باب ستون
زور ۽ ضمير جي جنگ
جيڪي ماڻهو ٻين جي راين کي سختيءَ سان دٻائڻ جا
عادي هوندا آهن، اُهي وري پنهنجي ڪنهن راءِ جي
مخالفت بلڪل سهي نه سگهندا آهن اهڙيءَ طرح ڪال ون
جڏهن ڏٺو ته دنيا سڄيءَ وٺي سرويٽس جي موت جي سوال
تي بحث مباحثو شروع ڪيو آهي، ته ماڻهن جي اِها
ڳالهه هُن کي ڏاڍي بي واجبي لڳي. هُن جو خيال هو
ته ماڻهو سندس اُن ڪارنامي کي هڪ وڏي ديني خدمت
تصور ڪندا، ۽ اُن جي عيوض ٻيو نه ته به هُن لاءِ
دعاءِ خير گهرندا، ۽ ڇو ته هُن اهو ڪم خداوند قدوس
جي عين مرضيءَ مطابق سرانجام ڏنو هو! اُن جي
بدران، افسوس جي ڳالهه هئي، جو ماڻهن اُلٽو کيس
ڏوهي ٿي سمجهيو ۽ مٿس الزام ٿي عائد ڪيا! جيئري
جاڳندي هڪ انسان کي هُن رڳو راءِ جي اختلاف جي
ڏوهه ۾، جو باهه جي مچ ۾ وجهائي ڇڏيو هو، اُن لاءِ
هن اُن بدنصيب شخص لاءِ نه پر پاڻ لاءِ ماڻهن جي
همدردين ۽ دعائن جي اُميد ٿي رکي! پنهنجي هڪ دوست
کي لکيائين ته ”آئون جنهن گلا، غيبت ۽ لعنتاڻي جو
شڪار ٿي رهيو آهيان، تنهن جي ڏهين پتيءَ جي به
توکي جيڪڏهن خبر پوي، ته توکي هوند منهنجي هن حال
تي ڪهل اچي وڃي. چوڌاري مون کي هي ڪتن وانگر ويڙهي
ويا آهن، ۽ مون تي پيا ڀونڪن؛ مون تي هر قسم جي
تهمت بازي جو وسڪارو لائي ڏنو اٿن. منهنجا جيڪي
پوپ جي طرف وارا دشمن آهن، تن کان وڌيڪ هيءَ اسان
جي پنهنجي ڌُر وارا، حسد ۽ ڪيني جي زهر ۾ ڀرجي،
مون تي جُهلون لايو بيٺا آهن.“ ڪال ون کي اِن
ڳالهه تي نه رڳو سخت ڪاوڙ هئي، پر هو بيحد پريشان
هو ته هُن انجيل مان آيتون ڪڍي ٻڌايو هيون ۽ ٻيا
ڪيترائي لاجواب دليل ڏنا هئا، ته به ماڻهن هُن
تي اعتبار نه ٿي ڪيو، ۽ کيس سرويٽس جو خوني ٿي
سمجهيائون! ۽ جڏهن هُن ٻڌو ته باسيل جي شهر ۾
ڪاسٽيلو ۽ ٻيا هُن جي خلاف هڪڙو ڪتاب لکي رهيا
هئا، ته هُن جو ڏوهي ضمير هيڪاري ڦٿڪڻ لڳو ۽ هُن
جي چيڙاڪ طبعيت تپي باهه ٿي وئي.
آمريت جي ذهنيت رکندڙ شخص جو پهريون خيال اِهو
هوندو آهي ته جيڪي رايا سندن پنهنجن راين جي خلاف
هجن، اُنهن کي اُتي گُهٽي، ختم ڪري ڇڏي. بلڪل
اُنهيءَ طرح، باسيل شهر بابت اِها خبر ٻڌندي، ڪال
ون ڇا ڪيو، جو ڪرسي سوري، پنهنجي ميز تي ٺونٺيون
رکي ويهي رهيو، ۽ ڪافي سوچ ويچار کان ڪم وٺندي
سئٽزرلينڊ جي سڀني ڪليسائن کي لکي موڪليائين ته
ڪتاب ”مسئله ملاحده“ جتي ڏسن، اُتي اُن کي ضبط ڪن
۽ پاڻ وٽ اُن تي پوري بندش وجهي ڇڏين- جيتوڻيڪ
اُهو ڪتاب اڃا پاڻ پڙهيو به ڪونه هئائين. وڏي
ڳالهه ته اُن مسئلي تي وڌيڪ هاڻي ڪوبه بحث مباحثو
ٿيڻ نه گهرجي. جينيوا پنهنجي آخري فتويٰ ڏيئي ڇڏي
هئي. ٻيا ڪي ماڻهو سرويٽس جي ڳالهه متعلق جو ڪجهه
به چون، اُن کي بي عقلي، ڪوڙ ، الحادُ، دين جي بي
حرمتي ۽ خدا کان بغاوت سمجهڻو هو- ڇاڪاڻ ته اُهو
هوُ ڪال ون جي برخلاف ئي چوندا. هُن جو قلم ايئن
وهندو رهيو. مارچ 28، 1554ع تي هُن بُلِنگر کي
لکيو، ته باسيل شهر ۾ هڪڙو ڪتاب، لکندڙ جي ڪوڙي
نالي سان ڪڍيو ويو هو، جنهن ۾ ڪاسٽيلو ۽ ڪِيُورو
ٻنهي گڏجي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ملحدن کي
زوريءَ دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ نه گهرجي! هن قسم جو خيال
دنيا ۾ هرگز پکڙڻ نه کپي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه هڪ
”زهرناڪ ڳالهه آهي، جنهن جي معنيٰ هيءَ ٿيندي ته
خدا دشمني ۽ الحاد، سزا لائق ڏوهه ئي ڪونهن!“ تنهن
ڪري وارو ڪريو، جلدي ڪريو، هي جيڪي رواداريءَ جو
نعرو هڻن ٿا، تن جا منهن بند ڪريو!”جيتوڻيڪ دير
گهڻي ٿي چڪي آهي، پر خدا گهريو آهي ته اسان جي
ڪليسا جا سربراهه همٿ ڪري ههڙي قسم جي شيطاني حرڪت
کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندا.“ اُنهي هڪڙي ”حڪمنامي“ تي
هُن کي تسلي ڪانه ٿي. ٻئي ڏينهن، هُن جي کاٻي هٿ،
ٿئوڊور ڊي باز، پاڻ وڌيڪ چستائي سان لکيو ”اِن جي
نالي واري صفحي تي اوهان کي اِن جي اشاعت جو شهر
ماگڊيبرگ لکيل ڏسڻ ۾ ايندو، پر مُنهنجي نظر ۾ اِهو
”ماگڊيبرگ“ ضرور رائين نديءَ تي اُهوئي شهر آهي،
جتي اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي خدا ۽ خدا جي پياري
پٽ، معصوم يسوع، جي خلاف ذليل گستاخيون ٿينديون
ٿيون رهن. آءٌ پنهنجي ڏک ۽ ڪاوڙ کي جهلي نه ٿو
سگهان، ۽ پڇڻو پويم ٿو ته جو ڪجهه هِن بدمعاش
(Miscreant)
هِن ڪتاب جي مهاڳ ۾ بڪيو آهي، جيڪڏهن اُن کي
”برداشت“ ڪيو ويو، ته باقي اسان وٽ دين مقدس مان
ڇا وڃي رهندو!“
اِهي فتوائون ۽ حڪمناما، بهرحال، ڪتاب جي شايع ٿي
وڃڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ئي نڪري سگهيا هئا. ڪتاب
اڳي ئي مارڪيٽ ۾ پهچي چڪو هو- ۽ جڏهن اُن جي پهرين
ڪاپي جينيوا ۾ پهتي، تڏهن ايئن لڳو، ڄڻ اُتان جي
ڌرتيءَ کي ڌوڏو اچي ويو هو. ڇا؟ اهڙا به ڪي سچ پچ
ماڻهو هئا، جن انساني”ڪهل ۽ ڪهڪاءُ“ جي ڳالهه ڪري،
دين جي ”ضابطي“ کي ڊاهڻ گهريو ٿي؟ جن ماڻهن جو
ايمان خراب ٿي چڪو هجي، اُنهن سان برادرانه سلوڪ
جي ڳالهه؟ ڇا، اُنهن جي جاءِ ڦاسي گهاٽ ۽ باهه جو
مچ نه هئي؟ ڇا، هر مسيحي کي اُهو حق هو ته جيئن
وڻيس تيئن ڪلام خداونديءَ جي ويٺو معنيٰ ڪري ۽
تشريح ڪري؟ ڇا، اهو جينيوا جي ”محڪمي امور
مذهبيءَ“ جي علماءِ ڪرام ۽ مفتيان عظام جو ئي خاص
اختيار نه هو؟ اهو ته مقدس ڪليسا لاءِ سچ پچ هڪ
موتمار خطرو هو- جنهن مان ڪال ون جو مطلب هو، ته
اُهو سندس پنهنجي ڪليسا لاءِ خطرو هو. اُن کان
پوءِ جينيوا ۾ ايئن ڏسڻ ۾ آيو، ڄڻ اوچتو ئي اوچتو
ڪنهن جي چوڻ تي ”الحاد“، ”الحاد“ جون رڙين تي
رڙيون اڀيون ٿي ويون. ”هڪڙو نئون الحاد اُٿيو
آهي!“- ماڻهن جو اِهي دانهون چوڌاري هوا ۾ ٻُري
ويون؛ هڪڙو عجيب قسم جو الحاد، ”بيلونيت“. اُن کان
پوءِ، ۽ ڪافي وقت تائين، عقيدي جي ڳالهين ۾ سهپ ۽
رواداريءِ جي خيال لاءِ اِهو لفظ استعمال ٿيندو
رهيو- ڇاڪاڻ ته اُن ڪتاب جو نامور مصنف جو نالو
”مارٽينَس بيلَس“ (عرف ڪاسٽيلو) مشهور هو. ”اسان
کي هيءَ دوزخ جي باهه جي اماڙي، هڪدم وسائڻ گهرجي،
نه ته اها باهه سڄيءَ ڌرتيءَ تي پکڙي ويندي.“ ڊي
باز ته غصي ۾ ڀرجي بنهه وس کان نڪري ويو، ۽
رواداريءَ جي هن پهريئن کُلئي مطالبي لاءِ لکيائين
ته ”مسيحيت جي روز اول کان وٺي اڄ ڏينهن تائين
روءِ زمين تي ههڙيون گستاخي ۽ بد فضيلتيءَ جون
ڳالهيون ڪڏهن ڪونه ٻڌيون ويون- ڌڻي منهنجا، پنهنجن
ڪمزور ٻانهن کي هنن شيطاني سازشن کان پناهه ۾ رک!“
جينيوا ۾ ”جنگي ڪائونسل“ گهرائي ويئي. باغي تحرير
جو جواب ڏجي يا نه؟ زونگلي جي جانشين بُلنِگرَ،
جنهن کي جينيوا جي مير واعظ جي ڪتاب فوراً ناس
ڪرائي ڇڏڻ لاءِ لکيو هو، تنهن زيورچ مان، وڏي
عقلمنديءَ سان لکي موڪليو ته ”اِهو ايئن ئي پنهنجي
موت مري ويندو. اُن کي دٻائڻ سان ته پاڻ اُن جي
شهرت ٿيندي! “ پر فاريل ۽ ڪال ون، جيڪي هُنن
ڳالهين ۾ ڪڏهن به صبر نه سکيا هئا، زور لائي بيٺا
ته باغي ڪتاب جو جواب ضرور ڏيڻ گهرجي. ۽ ڇاڪاڻ ته
ڪال ون پاڻ اڳي ئي هُن مباحثي ۾ ڪجهه پئوڻو پئجي
چڪو هو، سو هن ڀيري هُن پاڻ کي پردي پٺيان رکڻ
مناسب سمجهيو ۽ هِن مهم ۾ پاڻ موکڻ جو موقعو هُن
پنهنجي هڪ ننڍي چيلي، ساڳئي ٿئوڊور ڊي باز، جي
حوالي ڪيو. ڊي باز پوءِ جڏهن رواداريءَ جي اِن
”شيطاني“ نظريي تي ڏاڍي سورهيائي واري انداز سان ۽
وڏو جانباز حملو ڪيو، ته ڪال ون هن کي وڌي وڌي
آفرين ڏني ۽ ٻنهي جهانن ۾ سرخرو رهڻ جون هن کي خوب
دعائون ڪيائين.
ڊي باز عام صورت ۾هڪ نيڪ ۽ سنئون سڌو ماڻهو هو،
جيڪو ڪافي سالن جي وفادار خذمتن عيوض پڇاڙيءَ ۾
نيٺ ڪال ون جو جانشين ٿيو، پر روحاني آزاديءَ جي
عداوت ۾ هو ڪال ون کان به ٻه رتيون ڪسر هو. غلام
طبيعت وارو ماڻهو اڪثر پنهنجي آقا کان اُن جي
ڳالهين ۾ ٻه وکون اڳتي وڌيل هوندو آهي. فڪري تاريخ
۾ ڊي باز جو هيءُ هڪڙو قول ئي هُن جي دائمي
خواريءَ لاءِ ڪافي آهي ته ”ضمير جي آزادي هڪُ
شيطاني اصول آهي.“ مطلب ته آزادي نه گهرجي. جيڪي
فڪر جي خود سَري ڏيکارين ٿا، تن جو سواءِ ترار ۽
باهه جي ٻيو علاج ڪونهي-”ظالم حڪمران، پوءِ اهو
ڪيترو به ڪٺور هجي، وري به بهتر آهي اُن کان، جو
هرڪو پنهنجي منهن آزاد هجي ته جيئن وڻيس تيئن پيو
ڪري ... ايئن چوڻ ته ملحدن کي سزا نه ڏيڻ گهرجي،
اهڙيءَ ئي هڪ ذليل ۽ خطرناڪ ڳالهه آهي، جيئن ايئن
چئجي ته پيءَ جي خونيءَ يا ماءُ جي خونيءَ کي
ڦاسيءَ تي نه ٽنگجي. ڇاڪاڻ ته ملحد ته هزارين ڀيرا
اُنهن کان وڌيڪ ڏوهاري آهن.“ ڊي باز جي اِن هڪڙي
لکيت جي نموني مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهي ٿو
ته هيءُ ڪتابڙو ”بيلونيت“ جي خلاف ڪيتري قدر نه
سخت ۽ زهريلي نفرت سان ڀريل هوندو. ڇا؟ هي جيڪي
”انسانن جي صورت ۾ حيوان“ آهن، تن سان انسانيت جي
روش وٺجي- سا به تڏهن جڏهن هو پاڻ اُن جو مطالبو
ڪن ٿا؟ نه هرگز نه؛ ضابطو پهرين آهي، انسانيت جي
ڳالهه پوءِ. نظريي جي معاملي ۾ ڪڏهن ڪنهن اڳواڻ
کي رحم جي اثر ۾ اچڻ نه کپي؛ ڇاڪاڻ ته اُن صورت ۾
رحم ڪرڻ ”شيطان تي رحم ڪرڻو آهي، نه ماڻهوءَ تي.“
بلڪل اُنهن لفظن ۾- ۽ ايئن تاريخ ۾ ڪيترن موقعن
تي- هيءُ انسان دشمن اڳرائي وارو نظريو اسان جي
اڳيان وري وري پيش ٿيو آهي. ”غير معقول رحم “ (اهي
لفظ ڊي باز جا آهن) انسان ذات سان دشمنيءَ جي
برابر آهي. ڇاڪاڻ ته انسان ذات کي ڪنهن نظرياتي
منزل ڏانهن فقط سختيءَ ۽ ضابطي سان ئي نيئي سگهجي
ٿو. ” اسان کي ڪجهه اوناڙ ڪندڙن بگهڙن کي ڪڏهن به
برداشت نه ڪرڻ گهرجي، نه ته نيڪ دل مسيحي مؤمنن جي
سڄي ڌڻ کي اُهي چيري ڦاري ڇڏيندا... بگهڙن سان
رحمدليءَ تي اسان کي شرم اچڻ گهرجي، ڇو ته اُها
اسان جي رحمدليءَ نه پر سخت بي رحمي ٿيندي. “ ايئن
ڊي باز آزاد خياليءَ کي پنهنجي پُرجوش عزم ۽ نٺر
ڪٺورتا سان پاڙؤن پٽي، پيرن هيٺيان چيڀاٽي، بنهه
بس ڪري ڇڏڻ ٿي گهريو؛ ۽ اُن ئي وٺ ۾ نه اچڻ جهڙيءَ
جولانيءَ سان هُن اختياريءَ وارن کي للڪار ڪري چيو
ته ”ٻڌو! جي اوهين نجات گهرو ٿا: خداوند قدوس وٽ
ملحدن جي خاتمي جهڙو ٻيو ڪو نيڪ عمل ٿي نه ٿو
سگهي!“
ڪاسٽيلو درد ڀريءَ دل سان پنهنجي خدا کي سڏيو هو،
جيڪو رحم ڪندڙ ۽ معافي ڏيندڙ هو، ته هو ڪم از ڪم
هن حيواني رتو ڇاڻ کي بند ڪري. هيڏانهن ڊي باز هو،
جنهن جي دل ڪاوڙ ۽ ڌڪار جي ٽانڊن سان اوتري ئي
ڀريل هئي، جو ساڳئي اُن خدا کي سڏي رهيو هو ته هو
اِهو قتلام بنا ڪنهن وقفي جي جاري رکي، ۽ ”مسيحي
حڪمرانن کي اُهو حوصلو ۽ اُها ايمان جي طاقت عطا
ڪري ته هو بدڪارن جي سڄي انبوهه کي نيست و نابود
ڪري ڇڏين.“ پر رڳو اُنهن جي نابودي به ڊي باز جي
انتقامي طبيعت جي ٺارڻ لاءِ ڪافي نه هئي. ملحدن کي
نه فقط مارڻ ضروري هو، پر هُنن کي چيچلائي چيچلائي
مارڻو هو. اُن لاءِ هر قسم جي اذيت رسائيءَ لاءِ
سندس ”خونخوار“ خدا جي طرفان جلادن جي معافيءَ جو
به اڳواٽ بندوبست ڪري ڇڏي ٿو:”حقيقت هيءَ آهي، ته
هِنن ملحدن کي جيڪڏهن سندن گناهه جيتري سزا ڏيڻي
هجي، ته پوءِ سندن موت جو ڪو اهڙو سخت ۾ سخت طريقو
آهي ئي ڪونه، جنهن سان کين سندن ڪِئي جي پوري سکيت
ملي سگهي.“ واقعي ئي مقدس دهشت جي فائدي ۾ ههڙا
دليل ۽ ههڙا بچاءَ، پڙهي پڙهي دل ڪچي ٿئي ٿي، ۽
روح کي اُٻڙڪا اچيو ٿا وڃن. بهرحال هنن جا اِهي
دليل ۽ اهي بچاءَ اسان کي ضرور ذهن ۾ رکڻا پوندا،
جيڪڏهن اسين سمجهڻ گهرون ٿا، ته مسيحي يورپ جي
پروٽيسٽنٽ دنيا اُن زماني ۾ نفرت ۽ انسان دشمنيءَ
جي ڪهڙي ٻرندڙ جبل جي وات تي وڌي اچي بيٺي هئي،
جتان هوءَ پوءِ فقط ڪن چند دورانديش فڪرمند شخصن
جي حوصلي ۽ همٿ سبب هٽي، هڪ پاسي ٿي، پاڻ بچائي
سگهي هئي. هي اُهي ئي ڪجهه سرفروش، فڪر جي آزادي
جا علمبردار انسان شناش ۽ دنيائي انسان جا
خيرانديش شخص هئا، جن پنهنجين حياتين تان هٿ کڻي،
جينيوا جي اُنهن ڪال ويني جنونين جو مقابلو ڪيو، ۽
اُنهن جي دوئيءَ ڌڪار ۽ ڪٽر پڻي جي جاءِ تي ايڪي،
پريم ۽ سهپ جي تلقين ڪئي، ڊي باز پنهنجي ”تعزيز
نامي“ ۾ مطالبو ڪيو هو ته ”بئلونيت“ جي هر ڪنهن
حامي کي، پوءِ اُهو ڪير به هجي،”مسيحي دين مقدس جو
دشمن “ شمار ڪيو وڃي- يعني سنئون سڌو ملحد سمجهيو
وڃي ۽ اُن جي سزا اُن کي جيئري ساڙيو وڃي: ”اسان
جو فرض آهي ته دين مقدس جي هيءَ تقاضا سڀني مسيحي
حڪمرانن جي آڏو پوري چٽائي سان پيش ڪريون ته دهرين
۽ ملحدن کي جوڳي سزا ڏيڻ سول (ملڪي) اختياريءَ
وارن جي سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان وڏي ذميداري آهي.“
هن کان پوءِ اُنهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ لاءِ، ته
ڪاسٽيلو ۽ سندن دوستن جي دل ۾ ڪو شڪ نه رهي، ته
جيڪڏهن هُنن اڃا به سرويٽس جهڙن ”بدڪارن“ جو پاسو
نه ڇڏيو، ته اُن لاءِ سندن قسمت ۾ ڪهڙي سزا مقرر
ٿي چڪي هئي، ڊي باز هنن کي کولي کولي ٻڌايو، ته
سندن ڪتاب جي مصنف توڙي اشاعتي جاءَ جي جڙتو نالن
جي ڪري هو اُن ڏوهه جي جوڳي سزا کان بچي ڪونه
ويندا- ”سڀڪو ڄاڻي ٿو ته توهين ڪير آهيو ۽ توهان
جا منصوبا ڪهڙا آهن... آءٌ توهان کي چتاءُ ڏيان
ٿو- بيلس، مانٽسرٽ ۽ توهان جي سڄي ٽولي- ته اڃا به
وقت اَٿوَ ته توبهه تائب ٿيو، ايمان جي تجديد
ڪريو، ۽ پنهنجي گمراهي جو اعلان ڪريو...“
ڊي باز جو هيءُ ڪتابڙو ڪنهن ”علمي بحث“ جو رڳو
نالي ماتر ڪو جواب هو. اُن ۾ جيڪو دڙڪو موجود هو،
دراصل اُهوئي اُن جو مقصد هو. روحاني آزاديءَ جي
حامين کي هاڻي سمجهي ڇڏڻو هو ته جيڪڏهن ملحدن لاءِ
کين ڪنهن ٻاجهه يا قياس جي گُهر ڪرڻي هئي، ته کين
پهرين پنهنجي حياتي تان هٿ کڻڻو هو، ۽ پوءِ هو
اُها گُهر ڪري سگهيا ٿي، ”بيلونيت“ جو اڳوڻ
سيباسٽيان ڪاسٽيلو، چڙي اڳتي اچڻ لاءِ مجبور ٿئي،
اُن لاءِ ڊي باز هُن تي الزام هنيو، ته هو بزدل
هو. ڪرهت ڀرئي لهجي سان لکيائين ته ”اهو جيڪو
هونئن ايترو سورهيه آهي، سو هن ڪتاب ۾ بنهه گدڙ
جهڙو ڊڄڻو ٿو لڳي: اُن ۾ هو رحم ۽ ٻاجهه جون ته
گهڻيون ڳالهيون ٿو ڪري، پر پنهنجي مُنهن ته مس مس
ٿو ٻاهر ڪري، ۽ سو به غلاف ۾ ويڙهي، ته جيئن ڪو
کيس سڃاڻي نه وٺي.“ ممڪن آهي ته ڊي باز کي اميد
هئي ته اِنهيءَ قسم جي دڙڪي تي ڪاسٽيلو خاموش ٿي
ويندو ۽ پوئتي هٽي، ميدان ڇڏي ويندو. يا شايد هُن
جي اصل مرضي ئي اِها هئي، ته هو خار کائي پاڻ کي
پڌرو ڪري ۽ نڪري سامهون ٿئي، ته هُن جي ڪا پوري
خبر ورتي وڃي. بهرحال، ڪاسٽيلو ترت ئي نڪري ٻاهر
اچي، ميدان تي اچي بيٺو. هو امن جو شيدائي هو، پر
ويڙهه ۾ جو هن کي ڌڪيو ويو ته قدم پوئتي هٽائڻ هن
لاءِ مناسب نه هو، هن ڏٺو ته فيصلي جي گهڙي اچي
پهتي هئي. مائيڪل سرويٽس تي ٿيل ظلم جو معاملو،
هُن جي مرڻ کان پوءِ ئي سهي، پوريءَ صورت ۾ سڄي
مسيحي دنيا جي عدالت اڳيان آڻڻ ضروري هو. نه ته
هُن جي اُن پهرئين قربانيءَ جي آڙاهه جي ٽانڊن مان
ٻيا اهڙا سوين هزارين آڙاهه ٻري سگهيا ٿي: سرويٽس
جو هڪڙو اڪيلو ناحُق خون جو واقعو مثال بنجي، سڄي
پروٽيسٽنٽ مسيحي عالم جو معمول بنجي سگهيو ٿي. هُن
پوءِ پنهنجا ٻيا سڀ ڪم اڌ ۾ ڇڏي، هڪڙِي اهڙي ڪتاب
لکڻ جو ارادو ڪيو، جيڪو اُن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو
”فريادنامو“ ثابت ٿيڻو هو. اُن ۾ هُن جيهان ڪال ون
جي خلاف مائيڪل سرويٽس کي، چئپل جي ٽڪريءَ تي،
مذهب جي نالي ۾ ناحق خون ڪرائڻ جو فرد جرم پيش
ڪرڻو هو. هيءُ ”فرياد نامو“ جيڪو پوءِ دنيا جي
اڳيان ”ڪال ون جو گناهه عظيم“ نالي سان ڪتابي صورت
۾ پڌرو ٿيو، جيتوڻيڪ بنيادي طور ۽ کليو کلايو فقط
هڪڙي شخص جي گناهه ڪبيري جو دفتر هو، پر اُهو
پنهنجي اخلاقي قوت سبب دنيا جي اُنهن بهترين ۽
اعليٰ کان اعليٰ شاهڪار تصنيفن مان هڪ تصنيف ثابت
ٿيو، جن ٻول کي قانون جي بالادستيءَ کان، راءِ کي
عقيدي جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ کان، ۽ ازل کان آزاد ضمير کي
ازل کان مردود ۽ مڪروهه زور جي غلاميءَ کان بچايو
۽ محفوظ پئي رکيو آهي.
سالن جا سال ڪاسٽيلو پنهنجي مخالف جو واقف رهيو هو
۽ هُن جي طور طريقن کان پوريءِ طرح باخبر هو. هُن
کي معلوم هو ته هر اُها ڳالهه، جيڪا شخصي طور هُن
جي خلاف هوندي، اُن کي به هو ڦيرائي ايئن چوندو
هو، ته اُها نظريي، سچي مذهب ۽ خود خدا جي خلاف
ڳالهه هئي. ڪاسٽيلو انهيءَ ڪري شروع ۾ ئي اِها
ڳالهه صاف ڪري ڇڏي هئي ته اُن بحث ۾ هُن ۽ مائيڪل
سرويٽس جي فڪر کي مڃڻ يا رد ڪرڻ جي سوال کي وچ ۾
ڪونه ٿي آندو، ۽ اُن سان به هُن جو ڪوبه واسطو
ڪونه هو ۽ نه اُن تي پنهنجو رايو ٿي ڏنائين ته اُن
معاملي ۾ دين ۽ اُن جي شريعت وغيره جي مسئلن ۾ ڪير
صحيح هو ۽ ڪير غلط هو. هُن فقط جيهان ڪال ون، هڪ
فرد، هڪ شخص کي خون جو ڏوهاري ثابت ڪرڻ ٿي گهريو.
هُن چاهيو ٿي ته ڪنهن به قسم جي ڪا موشگافي هُن کي
سندس اِنهيءَ مقصد جي وضاحت کان به جهلي.”جيهان
ڪال ون اڄ وڏي اختيار جو مالڪ آهي، ۽ جيڪڏهن مون
کي خبر هجي ها، ته هو ڪجهه نرم طبيعت جو ماڻهو آهي
ته آءٌ ايئن به چاهيان ها ته ڀل هُن کي اڃا به
وڌيڪ اختيار مليل هجن. پر هُن جو تازو وڏو سرڪاري
ڪم هڪ ماڻهوءَ جو جنسي خون هو ۽ اُن کان پوءِ ٻين
ڪيترن ئي چڱن ماڻهن کي هُن اهڙا دڙڪا ڏنا آهن ۽
ڏياريا آهن. اِهو ئي سبب آهي، جو آءٌ، جيڪو ڪنهن
جي خونريزي پسند نه ٿو ڪريان (ڇا، سڄيءَ دنيا کي
به ايئن نه ڪرڻ گهرجي؟) خدا تي توڪل رکي، اِن ڪم ۾
ڪال ون جي مقصدن کي دنيا جي آڏو پڌرو ڪرڻ گهران
ٿو، يا گهٽ ۾ گهٽ اِهو چاهيان ٿو ته جن کي هُن
گمراهه ڪيو آهي، انهن مان ڪي موٽي سنئين رستي تي
اچن.
”آڪٽوبر 28 ،1553ع تي، اسپين جي رهاڪو مائيڪل
سرويٽس کي ديني عقيدن جي بنياد تي جينيوا ۾ ساڙيو
ويو آهي- هُن جي ساڙڻ ۾ اُن شهر جي وڏيءَ ديول جي
وڏي پادريءَ ڪال ون جو خاص هٿ هو. اُنهيءَ خون تي
گهڻا احتجاج ۽ اعتراض اٿيا آهن، خاص طرح اٽليءَ ۽
فرانس ۾ انهن احتجاجن جي جواب ۾ ڪال ون هڪڙو ڪتاب
ڪڍيو آهي، جيڪو ڏسجي ٿو ته ڏاڍي هوشياريءَ سان هڪ
خاص رنگ ۾ لکيو ويو آهي. مصنف جو مقصد آهي ته پاڻ
کي سچو ثابت ڪري ۽ سرويٽس کي ڏوهي ثابت ڪري ۽ اِهو
به ثابت ڪري ته سرويٽس کي جيڪا موت جي سزا ڏني
ويئي هئي، سا صحيح سزا هئي ۽ پوري سزا هئي. آءٌ هن
ڪتاب کي پوري ڌيان سان چڪاسڻ گهران ٿو. هُن جي
اصلوڪي دستور موجب، ڪال ون مون کي شايد سرويٽس جو
پوئلڳ ڪوٺيندو، پر مون کي اُميد آهي ته هن جي
اِنهيءَ ڳالهه تي ڪو به ٺگجي ڪونه ويندو. آءٌ
سرويٽس جي خيالن جو بچاءَ ڪونه ٿو ڪريان، پر آءٌ
ڪال ون جي غلط خيالن جي ترديد ٿو ڪريان. آءٌ
بپتسمي، تثليث ۽ اهڙن مسئلن کي بحث هيٺ بنهه آڻڻ
نه ٿو گهران. مون وٽ سرويٽس جي ڪتاب جي ڪاپي به
ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اُن جون سڀ ڪاپيون، جيڪي به ڪال
ون کي هٿ آيون، سي سڀ هن ساڙائي ڇڏيون آهن، ۽
اِنهيءَ ڪري مون کي اِها به خبر ڪانهي ته اُن ۾
سرويٽس ڪهڙا خيال پيش ڪيا هئا. آءُ ڪال ون جي فقط
اُنهن خامين کي پڌرو ڪرڻ چاهيان ٿو، جن جو اصول يا
نظريي جي اختلافن سان ڪو واسطو ڪونهي؛ مون کي اميد
آهي، ته آءٌ بلڪل چٽي ريت کولي ڏيکاريندس، ته ڪال
ون دراصل ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، جنهن کي طاقت جي
بُک ۽ رت جي چسڪي ديوانو بنائي ڇڏيو آهي. آءٌ هن
سان اُها هلت نه ڪندس، جيڪا هن سرويٽس سان ڪئي،
جنهن کي هُن ڪتابن سميت ساڙائي ڇڏيو. ڪتاب، جن جي
تصنيف ئي اُن غريب جو گناهه هو. اُن ئي سرويٽس کي،
مئي کان پوءِ به، هو اٿندي ويهندي، اڃا تائين
بدنام ڪندو ٿو رهي. هُن کي ڪتابن سميت ساڙائي ڇڏڻ
کان پوءِ، ڪال ون، وڏي سورهيائيِءَ سان، اڄ به
اُنهن ڪتابن جا حوالا ڏئي ٿو ۽ اُنهن مان بي ربط ۽
اجايا ٽڪرا ڪڍي اسان کي ڏيکاري ٿو. اِها ڳالهه
ايئن ئي آهي، جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن جي گهر کي ساڙي
رک جو ڍير بنائي ڇڏي، ۽ پوءِ اسان کي دعوت ڏيئي
وٺي وڃي ته اُتي ڪوٺين ۾ جيڪو فرنيچر رکيل هو، اُن
جي بيهي چڪاس ڪريو! آءٌ پنهنجي سر ڪنهن ليکڪ ۽
اُن جي ڪتاب کي ساڙڻ ته ڇا، پر اُنهن جو سڙڻ ڏسي
يا ٻڌي به هوند نه سگهان. جنهن ڪتاب تي آءٌ تنقيد
ڪري رهيو آهيان، اُهو ڪٿي موجود آهي، هر ڪو ان کي
ڏسي سگهي ٿو، اُن جي فرينچ توڙي لاطيني ٻولين جا
ٻيئي ڇاپا موجود آهن. ڪنهن اعتراض جو امڪان نه
رهي، اِنهيءَ ڪري آءٌ هر حالت ۾ اُن مان جيڪو
حوالو پيش ڪندس، اُن جي اڳيان اُن جي پئرا جو نمبر
لکندس، ۽ اُن جي جواب ۾ جو ڪجهه لکندس اُن تي به
ساڳيو اُن پئرا جو اُهو اصلوڪو انگ ڏيندس.“
ڪو علمي بحث اِن کان وڌيڪ صاف گوئيءَ سان شروع نه
ٿو ڪري سگهجي. ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ ڪال ون پنهنجا خيال
کولي ظاهر ڪيا هئا ۽ ڪاسٽيلو اُن ئي ڪتاب کي، جيڪو
سڀني جي اڳيان موجود هو، هڪ دستاويزي ثبوت طور پيش
ڪري ٿو. بلڪل ايئن جيئن ڪو جج ڪنهن جوابدار جي
پنهنجي قبوليت کي ويهي جانچيندو آهي. ڪاسٽيلو لفظ
بلفظ ڪال ون جي ڪتاب کي ٻيهر ڇاپيو آهي، جيئن ڪنهن
کي به ايئن چوڻ جي گنجائش نه رهي، ته نقاد پنهنجي
مخالف جي ڪنهن حوالي کي بدلايو آهي يا اُن تي ڪوڙو
رنگ چاڙهيو آهي، يا اُن کي وڌائي يا مختصر ڪري،
پنهنجي ديانتداريءَ تي ڪنهن شڪ جي ڪا صورت پيدا
ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح سرويٽس جي ڪيس جو هيءَ ٻيو
نبيرو جينيوا ۾ اُن جي پهرئين نبيري کان وڌيڪ
انصاف وارو هو، جتي جوابدار کي هڪڙيءَ اونداهيءَ ۽
برف جهڙي ٿڌيءَ کوليءَ ۾ بند ڪيو ويو هو، ۽ شاهدن
جي سهڪار ۽ بچاءَ جي وڪيل جي خذمتن کان محروم رکيو
ويو هو. ڪاسٽيلو جو هيءُ پڪو خيال هو ته سرويٽس
جي ڪيس تي سڄيءَ انسان شناس دنيا ۾ آزاديءَ سان ۽
پورو تفصيلي بحث ٿئي ته جيئن اُن ۾ جيڪي اخلاقيات
جا سوال لڪل هئا، اُهي چڙهئي سج وانگر دنيا جي
اڳيان صاف ۽ چٽا ٿي بيهن.
ڪن بنيادي حقيقتن متعلق ڪو جهڳڙو ڪونه هو. هڪڙو
ماڻهوءَ جيڪو باهه جي آڙاهه وچان زور زور سان پاڻ
کي معصوم چوندو رهيو، تنهن کي ڪال ون جي چوڻ تي ۽
جينيوا جي شهري ڪائونسل جي حڪم سان نهايت بيدرد
نموني خون ڪيو ويو هو. ڪاسٽيلو اُن تي سوال ٿي
پڇيو ته مائيڪل سرويٽس جو آخر ڏوهه ڪهڙو هو؟ جيهان
ڪال ون، جنهن کي ڪو سياسي اختيار ڪونه هو، ۽ فقط
مذهبي اختيار هوس، تنهن هيءُ خالص مذهبي معاملو
آخر ڪهڙي آڌار تي ميونسپل اختياريءَ وارن جي اڳيان
آندو ۽ ڪيئن آندو؟ ڇا، جينيوا جي ميونسپل
اختياريءِ وارن کي ڪو حق هو، جو هو سرويٽس کي اُن
بيان ڪيل ڏوهه ۾سزا ڏيئي سگهن؟ آخر ۾، ڪهڙي اختيار
۽ ڪهڙي قانون يا قاعدي هيٺ، ٻاهريئن ملڪ جي هن
ديني عالم کي جينيوا ۾ موت جي سزا ڏني ويئي
هئي؟“
پهريئن سوال جي سلسلي ۾ ڪاسٽيلو سڄيءَ ڪارگذاريءَ
۽ خود ڪال ون جي پنهنجي چيل ڳالهين کي جانچي ڏسي
ٿو، اِنهيءَ لاءِ ته معلوم ٿي سگهي ته مائيڪل
سرويٽس تي نيٺ به ڪهڙو ڏوهه مڙهيل هو. سڄي رڪارڊ
مان، ڪاسٽيلو فقط هڪڙو ئي الزام لڀي سگهيو، جيڪو
ڪاسٽيلو تي لڳايو ويو هو، ۽ اهو هيءُ ته ”ڪنهن
عجيب جدت جي شوق ۾، هُن ڪلام خداوندي کي بگاڙڻ جي
گستاخي ڪئي آهي.“ اِن جي معنيٰ ته ڪال ون جيڪو
واحد الزام سرويٽس تي لڳايو هو، سو فقط اهو هو ته
هُن (سرويٽس) انجيل جو ڪو تفسير پنهنجي مرضيءَ ۽
اختياريءَ هيٺ اهڙو ڪيو هو، جنهن مان اهڙا نتيجا
نڪتا ٿي، جيڪي ڪال ون جي ديني نظريي ۽ اُن جي
تشريح کان الڳ يا ابتڙ هئا. اِنهيءَ بنيادي ڳالهه
معلوم ڪرڻ کان پوءِ، ڪاسٽيلو موٽائي زورائتو وارُ
ڪري ٿو. ڇا،”اصلاح دين مسيح“ جي تحريڪ جي حامين ۽
اڳواڻن ۾ سرويٽس ئي اڪيلو شخص هو، جنهن بائيبل جي
ايئن پنهنجي مرضيءَ ۽ اختيار سان تفسير ڪرڻ تي
ضد ٿي ڪيو؟ ڪير آهي، جو ايئن چوڻ جي جرئت ڪري سگهي
ٿو ته سرويٽس جيڪڏهن انجيل جي تشريح پنهنجي مرضي ۽
اختيار سان ڪئي ٿي ته ايئن ڪرڻ سان هُن ”اصلاح دين
مسيح“ جي اصلي ۽ حقيقي مقصد سان غداري يا بغاوت ٿي
ڪئي؟ اصلاحي ڪليسا جا سربراهه سواءِ اُن جي ته هنن
پنهنجي لاءِ ڪلام خداوندي جي نئين تفسير جو حق
قائم ڪرڻ ٿي گهريو، ٻيءَ ڪهڙي ڪوشش ۾ مصروف هئا؟
ڇا، خود ڪال ون، ۽ سندس دوست فاريل، ڪليسا جي اهڙي
نئين سر تعمير ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳرا ۽ سڀ کان زياده
گستاخ تجديدي نه هئا؟ ”ڪال ون پاڻ ته دين جي
تجديد ۾ ايڏو غير معمولي شوق ۽ اجهل حوصلو ڏيکاريو
آهي، جو پنهنجي اُن تجديد جي مخالفت کي ئي هو دين
جو هڪ وڏو ڏوهه ٿو سمجهي! ڏهن سالن جي عرصي ۾ دين
مسيح ۾ جيتريون جدتون هُن آنديون آهن، اوتريون
ڪئٿولڪ ڪليسا ڇهن صدين ۾ ڪو به آنديون آهن؟ ڪم از
ڪم ڪال ون پاڻ ايڏو هڪ بي خوف اصلاحي ٿي ڪري،
پروٽيسٽنٽ ڪليسا جي دائري ۾ ٻي ڪنهن اهڙي نئين
تفسير کي ڏوهه سڏڻ جو حق نه ٿو رکي.
”پر ڪال ون پنهنجي همه داني ۽ حق شناسيءَ کي
ناقابل ترديد سمجهي، پنهنجي راين کي صحيح ٿو سمجهي
، ۽ ٻي هر قسم جي مخالف راءِ کي غلط ٿو سمجهي.“
اِيئن ڪاسٽيلو هڪڙي ٻئي سوال تي اچي ٿو: ڪال ون کي
ڪنهن اختيار ڏنو آهي، ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي،
اُن جي فيصلي لاءِ جج پاڻ بنجي ويهي؟”ايئن برابر
آهي ته ڪال ون هر مصنف متعلق، جيڪوسندس هائو سان
هائو ۽ نه سان نه نٿو چوي، فتويٰ ڪڍيو ويٺو آهي ته
اهو بدنيت ۽ بداعمال آهي. انهيءَ ڪري هو گهري ٿو
ته جيڪي ساڻس راءِ جو اختلاف رکن ٿا، اُنهن کي نه
رڳو لکڻ کان روڪيو وڃي، پر ڳالهائڻ کان به روڪيو
وڃي: فرض اهو ٿو ڪيو وڃي ته سچ ڇا آهي ۽ صحيح ڇا
آهي، ان جي بيان ڪرڻ جو فقط کيس ئي حق آهي.“
هوڏانهن ڪاسٽيلو هيءَ چوڻ چاهي ٿو ته ڪوبه ماڻهو ۽
ڪابه پارٽي ڪڏهن به اهڙيءَ ڪنهن دعويٰ ڪرڻ ۾ حق
بجانب نه آهي ته ”فقط اسين ئي سچ ڄاڻون ٿا، ۽ جيڪا
راءِ اسان جي راءِ کان الڳ يا ابتڙ آهي، اها غلط
آهي.“ سڀ سچ، ۽ خاص طرح مذهبيءَ سچ، بحث طلب آهن،
۽ مبهم آهن. ”غيب جي ڳالهين متعلق، جيڪي فقط خدا
ٿو ڄاڻي، پوريءَ پڪ سان ڪو فيصلو ڪرڻ، ۽ ايئن
ڏيکائي ڏيڻ، ڄڻ خدا جي اسرارن ۾ اسين سندس همراز
آهيون، اهو ماڻهوءَ جو پنهنجو فقط هٺ ئي ٿي سگهي
ٿو. ۽ اها به ڪا گهٽ هوڏ ڪانهي، جو ايئن ڀانئيون
ته اهڙن معاملن جي سلسلي ۾ ڪڏهن اسين يقين جي حد
تائين رسي سگهون ٿا ۽ پنهنجي خيال ۾ ڪڏهن اُنهن کي
واضح صورت ۾آڻي سگهون ٿا- جڏهن حقيقت اها آهي، جو
اُنهن جي باري ۾ اسان کي ڪا ڄاڻ ڪانهي.“
دنيا ۾ هيل تائين انسانن جي مٿان ڪيترن ئي قسمن جو
تباهيون اچي چڪيون آهن، جن لاءِ فقط اُهي ڪٽرنظريي
باز ذميوار آهن، جن ايئن ٿي سمجهيو ته فقط سندن
رايا ۽ خيال ئي صحيح هئا. اِهي تعصبي عقائد پرست
جنوني شخص ئي آهن، جيڪي چاهين ٿا ته ماڻهن جي
خيالن کي جهلي ۽ ڇڪي، سندن پنهنجن فڪري قالبن
۾يڪجا ڪيو وڃي؛ اِهي ماڻهو پنهنجي خود پسند ويڙهو
طبيعت جي طفيل، خيالن جي فطري ڪثرت جي رنگينيءَ کي
اختلاف ۽ خونخوار تصادم جي صورت ڏيئي، دين ۾ ڏڦيڙ
وجهن ٿا ۽ اُن جي امن ۽ آشتيءَ کي بگاڙين ٿا.
ڪاسٽيلو اهڙي ئي قسم جي هڪ روحاني عدم- روادريءِ
جو الزام، ڪال ون تي عائد ڪيو:”سڀني فرقن پنهنجي
پنهنجي مذهب جو بنياد خدا جي ڪلام تي رکيو آهي، ۽
هر فرقي جا ماڻهو پنهنجي مذهب کي حق جي مخزن سمجهن
ٿا. پر ڪال ون جي چوڻ موجب، اُنهن مان فقط هڪڙو
فرقو ئي صحيح آهي، ۽ ٻين فرقن کي اُن هڪڙي فرقي
سان پاڻ کي مطابقت ۾آڻڻو آهي. عالي جناب جيهان ڪال
ون جي راءِ ۽ تحقيق، هُن جو پنهنجو ئي نظريو صحيح
آهن. پر ٻين فرقن جا سربراهه به پنهنجي پنهنجي
نظريي متعلق ساڳي راءِ رکن ٿا. ڪال ون چوي ٿو، ته
ٻيا غلط آهن، پر اُهي ٻيا چون ٿا ته ڪال ون غلط
آهي. ڪال ون اِن ڳالهه جو پاڻ جج ٿيڻ چاهي ٿو؛ ٻيا
به پنهنجي لاءِ ايئن چاهين ٿا. هاڻي، فيصلو ڪير
ڪري؟ بهرحال، ڪال ون کي هن ڳالهه ۾ وڏو جج ڪنهن
مقرر ڪيو ۽ ڪنهن هن کي موت جي سزا ڏيڻ جو خاص حق
ڏنو؟ هن سلسلي ۾ پنهنجي هڪ هٽيءَ جو درجو هو ڪهڙي
اختيار جي بنياد تي جائز سمجهي ٿو؟ ڇا خط جي ڪلام
جي بنياد تي هو پنهنجي لاءِ اهڙي دعويٰ ڪري ٿو؟ پر
ٻيا به ته ساڳي دعويٰ ڪن ٿا، يا شايد هو اسان کي
چوڻ گهري ٿو ته سندس نظريو بحث کان بالاتر آهي.
بحث کان بالاتر- پر ڪنهن جي نظر ۾؟ سندس نظر ۾،
جيهان ڪال ون جي نظر ۾. ڀلا، پوءِ هو ايترا ڪتاب
ڇو ٿو لکي، جڏهن چوي به ٿو ته سندس سچ، جيڪو هو
مڃي ٿو، سو ايترو کليل ۽ پڌرو آهي- بحث کان بالاتر
آهي؟ ڇو ڪڏهن هُن خون يا زنا کي گناهه ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪنهن ڪتاب لکڻ جي تڪليف نه ورتي آهي؟ ڇاڪاڻ
ته اُها ڳالهه سچ پچ بحث کان بالاتر آهي- سڀني جي
نظر ۾- کليل ۽ پڌري آهي. جيڪڏهن ڪال ون واقعي سڄو
روحاني سچ کولي صاف ڪري، سمجهائي ڇڏيو آهي، ته ٻين
کي ڪجهه وقت ڇو نه ٿو ڏئي ته هو به حقيقتن کي
سمجهي سگهن، جيڪي سندس نظر ۾ ايتريون چٽيون ۽ صاف
آهن؟ ڇو، اِن کان اڳ، جو هُنن کي اهڙو ڪو موقعو
ملي، هو اُنهن کي ڌڪ هڻي، ڪيرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا،
انهيءَ لاءِ ته جيئن سچ سندس نظر ۾ سچ آهي، تيئن
اُن کي سڃاڻڻ جي امڪان کان هو محروم رهجي وڃن؟
اِنهيءَ طرح، ڪاسٽيلوڳالهه کي بنهه ختم ڪرڻ جهڙو،
هڪ نقطو پيش ڪيو: ڪال ون هڪ اهڙي حيثيت پاڻ کي
ڏيئي، ڦونڊ ۾ ڀرجي ويهي رهيو آهي، جنهن حيثيت جو
هو هرگز حقدار نه آهي- هڪ اعليٰ جج جي حيثيت، جتان
هُن روحاني ۽ مذهبي معاملن ۾ پاڻ کي حرف آخر ٿي
لکيو، دراصل هُن لاءِ مناسب ته هيءُ هو، ته جيڪڏهن
هن سرويٽس جي خيالن کي غلط ٿي سمجهيو، ته هُن کي
ٻڌائي ها، ته هُن جي گمراهي ڪهڙي هئي. پر مِٺي ۽
معقول طريقي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي بدران هُن،
سواءِ ڪنهن رک رکاءَ جي، هڪدم اٿي ڏنڊي ۾ هٿ وڌو.
”تو ڳالهه جي ابتدا ئي پنهنجي مخالف کي جهلي جيل ۾
وجهي ڇڏڻ سان ڪئي، ۽ تون هُن جي ڪيس هلندي، سواءِ
هُن جي دشمنن جي، ٻئي ڪنهن کي به ڪونه ڇڏيو، جو
هُن جو ڪو بچاءَ ٿي سگهي.“ هن ڳالهه ۾ ڪال ون
دراصل ايئن ئي ڪيو، جيئن سڀ نظريي باز ڪندا آهن.
جڏهن به ڪو نظريي باز ڏسندو آهي، ته دليل هُن جي
خلاف وڃي رهيو آهي، تڏهن هو هڪدم پنهنجا ٻئا هٿ
پنهنجي ڪنن تي رکي ڇڏيندو آهي، ته جيئن هو وڌيڪ
مخالف جي ڪا ڳالهه ٻڌي نه سگهي، ٻئي پاسي هو
پنهنجي مخالف جو وات به بند ڪندو آهي ته جيئن وڌيڪ
هو ڪجهه ڳالهائي نه سگهي. اِن قسم جي گوش بندي ۽
زبان بندي جو مطلب هيءُ هوندو آهي، ته ماڻهو پاڻ
کي ۽ پنهنجي نظريي کي غير سلامت سمجهي ٿو. ڪاسٽيلو
اِهو به ڄاتو ٿي ته ڪال ون هن سان هِن معاملي ۾
ڪهڙي هلت هلڻ وارو هو، اِنهيءَ ڪري هُن ڪال ون جي
اخلاقي ذميداري جي ڳالهه ڪئي. ” آءٌ تو کان هڪ
سوال ٿو پڇان، محترم ڪال ون! جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن
موروثِي ملڪيت جي ڪيس ۾ ورتل هجين، ۽ تنهنجو مخالف
ڪنهن طرف ڪنهن جج صاحب کان اها سهولت حاصل ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي وڃي ته فقط هُن کي (يعني، تنهنجي مخالف
کي) عدالت ۾ڳالهائڻ جو حق هو. ۽ تو کي هڪ لفظ پڇڻ
جي به اجازت نه هئي، ته اُن صورتحال ۾ تون اُن
ناانصافي جي خلاف انهيءَ ئي گهڙي هوند احتجاج
ڪرين، يا نه ڪرين؟ پوءِ ايئن تون ڇو ٿو ڪرين، جو
جيڪا هلت ٻيا تو سان ڪن ٿا، ۽ توکي اُها نه وڻي،
اها ساڳي هلت تون ٻين سان ڪرين ٿو؟ اسين تو سان
ايمان ۽ عقيدي جي سلسلي ۾ اختلاف رکون ٿا، ۽ تو
سان اِنهيءَ روحاني معاملي ۾ ڪيس وڙهي رهيا
آهيون، پوءِ تون اسان جي زبان بند ڪرڻ ڇو ٿو
چاهين؟ ڇا، تو کي ايترو خوف آهي ته تون ڪيس
هارائيندين ۽ فيصلو تنهنجي خلاف ويندو؛ ۽ تنهنجي
آمريت جو درجو تو کان کسجي ويندو؟“
هتي پنهنجي ڪيس جي پيرويءَ کي في الحال بند ڪري،
ڪاسٽيلو هڪڙي شاهد کي پيش ڪرڻ چاهي ٿو. اهو شاهد
هڪ ناميارو ديني عالم آهي، ۽ اهو اچي مير واعظ
جيان ڪال ون جي خلاف شاهدي ڏيندو ته قانون
خداوندي خالص روحاني ڏوهن کي ضابطي ۾رکڻ يا بند
ڪرڻ لاءِ ڪنهن دنيوي حاڪم کي زور جي استعمال جي
اجازت نه ٿو ڏي، اهو وڏو عالم ’دين جو ناميارو
سربراهه‘ جنهن کي ڪال ون جي خلاف شاهدي ڏيڻ لاءِ
سمن ڪيو ويو آهي، اهُو ڪو ٻيو نه پر ڪال ون پاڻ
آهي، جيڪو هُن معاملي ۾ وڏي لاچاري سان ’ڪورٽ‘ جي
ڪٽهڙي ۾ اچي ٿو بيهي! ”ڪال ون هاڻي جڏهن ڏسي ٿو،
ته ڳالهه ڏاڍي منجهي پيئي آهي، تڏهن هو تڪڙو وڌي
ٻين تي ڏوهه ٿو مڙهي، ته متان مٿس ڪو الزام لڳي
پوي. پر هن ڪيس جي هُن پاڻ پيروي ڪئي آهي، اها ئي
هن مونجهاري لاءِ ذميدار آهي. سندس اشاري تي جيڪا
فتويٰ سرويٽس جي خلاف صادر ٿي، ان تي رڳو جينيوا ۾
پر سڄي مغربي دنيا ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي ويئي
آهي. هاڻي هن سڄي پنهنجي ڏوهه جو بار هو پنهنجي
ڪلهن تان لاهي، ٻين جي ڪلهن تي وجهڻ گهري ٿو. پر
جڏهن خود مٿس ساڳي قسم جا ڏاڍ ۽ ظلم ٿي رهيا هئا،
تڏهن هُن ڪا ٻي ٿي ڳالهه ڪئي. اُن دور ۾ هُن
ڪيترائي صفحا هن ساڳي قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف
ڀري ڇڏيا هئا. متان منهنجو ڪو پڙهندڙ مون تي
اعتبار نه ڪري، اِنهيءَ ڪري آءٌ هتي ڪال ون جي
ڪتاب ’نظام دين مسيح‘ منجهان اقتباس پيش ڪندس.“
سال 1554ع جوهيءُ ڪال ون شايد اُن ڪال ون کي مقتل
جي ڪلي سان ٻڌي، جيئري جلائي ڇڏي ها، جنهن اُهي
لفظ لکيا هئا، جيڪي ڪاسٽيلو ايئن حوالي طور هتي
پيش ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هُن ”نظام دين مسيح“ ۾
لکيو هو ته”ملحدن کي مارڻ عظيم ڏوهه آهي. اُنهن کي
باهه ۾ وجهڻ يا تلوار جي منهن ۾ڏيڻ انسانيت جي هر
اصول جي خلاف آهي.“جيئن ئي ڪال ون اقتدار اعليٰ تي
قابض ٿي ويٺو، تيئن هن اهي انسانيت جي نالي ۽
ناموس وارا لفظ چُپ چاپ پنهنجي ڪتاب مان ڪڍائي
ڇڏيا. ”نظام دين مسيح“ جي ٻئي ڇاپي ۾ اهي لفظ
موجود نه آهن! جڏهن نيپولين بوناپارٽ پهريون ڀيرو
فرانس جو سربراهه ٿيو هو، تڏهن هُن به، ساڳيو ڪال
ون وانگر جوانيءَ ۾لکيل انقلاب جي حمايت ۾ پنهنجي
هڪ ڪتابڙي جو ڪاپيون ڳولائي ڳولائي خريد ڪيون ۽ هڪ
هڪ ڪري، ناس ڪرائي ڇڏيون هيون. ڪال ون به جيئن ئي
هيڻي مان ڦري ڏاڍو ٿيو ۽ ڏاڍ سهڻ بدران پاڻ ڏاڍ
ڪرڻ جهڙو ٿيو، تيئن ماڻهپي ۽ مروت جي اُن پنهنجي
اوائلي تعليم کي هڪدم خير باد چئي ڇڏيائين. پر
ڪاسٽيلو ڪال ون کي سندس لکيل لفظن مان جند ڇڏائڻ
ڇو ٿو ڏئي! هو سندس اُهي لفظ هڪ هڪ ڪري، پوريءَ
سَندَ ۽ حوالي سان سندس ئي خلاف پنهنجي ’فرياد
نامي‘ ۾ پيش ڪري ٿو، ۽ پوءِ هو وڌيڪ اُنهن تي ٽيڪا
ٽپڻي ڪندي لکي ٿو: ”هاڻي منهنجا سڀ پڙهندڙ ڀلي
ڪال ون جي اصلوڪي عقيدي کي هن جي اڄوڪي تحرير ۽
اڄوڪي عمل سان ڀيٽين. مون کي پڪ آهي ته انهن تي
اها ڳالهه پوري طرح واضح ٿيندي ته هُن جو حال هن
جي ماضيءَ کان ايترو الڳ ۽ مختلف آهي. جيتري
اونداهه روشنيءَ کان. ۽ ڇاڪاڻ ته هو هڪڙي سرويٽس
کي مارائي چڪو آهي، انهيءَ ڪري هاڻي هو پنهنجن
سڀني اختلاف ڪندڙن کي ساڳئي طرح مارائڻ گهري ٿو.
هو، جيڪو دين جي معاملي ۾ پاڻ کي قانون ساز چوي
ٿو، پنهنجي ئي قانون کي رد ڪري ٿو، ۽ اختلاف ڪندڙن
لاءِ موت جي سزا خدائي امر سمجهي ٿو... پوءِ اسان
کي ان تي ڇو تعجب ٿيڻ گهرجي، جو هو ٻين کي مارائڻ
گهري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو ڊڄي ٿو ته هو سندس
اهي بي وزنايون ۽ ڦڙتيون گهڙتيون ظاهر
ڪندا ۽ انهن کي عالم آشڪار ڪندا. جيڪي غلط ڪم ڪن
ٿا، اُهي هميشه ڏينهن جي سوجهري کان ڊڄندا آهن.“
پر ڏينهن جو چٽو سوجهرو ئي آهي، جيڪو ڪاسٽيلو
چاهيو ٿي. هُن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪال ون
تي اهو لازم آهي ته هو دنيا کي سمجهائي ۽ اُن جي
اڳيان صفائي پيش ڪري ته هو، جيڪو ڪنهن وقت پاڻ فڪر
جي آزاديءَ جو پرجوش حامي هو، تنهن سرويٽس کي چئپل
جي ٽڪريءَ تي نيٺ به ڇو جيئري جلائي مارايو. ايئن
ڪال ون جي خلاف ڪيس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪاسٽيلو
وري ان جي ڪارروائي هٿ ۾ کڻي ٿو...
ٻه سوال، هيستائين فيصل ٿي چڪا. حقيقتن جي غير
جانبدار اڀياس مان ظاهر ٿيو ته مائيڪل سرويٽس جو
خون خالص روحاني سطح تي عمل ۾ آيو؛ هو ۽ ٻيو ته
جنهن خيال کي ڪال ون انجيل جي جائز معنيٰ يا تفسير
سمجهيو ٿي، اُن کان هن اسپيني ”گامو سچار“ جو
اختلاف ڪنهن به صورت ۾ ڪو دنيوي ڏوهه شمار نه ٿي
ٿِي سگهيو. پوءِ، ڪاسٽيلو پُڇي ٿو ته ڇو ڪال ون هن
خالص ديني ۽ فڪري معاملي ۾ دنيوي اختيارين وٽ
فريادي بڻجي ويو، ته جيئن سندس راءِ جي خلاف ڪنهن
راءِ کي دٻايو ۽ ختم ڪيو وڃي؟ مفڪرن جي وچ ۾ اُٿيل
اختلافن کي فقط فڪر جي آوازن وسيلي ئي فيصلو ڪرڻ
گهرجي.”جيڪڏهن سرويٽس تنهنجي خلاف ڪو هٿيار کڻي
ها، ته پوءِ توکي حق هو، ته تون شهري ڪائونسل وٽ
پنهنجي مدد لاءِ وڃين ها. پر، جڏهن تنهنجي خلاف هن
جو واحد هٿيار هن جو قلم هو، ته پوءِ تون هن جي
تصنيفن تي باهه ۽ تلوار سان حملو ڇو ڪيو؟ تون مون
کي اهو هڪڙو جواب ڏي، ته تو آخر ملڪي يا سول
اختياريءَ وارن کان هن خالص روحاني ڳالهه ۾ مدد ڇو
ورتي؟“
ڪنهن حڪومت کي ضمير جي معاملن ۾ دخل ڏيڻ جو اختيار
ڪونهي. شهري ڪائونسل جو ديني نظرين جي دفاع سان ڪو
واسطو ڪونهي، جيڪي خالص عالمن ۽ ديني بزرگن سان
وابسطا آهن. شهري ڪائونسل جو ڪم آهي ته عالم جو
بچاءَ به ايئن ڪري جيئن ڪنهن ڪاريگر جو، واپاري
جو، طبيب جو يا ڪنهن به اهڙي ٻئي شهريءَ جو، جنهن
سان ڪا زيادتي ٿي هجي. جيڪڏهن سرويٽس ڪال ون کي
خون ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي هجي ها، فقط ان حالت ۾
شهري ڪائونسل ڪال ون جي بچاءَ ۾ اڳتي اچي سگهي ٿي.
پر جيئن ته سرويٽس ڪال ون تي ”حملو“ به صرف دليلن
سان ڪيو هو، تنهن ڪري ڪال ون کي پنهنجو بچاءَ به
دليلن ۽ عقلي ڳالهين وسيلي ڪرڻ کپندو هو. ڪاسٽيلو؛
ڪال ون جي انهيءَ ڪوشش کي هر صورت ۾ غلط ۽ بيجا ٿو
سڏي، جنهن وسيلي هو پنهنجي ان ڪم کي ڪنهن اعليٰ
خدائي حڪم جي تعميل سڏي، ان لاءِ پنهنجو اهو جواز
ٿو ٺاهي؛ ڇاڪاڻ ته ڪاسٽيلو انهيءَ ڳالهه کي ناممڪن
ٿو سمجهي ته ڪنهن خون ڪرڻ جو ڪڏهن ڪو خدائي يا
مسيحي حڪم ٿي به سگهي ٿو. ڪال ون ان سلسلي ۾ حضرت
موسيٰ جي هڪ فرمودي کي پنهنجي بچاءَ ۾ پيش ڪرڻ
گهريو ٿي، جنهن ۾ حڪم ڪيل هو ته: ”باهه ۽ تلوار
سان ڪفر کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو!“ ڪاسٽيلو ان جو
سختيءَ سان جواب ڏئي ٿو ته ”ڪال ون کان خدا جي
نالي ۾ آءٌ پُڇان ٿو ته اهو حڪم جنهن جو حوالو هو
ڏئي ٿو، هو ڪيئن عمل ۾ آڻڻ چاهي ٿو؟ آءٌ سمجهان ٿو
ته هو ماڻهن جون بستيون، سيڌا سامان ۽ انهن جا مال
وٿاڻ سڀ باهه جي نظر ڪرڻ گهري ٿو، جيڪڏهن هن وٽ
ڪافي فوج هجي ته پوءِ هو پڪ ئي پڪ فرانس تي، اسپين
تي ۽ ٻين سڀني قومن ۽ ملڪن تي ڪاهون ڪندو، ۽ جتي
جتي هن جي نظر ۾ ملحدانه خيال ۽ عقيدا رائج هوندا،
انهن جا شهر ڊاهي ڍير ڪندو، انهن جا مرد، زالون،
ٻار ويندي مائرن جي پيٽ ۾ ٻالڪ به ترارين جو لقمو
بڻائيندو!“ ڪال ون پنهنجي ”تعزيز نامي“ ۾ چيو هو
ته مسيحي نظريي جي سڄي عمارت ڊهي اچي پٽ پوندي، نه
ته جن جي اها ذميداري هئي، ته ان جي حفاظت ڪن،
انهن جو فرض هو ته جتي جتي ڪو ڪوڙهيو غصوو ڏسن،
انهيءَ گهڙي ان کي وڍي اُڇلائي ڇڏين. ڪاسٽيلو هن
جو جواب ڏنو ته ”ڪليسا مان ملحدن ۽ ڪافرن کي ڪڍڻ
جو ڪم پادرين جو هو، جن کي حق هو ته انهن کي هو
جماعت مان خارج ڪري ڇڏين- ۽ نه ته انهن کي مارائي
ڇڏين؟ انجيل ۾ ڪٿي به ۽ نه ئي وري دنيا جي ڪنهن به
ٻئي اخلاقيات جي ڪتاب ۾ اهڙي قسم جي تعصب ۽ عدم-
رواداريءَ جي حمايت ڪئي وئي هئي، يا ان کي جائز
سڏيو ويو هو. ”ڇا، تون ايئن چوڻ جي همت ڪري سگهين
ٿو، ته توکي مسيح پاڻ پنهنجن انساني ڀائرن کي ساڙڻ
جي هدايت ڪئي آهي؟“ انهيءَ بي خوف نموني ڪاسٽيلو
سڄي ڪتاب ۾ ڪال ون تي گجندو ۽ قلم جون ڪاهون ڪندو،
اڳتي وڌندو پئي ويو آهي، ڪال ون، جنهن ”سرويٽس جي
رت سان ڀريل هٿن سان“ پنهنجو اهو واهيات معذرت
نامو لکي پنهنجي گناهگار ضمير کي سرچائڻ لاءِ،
دنيا جي آڏو پيش ڪيو هو. اُهي ماڻهو جن لاءِ زور
ئي فيصلن جو آڌار هوندو آهي، اهي هميشه پنهنجي زور
جي استعمال کي ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ ۽ غير شخصي مقصد
جي نالي ۾ جائز سمجهندا ۽ ثابت ڪندا رهندا آهن.
ڪال ون به دنيا جي اڳيان پاڻ کي معصوم ثابت ڪرڻ
خاطر وري وري، اها دعويٰ ڪندو ٿي رهيو ته هو دين
مقدس جي حفاظت خاطر سرويٽس کي ساڙڻ تي مجبور هو،
هن تي ڪلام خداوندي جي تقدس ۽ حرمت پاڪ جو بچاءَ
لازم هو، وغيره. ڪاسٽيلو، انهيءَ ڪري ان سڄي
پرفريب ۽ زهريلي دليل کي آخر ۾ چند اهڙن شاندار ۽
دل پذير لفظن جي ڌڪ سان ڀڃي دز ڪري ڇڏيو، جو انهن
نه رڳو ڪاسٽيلو جي پنهنجي دکي صديءَ جي اونداهي
رات ۾ وڄ جي چمڪاٽ جو ڪم ڏنو، پر اهي سڄي انساني
فڪر جي تاريخ ۾ دائمي طور اَمٽ شعاع جو ڪم ڏيندا
رهيا: ”ماڻهوءَ کي جيئري جلائڻ سان نظريو ڪونه ٿو
بچي، پر ماڻهو ڪُسجي وڃي ٿو. جڏهن جينيوا جي ڪٽر
عقيدي پرستن سرويٽس کي ماريو ٿي، تڏهن هنن نظريي
کي ڪونه ٿي بچايو، پر هڪڙي ماڻهوءَ کي قربان ضرور
ڪيو ٿي. اسين پنهنجي ايمان جي صداقت جي شاهدي ٻئي
کي ساڙڻ نه پر ان ايمان خاطر پاڻ کي باهه ۾ وجهڻ
لاءِ تيار رهڻ سان ڏئي سگهنداسين.“ |