سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:6 

پر ڳالهه جي ايتريءَ  حد تي حيرت ۾ پئجي، هيءُ سوال پڇي سگهجي ٿو ته آخر هن شهر جا رهواسي، جيڪي ڪيترن نسلن کان آزادي ۽ رعيتي راڄ جي ماحول ۾ رهندا ٿي آيا ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي مضبوط روايتن جا مالڪ پڻ هئا، ۽ وڏي ڳالهه  ته سڄي يورپ ۾ پنهنجي خوشطبعيءَ ۽ حوصلي کان مشهور هئا، سي ڪيئن اهڙي هڪ ايڏيءَ تنگدل ۽ ڪٺور آمريت کي قبول ڪري ٿي سگهيا، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي سڀني خوشين  جي ايئن گهٽجڻ ۽ پائمال ٿيڻ چپ چاپ برداشت ڪري ٿي سگهيا؟ ڇو ڪال ون جهڙو هڪڙو خشڪ، تپسيائي ۽ خود خيال شخص مٿن ايڏي اختيار جو صاحب بنجي ويو، جو سندن زندگين مان خوشي جنهن جو نالو هو، سا سڄي جي سڄي ايئن ختم ڪرائي ڇڏيائين، ڄڻ اُها هنن وٽ هئي ئي ڪانه! بهرحال، ڪال ون جو ان  ۾ ڪو نئون ڪمال ڪونه هو هن جي سڄي مهارت اها هئي، جيڪا سڀ آمر کانئس اڳ ۽ کانئس پوءِ پڻ استعمال ڪندا آيا آهن. يعني، دهشت جي مهارت، ڪال ون جي هٿ ۾ مقدس دهشت جو هٿيار هو ۽ سندن سڄي مهارت اُن جي ڪامياب استعمال ۾ هئي. اسان کي هن سلسلي ۾ اصل ۽ سچيءَ ڳالهه کي دٻائڻ نه گهرجي: دراصل زور، جيڪو  ڪابه حد نه ٿو سڃاڻي ۽ انساني ڪهل کي ڪمزوري سڏي ٿو، سو ترت ئي ايترو وڌي وڃي ٿو ۽ پير پختا ڪري بيهي ٿو، جو اُهو پوءِ ڪنهن جي جهل جو نه ٿو رهي، ۽ واقعي اَجيت بنجي وڃي ٿو. دهشت جو پاڻڀرو ۽ منظم راڄ جلد ئي ماڻهوءَ جي انفرادي ارادي کي سڪائي، نستو ڪري ٿو ڇڏي، جنهن ڪري انساني اجتماعي زندگي ئي ناممڪن بڻجي وڃي ٿي. هڪ کائيندڙ بيماريءَ وانگر، اُهو روح کي ٽُڪيندو رهي ٿو؛ ۽- هن ۾ ئي ڳالهه جو راز آهي-ترت ئي پوءِ، عام بزدليءَ سبب آمر کي هر هنڌ اڻڪوٺيا مددگار ملي وڃن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن سڀڪو ماڻهو پاڻ کي شڪ هيٺ ۽ پنهنجي حالت غير سلامت ڏسي ٿو، تڏهن هو وري پنهنجن پاڙي وارن تي اُن لاءِ شڪ ڪرڻ لڳي ٿو؛ ۽ پوءِ خوف وچان پاڻ اڳي ڪرڻ وارا پنهنجي ظالم فرمانروا جي – حڪمنامن، منع نامن جي، ٻه وکون اڳتي وڌي، وڪالت ڪن  ٿا ۽ اُنهن کي ٻين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ايئن ئي ظالم جا هٿيا بنجي ٻين لاءِ عذاب ثابت ٿين ٿا.

دهشت جي منظم استعمال سان معجزا به عمل ۾ آڻي سگهبا آهن، ۽ جڏهن ڪال ون کي پنهنجو اختيار خطري ۾ڏسڻ ۾آيو، تڏهن هو به بار بار اُهي معجزا عمل ۾ آڻيندو رهيو. هن ڳالهه ۾ تاريخ جا تمام ڪي ٿورا ظالم حڪمران ٿيا آهن، جيڪي ڪال ون کان زور پئجي سگهيا هجن؛ ۽ اهو به هن جي بچاءَ ۾ ڪو دليل نه ٿو ٿي سگهي ته هن جو تشدد ۽ استبداد، هن جي ٻين سڀني صفتن وانگر، هن جي نظريي جو هڪ منطقي نتيجو هو. اِيئن برابر هو، ته هن روحاني شخص، هن بزر گ، جرئتمند شخص، هن ايڏي ذهن جي صاحب کي رتو ڇاڻ کان نفرت هوندي هئي؛ ۽ جيئن پاڻ کُلي طرح مڃيو اٿس، هو اکين سان ڪنهن تي ڪو ايذاءُ ٿيندي ڏسي به نه سگهندو هو، ۽ اِنهي ڪري جينيوا ۾ پنهنجي حڪمرانيءَ جي دور ۾ جيڪي به بار بار ماڻهن کي موت جون سزائون مليون، تن مان ڪنهن هڪ ڀيري به هن ڪنهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي يا جيئري باهه ۾ جلائي مارڻ جو نظارو پنهنجي اکين سان  ڪونه ڏٺو پر ڪٽر ۽ جنوني نظريي بازن جي خطرناڪ ۾ خطرناڪ خرابي هوندي به اها ئي آهي. هن قسم جا ماڻهو، جيڪي ڪنهن جي مارجڻ جو نظارو اکين سان ڏسن ته ڦسي پون، ۽ جيڪي خواب ۾ به هوند ڪنهن کي پنهنجي هٿن سان پاڻ ماري نه سگهن، سي جڏهن پنهنجي ”خيال “ پنهنجي نظريي، پنهنجي ڪنهن سرشتي يا نظام جي مفاد ۾ ضروري سمجهن ٿا، ته، بيٺي بيٺي، سون بلڪ هزارن جي موت جا حڪم سواءِ ڪنهن خاص خيال جي، ايئن جاري ڪري ڇڏين ٿا، ڄڻ اُها ڪا لازمي ۽ معمولي ڳالهه هئي، جيڪا کين ڪرڻي هئي! ڪال ون پنهنجي ”نظام“ جي ڪاميابيءَ لاءِ ”گنهگارن“ تي سختي ڪرڻ بيحد ضروري ٿي سمجهي؛ ۽ هن پنهنجي اُن نظام کي عملي طور رائج ڪرڻ، پنهنجي فڪري نظريي جي خيال کان، پاڻ تي خدا جي عائد ڪيل وڏي ۾ وڏو فرض ٿي سمجهيو. اِنهيءَ  ئي سبب جي ڪري، هن کي، پنهنجي طبيعت جي برخلاف، پنهنجي انساني رحم جي دلي اُڌمن کي ٻوساٽي دفن ڪري ڇڏڻو پيو،۽ اُن جي عيوض کيس پنهنجي طبيعت کي بي ترسيءَ ۽ ڪٺورپڻي جي باقاعدي تربيت ڏيئي، اُنهن تي پاڻ کي هيرائڻو پيو، هن لاءِ سختي، سنگدلي ۽ اڏول ضد ڄڻ ڪي لطيف فن هئا، جيڪي هن کي پوءِ سلسليوار سکڻا پيا ۽ جن ۾ پوءِ هن پوري استعمالي حاصل ڪئي.

”آءٌ سختي تي پاڻ کي هيرايان ٿو، اِنهيءَ لاءِ ته چوڌاري جيڪا بدڪاري موجود آهي، اُن جي خلاف آءٌ بهتر نموني جنگ جاري ڪري سگهانَ “ هي ڪال ون جا پنهنجا لفظ آهن. اسان کي واقعي انڪار نه ٿو ٿي سگهي ته هيءُ لوهه جهڙو سخت ارادي جو ماڻهو، ايئن پنهنجي مٿان ضابطو رکي، پاڻ کي بي رحم بنائڻ ۾وڏيءَ خطرناڪ حد تائين ڪامياب ٿيو. هن صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي، هيءُ پڻ اعلان ڪيو ته ”آءٌ چاهيان ٿو ته ڪو معصوم ڀل ته سزا کائي، پر ايئن هر گز نه ٿيڻ گهرجي، جو ڪو بدڪار خدائي فيصلي کان بچي وڃي!“ جڏهن ڪيترن موت جي سزا هيٺ آيل، ”بدڪارن“ مان، جلاد جي غلطيءَ سبب، هڪ بد نصيب جو موت ايڏو انگهي پيو، جو مرندي مرندي، هُن کي بيحد گهڻا ايذاءُ سهڻا پيا، تڏهن ڪال ون اُن مان نصيحت جا نڪتا ڪڍندي، فاريل کي لکيو ته”ايئن منشائي خداونديءَ کان سواءَ هرگز نه ٿيو هوندو، جو موت جي سزا واري هڪڙي گنگهار کي مرڻ کان اڳ ايڏن عذابن جي سزا سهڻي پيئي! بدڪارن لاءِ ان ۾ وڏو عبرت جو سامان آهي....“ سزائن جي نوعيت متعلق ڪال ون جي راءِ هيءَ هئي ته ”جتي خدائي بالا و برتر جي تقدس ۽ عظمت“ جو سوال هجي، اُتي بيحد نرم ٿيڻ کان بيحد سخت ٿيڻ بهتر آهي: انساني اعمالن کي ”ڪليسائي ضابطي“ هيٺ آڻڻ لاءِ سواءِ سخت ترين سيکت جي ٻيو ڪو رستو ئي ڪو نه هو.

جنهن شريعت ۾  مسيحيت بدلجي بي ترسي ۽ ڪٺورتا ٿي پوي، ۽ خدا جي تقدس ۽ عظمت کي اِيئن دائمي بچاءَ جي ضرورت درپيش هجي، اُن شريعت جا سماج  ۾ ڪهڙا خونخوار اثر پيدا ٿي سگهن ٿا، اُن جو اندازو آسانيءَ سان لڳي سگهي ٿو. ڪال ون جي پهرين پنجن سالن جي راڄ ۾، جينيوا جي شهر ۾، جنهن جي آدمشماري ڪا ايڏي گهڻي  ڪانه هئي، تيرهن شخصن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، ڏهن جي سسي لاٿي ويئي، پنجٽيهن کي جيئري جلايو ويو، ۽ ڇاهتر شخصن کي پنهنجن گهرن مان ڪڍي، شهر مان لوڌي ’ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي. اِن کان سوءِ ڪيترائي، دهشت ۾ وٺجي پنهنجو پاڻ شهر کي خيرباد چئي، پنهنجا گهر ڇڏي، پرديس ۾ ڪنهن هنڌ پناهگزين  ٿيا. ڪال ون جي ”نئين يروشلم“ جا جيل به ايڏا ته ماڻهن سان ڀرجي ويا هئا، جو هيڊ جيلر لاچار ماجسٽريٽن کي اطلاع ڏيڻ مناسب سمجهيو ته وڌيڪ قيدين لاءِ جينيوا جي قيد خانن ۾ جڳهه ڪانه هئي. جيلن جي اندر سزا پاتل توڙي بي دريافتن قيدين کي ايڏءِ ته ايذاءَ ڏنا ويندا هئا، جو جڏهن وڌيڪ اُهي سهي نه سگهندا هئا تڏهن، وجهه وٺي، هو پنهنجن هٿن سان پاڻ کي ماري ڇڏيندا هئا. ايتري قدر جو شهري ڪائونسل کي حڪم ڪڍڻو پيو ته”اهڙن واقعن کي بند ڪرڻ لاءِ، قيدين کي ڏينهن رات هٿڪڙيون پارايون وڃن.“ ڪال ون هنن سڀني حيواني ڪارستانين خلاف وات مان هڪ لفظ  نه ڪڇيو. واقعي شهر کي اهڙي’نظام‘ ۽ ضابطي جي نعمت واسطي ڏاڍي خطرناڪ قيمت ٿي ادا ڪرڻي پيئي؛ ڇاڪاڻ ته جينيوا ۾ڪڏهن به ايتريون موت جون سزائون، ايترا قيد ۽ ايترا اُتان جا ايذاءُ ۽ جٺيون ۽ ايتريون ڏيهه نيڪاليون ماڻهن نه ڏٺيون هيون، جيتريون ڪال ون جي دور حڪومت ۾، جيڪا هو خدا جي نالي ۾ ۽ ڌرتيءَ تي اُن جي بادشاهت قائم ڪرڻ لاءِ هلائي رهيو هو.

پر، خاص طرح، رڳو هنن حيواني  سزائن، ڦاسين ۽ عذابن وسيلي ئي، ڪال ون جينيوا جي شهرين جي آزاديءَ جا اُمنگ ڪونه ٿي گهٽيا ۽ ختم ڪيا؛ اُن لاءِ هن گهڻي قدر سلسليوار ننڍين ننڍين سزائن، خسيس خسيس اذيتن ۽ تڪليفن ۽ روزاني ڊپ ۽ هيبت کان ئي ڪم ورتو ٿي. اُن زماني جا جڏهن اسين احوال پڙهون ٿا ۽ معلوم ڪريون ٿا، ته ڪهڙين ڪهڙين معموليءَ کان معمولي ڳالهين سان ڪال ون جي اُن نامياري ”ڪليسائي ضابطي“ جو واسطو رهيوٿي، ته پهرين نظر ۾ ته اسان کي اُن سڄيءَ سندس ڪوشش تي کل اچيو ٿي وڃي، پر دراصل انهن ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ جيهان ڪال ون جي جيڪا تز مهارت رکيل هئي، اُن کي گهٽ سمجهڻ اسان جي پنهنجي غلطي ٿيندي. دراصل هن سوچي سمجهي ماڻهن مٿان پنهنجي بندش جي ڄار کي ايترو ته سنهو اُڻڻ ٿي چاهيو، جو اُن مان ڪا به ”مڇي“ بچي ٻاهر نڪري نه سگهي! اُهي بندشون هن، پوري طرح سوچيل سمجهيل مقصد سان، جيوت جي ننڍين ننڍين ڳالهين تي وجهڻ ٿي گهريون ته جيئن هر ڪو ماڻهو هر گهڙي ضمير جي ملامت هيٺ رهي، ۽ قادر مطلق جي ڄاڻڻهاري اختيار جي هيبت آڏو پاڻ کي سدائين بيوس ۽ هيچ سمجهي. ڇو ته آڏو رستي تي جيتريون گهڻيون رڪاوٽون رکيل هونديون، اوترو اسان لاءِ پنهنجي مرضيءَ سان ۽ بي پرواهه بنجي، اڳتي وڌڻ مشڪل ٿيندو ۽ واقعي ٿيو به ايئن، جو جينيوا ۾ ڪنهن به پاڻ کي گناهه کان ڇٽل ۽ سزا جي باري ۾سلامت نه ٿي سمجهيو. ڇو ته ’محڪمي‘ طرفان اِهو اعلان ٿي چڪو هو ته هر انسان جيترا ڀيرا ساهه کڻي ٿو، تقريباً اوترائي ڀيرا هو گناهه ڪري ٿو.

اِن سلسلي ۾، اسين شهري ڪائونسل جي  ڪارگذارين جا روزنامچا اٿلائي، پڙهي ۽ معلوم ڪري سگهون ٿا ته ماڻهن کي ’ضابطي‘ ۾ رکڻ لاءِ، حضرت ڪال ون جي ’محڪمي امور مذهبي‘جي هيبيت انگيزيءَ جا ڪهڙا قابلڪاري طريقا عمل ۾ هوندا هئا. هڪڙي شهريءَ کان، نئين ڄاول ٻار جي بپتسمي جي موقعي تي، جڏهن ٻار تي مسيحي نالو رکي اُن کي مسيحي امت ۾ داخل ڪيو ويندو آهي، کل نڪري ويئي: سزا ٽي ڏينهن قيد، ٻئي شهريءَ کي اونهاري جي هڪڙي گرم ڏينهن تي ٿڪ سبب ديول ۾ وعظ هلندي ننڊ وٺي ويئي، سزا جيل: ڪن پورهيتن نيرن تي مٺو سيرو کاڌو، سزا- ٽي ڏينهن قيد. ٽي ڏينهن، ٺلهي پاڻيءَ سان رُکي ماني. ٻن شهرين نشاني بازيءَ جي راند ڪئي: سزا- جيل. ٻين ٻن شهرين شراب جي پاءُ بوتل وچ تي شرط طور رکي، ڍاري راند ڪئي: سزا جيل. هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي پٽ تي ابراهم نالو رکڻ نه ڏنو: سزا- جيل، هڪڙي انڌي سازڪار گهٽيءَ ۾ ناچ جي ڌُن وڄائي: سزا شهر نيڪالي. ٻئي هڪڙي شهريءَ ڪاسٽيلو جي ڪيل انجيل جي ترجمي جي ساراهه ڪئي؛ سزا- ڏيهه نيڪالي. هڪڙي ڇوڪريءَ کي برف تي ڊوڙندي جهليو ويو، هڪڙيءَ رن زال کي پنهنجي مڙس جي قبر تي روئندي ڏٺو ويو، هڪڙي شهريءَ ديول ۾ وعظ هلندي ڀر ۾ ويٺل دوست کي ناس جي چپٽي ڏني؛ اُهي سڀ ’محڪمي‘ جي ”روحاني عدالت‘ آڏو پيش ڪيا ويا، جتي کين تنبيهه ڪئي وئي ۽ هڪ ڏينهن جو روزو رکي ڪفاري ادا ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ويئي. بس ايئن سزا ۽ سزا، سزائن جو ڇيهه نه هو. ڪن خوش طبع شخصن گڏجي کائڻ کان اڳ ڪيڪ ۾ پستن عوض ساوا مٽر رکيا: سزا چوويهه ڪلاڪ رکي ماني ۽ ٺلهو پاڻي. هڪڙي شهريءَ ڪال ون لاءِ مولانا (Maitre) بدران پادري (padre) لفظ استعمال ڪيو؛ هڪڙن ٻن هارين، قديم رسم جي پيروي ڪندي، آچر ڏينهن ديول مان ٻاهر ايندي، هڪٻئي سان مال جي سودي جون ڳالهيون ڪيون، سڀني کي سزا- جيل، جيل. ٻن ماڻهن پتي راند ڪئي: ٻنهي کي ڪاٺ ۾ وجهي، تاس جي پتن کي هر هڪ جي ڳچيءَ سان ٻڌي، سڄو  ڏينهن وڏي رستي جي چونڪ تي ويهاريو ويو. هڪڙي ماڻهو گهٽيءَ ۾ ويندي دنيوي قسم جي ڪنهن راڳ جي مصرع ڳائي وڌي: سزا- ڪٿي ٻئي هنڌ وڃي اهڙا اگهاڙا راڳ ڳائي، معنيٰ ته شهر بدر. ٻه شهري، شهر جي وچ رستي تي، پاڻ ۾ وڙهي پيا، ٻنهي مان ڪو ڦٽيو به ڪونه: پر سزا- ٻنهي کي ڦاسي! ٻن ڇوڪرن هڪٻئي سان فعل ڪيو، سزا- جيئري جلايا وڃن پر پوءِ سزا بدلائي، جنهن ڪاٺين جي آڙاهه ۾کين سڙي مرڻو هو، اُن جي اڳيان ٻڌي، کين ويهاريو وڃي، ته اُن کي جلي رک ٿيندي ڏسن ۽ عبرت وٺن!

سڀ کان وڌيڪ حيواني  سزائون اُنهن ڏوهارين لاءِ مخصوص هونديون هيون، جيڪي پنهنجي ڪنهن عمل سان ڪال ون جي سياسي ۽ روحاني همه دانيءَ ۾شڪ ڪندا هئا. هڪڙي ماڻهوءَ کي، جنهن کُلئي عام اعليٰ حضرت جيهان ڪال ون جي پيش ڪيل ”تقدير جي نظريي“ خلاف احتجاج ڪيو هو ۽ اُن کي غلط سڏيو هو، کيس شهر جي سڀني چونڪن تي بيهاري، بي ترسيءَ سان ڦٽڪا هڻايا ويا ۽ پوءِ هن کي شهر بدر ڪيو ويو. هڪڙي ڪتابن جي ڇاپيندڙ کي، جنهن ڪو چُڪو جينيوا جي ڳاڙهي شراب جو پي، ڪال ون جي شان ۾گستاخي ڪئي هئي ۽ اُن کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو، تنهنجي زبان ۾ ڳاڙهي تتل لوهي سيخ سان ٽنگ ڪري، شهر بدر ڪيو ويو. جئڪس گرٽ نالي هڪ شخص، جنهن ڪال ون کي رڳو ”منافق“ سڏيو هو، تنهن کي شڪنجي ۾ وڌو ويو ۽ اُن کي ڪشي ڪشي، هن جون ٻانهون ۽ ڄنگهون ڌڙ کان ڇني ڌار ڪيون ويون، ۽ پوءِ ڌڪ هڻي هن جي سسي به ڌڙ کان ڌار ڪئي وئي. ”محڪمي“ جي رڪارڊ ۾ هر شهريءَ جو ننڍي ۾ ننڍو ڏوهه به پوري تفصيل سان داخل ڪيو ويندو هو، ته جيئن اُهو سندس ذاتي زندگيءَ جي سلسلي ۾ ثابتيءَ طور مناسب وقت تي هن جي خلاف استعمال ڪيو وڃي.

اهڙين حالتن ۾ جڏهن سڄي ملڪ مٿان ايڏي سدا موجود دهشت جو راڄ هجي، هيءَ هڪ اڻٽر ڳالهه آهي ته ماڻهوءَ ۾ انفرادي طرح توڙي اجتماعي خيال کان سڄي عوام ۾، عزت ۽ ناموس جو خيال توڙي ڪنهن عمل يا تحريڪ جو جذبو مشڪل ڪنهن صورت ۾ ڪو باقي رهندو. جڏهن ڪنهن رياستي نظام ۾ هر شهريءَ کي پڪ هجي، ته کانئس پڇا ٿيندي، کيس چڪاسيو ويندو ۽ ڏوهي به ضرور بنايو ويندو- ڇاڪاڻ جو کيس معلوم آهي  ته لڪل جاسوس سندس هر ڪرڻيءَ تي اک رکيو ۽ هر چوڻي تي ڪن ڏيو بيٺا آهن؛ ۽ جڏهن کيس ٻڌائڻ بنا، رات جو توڙي ڏينهن جو، ”روحاني محافظ“ سندس گهر ۾”ملاقاتن“ لاءِ داخل ٿي سگهيا ٿي- تڏهن ماڻهن جا حوصلا پست ۽ هوش خطا ٿي وڃن ٿا، ۽ منجهن هڪ قسم جي عام اُڻ تڻ ۽ پريشاني پيدا ٿي پوي ٿي، جيڪا، هڪ کان ٻئي تائين ويندي ويندي، منجهائن  سڀ کان  بهادر ۽ باهمت شخص تائين به پهچي وڃي ٿي، ۽ اُنهن کي به هيڻو ڪريو ڇڏي، ۽ هو ايئن سوچڻ تي مجبور ٿين ٿا ته سڀ جدوجهد بي سواد ۽ اجائي آهي ۽ سندن مضبوط کان مضبوط ارادا به ٽٽي ڇيهون ٿيو پون. ’نظام دين مسيح‘ جي نالي ۾  ڪال ون جي نامياري ’ضابطي، جي نفاذ سان جينيوا جو حال نيٺ اُهو ئي ٿيو جيڪو ڪال ون چاهيو ٿي- يعني جينيوا ۾ نه خوشي باقي رهي، نه شعور، نه جرئت ۽ پوءِ جينيوا ۾ ڪال ون ۽ ان جي ”محڪمي امور مذهبي“ ۽ اُن جي ”روحاني محافظن“ کي منهن ڏيڻ جي ڪابه صلاحيت باقي نه رهي.

هن ”ضابطي“ جي  لپيٽ ۾اچڻ کان پوءِ، ٿورن ئي سالن ۾ جينيوا ڦري شهر ئي ٻيو ٿي پيو، جيڪو اڳي هڪ آزاد شهر هو، خوشين جو شهر هو، سو ايئن ٿي لڳو، ڄڻ ڪنهن گهاٽي، ڪاري؛ ٻوساٽيندڙ دونهين ۾ ويڙهجي ويو آهي. ماڻهن جي خوش پوشاڪي گم ٿي ويئي، رنگ غائب ٿي ويا، گهٽين ۾ ڪو  راڳ جو آواز نه رهيو، ماڻهن جا گهر اهڙا خاموش، ٻُسا ۽ بي دليا بنجي ويا جهڙيون ڪال ون جون پنهنجيون ديوليون. شهر جا مسافر خانا بند ۽ ساقي خانا ويران ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته ڪو ساز وڄائڻ واروڪونه هو، جنهن جي سڏ تي ماڻهو گڏ ٿين ۽ جنهن  جي لئي تي تاڙي تاڙيءَ سان ۽ قدم قدم سان ملائي ڪو رقص ڪن. ناٽڪ گهر ۽ رقص گهر خالي ۽ شهر جي ڪنهن گهٽيءَ ۾ڪي چار ماڻهو بيهي ڳالهائي نه ٿي سگهيا. بس ڪي جايون ته فقط ديولين جا ٿڌا، خالي هال هئا، جن ۾ منهن لٿل، خوفزده، چپ چاپ، مسيحي جماعتيا، ڪال ون ۽ سندس واعظين جا وعظن مٿان وعظ ٻڌڻ لاءِ وڃي گڏ ٿيندا هئا. ڪي به ماڻهو پنهنجي منهن ۽ دل جي خوشي سان شهر ۾هيڏانهن هوڏانهن گهمندي ڦرندي ڪونه ڏسبا هئا. جينيوا جي ماڻهن جي اکين ۾ اها چمڪ ڪانه رهي هئي، جيڪا بي اونن ۽ زنده دل ماڻهن ۾ ڏسبي آهي. خود پنهنجن گهرن ۾ اندر به ماڻهو هڪٻئي سان چپن ۾ ڪن سان ڪن ملائي، ڳالهائيندا هئا، ته متان ڪو سندن ئي نوڪر، ٻاهران در جي چير تي ڪن لايو بيٺو هجي. جڏهن ڊپ ماڻهوءَ جي دل ۾ گهر ڪري ويهي ٿو رهي، تڏهن هو پنهنجي پاڇي کان به ڪؤ ڪندو رهندو آهي، ان حالت ۾ سڀ کان وڌيڪ خيال ماڻهو کي هي هوندو آهي ته ڪنهن طرح هو لڪو رهي ۽ ڪٿي پڌرو نه ٿئي؛ اهڙو ڪو به ڪم ۽ ڪابه ڳالهه نه ڪري- جنهن سان ماڻهن جو ڏانهس ڌيان ڇڪجي سگهي- ڪو اهڙو سٺو ڪپڙو پاتل نه هجيس، ڪو ايئن ڏاڍيان لفظ نه ڪٿي ڳالهائي ويهي، منهن تي اهڙي ڪا چهرائي، رونق نه هجيس وغيره مطلب ته ڪنهن به حالت ۾ پاڻ تي شڪ پيدا  ڪرڻ نه ڏيو، سدائين وسريل رهو! ڪال ون جي راڄ جي آخري سالن ۾ ته حالت اها وڃِي بيِٺي هئي ته ماڻهو، جيتري قدر ٿي سگهندو هونِ، اوترو پنهنجن گهرن ۾ اندران در بند ڪيو ويٺا هوندا هئا- ڇو ته کين ٿوري گهڻي اها تسلي هوندي هئي ته گهرن ۾ اندر ڪجهه قدر هو شڪ کان ۽ جاسوسن جي چور نگاهن کان بچيل رهي ٿي سگهيا. اتفاق سان هو دريءَ مان منهن ڪڍي بيهندا هئا ۽ گهٽيءَ ۾ ڪو ”روحاني محافظ“ ويندي ڏسندا هئا، ته هڪدم هٽي اندر ٿي ويندا هئا  ۽ ڊپ وٺي ويندو هونِ، ته ڪٿي ڪنهن پاڙي واري مٿن ڪا چغلي نه هنئي هجي! ٻاهر نڪرندا هئا ته سسندا ۽ ڄُڪندا هئا، ڪنڌ هيٺ ڪيو پنهنجن بي رنگ ۽ ٻسن ڪپڙن ۾ ويڙهيا، ايئن پيا ويندا هئا، ڄڻ ديول ۾عبادت لاءِ يا ڪنهن جنازي سان گڏ پيا وڃن. خود سندن ٻار به، جيڪي هن نئين ضابطي جي ماحول ۾ پليا هئا ۽ ”ديني تعليم“ جي هفتيوار درس هيٺ دٻجي بنهه بي سرتيا بوتا بنجي پيا هئا، جڏهن ڪنهن جي پاسي کان لنگهندا هئا ته ايئن ڄُڪي ويندا هئا، ڄڻ کين ڪو لڪڻ وهائي ڪڍڻ وارو هو. اهڙا اڌ ڪوماڻل گلن وانگر لڳندا هئا، جن ڪڏهن پوري روشني نه ڏٺي  هجي ۽ سدائين ڪنهن نيم تاريڪ ماحول ۾ رهيا هجن.

شهر جوڪاروبار اهڙيءَ باقاعدگيءَ سان، چپ چاپ ۽ پوري ضابطي ۾ هلي رهيو هو، ڄڻ ڪو گهڙيال هو، ڀت تي ٽنگيو ٽڪ ٽئڪ، ٽڪ ٽئڪ ڪري رهيوهو. جيڪو به جينيوا ۾ پهريون ڀيرو ايندو هو، اُهو، اُنهن گهٽين مان لنگهندي، ايئن محسوس ڪندو هو، ڄڻ سڄو شهر ڪنهن ماتم ۾ مصروف هو، ايتري قدر جو اُن جا رهواسي منهن لٿل، گگدام ۽ ويچارا لڳندا هئا، ۽ سڄي فضا روحاني طور ڳري ۽ هانءُ نپوڙيندي لڳندي هئي، جيتوڻيڪ هن دور ۾جينيوا ۾ گهڻيئي عابد، زاهد ۽ متقي شخص ۽ ڳنڀير قسم جا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا، جن شهر کي تاريخ ۾ وڏي مشهوري ڏني، پر اُن هوندي به، ڪال ون جي مري وڃڻ کان ٻه سؤ سال پوءِ تائين به، رون نديءَ جي ڪناري تي بيٺل هن حسين ۽ جميل شهر ۾ ڪوهڪ به جڳ مشهور مصور،موسيقار، شاعر يا اديب پيدا ڪونه ٿيو- ڇو ته ڪال ون جي ”ڪليسائي ضابطي“ جي ڇڏيل اثرن هيٺ هر غير معمولي شيء سدائين هتي معمولي شيء مٿان، ۽ تخليقي آزادي غلامانه  تقليد جي آستاني تي قربان ٿيندي رهي. پوءِ آخرڪار جڏهن جينيوا ۾ هڪڙو فنڪار پيدا ٿيو، تڏهن هن جي سڄي زندگي انفراديت تي وڌل انهن ئي زنجيرن جي ٽوڙڻ ۾ گذري ويئي. ايڏي عرصي کان پوءِ پيدا ٿيل پنهنجي اُن واحد ۽ سڀ کان وڌيڪ باغي ۽ آزادي پسند شهريءَ، جين جئڪس روسو، جي هٿان ئي جينيوا جو شهر مس مس پوءِ ڪال ون جي ٺهيل  ”مسيحي تقويٰ“ جي ڪاٺ کي ڀڃي، پاڻ کي اُن جي ذهني ۽ روحاني شڪنجن کان آزاد ڪرائي سگهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org