سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:16 

ڪاسٽيلو لاءِ هاڻي ثابتين سان چيو ويو، ته هُن اُنهيءَ ڪتاب جو اطالوي ٻوليءَ مان لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، ۽ اُهو ”ملحدانه“ ڪتاب پوءِ  اُن ئي ٻوليءَ  ۾ ڇپيو هو ۽ شايع ٿيو هو. اوچينو ئي ان ڪتاب ۾ پيش ڪيل بدعتن ۽ غير مسيحي روايتن خلاف اڳي ئي ڪارروائي هلي رهي هئي. اُن صورت ۾ اِهو فطري  امر هو، ته اُنهن حالتن هيٺ ڪتاب جي مترجم کي به اُن گناهه ۾ شريڪ سمجهيو وڃي. اُن لاءِ هن کي ڪتاب جي اصلوڪي مصنف کان ڪنهن به حالت ۾گهٽ جوابدار نه شمار ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح ڄڻ رات وچ ۾ ڪال ون ۽ ڊي باز جي هوائي دعوائن کي هڪ وڏو وزن ملي ويو ۽ سندن الزام ته ڪاسٽيلو هڪ انتهائي خطرناڪ الحاد جو مرڪزي نقطو هو، بلڪ اُن جو روح روان هو، اُن  جو ڄڻ ڊئوڊ جورفس ۽ برناڊينو اوچينو تي سندس اهڙن ويجهن ناتن ثابت ٿيڻ سان هڪ پڪو ۽ پورو ثبوت ملي ويو، هاڻي باسيل يونيورسٽيءَ مان اها اميد فضول هئي، ته اُها اهڙي ماڻهوءَ جو وڌيڪ بچاءَ ڪري سگهندي، اهڙيءَ طرح ڪاسٽيلو جي خلاف ڪيس جي باقائدي ڪارروائي شروع ٿئي ئي ٿئي، اُن کان اڳ هو غريب پنهنجو ڪيس هارائي ويٺو.

پروٽيسٽنٽ مسيحيت جو ڪو حامي جيڪو ديني رواداريءَ جو دعويدار به هجي، سو اُن زماني ۾ پنهنجي همعصر ديني ۽ دنيوي اقتدار جي صاحبن کان ڪهڙي اميد رکي سگهيو ٿي، اُن جي خبر ڪاسٽيلو پنهنجي دوست برنارڊينو اوچينو جي حالت مان محسوس ڪري سگهيو ٿي، جيتوڻيڪ اوچينو جي دکي زندگيءَ  جا ڏينهن ڪاسٽيلو جي گذر ڪري وڃڻ کان پوءِ ئي ختم ٿي سگهيا هئا. اوچينو ڪجهه وقت زيورچ جي شهر ۾ اطالوي پناهگزينن  جي ڪليسائي پادريءَ جا فرض بجا آڻيندو رهيو، پر ترت ئي هن کي اُتان شهر بدر ڪيو ويو. شهر جي اختياريءَ وارن کان هن ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري، پر هُنن کيس اُها ڪانه ڏني. هو ڇاهتر ورهين جي عمر جو هو، مسڪين هو، پاند ۾ پئسو ڪونه هوس ۽ سندس گهر واري تازو گذاري ويل هئي، پر هُن جي اِنهيءَ بيوس حالت تي ڪنهن کي رحم ڪونه آيو، پاڪباز ديني عالم ۽ بزرگ هُن کي نئين سر شهر نيڪالي ڏياري خوش  ٿي ويٺا هئا، هو پنهنجا معصوم ٻارڙا وٺي شهر مان نڪري  ٻاهر ٿيو. تهه سياري  جي موسم هئي ۽ رستا برف سان ٺپ ڍڪيل هئا. ڀلي اِها سيکيت هجيس ! هُن جي مخالفن ايئن سوچيو هوندو ۽ پاڻ خوش ٿيا هوندا، ته ڪٿي هيءُ بدبخت پوڙهو رستي جي  ڪنهن پاسي تي ڪري هلندي هلندي، مري پوي، ته پاڻ چڱو سڀني جي منجهائنس  جند ڇٽي پوندي. بهرحال ڪٿي ته هن کي به پناهه ملڻ گهرجي، هتي نه ته ٻيءَ دنيا ۾ ئي سهي! ڪٽر پادرين پشتيبان شهري حڪمرانن، جن هُن کي شهر کان لوڌي ٻاهر ڪڍيو هو، تن ٻاهر هُن جي راهه ۾ڪنڊن وڇائڻ ۽ کڏن کوٽڻ ۾ ڪونه گهٽايو، متان ڪٿي ڪي رحمدل ماڻهو قياس ڪري هُن  کي ۽ هُن جي ٻارڙن کي گهر ۾ سڏي ڪو، اجهو ڏين ۽ باهه تي ويهاري، هٿ سيڪڻ ڏين، اهڙي امڪان کي روڪڻ لاءِ هُنن خطن پٺيان خط لکي، جتي هو پهتو ٿي، اُتي کانئس اڳ ئي موڪلي ٿي ڇڏيا ته جيئن هر ”مومن مسيحي“ هنن کي پري کان ڏسي، پنهنجي گهر جو دروازو بند ڪري ڇڏي، ڇو ته ”هنن کان ايئن پري ڀڄڻو هو، جيئن ڪوڙهين کان ڀڄبو آهي.“ هي پير مرد عالم سٽرزلنڊ مان فقير بنجي گودڙي کڻي پنهنجا بکيا ٻار  ۽ بيمار ٻچا کڻي باهر نڪتو ۽ برف سان ڇانيل رستا  لتاڙيندو، جانورن جي وٿاڻن ۾ سمهندو اڳتي وڌندو رهيو، تان جو نيورمبرگ جي شهر مان ٿيندو، نيٺ اتر جرمنيءَ ۾ وڃي نڪتو، جتي پڻ تعصب پرست پروٽيسٽنٽ جماعتون هن باغيءَ ۽ غدار کي لوڌي ڪڍڻ لاءِ تيار ويٺيون هيون، ڇو ته هُنن کي اُن لاءِ اڳي چتايو ويو هو، بهرحال اُتي هُن کي ڪجهه ڏينهن ساهه پٽڻ جي مهلت ڏني ويئي، هُن جو آخري آسرو پولينڊ  جي سرزمين ۾ هو، ته اُتي هُن کي ڪي اهڙا مهربان ماڻهو ملندا، جيڪي کيس ۽ سندس ٻچن کي اجهو ڏيندا ۽ هنن جو ڀرجهلو ٿيندا، پر هو جڏهن پولنڊ ۾ پهتو، ته هُن پنهنجي خلاف اُتي به ديني نفرت  ايڏي چوٽ چڙهيل ڏٺي، جو کيس اُتان به ڀڄڻو پيو، هو پوءِ پولنڊ مان نڪري ”موري ويا“ جي ملڪ ۾ ويو، ۽ اتي  هو 1564ع جي آخر ۾ يا 1565ع جي شروع ۾ انتهائي محتاجيءَ  ۽ بيڪسيءَ  جي حالت ۾مري ويو، هُن کي هڪ رول ۽ لاوارث ماڻهوءَ وانگر ڪنهن گمنام هنڌ تي پوري ڇڏيائون، جنهن جو اڄ ڪو پتو نشان به ڪنهن کي معلوم ڪونهي.

ڪاسٽيلو جيڪو پنهنجي دوست اوچينو  جي طويل مدت کان هلندڙ شهادت جي پهرين مرحلن کان واقف هو، تنهن  کي معلوم هو، ته سندس تقدير  به ساڳي اُها ئي ٿيڻي هئي . هُن کي به ملحد بنجي، عدالت اڳيان اچڻو هو؛ ۽ اُهو ماڻهو جنهن جو واحد گناهه، هيءُ هو ته هو، حد کان وڌيڪ انسان شناس  ۽ انسان دوست شخص هو، تنهن سان اُن عالمگير  انسان دشمنيءَ  جي دور ۾ ڪير به انسان دوستيءَ  جي روش  ڪونه هلندو، ۽ هُن  تي ڪو به ڪا ڪهل ڪو نه ڪندو. سرويٽس  جو جنهن بچاءَ ٿي ڪيو، اُن جي قسمت  به سرويٽس  جي قسمت جهڙي هئي، سورهين صديءَ جي عدم رواداري ۽ مسهپ پنهنجي سڀ کان خطرناڪ دشمن يعني سهپ ۽ رواداريءَ جي پيغمبر  جي نڙگهٽ  تي وڃي پنهنجو ننهن رکيو هو، ته جيئن اُن کي گهٽو  ڏيئي، اُن جو ساهه ڪڍي ڇڏي، ڇو ته اُن جي اُن دشمن ساڻس  به اُهو ساڳيو  حال ڪرڻ گهريو ٿي.

خوشي جي ڳالهه  بهرحال هيءَ ٿي، جو ڪٺور دل تعصبين کي اُها فتح نصيب ڪانه ٿي سگهي، جيڪا هنن حاصل ڪرڻ گهري ٿي. هُنن چاهيو ٿي، ته ڪاسٽيلو يا جيل ۾ چڙي مري يا جلاوطنيءَ  ۾ ڪنهن رستي پنڌ مري وڃي. يا ڪنهن طرح باهه جي آڙاهه ۾ کُتل ڪلي سان ٻڌجي سڙي رک ٿي وڃي. پر ٻاجهاريءَ قدرت هن کي هنن سنگدل حيواني دشمن جي هٿن مان ڇڪي کڻي ورتو ڪافي وقت کان هُن جي جسماني صحت گهڻي ڪم ڪرڻ سبب کاڄي چڪي هئي. هُن ۾ ايترن ڏکن ۽  ايتري پريشاني ۽ ڇڪتاڻ سهڻ جي هاڻي ڪا سگهه باقي ڪانه رهي هئي. پوئين گهڙي تائين به هو دليريءَ سان وڙهندو رهيو، جيتوڻيڪ ڪاميابيءَ جي  اميد جو ڪو هڪ ڪرڻو به هُن جي دل کي گرمائڻ لاءِ هُن جي  سامهون ڪونه هو. هو يونيورسٽيءَ ۾ ۽ پنهنجي ذاتي مطالعي جي ڪمري ۾ آخر تائين پنهنجن ڪمن ۾مصروف رهيو پر آخر ڪار جڏهن هُن جو سڄو جسم ڊهڻ تي اچي بيٺو، تڏهن لاچار هو بستري تي ڪري پيو. هُن کي الٽي اچڻ لڳي، جنهن رڪجڻ جو نالو نه ٿي ورتو، تان جو حد کان وڌيڪ دٻاءَ هيٺ آيل، هُن جي دل کيس جواب ڏيئي بيٺي. ڊسمبر جي 29 تاريخ تي سن 1563ع ۾سيباسٽيان ڪاسٽيلو هُن جهان مان گذر ڪري ويو، هُن جي عمر اُن وقت 48 ورهيه هئي، ايئن ”هو خدا جي مدد سان پنهنجن دشمنن جي چنبن مان بچي ويو.“ سندس مرڻ تي سندس هڪڙي همدرد دوست پنهنجي راءِ جو انهن لفظن ۾اظهار ڪيو.

ڪاسٽيلو جي دشمنن سندس خلاف جيڪا بدنامي ۽ بدناموسي جي مهم هلائي هئي. اُها هن جي موت کان پوءِ ختم ٿي ويئي. باسيل شهر جي رهواسين تمام دير سان اُها ڳالهه محسوس ڪئي، ته هُن پنهنجي هڪ سڀ کان بهترين شهر ڀائي جي بچاءَ ۾ڪيتري نه غفلت کان ڪم ورتو هو، هُن جي مرڻ کان پوءِ جيڪا مختصر املاڪ هُن جي گهر مان نڪتي اُن مان ظاهر ٿيو، ته هيءَ پنهنجي وقت جو عظيم عالم ڪيڏي نه مسڪيني ۽ اڻهوند جي زندگي گذاريندو ٿي رهيو. هُن جي گهر مان ڪو ٽامي جو سڄو ٿانو به ڪونه نڪتو، هُن جي دوستن ڦوڙي ڪري، هُن جي ڪفن دفن جي خرچ جي پورائي ڪئي، اُنهن هُن جي مختصر فرضن جي به ادائگي ڪئي، اُنهن ئي هُن جي ٻچن کي سنڀالڻ جو ذمو کنيو. هن تي جيئري ايڏي هٺ ڌرميءَ سان جيڪو ڪفر ۽ الحاد جو الزام هنيو ويو هو، ڏسڻ ۾ ايئن ٿي آيو، ته اُن جي بچاءَ يا جواب طور باسيل جي شهر واسين هُن جو جنازو اوترئي تقدس ۽ احترام سان کڻي، قبرستان تائين پهچايو، اِها سيباسٽيان ڪاسٽيلو جي اخلاقي سوڀ هئي، هُن تي الحاد جي الزام لڳڻ کان پوءِ، جيڪي ڊڄي، هُن کان پاسو ڪري ويا هئا. سي سڀ هاڻي اِهو ظاهر ڪرڻ ۾ آتا هئا. ته سندن دليون ڪيڏيون نه سندس عزت ۽ محبت سان شرشار هيون. هن جي جنازي  پٺيان باسيل يونيورسٽيءَ جا سڀ استاد موجود هئا. هُن جو ميت سندس گهر کان وٺي، ديول تائين سندس شاگرد پنهنجن ڪُلهن تي کڻي هليا، ۽ اهو اُتي ديول جي تهه خاني ۾ دفنايو ويو. هُن جي ٽن سؤ شاگردن پنهنجي ذاتي پئسن سان هُن جي مزار تي سنگ مرمر جو پٿر نصب ڪرايو. جنهن تي هيءُ لفظ اڪريل هئا.”اسان جي نامور استاد جي حضور ۾ هُن جي  اٿاهه علم جي احترام طور ۽ هُن جي زندگيءَ جي خلوص ۽ بي گناهي جي ياد ۾.“

 

باب نائون

 

پوتا ميل

 

ايئن ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ سڄي جهڳڙي جو خاتمو ٿي چڪو هو. ڪاسٽيلو کي پنهنجي رستي تان هٽائي، ڪال ون پنهنجي اُن اڪيلي مخالف کان پاڻ ڇڏائي محفوظ ٿي ويٺو هو، جيڪو ذهانت ۽ علم توڙي عمل ۾ کانئس مٿڀرو هو. جينيوا ۾ ساڳئي وقت پنهنجن سڀني سياسي رقيبن ۽ مخالفن کي خاموش  ڪري ڇڏڻ سان، جينيوا جو هيءَ ديني آمر، هاڻي بنا ڪنهن رنڊڪ  جي، پنهنجي پاليسيءَ  کي اڳتي وڌائي ۽ پوريءَ ريت عمل ۾ آڻي سگهيو ٿي. آمر جڏهن به شروعاتي مخالفت کي ڪچلڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، جيڪا فطري  طور سندن خلاف اٿندي آهي، تڏهن هو پاڻ کي اڳتي لاءِ گهڻو وقت محفوظ ۽ سلامت سمجهندا آهن. جيئن انساني بدن، نين طبعي حالتن ۾ پهرين ڪافي ڪجهه تڪليف محسوس ڪندو آهي، پر پوءِ اُنهن سان پاڻ کي ٺهڪائي ڇڏيندو آهي، تيئن قومون به بدليل حڪومت جي نون طور طريقن سان ترت ئي پاڻ کي هيرائي ٺيڪ ڪري ڇڏينديون آهن، ٿوري ئي عرصي ۾ گذريل نسل جا ماڻهو، جن کي گذريل سک ۽ سهولت  وارن ڏينهن جا يادگيرا هوندا آهن. مري کپي ويندا آهن، ۽ نئون نسل جنهن کي اهڙو ڪو يادگيرو نه هوندو آهي، ۽ جيڪو نين روايتن هيٺ ڄائو نپنو هوندو آهي، ان لاءِ اُهي نيون روايتون ۽ حالتون بلڪل عام ۽ روزمره جون ڳالهيون هونديون آهن. هڪ ئي نسل جي دؤر ۾، هڪ نظريو يا خيال ڪنهن به عوام کي پوريءَ  طرح بدلائي سگهي ٿو ايئن ئي هاڻي به ساڳي حالت درپيش  آئي. ويهارو سالن جو عرصو ڪال ون جي ديني حڪمراني کي گذري ويو هو، ۽ هاڻي هن جو ديني نظريو محض نظرياتي  صورت مان بدلجي  عملي  صورت اختيار  ڪري چڪو هو. ڪال ون هڪ يگانو منتظم هو. پنهنجي ابتدائي ڪاميابيءَ کان پوءِ، هو وڏي مهارت  ۽ اورچائي  سان پنهنجي ڪم کي لڳي ويو، تان جو ترت ئي آهستي آهستي ٿي، سندس ’سرشتو‘ سڄيءَ مسيحي دنيا ۾ عام ٿي ويو. ماڻهن جي اعمال جي خيال کان جينيوا ۾ جيڪو هُن فولاد جهڙو سخت نظام قائم ڪيو هو، اُن مثالي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. مغربي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اصلاحي ڪليسائن  جا سربراهه ڪهي، ديني حڪومت جي اُن مثالي روپ جي مشاهدي ڪرڻ واسطي ڪال ون جي اُن ’پروٽيسٽنٽ روم‘ جي زيارت لاءِ اچڻ لڳا، مڪمل ضابطي  سخت ترين قاعدن تي عمل ۽ پوريءَ  فرمانبرداري  جي فضا ۾ جيڪا ڪجهه معاشرتي اصلاح حاصل ٿي سگهي ٿي، اُها اُتي موجود هئي، فقط ايتري سا ڳالهه هئي جو ساهه سڌير آزادي ۽ اُن  جي حيات بخش نت نون اُمنگن جي جاءِ تي مونجهه ۽ موڳائي ۽ ساڳيءَ هڪجهڙي ڳهه ڳهان جو اُتي  راڄ هو، خوشي ڪانه هئي رياضيءَ  جهڙي تز ڪڇ ماپ ۽ تور تڪ ضرور هئي، ديني مناظري باز ۽ علم ڪلام جا مشاق خطيب ۽ واعظ، جينيوا  جي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان مهارت جون سندون وٺي ڪال ويني نظريي  جي تبليغ  لاءِ يورپ ۾چوڌاري پکڙجي ويا. مسيحي دين جي پروٽيسٽنٽ  شريعت  جو هيءُ  مجدد اعظم گهڻو اڳ اِهو فيصلو ڪري چڪو هو، ته سندس اختيار ۽ سندس تعليم رڳو هڪڙي سئٽرزلنڊ جي شهر تائين محدود هئڻ نه گهرجي. هن جي اقتدار جي خواهش کيس اتساهيندي ۽ مجبور ڪندي رهي ته اُن جو دائرو دنيا  جي بحر ۽ بر تي ڇائنجي وڃي، ته جيئن نه رڳو سڄو يورپ بلڪ سڄي دنيا هن جي مطلق اقتداري سرشتي جي اطاعت هيٺ اچي وڃي، اسڪاٽلنڊ اڳي ئي هُن جي مٺ ۾ هو، اُتي هُن جي خليفي جان ناڪس جو ’راج‘ هو: هالنڊ، اسڪئنڊينيويا، ڊينمارڪ ۽ جرمنيءَ جا ڪافي علائقا هن جي نظريي جا پوئلڳ هئا. فرانس ۾هُن جا مريد جن پاڻ کي’هيوگناٽ‘ ٿي سڏايو، پنهنجن مخالفن سان آخري ۽ فيصلي واري معرڪي سر ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيا هئا، ايئن ٿي معلوم ٿيو ته جي نصيب ان جي يا وري ڪئي ته ترت ئي ڪال وينيت سڄي مغربي تهذيب کي پنهنجي فڪر ۽ عمل جي تنگ قالب ۾ بند ڪري، اُن کي مڪمل طور پنهنجي  قبضي ۾ آڻي ڇڏيندي.

اسين جيڪي جينيوا ۾ ڪال ون جي وارد ٿيڻ  کان اڄ چار صديون پوءِ دنيا ۾ آباد آهيون، پاڻ کي خوش نصيب سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون، جو هن ديني جنون ۾ روتل سنگدل آمر  جي ’نظام دين مسيح‘ جو ’ڪليسائي ضابطو‘ سڄي پروٽيسٽنٽ  يورپ تي قابض بنجي نه سگهيو. حسن جو دشمن، خوشيءَ جو دشمن، خود زندگيءَ جو دشمن، هيءُ ڪال ويني ’ضابطو‘ پنهنجي پنهنجي اختيار هيٺ آيل علائقن ۾ فنون لطيفه جي هر قسم  جي ڦوٽهڙي ۽ واڌ، شعاع ۽ تجليءَ  جي مخالفت، پوري ضد ۽ شدت سان، بلڪ خالص ديني فريضي طور جاري رکندو رهيو. هر ڳالهه جي تخليقي  تعبير ۽ تورتڪ  تي بندش  عائد هئي. جيئن جينيوا  ۾ صدين تائين، ڪال وينيت جا ’روحاني محافظ‘ فلسفي ۽ فن لطيف جي نڙيءَ تي ننهن ڏيو بيٺا رهيا؛ تيئن انگلينڊ تي قبضي  ڪرڻ سان ئي هُنن روح جي دنيا جي حسين ترين گلن مان هڪ رنگبرنگي گل-يعني شيڪسپيري  ناٽڪ کي پنهنجن پيرن هيٺيان لتاڙي ۽ چيڀاٽي  پڻي ڪري ڇڏيو. هُنن کان جتي پڳو اُتي ديولين مان مصوريءَ ۽ سنگتراشي جا شاهڪار ناس ڪرائي ڇڏيائون، ڇو ته اُهي ماڻهو جي’نفس کي لذت ڏانهن مائل‘ ڪري رهيا هئا ۽ اُن جي بدران کين ماڻهن جي ’دل ۾ خداوند قدوس جو خوف‘ پيدا ڪرڻو هو، سڄي يورپ ۾ هُنن اعلان ڪيو ۽ فتوائون جاري ڪيون ته، ”من جو اُتساهه ۽ امنگ فقط اُهو جائز هو، جيڪو ماڻهوءَ کي خداوند قدوس جي ويجهو نيئي سگهي.“ اتساهه ۽ امنگ جي ٻي هرڪا صورت، ان جو ٻيو هر ڪو اظهار سندن قانون موسويءَ جي تعليم جي خلاف هو، جيڪڏهن هو پنهنجي ’مقصد عظيم‘ ۾ ڪامياب ٿين ها، ته هيءَ دنيا واقعي هڪ عجيب دنيا بنجي وڃي ها. يورپ جي دنيا جو روح، پنهنجي دائمي  ڳولا ڦولا ۽ اٿل پٿل جي بدارن، سڪي ٺوٺ ٿي، چيڀاٽجي ۽ قد بت ۾سسي اهڙو ته بيجان ۽ ايترو  ته مختصر  ۽ معمولي ٿي وڃي ها، جو هو سڄو وقت ديني موشگافين ۽ شرعي مسئلن جي ٺاهه ٺوهه  ۽ ڀڃ گهڙ ۾ صرف ڪيو، خوش ٿيو ويٺو  رهي ها. ڇاڪاڻ ته  جيڪا دنيا آزاديءَ  ۽ خوشيءَ  جي اجهل امنگن کان بهره ور نه ٿي ٿئي، سا غير آباد سڃي ۽ تخليق- دشمن دنيا  ٿي رهي ٿي، زندگي جنهن تي  ڪنهن خشڪ ۽ ٺوٺ سرشتي جو پاڇو پوي ٿو، اُن جا لڱ سڪي وڃن ٿا ۽ اُها پنگلي ۽ اپاهج بنجي وڃي ٿي.

خوش قسمتيءَ سان، يورپ مجموعي طور پاڻ کي، ڪال ويني ’ضابطي‘ ۾ ڦاسڻ کان، بچائي ويو، يورپ  نه ’صالح‘  ٿي سگهيو نه ’پروٽيسٽنٽ روم‘ يعني جينيوا وانگر، ڪال ويني خارجيت جي ارض مقدس ئي بنجي سگهيو. انساني تاريخ  جي هڪ اهڙي  ئي قديم دؤر ۾ افلاطون، ارسطوءَ ۽  فيثاغورث جو سڄو يونان پڻ ساڳئي هڪڙي نطرياتي جنونيءَ، اسپارٽا جي آمر جي مطلق ٻوسٽ کان ڪنهن طرح بچي ويو هو. ڪال ون  جي گهٽ ۽ سختي، مجموعي طور فقط يورپ جي هڪڙي ننڍي حصي ۾ ڪامياب ٿي سگهي هئي؛ ۽ خود اُتي به ڪنهن ملڪ تي ڪو گهڻو وقت اُها هلي نه سگهي هئي، ۽ ڪال جي مرڻ کان پوءِ ترت ئي گرفت ۾ نه ايندڙ حقيقتن سندس سخت گير  ’ضابطي‘ جي چيڀٽ کي ڍرو ڪري ڇڏيو. آخر ۾، جيئرا جاڳندا انساني دلين جا اُڌما ۽ امنگ بيجان  ۽ خشڪ عقيدائي اصولن  کان زور پئجي ويا. جيئن ڪا مشڪ گهڻو وقت تڻيل  حالت ۾ رهي نه سگهندي آهي، ۽ ترت ئي پنهنجي اصل جڳهه تي اچي ويندي آهي، يا جيئن ڪو جذبو دائمي طرح پنهنجي چوٽ تي بيهي  نه سگهندو آهي، تيئن روح جي دنيا ۾ ڪنهن به قسم  جي آمريت ۽ آڪرائي پنهنجي بي ترس پڪڙ ۽ ڏاڍ  کي هميشه لاءِ قائم رکي نه سگهندي آهي، تجربي ايئن به ڏيکاريو آهي ته اُها مشڪل سان پاڻ کي ڪڏهن هڪ نسل کان وڌيڪ عرصو ڪٿي قائم رکي سگهي آهي.

ڪال ون جو ڪٽر ضابطو پڻ، جيترو اُن جي قائم رهڻ جو ڊپ  هو اُن کان به جلد بدلجي هڪ جدا شيء بنجي  ويو. هونئن به اتفاق سان ڪو نظريو هڪ سؤ سالن کان پوءِ اُنهيءَ ساڳيءَ صورت ۾ قائم رهي سگهي ٿو، جهڙي صورت  ۾ اُهو شروعات  ۾ وجود ۾ آيو هو.  ايئن  برابر آهي ته اڍائي سؤ سالن جي عرصي گذرڻ کان پوءِ به، خود جين جئڪس روسو جي ڏينهن ۾، جينيوا ۾ اِنهيءَ  ڳالهه  تي گرما گرم بحث ٿي رهيو هو ته آيا ناٽڪ سماج لاءِ فائديمند هو يا نقصانڪار. ۽ اُن کي جينيوائي  معاشري ۾ داخل  ٿيڻ جي  اجازت ڏجي يا نه، اُتي اهو سوال به اڃا زير بحث هو ته ڇا ’فنون لطيف‘ بني نوع انسان جي ترقي  ۽ تهذيب  جي علامت هئا يا اُن  جي تنزل  ۽ تذليل جي! پر، درحقيقت  اُن کان گهڻو گهڻو اڳي، خود جينيوا ۾، به ڪال ويني تعصب ۽ هٺ ڌرميءَ  جا تکا نيش ٽٽي چڪا هئا، ۽ جيئن پوءِ تيئن ڪلام خداوندي  جا اُهي اُهي تعبير ۽ تفسير تسليم ٿيندا ٿي رهيا، جيڪي معاشري جي مروج انساني گهرجن لاءِ موزون ۽ فائديمند سمجهيا ويا ٿي. واڌ ۽ ترقي  جو ديوتا پنهنجن حيرت  جهڙن مقصدن  خاطر پنهنجي  ڪارندن ۽ پنهنجن وسيلن کي بدلائڻ ڄاڻي ٿو. انسان جي اَڻ کٽ ترقيءَ جو سلسلو هر معاشرتي نظام يا سرشتي کان پنهنجي استعمال لاءِ فقط اُهو ڪجهه قبول ڪري  ٿو، جنهن جي کيس  ضرورت آهي، باقي اُن جون جيڪي به شيون يا ڳالهيون، اڳتي  وڌڻ ۾ رڪاوٽ بنجن ٿيون، اُنهن کي هو ايئن ٿوڪاري اُڇلي ڇڏي ٿو. جيئن اسين ڪنهن ميوي  جي کل لآهي اُڇلي ڇڏيندا آهيون. اُن عظيم رٿا ۾ جيڪا بني نوع انسان هٿان پوري ٿي رهي آهي، هيءُ آمر يا هو آمر محض عارضي قوتون  آهن؛ ۽ جيڪو ڪو زندگيءَ  جي چؤباز رفتار کي رجعت ۽ استبدا جي لغامن ۽ آڏڙين سان روڪڻ گهري ٿو، اُهو پنهنجو مقصد  فقط هڪ اڌ دم لاءِ حاصل ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ اُها اڳي  کان به وڌيڪ  هوا تي سوار ٿي اڳتي وڌي ٿي، ڪال وينيت جي حالت ۾ به حيرت  جهڙي ڳالهه اها ٿي جو جيترو اُن انسان  جي انفرادي آزاديءَ  تي زنجير وڌا ٿي يا وجهڻ چاهيا ٿي، اوترو ئي اُن جي  ردعمل طور، يورپ ۾ سياسي آزاديءَ جا اُڌاما، خيال ۽ مقصد اُڀريا ۽ اُسريا ٿي. هالنڊُ، ڪرام ويل جو انگلنڊُ ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ٽي ملڪ هئا – ٽيئي هڪ نه ٻيءَ  صورت ۾ ڪال ون جي ڪٽر ’ضابطي‘ جي غلبي هيٺ هئا – جتي جديد آزاد خياليءَ جنم ورتو؛ ۽ اُتي ئي اِيئن ٿيو، جو حڪومت (رياست) متعلق آزاد ۽ جمهوري خيالن کي فروغ مليو. اُن ’نئين‘ دور جي سڀ کان اهم دستاويزن مان هڪ عظيم دستاويز، جنهن کي ’آمريڪا جي آزاديءَ جو پڌرنامو‘ (1776ع)  سڏيو وڃي ٿو، اُهو خود ڪال ويني ’صالحيت‘ جي پيداوار چئي سگهجي ٿو، گهڻي قدر اُن پڌرنامي جي نتيجي ۾ ئي پوءِ ٻيو ساڳيو ئي اهڙو عظيم دستاويز ’انساني ۽ شهري حقن جو فرينچ پڌرنامو‘ (1789ع) وجود ۾ آيو. انسان ذات جي تقدير ۾ هيءُ اُهو عجيب ترين انقلاب هو، جيڪو هميشه اُتي رونما ٿيندو آهي، جتي ٻه ضد اچي گڏبا آهن. يورپ جي سرزمين ۾ اُهي ملڪ جيڪي سڀ کان وڌيڪ ڪال ويني تعصب جي گرفت ۾ آيل هئا، اُهي ئي ملڪ، پوءِ روحاني سهپ ۽ رواداريءَ جا مرڪز بنيا. جن جاين ۾ ڪال ون جي ’دين‘ جو ئي قانون نافذ هو، اُتي ئي ڪاسٽيلو جي آدرش جي، آخر ۾ سوڀ ٿي. اُهو جينيوا جو شهر، جتي ڪال ون پنهنجي راءِ کان مختلف راءِ رکندڙ سرويٽس کي ساڙايو هو، اهو ئي شهر هو، جتي اڳتي هلي، والٽيئر کي جاءِ پناهه ملي سگهي هئي، جنهن کي پنهنجي زماني جو ’عدو  عيسيٰ‘ ۽ ’خدا جو دشمن‘ سڏيو ٿي ويو. هِن ’عدو عيسيٰ‘ وٽ اُتي جينيوا ۾ ئي ڪال ون جا    ’جا نشين‘، ڪالَ ون جي پنهنجيءَ جامع ديول جا واعظ، وڏي ادب  ۽ احترام سان گوڏا کوڙي وڃي ويٺا ۽ اُن ’ملحد اعظم‘ سان فلسفي جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪيائون. هوڏانهن هالنڊ ۾ وري ڊيڪارٽي (وفات 1650ع) ۽ اسپنوزا (وفات 1677ع) جهڙا ’ملحد‘، جن کي ٻئي هنڌ ڪٿي سک سان ساهه کڻڻ نصيب نه ٿي ٿيو، تن اُتي ويهي، پنهنجا جڳ مشهور ڪتاب لکيا، جن جي ڪري انسان ذات کي روايت، تقليد ۽ مذهبي پادريت جي زنجيرمان نجات حاصل ٿي سگهي. رينان (1882ع) جهڙو عقليت پسند مصنف، جنهن ڪڏهن ڪنهن معجزي جو ذڪر نه ڪيو، اُن هِن عجيب صورتحال کي واقعي هڪ معجزو سڏيو، ته اُهي شخص جيڪَي ڪٽر پروٽيسٽنٽ به هئا، سي ئي ’عقليت پسند نئين روشنيءَ‘ جي پٺ ڀرائي ۽ پذيرائي ڪري رهيا هئا. اُهي عالم ۽ مفڪر جيڪي ٻين ملڪن ۾ پنهنجن راين ۽ عقيدن سبب ملامت هيٺ هئا ۽ اذيتون ۽ عذاب سهي رهيا هئا، اُنهن اُتان ڀڄي يا لوڌجي، يورپ ۾ يا يورپ کان ٻاهر اُنهن سرزمينن ۾ وڃي ٿي پناهه ورتي، جيڪي ڪنهن دؤر ۾ ڪال ويني تعصب جا ڳڙهه شمار ٿينديون هيون. ’ٻن پاسن جو پوتاميل‘ اِنهيءَ کي ئي چئبو آهي. ضدن جو ميلاپ اِنهي کي چئي ٿو سگهجي. ڪاسٽيلو ۽ ڪال ون جي موت کان صرف ٻن صدين گذرڻ کان پوءِ، ڪاسٽيلو جا مطالبا ۽ ڪال ون جا مطالبا – برادرانه روادري هڪ طرف ۽ مذهب ٻئي طرف – ڪامل امن امان ۽ ڀائيچاري جي صورت ۾، هڪ ئي هنڌ، هالنڊ ۾، انگلنڊ ۾ ۽ آمريڪا ۾ گڏجي گذارو ڪندي ڏٺا ويا.

ڪاسٽيلو جا آدرش، ۽ پڻ ڪال ون جا آدرش، پنهنجن پنهنجن تخليق ڪارن کان پوءِ به زنده رهيا. جڏهن ڪو ماڻهو مري ٿو، تڏهن ٿوري وقت لاءِ ايِئن سمجهي سگهجي ٿو، ڄڻ هُن جو پيغام پولار ۾ گم ٿي ويو آهي، ڪي ڏهه، ويهه ٽيهه سال ممڪن آهي ته اُهو ماٺ ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ اِيئن گم ٿي وڃي، جيئن ڌرتيءَ ۾ سندس لاش پورجي ۽ گم ٿي ويو. ڪاسٽيلو جو نالو ڪنهن جي زبان تي نه رهيو، هن جا دوست ڪي مري ويا ۽ ڪي گم ٿي ويا، هن جي ڪتابن مان جيڪي ٿورا ڪجهه ڇپيا هئا، سي آهستي آهستي اڻلڀ ٿي ويا، ۽ ڪنهن به باقي سندس ڪتابن جي ڇاپڻ جي همت ڪا نه ڪئي، اِيئن ڀانئجي سگهيو ٿي ته هُن جي سڄي جدوجهد، هن جي سڄي زندگي ناڪام گذري ويئي هئي. پر، نه. تاريخ عجيب عجيب رستن سان اڳتي وڌي ٿي. ظاهري طور سندس دشمن جي مڪمل ڪاميابي، آخر ۾ خود ڪاسٽيلو جي ڪاميابيءَ  جو پيش خيمو ثابت ٿي. هالنڊ ۾ ڪال ويني نظريي جي فتح ڪجهه حد کان وڌيڪ مڪمل ٿي ويئي هئي. ڪال ويني واعظ، جيڪي جينيوا جي ڪٽر مدرسن جا دستاربند هئا، تن پنهنجي لاءِ اِهو ديني اعزاز ٿي سمجهيو ته هو اُن نئين ’فتح ڪيل‘ سرزمين ۾ خود ڪال ون کان به وڌيڪ سختيءَ سان ڪال ويني شريعت  کي نافذ ڪري ڏيکارين. مگر هتان جا نِڊر ۽ حوصله مند ماڻهو، جن خود اُنهن پنهنجي زوراور سردارن کي به سنوت ڪا نه ٿي ڏني، جن پراڻيءَ توڙي نئينءَ دنيا تي پنهنجي ڌاڪ ويهاري ڇڏي هئي، سي ترت ئي اُنهن ڪال ويني واعظن جي اُنهيءَ  سختيءَ ۽ هٺ ڌرميءَ جي خلاف ڪَن کڙا ڪرڻ ۽ اکيون ڦوٽارڻ لڳا. هي ساده دل پر سخت جان ۽ خوددار ماڻهو، جن تازو تازو پنهنجن اُنهن  موروثي حڪمران سردارن سان وڙهي، ڪافي ڪجهه سياسي آزاديون حاصل ڪيون هيون، سي اُنهن ئي آزادين کي، ضمير جي دنيا ۾، هٺ ڌرميءَ ۽ تعصب جي دٻاءَ آڏو، قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. پادري برادريءَ  جا ڪي پادري خود ڪال ويني شريعت جي ڇڙواڳ ۽ انتهائي دعوائن خلاف احتجاج ڪرڻ لڳا – اُهي پوءِ تاريخ ۾ ’احتجاجي‘ سڏجڻ لڳا، ۽ اُنهن جڏهن ڪال ويني واعظن جي اعتقادي ڪٽرپڻي ۽ تشدد جي خلاف رُوحاني هٿيارن، جي تلاش ڪرڻ شروع ڪئي، ته ترت کين پنهنجي ئي نهج جو هڪ اڳوڻو ’احتجاج‘ ياد آيو، جيڪو ڪم از ڪم مسيحيت جي ڪليسائي دنيا ۾ تاريخ جو هڪ لافاني ڪردار بنجي چڪو هو. ’ڪُونهرٽ‘ نالي هڪ آزادي پسند پادريءَ ۽ ٻين سندس ڪن پروٽيسٽنٽ ساٿين ۽ پوئلڳن پوءِ اُن شخص جا ڪتاب کوٽي ٻاهر ڪڍيا ۽ 1603ع کان وٺي اُنهن کي سندن اصلوڪيءَ زبان ۾ توڙي ڊچ ٻوليءَ جي ترجمن جي صورت ۾ ڇاپڻ شروع ڪيو. هر طرف کان فوراً انهن ڪتابن ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويو ۽ هر هنڌ اُنهن جو پوري شوق ۽ توجهه سان مطالعو شروع ٿي ويو.

ڪاسٽيلو جو سهپ ۽ رواداريءَ، فڪر ۽ ضمير جي آزاديءَ جو  آدرش، ظاهر هو ته ساڻس گڏ سندس قبر ۾ دفن ڪو نه ٿي ويو هو. اُهو جيتوڻيڪ  تنگدليءَ، روايت ۽ دهشتگرديءَ جي تَهَن هيٺان دٻجي ويو هو، پر اُن ۾ اڃا جان هئي، ۽ اُهو هاڻي  اُنهن تَهَن جي ڳرڻ سان اڳي کان اڳرو، تازو توانو، نئين سر ڦٽي نڪتو، ۽ رنگبرنگي گل جهليائين ۽ يورپ جي اُسرندڙ معاشري کي پنهنجن  شيرين ۽ زندگي بخش ميون سان مالامال ڪيائين. شخصي راءِ ۽ فڪر جي دنيا ۾ رواداريءَ جا شيدائي ڪاسٽيلو جي اڳ ڇپيل ڪتابن تي مطمئن ٿي ڪين ويٺا. هُنن پنهنجي روحاني رهبر جا اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ ٻيون خطي تحريرون، جيڪي هُن اڌ ۾ ڇڏي ڏنيون هيون، اُهي سڀ چونڊي چپوٽي گڏ ڪيون ۽ ٻاهر آنديون. اُهي هو پهريائين هالنڊ ۾ کڻي ويا، ۽ اُتان هُنن اُهي پهريائين اصل ۽ پوءِ ترجمن جي صورت ۾ شايع ڪيون – تان جو ڪاسٽيلو جي مرڻ کان ذري گهٽ پنجاهه سال پوءِ هُن جا سڀ ڪتاب ۽ سڀ متفرقه لکيتون، هڪ جامع تصنيفات جي صورت ۾ ’ڪليات ڪاسٽيلو‘ جي نالي سان منظر عام تي آنديون ويون. هيتريءَ ساريءَ اشاعت ۽ قدرشناسيءَ تي نئين سر اُٿيل ۽ ميدان ۾ آيُل ڪاسٽيلو بحث مباحثي ۽ ذڪر اذڪار جو مرڪز بنجي ويو، ۽ پهريون ڀيرو هن کي پنهنجن  شيدائين ۽ پوئلڳن جو هڪ وسيع حلقو ملي ويو. هُن جي فڪر جو اثر غير شخصي ۽ بي نام طريقي سان ته پاڻ هيڪاري اوري پري، هر هنڌ عام ٿي ويو. هُن جا خيال ٻين جي لکيتن ۾ ۽ اُنهن جي عملي جدوجهد جي صورت ۾، وري وري، ظاهر ٿيندا رهيا. آرمينيا جي ’چؤرنيا‘ شهر ۾ جڏهن هڪڙي غير بپتسمي مفڪر  کي الحاد جي ڏوهه هيٺ عدالت اڳيان آندو ويو، تڏهنِ هڪڙو پروٽيسٽنٽ پادري هڪ هٿ ۾ انجيل ۽ ٻئي هٿ ۾ ’مارٽينَس بيلَس‘ جو ڪتاب کڻي، ان ’ملحد‘ جي بچاءَ ۾ ڪورٽ آڏو هُن جو وڪيل بنجي وڃي حاضر ٿيو. خود ڊِيڪارٽي ۽ اِسپنوزا جهڙا انقلاب پسند مفڪر ڪاسٽيلو جي ڪتابن کان ئي متاثر معلوم ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪاسٽيلو جي جديد فڪري مرڪز هالنڊ ۾ ئي هي ٻيئي جديد فڪر جا حامي ۽ جديد علمي سوچ جا علمبردار ٻئي هر طرف کان لوڌجي، وڃي لڪا هئا. ۽ اُتي ئي هنن پنهنجا عالمگير نوعيت جا فڪر انگيز ڪتاب لکيا هئا، رواداريءَ جو آدرش اِيئن رڳو عالمن ۽ انسان شناس مفڪرن تائين ئي محدود ڪو نه هو. آهستي آهستي اُهو يورپ جي ذري گهٽ سڀني پروٽيسٽنٽ ملڪن جي عوام جو اعليٰ مقصد ۽ دلپسند مؤقف بنجي ويو هو، ڇو ته اُهي ديني مناظري بازن، مختلف شريعتن جي حامين، فرقيباز خطيبن، اڌ پڙهيل واعظن ۽ آپي ۽ اهنڪار جي هوا ۾ ڦوڪيل وڏ – پيٽائو پادرين، بشپن، ڪارڊينل ۽ پوپن جي بيسود بڪ بڪ ۽ مفسدانه موشگافين ۽ منافقانه حاشيه آرائين ۽ مضحڪه خيز معرڪه بازين منجهان بيزار ٿي پيا هئا. وڏي ڳالهه ته سڀ قومون ۽ سڀ ملڪ گذريل اٽڪل سؤ سالن جي لاڳيتين مذهبي جنگين ۽ دين جي نالي ۾ خونريز دنگن ۽ فسادن کان تنگ اچي چڪا هئا. تان جو هالنڊ جي اُٽريچ شهر ۾ هڪ عام ’ديني سرچاءُ‘ تي اتفاق راءِ ٿيو ۽ رواداريءَ کي ان جو بنياد بنايو ويو، ۽ ايئن، فڪر جي دنيا ۾ رواداريءَ پنهنجو هڪ پائدار عملي روپ ڌاري، هن پختيءَ ۽ مضبوط ڌرتيءَ تي پنهنجون پاڙون پڪيون ڪري اچي بيٺَي. ڪاسٽيلو، جيڪا فرانس جي حڪمرانن ۽ اُنهن سان گڏ يورپ جي سڀني بادشاهن کي آخر ۾ هڪ نهايت تيز، ڇڀندڙ ۽ جذباتي ’اپيل‘ ڪئي هئي ته هو هڪٻئي جي راين جو احترام ڪن ۽ هڪٻئي کي پنهنجي پنهنجي ايمان تي هلڻ ڏين، اُها هاڻي يورپ جي جاڳيل ۽ آزاد عوام جي ڪنن تائين پهتي هئي، ۽ اُن کي هُنن پنهنجي هينئين سان هنڊايو ۽ پنهنجن قانونن ۾ درج ڪيو، ۽ ايئن دلي ۽ عملي طور هُنن اُن کي قبول ڪري ورتو هو. يورپ جي هِن ننڍڙي شهر اُٽريچ منجهان اِيئن هر نظريي، هر فرقي ۽ هر راءِ لاءِ سهپ ۽ رواداريءَ جو خيال، انساني صلح جوئيءَ جو هڪ بنيادي ۽ اڻ گس وسيلي جي صورت اختيار ڪري، سڄيءَ دنيا جي انسان دوست شخصن جو هڪ محبوب ترين خيال ۽ هڪ اعليٰ ترين آدرش بنجي ويو، ۽ سڀيئي ملڪ هڪٻئي پٺيان، فڪر جي دنيا ۾ عمومي طور ۽ مذهبي فڪر جي سلسلي ۾ خاص طرح، راين ۽ عقيدن جي دٻاءَ ۽ اُنهن لاءِ ڪنهن به قسم جي سزا ۽ اَذيت کي غير انساني روش سمجهڻ لڳا ۽ اُن کي نندڻ لڳا. آخرڪار 1789ع جي فرينچ انقلاب ۾ ’فرد جا حق‘ تسليم ڪيا ويا ۽ اُنهن کي قانوني ضمانت ڏني ويئي، ۽ سڄيءَ دنيا کي شاهد بڻائي، اعلان ڪيو ويو ته، ”انسان آزاد ۽ مساوي حيثيت ۾ ڄاوا آهن، ۽ هُنن کي حق آهي ته هو، سواءِ ڪنهن خوف ۽ دٻاءَ  جي، پنهنجا پنهنجا خيال ظاهر ڪن ۽ پنهنجي پنهنجي ايمان جو اعلان ڪن.“ تان  جو ڪاسٽيلو جي وفات کي اڃا ٽين صدي گذري ئي ڪا نه، يعني اوڻيهين صدي اڃا شروع ئي مس ٿي، ته آزاديءَ جو خيال ۽ آزاديءَ جو آدرش – قومن جي آزاديءَ جو، فردن جي آزاديءَ جو، خيالن جي آزادي جو – سموريءَ  مهذب دنيا ۾ هڪ ڪڏهن رد نه ٿيندڙ ۽ سدا موجود انساني حقَ جي حيثيت ۾ اِيئن مڃيو ويو، جيئن خود هر انسان جو هِن ڌرتيءَ تي رهڻ جو حق آهي، اُ ن جي هوا ۾ ساهه کڻڻ جو حق آهي ۽ مرڻ کان پوءِ اُن جي وجود سان ملي هڪُ ٿي وڃڻ جو حق آهي.

 

نوٽ (ڏسو ڪتاب جو صفحو 267)

 

ڪتاب سان لاڳاپيل مکيه تاريخون ۽ واقعا

1505ع: جان ناڪس جو جنم، - ڪالويني شريعت جو اسڪاٽلنڊ ۾ مبلغ.

1509ع: 10 جولاءِ تي فرانس جي ’نويون‘ شهر ۾ ڪال ون جو جنم.

1509ع: يا 1511ع: اسپين جي شهر ٽيوڊيلا يا ولانووا ۾ مائيڪل سرويٽس جو جنم – هن جي جنم جي سال يا جاءِ جي پوري خبر ڪانهي.

1515ع: فرانس جي ڊافن پرڳڻي جي سينٽ مارٽن ڊيوفرين ڳوٺ ۾ سيباسٽيان ڪاسٽيلو جو جنم.

1517ع: پوپ جي ’معافي نامن‘ خلاف مارٽن ليوٿر جا ’پنجانوي دليل‘ جرمنيءَ جي وٽنبرگ شهر ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.

1519ع:     ڊي باز، جون جي 24 تاريخ تي، ويزلي شهر ۾ ڄائو.

1520ع: پوپ طرفان ليوٿر جي ڪفر جي فتويٰ ڪڍي، کيس مسيحي امت مان خارج ڪيو ويو.

1531ع: سرويٽس جو ڪتاب ’تثليثي بدعت ۽ مسيحي نجات‘ ڇپجي پڌرو ٿيو. – آڪٽوبر جي 11 تاريخ تي زونگلي لڙائيءَ ۾ وڙهندي فوت ٿيو.

1534ع: برنارڊينو اوچينو، 48 ورهين جي ڄمار ۾، ڪَپُوچن راهبن جي جماعت ۾ شامل ٿيو.

1536ع: مارچ ۾، ڪال ون جو ڪتاب ’نظام دين مسيح‘ باسيل شهر ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

1536ع:  جولاءِ 12 تاريخ، باسيل شهر ۾ اِرئسمس وفات ڪئي.

        سيپٽمبر جي 5 تاريخ تي، ڪال ون جينيوا جو مير واعظ مقرر ٿيو ۽ جينيوا جي شهر واسين انجيل مقدس ۽ عين اُن جي آيتن سڳورين پٽاندر زندگي گذارڻ جو عهد ڪيو.

1537ع: 23 اپريل تي جينيوا جي شهرين عام اجتماع ۾ فيصلو ڪيو ته ڪال ون ۽ فاريل جينيوا مان نڪري وڃن. – ڪال ون اُن فيصلي پٽاندر جينيوا ڇڏي اسٽرئسبرگ شهر ۾ وڃي رهيو.

1539ع: فرانس ۾ مارٽن ليوٿر جي پوئلڳن خلاف عام حڪمنامو.

1540ع: جنوريءَ ۾ ليوٿر جي ٽن پوئلڳن کي فرانس جي شهر ليانس ۾ جيئري جلايو ويو. – ڪاسٽيلو مخفي طرح ڪئٿولڪ مان ڦري پروٽيسٽنٽ ٿيو، ۽ بهار جي موسم ۾ ليانس مان نڪري اسٽرئسبرگ شهر ڏانهن ويو. – ڪال ون جي ’نظام دين مسيح‘ جو فرينچ ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو.

1541ع: ڪال ون ، سيپٽمبر 13 تاريخ، جينيوا جي شهري ڪائونسل جي خاص دعوت تي واپس آيو ۽ جينيوا ۾ هن جي پرجوش آجيان ٿي.

1542ع: ڪاسٽيلو کي 23 مارچ تي جينيوا جي ڪاليج جو ريڪٽر (پرنسيپال) ۽ شهر جي ٻهراڙيءَ ۾ وئنڊيرس جي ديول جو خطيب مقرر ڪيو ويو. – ڪاسٽيلوجو ڪتاب ’آسان لاطيني رهبر‘ لاطيني ۽ فرينچ ٻولين ۾ شايع ٿيو. – برنارڊو اوچينو تي لوٿر جي پوئلڳ هجڻ جي چغلي هنئي ويئي ۽ هو ’مقدس ديني عدالت‘ جي خوف کان اٽليءَ مان ڀڄي نڪتو.

1542 -1547ع: اوچينو باسيل ۽ آگسبرگ شهرن ۾ رهيو.

1543ع: جينيوا ۾ پليگ جي وبا، ڪال ون ۽ ٻين واعظين وبائي اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪيو. – 15 ڊسمبر تي جينيوا جي شهري ڪائونسل ڪاسٽيلو کي واعظ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

1544ع: ڪال ون جي ڪاسٽيلو جي خلاف ڇهه مهينا لاڳيتي ڪوشش، جنهن تي ڪاسٽيلو استعفا ڏيڻ جي پيشڪش ڪري ٿو– جولاءِ ۾ ڪاسٽيلو کي وئنڊيرس جي ديول ۾وعظ ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ هن کي جينيوا ڪاليج جي پرنسپاليءَ جي درجي تان هٽايو ويو– جولاءِ – آگسٽ ۾، ڪاسٽيلو جينيوا کي خيرباد چئي، ”برن“ شهر ڏانهن وڃي ٿو ۽ آخرڪار باسيل شهر ۾ وڃي رهي ٿو.

1546ع: ليوٿر جو موت – جنوريءَ يا فيبروريءَ ۾ سرويٽس؛ ڪال ون سان خط و ڪتابت شروع ڪري ٿو. ڪال ون پنهنجي ’نظام دين مسيح‘ تي سرويٽس جي نڪته چينيءَ کان هن تي سخت ڪاوڙيو، ۽ فاريل کي لکيائين: ”....جيڪڏهن هڪ ڀيرو هڪ (سرويٽس) هتي آيو، ته ..... آءٌ هن جو اهڙو بندوبست ڪندس، جو هتان هو جيئرو موٽي ٻاهر نه وڃي سگهندو.“

1553ع: سرويٽس جي ڪتاب ’احيائي دين مسيح‘ جي لڪ چوريءَ ۾ اشاعت – فيبروريءَ ۾، ڪال ون جينيوا مان گالين ٽرائي هٿان خط لکائي، ليانس جي ڪئٿولڪ ديني اختياريءَ وارن وٽ سرويٽس  کي پڌرو ڪرائي ٿو. – اپريل جي ستين تاريخ تي سرويٽس (شايد اختياريءَ وارن جي چشم پوشيءَ سان) ليانس جي ڪئٿولڪ جيل مان ڀڄي نڪري ٿو– جون جي ئي 17 تاريخ تي، ليانس ۾ سرويٽس جي بوتي کي، هن جي ’احياي دين مسيح‘ ۽ ٻين ڪتابن سان گڏ ساڙيو وڃي ٿو– آچر 13 آگسٽ تي سرويٽس کي جينيوا ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو– 27 آڪٽوبر تي سرويٽس کي جينيوا جي ڀرسان چئمپل ٽڪريءَ تي جيئري ساڙيو وڃي ٿو.

1554ع:                   اوچينو جي باسيل ۽ زيورچ ۾ رهائش.

1554ع: فيبروريءَ جي آخر ۾، سرويٽس جي معاملي ۾ ڪال ون پنهنجي بچاءَ جو پهريون ڪتاب، پهرين لاطينيءَ ۽ پوءِ فرينچ ٻوليءَ ۾ - ’سرويٽس جي خطرناڪ الحاد خلاف سچي ايمان ۽ تثليث مقدس جو بچاءَ‘ جي نالي سان – جينيوا ۾، شايع ڪرايو– مارچ ۾ ڪاسٽيلو جو ڪتاب ’مسئله ملاحده‘ ’مارٽينس بيلس‘ مصنف جي لڪل نالي سان شايع ٿيو– مارچ جي  28 تاريخ تي ڪال ون ’مسئله ملاحده‘ بابت سئٽزرلينڊ جي سڀني ڪليسائن کي لکي موڪليو ته اُن کي جتي ڏسن، اُتي ضبط ڪن. زيورچ جي ڪليسائي سربراهه بُلنگر کي لکيائين ته، ’هر صورت ۾ ڪتاب جي لکندڙن، ڪاسٽيلو ۽ ڪيورو، جو وات بند ڪيو وڃي.‘ – سيپٽمبر ۾ ڊي باز جو ڪتاب ’تعزير نامو‘ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪتاب جي ’اصل لکندڙ‘ تي ڪفر جي فتويٰ جاري ڪري، مطالبو ڪيو ويو ته ’دهرين ۽ ملحدن کي جوڳي سزا ڏيڻ سول (ملڪي) اختياريءَ  وارن جي..... ذميداري آهي.‘– ڪاسٽيلو، جواب طور، ’فريادنامو‘ نالي ڪتاب لکيو، جو تقريباً 60 سال پوءِ پهريون ڀيرو ’ڪال ون جو گناهه عظيم‘ جي نالي سان ائمسٽرڊيم شهر ۾ ڇپجي سگهيو.

1560ع: اپريل 19 تي ملينشان (مارٽن ليوٿر جي دست راست) وفات ڪئي.

1563ع: ڪاسٽيلو ’شڪ ڄاڻ جي ڪُنجي آهي‘ نالي ڪتاب لکيو، پر اُن کي شايع ڪرائي نه سگهيو. – ڪاسٽيلو جو ڪتاب ’فرانس جي شهرين کي سهڻي صلاح‘ ڇپجي پڌرو ٿيو.

1563ع: ڊي باز، جينيوا ۾، باسيل شهر جي اختياريءَ وارن جي نالي ’اپيل‘ تيار ڪئي ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرائي ڪئي ڪتاب جو عنوان هو ’شيطان جي ڇاڙتي سيباسٽيان ڪاسٽيلو جي محافظن جي ذميداري.‘ – اوچينيو جو ڪتاب ’چاليهه مسئلا‘ شايع ٿيو.

        - نومبر مهيني ۾، باسيل شهر جي اختياريءَ وارن وٽ، دستوري صورت ۾، ڪاسٽيلو جي خلاف مسيح دشمنيءَ جي الزام هيٺ فردِ جرم پيش ڪيو ويو.

        - 29 ڊسمبر تي، باسيل شهر ۾ ڪاسٽيلو وفات ڪئي.

1564ع: مئي جي 27 تاريخ تي، جينيوا ۾، ڪال ون وفات ڪئي.

1564ع: ڊي باز، ڪال ون جي جاءِ تي جينيوا جو مير واعظ مقرر ٿيو.

1564ع: يا 1565ع: موري ويا (هنگريءَ) ۾ برنارڊينو اوچينيو فوت ٿيو.

1572ع: سينيٽ بارٿلمو جو ڪوس عمل ۾ آيو – آگسٽ 24 تاريخ تي، جنهن ۾ ويهه هزار (ڪي چون ٿا ته هڪ لک) پروٽيسٽنٽ (پاڻ کي ’هيو گناٽ‘ چورائڻ وارا) فرانس ۾ قتل ڪيا ويا.

1575ع: جرمنيءَ ۾ ٽيهن سالن جي مذهبي جنگين جو خاتمو ٿيو، جن ۾ هڪ اندازي موجب، جرمنيءَ جو اڌ آدم مارجي ويو. – هن جنگ ۾ جرمنيءَ جو وچون طبقو ۽ پورهيت عوام پروٽيسٽنٽ شريعت جا حامي هئا ۽ جرمنيءَ جا نواب ۽ جاگيردار سندن بادشاهه سميت ڪئٿولڪ شريعت يعني پوپ جي پاسي هئا.

1598ع: فرانس جي چاليهن سالن جي مذهبي جنگين جو خاتمو ٿيو، جن ۾ هڪ اندازي موجب، ڏهن لکن کان به وڌيڪ ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ فرينچ جانيون ضايع ٿيون.– مذهبي صلح ۽ رواداريءَ جي حمايتيءَ، فرانس جي بادشاهه، هينريءَ جي تحريڪ سان، ٻنهي ڌرين ۾ ’نئنٽيز جو مذهبي صلح نامو‘ عمل ۾ آيو. هنن جنگين ۾ فرانس جي عام خلق، سندن بادشاهه سميت، پوپ جي حمايت ۾ ڪئٿولڪ ڌر سان ۽ فرانس جو وچون طبقو ۽ اتان جا امير ۽ جاگيردار پروٽيسٽنٽ ڌر سان بيٺل هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org