ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ هڪ قوم کي خبر پوي ٿي، ته
آمريت جي عارضي فائدن سان گڏ، مثلاً شديد ضابطي ۽
سخت انتظام سبب قوم جي جنگي قوتن ۾ اضافي سان گڏ،
کيس ڪيترن ئي انفرادي حقن ۽ اختيارن تان هٿ کڻڻو
پوي ٿو، ۽ ڪيترن ئي بنيادي انساني آزادين کان
محروم ٿيڻو پوي ٿو. جينيوا ۾، جيئن جيئن ڏينهن
گذرندا ٿي ويا، تيئن تيئن اِها حقيقت ماڻهن تي
ظاهر ٿيندي ويئي ٿي. شهر واسين پنهنجي خوشيءَ سان
شهر جي چونڪ تي ۽ وڏيءَ ديول ۾ گڏ ٿي، هٿ مٿي کڻي
نئينءَ شريعت تي پنهنجي پختي ايمان جو اعلان ڪيو
هو؛ پر هاڻي پنهنجي مٿان واعظين جي ۽ احتسابي
جاسوسن جي نظر کي ايتري قدر چوڪس ڏسي ڏسي، سندن
جمهوري امنگن ۾ بغاوت جا آثار نمودار ٿيا. هر ٽئين
مهيني ايمان کي تازي ڪرڻ لاءِ، توڙي ڪال ون جي
ڪنهن اوچتي مذهبي فرمان جي بيعت لاءِ وچ ۾ هر هر،
پاڻ اڳيان ۽ واعظين پٺيان جوابدارن وانگر هڪلجي،
ديولين ۾ وڃِي واڙجي ويهڻ ۽ ڀيري ڀيري هٿ مٿي کڻي،
”ماءِ لارڊِ“ ڪال ون جي فرمانبداريءَ جي قسم کڻڻ
جي خلاف هنن جي دلين ۾ شديد ڪاوڙ ۽ سخت احتجاج
ٿيڻ شروع ڪيو. هُنن هن خشڪ اخلاقي اصلاح کي ان ڪري
قبول ڪونه ڪيو هوته کين شراب ڍڪ پيئڻ، راڳ ڳائڻ،
رنگين ڪپڙن ۽ اهڙي ڪنهن خسيس خوشيءَجي ڏوهه ۾
سزائون ڏنيو وڃن ۽ جماعت مان نيڪاليءَ ۽
جلاوطنيءَ جي ڊپ ۾سندن ساهه سڪايو وڃي. ماڻهن وٺي
سوال پڇڻ شروع ڪيا، ته اِهو حضرت ڪال ون ۽ اِهو
حضرت فاريل ڪير هئا، جن ايڏا وٺي حڪم هلائڻ شروع
ڪيا هئا ڇا اهي جينيوا جا رهواسي هئا؟ ڇا، اهي
اصلوڪن آيل ماڻهن منجهان هئا، جن شهر کي وڌائي
ايڏو وڏو ڪيو هو ۽ هيترو خوشحال بنايو هو؟ ڇا اِهي
آزمايل ۽ ڀروسي جهڙا محب وطن هئا، ۽ شهر جي شريف
خاندانن جا هڏُ رتُ هئا؟ نه نه، اِهي ته نوان،
ٻاهران آيل، فرانس جا پناهگير هئا. اهي ته مهمان
وانگر آيا هئا، ته هتان جي مهمان نوازيءَ جوفائدو
وٺي هتي رهيا پيا هئا، هتي کين روزگار مليو، مٿي
لڪائڻ لاءِ اجهو نصيب ٿيو، عزت ڀريا درجا حاصل
ٿيا، ۽ هاڻي هن پاڙيسري ملڪ مان آيل محصول،
اوڳاڙيندڙ جي پُٽ، هتي پنهنجي لاءِ سکيو گهر هٿ
ڪري، پنهنجو ڀاءُ، سالا ۽ ڀيڻيويا گهرائي ويهاريا
هئا، ۽ هاڻي جينيوا جي ست پيڙهيائتن ۽ بيٺل ماڻهن
جي خلاف بڪواس ڪرڻ ۽ اُنهن کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ شروع
ڪري ڏنو هو! هيءُ فرانس مان هڪڙو تڙجي آيل، بي
پاڙو ماڻهو، تنهن کي ايڏي همٿ ٿي هئي، جو قانون ٿي
ٺاهيائين ته ڪير جينيوا ۾ رهي ۽ ڪير نه رهي!
آمريت جي پهرين ڏينهن ۾ جڏهن اڃا ڪن آزاد طبع
ماڻهن جي مٿن مان ڏنڊا هڻي، پوري هوا نه ڪڍي ويندي
آهي، ۽ ٻين کي لوڌي ملڪ بدر نه ڪيو ويندو آهي،
تڏهن مقابلي ڪرڻ وارا ڪجهه وقت پير ڄمائي. پنهنجي
جاءِ تي مضبوط بيهي رهندا آهن ۽ ڏاڍي همٿ ۽ حوصلي
جو مظاهرو ڪندا آهن: اِنهيءِ طرح، جينيوا ۾ پڻ،
هِن مرحلي تي آزادي پسند ۽ جمهوري لاڙن جا ڪي
ماڻهو همٿ کان ڪم وٺي، ميدان تي نڪري آيا ۽ اعلان
ڪيائون ته پنهنجي شهر ۾ هو ڪنهن کي اهڙي اجازت نه
ڏيندا ته هو کين ”چورن ۽ جوارين“ وانگر خوار خراب
ڪندو رهي! تان جو اهڙو به موقعو آيو، جو شهر جي
ڪيترن سڄن سڄن محلن جا ماڻهو پڙ ڪڍي بيهي رهيا ۽
سه ماهي ”تجديد ايمان “ جي تقريبن ۾ حصي وٺڻ کان
انڪار ڪيائون ۽ باغي بنجي چوڻ لڳا، ته هو هڪڙي
بکئي ۽ رول فرينچ جا حڪم ڪين مڃيندا ۽ ڪڏهن به هن
جي چوڻ تي پنهنجا گهر ڇڏي، جينيوا کان ٻاهر پير نه
ڪڍندا. ترت ئي پوءِ فيبروري 1538ع ۾ نيون چونڊون
ٿيون ۽ اُنهن ۾ مولانا ڪال ون جا پنهنجا ويجها
پوئلڳ شهري ڪائونسل ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي ويهي
رهيا، ۽ جينيوا جي شهري رياست ۾ جمهوريت پسند ڌر
هڪ ڀيرو وري ڪال ون جي اختيار پسند دعوائن جي
برخلاف پنهنجي راءِ جي برتري قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
ويئي.
دراصل ڪال ون پري نڪري ويو هو ۽ ڏاڍي تڪڙ کان ڪم
وٺي رهيو هو. سياسي نظريي باز گهڻو ڪري ماڻهن جي
ذهني آسودگيءَ کي گهٽ اهميت ڏيندا آهن ۽ سمجهندا
آهن، ته جيتري تيزيءَ سان ڪن فيصله ڪُن قسم جي نون
خيالن کي هو پاڻ قبول ڪري وٺن ٿا، اهڙيءَ تيزيءَ
سان حقيقت جي دنيا ۾هو اُنهن خيالن کي عمل ۾ پڻ
آڻي سگهندا. ڪال ون جي هڪ ٻي به ڪمزوري هئي ۽ اُها
هئي، سندس طبيعت جي شوخي ۽ رُڪ جهڙي سختي: سڄيءَ
حياتيءَ ۾هن ننهن کان چوٽيءَ تائين، هٺ ڌرم شخص،
ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي مڙي وڃڻ يا سرچاءُ ڪرڻ سکيو
ئي ڪونه هو، وچٿري رستي وٺي هلڻ جهڙي ڳالهه هن
لاءِ ڪا هئي ڪانه: هن جو اصول ئي هو: ”سڀ يا ڪجهه
نه“ هن چاهيو ٿي ته کيس اختيار ملي، ته ڪُلي ۽ سڀ
کان اعليٰ؛ جي نه، ته هو پنهنجي سڄيءَ دعويٰ تان
هٿ کڻڻ لاءِ تيار ويٺو هوندو هو. ڪڏهن به هو ڪا
مصلحت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هو پنهنجي يعني جيهان
ڪال ون جي نقطي نگاهه جي صداقت جو ايترو ته قائل ۽
اُن کان ايتري قدر ته مطئمن هو. هُن جي ڌيان ۾ به
” هيءَ ڳالهه نه ٿي اچِي سگِهي ته هن جو مخالف
ڪنهن ٻيءِ ڳالهه جي صداقت کي به مڃي سگهيو ٿي، ۽
پنهنجي الڳ نقطي نگاهه کان ايترو ئي صحيح ٿِي
سگهيو ٿي، جيترو مولانا ڪال ون پاڻ. اهو هن لاءِ
هڪ ڏينهن جي سج جهڙو سچ، بنجي چڪو هو، ته هن جو
فقط ڪم هو سيکارڻ ۽ ٻين ماڻهن جو فقط ڪم هو کانئس
سکڻ. پوري خلوص ۽ سنجيندگيءَ سان هو دعويٰ ڪندو هو
ته: ” جيڪي ڪجهه آءٌ سيکاريان ٿو، سو مون کي خدا
وٽان چيل آهي، ۽ انهيءَ ڪري منهنجوضمير منهنجي
اطمينان لاءِ ڪافي آهي. “ پنهنجي خوددانيءَ تي هو
ايترو ته خوش هوندو هو، جو پنهنجي خيالن کي هو
ڪامل سچ سمجهندو هو، ۽ چوندو هو ته ”خداوند قدوس
پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان مون کي نيڪيءَ ۽ بديءَ جي
سڄِي ڄاڻ ڏني آهي“ هو ايڏو ته پنهنجي پاڻ ۾ محو
هوندو هو، جو جيڪڏهن ڪنهن کان ڪا اُبتڙ راءِ ظاهر
ٿيندي هئي، ته اُن کي هو پنهنجي ذاتي بي عزتي
سمجهندو هو ۽ ڪاوڙ ۾ وٺجي، سڄو ڳاڙهو ٿي ويندو هو،
ڀائنبو هو ته اِجهو ٿو وٽ کائي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ته
هن جي مرضيءَ خلاف ڪا ڳالهه ٿيندي هئي، ته پيٽ ۾
کڻي هٿ وجهندو هو ۽ اُلٽي اچي ويندي هيس. سندس
مخالف کڻي ڪهڙا به معقول دليل ڏئي، پر اُن جو هن
تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو هو؛ هو فقط هڪ ڳالهه ڏانهن
ڏسندوهو، ته اُن ماڻهوءَ جا مختلف خيال هئا، تنهن
ڪري اُهو دشمن هو نه رڳو جيهان ڪال ون جو، پر سڄي
دنيا جو ۽ خدا جو به پنهنجي دور جي انسان پسند ۽
صلح جو اديبن ۽ عالمن کي هو. ”زهريلا
نانگ“،”ڀونڪندڙڪتا“، ”درندهه حيوان “، ”بدمعاش“
”شيطان جا ٻچا“ ۽ اهڙن بغض ۽ نفرت ڀريل نالن سان
سڏيندو هو ڪال ون سان اختلاف ڪرڻ معنيٰ خدا ۽ خدا
جي ”محبوب ٻانهي“ سان عداوت اختلاف ڪيتري قدر به
علمي هجي، پر اُن سان ”يسوع مسيح جي ڪليسا کي
خطرو“ پيدا ٿي پوندو هو. ڪال ون جي نظر ۾ بحث ۽
دليل جي معنيٰ هيءَ هوندي هئي ته ڳالهه ٻڌي ٻي ڌر
رڳو چوي ته: ”مان غلط، ڪال ون صحيح - پنهنجو پاسو
مون ڇڏيو، هاڻي مان ڪال ون جي پاسي آهيان“. سڄي
زندگِي هي شخص، جيڪو هونئن ڪافي ڏاهو ۽ دورانديش
ڏسبو هو، انهيءَ زعم ۾ رهيو، ته خدا جي ڪلام کي
سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو فقط هو پاڻ اهل هو ۽ هو ئي
واحد شخص هو، جنهن کي خداوند قدوس وٽان حق جي
سڃاڻپ جي نعمت عطا ٿي هئي. دراصل هن جي اِها
چوٽيءَ تي پهتل خود اعتمادي ۽ خود محويت ئي هئي،
جنهن جي آڌار تي هو دنيا ۾ پير پختا ڪري، سياسي
ميدان ۾ مضبوط بيهي نه رڳو چوڌاري اٿندڙ طوفانن
کي منهن ڏيئي سگهيو، پر ڪامياب به ٿي سگهيو،
پنهنجي ڌُن ۾ مست ۽ پنهنجي من جا پورا بادشاهه
ڪال ون جهڙا طوفاني شخص ئي هوندا آهن، جيڪي ماڻهن
پٺيان لائي تاريخ ساز بنجي سگهندا آهن. رڳو نيڪ ۽
صابر شخصن جي ڳالهه ٻڌي، ماڻهو اُنهن جي پٺيان خير
ڪي لڳندا آهن. دنيا سدائين اُنهن جُنوني شخصن جي
اڳواڻي قبول ڪئي آهي، جيڪي ”پنهنجو سچ“ کڻي اُٿيا
آهن ۽ دعويٰ ڪئي اٿن، ته اُهو ئي سندن سچ آهي ۽
پنهنجي پهاڙ جيڏي اوچي ۽ اڏول ارادي کي پنهنجي
دنيا جو اٽل قانون سمجهي، اڳتي وڌيا آهن.
اِنهيءَ ڪري جڏهن ڪال ون ڏٺو، ته جينيوا جي شهري
ڪائونسل ۾ سندس معتقدن جي اڪثريت ڪانه رهي هئي،
ته هُن کي ڪابه ڳڻتي يا پريشاني ڪانه ٿي. ڪائونسل
پنهنجيءَ پر ۾ ڪجهه ڪجهه نرمائيءَ ۽ نياز منديءَ
سان کيس صلاح ڏيڻ لڳي، ته هو پنهنجي ”اصلاح“ ۾
ايڏي تيزي نه ڪري، ۽ سختي نه ڏيکاري؛ پر ڪال ون
جهڙو ضدي ۽ خود خيال شخص هڪ ڪک به پوئتي هٽي، ڪٿي
ٿو. اهڙي ڪا خير صلاح جي ڳالهه قبولي! سمجهوتو
اهڙي شخص لاءِ اڻ ٿيڻي ڳالهه هوندي آهي، اڃا شهري
ڪائونسل سندس مخالفت جي خيالن ۾ ئي هئي، ته هو پاڻ
ان جي خلاف اٿي کڙو ٿيو - خود پنهنجي لاءِ ته هن
جي تقاضا هئي ته ڪوبه سندس حڪم جي خلاف ورزي نه
ڪري ۽ سندس باغي نه بڻجي، پر پاڻ شهري جمهوريه جي
هڪ طرح بااختيار قانوني اداري جي حڪم عدوليءَ ۽ ان
جي خلاف بغاوت جو جهنڊو کڻي تيار ٿي بيهي رهيو.
شهر جي وڏيءَ ديول جي - منبر تان ”خسيس ڪائونسل“
تي گار گند، نندا ۽ تهمت بازيءَ جا وسڪارا شروع
ڪري ڏنائين، چي: ”آئون جيهان ڪال ون، خداوند قدوس
جو ضعيف بندو، مرڻ مري ويندس، پر روح اقدس جي جسم
اطهر کي هنن ڪتن جي حوالي هرگز ڪونه ڪندس.“ ٻئي
سندس هڪڙي واعظ کُليو کُلايو، پنهنجيءَ ديول ۾
اُٿي بيهي اعلان ڪيو، ته شهري ڪائونسل رڳو ”نشي
بازچورن جو هڪ ٽولو“ هو ۽ بس اهڙيءَ طرح ڪال ون جا
پوئلڳ ۽ ساٿي شهري رياست جي آئيني طور قائم ٿيل
بااختيار حڪومت جي خلاف محاذ ٺاهي بيهي رهيا.
شهري ڪائونسل، اهڙي قسم جي ڏٺي وائٺي بغاوت ڪيئن
ٿي برداشت ڪري سگهي؟ پر پهريائين ان صاف پر نهايت
نرم لفظن ۾ هدايت جاري ڪئي ته: ”ديوليون جيڪي خدا
جا گهر هئا، تن کي هرگز سياسي مقصدن لاءِ استعمال
ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيڪي اتان جي منبرن جا
قبضيدار هئا، انهن جو واحد منصب فقط هيءُ هو، ته
اُهي ڪلام خداونديءَ جي تشريح ڪن“؛ پر ڪال ون ۽
سندس پوئلڳن هنن سرڪاري هدايتن جي ڪابه پرواهه
ڪانه ڪئي، انهيءَ ڪري ڪائونسل آخر ۾ لاچار ٿي،
واعظين تي ديولين ۾ داخلا جو منع نامو جاري ڪيو ۽
سندن هڪ اڳواڻ ڪورٽالڊ کي ٻين کي بغاوت اُڀارڻ جي
ڏوهه ۾ گرفتار ڪرايو. اها ڪليسا ۽ رياست يعني ديني
۽ دنيوي اختيارين وارن جي وچ ۾ هڪ کلي جنگ هئي،
ڪال ون هڪدم ميدان ۾ نڪري آيو ۽ پنهنجي حامين کي
ساڻ ڪري ايسٽر جي مذهبي تقريب واري ڏينهن تي، شهر
جي وڏيءَ ديول ۾ زوري گهڙي ويو، ۽ وڌي وڃي، منبر
تي چڙهي بيٺو. ٻنهي ڌرين جا حمايتي تراريون هٿن ۾
جهلي ديول ۾ اندر گڏ ٿي ويا- هڪڙا مير واعظ جي مدد
۾ ۽ ٻيا کيس واعظ کان روڪڻ لاءِ هڪ وڏو فساد شروع
ٿي ويو، ۽ ايسٽر جو پاڪ ڏينهن تقريباً قتلام جي
ڏينهن ۾ تبديل ٿي ويو!
شهري ڪائونسل کان وڌيڪ صبر نه ٿي سگهيو، ”ٻن سون
ميمبرن جي وڏي ڪائونسل“ سڏائي وئي، جيڪا رياست جي
اعليٰ اختيار رکندڙ اسيمبلي هئي ۽ اُن کان گهر ڪئي
وئي ته ڪال ون ۽ ٻين واعظين کي سندن عهدن تان خارج
ڪيو وڃي، جو اُنهن سرڪاري قانونن جي ڀڃڪڙي ۽
ميونسپل اختياري جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي هئي. ان
کان پوءِ جينيوا جي شهرين جو عام اجتماع گهرايو
ويو. جنهن ۾ اپريل 1538ع جي 23 تاريخ تي، وڏي
اڪثريت جي فيصلي سان واعظين کي سندن مسندن کان
محروم ڪري، 3 ڏينهن اندر شهر مان نڪري وڃڻ جو حڪم
جاري ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح شهر بدر ۽ ڏيهه نيڪال جو
حڪم، جيڪو گذريل ارڙهن مهينا ڪال ون جينيوا جي
ڪيترن ئي شهرين خلاف استعمال ڪري چڪو هو. اهو هاڻي
خود سندس خلاف پاس ٿي ويو.
ايئن ڪال ون جي جينيوا کي هٿ ڪرڻ جي پهرين طوفاني
ڪوشش ناڪام ٿي، پر آمرن جي زندگيءَ ۾ اهڙيون
ناڪاميون معمولي ڳالهيون ٿين ٿيون، سچ پچ ته
ڪاميابيءَ جي چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ جتي اهڙي ڪنهن
آمر کي لامحدود طاقت هٿ اچڻي هجي، اهو ته پاڻ هڪ
لازمي شرط آهي، ته پهريائين هن کي اهڙي ڪنهن
ڊرامائي قسم جي ناڪامي يا شڪست سان دوچار ٿيڻو
پوي. وڏن انقلابين لاءِ اشتهاري مجرم بڻجڻ، جيل،
جلاوطنيون وغيره سندن مقبوليت واسطي رڪاوٽون نه،
پر ڪامياب وسيلا هوندا آهن؛ جنهن کي عوام جو دادلو
بڻجڻو آهي، ان لاءِ پهريائين شهيد ٿيڻ ضروري آهي،
نفرت جوڳي سرشتي هٿان ڏاڍ ۽ ظلم سهڻ سان، هو عوام
۾ وڌيڪ مقبول ٿئي ٿو؛ جيتري قدر هو آزمائشن مان
لنگهندو، اوتري قدر انهن جي دلين ۾ هن لاءِ پيار
وڌندو، ۽ ڪجهه وقت ميدان مان نڪري، عوام جي نگاهن
کان اوجهل ٿي وڃڻ سان پاڻ هن جو قدر زياده ٿئي ٿو،
پرپٺ جيتري قدر هن جو نالو ڳائبو، اوتري قدر هن جي
شخصيت جو شان وڌندو ۽ پوءِ جڏهن، هو وري ظاهر
ٿيندو، تڏهن هو ماڻهن جي صدها ڀيرا منجهس وڌيل
اُميدن جو مرڪز بڻجي موٽندو ۽ کيس سندس آجيان ۽
عزت جي اُها فضا ملندي، جيڪا ڪڏهن هن خواب ۾ به
ڪانه ڏٺي هوندي. دنيا جي ڪيترين ئي نامورن هستين
پنهنجي عظمت ۽ تاريخي درجو ايئن پنهنجي جلاوطنيءَ
جي ئي دور ۾ حاصل ڪيو آهي، رومن شهنشاهت جو سيرز
فرانس ۾، فرانس جو نيپولين مصر ۾، اٽلي جو گئري
بالڊي ڏکڻ آمريڪا ۾ ۽ ولئڊمير الِچ لينن سئٽرزلينڊ
۾، وطن کان پري، غير حاضر رهي ڪري ئي، ايترا مشهور
۽ طاقتور عوام جا محبوب اڳواڻ بڻجي سگهيا. ڪال ون
سان به اها ساڳي حالت هئي.
ايئن واقعي هو ته جيتر جيهان ڪال ون ٻاهر هو، تيتر
اِيئن پئي لڳو ڄڻ جينيوا ۾ هن جي سڄي ڳالهه ختم ٿي
چڪي هئي. هن جي تنظيم ٽٽي چڪي هئي، هن جو ڪم ختم
ٿي چڪو هو، ۽ پٺيان، سواءِ هن جي نالي ۽ سندس
انهيءَ ياد جي ته هو انتظام جو ڏاڍو سخت هو، ۽
سواءِ سندس ٻن چئن ڊزن کن وفادار دوستن جي، ٻيو
ڪجهه به نه بچيو هو. پر هن جي غير حاضريءَ ۾ هن جي
مخالفن ۽ هن جي جانشينن جيڪي غلطيون ڪيون، تن وري
به هن جي ڳالهه کي ٿورو ٿورو جاڳائڻ شروع ڪيو.
جيڪي باهمٿ شخص ايئن هر طرح سمجهوتي کان انڪار
ڪري، مخالفن کي ميدان جو وارث بڻائي خطرناڪ وقتن
تي پري هٽي، گمنام بڻجي رهڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا
آهن، انهن کي هميشه ايئن سندن مخالف، پٺيان پنهنجن
غلط قدمن سان سندن مقصد جي ڪاميابيءَ ۾ مددگار
ثابت ٿيندا آهن. جڏهن خود ڪال ون ۽ فاريل جهڙا
پختي اخلاق ۽ مضبوط اصولن وارا ”ديني اصلاح“ جا
اڳواڻ ميونسپل اختياري وارن هٿان شهر مان لوڌجي،
ٻاهر نڪري ويا، ته پٺيان جيڪي ٻه چار جِيَ حضور
قسم جا ڪمزور واعظين بچيا، تن پنهنجي ڪم کي بنهه
ڍرو ڪري ڇڏيو، ته متان ان ۾ ڪجهه زياده ڪوشش ۽
سختي ڪرڻ ڪري، کين به لوڌجي ٻاهر نه نڪرڻو پوي ۽
جلاوطنيءَ جون سختيون سهڻيون پون. ديولين ۾ رڳو
اهڙن، لڳڙن ۽ مفاد پسند شخصن جي باقي وڃڻ رهڻ ڪري
جيڪي رڳو پنهنجي ڳالهه سان واسطو رکيو ويٺا رهندا
هئا.”ديني اصلاح“ جي تحريڪ، جيڪا ڪال ون ۽ ان جي
ساٿين ايتري جاندار نموني ۾ هٿ ۾ کنئي هئي، ترت ئي
بلڪل بند ٿي بيهي رهي. هيءَ حالت ڏسي، جينيوا جا
بااثر ماڻهو توڙي عوام منجهي پيا، ته آخر دين ۽
ايمان جي معاملن ۾ ڪهڙي ڳالهه صحيح هئي ۽ ڪهڙي
غلط. ٻئي پاسي بندش پيل ڪئٿولڪ فرقي جا پادري، دل
وڌائي، حالتن مان فائدو وٺندي، وچ وارن چالاڪ
ماڻهن جي وسيلي، توڙي سڌيءَ طرح، جينيوا ۾ رومن
ڪليسا جي ٻيهر تسلط قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ لڳي
ويا. حالتون ڏاڍي نازڪ صورت اختيار ڪنديون ويون ۽
معاملو جيئن پوءِ تيئن بگڙندو رهيو. عام شهر واسين
مان ”ديني اصلاح“ جا همدرد، ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڊڄي
ويا، جن ڪال ون کي هونئن حد کان وڌيڪ سخت ۽ ڪٺور
ٿي سمجهيو، ۽ انهن ويچارڻ شروع ڪيو، ته آخر ضابطي
۽ انتظام جي اُها سختي جيڪا ڪال ون چاهي ٿي ۽ عمل
۾ آندي هئي، هن وڌندڙ بي بندوبستيءَ ۽ خلفشار کان
بهرحال بهتر ته ڪانه هئي. ٿيندي ٿيندي، انهن
انديشن ۽ خيالن وارا شهري تعداد ۾ وڌندا ويا، تان
جو شهري ڪائونسل جا ميمبر، ۽ انهن مان ڪيترا خود
اُهي به جن ڪال ون جي سخت مخالف ڪئي هئي، ميونسپل
اختياريءَ وارن تي زور وجهڻ لڳا، ته ڪال ون کي
واپس گهرايو وڃي، آخرڪار جينيوا جي شهري ڪائونسل
لاءِ عام راءِ جي آڏو جهڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو
ئي ڪونه رهيو.
ڪال ون ڏانهن جيڪي پهريان پيغام ۽ خط روانا ڪيا
ويا، سي هن جي خيريت معلوم ڪرڻ ۽ سندس خيالن ۽
ارادن ڄاڻڻ جي ڪوشش مثل هئا؛ پر جلد ئي اهي بدلجي
هن جي واپس اچڻ جون اميدون ۽ خواهشون ظاهر ڪرڻ لڳا
۽ نيٺ اُهي کيس سڌين منٿن ۽ عرضداشتن جي صورت ۾
وٽس وڃڻ لڳا. شهري ڪائونسل هاڻي ”جناب“ ڪال ون کي
واپس اچڻ ۽ اچي شهر کي ”مشڪلاتن مان ڪڍڻ“ ۾ ”سندن“
مدد ڪرڻ لاءِ ڪونه ٿي لکيو؛ پر پنهنجون درخواستون
هاڻي هنن ”اسان جي آقا“ يعني ”مولانا“ جيهان ڪال
ون جي خدمت ۾ روانيون ڪيون ته اچي شهر کي ”نجات“
ڏيڻ جي ڪم کي ٻيهر پنهنجي ”مبارڪ “ هٿن ۾ کڻي، آخر
۾ جيڪا عرضداشت ڪائونسل جي ”حقير پُر تقصيربندن “
ڪال ون جي حضور ۾ پيش ڪئي، اُن ۾ هُنن ”پنهنجي
محسن ڀاءُ ۽ معظم دوست“ کي استدعا ڪئي؛ ته هو اچي
پنهنجي مير واعظ جو عهدو وري سنڀالي ۽ هو سندس
”خاڪسار“ ساٿي اڳتي پنهنجي ”ڪردار ۽ گفتار سان کيس
ڪنهن به قسم جي ناراضگيءَ جوسبب ڪو نه ڏيندا.“
ڪال ون جيڪڏهن ڪو هلڪي قسم جوماڻهو هجي ها ۽
اهڙيءَ ڪنهن خسيس ڪاميابيءَ کي پنهنجي لاءِ هو
ڪافي سمجهڻ وارو هجي ها، ته جنهن شهر مان ٻه سال
اڳ لوڌجي نڪتو هو، اُتان هوند ههڙيءَ طرح موٽي اچڻ
جي استدعائن تي هو خوش ٿي وڃي ها ۽ راضي ٿي
اُنهيءَ مهل اُتي موٽي وڃي ها؛ پر جنهن کي ”سڄي“
جي خواهش هوندي آهي، اُهو ”اڌ“ تي مشڪل خوش ٿي
سگهندو آهي، ۽ پنهنجي هن مقدس ڪم ۾، ڪال ون کي ته
پنهنجي ذاتي شان ۽ مان جو خيال به ڪونه هو. هُن ته
اختيار جي فتح پنهنجي اختيار جي فتح حاصل ڪرڻ چاهي
ٿي. هن ٻيهر ڪنهن به صورت ۾ دنيوي طاقت کي پنهنجي
ڪم ۾ دخل اندازي ڪرڻ جوموقعو ڏيڻ نه ٿي گهريو.
جيڪڏهن هن کي جينيوا ۾ موٽي اچڻو هو، ته اُتي فقط
هڪڙو حڪم هلڻو هو جيهان ڪال ون جو حڪم ٻئي ڪنهن جو
به نه.
ڪائونسل جي اُنهن سڀني نياز مندانه عريضين جو ڪال
ون وٽ هڪڙو جواب هو: جيستائين ڪائونسل سنئون سڌو
پاڻ کي ڪال ون جي ماتحت تسليم نه ڪندي، تيستائين
هيءَ گفت وشنيد ڪال ون لاءِ قبول ڪرڻ جهڙي نه
هئي. ڪائونسل طرفان ٻيءَ هر قسم جي آڇ کي هو بي
پرواهي سان ٺڪرائيندو رهيو:” سئو ڀيرا مون کي مرڻو
پوندو ته مري ويندس پر پهريئن ڏينهن وانگر وري
ديني اصلاح جي مقدس ڪم کي ساڳيءَ بي جوابداري
جهڙين حالتن ۾ هٿ ۾ نه کڻندس.“ هن فاريل ڏانهن لکي
موڪليو جيڪو اِن وچ ۾ موٽي جينيوا ۾ وڃي پهتو هو ۽
پنهنجي ڪم کي لڳي ويو هو. ڪال ون پنهنجي ڳالهه تي
مضبوط بيٺو رهيو، ته پنهنجن مخالفن ڏانهن هو پاڻ
هڪ وِک به اڳتي وڌائي ڪونه ويندو. نيٺ جڏهن
ميونسپل اختياريءِ وارن هُن جي اڳيان، ايئن کڻي
چئجي ته، بنهه گوڏا اچي کوڙيا ۽ هٿ ٻڌي هن کي
موٽي اچڻ واسطي ليلڙاٽيون ڪيائون، تڏهن خود فاريل
پريشان ٿي پيو ۽ هن کي لکيائين ته: ”ڇا، جڏهن پٿر
دانهون ڪري روئندا تڏهن موٽندا ؟“ پر ڪال ون اُهو
ئي پنهنجي ڳالهه تي کُپ کوڙيو بيٺو رهيو. آخر ڪار
جڏهن ڪائونسل جي ميمبرن حلفيه واعدو ڪيو، ته هو
هڪُ هڪُ ٿي سندس اڳيان پنهنجوگناهه نامو پڙهندا ۽
سندس مرضيءَ مطابق ”ضابطو“ قائم رکندا، ۽ جڏهن هنن
اسٽرئسبرگ شهر جي ڪائونسل ڏانهن خط لکيو، ته اُهي
سندن ڀائر هن سڀ کان وڌيڪ ”ڀلاري“ ۽ ”ضروري“ شخص
کي ڇڏين ته وٽن اچي، سندن ٻيڙيءَ کي تاري پار ڪري،
۽ پوءِ جڏهن جينيوا پاڻ دنيا جي اڳيان ۽ سندس
اڳيان ايئن ذليل ۽ خراب ڪيو، تڏهن ڪال ون پنهنجيءَ
ڳالهه تان لٿو ۽ پنهنجو اصلوڪو عهدو سنڀالڻ قبول
ڪيائين”بشرطيڪ هن کي پنهنجي مرضيءَ پٽاندڙ ڪم ڪرڻ
جا سمورا اختيار سپرد ڪيا وڃن.“
پوءِ جيئن هڪ هارايل شهر پنهنجي فاتح جي آجيان ڪرڻ
لاءِ پاڻ کي تيار ڪندو آهي، تيئن جينيوا جيهان ڪال
ون جي استقبال جي تياري ڪئي. هر ڪنهن اُن ممڪن
ڳالهه جو خيال ڪيو ويو، جيڪا سندس ڪاوڙ کي ڍرو ڪري
ٿي سگهي، سمورا اڳوڻا سخت حڪم وري نافذ ڪيا ويا،
ته جيئن ڪال ون جي حڪمن جي اڳواٽ پيروي عمل ۾ اچي
وڃي. ڪائونسل هن لاءِ اڳواٽ هڪڙو سٺو گهر، باغ
سميت هٿ ڪري رکيو، ۽ اُن ۾ هر قسم جي ضروري سامان
وجهائي ڇڏيو، ته جيئن هن کي ڪا تڪليف نه ٿئي. شهر
جي وڏيءَ ديول ۾منبر کي ڀڃائي، نئين نموني ٺهرايو
ويو ته جيئن هن جي منهن مبارڪ جو ديول ۾ آيل سڀئي
جماعتي ديدار ڪري سگهن ۽ هو وڌيڪ اثرائتي نموني
هنن کي وعظ فرمائي سگهي. اعزازن مٿان اعزاز پرپٺ
هُن لاءِ تجويز ڪيا ويا . ڪال ون اسٽرئسبرگ مان
نڪتو ئي نه، ته اڳواٽ ماڻهو موڪليا ويا، ته کيس اڌ
پنڌ تي گڏجي شهر طرف آجيان جو پيغام عرض رکن. هن
جي ڪٽنب جا سڀ ڀاتي گڏجي شهرين جي خرچ تي ڏاڍيءَ
عزت ۽ وڏي مان شان سان شهر ۾ آندا ويا. آخرڪار،
سيپٽمبر جي 13 تاريخ هڪڙي اٺن گهوڙن جي بند گاڏي
شهر جي شاهي دروازي تي اچي بيٺي، جتي ماڻهن جا وڏا
انبوهه، جلاوطن ٿيل مير واعظ سڳوري جي واپسيءِ تي
هن جي استقبال لاءِ گڏ ٿيا بيٺا هئا. هاڻي جينيوا
جو شهر هن جي هٿن ۾ ايئن هو جيئن ڪنڀر جي هٿن ۾
مٽيءَ جو پنوڙو- اُن کي هو پنهنجي مرضيءَ مطابق
مَني، ٺاهي، شڪل ڏيئي سگهيو ٿي. ۽ هن پنهنجي اُن
ڪم ۾ ڪوتاهيءَ به ڪانه ٿي ڪرڻ گهري. اُن گهڙيءَ
کان پوءِ ڪال ون ۽ جينيوا ٻه اهڙا خيال هئا، جيڪي
هڪٻئي کان هرگز الڳ نه ٿي ٿِي سگهيا - ڪال ون
جينيوا، روح ۾ جسم ڪاريگر ۽ اُن جي ڪاريگري. |