”پاسي پاسي“ جون رڙيون جي بادشاهه جي روانگيءَ جي
مهل ٿينديون آهن، سي هاڻ منهنجن ڪنن تي پيون ۽ سڀ
ماڻهو هڪ ٻئي پٺيان قطار ٻڌي تيار ٿي بيٺا.
بادشاهه جي پنهنجي محلات ڏي موٽڻ جي رسم رسمات
ساڳي هئي، جيڪا اتان نڪرڻ مهل ٿي هئي. رڳو هيترو
هو جو بيشمار شمعدان ڏسڻ ۾ آيا، جن جي قدر کان
معلوم ٿي سگهيو ته ڪهڙي ڪهڙي درجي جي ماڻهن لاءِ
رستي ۾ سوجهرو ٿي ڪيائون. بادشاهه جي وڃڻ کان پوءِ
سڀ هل بکيڙو لهي ويو ۽ ماٺ ٿي ويئي.
جڏهن زالن ڏٺو ته ٻيو ڪي وڌيڪ ڏسڻو ناهي، تڏهن
بالاخاني تان لهي ويون. جيسين اتي هيون، تيسين
سندن گفتگو پاڻ ۾ اها هئي ته بادشاهه گهڻو ڪنهن کي
ٿي ڏٺو ۽ پسند ڪهڙي ٿي آيس. لهڻ مهل مون ٻڌو ته
زينب جي خوش نصيبيءَ تي گهڻين کي حسد ۽ چڙ هئي.
هڪڙيءَ چيو ته ”مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته شاهه
هن ۾ ڇا ڏٺو آهي. سونهن ته ذري به منجهس ڪانهي.
هيڏو سارو وات اٿس. منهن ۾ نڪم ئي ڪونه اٿس.“
ٻيءَ چيو ته ”هوءَ ته گڪي آهي.“ ٽيئن چيو ته
”چيلهه ته ڏسوس، هاٿيءَ جهڙي اٿس. وري سندس پير
ڏسو، اٺ جا به ننڍا آهن.“ چوٿينءَ چيو ته ”وري
هوءَ يزيدي آهي، خود شيطان کان ڪو آذان مليل
هوندس، جنهن ڪري بادشاهه جي نظر مٿس وڃي پئي.“
سڀني چيو ته ”اهو سچ آهي. هن ۽ شيطان پاڻ ۾ ٻڌي
ڪري بادشاهه کي بڇڙو ڪيو آهي.“ انهيءَ ڳالهه تي سڀ
راضي ٿي هليون ويون ۽ وري هنن جو ڳالهائڻ مون ڪونه
ٻڌو. پر هڪڙي زال اڃا به بالاخاني تي رهجي وئي،
ظاهري ڪري هيٺ گهٽيءَ ۾ جيڪي پئي هليو سو پئي
ڏٺائين. جڏهن ٻيون سڀئي هليون ويون، تڏهن اٿي مون
ڏي آئي. اها زينب هئي.
باب ٽيهون
حاجي بابا جو خود شاهه دشمن ٿئي ٿو ۽ پنهنجو محبوب
هٿان وڃائي ٿو
جنهن ڀت جي پٺيان آءٌ لڪو بيٺو هوس، سا گهڻي تائين
اسان جي وچ ۾ روڪ نه ٿي. جڏهن مون ٻڌايس ته آءٌ
ڏاڍي انتظار ۾ آهيان، تڏهن مون کي چيائين ته ”هن
هنڌ ملاقات ڪرڻ ۾ وڏو خوف آهي، ۽ هيءَ پنهنجي
پوئين ملاقات آهي، ڇا لاءِ جو آءٌ هاڻي شاهي حرم
جي بلي آهيان، تنهنڪري جي اسين گڏ ڏسباسين ته
ماريا وينداسين.“ مون ڀانيو ٿي ته هوءَ مون کي
ٻڌائي ته پاڻ بادشاهه جي قبضي ۾ ڪيئن آئي ۽ آئندي
سندس حالت ڪهڙي ٿيندي، پر سڏڪن ۾ جيڪي چيم ٿي، سو
هن کي ٻڌڻ ۾ ئي نه آيو. ۽ هن کي اسان جي جدائي جي
گهڻي ڳڻتي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي، ڇالاءِ جو يا ته
آئندي جي سک جي خوشي ۽ سرهاڻ هيس، يا ته منهنجي
خاطر جيڪي ڏک اڳئي ڏٺا هئائين، تن ساڻو ڪري ڇڏيو
هوس. پر ايتري پڪ آهي ته جنهن گهڻي محبت جي مون
اميد ٿي رکي، سا هاڻ منجهس نه ڏٺيم.
هن مون کي ايترو ٻڌايو ته جڏهن بادشاهه اندرون ۾
گهڙيو تڏهن ڳائڻ وارين زالن جي طائفي مرحبا ڪيس ۽
اهي سندس اڳيان سندس تعريف جو راڳ ڳائينديون هليون
۽ ڍولڪ وڄائينديون هليون، ۽ جڏهن صفحي ۾ هو ويهي
رهيو، تڏهن خانم اچي سندس گوڏي کي چمي ڏني. هن جي
لاءِ زريدار ريشم جو پاانداز وڇايو ويو هو، جو
بادشاهه جي مٿانس لنگهي وڃڻ کان پوءِ ناظرن يا
خواجه سرائن جهٽ ڏئي کڻي ورتو ۽ پنهنجو انعام ڄاڻي
پاڻ وٽ رکيو. شاهي رسمن ادا ڪرڻ واري زال به اتي
حاضر هئي، تنهن خانم جو نذرانو چانديءَ جي ٽرائي
تي رکي آڻي پيش ڪيو. ڇهه عرق گير يا عرقچين ٽوپيون
هنيون، جي خانم پاڻ ڀريون هيون، ڇهه سينه گير هئا
جي ڪپهه پيل شال جا هئا ۽ سرديءَ جي موسم ۾ پهراڻ
جي مٿان ڇاتيءَ جي حفاظت لاءِ ڍڪبا هئا ۽ سٿڻون
ڪشميري شال جون هيون، ٽي ريشمي پهراڻ ۽ ڇهه جوڙا
جورابن جا هئا جي حڪيم جي گهر وارن زالن پاڻ اُڻيا
هئا. بادشاهه اهو نذرانو قبول ڪيو ۽ خانم جي ڀرت ۽
پٽ جي ڪپڙي جي گهڻي تعريف ڪيائين. تنهن کان پوءِ
سڀ زالون بادشاهه جي ٻنهي پاسن قطارون ٻڌي بيهاري
ويا. زينب چيو ته ”مون کي ذليل ۽ خراب ڪرڻ لاءِ
پوئينءَ قطار ۾ کڻي بيهاريائون، نورجهان شيدياڻيءَ
کان به هيٺ. اسان سڀني، بلڪ ڪراڙيءَ ليلى به
بادشاهه جي ڌيان ڇڪڻ لاءِ گهڻائي هنر هلايا، ڪي لڄ
کان ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺيون هيون، ڪن لڪيو پاسيرو
نگاهه پئي ڪئي، ڪي ته وري اهڙيون بهادر هيون جو
بادشاهه جي منهن ۾ اکيون وجهيو بيٺيون هيون. هر هڪ
تي نظر گهمائيندو گهمائيندو جڏهن مون تي آيو، تڏهن
مون ۾ کڻي نظر ڄمايائين، پوءِ حڪيم ڏي منهن ڪري
چيائين ته ”هيءَ ڪهڙي قسم جي شيءِ آهي؟ جهڙو تهڙو
مال ته نه آهي. منهنجي ڪلنگيءَ جو قسم، هي جانور
تمام چڱو آهي، حڪيم، ماشاء الله، تو چونڊ چڱي ڪئي
آهي. چنڊ جهڙو منهن، هرڻ جهڙيون اکيون، سرو جهڙو
قد ۽ چيلهه. سڀ شيءِ هن جي موجود آهي.“
تڏهن حڪيم ڪنڌ جهڪائي تواضع ڪري چيو ته ”صدقي
ٿيان، انهيءَ هوندي به اها ٻانهي حضور جي نوازش جي
لائق ناهي، تڏهن به جيڪا شيءِ منهنجي آهي سان
شهنشاهه جي ملڪي آهي، جي اجازت هجي ته اها نذرانو
ڪري حضور جي تخت جي پائي وٽ رکان؟“
بادشاهه چيو ته ”قبول آهي“. پوءِ وڏي خواجه سرا کي
پاڻ وٽ سڏي حڪم ڏنائين ته ”هن کي بازيگر يا ناچ ۽
راڳ ڪرڻ واريءَ جو هنر سيکارجي ۽ انهي نموني جا
ڪپڙا هن جي لاءِ تيار ڪرائجن ۽ جڏهن اسين آرڙهه جو
گشت ڪري موٽي اچون، تڏهن قابل ڪري اسان جي اڳيان
آڻجي.“
زينب چيو ته ”اها گفتگو ٻڌي حڪيم جي زال ڪاوڙ سان
اکيون ڦرڙايون، گهڻي نياز سان شاهه ڏي منهن ڪري
جيڪي چيو هئائين سو قبول ڪيائين، ۽ پوءِ مون ڏي
گهور ڏئي نهاريائين، جنهن مان معلوم ٿي سگهيو ته
سندس دل ۾ ڏاڍي ڪاوڙ جي باهه آهي. گرجياڻي جي ته
اکين ۾ ئي زهر پئي معلوم ٿيو، اهڙو ساڙ هوس، باقي
نورجهان سان منهنجي خوش نصيبيءَ جو ٻڌي ڏاڍو خوش
ٿي سرهي ٿي.
مون اچي بادشاهه جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي زمين تي مٿو
رکيو، ۽ هن مهربانيءَ جي نظر مون ڏئي پئي نهاريو.
بادشاهه اڃا پٺ مس ڏني ته خانم جي هلت اصل ڦري ٻي
ٿي پئي، مون کي شيطان جي ڌيءَ ۽ لعنتي ڇوڪري ڪين
سڏيائين، پر ”منهنجي پياري، منهنجو ساهه، منهنجي
اکين جي روشنائي منهنجي ڌيءَ ”ڪري سڏڻ لڳي. آءٌ جا
اڳي سندس اڳيان حقو ڇڪي نه سگهندي هيس، تنهن کي
سڏي خود پنهنجي حقي ڇڪڻ لاءِ چيائين ۽ زور ڪري
پنهنجن هٿن سان منهنجي وات ۾ مٺائي جا ٽڪر پئي
وڌائين. پر هوءَ گرجياڻي
مون کي ڏسي نه
سگهي، پنهنجي ساڙ کائي کپائڻ لاءِ اٿي ٻي جاءِ ۾
وئي. ٻين زالن مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ جيڪي سک مون
کي ملڻا هئا تن جو بيان ڪري پئي مون کي ٻڌايائون.
چيائون ٿي ته اڳتي پيار ۽ شراب، راڳ ۽ جواهرن ۽
چڱن ڪپڙن ۾ وهنجڻ ۽ بادشاهه جي خذمت ۾ حاضر رهڻ
سان تنهنجو واسطو رهندو. ڪن مون کي پئي صلاح ڏني
ته بادشاهه جي محبت هٿ ڪرڻ ۽ ٻين زالن جي زور
گهٽائڻ لاءِ چڱا تعويذ هٿ ڪجئين، ڪن پئي چيو ته
چڱيون چڱيون سوکڙيون ڪهڙي رستي هٿ ڪجن، ۽ گهڻن وري
مون کي سيکاريو ته بادشاهه ڳالهائڻ مهل هن ڪ هن
طرح جا جملا ڪم آڻج.
مطلب ته ويچاري زينب، جا اڳي ڪم نصيب ۽ ڪين جهڙي
زال هئي، سا هاڻ اوچتو هر دلعزيز ۽ تعريف جوڳو
ماڻهو ٿي پئي.
زينب ڳالهه ڪري بس ڪئي. پنهنجي نئين حالت تي ايڏي
خوشي ٿيس جو مون کي مناسب نه آيو ته ٻڌايانس ته
مون کي سندس نسبت ۾ ڏاڍو خوف ٿي سجهيو، جو ڄاتم ٿي
ته انهيءَ ڪري غمگين ۽ ملول ٿيندي. اهو نه ٿي
سجهيس ته جيڪڏهن بادشاهه پاڻ وٽ سڏايس ۽ کيس نه
وڻي يا سندس خيال مٿانئس لهي ويو ته پوءِ ڪهڙو
بڇڙو حال ٿيندس، ڇا لاءِ جو اهڙين گهڻيون حالتون
ڪتابن ۾ لکيل آهن ته اهڙي وقت بڇڙي رستي موت جي
سزا ملي چڪي آهي ۽ ڪنهن انهيءَ جو دادائي نه ڪيو
آهي. تنهنڪري ظاهريءَ طرح آءٌ به ساڻس گڏ خوش ٿيڻ
لڳس، جيتوڻيڪ معلوم هوسين ته سگهوئي هڪٻئي کان اصل
ڌار ٿينداسين ته به انهيءَ دلاسي ۽ اميد تي خوش
رهياسين ته هڪٻئي جو سماءُ سڌ پيا لهنداسين.
هن مون کي ٻڌايو ته سڀاڻي صبح جو بادشاهه جي خواجه
سرائن مان هڪڙو مون کي شاهي حرمسراءِ ۾ نيڻ لاءِ
ايندو ۽ وهنجاري سنهجاري نوان ڪپڙا ڍڪائي، بازيگرن
جي دفعي ۾ داخل ڪندو، جن وٽ آءٌ ڳائڻ وڄائڻ ۽ نچڻ
جي تعليم وٺنديس.“
اتي کيس سڏ ٿيڻ لڳا، سي ٻڌي وڌيڪ ترسڻ کان ڊپ ٿيس
تنهنڪري هڪٻئي کي هزارين محبت جا دلاسا ۽ پيار ڏئي
اسين هڪٻئي کان ڌار ٿياسين، ۽ امڪان پئي سمجهيو ته
وري شايد نه ملون.
باب ايڪٽيهون
زينب جي نڪري وڃڻ تي هن جا خيال. هن کي پنهنجي
طبابت جي هنر سيکارڻ جو اوچتو سڏ ٿئي ٿو
جڏهن هوءَ هلي ويئي، تڏهن آءٌ انهيءَ ساڳيءَ جاءِ
تي ويهي رهيس، جتي هيستائين بيٺا هئاسين ۽ خيال
پچائڻ لڳس. پاڻ کي چيم ته هي ته ٻه مغز هڪڙيءَ
بادامي ۾ ٿا ٿين. جي دنيا اهڙي آهي ته جيڪي هي
گذريا ٻه مهينا پئي ڪيو اٿم، سو رڳو خواب آهي. مون
پاڻ کي مجنون ٿي سمجهيو ۽ هن کي ليلى ٿي ڄاتم ۽
ڀانيوسين ٿي ته جيسين سج ۽ چنڊ قائم هوندا تيسين
هڪٻئي سان محبت پيا ڪنداسين ۽ ڳرندا جلندا
وينداسين ۽ پنهنجون دليون ڪباب ڪندا وينداسين. پر
هاڻ صاف آهي ته منهنجي ڏاڙهيءَ تي کل ٿي ٿئي. شاهه
آيو، ڏٺائين ۽ ٻه اکر ڳالهايائين ۽ چرخوئي ڦري
ويو. گهڙيءَ ۾ حاجي وسري ويو، ۽ زينب راڻي ٿي پئي.
مون اها رات ڏاڍي خوشيءَ ۾ گذاري ۽ نيون رٿون ڪرڻ
لڳس. ارادو ڪيم ته آرام سان ويچار ڪرڻ لاءِ شهر جي
ڀتين کان ٻاهر وڃان، پر اڃا گهر کان ٻاهر مس نڪتس
ته زينب کي گهوڙي تي چڙهيل ڏٺم. ڏاڍا چڱا سنج پيل
هوس ۽ هڪڙو شاهي خواجه سرا ساڻس گڏيو ٿي ويو ۽
ڪيترا نوڪر اڳيان ماڻهو پاسي ڪندا پئي ويا. مون کي
اميد هئي ته هوءَ مون کي ڏسي منهن تان برقعو
کڻندي، پر نه، هوءَ اصل ذرو به نه چري، ائين ئي
زين تي ويٺي رهي. آءٌ به ماٺ ڪري هليو ويس ۽ پڪو
ارادو ڪيم ته هن کي اصل پنهنجي دل تان لاهي ڇڏيان،
پر خبر ناهي ته ڪيئن شهر جي دروازي پيچري وٺڻ جي
بدران آءٌ سندس پٺيان هلڻ لڳس ۽ نيٺ وڃي بادشاهه
جي محلات وٽان نڪس، ٻيو ڪوبه سماءُ ڪونه پيم.
دروازي جي اڳيان جيڪو وڏو ميدان آهي تنهن تي سوارن
جو لشڪر ڏٺم جن جي شاهه جي اڳيان حاضري پئي
ورتائون ۽ هڪ هڪ ڪيو لنگهايائون. شاهه پاڻ مٿئين
جاءِ ۾ ڪٽهڙي وٽ ويٺل هو. زينب ۽ خواجه سرا کي
اندر ڇڏيائون، جي گوڙ ۾ گم ٿي ويا، باقي مون کي
پهري وارن روڪي ڇڏيو. جيڪي منهنجي اڳيان پئي هليو
تنهن تي منهنجي اک پٽي ۽ خيال جمع ٿيا. جيڪو لشڪر
نظر مان ٿي ڪڍيائون، سو سوارن جو هڪڙو دفعو هو،
جنهن جو عملدار نامرد خان هو، جو مک جلاد هو، اهو
حاضر هو ۽ زربفت جا ڪپڙا پيل هئس ۽ مٿي تي هڪڙو
ميناڪاري زيور لڳل هوس، جو اس ۾ پي چمڪيو، ۽ هڪڙي
تمام چڱي گهوڙي تي چڙهيل هو. اهو جنگي تماشو مون
اڳي ڪونه ڏٺو هو. جڏهن منهنجي نظر گهوڙن ۽ سوارن ۽
بندوقن ۽ ڀالن تي پئي، تڏهن مون کي پنهنجا اهي
ڏينهن ياد پيا، جي ترڪمانن سان گذاريا هئم ۽ دل ۾
اهي خواهش پئي ٿيم ته هڪڙو ڀيرو وري به زور آزمائي
ڪريان.
جنهن
لشڪر جي حاضري وٺڻي هئي، سو ميدان جي هڪڙي پاسي
بيٺل هو. جنگ جو امير پنهنجن ڇهن منشين سان وچ تي
نالن جا دفتر کڻايو بيٺو هو، ٻه سڏ ڪرڻ يا پڪارڻ
وارا به حاضر هئا: هڪڙي وڏي سڏ سپاهيءَ جو نالو
وٺيو ٿي پڪاريو ۽ جڏهن اهو سپاهي لنگهيو ٿي ويو،
تڏهن ٻئي جواب ۾ ٿي چيو ته ”حاضر.“ نالو وٺڻ سان
سپاهي پوريءَ پوشاڪ ۾ گهوڙي تي چڙهيل، لشڪر جي گوڙ
مان نڪري ميدان تان گهوڙو ٽپائيندو، شاهه جي اڳيان
لنگهڻ مهل سر جهڪائيندو، سلام ڪندو هليو ٿي ويو،
هر هڪ اها رسم ادا پئي ڪئي، تان جو سڄو لشڪر نظر
مان نڪري ويو. سوار گهڻن ۽ طرحين طرحين نموننن جا
هئا: ڪي چڱي ڊول ۾ ٿي آيا ۽ رستم جهڙا پهلوان ڏسڻ
۾ ٿي آيا، ۽ ڪي جي شايد گهوڙو ڪٿان اڌارو وٺي آيا
هئا، سي مرندا جهرندا لنگهيا ٿي ويا، ڄڻ ته سچ پچ
مٿان ڪا لڙائي اچي ڪڙڪي آهي. لنگهندي جيڪي منهنجا
واقف هئا تن کي مون سڃاتو. هڪڙو جو پنهنجو گهوڙو
ٽپائي اچي لنگهيو، تنهن جي جواني ۽ همت جي دل ۾
تعريف پئي ڪيم، ته اوچتو جيڪا ڊگهي ڪاٺي ميدان جي
وچ ۾ کتل هئي، تنهن وٽان لنگهندي گهوڙو ٿاٻو کائي
ڪري پيو ۽ سوار اڇلجي وڃي ان جي پيرن ۾ پيو. تمام
ڏاڍو ڌڪ آيس. انهيءَ کي هڪدم گوڙ مان کڻي ويا.
ڪنهن مون کي ڏسي سڃاتو ته شاهي حڪيم جي عملي مان
آهي، تنهن تي مون کي سڏي چيو ته هي ته ”هي تنهنجي
حوالي آهي.“ مون به پنهنجي ناداني ظاهر نه ڪئي،
ماٺ ڪري طبيب واري هلت ڪرڻ لڳس. هو ماڻهو مئن
وانگي بيهوش ٿيو زمين تي پيو هو. جيڪي هن جي
چوڌاري بيٺا هئا، تن اڳئي هن جو علاج شروع ڪيو هو.
هڪڙي حضرت امام حسين رضه جي نيت پاڻي وات ۾ پئي
وڌس، ٻئي حقو ڇڪي، دونهون سندس نڪ ۾ پئي وڌو ته
جاڳي ۽ هوش ۾ اچي، ٽئين بت کي پئي ڳوهيس ۽ زور پئي
ڏنائينس ته منجهس رت چڱيءَ طرح ڊوڙي. اڃا آءٌ ظاهر
ٿيس ته ٻيا ڪم سڀ کڻي بند ڪيائون ۽ هٽي مون کي
جاءِ ڏنائون. مون وڏي ڏيک سان وڃي هن جي نبض ڏٺي.
ماڻهو چوڌاري انتظار ۾ مون ڏي منهن ڪري بيٺا هئا،
انهيءَ لاءِ ته ٻڌن ته آءٌ ڇا ٿو چوان. مون صاف
چيو ته هن کي نصيب جي ٺوڪر آئي آهي ۽ موت حياتي
پاڻ ۾ لڙن ته منجهان ڪهڙو هن کي پنهنجو ڪري.
انهيءَ طرح جيئن پنهنجي ڌڻيءَ کي ڪندو ڏٺو هوم،
تيئن حاضر ماڻهن کي تمام بدخير ٻڌائي، پوءِ چيومان
ته ٻين علاجن کان اڳي هن کي چڱيءَ طرح لوڏي ڏسو ته
ساهه اٿس يا نه. هنن به حڪم موجب بيمار کي اهڙا
لوڏا ڏنا جو هڏئي اکيڙي ٿي ڇڏيائونس. انهيءَ مان
فائدو ڪونه ٿيو. اڃا مون وري ٻيو حڪم ٿي ڏنو ته
گوڙ ۾ اوچتو دانهن ٿي ته رستو ڏيو، رستو ڏيو!“
ائين ڪندي فرنگي ڊاڪٽر جنهن جي هوشياريءَ جو مون
مٿي ٿورو بيان ڪيو آهي، اچي نڪتو، ڇا لاءِ جو
فرنگي وڪيل اهو واقعو ڏسي ورتو هو ۽ انهيءَ موڪليو
هوس. بيمار کي ڏسڻ کان اڳئي هن هڪل ڪري چيو ته
”هڪدم رت ڪڍوس، لحظو به دير نه ڪريو!“
مون کي اتي ايراني طب جي طرفداري ڪرڻي ۽ پنهنجي
قابليت ڏيکارڻ پئي، تنهنڪري چيم ته ”رت ڪڍوس! هي
ڪهڙو عقل آهي؟ خبر نه اٿو ته موت سرد آهي رت ۽ گرم
آهي. اصل حڪمين جو حڪيم آهي ته سرد بيماريءَ ۾ گرم
علاج ڪرڻ گهرجي. بقراط، جو سڀني حڪيمن جو ڏاڏو
آهي، تنهن اهو حڪم لکيو آهي، ائين ته ڪين چئبو ته
انهي ڪارو منهن ڪيو آهي. جيڪڏهن هن جي بدن مان رت
ڪڍيو ته هو مري ويندو، وڃي دنيا کي ٻڌاءِ ته آءٌ
ائين ٿو چوان.“
فرنگي ڊاڪٽربيمار کي چڪاسي چيو ته ”هن بابت ٻي
وڌيڪ تڪليف ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، هو اڳئي مري ويو
آهي، هينئر گرم ۽ سرد ٻئي هڪهڙا آهن.“ ائين چئي هو
روانو ٿيو، ۽ مون کي ۽ بقراط کي وات پٽيل ڇڏي هليو
ويو.
مون چيو ته ”تڏهن اجل حياتيءَ کان زور پئجي ويو،
ماڻهوءَ جو عقل ڪهڙي ڪم جو آهي. تقدير جي اڳيان
تدبير ٿي هلي. خدا جي امر کي ڪير آڏو ايندو! اسان
طبيبن جي به تقرير جي برخلاف ايتري هلندي، جيتري
پاڻي جي ڪسيءَ جي درياءَ جي پاڻيءَ جي برخلاف
هلندي.“
هڪڙو ملو اتي حاضر هو، تنهن چيو ته ”هن جا پير
ڦيرائي قبلي ڏانهن ڪريو ۽ هن جي پيرن جا آڱوٺا کڻي
ٻڌو، ۽ هڪڙو رومال سندس کاڏيءَ هيٺان لنگهائي مٿي
تي ٻڌي ڇڏيو.“ هنن ائين ڪيو ۽ پوءِ سڀئي جيڪي حاضر
هئا سي ڪلمو پڙهڻ لڳا. ايتري ۾ هن جا مائٽ مٽ به
اچي گڏ ٿيا ۽ روئڻ پٽڻ لڳا ۽ هڪڙي کٽولي تي انهيءَ
کي وجهي گهر کڻي ويا.
پڇا ڪرڻ سان مون کي معلوم ٿيو ته اهو فوتي هڪڙو
نسقچي يا جلاد هو، يعني نسقچِي باشي نامرد خان جو
اهو ڪم آهي ته جڏهن شاهه اٿي هلندو آهي، تڏهن گوڙ
کي پاسي ڪندا آهن ۽ رستي جو بندوبست پورو رکندا
آهن، ۽ سرڪاري قيدي حوالي ۾ وٺندا آهن. مطلب ته
سڄي ملڪ ۾ پوليس عملدارن جو ڪم ڪندا آهن. انهيءَ
مهل مون کي دل ۾ آيو ته ڇو نه انهيءَ مئل ماڻهوءَ
جي جاءِ کڻي وٺان، جو منهنجي طبيعت کي به دوائن
ٺاهڻ ۽ بيمار کي ڏسڻ کان وڌيڪ اهو ڪم پسند ٿو اچي
۽ وڌيڪ موافق نظر ٿو اچي. خيال ڪيم ته انهي
نوڪريءَ جي ملڻ جو گهڻو امڪان آهي، ڇا لاءِ جو
انهن جو بالادست مرزا احمق جو دوست آهي، جنهن جا
مٿس گهڻا احسان ٿيل آهن. اڃا ٿورا ڏينهن گذريا هئا
ته هن حڪيم کي منٿ ڪئي هئي، جنهن تي حڪيم ڪوڙو قسم
کڻي شاهه کي خاطري ڏني هئي ته شراب جنهن جي درباري
واري عملي کي ڏيڻ جي سخت منع هئي، سونهيءَ عملداري
جي چڱڀلائيءَ لاءِ بلڪل ضروري آَهي. تنهنڪري قاضي
هن کي شراب پيئڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ پيندي پيندي
هو وڃي جهاجهه ۾ پيو هو. تنهنڪري مون ارادو ڪيو ته
مرزا کان پنهنجي لاءِ سفارش وٺان ۽ جي قسمت پنهنجي
چشمي مان جيڪو ڪڙو زهر هن فوتي جي پيالي ۾ وڌو هو،
سو ڦيرائي منهنجي لاءِ کڻي مٺو شربت ڪري ته ڪهڙو
عجب آهي.“
باب ٻٽيهون
حاجي بابا کي سرڪاري نوڪري ملي ٿي ۽ هو نسقچي ٿئي
ٿو
ٻئي ڏينهن صبح جو حڪيم محلات ڏي ويو، تنهن کان اڳ
وجهه ڏسي مون کيس چيو ته جيترو جلد ٿي سگهي اوترو
جلد مک عملدار کي چئي مون کي مئل نسقچي جي جاءِ
وٺي ڏئي. مون تڪڙ انهيءَ لاءِ ڪئي جو شاهه ٿورن ئي
ڏينهن جي اندر تختگاهه ڇڏي سلطانيه ۾ منزلگاهه ڪرڻ
وارو هو ۽ حڪيم کي به ساڻس گڏ وڃڻو هو. تنهنڪري
مون چيومانس ته ”جي جلد منهنجو بندوبست نه ڪندي،
ته آءٌ وري به تو وٽ رهيو پيو هوندس.“
حڪيم انهيءَ وقت شاهه جي مهمانيءَ جي خرچ جي حساب
ڪرڻ ۾ مشغول هو ۽ اهو ارادو ڪيو هئائين ته گهرجي
خرچ پکي ۾ اڳتي گهڻي ڪفايت ڪجي، سو پاڻ هڪڙي مفت
خور جي نڪري وڃڻ ۾ خوش هو. تنهن ڪري مون کي مدد
ڪرڻ جو انجام ڪيائين. مون کي سمجهائي ڇڏيائين ته
صبح جو سلام ٿي رهڻ کان پوءِ تون دربار ۾ مون کي
اچي ملجانءِ ته پوءِ نسقچين جي عملدار کي تنهنجي
سفارش ڪندس. تنهنڪري جڏهن اڳئين جي نماز جي ٻانگ
مسجد مان آئي، تڏهن آءٌ محلات ڏي ويس ۽ نسقچين جي
عملدار واري جاءِ جي ٻاهران بيهي رهيس. انهيءَ
جاءِ کي هڪڙي وڏي دري هئي جا محلات جي وڏي در جي
بلڪل سامهون هئي. گهڻائي ماڻهو اتي گڏ ٿيا ويٺا
هئا. عملدار پاڻ هڪڙي ڪنڊ ۾ نماز پئي پڙهي ۽ جيڪا
گفتگو منهنجي ۽ منهنجي دوست ملڪ الشعراءِ ۽ رسمن
جي نائب امير جي وچ ۾ پئي هلي، تنهن جو ڪو به سماء
ڪونه هوس. نائب امير شاعر سان هن ويچاري نسقچيءَ
جي مرڻ جي خبر پئي ڪئي ۽ عجيب ۽ غريب ڪوڙ ٺاهيو
ڳالهه پئي ته نسقچي باش نماز پڙهندي رڙ ڪري چيو ته
”اهو ڪوڙ آهي. تحمل ڪر ته آءٌ اچي اوهان کي ٻڌايان
ته حقيقت ڪيئن آهي.“ ائين چئي وري نماز ۾ مشغول
ٿيو. جڏهن نماز پڙهي بس ڪيائين، تڏهن سڄو قصو بيان
ڪري ٻڌايائين، پر منجهس ايترو مبالغو ۽ وڌاءُ
ڪيائين جو نائب امير کان به وڌيڪ ۽ پڇاڙي ۾ به
ائين چيائين ته ”ايراني طبيب هن کي لوڏڻ ساڻس مس
سامت ۾ آندو هو، ته فرنگي طبيب هن ويچاري غريب کي
رت ڪڍڻ سان ماري ڇڏيو.“
عملدار اڃا اها ڳالهه ويٺي ڪئي ته مرزا احمق جاءِ
۾ گهڙيو ۽ ٻنهي طبيبن بابت جيڪي هن ٿي چيو، تنهنجي
ساک ته ڏنائين، پر پاڻ وڌيڪ تصديق ڏيڻ لاءِ ٻيون
ڪي نيون ڳالهوين ٺاهي گڏيائين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ مون ڏي
اشارو ڪري چيائين ته ”اجهو هو شخص آهي، جنهن انهي
نسقچي جي حياتي بچائي هئي، جي وري هو ٻيو نه ماريس
ها.“ اتي سڀئي جيڪي حاضر هئا تن مون ڏي اکيون
ڦيرايون، ۽ مون کي چيائون ته جيڪا حقيقت هجي ساري
بيان ڪري ٻڌاءِ. مون به پنهنجي ڳالهه اڳي ڪيل
ڳالهين سان هتي المقدور پوري آڻي بيهاري، ۽ طب جي
علم جي قابليت ۽ استادي شاهي حڪيم تي آڻي ختم ڪئي.
مرزا احمق منهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ مون
کي مدد ڏيڻ جو پاڻ گهڻو سعيو ٿيس، تنهن منهنجي
نالي نسقچي باشيءَ کي سفارش ڪري چيو ته ”هي ماڻهو
انهيءَ فوتي نسقچي جي ڪم هلائڻ لاءِ تيار آهي ۽
انهي جو هر طرح لائق آهي.“
نسقچي باشي چيو ته ”هان، طبيب ٿو جلاد ٿئي، اهو
ڪيئن ٿي سگهندو؟“
آءٌ نائب وٽ ويس ته هن شاهه ڏي وڃڻ لاءِ تياري پئي
ڪئي. هن زيردستن کي حڪم ڏئي ڏنائين ۽ ڪن جون
رپورٽون پئي ٻڌائين. جنهن مهل خبر پيس ته فوتي
عملدار جي جاءِ تي آءٌ مقرر ٿيو آهيان، تنهن مهل
هن جو گهوڙو ۽ ٻيو سامان منهنجي حوالي ڪيائين، ۽
انهن جي پوري سنڀال ڪرڻ جو ڏاڍي تاڪيد ڪيائين ۽
چيائين ته ”جيسين انهيءَ جو پڇ ۽ هن جهڙو خوش
گذران ڪرڻ وارو ماڻهو ڪونه هو، هو ڪنهن به حجاب
کان سواءِ شراب پيئندو هو ۽ ملن تي لعنتون وجهندو
هو، ۽ اهي وري اهڙي غير شرعي هلت ڪري دوزخ ۾ جاءِ
ڏيندا هئاس. هن جي جاءِ ۾ هميشه عيش عشرت جاري
هوندو هو. سڄي رات صبح تائين ڳائڻ وڃائڻ جو هل
هلندو هو. هن وٽ نچڻ وارا ڇوڪرا به هئا ۽ زالون به
هيون. ڪڃرين ۽ کدڙن جو هو حمايتي هوندو هو. انهيءَ
هوندي به پنهنجي عهدي جي فرضن ادا ڪرڻ ۾ ڏاڍي سختي
ڪندو هو. ايتري خوشيءَ جي هل ۾ به ڪنهن مهل ڪنهن
ماڻهوءَ جي پيرن جي ترين تي ڦٽڪا هڻندو هو، جنهن
جون رڙيون ۽ دانهون پري پري پيون ٻڌڻ اينديون
هيون. ۽ هو ڏاڍو چالاڪ گهوڙي سوار هو ۽ نيزي
بازيءَ جي هنر ۾ به ڏاڍو هوشيار هو. ۽ جيتوڻيڪ ڏسڻ
۾ ائين ايندو هو ته هو بهادري ۽ سپاهگيري ۾ ماهر
آهي ۽ حقيقت ڪري ڏاڍو ڊڄڻو ۽ ڀاڄوڪڙ هو. هو ائين
پنهنجو عيب ٻٽاڪن هڻڻ ۽ براين ڪرڻ سان لڪائيندو
هو، ۽ جن کي سندس چال جي پوري خبر نه هوندي هئي،
تن تي اهو ويساهه ڄمائيندو هو ته هو پاڻ هاڻوڪي
زماني جي ايرانين ۾ اهڙو هو، جهڙو قديم ايرانين ۾
سام ۽ افراسياب هئا، جن جو بيان ”شاهنامي“ ۾ ڏنل
آهي.
هن جو نائب هڪڙو شوخ ماڻهو هو، پر چالاڪ ۽ سمجهدار
عملدار هو. هن کي پنهنجي بالادست جي شاهي گهوڙن جي
نشان يا داغ واري پاسي جي چم جو ٽڪر نه آڻي
ڏيکاريندين، تيسين ٻيو گهوڙو نه ملندئي.“ منهنجو
پگهار ساليانو ٽيهه تومان ٺهرايو ويو ۽ منهنجو ۽
گهوڙي جو کاڌو تنهن کان سواءِ، مون کي پنهنجي
پوشاڪ ۽ هٿيار مليا باقي پنهنجي عهدي جي نشاني
هڪڙي ڪهاڙي ملڻي هيم جا پوءِ سرڪار مان ملي.
پر آءٌ اڳتي پنهنجي ڳالهه ڪريان تنهن کان اڳي
ضروري آهي ته پڙهندڙن کي پنهنجي نئين بالادست
نامرد خان جي هليه ۽ چال جو بيان ڪري ٻڌايان. هو
ڊگهو، قدارو، ڪشادن ڪلهن وارو، مضبوط ماڻهو هو.
عمر اٽڪل پنجيتاليهه ورهيه هيس. ايڏي عمر هيس جو
خوب جوان سڏي سگهجيس. هن جا مهانڊا ڀريل هئا ۽
ڀرون ٿلها ۽ ڪارا هئس ۽ ڏاڙهي مڇون به نڀور ڪاريون
هئس. هن جا هٿ تمام ڳرا ۽ ڀريل هئا ۽ هن جا ڪارا
وٽيل وار، جي سندس پهراڻ جي شگافن مان ٻاهر نڪريو
ٿي پيا تن مان معلوم ٿي سگهيو ٿي. هن جي پشم تمام
ٿلهي قسم جي هئي. مطلب ته هو ڏاڍو ڏيا وارو هو. پر
سادو سودو ماڻهو هو، ۽ پنهنجي عهدي تي اهڙو قابض
هو، جو سڄي شهر کي آرام هو. ڇا لاءِ جو لچ لانبڙ
کي دٻائڻ جي لاءِ سندس رڳي نظر بس هئي.
سڄي تهران هلائڻ جي چڱي تجويز ياد هئي، جنهن کي
خوشامد ڪري دل تي اهو ويساهه ڄمايو هئائين ته
کانئس ۽ شاهه کان سواءِ ايران ۾ ٻيو ڪوبه مڙس
ماڻهو سڏائڻ جو لائق ناهي. مون سگهوئي سهي ڪيو ته
هو ڏاڍو لالچي آهي، ڇا لاءِ جو جڏهن مون کي معلوم
ٿيو ته کيس ڪنهن به تحفي ڏيڻ کان سواءِ مون کي اها
جاءِ ملي آهي، تڏهن هن ڪيتريون ئي مشڪلاتون منهنجي
رستي ۾ لڌيون، انهي هوندي به خدا جيڪا مون کي زبان
ڏني تنهن جي وسيلي مون هن کي خوشامد ڪري چيو ته
”اوهان جهڙو نائب ڪو ٻيو ٿورو هوندو ۽ اوهان ۾
اهڙا گڻ آهن، جو نيٺ اوهين نسقچي باشي ٿيندؤ.“
تڏهن هن جي نفرت ۽ ڪاوڙ البت گهٽ ٿي، پاڻ منهنجي
خوشامد ڪري چوڻ لڳو ته ”اميد ته خدا رحمان ۽ رحيم
جي مهربانيءَ سان تون ضرور نيٺ پنهنجي کاتي ۾
مشهور ۽ نالي وارو ٿيندين.“
آءٌ اڃان به حڪيم جي گهر ۾ رهندو آيس، جيسين ڪ
شاهه روانو ٿيو. انهيءَ وچ ۾ سفر جي تياري پئي ڪيم
نسقچي هئڻ ڪري بازار ۾ مون کي مان ملندو هو ۽ جيڪا
شئي گهربل هوندي هيم، سا اڌاري ملندي هيم. جيڪو
عرصو آءٌ حيڪم سان گڏ رهندو هوس، انهي ۾ جيڪي
ضروري شيون هونديون هيون سي گڏ ڪندو ويندو هوس، جو
اهي يا ته بيمارن کان تحفن ۾ ملنديون هيون، يا
ٻيون پنهنجون تجويزون ڪري وٺندو هوس. جيئن ته هڪڙي
ڀيري مون کي هڪڙو هنڌ، رضائي ۽ وهاڻو گهربو هو،
هڪڙو غريب ماڻهو اسان جي علاج ڪندي مري ويو،
انهيءَ جا مائٽ وڏا ديندار مسلمان هئا. انهن کي
مون خاطري ڏني ته هو اسان جي قصور ڪري ڪين مئو
آهي، ڇا لاءِ جو طبابت جي هنر ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪونه
ٿي آهي، پر جنهن هنڌ تي سمهندو هو اهو نڀاڳو هو،
ڇا لاءِ جو هڪڙو ته جيڪا رضائي مٿان وجهندو هو سا
پٽ جي هئي جا مسلمانن کي روا ناهي ۽ ٻيو ته جنهن
هنڌ تي سمهندو هو، تنهن جي سيراندي قبلي ڏي رکيل
نه هئي، جيئن رکڻ کپندي هئي. ايتري ڳالهه ٻڌڻ ڪري
هنن اهو هنڌ رد ڪري ڇڏيو، جو پوءِ منهنجو ٿيو.
ٻئي ڀيري آرسيءَ جو مون کي کپ هو، هڪڙو مرزا برقان
يا زردوئي جي اثر کان بيمار هو. اهو آرسيءَ ۾
پنهنجو منهن ڏسي ڊڄي ويو. مون پڪ ڏنيس ته اهو حساب
آرسيءَ ۾ آهي تنهنجو رنگ ته گلاب جي گل جهڙو ڳاڙهو
آهي. تنهن هن اُها آرسيءَ اڇلائي ڇڏي جا آءٌ کڻي
گهر آيس.
ظاهري مذهب ۽ شريعت جو منع ڪيل شين نسبت ۾ مرزا
احمق پاڻ ڏاڍو سخت هو. مون کي يخدان يا چم جي ٻن
خانن واري خورجين جي ضرورت هئي ۽ هڪڙي حڪيم وٽ
اهڙي هوندي ها جا اجائي هڪڙي ڪنڊ ۾ پئي رهندي هئي
۽ آءٌ اها ڏسو پيو دل ۾ خيال پچائيندو هوس ته ڪهڙي
رستي اها هٿ ڪريان، چوندو هوس جي درويش صفر جيترو
اڌ هنر مون کي هجي ها ته جيڪر انهيءَ ۾ پنهنجو
سامان وجهيو سير ڪندو وتان ها. هڪڙي تجويز دل ۾
آيم، تهران ۾ رولو ڪتا گهڻئي گهمندا وتن، انهن مان
هڪڙي ڪتي حڪيم جي گهر جي ويجهو ڪنهن ڦٽل جاءِ ۾
ويائي هئي. لڪ ڇپ ۾ مون اهي سڀ گلر کڻي آڻي انهن
خورجين جي هڪڙي پاسي واري خاني ۾ رکيا، ۽ پئي پاسي
۾ وري پراڻا هڏا وجهي ڇڏيم. جڏهن حڪيم سفر تي ٿي
سنڀريو ۽ اها خورجين اچي چوريائون، تڏهن ڪتي ۽ گلر
ڀونڪڻ ۽ ڪوڪٽ ڪرڻ لڳا. نوڪر ڊوڙي وڃي حڪيم کي
ٻڌايو جو گهر جي ڀاتين سميت ڊوڙي اتي آيو. آءٌ به
انهن سان گڏ تماشو ڏسڻ آيس. جڏهن اها حالت معلوم
ٿين تڏهن حڪيم جي گهر جي لاءِ اهو تمام بڇڙو سڳڻ
سمجهيو ويو، جو ڄاتائون ته گهر حرامزادن سان ڀرجي
پوندو. ٻئي چيو ته ”گلر اڃا انڌا آهن. خدا خير
ڪري، شل اسين ۽ حڪيم صاحب اهڙا نه ٿي پئون.“ حڪيم
کي نه رڳو پنهنجي خورجين زيان ٿيڻ جو ارمان ٿيو ۽
خفو لڳو. هن چيو ته ”هي هاڻ نجس ۽ پليت ٿي ۽ حڪم
ڏنائين ته اها توڙي ڪتي ٻچن سميت هڪدم ڪڍي ڇڏيو.“
مون نيٺ اها خورجين هٿ ڪئي، جنهن ڪري پنهنجي شيءِ
شڪل رکڻ جهڙو به ٿيس، ۽ ماڻهن ۾ شمار ٿيس. انهيءَ
طرح ٿورو ٿورو ڪري سوين گڏ ڪندو ويس، تان جو اهڙو
ٿيس جو پنهنجي سامان بابت وڏيون ڳالهيون ڪرڻ لڳس،
۽ جڏهن اسان جي سفر تي نڪرڻ جون تياريون ٿيڻ
لڳيون، تڏهن آءٌ پاڻ کي بادشاهه جي خچرن وارن کان
پنهنجي سامان کڻڻ لاءِ هڪڙي خچر وٺڻ بابت گفتگو
ڪرڻ لڳس.
باب ٽيٽيهون
هو بادشاهه سان گڏ منزل گاهه ۾ وڃي ٿو ۽ پنهنجي
نئين ڌنڌي جو ڪم ڪار جانچي ٿو
نيٺ نجومين سلطانيه ڏي وڃڻ جو وقت مقرر ڪيو. 21
تارخ ربيع الاول جي سج اڀرئي کان پورو اڌ ڪلاڪ اڳي
شاهه محلات مان نڪتو ۽ لغام ڇڪڻ کان سواءِ آهستي
سليمانيه محلات تائين چڙهيو هليو. اها محلات تهران
کان نو فرسنگ پري ڪرج نديءَ جي ڪناري تي آهي. لشڪر
جا جدا جدا دستا جي سلطانيه ۾ گڏ ٿيڻا هئا، تن کي
حڪم مليو ته ٺهرايل وقت تي اچي گڏ ٿين ۽ شاهه سان
جيڪو لشڪر همرڪاب هلڻو هو سو رڳو سندس جند جي
پهرين وارن جو ۽ اٺن جو توبن وارن جو ۽ هڪڙو وڏو
رسالو گهوڙي سوارن جو هو. دربار جا وڏا وڏا
عهديدار، وزير، امير ۽ ٻيا عملدار ساڳئي وقت ڌاري
روانا ٿيا. هڪڙي ڏينهن شهر مان ٻه حصا ماڻهن جا
نڪري ويا، ۽ ٽيون حصو وڃي بچيو. سڀ ماڻهو ۽ سڀ
شيون ڪوچ ۾ هيون. ڪو غير واقف ماڻهو ائين سمجهي ها
ته شهر جا سڀ رهاڪو پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ماکيءَ جي مکين
وانگي پنهنجا اڳوڻا گهر ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي رهن
ٿا. خچرن ۽ اٺن جون قطارون، هنڌن ۽ غاليچن، رڌڻ جي
ٿانون، تنبن، گهوڙن جي سنجن ۽ سڀ قسم جي سُر ساز
سان لڏيل شهر جي سڀني گهٽين مان قهر جي لٽ
اٿاريندا پئي ويا، ۽ انهن کي جيڪي ماڻهو وٺيو ٿي
ويا تن جون رڙيون ۽ هڪلون وهٽن کي ٻڌلن گهنڊڙين جي
آواز سان گڏجيو ٻڌڻ ۾ پئي آيون.
روانگيءَ جي ڏينهن صبح جو مون کي ڪسبين واري
دروازي وٽ بندوبست رکڻ ۽ شاهه جي لنگهڻ مهل ڪنهن
به اٽڪ نه هئڻ لاءِ بيهاريائون. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو
جيڪو سامان کاڌي پيتي جو شهر جي کاپي لاءِ ڏهاڙي
آڻيندا آهن. ۽ دروازي پٽڻ کان اڳي اچي گڏ ٿي بيهي
رهندا آهن، تن کي حڪم ڏنو ويو ته ڪنهن ٻئي رستي
کان شهر ۾ وڃو. شهر جي سڀني پخالين انهيءَ رستي تي
ڇڻڪار ڪئي، ۽ شاهي جلوس خير سان لنگهي وڃي، تنهن
لاءِ هر طرح جو ضروري بندوبست ڪيو ويو ته ڪو خراب
سڳڻ ڏسڻ ۾ نه اچي. خاص ڪري ڪا به ڪراڙي زال اتي نه
ڇڏيائون ته متان شاهه جي اک انهيءَ تي وڃي پوي ۽
کيس انهي جي نظر لڳي وڃي.
مون پاڻ ۾ ماڻهن کي هڪالي پاسي ڪرڻ لاءِ ايتري همٿ
۽ جوان مردي ڏٺي جو اڳي ڪڏهن به ايڏي پاڻ ۾ نه ٿي
ساريم، ڇا لاءِ جو جڏهن اڳي عام رعيتي ماڻهو هوندو
هوس تڏهن ياد هئم ته هر ڪنهن سرڪاري نوڪر کي
ڌڪاريندو هوس. انهيءَ مهل سو پنهنجي لڪڻ سان گوڙ
ڪندڙن ماڻهن جي مٿن ۽ پٺن تي اهڙا وسڪارا ۽ واڄا
ڪرايم، جو منهنجا سنگتي ٻيا نسقچي يا جلاد حيران
ٿي ويا، ڄاتائون ته هي ڪو اسان ۾ جن اچي پيو آهي.
مون کي اها ڳڻتي هئي ته همت ۽ چالاڪي ڪري پنهنجو
نالو ڪڍان، ته اڳتي ڪو اضافو ۽ بهتر درجو مليم.
نيٺ شاهي جلوس اڳتي هلڻ لڳو. هڪ ڏينهن اڳي شام جو
اٺن جو توب خانو روانو ٿيو. انهيءَ لاءِ ته ٻئي
ڏينهن جڏهن شاهه سليمانيه ۾ اچي، تڏهن سندس مرحبا
ڪن: هاڻ سلاميءَ جون توبون ٻڌڻ ۾ آيون، جنهن مان
معلوم ٿيو ٿي ته شاهه تهران واري محلات مان روانو
ٿو ٿئي. نسقچي باشي پاڻ، هڪڙي عمدي گهوڙي تي
چڙهيل، تڪڙو تڪڙو گهٽين مان گهوڙو ڪڏائيندو ويو، ۽
ٻيا گهوڙي سوار هيڏي هوڏي پئي آيا ويا. سڀني جو
مطلب اهو هو ته رستو تيار ۽ صاف رکن. پهرين نقيب
اڳواڻ آيا جي پڪاريندا خبر ڏيندا لنگهيا، پوءِ
ڪونتل گهوڙا آيا جن تي جواهرات، شالن ۽ زربفت جون
زينون پيل هيون. انهيءَ کان پوءِ ڊوڙندا پيادا
آيا، انهن کان پوءِ خود شاهه ۽ پٺيانئس هئا
شهزادا، ۽ انهن جي پٺيان وري وزير ۽ امير هئا، ۽
سڀني جي پويان هڪڙو سوارن جو رسالو هو.
جڏهن اسين چئي چڪا آهيون ته سڀ ڪنهن سکر ماڻهوءَ
کي پنهنجو عملو پاڻ سان هو، جن مان وري گهڻن کي
پنهنجا پنهنجا نوڪر ۽ خذمتگار به ساڻ هئا، ۽ جڏهن
سڀني مرزائن، نوڪرن ۽ حق بردارن، بورچين، ڪونجڙن،
فراشن، پيادن، سيسن، گهوڙن، خچرن، ۽ اٺن هلائيندڙن
۽ هزارين ٻين لشڪر جي پويان هلندڙن جي ڳاڻيٽو ڪبو،
تڏهن خيال ۾ اچي سگهندو ته ڪسبين جي در وٽ بيٺي
منهنجي اڳيان ڪيترو نه ماڻهو جو ڊنبلو لنگهيو
هوندو. جڏهن شاهه ويجهو آيو ۽ سندس ڊگهي ڏاڙهي
چيلهه تائين اڏامندي ڏٺيم تڏهن سندس دهشت ۽ حشمت
کان سيءُ وٺيو ٿي ويم، سمجهيم ٿي ته جي رڳو ڪنڌ
کڻي ڌوڙيندو ته منهنجي سسي هڪڙي اکر ڪڇڻ کان اڳي
پري وڃي پوندي، تنهنڪري ڊپ کان سر جهڪائي سلام
ڪيومانس.
جڏهن سارو جلوس شهر جي دروازن مان لنگهي ويو، تڏهن
آءٌ پوءِ اتي ترسي پيس ۽ جيڪي پهري وارا اتي بيٺا
هئا، تن وٽ حقو ڇڪڻ لڳس. انهيءَ وقت هڪڙي وزير جون
زالون جن کي ساڻس گڏ منزل گاهه ۾ رهڻ جي اجازت
مليل هئي، سي اچي لنگهيون. انهن کي ڏسي وري مون کي
زينب ياد پئي. جڏهن خيال ڪري ڏٺم ته هن جو نصيب
ڦٽڻو آهي، ۽ نيٺ نقصان پهچندس، تڏهن ڏک کان ٿڌا
ساهه کڻڻ لڳس. رواني ٿيڻ کان اڳي مون نورجهان کان
ٻڌو هو ته هن کي تهران جي پسگردائي وارن جبلن جي
وٽ سان شاهه جي هڪڙي ننڍڙي آرڙهه واري محلات ۾ ٻين
گهڻن بازيگرن سان موڪلي ڏنو هئائون، انهيءَ لاءِ
ته هن کي نچڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ ۽ بازين هڻڻ جي تعليم
ڏين. شاهه حڪم ڏنو هو ته سياري گذرڻ کان پوءِ سندس
موٽي اچڻ کان اڳي جڏهن هوءَ پنهنجي هنر ۾ قابل ٿي
وڃي، تڏهن سندس اڳيان پيش ڪجي. جيئن آءٌ گهوڙي تي
چڙهيو پئي ويس، تيئن جبل جي پاڙ ۾ پري کان انهيءَ
محلات جو نشان ڪنڌ ورائي پئي ڏٺم. شايد ٻئي ڪنهن
وقت آءٌ پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي هن جي منهن ڏسڻ جي ڪوشش
ڪريان ها، پر هينئر ته مون کي سڏ ٿيو ته اچي جلوس
جي اڳ ۾ هل ۽ وڌي هلي سليمانيه ۽ بادشاهه جي گهوڙي
تان لهڻ وقت بندوبست رک.
جڏهن هڪ ڏينهن جو پنڌ ڪري منزل پهتاسين. ۽ منهنجي
عهدي جا جيڪي ڪم هئا سي پورا ٿيا، تڏهن آءٌ نسقچي
باشيءَ جي منزل واري هنڌ ويس. اتي هڪڙو ننڍو تنبو
پنهنجي ۽ پنج ٻين نسقچين جي لاءِ کتل ڏٺم، جي اڳتي
ڪوچ ڪرڻ ۾ مون سان گڏ هلڻا هئا. شهر ۾ منهنجي اڳي
هنن سان ملاقات ٿي هئي، پر هاڻ اسين هڪٻئي کي تمام
ويجها ٿياسين ڇا لاءِ جو اسان جو تنبو ڇهن گزن کان
ڊگهو ۽ چئن گذن کان ويڪرو ڪين هو، ۽ اسين منجهس
هڪٻئي تي ڳاهٽ ٿيو پيا هئاسين. آءٌ سڀني کان ننڍو
۽ پوءِ آيل هوس، تنهنڪري گهڻي تڪليف سهڻي ٿي پيم،
پر اهي سڀ خوشيءَ سان سهي وڃڻ جو ارادو ڪيم، جو
پنهنجي دل ۾ پڪ ٿي ڄاتيم ته آءٌ سهڻو جوان آهيان،
آئندي گهڻو ئي فائدو ٿيندم.
نسقچي باشي جي نائب کانسواءِ ٻيو به هڪڙو ننڍو
نائب هو، جنهن جي ڳالهه به مون کي پنهنجي قصي ۾
آڻڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو حقيقت ڪري انهيءَ جي وسيلي
سان آءٌ وڏن وڏن عملدارن جي ڌيان تي آيس. هن جو
نالو شير علي هو ۽ درجي ۾ هو بيگ هو ۽ سندس اصل
وطن شيراز هو. جيتوڻيڪ اسين ايران جي ٻن مخالف
شهرن جا رهاڪو هئاسين ته به ازخود، سواءِ ڪنهن
اڳين معرفت يا خاص سبب ڪري گهاٽا سنگتي ٿي وياسين.
هن هڪڙي ڀيري مون کي ڏينهن جي گرمي ۾ اڃ جي وقت
ڇانهين جي هڪڙي ڦار ڏني هئي، ۽ ٻئي ڀيري مون کي
حقو ٺاهي ڇڪايو هو، وري ٻئي ڀيري مون گهڻا چانور
کاڌا هئا ۽ بدهاضمو ٿي پيو هئم ۽ هن پنهنجي چاڪوءَ
سان منهنجي سير ڇوڙي هئي، ۽ سندس گهوڙي کي پيٽ ۾
سور پيو هو ۽ مون تماڪ جو پاڻي هن جي پيٽ ۾ وڌو
هو. مطلب ته انهيءَ طرح هڪٻئي جو ٿورو ڪم ڪري اسان
جي وچ ۾ ڏاڍي گهرائي ۽ گستاخي پيدا ٿي. هي مون کان
ٽي ورهيه وڏو هو ۽ ڊگهو، خوبصورت، ڪشادن، ڪلهن
وارو، سنهي چيلهه وارو هو ۽ بلڪل گول ننڍڙي ڏاڙهي
هيس، جا سندس کاڏي تي جهالر وانگي بيٺل هئي ۽ مٿي
تي ٻه زلف هئس، جي ڪنن جي پٺيان سهڻي طرح ور وڪڙ
ڏيو پئي لڙڪيا، جيئن ڊاک جي ول باغ جي ڀت تي وڪڙ
ڏيو پئي لڙڪندي آهي.
هو ايترا ڏينهن نوڪريءَ ۾ رهيو هو جو پنهنجي ڌنڌي
جون سڀ حرڪتون برڪتون ڄاڻندو هو، ڇا لاءِ جو جڏهن
انهيءَ مضمون بابت اسان جي پاڻ ۾ گفتگو هلي تڏهن
هن عجيب غريب ڳالهيون ۽ اٽڪلون مون کي ٻڌايون. چوڻ
لڳو ته ”ائين نه ڄاڻج ته شاهه پنهنجي نوڪرن کي
جيڪو پگهار ڏئي ٿو تنهن تي ڪو هو ڀاڙيو ويٺا آهن.
نه، هن جي جاين جو قدر ڦرمار جي وجهه ۽ انهيءَ مان
حاصلات ڪڍڻ جي تجويز تي منحصر آهي. مثلن اسان جا
بالادست عملدار جو مثال وٺ، هن جو ساليانو پگهار
آهي هڪ هزار تومان جو پورو مليس يا نه مليس، هن جي
لاءِ هڪڙي ڳالهه آهي، پر هو انهيءَ کان پنجوڻ ڇهوڻ
جيترو پيسو خرچيندو آهي. هاڻ جي اهو پنهنجي عهدي
سان واسطو رکندڙن ماڻهن مان نه ڪڍندو ته ٻيو ڪٿان
آڻيندو؟ مثلن ڀانئين ته هڪڙي خان تي شاهه اچي
ڪاوڙيو آهي، هن کي مار ملڻي آهي، ۽ ڏنڊ پوڻو آهي.
نسقچي پاشي هن کي ڏنل رشوت انعام موافق گهٽ يا وڌ
مار ڏئي ٿو. هڪڙي باغي يا فساد ڪندڙن جون اکيون
ڪڍڻيون آهن، هاڻي بيرحميءَ سان خنجر هڻي اکيون ڪڍي
يا آرام سان چاقونءَ سان ڪڍي اها ڳالهه هن جي
انعام ملڻ تي منحصر آهي. هن کي ٿوري لشڪر جو
مهندار ڪري ڪنهن چڙهائيءَ تي موڪلي ٿو، پوءِ جتي
ڪٿي هو ويندو اتي هن کي رستي وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان
سوکڙيون ۽ تحفا ملن ٿا. انهن جي قميت جي نظر تي هو
پنهنجو عقل ويڙهائي اتي منزل نه ڪندو. وڏن
عملدارن، وزيرن ۽ اميرن وٽان هن کي ساليانيونشرحون
ملنديون آهن، انهيءَ لاءِ ته متان ڪنهن ڏينهن شاهه
انهن مان ڪنهن تي ڪاوڙجي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ رستي
انهيءَ ڏينهن هو ساڻن مروت ڪندو يا هلڪي سزا
ڏيندو. مطلب ته جتي ڪو لڪڻ هڻڻو هوندو يا ڪا سزا
ڏيڻي هوندي، اتي نسقچي باشي پنهنجا لوازما اوڳاڙي
ٿو، ۽ اهي کانئس وٺي هيٺئين درجي واري زيردست
تائين درجي بدرجي لهندا اچن. نائب ٿيڻ کان اڳي
جڏهن مون کي ڪن بدنصيب ڏوهارين کي لڪڻ هڻڻ لاءِ
حڪم مليو هوندو، تڏهن ڪيترائي ڀيرا رقمن ڏيڻ سان
هنن پاڻ تي مون کي رحم وارو ڪيو هوندو. اهڙن وقتن
تي ڦٽڪن جا ٺڪاءَ هنن جي پيرن جي ترين جي بدران
انهيءَ شيءَ تي ٿيا هوندا جنهن تي هنن جا پير رکيا
هوندا. اڃا پروڪي سال جي ڳالهه آهي ته معتمدالدوله
تي شاهه اچي ڪاوڙيو ۽ حڪم ڪيائين ته هن کي لڪڻ
هڻو. هن جي درجي جي نظر تي هڪڙو ننڍڙو غاليچو کڻي
وڇايائون، جنهن تي هو ليٽي پيو. مون کي ۽ هڪڙي ٻئي
کي سزا ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيائون ۽ ٻه ٻيا فلڪ جهلي
بيٺا. جڏهن اسان هن جي مٿي تان ٽوپي ۽ پٽڪي واري
شال لاٿي ۽ سندس ڪمربند ۽ ڪوٽ لاٿوسين، جي شيون
دستور موجب اسان کي ملڻيون هيون، تڏهن هن اسان کي
ڪن ۾ چيو: ”ته اوهان کي پنهنجين مائن جو قسم آهي،
جن اوهان کي ڄڻيو آهي، مون کي گهڻو نه مارجو. جي
اوهان مون کي ڌڪ نه هنيو ته اوهان مان هر هڪ کي
ڏهه تومان ڏيندس اها ڳالهه هن اهڙي آهستي ڪئي جو
شاهه نه ٻڌي ڇا لاءِ جو اها سزا شاهه جي روبرو
ڏيڻي هئي: هن جون ٽنگون مٿي ڪري هن جا پير رسي ۾
قابو ڪيا ويا، ۽ هو پاڻ پٺن ڀر غاليچي تي پيو هو.
پوءِ اسان پنهنجو ڪم شروع ڪيو. پهرين ته اسين
پنهنجي فائدي لاءِ سچي پچي ڌڪ هڻڻ لڳاسين جنهن ڪري
هو رڙيون ڪرڻ لڳو، پوءِ ته هن پنهنجي آڇ وڌائڻ
لڳو، تان جو انهيءَ ڳالهه تي آيو ته جيڪي گهرندؤ
سو ڏيندو سانو. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري هن جي پيرن جي
ترين کي ڌڪ هڻڻ ڇڏي ڏناسين ۽ پنهنجا لڪڻ فلڪ تي
ڀڃندا وياسين. جهڙي اسان، تهڙي هن ڏاڍي چالاڪي ۽
اٽڪل ڏيکاري ته متان شاهه سهي ڪري ته هنن پاڻ ۾
ٻڌي ڪئي آهي. هن دانهون پئي ڪيون ۽ اسان کي آهستي
انعام پئي آڇيو هن طرح پئي چيائين: ”اي اما، اما!
رسول جي نيت رحم ڪريو، ۽ ٻارنهن امامن جي نيت
ڇڏيو. پنهنجي پيءُ ماءُ جي واسطي ڇڏيو، پندرنهن
تومان ڏيندس. بادشاهه سلامت جي ٽيهه تومان،
پنجاهه، سٺ، سؤ، هزار، او جيڪي به گهرندؤ“ جڏهن
سزا پوري ٿي تڏهن اسان کي معلوم ٿيو ته هن جي سخا
به جيئن پهرين تڪڙي تڪڙي وڌندي ٿي ويئي تيئن ئي
جلدي گهٽجي ويئي، ۽ نيٺ اسان کي اهو انعام ڏنائين
جو پهريون آڇيو هئائين. اهو به لاچار ڏنائين،
انهيءَ ڊپ کان ته متان وري اهڙي ساڳي مصيبت مٿانئس
اچي ۽ اسين مٿس ڪو به قياس نه ڪريون.
شير علي جي انهن ٻولين ٻڌڻ ڪري مون کي پڪ ٿي ته
منهنجو عهدو تمام فائدي جهڙو آهي، اهڙو جو انهيءَ
کان پوءِ هميشه انهيءَ انتظار ۾ رهندو هوس ته ڪڏهن
وري جلد لڪڻ هڻڻا ٿين ته پيسو ڪڍان. آءٌ سڄو ڏينهن
لڪڻ کنيو پنهنجي مٿي تي الاريندو وتندو هوس، ۽
جيڪا به شيءِ نڪ سامهون ايندي هيم، تنهن تي هڻندو،
استعمال ڪندو وتندو هوس ۽ نيٺ اهڙو هوشيار ٿيس، جو
مون کي پڪ آهي ته جي حڪم ڏين ها ته پير جي هر هڪ
آڱر کي جدا جدا ڌڪ هڻي سگهان ها. پهرين ته ظالم
هوس ۽ نڪي بي قياس، پر مون کي حيرت لڳي جو اهو ڪم
ڪندي ڪندي شير بي پير ٿي پيو هوس، حقيقت هيءَ آهي
ته ٻين جي صحبت ۾ ٻين جا مثال ڏسي، منهنجي طبيعت ۽
عادت ڦري وئي ۽ انهن ڏينهن ۾ رڳو ظلم زبردستيءَ
جون ڳالهوين پيو ٻڌندو هوس، نڪن چيرڻ جون، ڪنن وڍڻ
جون، اکين ڪڍڻ جون، توبن ۾ اڏائڻ جون، ماڻهن کي ٻه
اڌ ڪرڻ جون، تندور ۾ پچائڻ جون، مطلب ته جيئرا
جاڳندا مثال ڏسي اهڙو سنگدل ۽ بيقياس ٿي پيو هوس،
جو جيڪر پنهنجي پيءُ تان به ڪين ٽران ها.
|