سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:2 

فڪر جي آزادي

 اسٽيفن زويگ جي ڪتاب THE RIGHT TO HERESY جو سنڌي ترجمو

 

باب پهريون
 

ڪال ون جو طاقت ۾ اچڻ

 

1536 عيسويءَ جي سيپٽمبر مهيني جي 5 تاريخ تي آچر جي ڏينهن جينيوا جا شهر واسي، توتارن جي زوردار آواز تي گهرن مان نڪري، شهر جي وڏي چونڪ تي اچي گڏ ٿيا؛ ۽ پنهنجا ساڄا هٿ مٿي کڻي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيائون، ته ان ڏينهن کان پوءِ هو هر حالت ۾ فقط:”خداوند قدوس جي سڀ کان سچي دين ۽ ان جي سڀ کان سچي شريعت“، مطابق پنهنجي زندگي بسر ڪندا. خداوند قدوس جو سڀ کان سچو دين، مسيحيت ۽ ان جي سڀ کان سچي شريعت پروٽيسٽنٽ شريعت، جيئن اها جيهان ڪال ون پنهنجي ڪتاب ’نظام دين مسيح‘ (Instituio Religionis Christianae) ۾ هڪ سال اڳ قلمبند ڪري دنيا جي آڏو پيش ڪئي هئي.

ايئن پوري اجتماع جي راءِ سان، کلي ميدان ۾ خداوند قدوس کي حاضر ناظر ڄاڻي مسيحي دين ان جي واضح ۽ سڀ کان بهتر اجتهادي شريعت جي صورت ۾ جينيوا جي شهري رياست جو مذهب تسليم ڪيو ويو.

جينيوا جي مسيحي نظام جي اجتهادي شريعت جو هيءُ نفاذ خاص طرح هڪڙي دهشت پسند، ڪٽر مذهبي، مبلغ، فاريل جي محنت جو نتيجو هو، هو هڪ بيحد هٺ ڌرم، ضدي، ننڍڙي نرڙ وارو ۽ تحڪمانه طبيعت رکندڙ شخص هو، ارئسمس نالي ان زماني جي هڪ مشهور انسان دوست، بيحد سٻاجهي شخص هن بابت لکيو آهي ته: ”ههڙو خود پسند ۽ بي مهابو ماڻهو مون زندگيءَ ۾ ٻيو ڪونه ڏٺو.“ عام ماڻهن ۾ هو ’فرانس جو ليوٿر‘ سڏبو هو ۽ منجهن ڏاڍو مقبول به هو، ننڍي قد جو ڏسڻ ۾ بڇڙو، ڳاڙهه ڏاڙهيو، مٿي جا وار سدائين کنڊريل، هيءُ جڏهن منبر تي چڙهي وڏي آواز سان ماڻهن جي انبوهه اڳيان تقرير ڪندو هو، ته انهن ۾ ڄڻ بجليءَ جي لهر ڊوڙي ويندي هئي، ۽ انهن جا اُمنگ ۽ انهن جون ٽڙيل پکڙيل سَڌون هڪ هنڌ گڏ ٿي، هر شيء کي اُڏائي آسمان تي کڻي وڃڻ لاءِ، انهن جي دلين ۾ هڪ وڏو طوفان اٿاري ڇڏينديون هيون: جينيوا ۾ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ کان اڳ هو ڪيترائي ڀيرا بنهه موت جي منهن مان بچي نڪتو هو، جلسن جلوسن ۾ ڪيترن هنڌ ماڻهن مٿس پٿر وسايا هئا، ۽ هو رتوڇاڻ ٿي پيو هو. ڪيترا ڀيرا هو گرفتار ٿيو هو، الائي ڪيترن شهرن ۽ رياستن مان هن کي ڏيهه نيڪالي ملي هئي، پر خالص هڪ ڳالهه جي جنون ۾ ورتل هيءُ شخص، هر شيء کان بي پرواهه، پنهنجي ڌُن ۾ مست، پنهنجن مخالفن کي رستي تان هٽائيندو، پري ڪندو، اڳتي وڌندو رهيو. هڪ ڀيري پنهنجي طوفاني محافظ دستي جي رضاڪارن کي ساڻ ڪري، هو هڪ ڪئٿولڪ ديول ۾ گهڙي ويو، جتي ماڻهو عبادت ۾ مصروف هئا، ۽ امالڪ ڊوڙي، وڃي، مٿي مِنبر تي چڙهي بيٺو ۽ پادري کي هٽائي پري ڪري، اتان ’عدو عيسيٰ‘ تي ڌو ڌڙام تبرا ڪرڻ بيهي رهيو. هو گهٽين جا ڪي نه ڪي واندا ماڻهو پاڻ سان رکندو هو، ۽ اُهي شهر جي رول ڇوڪرن کي مڇرائي، ٽولين جي صورت ۾، ديولين تي حملا ڪرائيندا هئا، خاص ڪري تڏهن جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ اُتي وڃي گڏ ٿيندا هئا، ۽ اهي پوءِ اندر وڃي کِل کِل ڪندا ۽ ٽهڪ ڏيندا هئا ۽ بدڪن وانگر ’ڪڪ ڪڪ‘ جا آواز ڪندا هئا ۽ ڪئٿولڪ جماعتن جي عبادت ۾ رخنو وجهندا هئا، ايئن ڪندي ڪندي، نيٺ جڏهن فاريل ڏٺو ته هاڻي سندس پوئلڳ زور آهن، تڏهن پنهنجا محافظ دستا منظم ڪري، يڪي هڪڙي آخري حملي ڪرڻ لاءِ انهن کي تيار ڪيائين، پوءِ هڪ ڏينهن هن جينيوا جي سڀني ديولين ۽ خانقاهن تي هڪ ئي وقت ڪاهون ڪرايون، ۽ انهن ۾ رکيل اصحابين ۽ اوليائن جي تصويرن کي چيرائي ڦاڙائي ۽ پيل ’بتن‘ کي ڪڍائي ۽ ڀڃائي پرزا پرزا ڪرائي ڇڏيو ۽ ايئن هن، زوران زوري ’خدا جي گهرن‘ کي انهن ’شيطانن‘ ۽ شيطان دوستن، کان پوريءَ ريت پاڪ ۽ صاف ڪرائي، پنهنجي فتحمند ’ديني اصلاح‘ جي حوالي ڪري ڇڏيو. تاريخ ۾ سدائين ايئن ٿيندو پئي آيو آهي، ته هڪ مختصر پر باعمل اقليت، غير معمولي همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺي، وڏيءَ پر بي عمل اڪثريت تي غالب پئجي وڃي ٿي، هن حالت ۾ به ايئن ٿيو، ڪئٿولڪ فرقي وارن، جيتوڻيڪ هِنن غير قانوني ڪاررواين خلاف گهڻو رُنو پِٽيو ۽ ڪافي دانهون ڪوڪون ڪيون، ۽ شهري انتظاميا کي قدم کڻڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ليلايو ۽ منٿون ڪيون، پر مجموعي طور، هو سڀ هٿ تي هٿ رکيو، پنهنجن گهرن ۾ ئي ويٺا رهيا، تان جو پڇاڙيءَ ۾ ڪنهن به جوابي ڪارروائي ڪرڻ کان سواءِ، هنن جو بشپُ پنهنجي جان ۽ مال جو خير گهرندو، پنهنجي خالي مسند فاريل ۽ فاريل جي ماڻهن جي حوالي ڪري چپ چاپ، جينيوا مان نڪري، هليو ويو.

پر  فاريل جي اِيئن ڪامياب ٿيڻ کان ترت ئي پوءِ، ڳالهه ظاهر ٿي، ته هو انقلابي برابر هو، پر منجهس ڪا تخليقي صلاحيت ڪانه هئي. هو پراڻو نظام ڊاهي ته سگهيو، پر اُن جي جاءِ تي ڪنهن نئين نظام کي اڏڻ جي هن ۾ لياقت ڪانه هئي. هو نندڻ ۽ خراب ڪرڻ ۾ ته ڀڙ هو، پر تعميري هوش منجهس بنهه ڪونه هو: وڳوڙ ڪرائي سگهيو ٿي، ڳالهه ڦٽائي سگهيو ٿي، پر ڳالهه کي ٺاهڻ ۽ اڳتي هلائڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. هو رومن ڪليسا جي خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهيو ٿي، ۽ سڌي سادي عوام کي پادرين، راهبن ۽ راهبائن خلاف اُڀاري ته سگهيو ٿي، ۽ پنهنجن هٿن سان ديولين جا مِنبر ۽ مسندون ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري، اٿلائي پٿلائي ته سگهيو ٿي، پر اُن سموري ڊاهه ڊوهه کان پوءِ جڏهن هُن بيهي پنهنجي اُن تخريب کي ڏٺو ۽ تپاسيو ٿي، ۽ اُن تي غور ڪيو ٿي، ته منجهي ٿي پيو ۽ حيران ٿي بيهي رهيو، ته اُن کان پوءِ کيس ڇا ڪرڻ کپي؛ ڇاڪاڻ ته هن جي سامهون ڪا به پڌري منز ل ڪانه هئي، ڪو به چٽو مقصد ڪونه هو. جيڪو ماڻهو تاريخ جو سونپيل ڪو ڪم هٿ ۾ کڻندو آهي، پر اُن جي فرضن ۽ذميدارين پوري ڪرڻ جي ڄاڻ ۽ صلاحيت منجهس ڪانه هوندي آهي، اُن سان اِهو ئي سانحو پيش ايندو آهي، جيڪو فاريل کي، ايتري انقلابي ڪاميابيءَ کان پوءِ جينيوا ۾ درپيش هو. هو ڳالهه کان اِنهي حد تائين آڻڻ کان پوءِ هوش حواس وڃايو ، بلڪل اُنهي ماڻهو وانگر رستي جي وچ تي وائڙو ٿيو بيٺوهو، جنهن کي اِها خبر نه هجي، ته اُتان کان پوءِ کيس ڪيڏانهن وڃڻو هو.

عين اُنهي وقت، حُسن اتفاق سان، فاريل ٻڌو  ته ڪال ون مشهور جيهان ڪال ون، جنهن پروٽيسٽنٽ فرقي جو ’نظام دين مسيح‘ جهڙو عظيم ڪتاب لکيو هو، خوش قسمتيءَ سان پنهنجي وطن، فرانس جي ڀرواري شهر، سَئواءِ، ڏانهن ويندي، جينيوا مان اچي لانگائو ٿيو هو، ۽ هڪ ڏينهن اُتي ترسي پيو هو. فاريل هڪدم اٿيو ۽ اُنهيءَ سراءَ ۾ پهتو، جتي ڪال ون لٿل هو، ۽ ’ديني اصلاح‘ جي هن نامور اڳواڻ کان آئيندي جي نئين تنظيم بابت صلاح گهريائين. ڪال ون جيتوڻيڪ فقط ڇويهن سالن جو هو، ۽ ايئن فاريل کان ويهه سال عمر ۾ ننڍو هو، تڏهن به فقهه ۽ شريعت جي ميدان ۾ هڪ مستند عالم هئڻ سبب، هو وڏي اختيار ۽ وڏيءَ حيثيت جو صاحب هو. ڪال ون اصل ۾ مسيحي ڪليسا جي هڪ محصول اڳاڙيندر عملدار جو پٽ هو،  ۽ روم جي اعليٰ ديني مدرسي جوفارغ التحصيل هو. پڻس هن لاءِ شروع کان پادريت جو پيشو دل ۾ رٿيو هو، پر دستاربنديءَ کان هڪدم پوءِ قانون جي ڌنڌي ڏانهن ڇڪجي ويو، ۽ چوويهن سالن جي عمر ۾ ليوٿر جي پروٽيسٽنٽ اصولن جي تبليغ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هن کي فرانس مان ديس نيڪالي ڏني ويئي، ۽ هو اُتان ڀڄِي وڃي، جمهوريه وينس جي باسيل شهر ۾ پناهه گزين ٿيو، بلڪل اِيئن جيئن فاريل، جيڪو به اصل فرانس جو رهواسي هو، ساڳئي ئي سبب پنهنجي وطن مان تڙجي، جينيوا جي شهري رياست ۾ اچي پناهه گزين ٿيو هو.

جيهان ڪال ون (يا شاون) اُتي باسيل جي شهر ۾ ويهي، سال 1535ع ۾ پروٽيسٽنٽ جو اُهو پنهنجو عظيم ڪتاب ’ نظام دين مسيح‘ تيار ڪيو ، جنهن لاءِ چيو ويو آهي، ته اُهو دنيا جي اُنهن ڏهن يا ويهن ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪي تاريخ جو رخ موڙي سگهيا، ۽ جن يورپ جي پهرين صورت بدلائي، اُن کي نئين شڪل ڏني. ليوٿر جي انجيل مقدس جي ترجمي کان پوءِ ڪال ون جو هيءُ ڪتاب ’ديني اصلاح‘، جي تحريڪ جو ٻيو سڀ کان وڏو ۽ اهم ڪارنامو هو ۽ اُن ڪال ون جي تحريڪ جي همعصرن کي پنهنجي لاجواب منطق، ۽ واضح تعميري ڳالهين سبب تمام گهڻو متاثر ڪيو. روحاني ۽ ذهني تحريڪن کي هڪڙو داناءُ ماڻهو اُنهن کي سندن منطقي نتيجي تي پهچائيندو آهي. ليوٿر ’ديني اصلاح‘ جي تحريڪ جو اُٿاريندڙ ۽ اڀاريندڙ هو ۽ هن اُن جو پهريون نغارو وڄايو ۽ اُن ۾ جان وڌي. ڪال ون هڪ جوڙجڪي ۽ منتظم ماڻهو هو، ۽ هن بجاءَ ان جي؛ جو اُها انتهانيت جو رستو وٺي، بيڪار ختم ٿي وڃي، تنهن کان اڳ اُن کي هڪ تعميري ۽ مثبت نتيجي تي پهچايو. هڪ معنيٰ ۾ انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته جيئن گهڻو گهڻو پوءِ فرينچ انقلاب ’نيپولين جي قانون‘ جي مرتب ٿيڻ سان پنهنجي مقصد تي پهتو، تيئن ’ديني اصلاح‘ جي تحريڪ پڻ ، ڪال ون جي ’نظام دين مسيح‘ جي صورت ۾ ئي پنهنجي مقصدي خاتمي تي پهتي. ٻنهي ڪتابن ۾ چٽيون، فيصلي جي انداز جون ڳالهيون ڪيون ويون، ۽ جيڪي ٿي گذريو هو، اُن جو تَت ڳولهي، تحريڪن جي ابتدائي گرمائش ۽ تيزيءَ کي ماٺو ڪري، اُنهن کي قانون ۽ استحڪام جي مقرر شڪل ڏني ويئي. اهڙي طرح ڪثير فڪري ڦهلاءَ بدلجي ٻڌل ۽ بڻيل عقيدن جِي، ۽ آزاديءَ بدلجي آمريت جي جنم جي صورت ورتي ۽ روحاني اُڌمي کي مضبوط رسن ۾ جڪڙي بند ڪيو ويو. ايئن واقعي آهي ته جڏهن به انقلاب جي گهوڙي کي لغام ڏنو ويندو آهي، تڏهن اُن جي جولاني ۽ رفتار گهڻي قدر گهٽجي ويندي آهي. ڪال ون جي هٿن ۾، ’ديني اصلاح‘ جي تحريڪ جي پڻ  اِها حالت ٿي؛ پر اُن جو نتيجو هيءُ به عمل ۾ آيو ته اُن منزل کان پوءِ، پروٽيسٽنٽ فرقي روحاني طور هڪ متحد ۽ عالمگير حيثيت حاصل ڪئي، جيئن ان کان اڳ ڪئٿولڪ فرقي کي حاصل هئي، هاڻي مسيحي دين جا هي ٻه الڳ الڳ فرقا، هڪٻئي سان مدمقابل، دنيا جي ڌيان جا مرڪز بڻيا.

ڪال ون جي غير معمولي قوت اِنهيءَ مان ئي ظاهر هئي جو هو پنهنجي اُن پهرين تعليم تي آخر تائين جيئن جو تيئن قائم رهيو. وقت بوقت اُن جِي هو پوءِ وضاحت ڪندو رهيو، پر اُن جي ڪنهن  به بنيادي نُڪتي، اصول يا تعليم ۾ هُن ڪابه ڦير گهير ڪانه آندي ۽ نه برداشت  ڪئي. پنهنجي ڪتاب جا هُن پوءِ جيڪي به نوان ڇاپا پڌرا ڪيا، انهن ۾ هُن ڪن ڳالهين جون سمجهاڻيون ضرور پيش ڪيون ۽ ڪٿي ڪٿي اضافا به اُن ۾ شامل ڪيا، پر بنيادي طور تي پنهنجن پهرين فيصلن ۾ڪنهن به درستيءَ يا اصلاح آڻڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪيائين. پنجويهن سالن جي عمر ۾ هن پنهنجو سڄو نظرياتي فلسفو مڪمل طور سمجهي، اُن جي منطقي پڄاڻي تائين، پنهنجي ڪتاب ۾ دنيا کي اُهو پنهنجي ليکي سمجهائي، ڳالهه کي ختم ڪري ڇڏيو.  باقي پنهنجي سڄي عمر کيس اُن پنهنجي نظريي کي فقط عملي صورت ڏيڻ ۾ گذارڻي هئي. جو ڪجهه هن لکيو هو، اُن جو هڪ لفظ به ڦري نه ٿي سگهيو. پنهنجو ڪو کنيل قدم هن ڪڏهن به پوئتي نه هٽايو. پنهنجي مخالف سان هُن ڪڏهن ڪا مصالحت ڪانه ڪئي. جڏهن اهڙي ڪنهن  ماڻهوءَ سان ڪنهن جو واسطو پوندو آهي، تڏهن ٻنهي مان فقط هڪڙو ئي بچي نڪرندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جي نظريي کي يا بنهه ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻو آهي، يا ’آمنا صدقنا‘ چئي، اُن کي پوريءَ طرح قبول ڪرڻو پوندو آهي. ٽيون ڪو رستو اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهوءَ لاءِ موجود ئي نه هوندو آهي.

ڪال ون سان پهرينءَ گڏجاڻي ۾ ئي، فاريل اِها ڳالهه سمجهي ويو-  اها خود فاريل جي وڏي ۾ وڏي خوبي شمار ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ هو ڪال ون کان عمر ۾ ايترو وڏو هو، ته به اُن ئي گهڙيءَ، هن پاڻ کي، فرمانبدار پوئلڳ طور، ڪال ون جي سپرد ڪري ڇڏيو. کيس ڪال ون کي پنهنجو ليڊر ۽ آقا ۽ پاڻ کي هن جو نوڪر بلڪ غلام تسليم ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي. اُن کان پوءِ پورا ٽيهه سال فاريل پاڻ کان عمر ۾ ننڍي، اُن شوخ طبع ۽ سخت دل مالڪ جي هڪ لفظ جي به عدولي ڪانه ڪئي ۽ هُن جي هڪ اکر کي به ڪڏهن رد ڪونه ڪيو. هر ڳالهه  ۾، هر مسئلي ۾، هُن ڪال ون جو طرف ورتو، ۽ هن جي حڪم تي هر هنڌ ۽ هر حالت ۾ پاڻ کي قربان ڪري ڇڏڻ، پنهنجوفرض بلڪ پنهنجي زندگيءَ جي سعادت سمجهيو. ڪال ون جو پهريون پڪو مريد ۽ فدائي فاريل پاڻ ئي بنيو، ۽ ڪال ون پوءِ سڄي عمر پنهنجن معتقدن کان اهڙي ئي قسم جي انڌي ويساهه ۽ مڪمل غلاميءَ جي طلب ڪندو رهيو. فاريل پاڻ هُن کان سڄي زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڳالهه جي گهر ڪئي هئي، ۽ اُها به اُن پهرينءَ ملاقات ۾. فاريل کيس درخواست ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته هن فقط کيس ئي سڀ کان وڌيڪ اُن جو لائق ٿي سجهيو، تنهن ڪري جينيوا جي روحاني مرشد ۽ ديني امام ٿيڻ جي ذميداري کيس هر صورت ۾ قبول ڪرڻي هئي، ۽ هو اهو سندس فرض به هو. جينيوا جي شهري رياست ۾ پنهنجي خداداد لياقت سان ڪال ون کي ئي ’ديني اصلاح‘ جي تعمير ڪرڻي هئي، ۽ خداوند قدوس جي راهه ۾ مسيحي دين جي سڀ کان سچيءَ شريعت جو نفاذ به کيس ئي عمل ۾ آڻڻو هو-ڇاڪاڻ ته خود فاريل اُن عظِيم فرض پوري ڪرڻ جو پاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ لائق نه ٿي سمجهيو.

پهرين ته ڪال ون اُن خدائي سڏ جي قبول ڪرڻ ۾ ڪافي ڪجهه  حجاب ۽ حيرت کان ڪم ورتو- ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو جسماني دنيا جي مقابلي ۾ روحاني دنيا جا رهواسي هوندا آهن، اُنهن کي جڏهن خالص فڪر جي پرسڪون دائري مان نڪري، سياسي حقائق جي تلخ ۽ وڳوڙي دائري ۾ پير رکڻ لاءِ چئبو آهي، تڏهن هو بيحد منجهي پوندا آهن، بلڪ هيڪر ته کين ڏاڍو خوف وٺي ويندو آهي، ۽ هو اُن کان پاڻ بچائڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪندا آهن. ڪال ون تي به ڪجهه دير اهڙي قسم جو خوف طاري هو: هن ويچار ڪيو، دل من هنيو، ڪجهه پوئتي پير ڪيا، ۽ پنهنجي ننڍيءَ عمر ۽ تجربي نه هئڻ جا عذر پيش ڪيا. هن فاريل کي به ڏاڍيءِ نياز منديءَ سان ڳالهه تان هٽي وڃڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ جوهو پنهنجن ڪتابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ ئي خوش هو. پر فاريل کان آخرڪار ماٺ پڄي نه سگهي، ۽ ڪال ون جي ايئن خدائي سڏ کان بار بار نٽائڻ تي هو ڪاوڙجي پيو، ۽ بنهه هڪ مست درويش وانگر، جلال ۾ اچي، کيس چوڻ لڳو: ”تون پنهنجن ڪتابن کي وڏو ٿو سمجهين، پر آءٌ قادر مطلق جي نالي ۾ توکي چوان ٿو، جنهن جي هٿ ۾ سڀنيءَ جو ساهه آهي، ته توتي اُن جو عذاب نازل ٿيندو؛ جيڪڏهن تون ڌرتيءَ تي اُن جي آسماني بادشاهت جي اڏاوت ۾ مدد نه ڪندين ۽ دنيا ۾ يسوع مسيح جي مرضيءَ بدارن پنهنجي مرضيءَ جي ڪم ۾ لڳو رهندين!“

فاريل جي هن جذباتي سڏ تي ڪال ون جومن ڌُڏي ويو ۽ اُنهيءَ ئي گهڙيءَ هُن پنهنجي زندگيءَ جو عظيم فيصلو ڪري ورتو ۽ زور سان اُٿي جواب ڏنائين:” ليبڪ يا خداوند يسوع ليبڪ! آءٌ حاضر آهيان! آءٌ حاضر آهيان! شال جينيوا ۾ تنهنجوسچو دين قائم ٿئي ۽ تنهنجي شريعت نافذ ٿئي -آمين، ثم آمين!“ ۽ هيستائين جو ڪجهه هو لفظن ۾ ۽ خيالن ۾ ئي آڻيندو ٿي رهيو، اُهو هاڻي حقيقت جي صورت ۾ ۽ عمل جي دنيا ۾ ظاهر ٿيڻ وارو هو، هو جو هيلتائين محض هڪ ڪتاب تي پنهنجي ارادي جي ڇاپ هڻندو ٿي رهيو، هاڻي هُن کي هڪ شهر، هڪ رياست تي، اُها ڇاپ هڻِي ڏيکارڻ جو موقعو ملي رهيو هو.

ڪنهن تاريخي دور ۾ رهڻ وارا ماڻهو  اڪثر اُن دور بابت گهٽ ڄاڻ رکندا آهن. تاريخ جي بيحد اهم گهڙي هُنن جي اکين اڳيان گذري ويندي؛ پر هنن جو اُن ڏانهن ڌيان به ڪو نه ويندو. تاريخ جا فيصلا ڪن واقعا به پنهنجي پنهنجي دور ۾ پوري طرح لکجڻ ۽ رڪارڊ ٿيڻ کان رهجي ويندا آهن. اهڙيءَ ئي طرح 1536عيسويءَ جي مئي مهيني جي 21 تاريخ، جينيوا جي شهري ڪائونسل جي ميڙ ۾، فاريل جي ٺهراءُ تي يڪراءِ فيصلي سان، ڪال ون کي ”رياست ۾ مقدس انجيل جو مير واعظ“ مقرر ڪيو ويو، پر ڪائونسل جي سيڪريٽريءَ هن فيصلي کي ايتري به اهميت ڪانه ڏني، جو ڪار گذاريءَ جو احوال رڪارڊ ڪندي، ڪال ون جو نالو به لکڻ ضروري سمجهي- ڪير پيو ههڙي ننڍڙيءَ ڳالهه لاءِ معمولي واعظ جي نالي پڇڻ ۽ اُن جي صحيح لکڻ جي تڪليف ڪري - اُن جي بدارن هُن رڳو هي لکي ڇڏيو ته فاريل جي ٺهراءَ ”هڪڙي فرينچ شخص“ کي انجيل مقدس جو  واعظ مقرر ڪيو ويو. ڄڻ هيءُ رڳو هڪڙي ڪنهن پرديسي واعظ کي ٿورڙي پگهار ڏيڻ جو خسيس سوال هو. خود شهري ڪائونسل به پنهنجي ان فيصلي کي ڪا وڏي اهميت ڪانه ٿي ڏني. هنن ايئن ئي ڄاتو ٿي ته هڪڙو ڪو ننڍو عملدار وڌيڪ مقرر ڪرڻو هون؛ جيڪو ڪري ڇڏيائون، ۽ هو چپ چاپ، فرمانبرداريءَ سان، پنهنجو ڪم ڪندو رهندو، ۽ پگهار وٺندو رهندو -بلڪل  ايئن جيئن ڪو پوليس جمعدار ڪو چوڪيدار يا ڪو جلاد سندن نوڪري ڪندو ٿي رهيو.

شهري ڪائونسل جا ميمبر صاحب ايترا ڪي علم جا صاحب به ڪونه هئا، جو هو ونداڪائيءَ ۾ ڪي ديني ڪتاب ويهي پڙهندا هجن. منجهانئن ڪنهن هڪڙي به شايد ڪال ون جي ”نظام دين مسيح“ جا رڳو پنا اٿلائي به ڪونه ڏٺا هئا، هو جيڪڏهن عالم هجن ها، ته اُن ۾ جيڪي اختيار ”هن فرينچ“ يعني هن”مقدس انجيل جي واعظ“ کي”مومنن جي جماعت “ اندر مليل هئا. اُنهن کي پڙهي ضرور کين ڊپ وٺي وڃي: ”ها مقدس ڪليسا جي واعظين“ کي هيٺيان خصوصي اختيار رهندا- ڇاڪاڻ ته هو ڪلام خداونديءَ جا منتظم ۽ مبلغ آهن، اِنهيءَ ڪري هو سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، هُنن کي وڏن کان وڏن ۽ طاقتور، ماڻهن  کي خداوند قدوس جي عظمت جي آڏو جهڪڻ ۽ اُن جي بندگي ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا، هنن کي وڏن کان وڏن ۽ ننڍن کان ننڍن تي ڪُلي اختيار رهندو؛ ڇو ته هنن کي دنيا ۾ خداوند قدوس جي مرضيءَ کي نافذ ڪرڻو آهي ۽ شيطان جي حڪمرانيءَ کي ختم ڪرڻو آهي؛ ننڍن ۽ هيڻن گهيٽڙن کي بچائڻو آهي، ۽ بگهڙن کي ناس ڪرڻو آهي؛ کين فرمانبردار بندن کي همٿائڻو ۽ سيکارڻو آهي، ۽ هٺيلن ۽ راهه تان ٿڙيلن کي ڏوهي بنائڻو ۽ ناس ڪرڻو آهي. هو ٻَڌي سگهن ٿا ۽ ڇوڙي سگهن ٿا؛ هو گوڙيون پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ وڄون ڪيرائي سگهن ٿا،- پر اُهو سڀ ڪجهه هو احڪام خداونديءَ جي مطابقت ۾ ڪري سگهن ٿا، ڪال ون جا اهي لفظ: ”واعظين کي وڏن کان وڏن ۽ ننڍن تي ڪُلي اختيار رهندو، پڪ ئي پڪ شهري ڪائونسل جي ميمبرن نظرانداز ڪري ڇڏيا هوندا. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو اِنهن لفظن کي پنهنجي خيال ۾ رکن ها، ته ڪڏهن به هو اُن ماڻهوءَ جي هٿن ۾ ايتري لامحدود طاقت ڏيئي نه ڇڏين ها، جنهن اُن جي استعمال لاءِ اڳي ئي پنهنجي ڪتاب ۾ ايڏيون وڏيون دعوائون داخل ڪري ڇڏيون هيون. هنن جي دلين ۾ اهو گمان به ڪونه  گذريو هوندو ته جنهن فرينچ پناهگزين کي هو پنهنجي ڪليسا ۾ واعظ مقرر ڪري رهيا هئا، اُهو شروع کان ئي سندن شهر ۽ رياست جي حاڪم مطلق بنجڻ جو دل ۾ پڪو پهه پچائي چڪو هو. ٿورو به اهڙو ڪو شڪ هنن کي هجي ها ته هن کي اهو عهدو ۽ اُن سان گڏ پگهار ۽ ان قسم جو درجو هرگز ڪونه ڏين ها. بهرحال، هن جي ان تقرر کان پوءِ سندن پنهنجا سڀ اختيار يقيناً ختم ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته ڪال ون ترت ئي، پنهنجي اَجهل ذهني صلاحيتن کان ڪم وٺندي، پنهنجا سمورا غير محدود حڪمراني جا ارادا زوران زوريءَ، مٿن مڙهي ڇڏيا، ۽ هڪ جمهوري عوامي راڄ کي پوريءَ طرح هڪ مطلق مذهبي آمريت جي صورت ۾ بدلائي ڇڏيو.

اِن سلسلي ۾ ڪال ون جيڪي پهريان قدم کنيا، اُنهن مان هن جي دورانديش منطق ۽ سوچيل سمجهيل مقصد جي خبر پئجي سگهي ٿي. گهڻو پوءِ هن پڻ اِن باري ۾ لکيو هو ته: ”جڏهن پهريائين آءٌ هن جماعت ۾ آيو هوس، تڏهن هتي جينيوا ۾ ديني اصلاح، جو ڪم بلڪل ختم ٿيو پيو هو. ماڻهو هتي ٺلها واعظ پيا ڪندا هئا، ۽ ٻيو ٿيو خير، هنن ايترو سو ڪيو هو، جو اَوليائن جا عڪس ميڙي، گڏ ڪري، اُنهن کي ساڙي ڇڏيو هئائون، پر حقيقي ديني اصلاح جنهن کي چئجي، اُن جو نالو به ڪٿي ڪونه هو. سڀ ماڻهو ضابطي کان نڪتل، ۽ هر شئي هتان جي بگڙي پئي هئي،“ ڪال ون ڄائي ڄم کان ڄڻ ته ضابطي ۽ انتظام جو صاحب هو؛ هن کي بدانتظاميءَ کان چڙ هئي؛ هن جي فطرت بلڪل رياضيءَ جي علم جهڙي تز هوندي هئي، ۽ هر بي قاعدي ۽ بي ترتيبي ڳالهه کي سخت ناگوار لڳندي هئي. واعظ مقرر ٿيڻ کان ٽي مهينا پوءِ، هن ايڪيهن نُڪتن وارو هڪ مذهبي دستاويز تيار ڪيو، جنهن  ۾ هن پنهنجي نئين پروٽيسٽنٽ فرقي جا لازمي بنيادي احڪام شامل ڪيا، ۽ اُهو دستاويز هُن شهري ڪائونسل کان پاس ڪرائي، سڄيءَ جينيوا جي رياست ۾اُن جي نفاذ جو اعلان ڪرايو.

پر ڪال ون اُهو ماڻهو نه هو، جو رڳو زباني ايمان تي خوش ٿي ويهي رهي. هن مطالبو ڪيو ته جينيوا جا شهري سندس اُن دستاويز جي ايڪيهن ئي نڪتن تي سختيءَ سان عمل ڪن. هن جي نظر ۾ اِهو ڪافي نه هو ته نظريو يا شرعي دستور فقط ڪاغذ تي مرتب ڪيو وڃي، ۽ ماڻهو اُهو پڙهي يا ٻڌي زبان سان چون ته اُهو کين قبول هو. ڇاڪاڻ ته پوءِ هُو پنهنجي راءِ مطابق فيصلو ڪري سگهيا ٿي ته هو اُن جي ڳالهين تي ڪيتري قدر ۽ ڪيئن عمل ڪن. نظريي جي سلسلي ۾، ۽ زندگيءَ جي روزمره واري عمل ۾، مومنن جي اِها شخصي آزادي ڪال ون کي قبول ڪانه هئي. ديني ۽ روحاني ڳالهين ۾ هڪ اکر جي ته ڇا پر هڪ نقطي جي ڇڏ ڇوٽ نٿي ٿي سگهي؛ ذاتي خيالن جو هتي سوال ئي ڪونه هو؛ سندس نظر ۾ مقدس ڪليسا کي نه فقط اهو حق هو، پر اُن جو اهو فرض هو ته ”نظام دين مسيح“ جي هر ڳالهه تي، جيئن هن اُها پنهنجي ڪتاب ۾لکي هئي، ۽ جيئن اُها سندس ايڪيهين نڪتن واري شرعي دستاويز ۾ ٻڌايل هئي، ۽ هر ماڻهوءَ کان زوريءَ عمل ڪرايو وڃي ۽ اُن ۾  ٿوري کان ٿوري غلفت سرزد ٿيڻ تي به اُهڙي سخت سزا ڏني وڃي، جهڙي کليل انڪار يا بغاوت تي؛ ۽ ايئن هر ڳالهه ۾مسيحي پروٽيسٽنٽ فرقي جي ڪال ويني فقهه جي حد جوعملي مظاهرو ٿيندو رهي، ته جيئن خداوند قدوس جي دين اطهر جي حاڪميت جينيوا جي سرزمين تي پوريءَ طرح قائم ٿي  سگهي ۽ پوريءَ ڪاميابيءَ سان هلي سگهي: ”ٻيا ڇا به سوچين ۽ محسوس ڪن، پر آءٌ پاڻ هرگز هرگز اهو نه مڃيندس ته اسان جومنصبي فرض ايترو محدود ٿي سگهي ٿو، جو جماعت جي اڳيان واعظ ڪري اسين پورو ڪيون، ته ايئن سمجهون ته اسان پنهنجو فرض پوري ڪيو، ۽ هاڻي اسان کي ٻانهون ٻڌي، چپ ڪري، ويهي رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان جو ڪم پورو ٿيو، ۽ پوءِ ماڻهن کي جيئن وڻي تيئن ويٺا دين پاڪ جي مٽي پليت ڪن!“ ڪال ون جي هن مذهبي دستاويز ۾نه فقط سچن مومنن جي رهبريءِ لاءِ هدايتون موجود هيون، پر اُن ۾ رياست جي شهري انتظام جا احڪام به ڏنل هئا. هن شهري ڪائونسل کان مطالبو ڪيو، ته جينيوا جي عام شهر واسين جي  اجتماعي بيعت کان پوءَ جتي هنن ظاهر ظهور شهر جي وڏي چؤنڪ ۾گڏجي، ساڄا هٿ مٿي کڻي، ڪال ويني فقهه تي ايمان آڻي، پنهنجي نئين سر مسيحي اُمت هجڻ جو اعلان ڪيو هو، تيئن شهري ڪائونسل جي ميمبرن کي به مجبور ڪيو وڃي ته اُهي وري هڪ هڪ ٿي شهر جي وڏيءَ ديول ۾ کلئي عام، ٻيئي هٿ مٿي کڻي، سندس 21 نڪتن واري مذهبي دستاويز تي پنهنجي حلفيه ايمان جو اعلان ڪن، ۽ ايئن هو به نئين سر مسيحي اُمت ۾ داخل ٿين، جيڪا دنيا ۾ سڀ کان ڀلي امت آهي، ۽ پڻ خداوند قدوس جي حضور ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند پيل امت آهي. ڪال ون جي هيءِ تجويز به جينيوا جي شهري ڪائونسل قبول ڪئي، ۽ پوءِ ڪائونسل جا ميمبر ڏهن ڏهن جي ٽولن ۾ اسڪولي ڇوڪرن وانگر قطارون ڪري، شهر جي وڏيءَ ديول ۾ آيا، جتي ڪائونسل جي سيڪريٽري وڏي واڪ کين ڪال ون جو ايڪيهه نُڪاتي مذهبي دستاويز پڙهي ٻڌايو، ۽ پوءِ انهن مان هڪ هڪ، الڳ الڳ، ٻيئي هٿ مٿي کڻي، اُن تي پنهنجي ايمان جو اعلان ڪيو. کين اِهو به ٻڌايل هو ته  جيڪڏهن ڪي به منجهائن ايئن پنهنجي بيعت جو اعادو نه ڪندا، ته اُنهن کي فوراً اُنهيءَ مهل، جلاوطن ٿيڻو پوندو. اِن جي صاف معنيٰ هيءَ هئي، ته اُن ڏينهن کان پوءِ ڪو به شهري جينيوا جي چوديواريءَ ۾ رهي ڪري، روحاني مسئلن ۾، ڪال ون جي مطالبن ۽ خيالن کان هڪ وار به اختلاف ڪري نه ٿي سگهيو. ”ديني اصلاح“ جي تحريڪ ۾، اُها ڳالهه جنهن کي مسيحي عقيدي جو هڪ لازمي جز تصور ڪيو ويو هو ۽ اُن جي تسليمي، اُن تحريڪ جو هڪ بنيادي مطالبو هو، يعني هيءَ ڳالهه ته: ”مذهب هر ماڻهو جي پنهنجي ضمير جومسئلو هو“. اها ڳالهه مير واعظ ڪال ون جي جينيوا ۾ هاڻي ختم ٿي چڪي هئي، اُن کان پوءَ جينيوا ۾ ”ديني اصلاح“ جو قانون اُن جي مقصد يا روح تي غالب پئجي چڪو هو، اُن کان پوءِ جينيوا ۾ مذهب ۽ اُن جي سياست کي انسان کان مٿانهون درجو ڏيئي، انسان کي اُنهن جو غلام بنايو ويو، اُن کان پوءِ جينيوا مان آزاديءَ کي ڏيهه نيڪال ملي چڪي هئي، ڇاڪاڻ ته اُتي هاڻي ڪال ون داخل ٿي چڪو هو. جينيوا ۾ هاڻي هڪ ماڻهوءَ جي راءِ سڀ جي مٿان غالب هئي.

آمريت جو تصور ۽ اُن جو وجود زورَ ۽ زور جي استعمال کان سواءِ ممڪن ئي ڪونهي. جيڪو ماڻهو طاقت قائم رکڻ گهري ٿو، اُن کي طاقت جا وسيلا هٿ ۾ رکڻا پون ٿا. سزا  جي اختيار کان سواءِ حڪمراني نٿي ٿي سگهي؛ پر شهري ڪائونسل جي جنهن ٺهراءَ هيٺ ڪال ون کي جينيوا جو مير  واعظ مقرر ڪيو ويو هو، اُن ۾ اهڙيءَ ڪنهن ڳالهه جو ذڪر ئي ڪونه هو. جيڪڏهن ڪنهن شهريءَ کان ڪو مذهبي  ڏوهه ٿي پوي، ته اُن جي سزا طور کيس جلاوطن ڪرڻ جو يا ٻيءَ ڪنهن سيکت ڏيڻ جو ڪال ون کي ڪو حق ئي ڪو نه هو. ڪائونسل جي ميمبرن هُن کي فقط”مقدس انجيل جو مير واعظ“ مقرر ڪيو هو، ته جيئن هو ڪلام خداوندي مومنن کي پوريءَ طرح سمجهائي سگهي؛ هنن کيس واعظ مقرر ڪيو هو ته هو وعظ نصيحت وسيلي جماعت کي سڌي رستي تي هلڻ جي هدايت ڪري. هنن جو خيال هوته ماڻهن کي سزا ڏيڻ جو اختيار هنن، جيئن ٻين ڳالهين ۾ تيئن مذهبي ڳالهين ۾ پڻ، پنهنجي ئي هٿ ۾ رکيو هو، ۽ شهرين جي ڪارڪردگي ۽  هلت چلت لاءِ ڪال ون يا ڪو ٻيو واعظ نه پر هو پاڻ ذميوار هئا ”ديني اصلاح“ جي سڄيءَ تحريڪ ۾ خود ليوٿر به شهري حڪومت جا حق ۽ اختيار پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ يا استعمال ڪرڻ جي دعويٰ ڪانه ڪئي هئي. پر ڪال ون ٻئي خيال جو ماڻهو هو. هن کي مذهب کان سياست جي علحدگي پسند ڪانه هئي. هن جي اختيار پسند طبيعت اِن تي مطئمن رهي نه ٿي سگهي، ته هو رڳو هڪ پاسي خطبا پڙهندو وتي ۽ واعظ ڪندو رهي، ۽ ٻئي پاسي، جيڪڏهن ڪو خدائي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري، ته اُن کي هو رڳو ”اڙي“ به نه چئي سگهي! اِنهيءَ ڪري هن سوچي ويچاري، اهڙو هڪڙو رستو ڳولي ڪڍيو، جنهن ۾ ماڻهن کي سزائن ڏيڻ لاءِ، شهري ڪائونسل ڦري سندس حڪم بلڪ اشاري جي غلام بڻجي پيئي! اِن قسم جي قانوني حثيت ته برابر کيس مليل  ڪانه هئي، پر هن ” مذهبي ڏوهين“ کي”جماعت مان نيڪالي ڏيڻ“ جو رواج قائم ڪري، اهڙو قانوني حق به ويٺي، ويٺي ازخود پنهنجي لاءِ پاڻ حاصل ڪري ورتو. دانائيءَ جي هڪڙي عمل سان هن ”مقدس دعوت“ جي مسيحي اسرار کي ڦيرائي، پنهنجي اُن مقصد جي حاصلات جو هڪ ڪامياب وسيلو بنائي ڇڏيو؛ يعني اُنهيءَ خالص مذهبي تقريب مان، هُن پنهنجي شخصي طاقت ۽ اختيار کي وڌائڻ ۽ پنهنجن مخالفن کي دٻائي، پنهنجي اڳيان نمائڻ جو بهترين گرُڳولهي لڌو: هُن فيصلو ڪيو، ته خداوند يسوع مسيح جي ”مقدس دعوت“ ۾ فقط اهڙن صالح جماعتن کي شموليت جي اجازت ڏبي، جن جي هلت چلت ۽ ڪارڪردگي پسندگيءَ واري ۽ قابل قبول هوندي؛ پر جيڪڏهن ڪال ون جو واعظ، ڪنهن مومن کي ايئن ”خداوند مسيح جي مقدس دعوت“ مان مذهبي طور غير صالح سمجهي، خارج ڪري ڇڏي، ته اُهو شهري خيال کان مسيحي سماج مان  پڻ خارج سمجهيو ويندو. ڪال ون جي هن نئين هٿيار جي ساهه گهٽيندڙ طاقت اِنهيءِ ڳالهه ۾ هئي؛ ڪنهن کي به پوءِ اُن ”ڏوهي“ بابت ڳالهه ڪرڻ جي اجازت ڪانه هئي، جيڪو، عام جي زبان ۾، ڄڻ نيات مان نڪري چڪو هو. ڪوبه پوءِ هن سان ڏيتي ليتي نه ٿي ڪري سگهيو. اهڙيءَ طرح، جيڪا ڳالهه پهريائين هڪ خالص مذهبي رسم طور روحاني اختياري وارن جي حوالي ڪئي ويئي هئي، اُها ايئن ڪال ون ۽ سندس واعظين جي هٿن ۾ بدلجي، سماجي ۽ ڪاروباري قطع تعلق جو خطرناڪ هٿيار بنجي پيئي. جيڪڏهن اُن ماڻهو، جنهن جي خلاف اهڙي قطع تعلق جو اعلان ٿي چڪو هو، ڪنهن طرح پنهنجي آڻ نه مڃِي ۽ اڳتي ڏوهه کان کُلئي عام توبهه نه ڪئيِ، ته ڪال ون هڪدم مسيحي جماعت مان هن جي نيڪاليءَ جو اعلان ڪرائي ڇڏيندو هو . ڪال ون جو ڪو به مخالف، پوءِ اُهي ڪيتري قدر جو هڪ معزز شهري هجي، ڪال ون جي اهڙيءَ طرح ناپسندگيءَ جي شڪار ٿيڻ کان پوءِ، جينيوا ۾ هڪ پل به وڌيڪ رهي نه ٿي سگهيو. هُن جي اهڙي ڪنهن ظاهر ظهور مخالف جو، هڪ سکئي ستابي شهر واسيءَ جي حيثيت سان، شهر ۾ باقي وجود ۽ موجودگيءَ جو سوال ئي ڪو نه ٿي اُٿيو.

ڪال ون جي هن خطرناڪ اختيار جي سامهون جنهن به ڪنڌ مٿي ٿي کنيو، اُهو اُتي ئي سَٽجي ٿي ويو. هڪڙي ئي ڌڪ سان هُن هي ”وڄ ۽ ڳوڙ“ جهڙا ساهه ڪڍندڙ هٿيار هٿ ڪري ورتا هئا، جيڪي کانئس اڳ جينيوا جو ڪئٿولڪ بشپ خواب ۽ خيال ۾ به ڪم آڻي نه ٿي سگهيو. ڪئٿولڪ ڪليسا جي حالت ۾ ٻي به ڳالهه هئي، ته اُن ماتحت ننڍيءَ اختياري وارن کان وٺي، چوٽيءَ جي اختياريءَ وارن تائين، ڪيترائي هڪٻئي کان وڏا اختياريءَ جا صاحب هئا؛ جن وٽ ڪيتريون ئي دانهون ڪوڪون ۽ اپيلون ٿي ٿي سگهيون ۽ ڳالهه اُنهن سڀني مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ ئي وڃي، جماعت جي نيڪاليءَ تائين پهتي. مطلب ته اُتي به جماعت يا شهر مان نيڪاليءَ جي ڳالهه اهڙي هڪ غير معمولي ڳالهه هئي، جو اُها ڪنهن به هڪ شخص جي انفرادي ارادي يا فيصلي جي اختيار کان ٻاهر هئي. پر ڪال ون جو هن سلسلي ۾ مقصد وڌيڪ صاف هو؛ ۽  پنهنجي طاقت ۽ اختيار کي پوريءِ آزاديءَ سان استعمال ڪرڻ خاطر هُن زوريءَ اُهو اختيار الڳ الڳ پنهنجن سڀني ماتحت واعظي ۽ پڻ پنهنجي هڪ هٿ ٺوڪيءَ ”احتسابي ڪاميٽيءَ “ جي  حوالي ڪري ڇڏيو، جماعت کان نيڪالي جي خطرناڪ دڙڪي کي هُن ايئن هڪ باقاعدي سزا جي صورت ڏيئي ڇڏي، ۽ اهڙي طرح هن پنهنجي ذاتي اختيار ۽ شخصي طاقت ۾ لامحدود اضافو آندو. نفسياتي ڄاڻو وانگر، هن کي پورو اندازو هو ته اهڙيءَ دهشتناڪ سزا جي خوف جو ماڻهن تي ڪهڙو اثر پوندو،  ۽ ڪيتري قدر هرڪو اُن کان بچڻ ۽ پاڻ کي سندس خاص پوئلڳن ۾ شمار ڪرڻ جا جتن ڪندو. شهري ڪائونسل کان هُن مطالبو ڪيو ته  ”تجديد ايمان جي مقدس رسم“ هر مهيني ادا ڪئي وڃي، ته جيئن جينيوا جا رهواسي هجڻ وٽس ۽ سندس واعظين وٽ حليفه پنهنجي سچي مسيحي هجڻ جو اعلان ڪري سگهن. شهري ڪائونسل وڏين ڪوششن سان کانئس اها ڳالهه قبول ڪرائي ته ”تجديد ايمان“ جي اُها تقريب هر مهيني بدران هر ٽئين مهيني منعقد ڪئي وڃي بهرحال، هُن جماعت نيڪاليءَ جو هٿيار ۽ اُن جي نتيجي ۾ شهر نيڪالي جي سزا جو اختيار ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي هٿان نه ڇڏيو؛ کيس پوري خبر هئي، ته اُن هٿيار جي استعمال سان ئي هو سموريءَ طاقت ۽ سموري اختيار هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهيو ٿي، ۽ اُهو ئي، جينيوا جي مير واعظ ٿيڻ وقت، هن جو مُنڍ کان دلي مقصد هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org