سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :9

باب اوڻيهون

حاجي بابا شاهي حڪيم وٽ نوڪر بيهي ٿو ڪهڙي ڪم ۾ هو انهيءَ کي پهرين لڳائي ٿو

اڃا مون اتي منهن ڪڍيو ته طبيب مون کي جاءِ ۾ سڏيو ۽ چيائين ته ويهه. آءٌ گهڻي نياز ۽ ادب سان ويٺس، جيئن ڪو گهٽ درجي وارو يا زيردست ماڻهو ڪنهن بالادست يا پاڻئون وڏي جي اڳيان ويهي.

هن مون کي ٻڌايو ته ”شاعر تنهنجي مون وٽ گهڻي تعريف ڪئي آهي، ۽ چيو آهيس ته تون ڏاڍو اعتبار جهڙو ماڻهو آهين، جو سمجهه ۽سياڻپ وارو آهين، ۽ دنيا جو گهڻو آزمود اٿئي ۽ گهڻيون تجويزون ياد اٿئي، ۽ جيڪو نازڪ ۽ مخفي ڪم تنهنجي حوالي ڪبو ته اهو ڏاڍيءَ چالاڪيءَ سان ڪندي.“ جيئن هو ڳالهائيندو ويو تيئن آءٌ ذري ذري ڪنڌ جهڪائيندو ويس. ٻانهن ٻڌندو ۽ آستينن جي ڪنارن سان ڍڪيندو ويس. پيرن جي به نظر پئي رکيم ته جيئن ٻاهر نه نڪرن. ٻيو چيائين ته ”بلڪل هن وقت مون کي تو جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ جي گهرج آهي، ۽ جڏهن منهنجو پنهنجي دوست عسڪر جي سفارش تي گهڻو ويساهه ۽ ڀروسو آحي، تڏهن منهنجو ارادو آهي ته تنهنجي هوشياريءَ جو فائدو وٺان، ۽ جي منهنجي اميد موجب فتحياب ٿيندي ته پڪ ڄاڻج ته تنهنجي لاءِ گهڻو فائدو ٿيندو ۽ آءٌ تنهنجي خذمتگاري وساريندس ڪين.“

پوءِ مون کي چيائين ته ويجو ٿي ۽ هيڏي هوڏي نهاري، آهستي ڪن ۾ چيائيم ته ”حاجي توکي خبر هجي ته فرنگين جو هڪڙو وڪيل ٿورا ڏينهن ٿيندا جو شاهه جي دربار ۾ آيو آهي. انهيءَ وٽ هڪڙو ڊاڪٽر يا طبيب آهي، انهيءَ ڪافر هتي اچي پنهنجو نالو ڪڍيو آهي. هو مريضن جي هڪڙي نئين نموني دوا ڪري ٿو ۽ دوائن جي هڪڙي ڀريل پيتي اٿس. جن جا اسان کي ته نالا به نه ٿا اچن. هو گهڻن علمن ۽ وڏين وڏين ڳالهين جون ٻٽاڪون هڻي ٿو، جن جن هتي ايران ۾ ڪنهن کي به سڌ ڪانهي: هو گرم ۽سرد بيمارين جو ۽ گرم ۽ سرد دوائن جو ڪوبه فرق نٿو رکي، جيئن جالينوس ۽ بوعلي سينا مقرر ڪيو آهي. هو پاري کي سرد دوا ڪري هلائي ٿو ۽ پيٽ مان هوا ڪڍڻ لاءِ هڪڙي تکي نشتر انهيءَ ۾ هڻي ٿو (1). سڀ کان خبراب ڳالهه اها ته ڳئونءَ مان ڪي ڪڍي اسانجي بت ۾ وجهي، سيٽلايا مائي جي مرض کي دفع ڪري ڇڏڻ جي دعوى ڪري ٿو. اهو هنر هن جي حڪيمن مان ڪنهن تازو ڳولي ڪڍيو آهي. منهنجي مرضي ناهي ته هڪڙو ڪافر هتي اچي ڍورن وانگي اسان جو علاج ڪري، ۽ هنجي ڪري منهنجو فائدو گم ٿي وڃي. اسين هن کي ڪين ڇڏينداسين ته اسان جي وات مان لقمو ڪڍي وٺي. پر مون کي تنهنجي مدد گهرجي، سا هن سبب ڪري.

ٻه ڏينهن ٿيندا جو وزيراعظم بيمار ٿي پيو. ڪچا بادرنگ، ڪاهو، سرڪي ۽ کنڊ ۾ ٻڏل تمام گهڻا کاڌا هئائين، ۽ تنهن ڪري ڏاڍي لوڇ پوڇ اچي ٿيس. اها ڳالهه فرنگي وڪيل جي ڪن تي پيئي، جو هن جي باد رنگن کائڻ مهل به حاضر هو ۽ جنهن هڪدم پنهنجو ڊاڪٽر هن ڏي ڏياري موڪليو، ۽ چوائي موڪليائين ته ”هن کي علاج جي موڪل ڏجي.“ ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته ڪن ڏينهن کان وزيراعظم ۽ وڪيل پاڻ ۾ ٺهيل ڪين آهن، ڇا لاءِ جو وڪيل جي ڏاڍي خواهش هئي ته ڪو ملڪي مطلب حاصل ڪري. پر وزير ايان جي فائدي جي نظر تي هن کي ڪڍڻ نه ٿي ڏنو،  ۽ انهيءَ کان انڪار ڪيائين. انهيءَ جي تلا في ڪرڻ لاءِ ۽ انهيءَ ڪافر کي خوش ڪرڻ ۽ پرچائڻ لاءِ هن ڊاڪٽر جي دوا ڪرائڻ منظور ڪئي. جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه جي مون کي بروقت خبر پوي ها ته آءٌ انهيءَ ڪار گذاري جي بند رکڻ جو بندوبست ڪريان ها، ڊاڪٽر دير کانسواءِ پنهنجي  دوا ڏئي ڇڏي، ۽ اها مون ٻڌو آهي ته رڳي هڪڙي ننڍڙي اڇي بي سوادي گولي هئي. ڪم نصيبيءَ جي اها ڳالهه، جو سڀئي چون ٿا ته انهيءَ جو اثر عجب جهڙو ٿيو آهي. وزيراعظم ايتري قدر بهتر ٿيو آهي جو رڳو انهيءَ جو ذڪر پيو ڪري ۽ ٻيون سڀئي ڳالهيون وسري ويون اٿس. هو چوي ٿو ته ”مون ائين ئي ڀانيو ته اها گولي منهنجي آڱرين جي چوٽين مان به رڻوبت يا گهم ڪڍي ٿي وٺي.“ ۽ هينئر اهڙو تازو توانو ٿيو آهي ۽ پاڻ ۾ ايتري سگهه ٿو ڄاڻي، مون پنهنجي پير مردي تي پيو کلي، بلڪه اهو خيال پيو ڪري ته جيڪي باقي زالون اسان جي نبيءَ روا رکيون آهن، سي به پرڻجي ۽ اهو تعداد پورو ڪري. پر هن انهيءَ کان به گهڻو حرڪت ڪئي آهي: انهيءَ دوا جي ۽ انهيءَ فرني ڊاڪٽر جي تعريف سڄي درٻار ۾ پکڙجي وئي. اڃ صبح جو سلام يا عام ڪچهريءَ وقت بادشاهه پهرين جيڪا ڳالهه ڪئي، سا انهيءَ دوا جي عجيب خاصيتن جي. هن وزيراعظم کي سڏي چيو ته ”انهيءَ بابت جيڪي تو اڳي ٻڌايو آحي، سو وري بيان ڪري ٻڌاءِ.“ جڏهن هن انهن عجيب اثرن جو ذڪر ڪيو، جي مٿس ٿيا هئا، تڏهن وساري ڪچهري ۾ شاباش ۽ آفرين جو ڀڻڪو پئجي ويو. تڏهن بادشاهه سلامت مون ڏي منهن ڪري چيو ته ”ٻڌاءِ ته ههڙي ٿورڙي شيءِ مان ههڙا وڏا فائدا ڪيئن ٿا نڪرن؟“ جنهن تي مون کي جواب ڏيڻ لاچار ٿيو. پنهنجي مونجهاري لڪائڻ لاءِ ڪنڌ تمام هيٺ جهڪائي ۽ زمين چمي، مون عرض ڪيو ته ”قربان ٿيان، حضور شهنشاهه، جيڪا دوا انهيءَ جي ڏسڻ کان پوءِ، هڪدم آءٌ عرض رکندس ته انهيءَ جا ڪهڙا جزا آهن. تيستائين هي ڪمترين ٻانهن، حضور زماني جي مرڪز جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪري ته اهو ڪم هڪڙي جن يا شيطان جو آهي، جو دين اسلام جو دشمن آهي، ڇا لاءِ جو اهو هڪڙي ڪافر جي عمل ۾ آهي، اهڙو ڪافر جو اسانجي پاڪ پيغمبر کي ٺڳ ٿو سڏي ۽ قضا ۽ قدر جي حڪم جو انڪاري آهي.“

ائين چئي هن جي ناموس وڃائڻ لاءِ مون هڪڙي گوشي ۾ ويهي، خيال ڪيو ڪهڙي طرح انهيءَ ڪافر جو ڳجهه معلوم ڪريان، خصوصن هن جو اهو نسخو جنهن هيتري ڪرامت ظاهر ڪئي آهي، تنهن جي ماهيت پروڙيان. تون بلڪل پوري وقت تي منهنجي واهر لاءِ آيو آهين. تو کي گهرجي ته هڪدم وڃي هن سان واقفيت رکين. ۽ جيئن ٿئي تيئن هن جي مغز ۾ گهڙي انهيءَ منجهان سڀ حقيقت ڪڍين، پر منهنجي مرضي آهي ته جيڪا دوا هن وزيراعظم کي ڏني هئي، تنهن جو نمونو جنسي هٿ ڪريان، ڇا لاءِ جو سڀاڻي بادشاهه جي حضور ۾ انهيءَ جو بيان ڏيڻو پوندو، تنهنڪري تون پنهنجي خدمتگاري هن طرح شروع ڪر ته پهرين ايترا ڪچا بادرنگ ۽ ڪاهو کاءُ جو بلڪل اهڙو بيمار ٿين جهڙو وزير صاحب ٿيو هو. پوءِ وڃ هن فرنگي وٽ، جو ضرور توکي انهيءَ گوليءَ جهڙي ٻي گولي ڏيندو، سا آڻي مون کي ڏي.“

اهڙي خوف جهڙي رٿ ٻڌڻ ڪري آءٌ ڊنس، تنهن ڪري چيو مانس ته ”سو ته چڱو، پر جنهن ماڻهوءَ کي مون ڏٺو ئي ناهي، تنهن وٽ ڪيئن وڃان. تنهن کان سواءِ انهن فرنگين جون ماڻهو اهڙيون حيرت جهڙيون ڳالهوين ٿا ڪن جو مون کي سجهي نه ٿو جو هنن سان ڪيئن هلت ڪريان. مهرباني ڪري مون کي انهيءَ بابت ڪا فهمائش ڏي.“

مرزا احمق ورندي ڏني ته ”هنن جون عادتون ۽ رسمون اسان جن عادتن کان بلڪل علحديون آهن. هن ڳالهه مان ئي توکي ٿورو گهڻو سماءُ پوندو ته اسان وانگي مٿي ڪوڙڻ ۽ ڏاڙهي رکڻ جي بدران هو انهيءَ جي برخلاف ڪندا آهن. ڇا لاءِ جو هنن جي مٿن تي اهڙا گهاٽا وار ٿا ٿين جو ڄڻ ته هنن سکا باسي آهي ته اهي اصل ڪين ڪوڙيندا. تنهن کان سواءِ هو صندلين يا ڪرسين تي ويهن ۽ اسين زمين تي ويهون. هو ماني لوهه جي چنبن يا ڪانٽن سان کائين ۽ اسين پنهنجين آڱرين سان کائون. هو هميشه هلندا وتن ۽ اسين ويٺا رهندا آهيون، هو تنگ ڪپڙا ڍڪين ۽ اسين ڪشادا ڍڪيندا آهيون. هو کٻي پاسي کان سجھي ڏانهن لکندا آهن ۽ اسين سڄي کان کٻي ڏانهن هو عبادت ڪانه ڪن ۽ اسين ڏينهن ۾ پنج ڀيرا نماز پڙهندا آهيون مطلب ته هنن جهڙو گدلو دنيا ۾ ڪو ئي ڪونهي، ڇا لاءِ جو هو ڪنهن به شيءِ کي حرام نه ٿا سمجهن. هو سڀ قسم جا جانور کائيندا آهن، سوئر کان وٺي ڪڇونءَ تائين، ۽ دل ۾ ڪو به دليل ڪونه آڻيندا آهن. هو جانورن  کي به ربح ڪين ڪندا آهن. هو مڙدي کي چيڙيندا آهن، پوءِ غسل نه ڪندا آهن. قضا حاجت کان پوءِ نڪي حمام ۾ وهنجڻ ويندا آهن، نڪي واريءَ سان پاڻ کي مليندا يا پاڪ ڪندا آهن.

مون چيو ته ”اهو سچ آهي ته هو اهڙا چيڙاڪ آهن جو جيڪڏهن سندن ڳالهه ۾ شڪنيو آهي ۽ کين ڪوڙو چئبو آهي، ته هو وڙهي پاڻ مارائيندا آهن.“

طبيب ورندي ڏني ته ”برابر، انهن جي نسبت ۾ اهڙي ڳالهه ڪندا آهن، پر اهڙي ڳالهه مون کان ڪڏهن ڪانه ٿي آهي. انهيءَ هوندي به آءٌ توکي هڪڙي ڳالهه جي لاءِ خبردار ٿو ڪريان ته جيڪڏهن هو تنهنجي ڪنهن شيءِ جي تعيف ڪن ته تون جيئن اسين پاڻ ۾ ڪندا آهيون، تيئن انهن کي متان چوين ته اها شيءِ حاضر آهي، تنهنجي مِلڪ آهي، ته متان  هو اها آڇ سچي سمجهي، اها شيءِ وٺي رکن. ڇا لاءِ جو ارادو ڏيڻ جو به هوندو آهي، ۽ ڏيڻ ڪري اسان کي تڪليف رسندي، پر توکي گهرجي ته جيڪي دل ۾ اچئي سو حتي المقدور چئي ڏج. اها ڳالهه هنن کي گهڻو پسند ايندي آهي.

مون چيو ته ”جي ائين آهي ته اهو فرنگي ڊاڪٽر منهنجو ڪوڙ سهي ڪين ڪندو، ۽ ائين ڪين ڄاڻيندو ته هي چڱو ڀلو آهي ۽ ڪوڙ ڪري بيمار ٿيو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ دوا نٿو گهرجي، پر ٻ؟ي جي لاءِ ٿو گهري.“

مرزا چيو ته ”نه نه، توکي جي بيمار ٿيڻو آهي ته سچ پچ بيمار ٿج. پوءِ انهيءَ کي ڪوڙ ڪونه چوندو.“ پوءِ پنهنجي ٻانهن منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي چيائين ته ”يار حاجي، هاڻ وڃ، وڃي بادرنگ کاءُ ۽ شام ڌاري مون کي اها ڳولي آڻي ڏي.“ پوءِ مون کي ٺڳاري، چٽ ٻڌي، آهستو ڌڪي جاءِ کان ٻاهر ڪيائين. جڏهن آءٌ وٽانئس نڪتس، تڏهن نه ٿي سمجهيم ته ڇا ڪريان، پنهنجي هن نئين حالت تي کلان يا روئان. ٺهرايل انعام کان سواءِ بيمار ٿيڻ منهنجي دل نه ٿي چوي، تنهنڪري آَءٌ وري پٺ تي موٽيس، انهيءَ لاءِ ته آءٌ پنهنجي مربيءَ سان شرطن جي صفائي ڪريان، پر جڏهن جاءِ ۾ آيس تڏهن هن کي اتي ڪو نه ڏٺم، شايد هو پنهنجي حرم ۾ هليو ويو هو، تنهن ڪري لاچار آءٌ ڏسيل ڪم تي نڪس.

باب ويهون

 

هو ٻن طبيبن کي ٺڳي ٿو، هڪڙي کان گولي وٺي ٿو ۽ ٻئي کان سون جو سڪو

آءٌ وڪيل جي گهر جي پڇا ڪري اوڏي اٿي هليس، اهو ارادو پڪو ڪيم ته طبيب جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ۽ جي ٿي سگهي ته رستي ۾ پيٽ جو سور پاڻ ۾ پيدا ڪريان، پر چڱي طرح خيال ڪرڻ کان پوءِ، مون ڏٺو ته پيٽ جو سور ڪا اهڙي بازاري شيءِ ناهي جا جهٽ ۾ خريد ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو ڪاهو ۽ بادرنگ ڪراڙي وزيراعظم کي کڻي ڀاءِ نه پوندا، پر گهڻو امڪان آهي ته مون جهڙي جوان ماڻهو جي پيٽ ۾ سگهو ئي هضم ٿي ويندا. انهيءَ هوندي به مون ارادو ڪيو ته جي سنئينءَ طرح هن کان گولي نه وٺي سگهيس ته پوءِ ٺڳي ڪري به وٺندس. مون خيال ڪيو ته جي آ۽ ڪوڙ ڪري بيمار ٿيندس ته ڊاڪٽر گهڻو ڪري سهي ڪندو ته مون کي ٺڳ ڄاڻي گهر مان لوڌي ڪڍندو، تنهنڪري مون بهتر ائين ڄاتو ته پاڻ کي شاهي حرمسراءِ جو هڪڙو نوڪر سڏايان ۽ پوءِ هڪڙو اهڙو ڪوڙ ٺاهيان، جنهن جي ٻڌائڻ سان آءٌ پنهنجو مطلب حاصل ڪريان. اهو پهه پچائي آءٌ بازار ۾ هڪڙي پراڻي ڪپڙي وڪڻڻ واري جي دڪان ۾ ويس ۽ هڪڙو چغو مسواڙ تي ورتم جو ڪاتب ڍڪيندا آهن. پوءِ خنجر جي بدران ڪاغذن جي ويڙهي ڪمر ۾ وجهي پاڻ کي چيم ته وري به هينئر رواجي نوڪر کان مٿ ڀرو ليکبس.

سگهو ئي وڃي اها جاءِ هٿ ڪيم جتي وڪيل رهندو هو. مرزا احمق جون سڀ ڳالهيون ياد ڪري البت ڊپ ۽ ڳڻتيءَ ۾ ڊاڪٽر جي گهر جي در کي ويجهو ويس. اتي جا اڳ وارا رستا بيمار زالن سان ڀريا پيا هئا، جن کي ٻار ڪڇ ۾ هئا ۽ جن جي نالي مون ٻڌو ته ماتا کان بچڻ لاءِ نئون نڪتل علاج ڪرائڻ آيون آهن. ماڻهن جو خيال اهو هو ته ڪن ملڪي سببن ڪري فرنگين جي خواهش هئي ته انهي علاج جو رواج وڌائين، ۽ ڊاڪٽر اهو علاج مفت ٿي ڪيو. تنهنڪري تمام گهڻا بيمار اچيو ٿي گڏ ٿيا، خاص غريب ماڻهو، جي گهڻن پيسن ڏيڻ يا تحفن آڻڻ ڌارا ايراني طبيب وٽ وڃي نه ٿي سگهيا.

سگهڙڻ شرط مون هڪڙو ماڻهو جاءِ جي وچ ۾ هڪڙي ڪاٺ جي ٿلهي جي ويجهو ويٺل ڏٺو ۽ ٿلهي تي پتيون، ڪتاب ۽ ڪيتن ئي قسمن جا اوزار ۽ ٿانو رکيا هٿئا. جن جي مون کي خبر پئي نه سگهي، ته ڪهڙي ڪم جا آهن. هن جي پوشاڪ ۽ ٻي صورت اهڙي حيرت جهڙي هئي، جو اهڙو ڪافر مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڌٺو هو. هن کي ڏاڙهي ۽ مڇون ته اصل ڪين هيون، ڄڻ ته بلڪل کدڙو يا کس آهي. هو اهڙو بي ادب هو جو مٿو اگهاڙو ڪيو ويٺو هو، ۽ ڳچيءَ جي چوڌاري هڪڙو تنگ پٽو ٻڌل هوس ۽ سندس ڳلن جي پاسي به ٻيون ڪي شيون هيون ڄڻ ته ڪنهن زخم يا مرض لڪائڻ جي ڳڻتي يا ڪوشش هيس. هن جا ڪپڙا اهڙا تنگ ۽ بت کي چهٽل هئا ۽ هن جو ٻاهريون گبلو خاص ڪري اهڙو چهنيارن ڪنڊن وارو هو، جو ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ سندس ملڪ ۾ ڪپڙو مهانگو يا ڪمياب آهي. هن جي هيٺين پوشاڪ ته بلڪل نا مناسب ۽ بيحيائي جهڙي هئي، ۽ جُتي ته جاءِ ۾ ويٺي به پئيس هيس، ۽ جنهن غاليچي کي پئي لتاڙيائين، تنهن جو ڪوبه خيال ڪونه هوس، اها سڀ کان گندي رسم مون کي ڏسڻ ۾ آئي.

هن اسان جي ٻولي پئي ڳالهائي، ڇاڪاڻ جو اڃا آءٌ اندر گهڙيس ته هن مون کان پڇيو ته ڪيئن آهين؟ ۽ پوءِ چوڻ لڳو ته ”اڄ ڏاڍو چڱو ڏينهن ٿيو آهي. “اها ڳالهه اهڙي ظاهر ۽ سچي هئي، جو مون چيو ته برابر ائين آهي. تنهن کان مون دل ۾ چيو ته هن کي ڪي چڱيون ٻوليون ٻڌايان جيترو ٿي سگهيم اوتري خوشامد ڪئي مانس، ۽ چيومانس: ”ته تون ايران ۾ ڏاڍي ناموس ڪڍيو آهي. تنهنجي عقل ۽ حڪمت جي اڳيان لقمان رڳو هڪڙو جاهل ماڻهو هو، ۽ هاڻوڪي وقت جا ايراني طبيب تنهن کرل کي هٿ لائڻ جا به لائق ناهن.“ وزيراعظم ته تنهنجي دوا جو جيڪو عجيب اثر ٿيو آهي، تنهن جو بادشاهه پاڻ ٻڌو آهي ۽ هڪڙي تاريخ نويس کي حڪم ڪيو اٿس ته اها ڳالهه ملڪ جي تاريخ ۾ لکي ڇڏي. اها خبر ٻڌي بادشاهه جي حرمسراءِ ۾ هل پئجي ويو آهي، ڇا لاءِ جو گهڻيون زالون اتي بيمار ٿي پيون آهن ۽ تنهنجي قابليت جو امتحان وٺڻ ٿيون گهرن. بادشاهه جي هڪڙي خاص گهر جي بيبي هينئر بيمار ٿي پئي آهي ۽ ڏاڍو سور اٿس. تنهنڪري وڏي خواجه سرايا ناظم بادشاهه جي خاص حڪم جي پٺيان مون کي تو ڏي موڪليو آهي ۽ جيڪا دوا تو وڏي وزير کي ڏني آهي، اها ساڳي هن کي به ڏي.“ پڇاڙيءَ ۾ مون ڊاڪٽر کي چيو ته ”هاڻ انهيءَ دوا مان مون کي ڪي ڏي ته آءٌ وڃان.“

پهرين ته جيڪي مون چيو هو تنهن تي هن خيال ڪيو، پوءِ چوڻ لڳو ته ”منهنجي اها عادت ناهي ته پنهنجن بيمارن کي ڏسڻ کان سواءِ، دوا ڏيان، ته متان ائين ڪرڻ ڪري هنن کي فائدي جي بدران نقصان ٿئي. تنهنڪري جيڪڏهن انهن بيبين کي منهنجي مدد جي ضرورت آهي، ته آءٌ هلڻ لاءِ تيار آهيان.“

انهيءَ جي جواب ۾ مون چيو ته ”انهيءَ جو منهن ته تون ڪڏهن به ڏسي نه سگهندين، ڇاڪاڻ جو ايران ۾ اهڙي بيحيائي ڪوبه روا ڪين رکندو ۽ مڙس کان سواءِ ڪو به ٻيو زال کي ڏسي نٿو سگهي. تمام گهڻو لاچار ٿيندو آهي ته طبيب رڳو زال ماڻهوءَ جي نبض ڏسي سگهندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن هٿ به ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏبو آهي.“ فرنگيءَ چيو ته ”بيمار جي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ آءٌ نه رڳو نبض ڏسندس، پر زبان به ڏسڻي ٿينديم.“ مون چيو ته ”زبان ڏسڻ ته ايران ۾ هڪڙي نئين ڳالهه آهي، ۽ مون کي پڪ آهي ته شاهي حرمسراءِ ۾، سواءِ بادشاهه جي خاص اجازت جي، زبان ڏسڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جي بدران خواجه صاحب پهرين پنهنجي زبان وڍي ڇڏڻ پسند ڪندو.“

ڊاڪٽر چيو ته ”تڏهن هيترو ياد رکج ته جي آءٌ توکي پنهنجي دوا ڏيندس ته پوءِ انهيءَ جي اثر يا نتيجي جو جوابدار نه رهندس، ڇاڪاڻ ته جي اها فائدو نه ڪندي ته شايد ماري به رکندي.“

جڏهن انهيءَ جي مون پڪ ڏنيس ته ”توکي انهيءَ لاءِ ڪوبه نقصان نه رسندو، تڏهن هن اٿي هڪڙي وڏي پيتي پٽي، جا دوائن سان ڀري پئي هئي، ۽ انهيءَ مان ٿوري اڇي اٽي جهڙي دوا ڪڍي، مانيءَ جي ٽڪر سان گوليءَ وانگر ٺاهيانئين، ۽ ڪاغذ ۾ وجهي مون کي ڏنائين ۽ سمجهايائين ته هيئن ڏيڻ گهرجي. جڏهن ڏٺم ته هو پنهنجو هنر لڪائي نه ٿو، تڏهن خاص انهيءَ دوا جي ماهيت ۽ خاصيت بابت ۽ سندس ٻين دوا جي عام استعمال بابت سوال پڇڻ لڳو سانس. هن بي حجاب مون کي انهيءَ جو جواب ڏنو. اسان جي ايراني طبيبن وانگي ڪين ڪيائين، جي رڳو مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ جيڪا به بيماري پيش ايندي اٿن، انهيءَ بابت جالينوس، بقراط ۽ بو علي سينا جا ڪتاب پڙهي، ان موجب دوا ڪندا آهن.

جڏهن آءٌ سڀ خبرون وٺي رهيس، تڏهن سندس ڏاڍي شڪر گذاري ڪري ۽ گهاٽي دوستيءَ جو دم هڻي، کانئس موڪلايم ۽ سڌو مرزا احمق ڏي وريس، جو ڏاڍي انتظار ۾ ترسيو ويٺو هو. جيڪو چنو اڌارو ورتو هيم، سو موٽائي ڏئي، پنهنجي پوشاڪ ڍڪي، آءٌ سندس اڳيان وڃي حاضر ٿيس، ۽ شڪل اهڙي بنائي هيم جا انهيءَ وقت جي لاءِ ٺهي ٿي آئي، ڇا لاءِ ته منهنجي مرضي هئي ته هن کي اعتبار ٿئي ته ڪاهو ۽ بادرنگن پنهنجو زور پورو ڏيکاريو آهي. اکر اکر تي مون منهن بڇڙو ٿي ڪيم، ڄڻ ته پيٽ ۾ ڏاڍا وٽ ٿي پيم ۽ اهڙو پورو ناٽ ڪيم، جو مرزا احمق جهڙو شوخ ۽ سنگدل ماڻهو جي دل به لوڏو کائي وئي، ۽ مون تي افسوس کائڻ ۾ قياس ڪرڻ لڳو.

جاءِ ۾ گهڙندي شرط مون چيو ته ”اجها، اجها، خدا جي نالي پنهنجي سوکڙي وٺ“ پوءِ ڪوڙ ڪري ٻيڻو ٿي، منهن بڇڙو ڪري، ڏاڍيون ڪنجهڪارون ڪري چيم ته ”اجهو، مون تنهنجون حڪم بجا آندو آهي ۽ هاڻ پاڻ کي تنهنجي سخاوت تي اڇلايان.“ هن پنهنجي مطلب جي شيءِ مون کان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون اها پاڻ وٽ قابو رکي، ۽ کيس ذهن نشين ڪيم ته مون کي ترت انعام ملڻ گهرجي ۽ جيسين هو ڪي هٿ ۾ نه وجهندو، تيسين آءٌ اها ڳهي ڇڏيندس. ڳولي جي نسبت ۾ بادشاهه جي سوالن جو جواب ڏئي نه ٿي سگهيو، تنهن لاءِ ايترو خوف هوس ۽ انهيءَ گوليءَ هٿ ڪرڻ لاءِ ايترو انتظار هوس، جو هن هڪڙو سون جو سڪو زور ڪري منهنجي هٿ تي رکيو. ڪو به عاشق پنهنجي معشوق کي مهرباني ڏيکارڻ لاءِ ايتري شُق سان آزيون نيازيون نه ڪندو آهي، جيتري شوق سان حڪيم گوليءَ جي لاءِ مون کي ڪيون. آءٌ جيڪر پنهنجي ڍڳي وڌيڪ هلايان ها ۽ کانئس ٻيو به سڪو ڪڍان ها، پر جڏهن ڏٺم ته هو منهنجي سور دفع ڪرڻ  لاءِ پنهنجي دوا جو وزن ٺاهي، تڏهن دل ۾ چيم ته هاڻي بس ڪجي. پوءِ جيئن ته اوچتو سور ڇڏي وڃي، تيئن ڪوڙ ڪري، مون گولي کڻي ڏنيس.

جڏهن هن پنهنجي شي قبضي ۾ آندي، تڏهن ڏاڍي شُق سان مون ڏي نهارڻ لڳو ۽ گولي کي تريءَ تي رکي، اٿلائي پٿلائي ڏٺائين، پر ذرو به معلوم نه ڪري سگهيو ته ڇا آهي. نيٺ جڏهن گهڻي تائين خيال پچائي رهيو، تڏهن چيومانس ته ”فرنگي طبيب مون کان ڳجهه لڪايو ڪين، پر مون کي ٻڌايائين ته هيءَ گولي پاري مان جڙيل آهي.“

Text Box:  

مرزا احمق رڙ ڪري چيو ته ”هائو، پارو آهي، ڄڻ ته مون کي خبرئي ڪانه ٿي پوي. هي ڪافر، عيسائي ڪتو، ڀانئي ته اسان کي پاري ۾ زهر ڏئي ماري، سو هن جي ڪري ڪو آءٌ پنهنجي ناموس ۽ پنهنجا نسخا جي هن جي پيءُ به خواب ۾ نه ڏٺا هوندا، سي ڪي وڃائيندس ۽ پاڻ تي ماڻهو کلائيندس ڪيئن. ڪنهن ڪو ٻڌو ته پارو دوا وانگي ڪم ٿو اچي؟ پارو سرد آهي ۽ ڪاهو ۽ بادرنگ به سرد آهي. برف کي پگهارڻ جي لاءِ ته برف ڪين ڪم آڻيندين. گڏهه کي پنهنجي ڌنڌي جي اڃا الف ب به نه ٿي اچي. نه حاجي، نه، ائين ڪين ٿيندو، اسين پنهنجن ڏاڙهين تي ههڙيءَ طرح ماڻهو ڪين کلائينداسين.“

هن ڪيستائين پنهنجي هم پيشه دشمن کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، ۽ اڃا به گهڻو ڳالهائيس ها، پر اتي بادشاهه جو پيغام اچي پهتس ته هڪدم اچي حضور ۾ حاضر ٿي. ڏڪندي هن دربار جا ڪپڙا ڍڪيا: ۽ عام ڪاري ڇيلي جي کل جي ٽوپي مٽائي، ٻي شال سان ويڙهيل ٽوپي ڍڪيائين، ڳاڙهي ڪپڙي جا جوراب ڍڪيائين، ۽ گهوڙو گهرائي، گولي پاڻ سان کڻي تڪڙ پڪڙ ۾ اٿي هليو ۽ اهو خوف ۽ انتظار تمام گهڻو هوس، ته الاجي هن ملاقات جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو.

باب ايڪيهون

 

ايران جو شاهه ڪهڙي طرح اها دوا وٺي ٿو، تنهن جو هو بيان ڪري ٿو

حڪيم جو بادشاهه وٽ ويو هو سو رات جو سهماڻن وقت، اتان اڃا موٽيو ته مون کي سڏايائين. ڏٺو مانس ته ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ هو. مون کي ڏسي چيائين ته ”حاجي، مون کي ويجهو ٿيس.“ پوءِ جاءِ مان سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي، آهستي چوڻ لڳو ته ”هن ڪافر طبيب کي ڪنهن به طرح روانو ڪرڻ کپي. تون ڀانئين ٿو ته ڇا ٿي گذريو هوندو! شاهه هن سان صلاح ڪئي آهي، اجھ صبح جو هڪڙو ڪلاڪ هن سان خانگي ملاقات ڪئي اٿس، ۽ انهن جي مون کي خبر ئي ڪانه پئي. بادشاهه سلامت مون کي ملاقات جي نتيجي ٻڌائڻ لاءِ گهرايو هو، ۽ آءٌ ڏسان ٿو ته هو فرنگي اڳي ئي گهڻيءَ هلنديءَ وارو ٿيو آهي، پنهنجي ضعيفاڻيءَ ۽ پنهنجي جهونيءَ دمڪشيءَ ۽ پنهنجي بدهاضمي جي شڪايت هن کي ٻڌائي اٿس، پر هن خبيث جي سياڻپ ۽ تيز فهميءَ جي ڏاڍي شوق ۽ خوشيءَ مان تعريف ڪيائين، ڇو جو رڳو زبان ۽ نبض ڏسڻ سان ۽ حقيقت ٻڌائڻ کان به اڳي ڪافر بادشاهه کان پڇيو ته ”حضور، گرم حمام ۾ گهڻو ته نه وهجندو آهي ۽ تماڪ ڇڪڻ وقت هڪدم گهڻي ته نه کنگهندو آهي، ۽ ماني کائڻ وقت آچار ۽ مٺائي ۽ سڻڀا چانور گهڻا ته نه کائيندو آهي؟“ بادشاهه هن کي ٽي ڏينهن ڏنا آهن ته پنهنجا ڪتاب ڏسي

سندس حالت تي ويچار ڪري، ۽ فرنگي حڪيمن جون رايون اهڙين حقيقتن بابت گڏ ڪري آڻي، جي ايران جي بادشاهت لاءِ ضروري آهن. تنهن کان پوءِ اهڙي ڪا دوا جوڙي، جو کيس بلڪل تندرست ڪري ۽ سندس بت کي وري تازو توانو ڪري. حضور عالم پناهه پوءِ منهنجي راءِ پڇي ۽ چيائين: ”فرنگي،. ماڻهن ۽ سندن دوائن جي طبيعت ۽ خاصيتن جو ذرو پرزو احوال مون کي ٻڌاءِ.“ اتي مون کي پنهنجن خيالن ظاهر ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو، تنهن ڪري اوائل جي دستوري جملن ڳالهائڻ کان پوءِ، مون عرض ڪيو ته ”هن جي طبعيتن جي نسبت ۾ ته حضور پاڻ داناءِ آهن، معلوم هجيس ته هو ڪافر ۽ پليد قوم آهي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جي نبيءَ کي ٺڳ سمجهندا آهن ۽ سوئر جو گوشت کائيندا آهن، ۽ شراب ڇوٽ پيئندا آهن، ظاهري صورت ۾ زالن جهڙا آهن، ۽ عادتن ۾ رڇن جهڙا آهن. هنن ۾ وڏو شڪ رکڻ گهرجي ڇا لاءِ ته هن جو آخرين ۽ اندروني مطلب آهي ملڪ وٺڻ ۽ بادشاهن ۽ نوابن کي پنهنجا زيردست ۽ نوڪر ڪرڻ، ڏسو ته هندستان سان ڇا ڪيو اٿن؟ باقي سندن دوائون تن کان ته شل خدا حضور جن کي بچائي وٺي! اهي به پنهنجي اثر پيدا ڪرڻ ۾ اهڙيون دغا ڏيندڙ آهن، جهڙا فرنگي پاڻ پنهنجي ملڪي تجويزن ۾ آهن. جيڪي اسين موت رسائڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهيون، سو هو دوائون ڪري ٿا ڪم آڻين.“ اتي جيڪا گولي آندي هيم سان ڪڍي چيو ته ”مک شيءِ جا هو دوائن ۾ ڪم آڻين ٿا، سا آهي پارو ۽ هو پنهنجا اوزار ۽ ڪپ ايترو گهڻو ڪم ٿا آڻين، جو مون ٻڌو آهي ته ماڻهو جي ساهه بچائڻ لاءِ هو انهن جو ڪو عضوو وڍي ڇڏيندا آهن.“ پوءِ مون ڌارين ملڪن جي نسخن تي هلڻ مان ڪهڙا خرابي ۽ نقصان جهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا، تن جو اهڙو چڱو ۽ چٽو بيان ڏنو جو بادشاهه انجام ڪيو ته سواءِ خبرداريءَ ۽ اڳ ڳڻتيءَ جو اهڙي ڪا دوا نه وٺندس. هاڻي اهو فرنگي، جيڪا دوا پيو ٺاهي، سا جڏهن موڪليندو تڏهن بادشاهه وري مون کي وري صلاح مصلحت ڪرڻ لاءِ سڏيندو.“

تنهن کان پوءِ چيائين ته ”هاڻي حاجي، بادشاهه کي انهيءَ ڪافر جي دوا کي چهڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته جي اتفاق سان انهيءَ مان فائدو ٿي پوندو ته پوءِ آءٌ رليس، ڪير وري مرزا احمق کي پڇندو” نه نه، اسان کي گهرجي ته اهڙي صورت ٿيڻ نه ڏيون، پوءِ جي هن جون سڀ دوائون مون کي وٺڻيون پيون ته به حرڪت ناهي.“

ڌار ٿيڻ کان اڳي اسان هڪ ٻئي سان پڪا انجام ڪيا ته جيترو پڄي سگهيوسين، اوترو انهيءَ ڪافر طبيب کي آڏو ڦرنداسين. ٽن ڏينهن کان پوءِ  مرزا احمق کي وري بادشاهه جو سڏ ٿيو ته جيڪا دوائن جي پيتي آئي هئي، تنهن کي اچي نظر مان ڪڍي. هن ته البت انهن جي فائدي جي نسبت ۾ گهڻا ئي شڪ اٿاريا ۽ اهڙا به اشارا ڏنائين، ته ڌارين جي بادشاهت جي نائب وٽان ڪنهن به دوا وٺڻ ۾ وڏو خوف آهي. نيٺ موڪلائڻ مهل بادشاهه کان اهڙو ٺهراءُ ڪرايائين ته انهيءَ ڳالهه بابت  پنهنجن وزيرن سان صلاح مشورت ڪري. ٻئي ڏينهن کليءَ دربار ۾، جڏهن شاهه پنهنجي تخت تي ويٺو هو ۽ چوڌاري سندس وڏا وزير ۽ خزاني جو امير ۽ ملڪي ڪم جو امير ۽ سندس وڏو ڪاروباري حاجب امير، گهوڙن جو امير، رسمن جو امير ۽ شاهي حڪيم ۽ ٻيا گهڻا محلات جا وڏا وڏا عملدار ويٺا هئا، تڏهن هن وزيراعظم ڏي منهن ڪري چيو ته ”هو فرنگي طبيب جو هاڻ اسان جي دربار ۾ رهي ٿو، تنهن سان هي شرط ڪيو ويو آهي ته هو اسان کي دوائون ڏئي، تندرست ۽ تازو توانو ڪندو، ۽ پهرينءَ ملاقات ۾ هن اسان جو بدن چڱيءَ طرح چڪاسي ڏٺو ۽ معلوم ڪيائين ته اسان ۾ ضعيف ۽ ناچڱائي جون گهڻيون ئي علامتون آهن. ٽين ملاقات ۾ هن اسان کي پڪ ڏني ته ٽن ڏينهن تائين پنهنجن ڪتابن ۽ دفترن ڏسڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي حڪيمن ۽ ڏاهن جي راين تي ويچار کان پوءِ، ڪيتريون مفرد دوائون گڏي هن هڪڙي مرڪب دوا جوڙي آهي. اها جيڪڏهن کائڻ ۾ ايندي ته انهيءَ جو اثر اهڙو عجيب ٿيندو جو ڪنهن طلسم جو به ڪين ٿيندو. ”ايتري چوڻ کان پوءِ شاهه فرمايو ته ”اسان هاڻ پنهنجي حڪيم باشي يا شاهي طبيب کي درباري اميرن جي وچ ۾ گهرايو آهي، جنهن ايران جي بادشاهت جي خير خواهيءَ جي مدنظر تي انهيءَ فرنگي طبيب جي موڪليل دوا جي پيتي چڪاسي ڏٺي آهي ۽ هن دل ۾ گهڻا شڪ شبها ۽ خوف پيدا ٿين ٿا، تنهنڪري انهيءَ جي برخلاف آهي. اهي شڪ هي آهن ته پهرين ته ڌارين ملڪ ۽ قوم جي رواج ۽ قانون موجب هن ملڪ جي بادشاهه جو علاج ڪرائجي ۽ دوا کارائجي يا نه، ٻيو ته جيڪا دوا ٿو کارائي تنهن ۾ اهڙي ڪا ڳجهي ۽ خراب اثر واري دوا ته نه آهي، جا اسان جي بدن کي تندرست ڪرڻ جي بدران نقصان پهچائي، ۽ نيٺ انهيءَ مان خوف جي حالت پيدا ٿئي.“

انهيءَ وقت بادشاهه سلامت وڏي آواز چيو ته ”اهڙي صورت ۾ وڌيڪ ڪي ڪرڻ کان اڳي اهو ڪم مهمل رکڻ اسان مناسب سمجهيو آهي، ۽ ارادو ڪيو اٿؤن ته اوهين سڀئي پاڻ ۾ صلاح مشورت ڪري اهڙي ڪا راءِ قائم ڪريو، جا اسان جي اڳيان پيش ٿيڻ جي لائق هجي. انهيءَ ڳالهه بابت اوهان کي پوري واقفيت رهي، تنهن لاءِ هيءُ ٺهراءُ ڪيو آهي ته اوهان مان هر ڪو هيءُ دوا کائي ته پوءِ انهيءَ جي جدا جدا اثرن ۽ نتيجن جي جهڙي اسان کي خبر پوي، تهڙي اوهان کي.“


(1)  لقمان اڀرندي وارن ملڪن جي تمام مشهور حڪيمن مان آهي. ڪي هن کي ايسپ ڄاڻندا آهن، جنهن جون آکاڻيون مشهور آهن. هوشيار طبيب کي ايران ۾”لقمان الزمان“ سڏيندا آهن، يعني زمان جو لقمان.

(1)   علم وارن وٽ ايران ۾ اڪثر حرمسرائن جي محبت ۽ عيش عشرت جي نسبت ۾ انهيءَ طرح اشارو ڏيندا آهن.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org