سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: فڪر جي آزادي

باب:

صفحو:7 

باب ٽيون

ڪاسٽيلو جو ميدان تي اچڻ

 

آمر کان ماڻهو ڊڄندا آهن، هن کي ڀانئيدا نه آهن؛ جيڪي دهشت پسند حڪومت کي قبول ڪري اُن جي آڏو پيش پون ٿا، اُن جو مطلب اهو نه آهي، ته هو ان کي جائز ۽ صحيح به سمجهن ٿا. ڪال ون جينيوا ۾ موٽي آيو، اُن کان پوءِ ڪجهه مهينا عام شهري توڙي خاص شهري رياست جا عملدار؛ سڀ هن جي سارهه جا ڍڪ ڀريندا رهيا. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ فقط هڪ ئي جماعت هئي ۽ هڪ ئي تسلط هو، اِنهيءَ ڪري سڀني کي ڪنهن طرح ڏسڻو ۽ مڃڻو ئي ٿي پيو ته آمر پنهنجي مقصد ڏانهن وڏي شان شوڪت ۽ پڪي ارادي سان وڌي رهيو هو. جن تي حڪم هلائڻ لاءِ ڪال ون کي سڏي آندو ويو هو، تن مان گهڻا وقتي طور امن امان ۽ اتحاد جي نشي ۾ مست هئا پر ترت ئي ماڻهن جو مغز جاءِ تي اچڻ لڳو؛ جيڪي شخص ڪال ون کي وٺي  آيا هئا ته ٻيهر هلي ضابطو بحال ڪري، تن کي اهو آسرو هو ته هيءُ شوخ طبع ديني آمر اُن مقصد جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ خود بخود ڍَرو ٿي ويندو ۽ هُن جي پارسائي جي شدت به گهڻي قدر ماٺي ٿي ويندي. پر اُن جي بدران، ٿيو ايئن جو روز بروز ڪال ون جو”ضابطو“ شديد کان شديد تر ٿيندو ويو. پنهنجي سختي کي گهٽ ڪرڻ ۽ امن پسند شهر واسي ڀائرن جي مهرباني مڃڻ بدران، جيڪي ايئن پنهنجي انفرادي آزادي ۽ روزمره جون خوشيون، سندس حڪمن جي بجاوريءَ ۾قربان ڪندا ٿي رهيا، سو جيئن پوءَ تيئن وڌيڪ شهر جي وڏي ديول جي منبر تان اُنهن عتابن جا انبار ۽ الزامن جون ڪٽڪيون ٻڌيو بيٺو هوندو هو- چي، ”جينيوا  جي گهٽ ۾ گهٽ سترهن ارڙهن سون نالائق ۽ بي ادب نوجوانن جي ڳچين کي ڇڪي سڌي ڪرڻ لاءِ ڦاسين جي ضرورت هئي، ۽ پوءِ ئي هن گناهن ۾ غرق ٿيل شهر ۾، ڪجهه اخلاق ڪجهه ضابطو قائم ٿي سگهي ٿو.“ مطلب ته جينيوا جي شهرين کي آهستي آهستي نيٺ خبر پيئي ته جنهن کي هنن پاڻ وٽ اِن لاءِ سڏايو هو، ته اچي سندن ذهني سڪون ۽ روحاني اطمينان جو جتن ڪري، اُهو سندن آزاديءَ جي هر امنگ تي، زنجيرون وجهڻ لاءِ ئي وٽن آيو هو- ايتري قدر جو هن جي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڏهڪائيندڙ قدمن خلاف آخر ۾ سندس وفادار کان وفادار ۽ فرمانبردار کان فرمانبردار پوئلڳ به ڦري، سندس باغي بنجي ويا.

ٿورن ئي مهينن اندر ڪال ون جي خلاف عام ناراضگي ٻيهر ڀڙڪو کائي اُٿي. هن جو ”ڪليسائي ضابطو “ جنهن لاءِ اها دعويٰ ڪئي ٿي ويئي ته اُهو هر خرابيءَ جو علاج هو، سو حقيقت ۾ سواءِ موهوم   اميد جي ٻيو ڪجهه ثابت نه ٿيو. ”نظام دين مسيح“ جو سڄو خواب ٽٽي پيو، ۽ جن ڪالهه اُن جي خوشيءَ ۾ ٽپ پئي ڏنا، تن اڄ اُن بابت ڀڻڪڻ شروع ڪري ڏنو، پر هڪ محڪم آمر جي خلاف وري به ڪو اهڙو سبب گهرجي، جو سنئون سڌو ڏسي به سگهجي ۽ سمجهي به سگهجي، ۽ اُهو هن جي شهرت ۽ شان کي ڌڪ رسائي سگهي ٿو، اهڙي قسم جو سبب، ٿورن ئي ڏينهن ۾، ڪال ون پاڻ ئي جينيوا جي شهر واسين کي پيدا ڪري ڏنو. جينيوا جي شهر ۾ 1542ع ۾ پليگ جي بيماري پيدا ٿي پيئي ۽ اُها پورا ٽي سال 1545ع تائين، اُتي چالو رهي. ڪال ون جي ’محڪمي امور مذهبيءَ‘ ۾ جينيوا جي شهرين جو ڀروسو پهرين پهرين پليگ جي اِنهيءَ دور ۾ لِچڪڻ شروع ٿيو. پليگ شروع ٿيڻ تي اُتي ڪال ون جي واعظين شهر ۾ اعلان ڪرايو ته جنهن کي به اها بيماري ٿئي، سو ٽن ڏينهن اندر پنهنجي پادريءَ کي پاڻ وٽ گهرائي اُن کان پنهنجي حق ۾ مغفرت جي دعا گهرائي ڇڏي- نه ته کيس سزا ملندي اِهو سلسلو ڪجهه وقت ايئن هليو. پر جڏهن هڪ پادريءِ کي ايئن ڪنهن بيمار جي ڀرسان ويهندي پليگ لڳي ويئي ۽ اُها خبر پادرين ۾ عام پکڙي، تڏهن منجهائن سڀڪو ڪنهن بيمار وٽ وڃڻ کان پڙ ڪڍي ويهي رهيو ۽ ويچارا بيمار، بيمار خاني ۾ ”مغفرت جي دعا“ کان سواءِ مرندا رهيا. ميونسيپل اختياريءَ وارا ڪوشش ڪندا رهيا، پر ”محڪمي“ جو هڪڙو به اهڙو پادري سڳورو کين ڪونه مليو، جو ”بدنصيب بيمارن کي بيمارخاني ۾ وڃي ڪا روحاني تسڪين ڏئي“. ”محڪمي“ جي ڪنهن به ماڻهوءَ پاڻمرادو به پنهنجون خدمتون اهڙي ديني ڪم لاءِ ميونسيپل اختياريءَ وارن کي ڪونه آڇيون- سواءَ هڪ شخص جي، جنهن جو نالو ڪاسٽيلو هو، جو هڪڙي اسڪول ۾استاد هو، ۽ اُن کي اُن ڪم لاءِ ڪنهن  چيو به ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هو ”محڪمي“ جو رڪن ڪونه هو. خود ڪال ون به، ”محڪمي“ ۾ پنهنجن ساٿين وسيلي، پاڻ کي اُن ”ثواب جي ڪم“ کان آجو ڪرائي ڇڏيو ڇو جو هو هڪ ”اهم ۽ اڻ لڀ “ وجود هو ۽ ”سڄيءَ ڪليسا کي ڪمزور ڪري اُن جي هڪ حصي جي مدد ڪرڻ مقدس دين جي فائدي جو ڪم نه ٿي ٿي سگهيو.“ ٻيا سڀ واعظ به جيڪي  ”دين مقدس“ جي ايڏي ڪنهن وڏي ڪم ۾ مصروف نه هئا، پاڻ کي پليگ جي بيمارن وٽ وڃڻ ۽ هُنن کي مغفرت جي دعا ڏيڻ کان ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڻ ئي بچائيندا رهيا. شهري ڪائونسل، هنن دل جي ڪمزور ”ڌنارن“ کي منٿن تي منٿون ۽ اپيلن مٿان اپيلون ڪندي رهي، پر اُن مان ڪجهه به ڪين ٿي وريو ڪال ون جي هنن واعظين لاءِ پوءِ اها ڳالهه هلي ويئي ته هو”ڦاسيءَ تي چڙهي، جان بحق ٿي ويندا پر بيمار خاني ڏانهن منهن ڪونه ڪندا- جيتر کين ڪا پليگ نه ٿي لڳي!“ نيٺ، جون 1543ع جي پنجين تاريخ، ”مسيحي تقويٰ“ جا سڀ واعظين ڪال ون کي اڳ ۾ڪري، شهري ڪائونسل جي آڏو آيا ۽ اچي اها شرمناڪ قبوليت ڏنائون ته منجهانئن ڪو هڪ به بيمار خاني ۾ پير رکڻ لاءِ دل جهلي نه ٿي سگهيو- جيتوڻيڪ کين خبر هئي ته سندن رتبي ۽ منصب جي اها تقاضا هئي ته هو خداوند قدوس ۽ پاڪ ڪليسا جو ڪم ڏک ۽ سک ۾ پورو ڪندا رهن.

عوام جي دلين کي گرمائڻ لاءِ ٻي ڪابه ڳالهه اهڙي ڪارگر ڪانهي، جهڙو سندن اڳواڻن جي بهادريءَ ۽ بي ڊپائيءَ جو ڪو ڪم، جيڪو سندن اکين اڳيان ٿي گذري صدين لنگهي وڃڻ کانپوءِ اڄ به مارسيلز، وائنا ۽ ٻين تڏهوڪن شهرن، ۽ خود جينيوا جي شهر ۾ انهن ڪن بي خوف ۽ سرفروش شخصن جي يادگيري قائم آهي، جيڪي اُن وڏيءَ بيماري وقت پنهنجي جان خطري ۾ وجهي، رضاڪارانه طور، خالص پنهنجي جذبي هيٺ مريضن جي سار سنڀال لهندا ۽ مرض ۾ مري ويلن جي ڪفن دفن جو ڪم ڪندا رهيا. عام ماڻهو پنهنجن اڳواڻن جا اهڙا دليريءَ ۽ سرفروشيءَ جا ڪم ڪڏهن به نه وساريندا آهن. پر ساڳيءَ طرح عام ماڻهن جي دلين تان فيصلي جي گهڙيءَ تي پنهنجن ڊڄڻن اڳواڻن جي بزدلي به ڪانه وسرندي آهي. ايئن جينيوا جا شهري به پنهنجن انهن روحاني آقائن کي ڌڪار ۽ ڪاوڙ وچان ڏسندا رهيا، جيڪي ديولين جي منبرن تان ڊگھا ڊگھا وعظ ڪري، پنهنجن جماعتين کان ته وڏين وڏين قربانين جي طلب ڪندا رهيا، پر وقت اچڻ تي پاڻ پنهنجي سر ڪابه قرباني ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. اُن جي بدران جينيوا ۾ انهيءَ ڳالهه تان جيڪا عام ناراضگي اُڀري رهي هئي، تنهن کي ماٺي ڪرڻ لاءِ اُن وقت هڪ جهالت ۽ ڪٺورپڻي جي حد جو کيل رچيو هو. ڪائونسل جي حڪم سان ڪن ڏتڙيل مسڪين ماڻهن کي جهلي وٺي آيا ۽ انهن کي سخت مارڪٽ ڪري ۽ ايذاءُ ڏئي، انهن کي قبول ڪرايائون ته اُهي شيطان جي ڇيڻي مان هڪڙو ڪو ملم ٺاهي، ڪن گهرن جي درن کي لائي ويا هئا ۽ انهيءَ ڪري شهر ۾ پليگ پکڙي هئي! ڪال ون نه رڳو هن واهيات ڳالهه کي رد نه ڪيو، پر اُن جي پنهنجي سر پاڻ زورائتي پٺڀرائي ڪئي ته برابر انهيءَ طرح شهر ۾ پليگ پئي هئي! هن شهر جي وڏيءُ ديول جي منبر تي چڙهي، جماعتين کي ٻڌايو ته اُن ”شيطان“ جي پليتائيءَ مان ٺهيل مُلم“ تحقيق شهر جي مٿان وڏي مصيبت آندي هئي؛ هُن وڌيڪ اهو به ڦاٽ ڦاڙيو ته، ڏينهن ڏٺي جو هنڌ ۾ ستل هڪڙي دهريي کي شيطان زوريءَ پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي وڃي رون نديءَ ۾ اڇليو هو- ڇو ته خود شيطان کي به اها ڳالهه پسند نه هئي ته ماڻهو دهريا هجن! خاص ڪري انهيءَ پوئين ڳالهه تي خود سندس پنهنجا جماعتي پاڻ کي روڪي نه سگهيا ۽  کِلي ويٺا. ڪال ون لاءِ اهو پهريون ڀيرو هو، جو سندس جماعتي و اعظ جي هلندي، سندس ڪنهن ڳالهه تي ايئن ظاهر ظهور کلي پيا هجن، ۽ هن کي پنهنجي اهڙي بي عزتي چپ چاپ برداشت ڪرڻي پيئي هجي.

بهرحال، ڪال ون جي عقل ڪل هجڻ ۾ عام ماڻهن جو ايمان- اهو ايمان، جيڪو هر آمر جي طاقت لاءِ هڪ مضبوط نفسياتي بنياد جو ڪم ڏيندو آهي، سو هن پليگ جي بيماريءَ دوران، گهڻي قدر ختم ٿي ويو. هن جي واپسيءَ تي جنهن جوش خروش جو اظهار ڪيو ويو هو، سو هاڻي ماٺو ٿي چڪو هو؛ اُن جي عيوض، جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ دائرن ۾ هن جي خلاف هڪ قسم جي چؤپچؤ ڦهلجي رهي هئي. اها ڪال ون جي خوش نصيبي هئي، جو هُن جي خلاف هيءَ عام چؤپچؤَ وڏن، ويڪرن دائرن ۾ پکڙي رهي هئي ۽ اڃا ڪٿي هڪ مرڪز تي گڏ ٿي، ڪنهن خاص مخالفت جي صورت وٺي نه سگهي هئي. مرڪزيت مان هميشه آمريت فائدو پئي ورتو آهي- جنهن جي نتيجي ۾ آمر جي هڪ ڀيرو قائم ٿيل حڪومت گهڻو وقت جٽاءُ ڪري سگهندي آهي؛ ان وچ ۾ هن جا چست مددگار ۽ ساٿي گهٽجي گھٽجي، ٿورائي جي صورت ۾ اچي ويندا آهن. پر آمر جي ساٿين ۽ مددگارن جي هن اقليت جو جارحانا ارادو هڪ منظم اتحاد جي صورت ۾ موجود رهي ٿو؛ ٻئي پاسي، مخالف اڪثريت جا ڇڙوڇڙ ارادا، الڳ الڳ دائرن مان اُٿيل ۽ اڪثر هڪٻئي جي ابتڙ مقصدن وارا، مشڪل سان ڪڏهن هڪ هنڌ گڏ ٿي، ڪا هڪ مؤثر قوت بڻجي سگهن ٿا- آمريت جي خلاف اندرون اندر بغاوت جو جذبو کڻي اڪثريت جي دل ۾ موجود هجي، پر اُن مان ڪجهه به ڪو نه ٿو وري؛ جيڪڏهن هنن جي بغاوت جو جذبو ايترو تيز ۽ اَجهل نه آهي، جو کين يڪجا ٿي، گڏيل مقصد جي حصول لاءِ منظم تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي، ته اهو سندن باغي جذبو ڪنهن ڪم جو ڪونهي. اهوئي سبب آهي، جو آمر خلاف پهرينءِ ناڪام بغاوت ۽ سندس آخري خاتمي جي وچ ۾ ڪافي ڊگهو عرصو اهڙي ماٺ ٿي ويندي آهي، جو سمجهبو آهي ته هن جي خلاف ڪنهن ڪامياب بغاوت جو امڪان ئي ڪونهي. ڪال ون سندس ”محڪمو امور مذهبي“ هن جا واعظين ۽ جينيوا ۾ ٻاهران آيل پناهگير جيڪي عوام ۾ سندس گهڻي ۾ گهڻا ۽ وڌ ۾ وڌ مددگار ۽ ساٿي هئا- اُهي سڀيئي هڪ بلاڪ جي صورت ۾ متحد هئا. اُنهن جو هڪ خاص ۽ مشترڪ ارادو هو ۽ اُهي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيل ۽ هڪ قيادت هيٺ ڪم ڪندڙ متحرڪ قوت هئا. هنن جا مخالف ٽڙيل پکڙيل ۽ هر ممڪن دائري ۽ طبقي سان واسطو رکندڙ، ڇُڙ مُڙهيءَ، بي اثر ۽ جامد ذرن وانگر هئا، جن مان ڪنهن کي به ڪو ڊپ نه ٿي ٿي سگهيو، انهن مان ڪي اهڙا به هئا، جي اصل ڪئٿولڪ فرقي سان وابسته هئا، ۽ مخفي طرح اڃا اُن ۾ ايمان هون؛ ڪي ته موالي به هئا، جن تي ساقي خانن جا دروازا بند ڪيا ويا هئا؛ اُنهن مان ڪي اُهي عورتون به هيون، جن کي اڳي وانگر مَک چَک ڪري هلڻ جي اجازت نه هئي، اُنهن ۾، امير گهراڻن جا ڪي اهڙا ماڻهو به هئا، جن کي اها ڪاوڙ هئي ته ڪال ويني دور ۾- جيڪي اڳ پائيءَ لاءِ محتاج هئا، اُنهن مان به طاقتور بنجي ويا هئا، ۽ جيڪي رڳو ٻه چار مهينا اڳ جينيوا ۾ پناهه گير بنجي آيا هئا، اُهي به هڪدم وڌي وڏن ۽ سڻڀن ستابن عهدن تي وڃِي قابض ٿي ويٺا هئا، اهڙي طرح ڪال ون جي مخالفت جيتوڻيڪ تعداد ۾ گهڻي هئي، پر اُن ۾ هر قسم  جا ماڻهو شامل هئا- چڱن ۾ چڱا ۽ خراب ۾ خراب؛ هيڻا ۽ ڏاڍا امير، غريب، هر قسم جا عناصر اُن ۾ داخل هئا؛ ۽ جيسين ڪا ناخوش ۽ ناراض مخالفت پنهنجن سڀني جزن کي گڏي، هڪ قوت بنجي هڪ مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ ۾نه اچي، تيسين اُن جا ٽڙيل پکڙيل جزا رڳو ٺلهي ڀڻ ڀڻ ڪري سگهن- وڌيڪ اُنهن مان ڪا ڳالهه وري سري نه ٿي سگهي. اُهي اِيئن آهن  جيئن هٿياربند فوج جي آڏو ڪو بي هٿيار انبوهه، منظم دهشت آڏو ڪو غير منظم چؤٻول يا گوڙ. اِنهيءَ ڪري اُهي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن. هنن پهرين سالن ۾، ڪال ون نهايت آساني سان مخالفت جي انهن ڇِڙ و ڇڙ عناصرن تي پنهنجو قبضو ڪري سگهيو؛ هو هن جي  آڏو مؤثر حد تائين پاڻ ۾ گڏجي سگهيا، ۽ هن منجهائن هر هڪ گروهه کي الڳ الڳ ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن ڪو نظريي باز وڌي اقتدار جون واڳون سنڀالي ٿو، تڏهن وڌ ۾ وڌ پنهنجي لاءِ خطرو هو فقط اُن ماڻهوءَ کان محسوس ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن مقابل نظريي جو حامي ۽ مبلغ آهي. ڪال ون، جيڪو هڪ ڏاڍو ڏاهو شخص هو، تنهن اِها ڳالهه هڪدم پروڙي ورتي هئي. هو سچ پچ فقط اُنهن  مخالفن کان ڊنو ٿي، جيڪي ذهني ۽ اخلاقي طور هن جي برابر هئا. سڀ کان وڌ سيباسٽيان ڪاسٽيلو کان ڊنو ٿي، جيڪو ظاهر ظهور کانئس ذهني ۽ اخلاقي طور ڪافي ڪجهه اڳتي هو، ۽ جيڪو هڪ آزاد روح جي اَجهل جذبي سان، هن آمر جي روحاني تشدد ۽ دٻاءَ خلاف بغاوت جو بار پنهنجن ڪمزور ڪلهن تي هيڪل کڻي اڳتي وڌيو هو.

ڪاسٽيلو جي هڪڙي تصوير اسان تائين پهتل آهي، پر اُها به ڪا اهڙي صاف ۽ سٺي نڪتل ڪانه ٿي معلوم ٿئي، اُن مان هي ڏسي سگهجي ٿو ته هو هڪ ڳنڀير سڀاءَ ۽ سوچيندڙ ذهن جو ماڻهو هو، هن جي اکين مان هن جي صاف دلي بکي ٿي، ۽ هن جي پيشانيءَ مان هن جي بي خوفي ظاهر آهي. هن جي تصوير مان اسين اخلاق جي اونهاين ۾ ته جهاتي پائي نٿا سگهون پر ان ۾ اسين ان جي هڪ خصوصيت پرکي سگهون ٿا- خود اعتمادي ۽ هڪ ڪرائي جي خصوصيت. جي ڪال ون ۽ ڪاسٽيلو جون تصويرون گڏوگڏ رکي ڏسجن ته هوند ٻنهي شخصن جي ذهني اختلاف جو عڪس سندن صورتن جي اختلاف ۾پڌرو محسوس ٿي سگهي ٿو. ڪال ون جي مهانڊي ۾ ڇڪ ۽ تاءُ ۽ بيماريءَ جي حد تائين بيزاري ڏسجي ٿي ۽ ڪاسٽيلو جي منهن تي نماڻائي ٻاجهه ۽ سڪون ڇانيل پيو ڏسجي.هڪ پاسي بي صبري، ڪٽر ۽ هوڏ آهي ته ٻئي پاسي اسين صبر ڪهل ۽ مريادا جون ريکائون ڏسي سگهون ٿا.

اسان کي ڪاسٽيلو جي جوانيءَ جي ايتري ئي ٿوري ڄاڻ آهي، جيتري هن جي شڪل شبيهه جي. هو ڪال ون کان ڇهه ورهيه پوءِ 1515ع ۾ ڊافن شهر ۾ ڄائو هو ، جيڪو اُن زماني ۾ سئٽزرلنڊ، فرانس ۽ سئواءِ رياست جي سرحدن جي وچ تي هڪ  آزاد شهر هو. ڪاسٽيليان هن جي خاندان جو نالو هو، جنهن تان هو پنهنجي جنم جي نالي سيباسٽيان جي پٺيان پاڻ کي ڪاسٽيلو چوائيندو هو. هن جي مادري ٻولي فرينچ هئي، جيتوڻيڪ هو اطالوي ٻولي به ننڍي هوندي ئي ڳالهائڻ سکيو هو ۽ اُن تي مادري ٻوليءَ جهڙي ئي قبضو هوس. ويهن ورهين جي عمر ۾ هو اٽليءَ جي ليانس يونيورسٽيءِ ۾ داخل ٿيو ۽ اُتي  هن لاطيني يوناني ۽ هيبريو ٻوليون سکيون، ۽ آخر ۾ هن جرمن ٻولي به سکي ورتي. علم جي هر صنف تي هن کي ايڏو ته عبور هو ۽ اُن جي هر دائري ۾ هن کي ايتري ته دسترس حاصل هئي، جو اُن دور جي سمورن انسان دوست ۽ مذهبي عالمن جي نظر ۾ متفقه طور هو پنهنجي وقت جو  وڏي ۾ وڏو عالم هو. موسيقي سان هن کي  بيحد پيار هوندو هو ۽ اُن ۾ هن پوري مهارت حاصل ڪئي، پهريائين پهريائين هن موسيقيءَ جي درس مان ئي پنهنجو روزگار ڪمائڻ شروع ڪيو؛ پوءِ هن لاطيني ٻوليءَ ۾ ڪيترائي شعر رچيا ۽ نثر جا ڪتاب لکيا. جن جا موضوع اڪثر قديم يوناني ۽ رومن تهذيبن جي علمي، ادبي ۽ فڪري مسئلن سان لاڳاپيل هئا، جن جو هن جي پنهنجي دؤر جي مسئلن سان ڪو به تعلق ڪو نه هو. ترت ئي هن جي  من ڌوڏو کاڌو ۽ هن جي ذهن ۾ پنهنجي دؤر جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. هن جي من جي هيءَ تبديلي هن جي پنهنجي هڪ شخصي تجربي جو نتيجو هئي. جڏهن پهريون ڀيرو، نياس جي شهر ۾، هن ”ڪافرن“ کي جيئري باهه ۾ جلندو ڏٺو ۽ هڪ طرف اُنهن جي همٿ ۽ ثابت قدميءَ ۽ ٻئي طرف ڪئٿولڪ فرقي جي ”مقدس ديني عدالت“ جي وحشي ظلم ۽ ڪٺورتا جو مظاهرو ڏٺائين، تڏهن هن جو سڄو روح جنجهوڙجي ويو؛ ۽ اُتي ئي هن پنهنجي دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته اڳتي هو فقط اُن نئين اصول لاءِ ئي جيئندو ۽ لڙندو، جنهن لاءِ  هو ”ڪافر“ سڙي رهيا هئا ۽ اهو نئون اصول پوءِ هن کان سڄي عمر آزاديءَ جو ديوتا بنجي قربانين ئي قربانين جو بَکُ گهرندو رهيو ۽ ذاتي طرح هن کي اُن سڄيءَ عمر جي تپسيا مان ڪو به سک ۽ ڪو به فائدو ڪو نه پهتو.

ڪاسٽيلو اُن وقت 24 سالن جو هو. جنهن گهڙيءَ هن اهو ارادو ڪيو ۽ ”ديني اصلاح“ جو ڪم هٿ ۾ کنيائين، ان گهڙي کان وٺي، هن جي آخري دم تائين هن جي زندگي خطري ۾ رهي، جتي به ڪنهن حڪومت يا ڪنهن سرشتي هيٺ فڪر جي آزاديءِ کي زوريءَ دٻايو وڃي ٿو، اُتي جيڪي ماڻهو ضمير تي زور جو غلبو برداشت نه ٿا ڪري سگهن، اُنهن لاءِ فقط ٽي ممڪن رستا کليل رهن ٿا. هُنن لاءِ ممڪن آهي ته  تشدد جو کليو کلايو، ٻاهر ميدان تي نڪري مقابلو ڪن ۽ اُن ۾شهيد ٿي وڃن؛ يا پنهنجي اندر جي آزاديءَ کي بچائڻ جي خيال کان ٻاهرينءِ طرح پيش پون ته جيئن سندن جان بچي ۽ پوءِ پنهنجا ذاتي خيال ڪجهه لڪائيندا ۽ ڪجهه ڍڪيل انداز ۾ ظاهر ڪندا رهن، دشمن جي حملن کان پاڻ بچائيندا، مٿس ڪنهن پناهه گاهه مان زهريلا تير اڇلائيندا، خونخوار وحشين کي پنهنجي حڪمت عمليءَ جي داءَ پيچ سان ٺڳيندا ۽ گمراهه ڪندا رهن. ٽيون رستو آزادي پسندن لاءِ هي کليل آهي ته هو آزاديءَ جو پنهنجو جذبو دل ۾ محفوظ رکي، اُن ملڪ مان نڪري وڃن، جتي آزادي بيوس آهي ۽ ڌڪار جي ٿي ۽ مظلوم آهي ۽ ٻئي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ جلاوطن ٿي وڃي رهن، جتي آزادي وڌي ويجهي ٿي، ڦلجي ڦولجي ٿي ۽ جتي اُن جو احترام آهي. ڪاسٽيلو هڪ سچار پر غريب سڀاءَ جو  ماڻهو هو انهيءَ ڪري هن پنهنجي لاءِ پرُ امن رستو پسند ڪيو، هن جڏهن پهريون ڀيرو پروٽيسٽنٽ کي جيئرو باهه ۾ سڙندو ڏٺو، اُن کان ٿورو ئي پوءِ، 1540ع جي بهار جي موسم ۾ هو دل ۾ آئنده پروٽيسٽنٽ تحريڪ جي هڪ رضاڪارانه مبلغ طور ڪم ڪرڻ جو پڪو اردو ڪري، ليانس کي ڇڏي اِسٽرئسبرگ شهر هليو ويو، جتي پروٽيسٽنٽ نوجوانن لاءِ ڪال ون جي زال هڪ هاسٽل قائم ڪئي هئي ته جيئن اُنهن کي تعليم ۽ تربيت ڏيئي، نئين نظريي لاءِ آئيندي جا پرچارڪ تيار ڪيا وڃن. ڪاسٽيلو هن هاسٽل ۾ ست ڏينهن رهيو، ۽ اُتي هو خود ڪال ون سان به مليو پر منجهن ڪا گهڻي واقفيت ۽ ويجهڙائي پيدا ٿي ڪانه سگهي. ڪال ون اُنهن ڏينهن ۾، جينيوا مان پنهنجي پهرئين مختصر اقتدار دؤر گذاري شهر بدر ٿي اُتي وڃي رهيو هو. ڪاسٽيلو جي اُتي پهچڻ کان ترت ئي پوءِ ڪال ون جي جينيوا ڏانهن ڪامياب واپسي عمل ۾ آئي. جينيوا مان فاريل جي سفارش تي ۽ ڪال ون جي منظوريءَ سان؛ ڪاسٽيلو ڏانهن جينيوا جي ڪاليج ۾ استاد طور ڪم ڪرڻ جي آڇ موڪلي ويئي، جا هن هڪدم قبول ڪئي- جڏهن هو اُتي پهتو ته هن کي، ڪاليج  جي ريڪٽر يعني پرنسپال جو رتبو ڏنو ويو، ٻه وڌيڪ استاد مدد لاءِ هن جي حوالي ڪيا ويا ۽ هن کي شهر جي ٻهراڙيءَ ۾ وئنڊيرس جي ديول جو خطيب پڻ مقرر ڪيو ويو. ايئن ٿي ڏسڻ ۾ آيو ته اسٽرئسبرگ ۾ ڪال ون سان هن جي پهريئن ملاقات ۾ ڪال ون تي هن جي علمي لياقت ۽ دل جي جذبي ۽ خلوص جو ڪافي ڪجهه اثر ڇڏيو هو.

ڪاسٽيلو پاڻ ۾ هيءُ اعتماد صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو. هو هڪ بيحد ڪامياب استاد ثابت ٿيو. هن لاطيني ٻوليءَ جي آسان سکيا لاءِ انجيل جي سڀ کان مکيه ۽ دلچسپ آکاڻين کي فرينچ ۽ لاطيني مڪالمن جي شڪل ۾ آندو. هيءُ ننڍڙو ڪتاب جيڪو سچ پچ ته جينيوا جي ٻارن لاءِ لکيو ويو هو، سڄيءَ مسيحي دنيا ۾ ايترو ته مشهور ٿي ويو ۽ فائديمند ثابت ٿيو، جو صدين تائين اُهو پوءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رائج رهيو ۽ اُن جا 47 ڇاپا پڌرا ٿيا. هزارين شاگرد ان جي وسيلي ڪلاسيڪي لاطينيءَ جو اڀياس ڪري سگهيا. جيتوڻيڪ ڪاسٽيلو جو هيءُ ”آسان لاطيني رهبر“ سندس ٻين انسان شناس تعليم جي تبليغي ڪتابن ۾ ڄڻ هڪ ننڍڙو پَترو هو، جو ايئن سمجهجي ڄڻ اتفاق سان لکيو ويو هو، پر سچ پچ ته اهوئي ڪتابچو هو، جنهن تڏهوڪيءَ سڄيءَ علمي دنيا ۾ هن جو ايڏو نالو روشن ڪيو هو.

پر ڪاسٽيلو جو ارادو اهڙي هڪڙي رڳو اسڪولي ٻارن جي رهبر لکڻ کان گهڻو مٿڀرو هو. هن جو ارادو سڄي انجيل جو ترجمو پهريائين لاطيني ٻوليءَ ۾ ۽ پوءِ فرينچ ٻوليءَ ۾ تيار ڪرڻ جو هو. جيئن مارٽر ليوٿر ۽ ارئسمس جي بلند ارادن ۽ تخليقي محنت سان جرمن ٻولي ڳالهائيندڙن لاءِ انجيل جا جرمن ٻوليءَ ۾ ترجما ٿي چڪا هئا ۽ هاڻي انهن لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهيو هو ته سڌيءَ طرح هو پاڻ، جو ڪجهه اُن مقدس ڪتاب ۾ سچ هو، سو ڏسي، پڙهي ۽ سمجهي سگهن، تيئن ڪاسٽيلو جو خيال هو ته سندس فرينچ ٻولي ڳالهائيندڙ ڀائر به پنهنجي سر پاڻ انجيل مقدس جو پنهنجي فرينچ ٻوليءَ ۾ اڀياس ڪن ۽ اُن جي سچ کي سڌيءَ طرح پنهنجو پاڻ پروڙي سگهن. ڪاسٽيلو پوءِ پنهنجي پوري جوش ۽ پوري پيار ۽ دل جي شوق سان هن عظيم ڪم ۾ لڳي ويو. ڏينهن جو هو پنهنجي معمولي پگهار کي حلال ڪري کائڻ لاءِ پنهنجا دستوري فرض پوريءَ محنت ۽ ايمانداريءَ سان بجا آڻيندو رهيو ته جيئن پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهي، ۽ راتين جو اوجاڳا ڪڍي اُن پنهنجي خالص پيار جي پورهئي کي لڳو رهيو؛ تان جو اٽڪل پورن 3 سالن جي محنت سان هُن پنهنجو اُهو عظيم ڪم پورو ڪيو.

ڪاسٽيلو کي پنهنجي هن بي بها ڪاوش کي شايع ڪرڻ ۾، بهرحال جيڪا رڪاوٽ آڏو آئي، اُن کي هٽائڻ هن جي وس کان ٻاهر هو، پهريائين جينيوا جي هڪ ڪتب فروش هن جي لاطيني ترجمي جي شايع ڪرڻ جو هن سان واعدو ڪيو هو، پر ڇاڪاڻ ته جينيوا ۾ ڪال ون هر قسم جي نفسياتي ۽ روحاني ڳالهين جي سلسلي م مختار ڪل هو، انهيءَ ڪري سڀ کان اول هن مسئلي ۾ ڪال ون جي رضامندي ۽ اجازت جي گهرج هئي. جينيوا جي شهري رياست جي حدن اندر ڪوبه ڪتاب ۽ ڪابه تحرير هُن جي موڪل کانسواءِ شايع نٿي سگهي. تحرير ۽ تقرير، بلڪ راءِ جي هر قسم جي اظهار تي بندش آمريت جي دستور جو لازمي حصو هوندو آهي.

ڪاسٽيلو پنهنجا ترجما کڻي ڪال ون وٽ ويو- هڪڙو ديني عالم ٻئي ديني عالم وٽ، علم جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ ساٿي وٽ- ته هو سندس محنت ۽ لياقت جو قدر ڪري. پر اختيار جا صاحب، خاص ڪري اُهي جيڪي اختيار کي سڀ ڪجهه سمجهندا آهن، هر قسم جي آزاد ۽ خود اعتماد خيال کي پنهنجي اختيار ۽ ذاتي مٿڀرائي لاءِ چئلينج تصور ڪندا آهن. ڪال ون اڳي ئي پنهنجي هڪ مائٽ جي ٺاهيل انجيل جي هڪڙي فرينچ ترجمي کي پسند ڪري، اُن جو مهاڳ لکي، اهو گويا اعلان ڪري چڪو هو ته پروٽيسٽنٽ فرقي جو اهو هڪ مستند فرينچ ترجمو هو. پوءِ ڪاسٽيلو جي ڪهڙي مجال هئي، جو ڪال ون جي اهڙي ذاتي طور بحال ڪيل ترجمي کي معتبر ۽ صحيح ترجمو بلڪ واحد سرڪاري ترجمو تسليم نه ڪري ۽ اُن جي مٿان پنهنجو هڪ نئون ترجمو آڻي اڳيان رکي، ڄڻ ايئن چوندو هجي ته ڪال ون جو تصديق ٿيل اڳيون ترجمو ناقص ۽ غير مستند هو ۽ ان کي هٽائي سندس نئون ۽ بهتر ترجمو قبول ڪيو وڃي. ڪال ون کي پنهنجي هن زيردست جي ايڏيءَ جرئت ۽ گستاخيءَ تي سخت ڪاوڙ لڳي، 3 ڏينهن پوءِ ڪال ون هن ڳالهه جو ذڪر ڪندي وريٽ نالي هڪ شخص ڏانهن خط ۾ لکيو ته ”هن سيباسٽيان جا ڪم ته ڏسو ته پنهنجي نامعقول ڳالهه مون وٽ کڻي آيو- جنهن تي مون کي کل به پئي آئي ۽ ڪاوڙ به پئي ورتم: ٽيون ڏينهن هيءُ مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته انجيل مقدس جو ترجمو ڪيو اٿم، تنهن جي اشاعت جي اجازت ڏيوم!“ جنهن تلخيءَ سان هن ڳالهه جو ايئن ذڪر ڪيو اٿس، تنهن مان ظاهر آهي ته ان کي هن پنهنجي ذاتي بي عزتي سمجهيو هو. بهرحال هُن ڪاسٽيلو کي ترجمي شايع ڪرڻ جي ڪا خاص اجازت ڪانه ڏني، بلڪ ايئن چئجي ته اُن تي اهڙو هڪ شرط وجهي ڇڏيائين، جو ان جو قبول ڪرڻ خود ڪاسٽيلو لاءِ مشڪل بڻجي پيو-  چي: ”اجازت ڏئي سگهبي پر پهريائين آءٌ پاڻ اهو ترجمو پڙهندس ۽ جيڪي درستيون مون کي مناسب لڳيون، سي اُن ۾ ڪندس.“

هيڏانهن ڪاسٽيلو جي طبيعت ۾ ته ڪنهن قسم جي هوڏ ۽ اجائي خودسري هوندي ڪانه هئي، هُن ڪڏهن به ڪال ون وانگر اهڙو اعلان ڪونه ڪيو هو ته سندس پنهنجو رايو ئي سڀ کان وڌيڪ صحيح بلڪ واحد صحيح رايو هو ۽ ڪنهن به مسئلي تي سندس پنهنجو نظريو ئي مڪمل ۽ لاجواب هو. پنهنجي هن ترجمي جو مهاڳ، جيڪو هن پوءِ لکيو، ان سلسلي ۾ هن جي عالمانه نوڙت ۽ انساني نماڻائيءَ جو هڪ مثال آهي، اُن ۾ هن کليءَ ريت مڃيو ته هن خدائي ڪلام جي سڀني ڳالهين جي سمجهڻ جي دعويٰ ڪانه ٿي ڪئي؛ انهيءَ ڪري پڙهندڙ لاءِ ضروري نه هو ته سندس ترجمي جي صحيح هجڻ ۾ بيجا اعتماد رکي. انجيل مقدس، هڪ غيب جي ڳالهين سان ڀريل ڪتاب هو، انهيءَ ڪري اُن جي نئين ترجمي ۾ هو جو ڪجهه پيش ڪري سگهيو ٿي، سو هڪ تفسير ٿي سگهيو ٿي ۽ نه يقين جي حد تائين اصل ڳالهه.

ايئن ڪاسٽيلو جيتوڻيڪ پنهنجي ڪم متعلق هڪ بيحد نماڻائيءَ جو انداز اختيار ڪري سگهيو ٿي، پر پنهنجي شخصي آزاد راءِ کي هن بنهه هڪ اڻلڀ ۽ املهه شيءِ ٿي سمجهيو. هن کي خبر هئي ته هيبريو ۽ يوناني ٻولين جي ڄاڻوءَ توڙي هڪ عالم جي حيثيت ۾ هو ڪنهن به صورت ۾ ڪال ون کان گهٽ ڪونه هو، تنهن ڪري ڪال ون جي انهيءَ حاڪماڻي دعويٰ کي ته هو سندس ترجمي کي ”سڌاري“ سگهيو ٿي، هُن صحيح طور تي پنهنجي گهٽتائي ٿي سمجهيو. هڪ آزاد عوامي راڄ ۾، پاڻ هڪ عالم ۽ فقيهه ٿي ڪري، هن ڪال ون جي پيرن ۾ جيڪو هُن جهڙو ئي هڪ عالم ۽ فقيهه هو، هڪ شاگرد طور ويهڻ لاءِ پاڻ کي مجبور نه ٿي سمجهيو، ته هو سندس ”مشق ڪاپين“ تي، اُستاد بڻجي ڳاڙهيءَ ۽ نيريءَ پينسل سان ويهي ڪاٽ ڪوٽ ۽ درستيون ڪري. پر ڪنهن طرح ڪال ون کي ڪاوڙائڻ کانسواءِ- ڇو ته هُن ڪال ون جي بهرحال بيحد عزت ڪئي ٿي- هُن چاهيو ٿي ته معاملو سُٺي سلوڪ سان نبهي وڃي. اُن لاءِ هن تجويز پيش ڪئي ته ڪنهن به وقت جيئن ڪال ون کي سٺو لڳي، هو پنهنجي مسودو پڙهي هن کي ٻڌائي ۽ پوءِ جتي به ڪال ون جو ڪو رايو يا ڪا صلاح مناسب هجي، ته اُتي اُن ۾ اُها اصلاح ڪري ڇڏجي. پر اڳيان به ڪال ون هو، جنهن لاءِ ڪنهن ڳالهه تان مڙڻ يا ڪٿي ڪنهن قسم جو سمجهوتو ڪرڻ ممڪن ئي نه هو. هن کي صلاح يا راءِ ڏيڻي ڪانه هئي، هن کي ته حڪم صادر ڪرڻو هو. انهيءَ ڪري هن ڪاسٽيلو جي تجويز کي، غصي ۾ ڀرجي رد ڪري ڇڏيو- ”مون هن کي چيو ته جيڪڏهن هو مون کي پوريون سؤ گينيون به ڏئي، ته به آءٌ هن سان ويهي ڳالهه ڳالهه ۾ بحث ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس. هُن ڇا ٿي سمجهيو ته لفظ لفظ تي هن سان 2-2 ڪلاڪ ويهي آءٌ مٿا ماري ڪندس! بس اهو جواب ٻڌي هو چُپڙي ڪيون هليو ويو.“

اهو پهريون ڀيرو هو، جو ڪال ون ۽ ڪاسٽيلو جي وچ ۾ منهان منهن اختلاف ٿيو هو، ڪال ون بهرحال سمجهي ويو ته ڪاسٽيلو اهو ماڻهو نه هو، جيڪو ديني ۽ روحاني معاملن ۾ چپ چاپ وٽس پيش پئجي سگهي. ڪاسٽيلو جي ماٺ ۽ نيازمنديءَ ۾ هن کي پنهنجو هڪ اڏول ۽ بي خوف مخالف نظر آيو- آزاد ذهن رکندڙ هڪ شخص، جنهن کي پنهنجي بي قيد راءِ جو قدر ۽ پنهنجي ضمير جو احترام هو، ۽ جيڪو ازل کان آمريت جو ويري هوندو آهي، اُنهيءَ ئي گهڙيءَ ڪال ون جي دل ۾ اهو پڪو ارادو پيدا ٿيو ته اهڙي شخص کي پهرئين موقعي تي ملڻ تي هيٺ ڪيرائڻو آهي، جيڪو ٻئي ڪنهن جي حڪم مڃڻ بدران فقط پنهنجي ضمير جي آواز تي هلڻ لاءِ ضد ٻڌي ٿي بيٺو! بلڪ اهڙو ماڻهو ته جينيوا ۾ رهڻ جي ئي لائق نه هو.

جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪم لاءِ مِنهُن گهرجي، اُن کي اُن لاءِ هڪ کان ٻه منهن به ملي وڃن ٿا. ڪال ون کي به اُن لاءِ گهڻو وقت ترسڻو ڪونه پيو، ڪاسٽيلو کي وڏو ڪٽنب پالڻو هو، ۽ ڪاليج مان جيڪو معمولي پگهار کيس مليو ٿي، سو هن لاءِ پنهنجن ٻارن جي پيٽ ڀرڻ ۽ بت ڍڪڻ لاءِ ڪافي نه هو. هن کي ان لاءِ سدائين خانگي ٽيوشن تي ڀاڙڻو پيو ٿي. هن چاهيو ٿي ته پڙهڻ لکڻ جي هن کي ڪجهه وڌيڪ فرصت ملي، هن جي مرضي هئي ته هن کي ”ڪلام خداونديءَ جي واعظ“ جي جڳهه ملي، جنهن جو پگهار به چڱيرو هو ۽ اهو ڪم ڪجهه وڌيڪ هن جي دل وٽان پڻ هو. جنهن ڏينهن کان جيئرن انسانن کي باهه ۾ سڙندو ڏسي، هو ليانس جي شهر مان نڪتو هو، تنهن ڏينهن کان وٺي، هن جي دل ۾ هو ته ڪنهن طرح هو انجيل مقدس جي سچيءَ تعليم جو مبلغ بڻجي دنيا ۾ مسيحي حق جي اشاعت جو ڪجهه ڪم ڪري. جينيوا ۾ اچڻ کانپوءِ هن هي سڄو عرصو وئنڊيرس جي ديول ۾ خطيب جا فرض بجا آندا هئا ۽ ان ڪم ۾ هن جي خلاف ڪابه چون چرا ڪٿي ڪانه ٿي هئي. سڄي جينيوا جي شهر ۾، جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُن وقت سڀ کان وڌيڪ مسيحي تعليم جي واعظ مقرر ٿيڻ ۽ پروٽيسٽنٽ فرقي جي پادري برادريءَ ۾ شامل ٿيڻ جي لائق هو، ته اهو ڪاسٽيلو هو. هن جي درخواست جي شهر جي انتظاميا پڻ پٺڀرائي ڪئي هئي. درحقيقت 15 ڊسمبر 1543ع تي شهري ڪائونسل يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪري هن جي درخواست قبول ڪري چڪي هئي- ”جيئن ته سيباسٽيان هڪ تسليم ٿيل عالم شخص آهي ۽ ڪليسا جي خدمتگذاريءَ جو هر طرح لائق آهي، اسين هن کي هن حڪم وسيلي ”مقدس انجيل جو واعظ“ مقرر ڪيون ٿا.“

پر شهري اختياريءَ وارن ڪال ون کي ڪونه ٿي سڃاتو. ڇا؟ هُنن رياست جي مير واعظ جي پُڇڻ کانسواءِ ئي ڪاسٽيلو کي واعظ مقرر ڪرڻ جي جرئت ڪئي هئي، ڪاسٽيلو جيڪو هڪ خود راءِ شخص هئڻ سبب ڪال ون لاءِ ڪافي وڏو مسئلو ثابت ٿي سگهيو ٿي؟ خاص طرح انهيءَ صورت ۾ به، جو واعظ جي حيثيت ۾ هو خود بخود محڪمي امور مذهبيءَ جو به ميمبر ٿي پيو ٿي! ڪال ون هڪدم شهري ڪائونسل جي فيصلي جي خلاف سخت احتجاج ڏياري موڪليو، ۽ فاريل ڏانهن جدا خط ۾ اُن جو سبب ٻن معنيٰ خيز جملن ۾ هڪ ئي لکيائين ته ”هن مقرريءَ جي خلاف وڏا سبب آهن. ڪائونسل ڏانهن پنهنجي احتجاجي خط ۾ مون اُنهن سببن ڏانهن فقط هلڪي اشاري کي ڪافي سمجهيو، اُنهن کي کولي بيان نه ڪيم، ڇاڪاڻ ته مون مناسب نه سمجهيو ته هن جي نالي تي ڪو داغ لڳي؛ پنهنجي مرضي هن کي بچائڻ جي هئي ۽ نه ڪنهن قسم جي نقصان پهچائڻ جي.“

جڏهن اسين اهي مبهم ۽ پراسرار جملا پڙهون ٿا، ته اسان جي دل ۾ ڪافي اڻ وڻندڙ شڪ اُڀري سگهن ٿا، اسين بهر حال انهيءَ سوچڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته ڪاسٽيلو جي خلاف ڪا وڏي ڳالهه موجود هئي، هن جو ڪو وڏو گناهه ڪيل هو، جنهن سبب هو واعظ جي معزز درجي جي قابل نه رهيو هو، ۽ اُها ڳالهه فقط ڪال ون کي معلوم هئي پر هو مسيحي ڪشاده دليءَ کان ڪم وٺندي، اُن تي ڍڪ رکي رهيو هو، ته جئين ويچاري ڪاسٽيلو کي ڪو نقصان نه رسي! اسين پنهنجي اندر ۾ پوءِ هيءُ سوال پُڇڻ کان رهي نه ٿا سگهون ته نيٺ به اُهو ڪهڙو وڏو گناهه ڪاسٽيلو جهڙي لائق ۽ نيڪدل ماڻهوءَ کان سرزد ٿي سگهيو هوندو، جيڪو پنهنجي فياض طبع سبب ڪال ون ظاهر نه ٿي ڪرڻ گهريو؟ ڇا، هن سرحد پار ڪنهن ڌارئين ملڪ کان ڪا رشوت ورتي هئي؟ ڇا، هو ڪنهن بدڪار عورت سان کريل هو؟ ڪهڙيون مخفي خطا ڪاريون هن شخص کان ٿيون هونديون، جنهن جو ڪردار هونئن ايترو بي داغ ۽ جنهن جي نيڪنامي ايتري چؤطرف مشهور هئي؟ بهرحال، اها ڳالهه صاف هئي ته ڪال ون، ڪنهن طرح ڪاسٽيلو جي شهرت کي، ڪنهن ميراڻ ۾ لوئڻ ۽ ڪنهن مهبم الزام جي شڪ ۾ لپيٽڻ گهريو ٿي، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ جي آبرو منديءَ کي ڊاهڻ لاءِ  اهڙي قسم جي ڪنهن پرسرار ”بچاءَ“ کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڳالهه ايتري هاڃيڪار ٿي نه ٿي سگهي.

سيباسٽيان ڪاسٽيلو کي، بهرحال، اهڙي ڪنهن بچاءَ جي خواهش نه هئي، هن جي دل صاف هئي. هن جو ضمير بي داغ هو. جڏهن هن ٻڌو ته هن جي مقرري کي رد ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، ته هو وڌي اڳيان آيو ۽ گهر ڪيائين ته ڪال ون کي شهري ڪائونسل جي اڳيان کولي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙي سبب هن سندس مقرري کي قابل اعتراض ٿي  سمجهيو. هاڻي ڪال ون لاءِ ٻيو رستو ڪونه هو؛ سواءِ ان جي ته هو ڪاسٽيلو جي پرسرار گناهه تان پردو هٽائي، اُن کي سڀني جي اڳيان پڌرو ڪري ڏيکاري. ڪاسٽيلو جو گناهه هيءُ هو، جنهن کي ڪال ون نزاڪت سان لڪائي رکيو هو. ڪاسٽيلو جي خطا ناقابل معافي هئي، ۽ اُها ته هن انجيل جي ٻن ڳالهين جي تفسير ۾ ڪال ون سان معمولي اختلاف ڪيو هو. پهرين ڳالهه ته ڪاسٽيلو جو خيال هو ته انجيل ۾ آيل ”حضرت سليمان  جو گيت“ مقدس ڪلام نه  پر هڪ رواجي شعر هو، يعني اُهو خدائي ڪلام ڪو نه هو، پر انساني ڪلام هو. اُن ۾هڪ عورت جي حسن جي تعريف ڪئي ويئي آهي، ته ”هن جا ببا ايئن آهن جيئن ڪنهن هرڻيءَ جا نوان ڄاول جاڙا ٻار-“ اهو هڪ دنيوي عشقيه شعر ته ٿي سگهيو ٿي پر مقدس ڪليسا جو حمديه ڪلام ٿي نه ٿي سگهيو. ٻيءَ ڳالهه جو اختلاف به اهڙو ئي هڪ خسيس اختلاف هو. انجيل ۾ آيل آهي، ته حضرت عيسيٰ مسيح دوزخ ۾ اندر به ويو هو. ڪاسٽيلو مسيح جي هن دوزخ ياترا جي سمجهاڻي ڪال ون کان مختلف نموني ۾ پيش ٿي ڪئي.

بس ڪاسٽيلو جو اهو جرم هو، جنهن کي ايتريءَ ڪشاده دليءَ ۽ طبع جي فياضيءَ سان ڍڪيو پئي ويو- اُهو جرم جنهن سبب هو مسيحي واعظ جي درجي جو لائق نه ٿي ٿي سگهيو، پر سچ پچ ته ڪال ون جهڙي ماڻهوءَ لاِءِ شريعت جي ڳالهين ۾ ڪابه ڳالهه معمولي ڪانه هئي- ۽ دراصل اهم مسئلو هو ته اهو هو هن پنهنجي اختيار ماتحت، ۽ پنهنجي راءِ مطابق، ڪليسا جي اعليٰ  اتحاد قائم ڪرڻ جي حق جي دعويٰ ٿي ڪئي- اِنهيءِ ڪري هن لاءِ شريعت جي مسئلي ۾ ظاهر طور معمولي کان معمولي اختلاف به ڪنهن وڏي کان وڏي ۽ بنيادي اختلاف کان گهٽ خطرناڪ نه هو. پروٽيسٽنٽ فرقي جي منطقي حد تائين ڪامل عمارت، جيڪا هو اُڀي ڪري رهيو هو، ان جو هڪ هڪ پٿر، هڪ هڪ ذرو، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ بيهڻ گهرجي، ۽ جيئن سياسي زندگيءَ ۾ هلي چلي ۽ قائدي قانون جي سلسلي ۾، تيئن ديني زندگيءَ ۾ اصولي طور، هن کي هر قسم جي آزاد رويء جي خلاف سخت اعتراض هو. جيڪڏهن پروٽيسٽنٽ ڪليسا کي قائم رهڻو هو، ته ان کي بنيادن کان وٺي آخر چوٽيءَ تائين، مومنن جي زندگيءَ ۾ ”مختيار ڪل“ جي حثيت سان باعمل ۽ باوقار رهڻو هو؛ هن جي رٿيل دنيا ۾هن جي ذاتي اختيار ۽ حڪم کان ڪو ٻاهر رهي، ۽ پنهنجي لاءِ آزاد  راءَ جي حق جي دعويٰ ڪري، اُن جي ڪا جاءِ ڪانه هئي.

اِنهيءَ ڪري شهري ڪائونسل جيڪڏهن ڪاسٽيلو ۽ ڪال ون کي پنهنجي سامهون عام مناظري لاءِ گهرائي به ها، جتي هنن کي پنهنجي پنهنجي ڳالهه جي ثابتيءَ ۾ دليل ۽ سندون پيش ڪرڻيون پون ها، ته اهو انهن جي فقط وقت جو زيان   ئي ثابت ٿئي ها. ڪال ون متعلق هيءَ ڳالهه جيترا ڀيرا وري وري ظاهر ڪجي ته اُها جائز آهي ته هن فقط سيکارڻ ٿي چاهيو، سکڻ ڪڏهن به نه  ٿي چاهيو. ٻئي جي خيالن کي سمجهڻ يا اهميت ڏيڻ هو سکيو ئي نه هو. هو ڪنهن سان به ڪنهن مسئلي تي بحث ڪو نه ڪندو هو،  پر اُن جي باري ۾، فقط پنهنجي ڳالهه هن تي مڙهيندو هو. هن معاملي ۾ جڏهن صورت ڳالهه ٻولهه تائين پهتي، تڏهن پهريون گفتو جيڪو ڪال ون پنهنجي زبان مان ڪڍيو سو هيءُ هو ته ڪاسٽيلو کي ”اسان جي فڪر جي رستي تي موٽي اچڻ گهرجي.“ ۽ هن کي چتاءُ ڏنائين ته هن کي ”پنهنجي فيصلي تي اعتبار رکڻ مان سخت نقصان رسڻُو هو.“ ڇاڪاڻ ته اُهو ڪليسا جي عظيم ۽ اٽل اتحاد  جي آڏو رڪاوٽ ثابت ٿي رهيو هو. هوڏانهن ڪاسٽيلو پنهنجيءَ جاءِ تي ڪال ون وانگر ئي مضبوط رهيو ۽ سندس خود اعتمادي ۾ ذري برابر به لوڏو نه آيو. ڪاسٽيلو جي نظر ۾ ضمير جي آزادي انسان جي وڏي ۾ وڏي روحاني نيڪي هئي، ۽ اُن آزادي لاءِ هو هر قسم  جي دنيوي قيمت ڀري ڏيڻ لاءِ تيار هو، هن سمجهيو ٿي ته کيس فقط اُنهن ٻن رواجي ڳالهين ۾ ڪال ون کي شڪست ڏيڻي هئي، اُن کان پوءِ محڪمي امور مذهبي ۾ هئڻ لاءِ بهتر پگهار سان ۽ پوءِ مان شان واري پنهنجي پسند جي جڳهه محفوظ رکڻي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org