هڪڙو سڄو ڏينهن عذاب ۾ گذاريم. پير سڄي دٻو ٿي پيا
هئا ۽ ڦٽن جي ڪري تمام خراب شڪل جا ٿي پيا هئا.
انهيءَ حال ۾ هڪڙو درويش مون وٽ ڊڄندو ڊڄندو آيو
جو چيائين ته متان ماڻهو ڄاڻن ته آءٌ تنهنجو سنگتي
آهيان، تنهن ڪري اهڙو جلد تو وٽ آيو آهيان. اوائل
۾ ڪا هن سان به اهڙي ساڳي جٺ ٿي هئي، تنهن ڪري خبر
هيس ته ڪهڙيون دوائون ڪم آڻبيون. انهن کي لڳائڻ
سان ٿوري وقت کان پوءِ آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيس.
جيسين آءٌ بيمار هوس تيسين پنهنجي حالت تي ويچار
ڪرڻ جو چڱو وجهه مليو هوم. مون مشهد جي ڇڏڻ جو پڪو
ارادو ڪيو، ڇو جو مون سهي ڪيو ته ڪنهن نڀاڳيءَ
گهڙيءَ ۾ انهيءَ ۾ داخل ٿيو هوس. هڪڙي ڀيري مون کي
پٺن تي ڌڪ لڳا هئا ۽ هڪڙو پيرن تي ڦٽڪا لڳا هوم.
مون مٿا مونا هڻي ڪي ٿورا پيسا گڏ ڪيا هئا جي
پنهنجي جاءِ جي ويجهو هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ پوري ڇڏيا هوم
۽ ارادو ڪيو هوم ته انهن سان جيڪو قافلو پهرين
طهران ڏي ويندو انهيءَ سان آءٌ به اوڏي ويندس. مون
اها پنهنجي رٿ درويشن کي ٻڌائي، جن کي گهڻو وڻي.
درويش صفر چيو ته ”آءٌ به توسان گڏيو هلندس ڇا
لاءِ جو هن چيو ته مون کي خبر پئي آهي ته مشهد جا
ملا منهنجي ناموس ٻڌي حسد کان چڙيا آهن ۽ مون کي
ناس ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ۾ منصوبا پيا ڪن. منهنجي هنن
سان پڄڻ جي بات ڪانهي، تنهن ڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي
بخت آزمائي ڪندس.“
اها صلاح ڪئي سون ته آءٌ درويش جي پوشاڪ ڍڪيان،
تنهن ڪري بازار مان هڪڙي ٽوپي ۽ ڪي مڻڪا ۽ هڪڙي
ٻڪريءَ جي کل ورتيم جا ڪلهن تي رکي، سنبري ويهي
رهيس.
هلڻ لاءِ اهڙا تڪڙا هئاسين جو ارادو ڪيوسين ته ٻيو
ڪوبه سنگتي ساڻ نه کڻون ۽ نصيب تي ڀاڙي نڪري پئون
۽ پوءِ پيا رستو لهون ۽ خوف خطري کان سلامتي
ڳوليون. پر، هلڻ کان اڳ ۾ سعدي جي ڪتاب مان
استخاره ڪرڻ يا فال وجهڻ جو ارادو ڪيوسون.
درويش صفر دستوري دعا گهري وچان ڪتاب کوليو ۽ جيڪو
بيت نڪتو، تنهنجو مضمون هيءُ هو: ”اها ڳالهه عقل
جي برخلاف ۽ ڏاهن جي صلاح جي ابتڙ آهي ۽ پوري
اعتقاد کان سواءِ دوا وٺجي. يا ڪنهن ڌارئين ملڪ ڏي
قافلي جي سنگت کان سواءِ سفر ڪجي.“ اهو عجب تاڪيد
ٻڌي اسان جي دل کي تسلي آئي ۽ انهي تي تعميل ڪرڻ
جو ٺهراءُ ڪيوسين.
طهران ڏي ويندڙن قافلن جي پڇا ڪندي آءٌ پنهنجي
دوست علي قاطر خچر واري کي گڏجي ويس ۽ ڏاڍو خوش
ٿيس. اهو تازو مشهد ۾ اچي پهتو هو ۽ هڪڙي سوداگر
سان ڳالهيون پئي ڪيائين ته سندس مال بخارا جي
گهٽين جي کلن جو طهران ڏي کڻي وڃي. هن مون کي ڏسڻ
شرط خوشيءَ مان رڙ ڪئي ۽ سگهوئي پنهنجو نار گيل يا
حقو تيار ڪري مون کي ڇڪايائين. جدا ٿيڻ جي وقت کان
وٺي مون پنهنجي ساري حقيقت هن کي بيان ڪري ٻڌائي ۽
هن به پنهنجو احوال مون کي ٻڌايو. هن چيو ته ”هڪڙي
قافلي سان گڏ مشهد مان اصفهان ڏي ويس ۽ پنهنجن
خچرن تي چانديءَ جون ڇڙون ۽ گهيٽن جون کلون کڻي
ويس. ترڪمانن جا خوف خطرا سهي ۽ انتظار ڪڍي اچي
صحيح سلامت هتي پهتو آهيان.“ قافلي سراءِ تي جا
ڪاهه ٿي هئي ۽ جنهن جو مون مٿي بيان ڏنو آهي، تنهن
جو اڃا اصفهان ۾ هل پئي هليو. ماڻهن جو اعتبار اهو
هو ته هو هزار ماڻهن کان به گهڻا هئا ۽ سڀني گڏجي
شهر تي ڪاهيو هو ۽ اڳيان به شهر وارن ڏاڍي
بهادريءَ سان هنن جو مقابلو ڪيو. هڪڙي حجام حسن
ڪربلائي نالي پنهنجي هٿ سان ترڪمانن جي هڪڙي سردار
کي اهڙو زخمي ڪري وڌو هو، جو مس مس هو ساهه بچائي
ڀڳو.“
انهيءَ واقعي جو اهو ڀاڱو آءٌ هميشه ماڻهن کان
لڪائيندو ايندو هوس، تنهن ڪري انهي خبر ٻڌڻ ڪري
جيڪر اثر مون تي ٿيو تنهن جي لڪائڻ لاءِ مون وزم
ڀري ايترو دونهون هن خچرن واري جي منهن ۾ ڦوڪيو جو
هو پنهنجو چهرو ڏسي نه سگهيو.
اصفهان مان هو سوٽي ڪپڙا، تماڪ ۽ ٽامي جا ٿانو يزد
۾ کڻي آيو هو، جتي هو ڳچ تائين ٽڪيو ۽ جڏهن قافلو
مشهد ڏي روانو ٿيو، تڏهن وري انهي هنڌ جو مال خچرن
تي لڏي مشهد هليو. علي قاطر کي به اها صلاح پسند
آئي ته آءٌ ۽ درويش ساڻس گڏجي طهران هلون. هن اهو
به دلاسو ڏنو ته جڏهن اوهين پنڌ ڪري ٿڪندئو، تڏهن
آءٌ خوشيءَ سان اوهان کي پنهنجن خچرن تي چاڙهيندس.
باب تيرهون
حاجي بابا مشهد ڇڏي ٿو: ڦٽ ڇٽن ٿا ۽ پنهنجي ڳالهه
ڪري ٿو ٻڌائي
”جيڪو رستو مشهد مان طهران ڏي وڃي ٿو تنهن جي در
مان جڏهن آءٌ نڪري ٻاهر ٿيس، تڏهن مون پنهنجي ڪوٽ
جي ڳچي ڇنڊي پاڻ کي چيو ته ”شل خدا توتي مصيبتون
وجهي.“ ڇا لاءِ جو جيڪي زوار، موٽيو ٿي ويا، تن
مان ڪو جيڪڏهن منهنجو ڳالهائڻ ٻڌي ها ته جيڪر
منهنجي لاءِ چڱو نه ٿئي ها. منهنجو سنگتي درويش
صفر، جنهن جي خبر هيم ته ساڳيو مون وارو ارادو
اٿس، تنهن منهنجي دل جي ڳالهه سهي ڪئي ۽ اسين ٻئي
اتي جي ماڻهن تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊڻ لڳاسين، جو مون
کي ڌڪ لڳا هئا ۽ هن ملن جي هٿان تڪليفون سٺيون
هيون.
هن مون کي چيو ته ”يار تون ته جوان آهين ۽ دنيا ۾
هلڻ لاءِ آزمودي حاصل ڪرڻ واسطي توکي اڃا گهڻا
ڪشالا ڪڍڻا پيا آهن. رڳو پهرينءَ مار تي ڪرڪ نه:
شايد انهيءَ جي ڪري گهڻين ٻين مارڻ کان بچي پوندين
۽ انهي مار مان تون ايترو سبق سکندين ته اڳتي
محتسب ڀلي زال جي برقعي هيٺ هجي ته به تون سڃاڻي
سگهنديس. (پوءِ پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وجهي چوڻ لڳو
ته) مون جهڙي عمر جو ماڻهو جنهن دنيا کي هيترو ڏٺو
آهي، سو وري لاچار ٿي ٻئي سفر تي نڪري، اها وڏي
ڪمبختي آهي.“
مون چيس ته ”تون جي چاهين ها، ته آساني سان مشهد ۾
وڌيڪ رهي سگهين ها. جي وقت تي وضو پيو ڪرين ها ۽
نماز پيو پڙهين ها ته ملا توکي ڇا ڪن ها؟“
درويش چيو ته ”اهو سچ آهي پر حقيقت هيءَ آهي ته
رمضان ته اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ هو مون تي سخت چارپو
ڪن ها، ۽ آءٌ جو تماڪ ڇڪڻ کي اهڙو ضروري ٿو
سمجهان. جهڙي هوا، ۽ شراب کي ضروري ٿو ڄاڻان جهڙو
ڏهاڙي جو کاڌو، سو ڪٿان روزا رکي ٿو سگهان. آءٌ
ڪڏهن ڪين رکندس. تنهن ڪري ارادو ڪيو اٿم ته روزن
واري مهيني ۾ سفر ڪندس جو انهيءَ ڪري روزن کان
معافي ٿي ملي. آءٌ جيڪر ملن کي ٺڳي ڇڏيان هان ۽ لڪ
ڇپ ۾ پيو کانوان ۽ پيان ها، جو اڳي گهڻائي ڀيرا
انهن کي ٺڳيو اٿم. پر مون پنهنجي خدا پرستيءَ ڪري
اهڙو نالو ڪڍيو آهي جو هو منهنجو سخت چارپو ڪندا،
تنهن ڪري آءٌ اهڙي حرڪت ۽ ٺڳي ڪري ڪين سگهندس.“
اسين ڪنهن به اتفاق کانسواءِ سمنان ۾ پهتاسين، رڳو
هيتري ڳالهه سا ٿي، جو اتي پهچڻ کان هڪ ٻه ڏينهن
اڳي مون اڃا پنهنجي سنگتي علي قاطر کي هڪڙي خچر
لڏڻ ۾ ئي مدد ڪئي ته اوچتو منهنجن پٺن ۾ ساڳي
اڳوڻي ضربيل جاءِ تي ٻي ضرب اچي وئي، ايترو سور
ٿيم جو قافلي سان گڏ اڳتي هلي نه سگهيس پٺ تي رهجي
ويس، انهيءَ لاءِ ته جڏهن ڇٽان تڏهن هلان، خاص
جڏهن هاڻ ترڪمانن جو ڪوبه ڊپ ڪونه هو تڏهن قافلي
تي وڌيڪ تعلق رهڻ جو مون کي ضرور به ڪونه هو.
درويش صفر کي ته تخت شهر ۾ عيش عشرت ڪرڻ ۽ شراب
پيئڻ جي ڳڻتي هئي، تنهنڪري اهو اڳتي هليو.
مون شهر جي پسگردائيءَ ۾ هڪڙي قبي ۾ وڃي پنهنجو
ٽڪاڻو ڪيو ۽ پنهنجي ٻڪريءَ جي کل هڪڙي ڪنڊ ۾
وڇائي، مسافر درويشن جي رسم، موجب سگ وڄائي ”حق،
حق، الله اڪبر!“ جون وڏيون هڪلون ڪري خلق کي
پنهنجي پهچڻ جي خبر ڏنيم. مون پنهنجي بت جي شڪل
اهڙي جهنگلي بڻائي هئي جو مون کي پڪ آهي ته جيڪا
تعليم مون کي ملي هئي ان موجب ڏاڍي چالاڪي ڏيکاري
هيم.
گهڻيون ئي زالون مون وٽ آيون جن کي مون تعويذ لکي
ڏنا ۽ انهن مون کي نذراني ۾ ميوو، کير، ماکي ۽
ٻيون اهڙيون شيون ڏنيون. منهنجن پٺن ۾ ايترو سور
اچي ٿيو، جو آءُ پڇا ڪرڻ لڳس، ته سمنان ۾ ڪو اهڙو
ماڻهو آهي جو منهنجو علاج ڪري مون کي سور کان
ڇڏائي. حجام ۽ نعلبند جي نالي چيائون ته ان کي
البت طبابت جو ڪم ايندو آهي.
حجام سير ڇوڙائيندو آهي ۽ ڏند ڪڍندو آهي ۽ ڀڳل
عضوا ڳنڍيندو آهي، ۽ نعبلند کي گهوڙن جي مرضن جي
خبر آهي تنهن ڪري ماڻهن جي بيمارين بابت به صلاح
وٺندا آهن. هڪڙي گيز سفيد به هئي، يعني هڪڙي ڪراڙي
مرڇوٽ ڏائڻ جهڙي زال! جڏهن حجام ۽ نعلبند کي ڪنهن
بيماريءَ جي خبر نه پوندي هئي تڏهن ماڻهو انهيءَ
کان ڏس يا ٽوڻو پڇندا هئا ۽ انهيءَ کي سڀني قسمن
جي سورن جون دوائون ۽ دعائون اينديون هيون. سڀئي
هڪٻئي پٺيان مون وٽ آيا، سڀني انهيءَ ڳالهه تي
اتفاق ڪيو ته مون کي ٿڌ جي بيماري آهي، ۽ جڏهن
سرديءَ جو ضد گرمي آهي ۽ باهه سڀ کان گرم شيءِ
آهي، تنهنڪري انهيءَ سور واري هنڌ کي ڏنڀ ڏيڻ
گهرجي. نعبلند جو لوهار هو ۽ ٿڌي ۽ گرم لوهه سان
هن جو وهنوار هو. تنهن کي ڏنڀ ڏيڻ لاءِ مقرر
ڪيائون. انهيءَ موجب هو هڪڙو ٿالهه ٽانڊن جوءِ
ڌنوڻي ۽ ڪي ننڍيون ڪليون کڻي آيو. هڪڙيءَ ڪنڊ ۾
ويهي باهه ٻاري ڪليون تپايائين. جڏهن اهي تپي
ڳاڙهيون ٿيون، تڏهن مون کي زمين تي اونڌو کڻي
سمهاريائون ۽ منهنجن پٺن تي ٻرندڙ لوهه جا ڏنڀ کڻي
ڏنائون. جيئن جيئن مون کي ڏنڀ پئي آيا. تيئن تيئن
جيڪي تماشبين حاضر بيٺا هئا تن ڏاڍي شوق مان رڙ
ڪري پئي چيو ته ”خدا شفا ميدهد،“ يعني خدا ٿو
ڇٽائي، منهنجي علاج ڪندڙن پاڻ ۾ همصلاح ٿي پيغمبر
صلعم ۽ ٻارهن امامن سڳورن جي نظر تي جدا جدا جاين
تي تيرنهن داغ ڏيڻ سڀاڳا سمجهيائون. جيتوڻيڪ اڌ
جيترن داغن اچڻ کان پوءِ سور کان مون هانو ڦاٽي
گهڻيون ئي دانهون ڪيون. ته به مون کي ڇڏيائون ڪين
۽ نيٺ تيرهن داغ پورا ڪيائون. انهن ڦٽن کي ڇٽن ۾
گهڻا ڏينهن لڳي ويا، ۽ انهن جي ڇٽڻ لاءِ مون کي
هڪڙي هنڌ ماٺ ڪري پوڻ ضرور ٿيو، تنهنڪري گهڻي وقت
تائين آءٌ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ بند پيو هوس. نيٺ
منهنجا پٺا ڇٽا ۽ سور لٿو ۽ آءٌ بلڪل چڱو ڀلو ٿيس
۽ سڄي بت ۾ طاقت به آيم. منهنجي شفايابيءَ جو سبب
آهي تيرهن پاڪ ٿيا ۽ شهر ۾ مشهور ٿي ويو ته ٻرندڙ
لوهه ڏاڍو اثر وارو آهي. پر مون ته ائين ٿي ڄاتو
ته مون کي فائدو رڳو گهڻن ڏينهن جي آرام کان مليو.
پر اها راءِ مون ماڻهن کان لڪائي، ڇا لاءِ جو مون
چيو ته ڀلي عام خلق جي اها راءِ هجي ته مون تي
ايترن پاڪن جو هٿ آهي، ۽ آءٌ انهن جي حمايت هيٺ
آهيان.
هاڻي مون پڪو ارادو ڪيو ته اڳتي طهران ڏي هلان، پر
درويش ٿي ظاهر ٿيڻ کان اڳي منهنجي دل ۾ آيو ته
سمنان جي ماڻهن وٽ قصه خوانيءَ ۾ قابليت ڏيکاريان،
تنهن ڪري ٻن پهرن جو بازار جي منهن وٽ هڪڙي ننڍي
ميدان تي بيهي رهيس، جتي شهر جي ٽوٽين ۽ نڪمن
ماڻهن جو وڏو گوڙ لڳو پيو هو، ۽ اهڙن وقتن تي جيڪي
دستوري گفتا ڪرڻ ۾ ايندا هئا سي ڪيم ته سگهوئي
ماڻهن جو اچي ميڙ ٿيو ۽ جتي آءُ ويٺو هوس، اتي
منهنجي چوڌاري زمين تي ويهي ويا. بغداد جي حجام جي
هڪڙي بندي جي ڳالهه مون کي ياد هئي، جا جڏهن آءٌ
پاڻ حجامڪو ڪم ڪندو هوس، تڏهن جي ٻڌل هيم. هيترا
ماڻهو جي وات پٽيو اکيون مٿي ڪيو ويٺا هئا تن جي
وچ ۾ ويهي ڳالهه شروع ڪيم:
”خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ بغداد جي شهر ۾
هڪڙو مشهور حجام رهندو هو، جنهن جو نالو علي صيقل
هو. هو پنهنجي ڪم ۾ اهڙو هوشيار ۽ قابل هو جو
اکيون ٻڌي ڇڏبيون هيس ته به مٿو ڪوڙي ۽ ڏاڙهي مڇون
ڪتري ويندو هو ۽ نالي جو ٽڪو به نه ڏيندو هو.
بغداد ۾ ڪنهن به درجي جو ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه هو
جنهن انهيءَ کان پنهنجي سنوارت نه ڪرائي هوندي.ا
يترو ڪم وڌي ويس جو نيٺ هو مغرور ۽ بيحيا ٿي پيو
جو جيسين ڪو مٿي نه ته به بيگ يا آغا نه هوندو هو،
تيسين هن جي مٿي کي هٿ ئي نه لائيندو هو. بغداد ۾
ٻارڻ جون ڪاٺيون ڪامياب ۽ مهانگيون هونديون هيون،
۽ هن جي دڪان ۾ جو انهن جو گهڻو کاپو
هو تنهن ڪري ڪاٺير پنهنجون ڪاٺين جون ڀريون ٻيا
هنڌ ڇڏي به اتي آڻيندا هئا. اتي انهن جي ترت وڪامڻ
جي پڪ هوندي هين. هڪڙي ڏينهن اتفاق سان هڪڙو غريب
ڪاٺير جنهن اهو ڌنڌو نئون شروع ڪيو هو ۽ جو علي
صيقل جو واقف نه هو، سو سندس دڪان تي ويو ۽ ڪاٺين
جي لڏ، جا پري کان پنهنجي گڏهه تي آندي هئائين، سا
هن کي آڇيائين. علي هڪدم ملهه ٻڌايس ۽ هي لفظ
چيائينس ته ”گڏهه تي جيڪي ڪاٺيون آهن تن لاءِ
هيترو ڏيندس.“ ڪاٺير قبول ڪيو ۽ گڏهه تان ڪاٺيون
لاهي وڌائين ۽ پيسا گهريائين. حجام چيس ته ”پلاڻ
يا ٻنڌي به مون کي ڏي جو اهو سارو ڪاٺين مان جڙيل
آهي. پنهنجي ٻول اها هئي.“ ڪاٺير حيران ٿي چيو ته
”سو ڪيئن؟ اهڙو سودو ڪنهن ڪو ٻڌو؟ ائين ٿيڻي
ناهي.“ مطلب ته گهڻي تڪرار ۽ هل کان پوءِ مغرور
حجام زور سان پلاڻ به لاهي رکيو ۽ ويچاري ڄٽ کي
جٺيون ڪري هڪالي ڪڍيائين. هو سڌو ويو قاضيءَ وٽ ۽
وڃي دانهن ڏنائينس. قاضي انهيءَ حجام جي گراهڪن
مان هو، تنهن فرياد نه ٻڌيس. تنهن ڪري ڪاٺير
انهيءَ کان نااميد ٿي وڏي حاڪم وٽ ويو.ا هو به علي
صيقل جو مربي هو ۽ هن جو داد ڪونه ڪيائين. ويچاري
غريب تڏهن خود مفتيءَ وٽ وڃي پڪار ڪئي، جنهن
انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪري ڪري نيٺ چيس ته ”هي
معاملو منهنجي فيصلي ڪرڻ کان ٻاهر ۽ تمام ڏکيو
آهي. جو قرآن ۾ انهي جي لاءِ ڪو حڪم ڪونهي، تنهن
ڪري لاچار توکي اهو نقصان سهڻو پوندو.“ ڪاٺير بي
دليو نه ٿيو. هن هڪدم هڪڙي ڪاتب کان خود خليفي جي
نالي عريضي لکائي، ۽ جمعي جي ڏينهن جڏهن هو وڏي
دٻدٻي ۽ تجمل سان مسجد ڏي ٿي ويو تڏهن وڃي
ڏنائينس. خليفي جي عريضن پڙهڻ جي هوشياري ۽ چالاڪي
مشهور آهي. دير ئي ڪانه ٿي ته ڪاٺير کي حاضر ٿيڻ
لاءِ سڏ ٿيو. جڏهن خليفي کي ويجهو آيو، تڏهن گوڏا
کوڙي زمين چميائين ۽ پنهنجون ٻانهون اڳيان سيون
ڪري ۽ پنهنجا هٿ چغي جي آستينن سان ڍڪي ۽ پنهنجا
پير گڏ رکي فيصلي جي لاءِ منتظر ٿي بيهي رهيو.
خليفي چيس ته ”مهربان، ٻولي حجام جي پاسي آهي،
ليڪن انصاف تنهنجي پاسي آهي. قاعدي جي وصف ٻولي يا
لفظ ۾ ٿي ڏجي ۽ شرط يا انجام لفظن ۾ ٿو ڪجي. انجام
ضرور پورو ٿيڻ گهرجي نه ته اهو ڪنهن ڪم جو نه ٿيو.
جي انجام جا شرط پورا نه ٿيا ته پوءِ ٻن ماڻهن جي
وچ ۾ پت ڪانه رهندي. تنهن ڪري حجام ضرور سڀ
پنهنجون ڪاٺيون رکندو، پر. ”اتي ڪاٺير کي پنهنجي
ويجهو سڏي ڪن ۾ ڪي چيائينس، جو رڳو هن ٻڌو ۽ ٻئي
ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي. پوءِ هن کي موڪل ڏنائين
۽ هو ٽپا ڏيندو هليو ويو.
اتي مون پنهنجي ڳالهه کڻي بند ڪئي ۽ پنهنجو لوهه
جو وٽو هٿ ۾ جهلي ۽ هٿ ڊگهو ڪري چوڻ لڳس ته
”صاحبو، هاڻي جيڪڏهن مون کي ڪي ڏيندو ته آءٌ اوهان
کي ٻڌائيندس ته خليفي ڪاٺير کي ڇا چيو؟“ ماڻهن کي
ته ڏاڍو شوق هو. سڀني مون کي ٿورو يا گهڻو پيسو
ڏنو.
تڏهن مون چيو ته ”خليفي ڪاٺير کي ڪن ۾ چيو ته جي
تون هيئن ڪندين ته حجام کان توکي پنهنجو حق ملندو،
۽ جيڪي ڪرڻ لاءِ چيائينس سو آءٌ هيٺ بيان ٿو
ڪريان. ڪاٺير انهيءَ مهل ته خليفي کي نياز ڪري
پنهنجي گڏهه وٽ ويو، جو ٻاهر ٻڌو بيٺو هو ۽ انهيءَ
کي رسي کان وٺي گهر هليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ
هو ظاهري اڳي ڳالهه وساري حجام وٽ آيو، ۽ چيائينس
ته ”منهنجو ڪو ٻاهراڙيءَ جو سنگتي آيو آهي تنهنجي
۽ منهنجي سنوارت ڪرڻي آهي.“ هن قبول ڪيو ۽ ٻنهي
سنوارتن جو اجورو ٺهرايو ويو. جڏهن حجام ڪاٺير جو
مٿو سنواري رهيو تڏهن هن کان پڇيائين ته ”تنهنجو
سنگتي ڪٿي آهي؟“ هن ورندي ڏني ته ”اجهو، ٻاهر بيٺو
آهي، انهيءَ دم اندر ٿو اچي.“ پوءِ هو ٻاهر ويو ۽
گڏهه کي رسي مان وٺي آيو. چوڻ لڳو ته ”ڪوڙيانس.
ايتروئي بس آهي جو مون تو جهڙي ماڻهوءَ کي هٿ لائي
پاڻ کي پليد ڪيو آهي. هاڻ ڀانئين ته پنهنجي گڏهه
جي سنوارت جو چئي پنهنجي بي آبروئي ڪرين ڇا؟ نڪري
وڃ نه ته اوهان ٻنهي کي جهنم ڏي ٿو روانو ڪريان.“
ائين چئي هنن کي پنهنجي دڪان مان هڪالي ٻاهر
ڪڍيائين.
ڪاٺير سڌو خليفي ڏي ويو، جنهن هڪدم پاڻ وٽ گهرايس،
۽ جنهن کي هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. امير المومنين
چيو ته ”اهو چڱو ٿيو. پوءِ پنهنجي هڪڙي عملدار کي
حڪم ڏنائين ته ”علي صيقل کي پاڪين سميت مون وٽ وٺي
اچو.“ ڏهن منٽن ۾ حجام اچي اڳيانئيس بيٺو. خليفي
پڇيس ته ”اڙي ڇو هن جي سنگتيءَ جا وار نٿو ڪوڙين؟
اوهان جو پاڻ ۾ اهو شرط ڪين هو ڇا؟“ علي زمين چمي
چيو ته ”حضور، اهو سچ آهي ته اسان جو شرط اهڙو هو،
پر هن کان اڳي ڪڏهن ڪنهن گڏهه کي به پنهنجو سنگتي
ڪيو؟ يا ڪنهن ڪڏهن انهيءَ سان به اهڙو سلوڪ ڪيو
جهڙو ڪنهن مسلمان مومن سان ڪبو آهي!“ خليفي چيو ته
”اهو برابر ٿو چئين، پر اڳي ڪڏهن ڪنهن پلاڻ به
ڪاٺين جي لڏ ۾ شمار ڪرڻ جو خيال ڪيو يا انهيءَ تي
زور لاتو؟ نه نه، هاڻ هن ڪاٺير جو وارو آيو آهي.
هڪدم گڏهه جا وار ڪوڙ نه ته سزا ملنديئي.“ حجام کي
لاچار ٿيو ته ايترو صابڻ ڀڄائي جنهن سان گڏهه جو
سڄو بت پسائي ۽ پوءِ خليفي جي روبرو انهي کي مٿي
کان پيرن تائين ڪوڙي. جيسين هن اهو سعيو پئي ڪيو.
تيسين سڀ ماڻهو جي حاضر هئا سي مٿس کلڻ ۽ ٺٺوليون
ڪرڻ لڳا. ويچاري ڪاٺير کي مناسب انعام ۽ خرچي ڏئي
روانو ڪيائون ۽ سڄي بغداد ۾ اها ڳالهه ۽ امير
المومنين جو اهو نياءُ مشهور ٿي ويو.“
باب چوڏهون
ڪهڙو ماڻهو گڏجيس ٿو ۽ ان جي گڏجڻ مان ڪهڙا نتيجا
ٿا نڪرن
آءٌ سمنان مان راضي ٿي نڪتس، منهنجو ڦٽ به ڇٽي ويو
۽ آءٌ جوان ۽ خوبصورت هوس. مشهد ۾ جيڪي ويهه تومان
گڏ ڪيا هئم سي منهنجي کيسي ۾ پئي کڙڪيا. دنيا جو
آزمودو به حاصل ڪيو هوم ۽ هاڻي پڪو ارادو ڪيم ته
طهران ۾ پهچڻ شرط درويش جا ڪپڙا لاهي، مٿي کان
پيرن تائين بي آبروءَ جهڙي پوشاڪ ڍڪيندس، پوءِ
ڪنهن آبروءَ جهڙي ڌنڌي ۾ بخت آزمائي ڪندس ۽
حياتيءَ جا ڏينهن گذارينديس.
طهران کان هڪڙي منزل پري، آءٌ ليلى مجنوءَ جا بيت
وڏي آواز ۾ ڳائيندو اڳتي پئي ويس، ته هڪڙو قاصد
اچي مون کي پنو. مون سان ڳالهيون ٻوليون ڪري،
پنهنجي ماني ڪڍي مون کي شامل ٿيڻ لاءِ چيائين.
گرمي تمام گهڻي هئي، تنهن ڪري خوشيءَ سان مون هن
جي دعوت قبول ڪئي. هڪڙي نهر جي ڪناري تي هڪ ٻنيءَ
جي ويجهو ٿي ويٺاسين. قاصد پنهنجي گهوڙي جو لغام
لاهي ڇڏيو ۽ انهيءَ کي ڪڻڪ جي پوک چرڻ لاءِ ڇڏي
ڏنائين. پوءِ پنهنجي سٿڻ جي گهنجن مان ڳولي ڳولي
هڪڙو رومال ڪڍيائين، جنهن ۾ پاروٿي ڀت جا ڳنڍا ۽
ٽي چار ٽڪر مانيءَ جا ٻڌل هئا، سي پکيڙي اڳيان
رکيائين ۽ زين سان ٻڌل هڪڙي ڳوٿري مان سڪل ڌونري
چڪو به ڪڍيائين. ساڳي سٿڻ جنهن جي کيسن ۾ سندس جتي
به پيل هئي ۽ ڳچ جيترو تماڪ ۽ پاڻي پيئڻ جو پيالو
۽ ٻيون به گهڻيون ڪمائتيون شيون پيل هيون، تنهن
مان پنج ڇهه ڪچا بصر به ڪڍيائين، جي پڻ دسترخاني
تي کڻي رکيائين. پوءِ اسين اهڙي اشتها سان اچي
انهيءَ کي کائڻ لڳاسين، جو پڇاڙيءَ ۾ آڱريون به
پئي چٽيونسين ۽ نهر مان پاڻي پي پيٽ ڀري پوءِ
هڪٻئي جي سفر جي احوال پڇڻ جي يادگيري آئي سين، نه
ته اوستائين بک جي ڪري اها ڳالهه اصل وسري وئي
هئي. منهنجي پوشاڪ مان هن معلوم ڪيو ته آءٌ درويش
آهيان ۽ پنهنجو احوال مون جهٽ ۾ ٻڌايو. هن پنهنجي
ڳالهه جيڪا ڪئي تنهن مان مون کي معلوم ٿيو ته هو
استرآباد جي حاڪم جو قاصد آهي ۽ منهنجي اڳوڻي
سنگتيءَ عسڪر خان ملڪ الشعرا جي ترڪمانن جي بند
مان ڇٽڻ جي خوشخبري کنيو ٿو وڃي. اها ڳالهه ٻڌي
آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس. مون قاصد کي اها خبر نه ڏني ته
سندس پيغام مان منهنجو ڪيترو نه مطلب ٿي نڪتو، ڇا
لاءِ ته آزمودي مون کي سيکاريو هو ته دنيا جي ڪمن
۾ دل جو حال ٻئي کي ٻڌائڻ سياڻپ جو ڪم نه آهي.
تنهن ڪري ڪوڙ ڪري مون ائين ظاهر ڪيو ته اهڙي
ماڻهوءَ جي هئڻ يا نه هئڻ جي مونکي بلڪل خبر ئي
ڪانهي.
منهنجي سنگتيءَ مونکي ٻڌايو ته شاعر مٿا مونا هڻي
صحيح سلامت استرآباد پهتو هو ۽ وٽس ڪي به ڪين هو،
تنهنڪري هي قاصد روانو ڪيو هوائين ته سندس ٻارن
ٻچن کي سندس حال جي خبر ڏئي. هن کي جيڪي خط ڏنا
ويا هئا سي هن مون کي پنهنجي ڇاتيءَ مان رومال ۾
ويڙهيل ڪي ڏيکاريا. جيتوڻيڪ هو پاڻ پڙهي نه ڄاڻندو
هو ته به ٻين جي ڳجهه معلوم ڪرڻ جي عادت هيس، سو
مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، جو ڄاتائين ته مون کان
خطن جي مضمون جي کيس خبر پوندي. پهريون خط جو مون
ڏٺو سو شاعر جو عريضو هو شهنشاهه جي خدمت ۾، جنهن
۾ هن ترڪمانن جي هٿن ۾ پوڻ جي وقت کان وٺي جيڪي
عذاب ڏٺا هئائين، ان جو بيان ڏاڍي عمدي شعر ۾ ڏنو
هو. لکيو هئائين ته ”جيڪا بک، اڃ ۽ ٻئي ظلم جي هلت
مون سٺي آهي، تنهن جو ايترو ارمان نه اٿم جيترو
انهيءَ ڳالهه جو اٿم ته انهي شاهوار موتي ۽ چمڪندڙ
جواهر ۽ زماني جي ڪماليت جو مايو، شهنشاهه حضور
عالي جي نور ۽ سندس فضل ۽ ڪرم جي روشنائيءُ کان
پري رهيو آهيان. جيئن ڪنهن خسيس نانگ کي سج جي
تابش ۾ اچي سرهي ٿيڻ جو وجهه ملي، تيئن مون کي به
اميد آهي ته سگهوئي حضور بادشاهه جي منهنجي آس ۾
وري اچي پاڻ کي سيڪيندي.“ پڇاڙيءَ ۾ اهو عرض ڪيو
هئائين ته ”منهنجي هيتري غير حاضري ڪري تخت جو
پاڇو مون تان لاهڻ ۾ نه اچي، جو اميد اٿم ته وري
به پنهنجي اڳي جاءِ والاري بادشاهه جي حضور ۾ بلبل
سان طبع آزمائي ڪندس ۽ پنهنجي پياري گل جي جمال ۽
ڪمال جا راڳ ڳائيندو رهندس.“
ٻيو خط وزيراعظم ڏي لکيل هوم، جنهن ۾ انهيءَ مشهور
بدصورت ۽ بدسيرت شخص کي تارن ۾ وڏو سيار تارو ۽
ملڪ جي جهاز جو لنگر سڏيو هئائين ۽ سندس پناهه ۽
مدد جو عرض ڪيو هئائينس. اهڙو ساڳيو ئي خط پنهنجي
اڳوڻي دشمن، خزاني جي امير ڏي لکيو هئائين. پوءِ
وري مون اهي خط نظر مان ڪڍيا، جي هن پنهنجي گهر
وارن ڏي لکيا هئا، هڪڙو هو سندس زال ڏي، ٻيو سندس
پٽ جي استاد ڏي، ۽ ٽيون سندس ڪاروباريءَ ڏي. زال
ڏي ته گهر جي ڪم ڪار ۽ بندوبست جي بابت لکيل هو ته
”مونکي اميد آهي ته تون ڪپڙي گنديءَ جي خرچ جي
ڪفايت ٿي ڪرين ۽ ٻانهين تي پوري نظرداري ٿي ڪرين.“
۽ تاڪيد ڪيو هئائينس ته منهنجون سڀ شيون کسجي ويون
آهن، تنهن ڪري تون ۽ ٻانهيون گڏجي هڪدم منهنجي
لاءِ ڪپڙا تيار ڪري رکو. آخوند ڏي ڏاڍو سخت تاڪيد
لکيل هو ته ”منهنجي پٽ کي ادب اخلاق چڱا
سيکارجئين. مون کي اميد آهي ته تو هن کي رسمي
سليقي جا قانون پوري طرح سيکاريا آهن. ۽ هو پنهنجي
نماز برابر پڙهي ٿو. هيستائين گهوڙي جي سواري چڱي
طرح ڪري سگهي ٿو، نيزو چڱيءَ طرح هڻي سگهي ٿو ۽
گهوڙو ڊوڙائيندي بندوق هڻي سگهي ٿو.“
ڪاروباريءَ ڏي ڪم ڪار هلائڻ نسبت ۾ عام فهمايش لکي
هئائين. لکيو هئائينس ته سڀ ڪم صرفي سان ڪجئين. هر
روز وزيراعظم جي قدم بوسي ڪندو رهجئين ۽ سندس
تعريف ڪجئين ۽ منهنجي طرفان نياز عرض ڪجئين.
منهنجين زالن ۽ ٻانهين تي سخت نظر ڪجئين. جڏهن
منهنجي زال ٻانهيون ساڻ ڪري ٻاهر هوا کائڻ وڃي،
تڏهن تون ضرور ساڻن گڏيندو رهجئين. اميد آهي ته
ڪراڙيون بد چال زالون، خصوصن، يهوداڻيون اندر
منهنجي حرم خاني ۾ نه اينديون هونديون ۽ منهنجي
گهر جي ٻاهرين ڀت يا عالم پناهه جي مرمت ڪئي ويندي
هوندي. ۽ زالون کڏ مان پاڙي وارن سان نه
ڳالهائينديون هونديون، ۽ منهنجي شيدي ٻانهي جوهر
هن کي اڳتي اندر اچڻ ته ڏجئين، جي هو ڪڏهن ڪنهن
منهنجي ٻانهيءَ سان ڳالهائيندو نظر اچي ته انهن کي
چابڪن سان مار ڏجئين.“ ۽ پڇاڙي ۾ لکيل هو ته ”هي
قاصد جو خوشخبري کنيو منهنجي گهر ڏي ٿو اچي، تنهن
کي چڱو انعام ڏجئين.“
مون اهي سڀ خط پڙهي وري ويڙهي ڇڏيا. جنهن تي اڳئي
ٻاهران مهر لڳل هئي تن کي وري مهر هڻي ڇڏيم. پوءِ
اهي موٽائي هن قاصد کي ڏنم هن جي خيال ۾ هو ته
شاعر جي خير سلامتيءَ جي خبر آءٌ پهرين ٿو نيان سو
مون کي ڪو ڏاڍو وڏو انعام ملندو. مون کي چيائين ته
”مون رات ڏينهن پئي پنڌ ڪيو آهي، انهي لاءِ ته
متان ڪو مون کان اڳي وڃي اها خوش خبري سندس گهر
وارن کي ٻڌائي.“ هيترو به چيائين ته جنهن گهوڙيءَ
تي آءٌ چڙهيل آهيان سو هڪڙي ڪڙميءَ جو آهي، جنهن
کان رستي تي زور زبردستيءَ سان ڦريو اٿم ۽ پنهنجو
ڇڏي ڏنم ته منهنجي پٺيان آهستي آهستي وٺيو اچي جو
اهو ٿڪل هو.
ٿوري وقت تائين اسان پاڻ ۾ گفتگو ڪئي، پر پوءِ هو
سمهي پيو جو ڏاڍو ٿڪل هو. جيئن هو گاهه تي ڊگهو
ٿيو ستو پيو هو، تيئن مون سندس منهن ڏي نهاري
نهاري دل ۾ ويچار ڪيو ته هن کان اڳئي هن جو ڪم ڪرڻ
ڪهڙو نه آسان آهي. مون کي شاعر جي سڄي احوال جي
خبر هئي، بلڪ ڪن ڳالهين ۾ ته خود منهنجو احوال به
ساڻس مليو ٿي آيا. دل ۾ چيم ته هن کان به اڳي
پهرين وڃي خبر ڏيڻ مون کي حق آهي. باقي گهوڙو، سو
جهڙو هن جو هو تهڙو منهنجو هو، خاص جڏهن انهيءَ
گهوڙي جو مالڪ ڪڙمي، قاصد جو گهوڙو وٺي جلد اچي
پهچڻ تي هو، تنهن ڪري وڌيڪ ڳڻتي نه ڪري جيڪو رومال
اڃان هن جي گوڏن تي پکڙيو پيو هو، سو مون
کڻي تهه ڪيو ۽
جيڪو خط ڪاروباريءَ ڏي لکيل هو سو کڻي، گهوڙي تي
ٽپ ڏئي روانو ٿيس. گهوڙي کي پاسن ۾ اهڙيون مهميزون
هنيم جو هو ڊوڙ پئي ويو. سگهوئي هن ستل ماڻهوءَ
کان طهران جي شرڪ سان تمام گهڻو پنڌ ڪري ويس.
جيئن گهوڙي ڊوڙائيندو ويس، تيئن دل ۾ رٿيندو ويس
ته هاڻي ڪهڙي هلت ڪريان ۽ ڪهڙي رستي شاعر جي گهر
وڃي پاڻ ڄاڻايان، جنهن ڪري منهنجي ڳالهه سچي شمار
۾ اچي ۽ جيڪو قاصد کي انعام ملڻو هو سو به مون کي
ملي. مون خيال ڪري ڏٺو ته هن کان آءٌ هڪڙي ڏينهن
جيترو پنڌ اڳي نڪري آيو آهيان، ڇاڪاڻ جو جڏهن
جاڳندو تڏهن گهڻو ڪري ڳچ پنڌ پيادو ڪندو تڏهن مس
ڪو ٻيو گهوڙو هٿ ڪري سگهندو، جو خود سندس گهوڙي جي
پهچڻ جو گهڻو شوق هو، ۽ جي پيادو پنڌ ڪري اچي
پهچندو ته گهڻو امڪان آهي ته سندس ڳالهه تي ڪنهن
کي به اعتبار ڪين ايندو، ۽ خوشيءَ سان گهوڙو ڪوبه
ڪونه ڏيندس، تنهن ڪري مون پڪو ارادو ڪيو ته طهران
۾ پهچڻ شرط گهوڙو سنجن سوڌو وڪڻي ڇڏيندس، پوءِ ڀل
ڪيترو به انهن لاءِ مليو. پوءِ پنهنجي درويشاڻي
پوشاڪ بدلائي ملڪ جي رواجي پوشاڪ ڍڪيندس، ۽ جيئن
ڪو مسافر گهڻي پنڌ تان ايندو آهي تيئن پاڻ کي
بڻائي شاعر جي گهر ويندس. ۽ جهڙي چڱي ڳالهه ٺاهي
سگهيس اهڙي ٺاهي ٻڌايئندس. ائين ڪرڻ ۾ مون کي
مشڪلات ڪانه ٿيندي، جو هن جي سڄي احوال جي مون کي
خبر آهي.
|