداشت ڪئي ويندي پر پسند پڻ ڪئي ويندي، تڏهن ٻيءَ حالت ۾ بلڪل شريف ماڻهو به، خود پنهنجي متعلق خوف ۾ وٺجي، خبر رسانيءَ جي ڪم ۾ لڳي وڃن ٿا. انهيءَ ئي ريت ڪال ون جي آمريت جي دؤر ۾، جينيوا جي اٽڪل هر رهواسيءَ شهر جي ٻين سڀني ماڻهن کي پنهنجي اک ۾ رکيو ٿي: ان ۾ هن جو ٻيو جيڪڏهن ڪو مقصد نه هو ته به ٻين متعلق خبر رسانيءَ جو ڪردار ادا ڪري، هن ڪم از ڪم پاڻ کي انهيءَ شڪ کان آزاد ڪرڻ گهريو ٿي، ته هو پاڻ ”شيطان جي پاسي نه، پر خدا جي پاسي هو.“ پنهنجي متعلق ڊپ هُن کي ٻين کان اڳ پاڻ چغلخور بڻجڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. ان صورتحال جو آخر نتيجو هيءَ نڪتو، جو ڪن سالن کان پوءِ ڪال ون جي ’محڪمي‘ کي سرڪاري جاسوسي جو انتظام ئي ختم ڪري ڇڏڻو پيو، ڇو ته شهر جا سڀئي ماڻهو، پنهنجو پاڻ، هڪٻين تي جاسوس بڻجي ويا هئا ۽ ’محڪمي‘ کي هڪٻين جي خلاف هر وقت خبرون پهچائيندا ٿي رهيا. چغلخوريءَ جو جهولو پوءِ جينيوا جي مسيحي جمهوريه ۾ ڏينهن رات لڳندو رهيو، ۽ هر قسم جي سماجي ۽ اخلاقي اوچن قدرن کي لوساٽيندو ۽ ساڙيندو رهيو، ۽ هوڏانهن ڪال ون جي ”روحاني عدالت“ پنهنجو ڪم نهايت تيزيءَ سان ڪندي رهي.

اهڙي سرشتي ۾ ڪير سلامت رهي ٿي سگهيو، ۽ ڪنهن کي اها پڪ بيهي ٿي سگهي ته ڪنهن ديني فرمان جي ڀڃڪڙي نه ڪري رهيو هو- ڇو ته ڪال ون تقريباً هر انهيءَ ڳالهه تي روڪ وجهي ڇڏي هئي، جنهن سان زندگي خوشگوار ۽ ڦلدائڪ ٿي سگهي ٿي. ناٽڪ ۾ سانگ جي منع هئي، هر قسم جي وندر جي مقبول عام ميلن جي ۽ هر قسم جي ناچ گاني ۽ راند روند جي منع هئي، 15 سالن جي عمر کان رڳو برف تي ڊوڙڻ جهڙيءَ معصوم راند جو ٻڌي، ڪال ون جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو هو. ڪپڙا به ماڻهن کي فقط هڪ قسم جا پائڻا هئا- راهبن جي ڪپڙن جهڙا، هلڪي ماٺي رنگ جا. درزين کي منع هئي ته ڪنهن به نئين فيشن جا ڪپڙا تيار نه ڪن- اُن لاءِ کين شهر جي اختياريءَ وارن کان اجازت وٺڻي هئي. ڇوڪرين کي 15 سالن جي عمر کان اڳ ريشمي ڪپڙن پائڻ جي منع هُئي؛ پوءِ وري کين بخملي ڪپڙن پائڻ جي اجازت نه هئي. زالن لاءِ سون ۽ چانديءَ جي تارن جون پٽيون، مصنوعي سونهري وار، اجايا گهڻا چوڙا، ٻيڙا ۽ سونا زيور ۽ ٻيا رڳو ڏيک جا ٽڪساٺ ۽ سينگار حرام هئا.  مردن کي ڊگهن وارن رکڻ جي، ۽ زالن کي ڇلڙن ۽ زلفن ڪڍڻ ۽ وارن کي ڦڻي تي ويڙهي ڳنڍيدار بڻائڻ جي جهل هئي. هر قسم جي ڄاري دار ڪپڙي جي منع هئي، دستانن جي منع هئي، پلاندن ڇڏيل شالن جي منع هئي، ۽ منهن کليل بوٽن جي منع هئي. ڏولين جي ۽ ڦيٿن تي هلندڙ گاڏن جي منع هئي، جن ۾ ماڻهو کڄي هلندا هجن. گهرن ۾ 20 مهمانن کان وڌيڪ دعوتن تي پابندي هئي؛ شادين مرادين ۽ عيدن برادن تي مقرر طعامن کان وڌيڪ طعام، مٺايون ۽ چاش ۾ پڪل ميوا کارائڻا نه هئا، سواءِ سرخ شراب جي، جيڪو مڪاني طرح ٺهندو هو، ٻئي شراب واپرائڻ جي منع هئي. هر قسم جي شڪار تي بندش هئي. پرڻيل ماڻهن کي منع هئي ته پرڻي جي موقعي تي ڪو مرد ڪنوار کي ۽ ڪا عورت گهوٽ کي ڪا سوکڙي ڏئي- ۽ اها بندش پرڻي کان پوءِ 6 مهينن تائين قائم رهندي هئي. شاديءَ کان سواءِ ڪنهن به قسم جي جنسياتي تعلق کي خون کان وڌيڪ خطرناڪ ڏوهه سمجهيو ويندو هو.

جينيوا جي شهرين کي ڪنهن به سراءِ يا مسافر خاني ۾ داخل ٿيڻ ۽ اُتان جي ميزبان کي ڪنهن به نئين آيل ماڻهوءَ کي کاڌي کارائڻ جي سخت منع هئي- پهريائين اهڙي مهمان کي خداوند قدوس جي بندگي ڪرڻي هئي ۽ پوءِ هن کي اندر اچڻو هو ۽ ماني کائڻي هئي. مسافر خانن ۽ ساقي خانن جي مالڪن کي ماڻهن مٿان جاسوسي ڪرڻ جو حڪم هو، ۽ هو سڀنيءَ آين وين جي هڪ هڪ لفظ ۽ اشاري کي بيحد شڪي نگاهه سان ويٺا ڏسندا هئا ۽ ٻڌندا هئا. جينيوا جي رياست ۾ سواءِ خاص اجازت جي، ڪوبه ڪتاب ڇپجي نه ٿي سگهيو، رياست کان ٻاهر ڪنهن کي خط لکڻ ڏوهه هو. اوليائن ۽ نيڪ مردن جون تصويرون يا انهن جا مجسما رکڻ ڏوهه هو. هر قسم جي سازيني تي بندش هئي، خود ديولين ۾ جيڪي مسيحي گيت ڳايا ويندا هئا، انهن لاءِ به سخت حڪم هوندا هئا ته ”خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي“ ته جيئن ٻڌندڙن جو ڌيان گيت جي لفظن ۽ انهن جي معنيٰ ۽ روح تان هٽي، راڳ جي ڌُن يا ساز جي سُريلي آواز ڏانهن نه هليو وڃي: ڇاڪاڻ ته ”خداوند قدوس جو حمد فقط جيئرن لفظن وسيلي ادا ٿي سگهي ٿو:“ جيڪي ڳالهائي ٿا سگهجن ۽ ٻُڌي ۽ سمجهي ٿا سگهجن. جينيوا جا شهري، جيڪي ڪال ون جي وٽن اچڻ کان اڳي پاڻ کي آزاد شهري چوائيندا هئا ۽ ان تي فخر ڪندا هئا، انهن کي هاڻي اِها به آزادي ڪانه هئي ته پنهنجن ٻارن تي پنهنجي مرضيءَ موجب نالا رکي سگهن. سوَن سالن کان وٽن ”ڪلاڊ“ ۽ ”آئمڊ“  ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي نالا مقبول ۽ مروج هئا، پر ڇاڪاڻ ته اُهي انجيل ۾ آيل نه هئا، انهيءَ ڪري ڪوبه جينيوا جو شهري پنهنجن ٻارن تي اُهي نالا هاڻي نه ٿي رکي سگهيو. مسيحي شريعت جي ڪال ويني تشريح مطابق جنيوا جي هڪ پڪي مسيحي مومن کي پنهنجي پٽ تي فقط اسحاق، آدم ۽ ٻيو اهڙو ڪو سڳورو نالو رکڻو هو، جيڪو انجيل مقدس ۾ آيل هو، ديولين ۾ توڙي گهرن ۾ بندگيءَ وقت انجيل جي ڪابه آيت ۽ ڪابه دعا لاطيني ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي منع هئي. ايسٽر ۽ ناتال جي پاڪ تقريبن تي به ڪنهن قسم جي دعوت يا جشن ڪرڻ جي منع هئي. هر اُنهيءَ ڳالهه جي منع هئي، جنهن سان زندگيءَ جي روزمره جي لاڳيتي، ٻسي ۽ ڦڪي دستور ۾ ڪا نواڻ يا تازگي اچي سگهي ٿي. لکڻ توڙي ڳالهائڻ جي معاملي ۾ ته ڪنهن ٿوري کان ٿوريءَ ذهني آزاديءَ جي به سخت منع هئي. وڏي ۾ وڏي گناهه طور جنهن ڳالهه جي منع هئي، اُها هئي ڪنهن به  قسم جي خود ڪال ون جي آمريت تي تنقيد: هن سڄيءَ رياست ۾، واري واري تي، دهلن جي ڏونڪي تي، پڙهو گهمارائي، جينيوا جي آزاد شهرين کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو ته ”رياست جي سرڪاري مسئلن تي فقط شهري ڪائونسل ۾ بحث مباحثو ٿي سگهيو ٿي، ۽ اُن کان ٻاهر ڪٿي به ۽ ڪڏهن به نه.“

منع، منع، منع: هيءُ ڪهڙو نه هانءَ  ڪچي ڪرڻ وارو آواز لڳي ٿو! سچ پچ ٻڌي ٻڌي، ماڻهوءَ کي پڇڻو پوي ٿو ته آخر ڇا پوئتي بچيو هو، جنهن جي جينيوا جي شهر واسين کي موڪل هئي! واقعي گهڻو ڪجهه نه. هُنن کي جيئڻ ۽ مرڻ جي موڪل هئي، ڪم ڪرڻ ۽ حڪم مڃڻ جي موڪل هئي ۽ پڻ ديول ۾وڃڻ ۽ ڪال ون  ۽ ڪال ون جي واعظين جي وعظن ٻڌڻ جي موڪل هئي. پوئين ڳالهه جي ته نه رڳو موڪل هئي، پر اُن جي نه ڪرڻ تي سخت سزا به  رکيل هوندي هئي، جيڪڏهن ڪنهن شهريءَ کان ڪنهن طرح پاڙي جي ديول ۾ ڪنهن وعظ ٻڌڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ٿِي  ٿي ويئي، ته هن جو پوءِ ڪو خير ڪونه هو . وعظ به هن کي ڪو هڪ اڌ ٻڌڻو ڪونه هوندو هو: آچر جي ڏينهن تي ٻه، باقي هفتي ۾ ٽي ۽ هر هفتي هڪ خاص ڪلاڪ ننڍن ٻارن جي ديني تعليم لاءِ. خداوند عظيم جي پنهنجي ڏينهن تي، يعني آچر جي  ڏينهن  به جينيوا جي شهر واسين جي ڪلهن تان زور جي پانڃاري ڪانه لهندي هئي- ڇو ته اُن مقدس  ڏينهن تي وري فرض، فرض ۽ فرض جو دستور ايترو ته ڊگهو ۽ سخت هوندو هو، جو ويچارو ميسحي متقي اُن کي پورو ڪندي ڪندي بنهه هڄي پوندو هو. سڄو هفتو پيٽ قوت لاءِ ڳهي ڳهي، هڪ ڏينهن ٿي خداوند قدوس جو آيو، جڏهن سواءِ سندس ٻانهپ جي مومنن کي ٻيو ڪجهه ڪرڻو نه هو. هفتو پورهئي لاءِ ۽ آچر ڪليسا  لاءِ. اهڙي طرح شيطان لعين کي ڪنهن گنهگار شخص جي دل ۾ ٿورڙيءَ ڪنهن گهڙيءَ لاءِ به پير رکڻ جو وجهه ڪونه ٿي ملي سگهيو؛ ۽ ايئن نفس پليت جي آزاديءَ  ۽ پڻ هن عارضي زندگيءَ جي خوشيءَ جو مسئلو ئي ختم ٿِي ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org