سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :10

بادشاهه جي انهيءَ گفتگوءَ تي وزيراعظم ۽ ٻيا درباري وڏي آواز سان چوڻ لڳا ته ”شل بادشاهه سدائين سلامت هجي شل اهو شاهي پاڇو ڪڏهن به گهٽ نه هجي! اسين دوا کائڻ لاءِ بلڪل خوش ۽ راضي آهيون، پر حضور جي خذمتگذاريءَ ۾ پنهنجو ساهه قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون. اسين حضور جا صدقا آهيون، حضور جا غلام آهيون. شل الله تعالى حضور بادشاهه کي تندرستي عطا ڪري، ۽ سڀني دشمنن تي فتح ڏئي! تنهن کان پوءِ خاص خذمتگار کي حڪم ٿيو ته حرم مان ڊاڪٽر وارن گولين جي پيتي کڻي اچي. هو وڃي اها کڻي آيو، ۽ هڪڙي سوني طشتريءَ تي رکي بادشاهه کي ڏنائين. بادشاهه حڪيم باشيءَ کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ اها پيتي ڏئي فرمايائينس ته وزيراعظم کان وٺي ٻيا جيڪي درباري حاضر آهن، تن جي اڳيان درجي وار چوڌاري کڻي وڃي ۽ هر هڪ کي گولي ڏئي وڃي.

جڏهن هو سڀني کي گوليون ڏئي ويو، تڏهن انهن اهي ڳهي ڇڏيون، تنهن کان پوءِ چوڌاري ماٺ ٿي ويئي ۽ انهيءَ وچ ۾ بادشاهه سڀني جي منهن ڏي چتائي پئي ڏٺو ته دوا جو پهريون اثر ڪهڙو آهي. جڏهن ماڻهن منهن بڇڙا ڪري بس ڪيو، تڏهن وري يورپ جي ڪمن ڪارين تي گفتگو هلي، جنهن ۾ بادشاهه ڪيترائي سوال پڇيا ۽ انهن جا ماڻهن پنهنجي سمجهه ۽ عقل آهر جدا جدا جواب ڏنا.

اتي درجي بدرجي دوا پنهنجي اثر ڏيکارڻ لڳي. پهريائين ته خزاني  جو امير جو وڏي قدر وارو سادو سودو ماڻهو هو، جو هيستائين ماٺ ڪيو ويٺو هو ۽ نه ذرو به ڪين ٿي ڪڇيائين ۽ جنهن بادشاهه جي واتان نڪرڻ تي رڳو ”بلي بلي“، يعنى هائو هائو ويٺي ڪيم، سو هاڻي بي آرام ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو جيڪا شئي ڳٿي هوائين، تنهن اندر وڃي پراڻيون بيماريون جيڪي لڪيون ستيون پيون هيون، تن کي جاڳايو. سڀني جون اکيون منجهس وڃي کتيون، تنهنڪري هو پاڻ گهڻو بيقرار ٿيو. اوچتو وڏو ڪاروباريءَ جو هڪڙو ڊگهو سنهو ماڻهو هو، سو ساڻو ٿي پيو ۽ رنگ ئي هارجي ويس ۽ بت جي سڀني مامن مان پگهر وهڻ لڳس. انهيءَ کان پوءِ ملڪي وزير کي وٽ طرح جا ماڻهو آهن. هو آهي ڪهڙي هنڌ جو ڪتو جو اهڙيءَ وڏيءَ عزت جي طمع ٿو رکي ته شهنشاهه پوڻ لڳا ۽ اکين سان بادشاهه کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت گهرڻ لڳو. تنهن کان پوءِ ٿورو ٿورو ڪري ٻيا به گهڻن رستن سان چرڻ پرڻ لڳا، سواءِ وزيراعظم جي، جو هڪڙي ننڍي قد جو ماڻهو هو ۽ جو مشهور جفاڪش ۽ قائم طبيعت جو ماڻهو هو. اهو سو پنهنجن هم جنس اميرن جي تڪليف ۽ بي آرامي ڏسي، پنهنجي آستين ۾ کليو.

جڏهن شاهه سهي ڪيو ته دوا اثر ڪيو آهي، تڏهن هن دربار بند ڪئي ۽ مرزا احمق کي حڪم ڏنائين ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد هر هڪ گوليءَ جي تاريخ جي تحقيقات ڪري، سڄي احوال جي سرڪاري طرح رپورٽ ڪري. ائين چئي پاڻ حرمسراءِ ۾ هليو ويو.

حرڪتي ٻڍي طبيب کي هينئر پنهنجو دشمن چنبي ۾ اچي ويو. هن سڄي ڳالهه بادشاهه کي اهڙي تجويز سان ٻڌائي جو بادشاهه هن ڌارئين طبيب جي دوا جي آزمائش وٺڻ کان روڪجي ويو ۽ سگهو ئي اها وسري وئي. جڏهن هو وري مون کي گڏيو ۽ مون کي سڄو قصو ڪري ٻڌايائين، تڏهن خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. چوڻ لڳو ته ”يار حاجي، اسان نيٺ فتح  کٽي. هن ڪافر ڀانيو ته اسين سڀ بيعقل آهيون، پر اسين سيکارينداسين ته ايراني ڪهڙيءَ جي دوا ڪري؟ نه، اهو ڪم مون جهڙن ماڻهن کي سونپيل آهي. اسان کي هن جي نون نڪتلن تجويزن جي ڪهڙي پرواهه آهي؟ جيئن اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اسين به ڪرڻ  ۾ راضي آهيون. جن دوائن اسان جي وڏن کي شفا ٿي ڏني، اهي اسان کي به شفا ڏيندا، ۽ جيڪي لقمان ۽ بو علي سينا ٿي مقرر ڪيو، اهو اسين به هنن جي پيروي ڪري هڪدم آڻينداسين.“ پوءِ هن مون کي موڪل ڏني ته وڃي ٻيون ڪي اهڙيون رٿون رٿيان، جنهن ڪري نئون طبيب جيڪا هلندي حاصل ڪري ۽ ناموس ڪڍي، سا گم ٿئي، ۽ دربار ۾ سندس عزت ۽ آبرو قائم نه رهي.

باب ٻاويهون

 

حاجي بابا حڪيم کان پگهار گهري ٿو ۽ پنهنجو مطلب حاصل ڪري ٿو

هيستائين آءٌ جو حڪمي سان گڏ رهندو آيس سو دوست ٿي، نه نوڪر ٿي، ڇالاءِ ته هن مون کي پنهنجي روبرو ويهڻ ۽ پاڻ سان گڏ کائڻ ڏنو ٿي، بلڪ حقو پنهنجو به ڇڪڻ ڏنو ٿي. ساڳئي وقت ۾ آءٌ هن جي نوڪرن سان به صحبت رکندو هوس ۽ کائيندو پيئندو ۽ حقو ڇڪيندو هوس، پر مون ڏٺو ته انهيءَ رستي گذارڻ ڪري منهنجو مطلب نه ٿو نڪري، هيستائين هن کان مون کي جيڪو پيسو مليو هو، سو اهو سون جو سڪو هو، جنهن جو مٿي ذڪر آيو آهي ۽ جو مون پنهنجي چالاڪي ۽ اٽڪل ڪري هٿ ڪيو هو. پر هينئر ڊؤل اهڙو ٿي ڏٺو جو هن کان وڌيڪ پيسي ملڻ جي اميد ڪانه هئي. تنهنڪري مون ارادو ڪيو ته هن سان انهيءَ بابت صفائي ڪريان. ان موجب جڏهن هو يورپي ڊاڪٽر کي زير ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، تڏهن وجهه وٺي مون ساڻس پنهنجي ڏک سک جو ذڪر چوريو.

هو بادشاهه جي ملاقات ڪري تازو موٽيو هو ۽ سندس ڳالهين مان معلوم ٿي ٿيو ته شاهه ساڻس ڏاڍي مهرباني ڪئي هئي، جو کيس پنهنجي روبرو هڪڙي پهڻ جي حوض جي پاسي ۾ پيرن اگهاڙو رڳو ٻه ڪلاڪ بيهاريو ۽ نه ڇه ڪلاڪ، جيئن هو هميشه ڪندو هو. هو چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه چڱو بادشاهه آهي! ڪهڙو نه خوش خلق ۽ قياس وارو آهي! جيڪا مهرباني هن جي مون تي آهي تنهن جو بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. هن رڳو منهنجي قابليت جي نظر تي انهيءَ يورپي ڊاڪٽر کي گاريون ڏنيون، ۽ چيائين ته هو منهنجي جتي کڻڻ جو به لائق ناهي. پوءِ هن پنهنجي خاص ڊڪندڙ پيادي کي چيو ته هن کي ٻه تتر انعام ڏي، جي شاهي بازن ورتا هئا.“

مون چيو ته ”هائو، بادشاهه سچ ٿو فرمائي. هينئر ايران ۾ اوهان جو مٽ ڪير آهي؟ اهڙي املهه ماڻڪ رکڻ ڪري شاهه ڏاڍو نصيب وارو آهي. فرنگي ڪير آهن جي دوا جو ذڪر ڪن؟ جي هنن کي علم ۽ حڪمت ۽ هنر گهرجي ته اچي مرزا احمق کان سکن.“

هي ٻڌي، خوشي ۽ فخر مان مرڪي. هن نڙ پنهنجي وات مان ڪڍي مون کي ڏنو ۽ پنهنجو مڇون مروٽي ڇڪڻ لڳو ۽ ڏاڙهيءَ کي هٿ گهمائڻ لڳو.

مون هيترو به گهڻو چيو ته ”انشاءَ الله جي الله گهريو هوندو ته آءٌ به اوهان جي عزت ۽ ناموس ۾ ڀائيوار ٿيندس پر آءٌ ڪي ڪين آهيان، رڳو ڪتي وانگي آهيان. آءٌ انهيءَ مٽيءَ جهڙو به ڪين آهيان جو گلاب جي صحبت ۾ خوشبودار ٿي پئي ٿي.“

حڪيم چيو ته ”ڇو، تون اهڙو ملول ۽ غمگين ٿيو آهين؟“ مون چيو ته ”آءٌ هڪڙي آکاڻي ٿو ڪريان، انهن مان کڻي اوهين سمجهجو.“

”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو ڪتو هوندو هو جو ڏسڻ ۾ هلڻ چلڻ ۾ اهڙي بگهڙ سان مشابهت رکندو هو، جو ٻيا بگهڙ هن کي پنهنجي سنگت ۾ اچڻ ڏيندا هئا: هو انهن سان گڏ کائيندو پيئندو ۽ رڍون ماريندو وتندو هو. مطلب ته جيڪي بگهڙ کي ڪرڻ گهرجي سو سڀ ڪجهه ڪندو هو. ساڳئي وقت ۾ هو پاڻ جهڙن ڪتن سان وري ڪتو ٿي گذاريندو هو، ۽ انهن جي سڀني مجلسن ۽ تماشن ۾ شامل ٿيندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي ڪتن سهي ڪيو ته هي بگهڙن سان ٿو سنگت رکي، تنهنڪري هن کان گوشو ڪرڻ لڳا. هوڏي وري بگهڙن کي معلوم ٿي ويو ته هي اصل ڪتو آهي، تنهنڪري اڳتي هن کي پنهنجي جماعت ۾ اچڻ نه ڏنائون. انهيءَ طرح  ٻنهي طرفن جي وچ ۾ هو ويچارو ڪتو رلي مئو ۽ ڏاڍا بڇڙا حال اچي ٿيس. شڪ جهڙي حالت ۾ گذارڻ اڳتي هن کي تمام محال ٿيو، ۽ ارادو ڪيائين ته هاڻ ضرور يا ڪتو ٿيندس يا بگهڙ.“ اتي مون چيو ته ”آءٌ اهو ڪتو آهيان، اوهين مون کي پاڻ سان گڏ ويهڻ ۽ حقو ڇڪڻ ٿا ڏيو ۽ اوهين مون کان مٿاهين درجي وارا آهيو. اوهين مون سان ڳالهايو ٿا ۽ صلاح مصلحت ڪريو ٿا ۽ مون کي پنهنجي دوستن جي صحبت ۾ به شامل ڪريو ٿا، پر انهيءَ مان مون کي ڪهڙو فائدو” انهيءَ هوندي به آءٌ نوڪر آهيان، پر نوڪرن جو هڪڙو فائدو به مون کي حاصل ناهي. مون کي ملي ڪي به ڪين ٿو، تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته مهرباني ڪري مون کي جنهن قسم جي جڳهه ڏيڻ گهرو سا ڏيو، ۽ انهيءَ جو موج کي پگهار مقرر ڪري ڏيو.“

حڪيم چيو ته ”واهه، پگهار! آءٌ پگهار ڪين ڏيندو آهيان. منهنجا نوڪر بيمارن مان جيڪي ڪڍي سگهندا آهن، سو ڪڍندا آهن، تو به ائين ڪر هو توکي منهنجي مانيءَ مان جيڪي بچي سو هو کائين ٿا ۽ نوروز جي عيد تي هنن کي هڪڙو گڊلو ملندو آهي، ٻيو وري هنن کي ڇا گهرجي؟ اتي بادشاهه جو پيادو هڪڙي چانديءَ جو مخمعو کڻي اندر لنگهي آيو، انهيءَ تي ٻه تتر رکيا هئا جي بادشاهه حڪيم کي انعام ڏنا هئا ۽ ان ڏاڍي ناز نخري سان حڪيم کي ڏنا، جو هڪدم اٿي بيٺو ۽ مخمعو مٿي تي رکي چوڻ لڳو ته ”شل بادشاهه جي مهرباني گهٽ نه ٿئي! شل هن جي دولت ويران ويرڌ هجي ۽ شال هو هميشه تائين پيو جيئي!“

پوءِ کيس چيائون ته پيادي کي خرچي ڏيڻي آهي. هن پهرين پنج رپيا موڪليا جي بادشاهه جي نوڪر غصي مان موٽائي ڇڏيا. تنهن کان پوءِ هڪڙو تومان موڪليائين. اهو به هن موٽائي موڪليو، نيٺ هن نااميد ٿي پنج تومان موڪليا، جي هن ورتا ۽ چورائي موڪليائين ته ايترو ڏيڻ مناسب هو. هن ناموافق ريڙهه پيڙهه ڪري جيڪا خوشي اهڙي ساهي انعام پيدا ڪئي هئي، سا گم ٿي وئي، ۽ حڪيم ڪاوڙ ۾ اهڙا لفظ ڪم آندا، جي جيڪڏهن بادشاهه کي ٻڌائڻ ۾ اچن ها ته کيس ڏاڍي تڪليف پهچي ها. چوڻ لڳو ته ”ڏاڍو ڪو انعام هو! اهڙا انعام هن جهان ۾ ملن ها ته چڱو هو. بادشاهه جي نوڪرن لاءِ اسين اهڙيون چٽيون ٿا ڀريون. اهي بيشرم، بي قياس، بي حيا ۽ ڦورو ماڻهو آهن. سڀ کان خراب ڳالهه اها ته انهن کي گهڻو ڏيڻ اسان جي لاءِ ضروري آهي، نه ته جڏهن ڪو اهڙو اتفاق ٿيو جو منهنجن پيرن جي ترين کي لڪڻ لڳندا ۽ اهڙو اتفاق ڪڏهن نه ڪڏهن ٿيندو، تڏهن اهي لڪڻ هڻندڙ مون تي ڪو به قياس ڪونه ڪندا. جيڪي سعدي چيو آهي سو مون کي وسارڻ نه گهرجي ته ”توکي بادشاهه جي دوستي تي به ايترو ڀروسو رکڻ گهرجي جهڙو ٻار جي آواز تي، ڇا لاءِ ته هوءَ ٿورڙي ئي شڪ پوڻ تي ڦري وڃي ٿو ۽ هي هڪڙيءَ رات جي عرصي ۾ مٽجي وڃي ٿيو.“

Text Box:  

انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ جي ڪري حڪيم جيڪي تڪڙ ۾ چئي ويٺو هو، تنهن تي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ڊپ ٿيس. ۽ فلڪ جا عذاب ياد هئس، تن جي ڪري هو پنهنجا پنج تومان خوشيءَ سان سهسائي ويهي رهيو.

مون ڏٺو ته پنهنجي مطلب جي وري ذڪر ڪرڻ جو اهو چڱو وقت ناهي، تنهنڪري انهي کي آئيندي جي ڪنهن وجهه تائين مهمل رکيم. پر جيڪي ٻڌو هوم،  تنهن مان پنهنجي دل ۾ پڪو ٺهراءَ ڪيو هوم ته جنهن مهل ڪو وجهه مليم، تنهن مهل هن زماني جي لقمان کي ڇڏيندس، في الحال نڪي ڪتي، ۽ نڪي بگهڙ ٿيڻ تي راضي رهندس.

باب ٽيويهون

 

هو پنهنجي حالت تي ناراض ٿئي ٿو ۽ بيڪار ويهي ٿو ۽ عشق ۾ ڦاسي ٿو

آءٌ پنهنجيءَ هاڻوڪيءَ حالت تي  ناراض هوس ۽ آئيندي جي حالت جي پڪ نه هيم، تنهنڪري منهنجا ڏينهن سستيءَ ۽ بيڪاريءَ ۾ پئي گذريا. مون کي طبابت جي ڪم ڪرڻ جي اصل مرضي نه هئي، جيتوڻيڪ مون کان اڳي گهڻن مون جيتري ٿوري آزمودي ۽ اڻ ڄاڻائي هوندي به اهو ڪم پئي ڪيو. تنهنڪري مرزا احمق واري ڌنڌي جي مون کي ڳڻتي ڪانه هئي. جهڙو منجهانئس مون کي ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو هو، تهڙو جيڪر آءٌ گهڻي ڪري هڪدم وٽانئس هليو وڃا ها، پر انهيءَ منهنجي حالت مان هڪڙو اتفاق پيدا ٿيو، جنهن مون کي سندس گهر ۾ ترسايو. انهيءَ ڳالهه ۾ منهنجا سڀ خيال اهڙا محو ٿي ويا جو آءٌ انهن جو گويا غلام ٿي پيس، ۽ انهن جو اثر منهنجي دل تي اهڙو زور ڀريو هو جو آءٌ ڀانيان ٿو ته مجنون به مون کان وڌيڪ ديوانو نه ٿيو هوندو. انهيءَ مان سڀڪو آسانيءَ سان سمجهي سگهندو هوندو ته آءٌ عشق ۾ ڦاسي ويس. بهار جي موسم لنگهي ويئي هئي ۽ آرڙهه جي گرمي شروع ٿي هئي، جنهن ڪري شهر جا گهڻا ماڻهو رات جو پنهنجا هنڌ گهرن جي ڇتين تي وڇائي سمهڻ لڳا. منهنجي مرضي هئي ته آءٌ نوڪرن، فراشن ۽ بورچين سان گڏ رات گذاريان، جي سڀ هيٺين جاءِ ۾ گڏ سمهندا هئا. تنهنڪري مون پنهنجو هنڌ ڇت تي بالاخاني جي هڪڙي ڪنڊ ۾ کڻي وڇايو. جتان حڪيم جي گهر جي اڱڻ ۾ هيٺ نظر پئي ٿي، سگهي جتي سندس زنانخانو هو.

Text Box: باب ٽيويهون
 

اهو ايوان چورس هو جنهن ۾ جدا جدا ڪوٺين جون دريون ٿي کليون ۽ انهيءَ جي وچ ۾ ڪي گلاب ۽ جاءِ جا وڻ سرو بيٺل هئا. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ڪاٺ جو ٿلهو هو جنهن تي هنڌ وڇائيندا هئا ۽ سخت گرمي جي وقت ماڻهو اتي سمهندا هئا. مون انهيءَ ايوان جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڪي زالون ويٺل ڏٺيون، پر منجهان ڪنهن جي صورت به منهنجو خيال ڌيان نه ڇڪيو. اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ جيڪر وري ڏانهن نهاريان به ڪين ها، ڇاڪاڻ جو جنهن وقت هنن جي نظر مون تي پئي، انهيءَ وقت هو مون کي گاريون ڏيڻ ۽ اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳيون.

انهي هوندي به هڪڙيءَ رات سج لهڻ کان پوءِ ستت ئي آءٌ پنهنجي هنڌ وڇائڻ ۾ هوس ته منهنجي نظر ڀت جي هڪڙي ڀڳل ٽڪر تي وڃي پيئي، ۽ انهيءَ جي هيٺان بالاخاني جي هڪڙي ٽڪر تي هڪڙي زال بيٺل ڏٺيم، جنهن ڇت جي تماڪ جا پن پکيڙي سڪائڻ لاءِ پئي وڌا. نيلي رنگ جو برقعو سندس مٿي تي پيل هو. پر پوريءَ طرح وڌل نه هو، هوءَ جو نوڙي ته سندس ٻنهي پاسن ڊگها زلف مٿي کان هيٺ اهڙا لڙڪي پيا جو سندس منهن ڍڪي بيهي رهيا. ته به ايترو منهن انهن مان پئي ڏٺو جنهن منهنجي دل کي حرصايو ته باقي منهن ۽ بت جو ڀاڱو به چتائي ڏسان جيڪي ڏسي سگهيس تنهن مان خوبصورتي ظاهر پئي ڏٺي. هن جا هٿ ننڍڙا هئا ۽ حنا يا مينديءَ سان رڱيل هئا. هن جا پير به اهڙا ئي ننڍا هئا، هن جي ساريءَ شڪل ۽ ڊول مان حسن ۽ ناز معلوم پئي ٿيو. مون ايترو ڏٺس جو پنهنجي شوق ۽ نفسياتي خواهش کي جهلي نه سگهيس. مون ٿورو آواز ڪيو جنهن تي هن هڪدم سئون ٿي مون ڏي نهاريو. جيسين وري منهن تي برقعو وڌائين، تيسين مون هن جي شڪل پوريءَ طرح ڏسي ورتي، جا اهڙي سهڻي هئي ۽ سندس اکيون اهڙيون جادوءَ جي اثر واريون هيون، جو منهنجي دل ۾ عشق جي باهه ٻري ويئي. ظاهري ڪاوڙ مان هن ته پنهنجون منهن کڻي ڍڪيو، پر مون سهي ڪيو ته هن برقعي مان ايتري جاءِ ڇڏي جنهن مان سندس چمڪندڙ اکيون پئي ڏٺيون، جن سان هن مون ڏي پئي نهاريو ۽ منهنجي حيرانيءَ جي حالت پئي ڏٺائين. نيٺ جڏهن مون چتائي ڏانهس نهارڻ کان بس نه ڪئي، تڏهن پنهنجي ڪم ڪندي مون کي چيائين ته ”تون مون کي ڇو ٿو ڏسين؟ اهو گناهه آهي.“

مون چيو ته ”حضرت امام حسين عله السلام جي واسطي مون کان منهن نه ڦيراءِ، محبت رکڻ گناهه ڪين آهي. تنهنجن اکين منهن جي دل کي ڪباب ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ماءُ توکي ڄڻيو آهي، تنهن جو توکي قسم آهي، هڪڙو ڀيرو پنهنجو منهن مون کي وري ڏيکار.“

هن آهستي جواب ڏنو ته ”مون کي ائين ڇو ٿو چوين؟ خبر نه آهي ته زال کي پنهنجو منهن ڏيکارڻ گناهه آهي. تون منهنجو محرم ناهين يعني نڪي پيءُ آهين، نڪي ڀاءُ، نڪي مڙس، مون کي ايتري به خبر ناهي ته تون ڪير آهين. توکي شرم نٿو اچي جو اڻ پرڻيل زال سان اهڙي طرح ٿو ڳالهائين.

ائين چئي هن منهن تان برقعو کڻي هيٺ ڪيرايو، ڄڻ ته اهو اوچتو پاڻيهي ڪري پيو ۽ انهيءَ ڪري مون کي سندس منهن چتائي ڏسڻ جو چڱو وجهه مليو، جو منهنجي نظر ۾ اڳي کان به وڌيڪ سهڻو هو. هن جون اکيون وڏيون ۽ نڀور ڪاريون هيون ۽ پنبڻيون تمام ڊگهيون هيون، جن مان ڄڻ ته هن تير پئي هنيا. هن جا ڀرون سهڻين ڪمانن يا محرابين وانگي هئا ٻئي نڪ وٽ اهڙيءَ چٽيءَ سئين ليڪ ۾ اچيو ٿي گڏيا، جو انهن کي هٿرادو ضعت سان ملائڻ جو ضرور ئي ڪونه هو. هن جو نڪ چنهبيارو هو، هن جو وات ننڍڙو ۽ سهڻو هو، ۽ سندس کاڏيءَ جي وچ ۾ هڪڙي کڏڙي هئي، جنهن ۾ هڪڙو نيلو نقطو چٽو ڪڍيل هو.

هن جي وارن جي سهڻائيءَ سان ڪابه شيءِ مٽ پئجي نه سگهندي، اهي تمام ڪارا ۽ ڊگها هئا ۽ سندس پٺن تي پئي لڙڪيا. مطلب ته آءٌ سندس حسن ۽ جمال ڏسي حيران ٿي ويس. هن جي ڏسڻ کان پوءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون جي مون پنهنجن شاعرن جي ڪتابن ۾ پڙهيون هيون، سي هاڻ مون کي پوريءَ سمجهه ۾ آيون. جيئن ته سروقد، سهڻا هرڻ ۽ شڪر کائيندڙ چتون وغيره. مون ائين پئي ڀانيو ته جيڪڏهن هن کي سدائين ويٺو ڏسان ته به جيڪر ٿڪان ڪين. مون کي اها خواهش پئي ٿي ته ڀت ٽپي کيس هٿ لايان. منهنجو شوق وڌندو پئي ويو ۽ آءٌ کيس ويجهو وڃڻ تي هوس ته مون ڪيترا ڀيرا زينب جو نالو ڪنهن کي رڙ ڪري، تڪڙو تڪڙو وٺندو ۽ انهي کي سڏيندو ٻڌو، جنهن تي منهنجو محبوب انهيءَ دم ڇت تان لهي هليو ويو ۽ جنهن جاءِ تان مون هن کي ڏٺو هو تنهن جاءِ تي آءٌ حيرانيءَ ۾ بيٺل رهجي ويس. آءٌ گهڻي وقت تائين اتي بيٺو هوس ۽ اميد هيم ته من هوءَ وري اچي، پر ڪانه آئي. سڀني آوازن کي ڪن پئي ڏنم. پر هيٺ ڪي به ڪين ٻڌم، پر اُهو ساڳيو ڪاوڙ جو آواز ٻڌم جنهن واري سدان سڀ ڪنهن شيءِ ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ تي غصو ظاهر پئي ڪيو. پوءِ ٻڌم ته اها حڪيم جي بيبي هئي جا ڏاڍي شوخ ۽ چيڙاڪ زال هئي ۽ پنهنجي مڙس کي پنهنجي حڪم ۾ رکيو ٿي آئي.

اتي بلڪل اونڌاهي ٿي ويئي ۽ آءٌ نااميد ٿي پنهنجي هنڌ ڏي ٿي موٽيس ته وري اهو آواز ٻڌم، جنهن چيو ته ”زينب، ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ ڇو نه ٿي وڃين سمهين.“

مون پنهنجي نازنين جو جواب ٿورو گهڻو ٻڌو ۽ جڏهن وري ڇت تي ڏٺومانس، تڏهن انهيءَ جو مطلب سمجهيم. اتي منهنجي دل ڌڙڪ ڌڙڪ ڪرڻ لڳي ۽ جيڪا ننڍڙي ڀت اسان جي وچ ۾ هئي، تنهن تان ٽپ ڏيڻ تي هوس ته ڏٺم ته هوءَ پنهنجو تماڪ ميڙي سيڙي کاريءَ ۾ وجهي تڪڙي هلي ويئي. لهندي مون کي ايترو آهستي چيائين ته ”سڀاڻي رات جو هتي هجئين.“ اهي لفظ ٻڌي منهنجي سڄي بدن ۾ اهڙو اثر ٿي ويو جو اڳي ڪڏهن ڪونه ٿيو هو. ذري ذري ائين پئي چيم ۽ انهن تي خيال پئي ڪيم. نيٺ جڏهن ٿڪس تڏهن دماغ جي تپڻ ڪري مون کي ننڊ اچي وئي ۽ وري صبح جو اٿيس تڏهين، جڏهن سج جي روشنائي منهنجي منهن تي پئي.

باب چوويهون

 

هو زينب سان ملاقات ڪري ٿو جا ٻڌائيس ٿي ته هوءَ پاڻ ڪيئن حڪيم جي گهر ۾ پنهنجو وقت پئي گذاري

جڏهن آءٌ پنهنجون اکيون ملي رهيس، تڏهن چيم ته ”هاڻ تڏهن آءٌ عاشق ٿيو آهيان، چڱو، ڏسنداسين ته انهيءَ مان ڇاٿو وري! اڄ رات اسان کي خبر پوندي ته هوءَ ڪير آهي ۽ ڪهڙو ڪم ڪندي آهي، ۽ جي هوءَ حڪيم جي گهر وارن مان آهي ته جي آءٌ حڪيم کي پنهنجي ملڪيت جي وڌيڪ سنڀال ڪرڻ نه سيکاريان ته شل منهنجو خانو خراب ٿئي. باقي شادي، تنهن جو ته امڪان ئي ڪونهي. مون کي ڪير ٻانهن ڏيندو، جو رڳو سٿڻ وٺڻ لاءِ به پيسو ڪونه اٿم، تڏهن شاديءَ جو خرچ ڪيئن ڏيئي سگهندس. انشاء الله جڏهن سگهوئي ڪو ٿورو گهڻو پيسو گڏ ڪندس، تڏهن شادي به ٿي پوندي. پر هاڻي آءٌ عشق سان رانديون ڪندس ۽ حڪيم کي انهيءَ جي چٽي ڀرائيندس.“

اهو ارادو ڪري مون اٿي ڪپڙا ڍڪيا، پر هميشہ کان وڌيڪ خيال سان پنهنجن وارن کي اڳي کان وڌيڪ ڦڻي ڏنيم، ڪمر بند سنڀال سان ٻڌم ۽ ٽوپي ٽنڊ تي رکيم. پوءِ پنهنجو هنڌ ويڙهي کڻي آڻي نوڪرن واريءَ جاءِ ۾ رکيم ۽ اهو ارادو ڪري گهران نڪتس ته رات جي انجام جي تياريءَ لاءِ وهنجان ۽ پنهنجو بت سرهو ڪريان. حمام خاني ۾ ويس، ۽ اتي پهريون پهر ته راڳ ڳائڻ ۾ گذاريم ۽ باقي وقت ملاقات جي مهل تائين شهر ۾ هيڏي هوڏي گهمتاريم ڏيڻ ۾ گذاريم. ٻيو نه ڪو ڪم ڪيم نه ڪو ڪار.

نيٺ سانجهون ٿيون ۽ آءٌ ڏاڍو بيصبر ٿيس ۽ انهيءَ لاءِ ترسيو ويٺو هوس ته شام يعني رات جي ماني کائي مٿي جي سور جو بهانو ڪري، سوير ئي وڃي سمهي رهيان. منهنجي ڪم نصيبي اهڙي جو حڪيم هميشه کان گهڻو بادشاهه وٽ ترسي پيو. نوڪر هن کان پوءِ ماني کائيندا هئا ۽ جيڪي هو بچائيندو هو سو کائيندا هئا، تنهنڪري آءٌ ڏاڍو دير سان واندو ٿيس. جڏهن اها گهڙي آئي تڏهن مون کي شوق ۽ انتظار جو ڏاڍو جوش پيدا ٿيو. شفق جي پوئين ڳاڙهاڻ الهندي پاسي ڏسڻ ۾ پئي آئي ۽ چنڊ به اڀرڻ تي هو ته آءٌ پنهنجو هنڌ ڪڇ ۾ کڻي، ڇت تي وڃي چڙهيس. تڪڙ تڪڙ ۾ اهو اڇلائي وڇائي، پوءِ ڌڙڪنديءَ دل سان ڀڳن ڀت ڏي ڀڳس. ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان انهيءَ جي مٿان نظر ڪيم، پر ٻيو ڪي به ڪين ڏٺم، رڳو تماڪ جون ڍيريون ۽ ٽوڪريون هيڏي هوڏي پکڙيون پيون هيون، ڄڻ ته اهو ڪم اڻ پورو رهجي ويو هو. مون کي ڏاڍي نااميدي ٿي. مون چوڌاري نهاري، پر زينب ڪانه ڏٺم هڪڙو ٻه ڀيرا کنگهيم به، پر جواب ڪونه مليو. رڳو حڪيم جي زال جو آواز سو منهنجي ڪن تي پيو، جو اها گهر ۾ ڪنهن ڀاتيءَ تي ڪاوڙي هئي، جيتوڻيڪ هن جون رڙيون ڀتن مان لنگهي ٿي آيون، تڏهن به مون کي معلوم ٿي نه سگهيو ته سندس ڪاوڙ جو ڪهڙو سبب هو. نيٺ اوچتو اهڙو ڪڙڪو ڪيائين جو صاف ظاهر ٻڌڻ ۾ آيو، چيائين پئي ته ”شيطان جي ڌيءُ، مون کي ٿي چوين ته ڪم هو، ڪنهن توکي چيو ته حمام ۾ وڃ؟ قبرستان ۾ تنهنجو ڪهڙو ڪم هو. آءٌ شايد تنهنجي ٻانهي آهيان ۽ توکي جيڪي وڻندو سو ڪنديئن. ڇو تو پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو آهي: جيسين اهو پورو نه ڪنديئن، تيسين نڪي کائڻ پيئڻ ڏينديسئين، نڪي سمهڻ، وڃي هڪدم اهو ڪر. جي ڪم رهائي آئي آهين ته واالله بالله، پيغمبر جو سنهن، آءٌ اهڙا موچڙا هڻنديسئين، جو نهن ئي ڇڻي پوندئي.“ انهيءَ کان پوءِ مون ڌڪا ڌوڻ ٻڌي، ۽ ستت تي پنهنجي نازنين کي ڏٺم ته ظاهري رنج سان انهي هنڌ آئي، جي هيستائين سندس تشريف نه آڻڻ ڪري آءٌ نااميد ٿيو بيٺو هوس. دل ۾ چيو ته ”واه واه، عشق به ڪهڙي نه عجيب شيءِ آهي! دل کي ڪهڙو نه تيز ٿو ڪري ۽ ڪهڙيون نه عمديون تجويزون ۽ تدبيرون ٿو سيکاري!“ مون هڪدم سهي ڪيو ته منهنجي محبوب ساجن ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اٽڪ جي ڊپ کان سواءِ گهڻي تائين رهڻ لاءِ ڪهڙي نه چڱي رٿ رٿي هئي. هن مون کي ڏٺو هو، پر ڄاڻي ٻجهي نٽائي ڇڏيو هئائين، جيسين ڪ طوفان لڳي جهڪو ٿئي. جڏهن ماٺ ٿي تڏهن هوءَ مون ڏي آئي ۽ پڙهندڙ کي خيال ۾ اچي سگهندو ته مون هڪدم وڃي سندس پاسو ورتو. جن کي خبر آهي ته عشق ڪهڙو ٿيندو آهي، تن کي، شايد خبر پئي سگهندي ته انهيءَ وقت منهنجي خوشي ڪيتريقدر هوندي، ڇا لاءِ جو اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

پنهنجي محبوب کان مون کي معلوم ٿيو ته هوءَ هڪڙي ڪردي يا ڪردستان جي سردار جي ڌيءُ هئي، اڃا هوءَ ننڍڙي هئي ته پڻس پنهنجي سڄي قبيلي ۽ مال جي ڌڻين سميت قيد ڪيو ويو هو، ۽ هوءَ پاڻ ڪن واقعن سبب اچي حڪيم جي قبضي ۾ پئي هئي ۽ هاڻ انهيءَ جي ٻانهي هئي. انهن واقعن جو بيان هن انجام ڪيو ته پوءِ ٻڌائيندس.

پهرين جيڪي شوق جا خيال ۽ محبت جون نشانيون هڪٻئي کي ڏيکاريون سين، سي جڏهن بس ٿيون، تڏهن ساڻس جيڪا خراب هلت ٿي هئي، تنهن تي هن ڪاوڙ ڏيکاري. چوڻ لڳي ته ”ٻڌيئه ته هن زال مون کي ڇا ٿي سڏيو؟ رن بي ايمان، بي دين، مون سان هميشه اچي جٺيون ڪندي آهي. ٻارهوئي مون کي گارگند پيو جهڻڪيندو آهي ۽ مون پي ويجهو ڪونه ايندو آهي. منهنجو جگر پاڻي ٿي پيو آهي ۽ منهنجي جان جلي ويئي آهي. ڇو ٿي مون کي شيطان جي ڌيءُ سڏي؟ آءٌ ڪردڻ آهيان ۽ يزيدي ذات جي آهيان سچ آهي ته اسين شيطان کان ڊڄندا آهيون، پر ڪير ڪين ڊڄندو آهي؟ پر آءٌ ڪا انهيءَ جي ڌيءَ ناهيان. جي اها رن مون کي جبلن ۾ ملي وڃي ته مزا ڏيکاريانس، پاڻيهي جيڪر خبر پويس ته ڪردڻ ڇوڪري ڇاڪري ٿي سگهي!“

جيترو مون کان ٿي سگهيو اوترو مون هن دڙد دلاسو ڏنو، ۽ چيومانس ته ”في الحال ڪاوڙ وساري ڇڏي، جڏهن ڪو چڱو وجهه ملئي تڏهن پنهنجو وير وٺجئين.“ هن چيو ته اهڙو وجهه مون کي ڪڏهن ڪين ملندو، ڇا لاءِ جو هن جي مون تي اهڙي سخت نظر آهي جو رڳو هڪڙيءَ جاءِ مان ٻيءَ جاءِ ۾ ٿي وڃان ته انهيءَ جي به منهنجي ڌياڻيءَ کي خبر ٿي پوي. حقيقت هي آهي ته حڪيم پاڻ گهٽ نسل جو ماڻهو آهي، پر بادشاهه جي حڪم پٺيان سندس هڪڙي ٻانهيءَ سان شادي ڪئي اٿس، جنهن کي ڪنهن بدچاليءَ سبب حرم مان ڪڍي ڇڏيو هوائين. انهن سان گڏ حڪيم کي ٻيو ڪو ڏاج ڪونه مليو هو، رڳو سندس شوخ طبيعت ۽ مغروري کيس نصيب ٿي، جا هن کي حرم واري عزت آبرو ۽ هلندي ياد ڏياريندي آهي، تنهنڪري هوءَ پنهنجي مڙس کي پيرن جي مٽيءَ جهڙو خسيس ڄاڻندي آهي ۽ هميشه پنهنجي حڪم هيٺ رکندي آهي. هن جي ايتري همت ڪانهي ته هن جي اڳيان موڪل کان سواءِ ويهي رهي ۽ اها موڪل هو ڪنهن اتفاق سان ڏيندي آهي، تنهن کان سواءِ هو ڏاڍي ريساري آهي، جنهنڪري سندس حرم ۾ اهڙي ڪا ٻانهي ڪانهي، جنهن تي ڪو حسد يا ساڙ نٿو ٿئيس. هوڏي حڪيم وري ڏاڍو طمعي ۽ لالچي آهي ۽ انسان ذات جي عيبن کان خالي به ناهي ۽ سندس خوبصورت ٻانهين جو ضرور دل تي اثر ٿئيس ٿو.“ زينب چيو ته ”حڪيم مون کي گهڻو پسند ڪندو آهي، تنهنڪري سندس زال مون کي پهاج ڪري ڄاڻندي آهي ۽ مون سان ڪين پويس. جڏهن ڪڏهن هو مون ڏي نهاريندو آهي يا ڳالهائيندو يا اشارو ڏيندو آهي، تڏهن هو انهيءَ کان منع ڪندي اٿس. حرم جي اندر گهڻي ئي حرڪت بازي ۽ بيحيائي هلندي آهي. جڏهن بيبي پاڻ حمام خاني يا مسجد ۾ ويندي آهي، تڏهن اڳ ڳڻتي ڪري پنهنجن ٻانهين کي وقت ۽ جاءِ ۽ وجهه جي نظر تي اهڙو ڪم ويراهي ڏئي ويندي آهي، جو ڄڻ ته ڪنهن ٺهرايل شاديءَ جو بندوبست ڪرڻو اٿس.“


(1)  هيءُ رنگ ساري ايشيا کنڊ ۾ ڪم ايندو آهي. ايراني پنهنجا سارا هٿ ڪراين تائين رڱيندا آهن ۽ پيرن جون تريون به. ترڪ گهڻو ڪري رڳو هٿن پيرن جي ننهن کي ميندي لائيندا آهن. ترڪ توڙي ايراني ٻئي وارن کي به ميندي لائيندا آهن.

(1)  يزيدي ڪردن جي هڪڙي ذات آهي، جنهن جا ماڻهو شيطان جي پوڄا ڪندا آهن.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org