مون کي انهيءَ مهل جي سڄي حالت ياد آهي، ڄڻ ته
ڪالهوڪي ڳالهه آهي، ڇا لاءِ جو جتي مڙس ويا هئا
اتي اسين جهاتيون پائي ٿي سگهيونسين، ۽ جيڪي هنن
ڳالهايو ٿي تنهن جي لڪي ٻڌڻ جي ڪوشش پئي ڪئي سون.
مير آخور ۽ ٻيا تڪر ويٺا هئا ۽ ٻيا تنبوءَ جي در
وٽ هٿيارن کي ٽيڪ ڏيو بيٺا هئا. منهنجو پيءُ ٿورو
پرڀرو غاليچي تي هٿ ٻڌي گوڏن ڀر ويهي رهيو. ظاهري
ڪري ادب ۽ نياز سان ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو، پر ذري
ذري سچيتائيءَ سان هيڏي هوڏي پئي نهاريائين.
هنن کي چيائين ته ”اوهين ڀلي آيو، اوهان جي اچڻ
ڪري اسان کي خوشي حاصل ٿي آهي.“
مير آخور جواب ڏنو ته ”گهڻن ڏينهن کان پاڻ نه مليا
آهيون.“ اهڙيون رواجي مرحبا جون ڳالهيون ڪري پوءِ
وري کڻي ماٺ ڪيائون، ۽ ڳالهائڻ جي بدران اچي حقن
ڇڪڻ کي لڳا، ۽ سڄي جاءِ دونهي سان ڀري ڇڏيائون.
وري مير آخور چيو ته ”اسان جي حاڪم پاشا توڏي ججها
سلام موڪليا آهن. هو توکي ڏاڍو ڀانئي ٿو ۽ سمجهي
ٿو ته تون سندس تمام چڱن ۽ جهونن دوستن مان هڪڙو
آهين. ماشاء الله، تون ڀلو مانس آهين، سڀ ڪرد ڀلا
مانس آهن، هنن جا دوست اسان جا دوست آهن. ۽ هنن جا
دشمن اسان جا دشمن آهن.“
ترڪن مان هڪڙو پير مرد جو انهن سڀني مان وڏو هو ۽
جو اتي بيٺو هو. تنهن گگهي آواز سان مير آخور جي
مٿيئن گفتي جي تعريف ڪئي. تنهن کان پوءِ منهنجي
پيءُ ڪلها چوري ۽ هٿ گوڏن تي رکي. جواب ڏنو ته
”آءٌ پاشا جو غلام آهيان، آءٌ اوهان جو به غلام
آهيان. اوهان مون کي گهڻو مان ڏنو آهي. الحمدالله،
اسين پاشا جي ڇانو ۾ سکيو ٽڪر پيا کائون ۽ ڪنهن ڊپ
کان سواءِ ٽنڊ تي توپيون ڍڪيو وتون. خدا شل جهجهو
رزق ڏئيس.“
ٿوري وقت کان پوءِ مير آخور چيو ته ”اوڪوس آغا،
اسان جي اچڻ جو سبب هيءُ آهي ته نامراد وهابين
اسان جي پاشا ڏي ڪي ماڻهو موڪليا آهن ۽ عرض ڪيو
اٿس ته جنهن گهوڙيءَ تي هن جو پٽ مارجڻ وقت چڙهيل
هو، سا کيس موٽي ملي. جيتوڻيڪ هو چون ٿا ته انهي
جو خون اسان جي سر تي آهي ۽ انهي جي عيوض ۾ خود
پاشا يا سندس پٽ جي سر کان سواءِ ٻي ڪا شي هو وير
وٺڻ لاءِ مٽ نه ڪندا ته به في الحال اها ڳالهه
وساري هو پنهنجي گهوڙي وري وٺڻ گهرن ٿا. هو چون ٿا
ته اها عربستان ۾ وڏي بڻ واري آهي ۽ پشت به پشت
انهي جو شجرو معلوم ٿئي ٿو ته جنهن گهوڙي تي اسان
جي نبي مڪي کان هجرت ڪري مديني ڏي ويو هو، انهيءَ
سان وڃيو ٿو لڳي. انهي جي وري هٿ ڪرڻ لاءِ هو چون
ٿا ته اسين ايترا پيسا ڏينداسين، جيترا پاشا
گهرندو ۽ چوندو ته بس. هاڻ ساري جهان کي خبر آهي
ته جنهن پهلوان انهيءَ شيخ جي پٽ کي جيتيو ۽ ڪٺو،
اهو تون آهين ۽ گهوڙي به لٽ ۾ توکي ملي آهي.
اسانجي پاشا بغداد جي اميرن ۽ رئيسن سان صلاح
مشروت ڪرڻ کان پوءِ ارادو ڪيو آهي ته انهيءَ وهابي
شيخ جي آڇ قبول ڪري. تنهنڪري انهيءَ سرڪاري ڪم
لاءِ هن اسان کي موڪليو آهي ۽ چيو آهي ته اها
گهوڙي منهنجي حوالي ڪر. اسان جو پيغام اهو آهي جو
ڏنوسين.“
بابي چيو ته ”والله بالله، خدا جو قسم، جيڪو پاشا
جو نمڪ آءٌ کاوان ٿو تنهن جو قسم، جنهن ماءُ توکي
ڄڻيو آهي تنهن جو قسم، آسمانن ۽ تارن جو قسم ٿو
کڻان ته وهابي جيڪي چوي ٿو سو سڀ ڪوڙ آهي. جيڪا
گهوڙي هو چون ٿا ته ويئي آهي، سا الاجي ڪٿي آهي ۽
جيڪا منهنجي حصي ۾ آئي آهي، سا ڪٿي آهي؟ سچ آهي ته
مون کي هڪڙي گهوڙي ملي هئي، پر اها اهڙي خراب ۽
ڏٻري هئي جو جنگ جي ٻئي ڏينهن مون اها هڪڙي عرب کي
وڪڻي ڇڏي. جي اوهان جي مرضي هجي ته انهيءَ جي زين
۽ لغام کڻي وڃو، باقي اها گهوڙي پاڻ ته مون وٽ
ڪانهي.“
مير آخور چيو ته الله، الله، هي وڏو پسارو آهي.
اوڪوس آغا، تون سچو ماڻهو آهين ۽ آءٌ به اهڙو ئي
آهيان اسان تي ٺٺوليون ڪري مٿي اگهاڙو موٽائي نه
ڪڍ. جي اسين گهوڙي موٽائي وٺي نه وينداسين ته اسان
جا منهن هميشه لاءِ ڪارا ٿيندا ۽ تنهنجي ۽ پاشا جي
دوستي بس ٿي ويندي. ڏاهو ٿي، ٻڌاءِ ته گهوڙي ڪٿي
آهي.“
بابي جواب ڏنو ته ”يار، آءٌ چوان، آءٌ ڇا ٿو ڪري
سگهان؟ گهوڙي ته هتي ڪانهي. وهابي ڪوڙا آهن. آءٌ
سچي ڳالهه ٿو ڪريان، تنهن کان پوءِ مير آخور کي
ويجهو وڃي نرم آواز سان ڪجهه چيائين. ائين پئي
معلوم ٿيو ته منٿون آزيون ٿي ڪيائينس، ڇا لاءِ جو
جڏهن سس ڦس ڪري بس ڪيائون، تڏهن ٻيئي خوش ڏسڻ ۾
آيا.
تنهن کان پوءِ مير آخور وڏي آواز سان چيو ته:
”چڱو، جي ائين آهي ته گهوڙي تو وٽ ڪانهي ته خدا
ڪريم آهي، قسمت ۾ جيڪي هوندو سو ٿيندو. اسين موٽي
بغداد ڏي ٿا وڃون.“
اتي بابو اتان اٿي زالن جي تنبوءَ ۾ آيو ۽ مهمانن
کي ڇڏيائين ته حقو ڇڪين ۽ قهوو پين، جيسين ڪ ماني
جيڪا پئي رڌي سان تيار ٿئي. سندس زال، جنهن وٽ
پيسا رهندا هئا، تنهن کي چيائين ته سون جي مهرن جي
ڳوٿري کڻي آءٌ. اها هڪڙي پراڻي ڪپڙي ۾ ويڙهي
تنبوءَ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ صنودق ۾ رکي هئي ۽ ساڻس
گهوڙيءَ جا قيمتي سنج، عمدا هئا ۽ ٻيون قيمتي شيون
به رکيل هيون. هن انهيءَ مان ويهه مهرون ڪڍيون ۽
رومال جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ٻڌي، سيني ۾ کڻي وڌائين. پوءِ
پاڻ ٻاهر هليو ويو ۽ حڪم ڏئي ويو ته ماني جلدي
ڏياري موڪليو. جيسين ماني آئي، تيسين هنن جي وچ ۾
ٻي گهڻي گفتگو ڪانه هلي، رڳو گهوڙن ۽ ڪتن ۽ هٿيارن
جو ذڪر هو. مير آخور پنهنجي ڪمر بند مان هڪڙو
چانديءَ جو تپاچو ڪڍيو، جو چيائين ته سچو پچو
انگريزي تپاچو آهي. اهو سڀني مجلس وارن ڏٺو. ٻئي
شخص وري پنهنجي ترار ڏيکاري، جا چيائين ته ڪاري
خراساني آهي ۽ نهايت تيز آهي. بابي وري هڪڙي سئين
ڊگھي ترار ڪڍي، جنهن جا ٻئي پاسا تکا هئا. چيائين
ته ”انهيءَ عرب شيخ جي آهي، جنهنجي پٽ کي مون ڪٺو
هو.“
اتي ماني به آئي. گول چم جو دسترخانو مير آخور جي
اڳيان وڇايائون، جنهن تي تازيون پڪل مانيون رکي
ويا ۽ پاڻي آندائون، جنهن سان ساڄو هٿ ڌوتائون.
هڪڙي وڏي ڪاٺ جي پيالي ۾ شوروو وجهي ڪپڙي جي وچ ۾
تي آڻي رکيائون. تنهن کان پوءِ بابي وڏي سڏ چيو ته
”بسم الله.“ جنهن تي مير آخور ۽ سندس ڏهه زيردست،
بابو ۽ ٽي سندس ماڻهو، سڀ پنهنجا سڄا هٿ ڊگها ڪري
کائڻ ۾ جنبي ويا ۽ ڪاٺ جي چمچن سان شوروو کائڻ
لڳا. انهيءَ کان پوءِ هڪڙو سڄو ڇيلو ڪباب ٿيل
آندائون، جنهن کي جهٽ ۾ ڇني ٽڪر ٽڪر ڪيائون، ۽ هر
هڪ پنهنجي لاءِ وڏا وڏا ٽڪر چونڊي ڪڍيا. پڇاڙيءَ ۾
چانورن جي هڪڙي وڏي رڪابي آئي، جنهن کي سڀ پنهنجا
هٿ وجهي آڱرين سان کائڻ لڳا. جيئن جيئن هر ڪو ڍؤ
ڪندو ويو، تيئن تيئن ”شڪر الله،“ ”خدا برڪت وجهي“،
چوندو ويو. باقي ٿانون ۾ بچايائون، سو دسترخاني ۾
ويڙهي تنبوءَ کان ٻاهر ڪڍي ويا، ۽ بابي جي ڌنارن
اهو سڀ کائي کپائي ڇڏيو.
مير آخور جي گهڻي مرضي هئي ته هيٺ ميدان تي هڪري
ڳوٺ ۾ وڃي سمهي. تنهن هلڻ جو سعيو ڪيو ۽ سندس
ماڻهو کيس ۽ بابي کي تنبوءَ ۾ گڏ ڇڏي، پاڻ گهوڙا
تيار ڪرڻ ويا. مون شروع کان وٺي خيال سان هنن کي
پئي جانچيو، سو ارادو ڪيم ته ٻڌان ته هنن جي وچ ۾
ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هلن. ڪن ڏئي ٻڌم ته منهنجي
پيءُ چيو ته ”سچ چوان ته ڏهن مهرن کان وڌيڪ آءٌ
ڏئي نٿو سگهان، آءٌ تمام غريب آهيان، وڌيڪ ڪٿان
آڻيندس!“ مير آخور ورندي ڏني ”ائين ته ٿيڻي ناهي،“
جي انهيءَ کان ٻيڻي رقم مون کي نه ملندي ته خبر
اٿئي ته ڇا گذرندو: جڏهن پاشا ڏسندو ته اسان گهوڙي
نه آندي آهي، تڏهن هو مون کي وري حڪم ڏئي موڪليندو
ته توکي قيد ڪريان ۽ تنهنجي سڀ ملڪيت هٿ ڪريان. سچ
ٿو چوان ته مون کي هينئر به حڪم آهي ته جي تون هن
جي حڪم نه مڃيندين ته آءٌ هاڻ به ائين ڪري ٿو
سگهان پر جي مون سان ڳالهين ۾ ٺهندين ۽ ويهه مهرون
ڏيندين ته آءٌ تنهنجي وار جو به نالو نه وٺندس. سو
هاڻ يار اڪلاءِ.“ جنهن تي بابي ڇاتيءَ مان رومال
ڪڍي، ويهه مهرون ڳڻي، مير آخور جي هٿ ۾ ڏنيون. هن
اهي چتائي ڏسي، پٽڪي جو پلؤ کولي انهي ۾ ٻڌيون ۽
انهي کي ڪپڙي جا ور ڏئي، وري مٿي تي ويڙهي
ڇڏيائين. پوءِ بابي کي چوڻ لڳو ته ”پاڻ گڏجي لوڻ
کاڌو آهي، سو هاڻ ٻئي دوست ٿياسين. هاڻ جي پاشا ڪا
حرڪت ڪئي ته پوءِ آءٌ پاڻيهي وچ ۾ پئي بندوبست
ڪندس. پر توکي به گهرجي ته ڪا سوکڙي ڏانهس موڪلين،
نه ته هو ضرور توکي ڪو ايذاءُ رسائيندو.“
بابي ورندي ڏني ته ”اکين سان ائين ڪندس. مون وٽ
هڪڙو مشهور تازي ڪتو آهي، جنهن سڄي ڪردستان ۾ نالو
ڪڍيو آهي. اهو ڊوڙندو هرڻ کي وٺندو آهي. اهڙو ڪتو
ايران جي شاهه جي پيءُ به خواب ۾ نه ڏٺو هوندو.
ڪيئن اهو چڱو يا نه؟“
هن چيو ته ”هڪڙي ليکي ته تمام چڱو آهي، پر ٻيئي
ليکي ته اهو کيس نه ٿيندو. خيال ته ڪر ته جي پاشا
توسان خوش ۽ راضي ٿيندو ته انهيءَ مان توکي ڪيترو
نه فائدو آهي. ”بابي چيو ته ”هينئر هڪڙو خيال
منهنجي دل ۾ آيو آهي، اهو توکي ٻڌايان، منهنجي
هڪريءَ ڌيءَ آهي جا چنڊ کان به سهڻي آهي: گول منهن
اٿس ۽ بت جي ڀريل آهي. تون چنجئينس ته جيتوڻيڪ
يزيدي سندس نظر ۾ ڪافر آهن ۽ پيرن جي پڻيءَ جهڙا
آهن ته به حور کان بهتر خوبصورت زال هن کي ضرور
پسند ايندي. آءٌ خوشيءَ سان اها ڏانهنس موڪلي
ڏيندس.“
مير آخور خوشيءَ کان تاڙيون وڄائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو
ته ”آفرين، آفرين! واه جي ڳالهه ڪئي اٿئي. انهيءَ
جهڙي ٻه ڪابه شيءِ ڪانهي. آءٌ اها آڇ ڪندو سانس ۽
مون کي پڪ آهي ته هو قبول ڪندو. انهيءَ رستي هن جي
حرم ۾ تنهنجي لاءِ هڪڙو زور ڀريو مددگار پيدا
ٿيندو، جو توکي هن مشڪلات مان ڪڍندو ۽ آئيندي لاءِ
توکي بچائيندو ايندو.“ انهي ڳالهه تي ٻيئي راضي
ٿيا. آءٌ جا صديقي ٿيڻي هيس، سا اتان اٿي پنهنجي
آئندي جي قمست تي ويهي خيال ڪرڻ لڳس، پهرئين ته
منهنجي نصيب تي روئڻ ۽ ارمان ڪرڻ تي هيس، پر ٿوري
ويچار کان پوءِ پاڻ کي چيم ته ”اي منهنجا جيئڙا،
آءٌ پاشا جي بيبي ٿينديس ڪيئن؟ ڏوليءَ ۾ چڙهي ڪهڙي
نه آءٌ خوش ٿينديس! جبل جون سڀئي ڇوڪريون مون تي
ريس ڪنديون.“
ٿوري وقت کان پوءِ مون تنبن مان ميدان ڏي نظر ڪئي
ته مير آخور ۽ سندس ماڻهن کي ڏٺم، جي تازي ڪتو
وٺيو ٿي ويا، جنهن کي چڱا ٽپڙ ٻڌل هئا. هو اسان جي
منزلگاهه جي پاسي کان جبلن جي قطار ڏيو ٿي ويا.
تنهن کان ڏٺم پوءِ ته بابي خدا جا شڪرانا پئي ڪيا
جو هيءَ بلا خير سان مٿي تان ٽري.
جڏهن هو ماڻهو نظر کان گم ٿي ويا، تڏهن منهنجي
پيءُ هڪڙو پنهنجو ڌنار ڇوڪرو جبلن ڏي موڪليو ته
وڃي سند پٽ کي چوي ته هاڻي گهوڙي وري وٺي آءٌ.
جڏهن هن اها آندي ۽ زالن واري تنبوءَ ۾ صحيح سلامت
وري ٻڌي ويئي، تڏهن پنهنجي قوم جا چڱا مڙس گڏ ڪيا.
اهي سندس ۽ سندس زالن جا مائٽ هئا، جن جي منزلگاهه
اسان جي نزديڪيءَ ۾ هئي. هن انهن کي پنهنجو سڄو
حال بيان ڪري ٻڌايو. چيائين ته ”هن کان پوءِ جي
اسين انهيءَ پاشا جي پرڳڻي ۾ رهنداسين ته هو ضرور
اسان کي ناس ڪندو ۽ وجهه وٺي يا چٽيون ڀرائيندو يا
ڦرلٽ ڪندو، ۽ نيٺ اسان کي سڃو سکڻو ڪري ڇڏيندو.
اهي ڪل ڏهه ماڻهو هئا، جي مڙسن واري تنبوءَ ۾ گڏ
ٿيا هئا ۽ مجلس ۾ آبروءَ جي جهاءِ يا ڪنڊ منهنجي
پيءُ جي چاچي کي ڏني هوائون، جو قوم جو پريو مڙس
هو ۽ پير مرد به هو ۽ جنهن جي ڏاڙهي اهڙي ڊگهي هئي
جو چيلهه تي پيئي.
منهنجي پيءُ چيو ته ”اوهان کي خبر آهي ته اسين
يزيدي آهيون، ۽ اها خبر اٿو ته اسان کي سڀ مسلمان
ڪيترو نه ڌڪاريندا آهن. هيستائين پاشا ڍونگ ڪري
مون هڪڙي کي دوست پئي سڏيو آهي، ڇالاءِ جو آءٌ
سندس طرف جنگين ۾ پئي وڙهيو آهيان ۽ وڙهڻ مهل
شينهن آهيان ۽ دشمنن جي رت پيئندو آهيان، پر هو
پيسي جو اهڙو لالچي ۽ هٻڇي آهي جو ڳالهه ڪرڻ کان
ٻاهر. هو هيءُ وجهه ڪڏهن ڪين ڇڏيندو، ضرور مون کي
منهجي پيءُ ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي کي، بلڪ منهنجي سڄيءَ
قوم کي دوزخ جي باهه ۾ پوندو ڏسي خوش ٿيندو. اسين
پاڻ ۾ ٿورا آهيون ۽ هن سان پڄي نه سگهنداسون. پر
جنهن کي اسين ٻار ٻچا بچائڻا نه هجن ته جيڪر آءٌ
ڀالو هٿ ۾ کڻي ۽ ترار چيلهه سان ٻڌي، پنهنجي گهوڙي
تي چڙهي اهڙن نامردن جي ساري لشڪر کي ڊپ کان سواءِ
سامهون ٿيان، ڏسان ته ڪير تن تنها مون سان اچي ٿو
وڙهي. تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته دير کان سواءِ
ترڪن جو ملڪ ڇڏي ايران ۾ هلون جتي ضرور اسان کي
چڱي پناهه ۽ آڌر ڀاءُ ملي سگهندي.“
بابي جو اهو گفتو سڀني ڌيان ڏئي ٻڌو، ۽ پوءِ چاچس
چيو ته ”او ڪوس آغا، تون منهنجو ڀائيٽو آهين،
منهنجو اولاد آهين ۽ اسان جي قوم جو سردار آهين ۽
اسان جي اميد ۽ آسرو آهين. جيڪڏهن آءٌ توکي صلاح
ڏيندس ته گهوڙي موٽائي پاشا کي ڏي ته تون مون کي
ڪرد ۽ يزيدي جي نالي جو لائق نه ڄاڻندين، پر جي
هينئر اها کڻي هن کي هٿ اچي ته به جيڪر هو اسان کي
جيئرو نه ڇڏي، ڇا لاءِ جو ترڪي حاڪمن جو مون کي
چڱو آزمودو آهي: هڪ دفعي هن کي ظلم ڪرڻ جووجهه ملي
سهي ته انهيءَ جي فائدي وٺڻ کان رهندا ڪڏهن ڪين.
تنهنڪري آءٌ به تنهنجي راءِ سيان شامل آهيان. اسين
هن ملڪ ۾ گذاري نه سگهنداسين. جيتوڻيڪ آءٌ پير مرد
آهيان ۽ ننڍي هوندي کان هنن جبلن تي پنهنجي مال
چارڻ تي هريل آهيان ۽ هميشه سج کي هن ٽڪري تان
اڀرندو ۽ هن ماٿر ۾ لهندو ڏٺو اٿم ۽ هي مڪان جتي
اسان جا پيءُ ڏاڏا ڄاوا ۽ پلجي وڏا ٿيا، تن کي
ڏاڍو گهران ٿو ته به ائين ڪونه چوندس ته آءٌ
پنهنجي قوم جي ناس ٿيڻ جو سبب ٿيو آهيان، تنهنڪري
منهنجي به راءِ آهي ته هڪدم هتان نڪرڻ گهرجي. وڌيڪ
دير ڪرڻ ۾ نقصان آهي: ٻن ڏينهن کان پوءِ پاشا جو
لشڪر اسان تي ڪاهي ايندو ۽ اسان کان اچي اول
گهرندا، پوءِ هتان اسين چري نه سگهنداسين ۽ ائين
مري کپي وينداسين. ابا هلو ته هلون، خدا قادر ۽
رحيم ڪريم آهي. اميد آهي ته اهو وقت به ايندو جڏهن
اوهان کي پنهنجا قديم مڪان موٽي ملندا ۽ اوهين
آرڙهه جي وين مان نڪري سياري جي وين تائين ۽ سياري
جي وين تان آرڙهه جي وين تائين، ڊپ کان سواءِ گهمي
ڦري سگهندؤ.“
جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو، تڏهن هڪڙو ڪراڙو ڌنار،
جنهن کي موسمن جي ڦيرين گهيرين جو گهڻو آزمودو هو
۽ اسان جن جبلن ۽ ايران جي جبلن جي وچ واري ملڪ جي
گهڻي خبر هئي، تنهن هيٺينءَ طرح ڳالهايو:
جيڪڏهن اسان کي وڃڻو آهي ته گهرجي ته هڪدم هلون،
ڇا لاءِ جو جيڪڏهن هڪڙو ڏينهن دير ڪئي سون ته پوءِ
هلڻ کان رهجي وينداسون. جبلن تي جيڪا برف آهي سا
اڳئي ئي پگهرڻ لڳي آهي، ۽ هفتي کن جي اندر نيون
وهڻ لڳنديون. جنهنڪري رڍون انهن مان لنگهائي نه
سگهنداسون. تنهن کان سواءِ ٽن هفتن کان پوءِ سج
حمل جي برج ۾ ايندو ۽ انهيءَ وقت انشاءَ الله اسان
جون رڍون ويامنديون. تنهنڪري انهيءَ وقت کان اڳي
انهن کي پنڌ ڪري هلي آرام وٺڻ گهرجي. اسان کي
پهرين اهو ٺهراءُ ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي ڪهڙي ڀاڱي ۾
هلي رهون. ڇالاءِ جو ايران جون گهمندڙ قومون
پنهنجا چاري جا حق ٻين کي ڇڏي نه ڏينديون، ۽ جي
سرڪار جي حڪم کان سواءِ اسين انهن تي دخل ڪنداسين،
ته اسان جا ۽ هنن جا ڌنار پاڻ ۾ وڙهي پوندا، ۽
پوءِ انهيءَ جي نتيجي جي رڳو خدا کي خبر آهي.“
منهنجي پيءُ چيو ته ”هي سچ ٿو چوي.“ پوءِ انهي
ڌنار ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”ڪارا بيگ، تو پوري
ڳالهه ڪئي آهي، شاباس اٿئي. تون چڱو نوڪر آهين ۽
تو چڱي صلاح ڏني آهي. اسين پاڻ ايران ۾ هلي ڪٿي
ٽڪاڻو ڪريون، تنهن کان اڳي اسان مان هڪڙي کي ڪرمان
شاهه ۾ وڃي شهزادي کان موڪل وٺڻ گهرجي ته اسان کي
ڪو مڪان رهڻ لاءِ مقرر ڪري ڏئي. هڪ دفعي پاشا جي
حد کان لنگهي ٻاهر ٿيون، ته پوءِ پاڻيهي اهو ڪم
آءٌ پاڻ ڪندس ۽ جلدئي وري موٽي ايندس، جنهنڪري ٻين
گهمندڙن قومن سان وڙهڻ جو اتفاق نه ٿيندو.“
جڏهن سڄي ڪچهريءَ جي اها راءِ ٿي ته هڪدم روانو
ٿجي تڏهن منهنجي پيءُ حڪم جاري ڪيوته سڀ ڍور آڻي
گڏ ڪريو ۽ تنبو لاهي ڏاندن تي لڏڻ جي تيار ۽ رکو.
۽ اٺن تي به پلاڻ وجهي، سڀ شيءِ تيار ڪري ڇڏيو.
جيئن اڌ رات جو نڪرون ۽ سج اڀرئي کان هڪ ڪلاڪ پوءِ
پهرينءَ منزل تي هلي پهچون. اها گهوڙي جنهن جي
هينئر سڀن کي ڳڻتي هئي، تنهن تي بابو پاڻ چڙهڻو هو
۽ سندس وڏي زال پنهنجن ٻارن سميت ڪجائي ۾ هلڻي
هئي. ۽ انهيءَ جي اٺ کي مڻڪن ۽ ڳاڙهي ڪناريءَ سان
کڻي سينگاريائون ۽ تمام گهڻا ڦنڊڻ ۽ ٽؤنر کڻي
ٻڌائون.
اها خبر جڏهن ٻين زالن کي پئي، تڏهن انهن آڻي روئڻ
راڙو مچايو. جيتري خرابي سچ پچ ٿيڻي هئي، تنهن کان
گهڻو هنن کي ڏسڻ ۾ آئي، ڇا لاءِ جو هنن کي اهو ڊپ
ٿيو ته پاشا جو لشڪر اسان تي ڪاهي ايندو ۽ اسان کي
غلام ڪري وٺي ويندو.
زينب چيو ته ”مون کي ڳڻتي ٻي ڳالهه جي ٿي، جنهن
وقت کان وٺي بابي ۽ مير آخور جي گفتگو مون ٻڌي،
تنهن وقت کان وٺي مون کي پاشا جي بيبيءَ ٿيڻ جي
لوري لڳي ويئي. اهو منهنجو خيال هاڻي اچي بند ٿيڻ
تي بيٺو. عمدين پوشاڪن ۽ مزي جهڙين محلاتن ۽
سونهري ڏولين تي ٻين آئيندهه جي خيالي عيش عشرتن
بدران مون کي رڳو اڳوڻا پورهيا ۽ ڪشالا ٿي سجهيا،
يعني سامان ٻڌڻ، جانورن تي لڏڻ، ڏڌ ولوڙڻ ۽ مکڻ
ڪڍڻ.
اسان جي ساري منزلگاهه اتان ڪوچ ڪرڻ لڳي، جيسين
نظر پهچي سگهي ٿي تيسين اسان جي قوم جي مال جي ڌڻن
۽ گلن جون بهيرون جبلن جي مٿان ڏسڻ ۾ پئي آيون، جن
کي ڌنار جدا جدا منزل گاهن ڏي ڪاهيو پئي ويا. تنبو
سڀ اڪيلي لڏڻ لاءِ کڻي ٻڌا هئائون. زالن پئي گهر
جو سامان سڙو ۽ ٿانو ٿڦو ٻڌو ۽ تياري ڪرڻ لاءِ
هيڏي هوڏي ڊوڙون پاتيون: غاليچا ويڙهجي ويا، اٺن
جون پيتيون ڀرجي ويون، ڏڌ ولوڙڻ ۽ مکڻ ڪڍڻ جو
سامان گڏ ٿي ويو، ۽ خچرن، ڏاندن ۽ اٺن جا پلاڻ
پکيڙي رکيا ويا، ڍور به جهنگ مان آيا. اٺن کي
جهڪائي مٿن پلاڻ رکيائون ڏاندن تي به ٿڙا
ٻڌايائون. خچريون پنج پنج يا ست ست ڪري هڪڙي رستي
۾ سالهاڙي ويا ۽ انهن تي ٿلها ان جا ٽپڙ کڻي
وڌائون ۽ انهن کي گهنڊڻين ۽ چڙهن سان کڻي
سينگاريائون.
پوياڙيءَ مهل رڍون ۽ ٻڪريون ته پنهنجن سنڀاليندڙن
ڪتن سميت ۽ پنهنجن ڌنارن سميت اڳتي روانو ٿيون.
هڪڙو ڌنار اڳ ۾ ٿي هليو، ٻيو سڄو لشڪر پٺيانئس پئي
ويو.
اڌ رات ساري منزلگاهه اتان لڏي ويئي، پرڀات مهل
جبلن جي مٿان اسان جي ٽولي جي وڏي قطار پري کان
ورن وڪڙن سان ويندي ڏسڻ ۾ پئي آئي. جيڪو پيچرو اڳي
گهڻو ڪم نه آيو هو سو اسان ورتو، انهي لاءِ ته ڪو
ماڻهو نه مليئون، جو پاشا کي اسان جي لڏ پلاڻ جي
خبر نه وڃي ڏئي. ڪيترن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ
اسين ايران جي سرحد پهتاسين. انهيءَ وچ ۾ جيترين
مشڪلاتن ۽ خراب اتفاقن جو امڪان هو، تنهن کان
ٿوريون اسان کي پيش آيون. واٽ هلندي منهنجي پيءُ ۽
قوم جي ٻين چڱن مڙسن پٺ جي به نظرداري پئي ڪئي ۽
اهو پڪو ارادو ڪيو هئائون ته پاشا جا ڪي ماڻهو
اسان کي روڪڻ آيا ته اسين هڪدم انهن کي سامهون
ٿينداسين. پر اسان جا نصيب چڱا هئا جو جيڪي ڪردي
ڌنار رستي وارن مڪانن ۾ رهندا هئا، انهن کان سواءِ
اسان کي ٻيو ڪوبه ماڻهو نه گڏيو.
جڏهن اسين سلامتيءَ جي جاءِ تي پهتاسين، تڏهن بابو
هڪلي ڪرمان شاه ڏي ويو، جتي حڪومت جو مک هنڌ هو ۽
ايران جي شاهه جي پٽن مان هڪڙو شهزادو اتي رهندو
هو، جنهن کان پناهه گهرڻ ۽ ايران جي حد اندر هڪڙي
چراگاهه ۾ رهڻ ۽ چرڻ جي اجازت وٺڻ جو ڪم هو. اسين
بابي جي موٽڻ تائين ڏاڍي انتظار ۾ هئاسين، ڇا لاءِ
جو امڪان هو ته ڪي ترڪ يا ايران اسان تي حملو ڪن.
پر انهن ٻنهي ملڪن جي مرضي آهي ته ڀلي گهمندڙ
قومون سندن ملڪ ۾ اچن، تنهنڪري جيڪو ايراني شهر
اسان کي ويجهو هو، تنهن جي سردار اسان کي ايذاءُ
ڪونه رسايو.
نيٺ بابو موٽي آيو ۽ ساڻس گڏ شهزادي جو هڪڙو
عملدار به آيو، جنهن ايران جي حد اندر اٽڪل ڏهن
فرسنگن تائين جيڪو ملڪ هو سو اسان جي حوالي ڪيو.
سياري جي بيٺڪ لاءِ اسان جبلن جي هڪڙي ڍڪيل ڪنڊ
کڻي ٺهرائي، جنهن کي ويجهو هڪڙو پاڻيءَ جو چشمو
هو. اونهاري جي بيٺڪ لاءِ پاسي واري جبل جي ٿڌي
چوٽي ٺهرائي سين، جتي گاهه ۽ پاڻي ججهو هو ۽ اسان
جي سياري واري بيٺڪ کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي هئي ۽
ترڪن جي تڪليف پهچائڻ جي وجهه کان پري هئي.
منهنجو پيءُ ڪرمان شاهه ۾ مشهور هو. جڏهن هن جي
اچڻ ۽ ان جي مطلب جي خبر پئي، تڏهن شهزادي ڏاڍي
خوشي ظاهر ڪئي ۽ هن کي گهڻو مان ڏنائين ۽ هڪڙي
خلعت ڏيئي روانو ڪيائين. هن سان ڪو شرط شروط ڪونه
ڪيائين ۽ هن کي هر طرح جي پناهه جو انجام ڪيائين.
چيائنيس ته ”جي پاشا توکي ۽ تنهنجي قوم پنهنجي
سرڪار جي ملڪيت ڄاڻي کڻي دعوى ڪندو ته لکندو ته هن
کي پاڻ وٽ رهائڻ نه ڏي، ته آءٌ سندس پيءُ کي ساڙي
ڇڏيندس، ۽ سندس ڏاڙهيءَ تي کون ڪندس. مولى جو ملڪ
سڀ ڪنهن لاءِ کليو پيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي هڪڙي
هنڌ اهنج ايذاءُ رسندو ته هو نڪري ٻئي اهڙي هن
ويندو، جتي پنهنجو سک ڏسندو.“ مطلب ته اسين نئين
هنڌ ٽڪاڻو ڪري رهي پياسين ۽ پنهنجن اڳوڻي عادتن ۽
دستوري ڪمن ڪارين ۾ لڳي وياسين.
جيئن شهزادي چيو ته هو تيئن نيٺ ٿيو. اسان جي اتي
پهچڻ کان پوءِ سگهوئي پاشا جو هڪڙو عملدار خط کڻي
ڪرمان شاهه ۾ آيو، جنهن ۾ منهنجي پيءُ جي نالي
لکيل هو ته انهيءَ کي سندس سڄيءَ قوم سميت موٽائي
پاشا جي ملڪيت ۾ موڪلجي. جو هو هن حالت ۾ لڪي ڀڄي
ويا آهن. منهنجي پيءُ جي نالي لکيو هئائون ته هي
چور آهي ۽ پاشا جي هڪڙي نهايت قيمتي گهوڙي چورائي
ڀڄي ويو آهي، سان گهوڙي به موٽائي موڪلجي. جي ائين
نه ٿيندو ته ايران جي حد مان انهيءَ جي عيوض ڦرمار
ڪرڻ جو دڙڪو لکيل هو. اهي سڀ ڳالهيون بابي کي
ٻڌايائون، جنهن کي شهزادي وٽ وڃي حاضر ٿيڻ جو حڪم
مليو.
جڏهن اسان کي اها خبر ملي، تڏهن اسان ۾ اچي وڏو
ڦڙڦوٽ پيو. پڪ ٿي ته پاشا ڇڏيندو ڪين، ضرور گهوڙي
به وري هٿ ڪندو ۽ بابي کي به نقصان رسائيندو. اهو
به سمجهيو ٿي ته جتي ههڙي زور واري حاڪم جون
ٺڳيون، رشوتون ۽ تجويزون هلنديون، اتي اسان جهڙن
ضعيف ۽ غريب ماڻهن جي ڪهڙي هلي سگهندي؟ تنهن کان
سواءِ اهڙي خزاني جهڙي شيءِ پاڻ وٽ رکڻ، ايرانين
جي نظر ۾ هڪڙو وڏو ڏوهه آهي. تنهنڪري اهي ضرور
انهيءَ گهوڙيءَ هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا، جي هينئر
نه ڪيائون ته به آئيندي جڏهن وجهه لڳندن تڏهن ضرور
ڪندا. سگهوئي اها خبر مشهور ٿي ويندي ته اسين
يزيدي آهيون. ايتري ڳالهه ئي ڪنهن به چڱي شيعي کي
ڪاوڙائڻ ۽ لعنت وجهڻ لاءِ بس آهي، جي کڻي گهوڙيءَ
جو سبب نه ئي هجا ها ته به ٿورن ڏينهن کان پوءِ
جڏهن هو پورو بندوبست ڪري سگهن ٿا، تڏهن اسان کي
هر طرح ستائين ۽ آزارين ها.
بابو اسان کي ڇڏي شهزادي جي حڪم پٺيان روانو ٿيو.
تنهن کان اڳي هن مخفي طرح سمجهايو هو ته گهوڙيءَ
کي ڪنهن سلامتيءَ جهڙيءَ جاءِ تي لڪائي بيهارجي،
متان ان جي هئڻ کان انڪاري ٿيڻو پوي. پر جڏهن هو
موٽي آيو تڏهن ڏٺوسين ته اهڙيءَ اڳ ڳڻتيءَ جو ضرور
ئي ڪونه هو. شهزادي هن جي ڏاڍي آڌر ڀاءَ ڪئي ۽ پڪ
ڏنائينس ته اسين ڪنهن به حالت ۾ پاشا جي مرضي نه
مڃينداسين، گهوڙي ڀلي تو وٽ هجي. جيسين تون اسان
جي ملڪ ۾ رهندين، تيسين توکي اسان جي پناهه ۾
بچاءَ جي خاطري هئڻ گهرجي.چيائينس ته ”اوڪوس آغا،
خاطر جمع ڪر. جيسين اسان جي پاڇي هيٺ هوندي، تيسين
آرام سان وهاڻي تي مٿو رکيو ستو پيو رهج. پاشا جو
ڇا وڃي جو وڃي ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم وارا اسانجي
سرڪارجي رعيت آهيو؟ منهنجي پيءُ شهنشاهه عالم
پناهه، جي محلات جا در سڀ ڪنهن کي کليل آهن، جيڪو
به ڌاريو ماڻهو اچي سندس دامن ۾ هٿ وجهي ٿو، تنهن
کي ڪوبه خوف ڪونهي تو اسان جي پناهه اچي ورتي آهي،
جي اسين اها نه ڏيون ته مسلمان نه چئباسين. تون
موٽي پنهنجن تنبن ۾ وڃي رهه ۽ خوش گذار. پاشا سان
اسين پاڻيهي سمجهنداسون.“
اها ڳالهه ٻڌي اسان سڀني ڏاڍيون خوشيون ڪيون.
منهنجي پيءُ انهيءَ خوشيءَ ۾ قوم جي سردارن ۽ چڱن
مڙسن کي دعوت ڏئي، مجلس ڪري، ماني کارائي. انهيءَ
مجلس ۾ اسان جي هاڻوڪيءَ حالت ۽ آئندي جي رٿن بابت
چڱو ويچار هليو. اسان جي خير سلامتيءَ سان لڏي اچڻ
جي ڪري سڀڪو ماڻهو خوش ۽ سرهو هو، سواءِ هڪڙي جي،
۽ اهو هو پير مرد منهنجي پيءُ جو چاچو: هو جوانيءَ
۾ نادر شاهه جي هٿ هيٺ سپاهي ٿي رهيو هو، تنهنڪري
ايرانين جو هن کي چڱو آزمود ڪو نه هو. سڄيءَ جماعت
کي چوڻ لڳو ته ”اوهان جو هنن سان ڪم نه پيو آهي،
تڏهن هنن جي خوشامد جهڙين ڳالهين ۽ وڻندڙ عادتن تي
ويساهن رکي، پاڻ کي سلامت ٿا سمجهيو، پر مون هن
سان گهڻو گذاريو آهي ۽ هنن جي قول جي سچائي يا نه
سچائي جي مون کي خبر آهي. هنن جا هٿيار اهڙا ناهن
جي بهادريءَ جي ويڙهه ۾ ظاهر ظهور ڪاهه ڪرڻ ۾ ڪم
ايندا آهن: ترار ۽ ڀالي جي بدران هو دغا، ٺڳي ۽
ڪوڙ ڪم آڻيندا آهن، ۽ جڏهن اوهين اويسلا ۽ غافل
ويٺا هوندؤ تڏهن پاڻ کي اوچتا ڄار ۾ ڦاٿل ڏسندؤ،
جڏهن اوهين ڀائيندؤ ته گلن جي هنڌ تي ويٺا آهيون،
تڏهن هلاڪت ۽ خانه خرابي اوهان کي وڪوڙي ويندي.
ڪوڙ ڳالهائڻ هن جو وڏو قومي عيب آهي. انهيءَ مان
ڪين سهي ڪندا آهيو ته ڪيَن جهڙيءَ ڳالهه تي به قسم
کڻندا آهن. جيڪي سچ ڳالهائيندا آهن، تن کي قسم کڻڻ
جو ڪهڙو ضرور آهي؟ هڪڙو تنهنجي جان جو قسم کڻندو،
۽ پنهنجي سر جو. تنهن جي پٽ جو، نبيءَ جو، پنهنجن
وڏن مائٽن ۽ بزرگن جو، ٻيو قبيلي جو قسم کڻندو ۽
بادشاهه جو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جو، ۽ ٽيو تنهنجي موت
جو قسم کڻندو، ۽ جيڪو نمڪ کائيندو آهي تنهن جو، ۽
حضرت امام حسين رضه جي شهادت جو. پوءِ انهن مان
ڪنهن جي به ڪا هنن کي پرواهه آهي؟ هو ڄاڻندا هوندا
ته اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون، ته به هڪدم قسم کڻندا.
هاڻي اسان جي حالت ۾ اوهين وسهو ٿا ته ڇا گهوڙي
اوهان کي ڦٻي ويندي ۽ اوهان جو نالو ئي نه وٺندا.
اها گهوڙي جنهن اڳي ئي اسان جي مٿي تي هيتري خرابي
۽ ڪمبختي آندي آهي. ايراني ترڪن کان وڌ گهوڙن جي
لاءِ ديوانا آهن، ۽ عربي گهوڙي انهن جي نظر ۾ هيرن
جي موتين کان به گهڻو قيمتي آهي، جيڪا گهوڙي اسان
وٽ آهي، تنهن جي شاهه کي خبر پوي ته جيڪر هڪدم اها
گهرائي وٺي، پوءِ اسين ڪيئن ڪنداسين؟ ڇا، پوءِ
اسين هٿيار کنيو ساريءَ دنيا سان وڙهندا وتنداسين؟
نه يارو، نه. اوهان کي جيڪو خيال وڻي سو ڪريو،
باقي منهنجي نظر ۾ اوهان جي حالت خوفناڪ آهي. آءٌ
اوهان کي عام صلاح ٿو ڏيان ته ايراني ڪهڙي قسم جا
۽ ڪهڙي به درجي جا هجن، ته انهن تي اعتبار متان
ڪريو.“
آخر ٿيو ته اچي ائين، جيئن انهيءَ پير مرد اڳي ٿي
چيو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو آءٌ هينئر اتي
اچي پئي آهيان جتي تون مون کي ڏسين ٿو.
هڪڙي ڏينهن پرڀات کان ڪلاڪ کن اڳي اسان جي منزل
گاهه جي ڪتن ۾ اچي اوچتي گڙٻڙ پئي، جو سڀني ڀونڪڻ
۽ ڪوڪن ڪرڻ کان بس نه ڪئي. اسين بگهڙن جي ڪاهن تي
هريل هئاسين جو ڪتا انهن کي روڪيندا هئا، تنهنڪري
پهرين انهي گڙٻڙ ڏي گهڻو ڌيان ڪونه ڏنوسين، پر نيٺ
منهنجو پيءُ ۽ انهي جا پٽ اٿيا ۽ پنهنجون بندوقون
کڻي ڏسڻ ويا ته ڇا آهي؟ اڃا ويهه قدم مس اڳتي ويا
ته هڪڙو گهوڙي سوار ڏٺائون، انهي جي پٺيان وري ٻيو
هو. پوءِ ته گهڻائي سوار نڪري پيا. مطلب ته سهي
ڪيائون ته اسان جي منزل گاهه کي گهيرو ڪري ويا
آهن. بابي هڪدم هل وڌو جنهن تي سڀ ماڻهو ٽپ ڏيئي
اٿيا. گهوڙي سوار بابي تي ڪاهي آيا ۽ هن کي جهلڻ
جي ڪوشش ڪيائون، پر هن پهرين ماڻهوءَ کي ته بندوق
هڻي پنهنجن پيرن وٽ ڪيرائي وڌو، ۽ ٻئي کي ترار سان
ڦٽي رکيائين. بندوق جو ٺڪاءُ ۽ ترار جوڪ ٻڌي دشمن
هر طرف کان ڪاهي اسان جي منزل گاهه ۾ اچي پيا. هن
جو خاص مطلب هو ته گهوڙي هٿ ڪن، ڇا لاءِ جو پهرين
زالن واري تنبوءَ تي حملو ڪيائون، جتي هڪدم
گهوڙيءَ ۾ وڃي هٿ وڌائون.
جڏهن صفا ڏينهن ٿيو تڏهن ڏٺوسين ته اهي ايراني هئا
جي اسان تي ڪاهي آيا هئا، ۽ سرڪاري حڪم پٺيان آيا
هئا. ڪم نصيبيءَ جي ڪري بابي انهن جي سردار کي
ماري وڌو هو، تنهنڪري انهن اسان سڀني کي کڻي قيد
ڪيو. اسان جو هال اهڙو خراب اچي ٿيو جو اهو مون کي
ڪڏهن وسرڻ جو ناهي: منهنجي پيءُ کي اسان جي اکين
اڳيان ڏاڍي تڪليف ڏنائون، اسان جو مال متاع سڀ
لٽيائون ۽-“
زينب هينئر بيان ڪرڻ تي هئي ته ڪيئن مرزا احمق جي
ٻانهي اچي ٿي ته اوچتو گهر جي در تي ڏاڍا ٺڪاءَ
ٿيڻ لڳا. اسين ٻئي ڊپ کان ٽپ ڏئي اٿياسين. زينب
مون کي منه ڪري چيو ته بالا خاني تان چڙهي هليو
وڃي ۽ پاڻ در جي سماءَ تي وئي. در کولڻ لاءِ جو
حڪم ڏيڻ جو آواز آيو ٿي، تنهن مان هن صحيح ڪيو ته
اهو حڪيم صاحب پاڻ آهي. پهرين دل ۾ اها رٿ ڪيائين
ته هو جو اچي مانيءَ ۽ خوشيءَ جو سامان ڏسندو ۽
پڇندو، تنهن جو هي سبب ڏينديسانس. پوءِ وڃي در
پٽيائين، ۽ حڪيم اندر گهڙي آيو.
جيڪي پئي هليو سو مون مٿان بالا خاني تان پئي ڏٺو.
زينب کي هڪڙو ڏسي حڪيم ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ساڻس اهڙيون
محبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو جو پڪ پئي ٿي ته هو کيس
ڏاڍي ٿي وڻي. پنهنجي زال جي جاءِ جي دريءَ مان
مانيءَ جون رهيل شيون ۽ ٻيون ڪي نشانيون ڏٺائين،
جنهن مان معلوم ٿيس ته ڪي ماڻهو انهيءَ جاءِ ۾
تازا ويٺل هئا ۽ انهيءَ بابت هن کان پئي پڇائين ته
اوچتو خانم پاڻ پنهنجي نوڪرياڻيءَ سميت اچي نڪتي،
اهڙي طرح جو هنن کي خبر ئي ڪانه پئي ته هوءَ اچي
اڳيان بيٺين. اهڙي اچي ڪاوڙي جو ڳالهه ڪرڻ کان
ٻاهر. ٺٺولي ڪري چوڻ لڳي ته ”سلام عليڪم، اوهان جي
ٻانهي حاضر آهي. اميد اٿم ته اوهين ٻئي حضور خوش
چڱا ڀلا آهيو ۽ پنهنجو وقت خوش گذاريو اٿو. معاف
ڪجو جو آءٌ تڪڙي اچي وئي آهيان.“ پوءِ ته منهن
ڳاڙهو ٿي ويس ۽ چڙ جي ڪري چرچو ڇڏي ڏنائين ۽ منجهن
آڻي گهوڙا وڌائين. چوڻ لڳي ته واهه، ماني به کاڌي
اٿن ۽ جاءِ به منهنجي ۾. ماشاء الله، ماشاء الله!
هن مان صاف ظاهر آهي ته مون کي ڪتي کان به گهٽ
سمجهيو اٿن. ڀلا خود منهنجي گهر ۾، منهنجي غاليچي
تي اصل منهنجي وهاڻي تي منهنجون ٻانهيون پنهنجي دل
پيون خوش ڪن. لاالہ الاالله. مون کي حيرت ٿي لڳي.
مون کي اهڙو ڌڪو آيو آهي جو ڄڻ ته آسمان تان زمين
تي ڪري پئي آهيان.“
تنهن کان پوءِ مرزا احمق ڏي منهن ڪري چوڻ لڳي ته
”باقي تون، مرزا احمق، مون ڏي نهار، منهنجي جان جو
قسم اٿئي، ٻڌايو ته مردن مان توکي مرد چئي سگهجي
ٿو؟ مرد به ڪهڙو؟ طبيب، هن زماني جو لقمان حڪيم:
باندر جهڙي منهن، ٻڪر جهڙي ڏاڙهي، ۽ گهڪي پٺيءَ
سان، جو هاڻ عاشق جيئڙو ٿي عشق ٿو ڪمائي. لعنت آهي
اهڙي ڏاڙهيءَ تي.“ پوءِ بجو هن جي منهن ۾ هڻي
چيائين ته ٿڪون آهن اهڙي منهن تي. آءٌ تڏهن ڪير
آهيان جو تو هڪڙيءَ پليت ٻانهيءَ کي مون کان وڌيڪ
پسند ٿو ڪرين؟ مون ڇا ڪيو آهي جو تون مون سان اهڙي
خراب هلت ٿو ڪرين؟ جنهن وقت تو وٽ سواءِ پنهنجن
ڦڪين ۽ ٻڪين ۽ دوائن جي نسخن جي ٻيو نالي لاءِ ڪي
به ڪين هو، تنهن وقت مون اچي توکي ماڻهو ڪيو.
منهنجو شڪر گذار ٿي جو مون توکي ڪي ڪين مان ڪي
ڪجهه ڪيو. هينئر ته منهنجي اڳيان بادشاهه ٿي بيٺو
آهين، هينئر ٻيا ماڻهو تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين
ٿا. هينئر ته سائين ڪشميري شالون ٿو ڍڪين، ۽ وڏو
ماڻهو ٿي پيو آهين، هاڻ ٻڌاءِ، نامرد، انهيءَ جي
معنى ڇا آهي؟
انهيءَ وچ ۾ حڪيم بيشمار قسم پئي کنيا ۽ هزارين
دانهون پئي ڪيائين ته من سندس بيگناهي ظاهر ٿئي،
پر زال جي زبان بند ٿيڻ جي نه هئي، ۽ هن جي ڪاوڙ
گهٽ ٿيڻ جي نه هئي. هيستائين اهڙي اچي غصي ٿي جو
قسم جي پٺيان قسم، ۽ گار جي پٺيان گار پئي
ڦهڪايائين ۽ بس ئي نٿي ڪيائين. مڙس تي ڪاوڙ ڇنڊيو
وري اچيو ٿي زينب تي پئي، ۽ زينب تان وري موٽيو
مڙس تي ٿي ڪاهيائين. اهڙي اچي ڪاوڙي جو وات ۾ گجي
اچي ويس. رڳو وات جي ڪاوڙ تي راضي نه رهي، پر هن
نڀاڳيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پٺن تي لڙڪندڙن ڊگهن وارن
جي چڳن مان هڪڙيءَ کي جهلي اهڙو ڇڪيائين، جو هوءَ
ويچاري ڏاڍيون رڙيون ڪرڻ لڳي. پوءِ ٻين ٻانهين جي
مدد سان هنن کي کڻي حوضيءَ ۾ اڇلايائين، جتي هن کي
پئي ماريائون ۽ پاڻيءَ ۾ ڀڄايائون، جيسين ڪه ٻئي
ڌريون ٿڪجي پيون. آءٌ پري کان پئي سڙيس، دل ۾ پئي
آيم ته اڏامي وڃي هن کي ڇڏايان. منهنجو سڄو بت
باهه ٿي ويو. انهن ڏائڻن جو جيڪر رت پي وڃان هر پر
آءٌ ڇا ڪري ٿي سگهيس. جي ڪاهي حرمخاني ۾ پوان ها
ته موت مران ها، ڇا لاءِ جو گهڻو ڪري اتي جو اتي
مون کي کڻي قيد ڪن ها. پوءِ انهيءَ مان زينب کي
ڪهڙو فائدو رسي ها؟ پاڻ اڳي کان وڌيڪ هن سان
جٺيون ڪن ها ۽ حڪيم جي زال جي ريس گهٽجي ڪين ها،
پاڻ وڌي ها. تنهن ڪري جڏهن گوڙ لٿو ۽ ماٺ ٿي، تڏهن
آءٌ بالاخاني واري لڪڻ جي جاءِ کان لهي هيٺ آيس ۽
شهر جي ٻاهران کليل ميدان ۾ پنڌ ڪرڻ لڳس. ويچار
پئي ڪيم ته هاڻ آءٌ ڇا ڪريان؟ هاڻ ته حڪيم وٽ رهي
ڪين سگهان ها، ۽ زينب جي صحبت ۾ گذارڻ جي اميد رکڻ
بيعقلي هئي. مون کي ڏاڍو ارمان ٿي ٿيو جو ڊپ ٿي
ٿيم ته ويچاريءَ ڇوڪريءَ جو الاجي ڪهڙو حال ٿيندو،
ڇا لاءِ جو مون ٻڌو هو ته حرمن ۾ ڏاڍا ظلم ۽ قهر
ٿيندا آهن، ۽ خاتم جهڙيءَ بگهڙ زال جي چنبي ۾ جا
اچي ويندي، تنهن سان خبر ناهي ته هو ڪهڙيون
عقوبتون ڪندي.
باب ستاويهون
بادشاهه حڪيم وٽ اچي ٿو، تنهن جي مهماني لاءِ هو
تياريون ڪري ٿو ۽ تمام گهڻي خرچ ٿيڻ جو ڊپ ٿئيس ٿو
هلندي هلندي مون پنهنجي دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪيو
ته حڪيم جي گهران ته هڪدم نڪرندس، پر اصل طهران ئي
ڇڏي ڏيندس، ڇا لاءِ جو پنهنجي نسبت ۾ مون کي ڏاڍي
نااميدي هئي، پر زينب سان جا محبت هيم سا انهيءَ
ارادي تري غالب آئي ۽ هن کي وري ڏسڻ جي اميد تي
مرزا احمق جو نوڪر ٿيس. لاچار اتي پئي گذاريم. هن
کي اهو شڪ ڪونه هو ته جنهن تي پاڻ عاشق هو آءٌ به
انهيءَ تي هوس ۽ سندس حرم ۾ جو هيءَ تازي گڙٻڙ ٿي
هئي تنهن جو سبب به آءٌ هوس. پر ايتري خبر هيس ته
ڪو ماڻهو ضرور اندر اچي ٿو، تنهنڪري اڳتي جي لاءِ
اهڙو بندوبست رکيائين جو مون کي خبر پئجي نه ٿي
سگهي ته زينب جو حال ڪيئن ٿو گذري، يا خانم جي
ڪاوڙ جو نتجيو ڪهڙو ٿيو. آءٌ ڏهاڙي حرم جي در ۾
اکيون وجهيو ويٺو هوندو هوس، ته من جڏهن خانم ٻاهر
نڪري، تڏهن سنديس نوڪرياڻين منجهه هوءَ به هجي. پر
خير، هن جو پتو ئي نه پئي پيو. مون کي شڪ پيو ته
يا هن کي کڻي ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو اٿن يا ته حرم
جي دشمنن مان ڪنهن ماري وڌو اٿس. مون کي نهايت
گهڻو انتظار ٿيڻ لڳو. اوچتو هڪڙي ڏينهن مون
نورجهان شيدياڻيءَ کي اڪيلو گهر مان نڪرندو ڏٺو،
جو هوءَ بازار ڏي ٿي ويئي. آءٌ پٺيان لڳوسانس. مون
کي خبر هئي ته هوءَ زينب سان ٺهيل آهي،
تنهن جي ڀروسي تي آءٌ وڃي گڏيوسانس. چيومانس ته
”سلام عليڪم، نورجهان! اهڙي تڪڙي ۽ اڪيلي ڪيڏانهن
ٿي وڃين؟“ جواب ڏنائين ته ”آغا حاجي، شل تنهنجي
مهرباني گهٽ نه ٿئي، آءٌ پنهنجي سنگتياڻي ڪردي
ٻانهيءَ جي لاءِ پاساريءَ ڏي ٿي وڃان.“ مون چيو ته
”هان، زينب جي لاءِ؟ ڇو هن سان ٻيو ته خير آهي،
بيمار آهي ڇا؟“ شيدياڻيءَ ڇوڪريءَ ورندي ڏني ته
”هاڻي، ويچاري بيمار به آهي ۽ غمگين به آهي. اوهان
جا ايراني ڏاڍا خراب ماڻهو آهن. اسين، جي ڪارا
آهيون ۽ غلام آهيون، تن کي اوهان کان ٻيڻيون وڏيون
دليون آهن. اوهين پنهنجي مهمان نوازي ۽ مسافر
پروري جون گهڻيون ئي ڊگهيون ڊگهيون ڳالهيون ڪندا
آهيو، پر جهڙي هلت هن ويچاري پرڏيهياڻي سان ٿي
ٿئي، اهڙي انسان ذات سان ته نه، پر ڪنهن ڪتي سان
به نه ٿيندي هوندي.“ مون چيو ته ”ڇو، هن سان ڇا
ڪيو اٿن؟ خدا جي واسطي نورجهان منهنجي جان جو قسم
اٿئي. ٻڌاءِ ته سهي.“ منهنجي نيزاري ۽ انتظاري
ڏسي، هن مون کي چيو ته ”خانم جي حسد جي ڪري زينب
کي هڪڙيءَ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ پوريو اٿن، جتان چرڻ
ئي نه ٿا ڏينس. هن سان ايتري مارڪٽ ڪئي اٿن جو هن
کي ڏاڍو تپ اچي ٿيو آهي، جوانيءَ ۽ بت جي همت
جهليو اٿس نه ته جيڪر مري وڃي ها. هاڻ بلڪل چڱي
ڀلي آهي ۽ خانم مهرباني ڪري مينديءَ لائڻ ۽ سرمي
وجهڻ جي موڪل ڏني اٿس. اهي آءٌ پاساري کان وٺڻ
وڃان ٿي. پر خانم اها مهرباني ته انهيءَ ڪري ڪئي
آهي جو ٻڌجي ٿو ته بادشاهه مرزا احمق وٽ اچڻ جو
ارادو ڪيو آهي. هن کي اختيار آهي ته ڪنهن جي به
حرم ۾ وڃي ۽ اتي جون زالون سواءِ برقي جي ڏسي.
اسان جي بيبي ارادو ڪيو آهي ته انهيءَ وقت وڏو
ٺاهه ٺوهه ڪري ۽ ٻانهين ۽ نوڪرياڻين جو وڏو ڊنبلو
ڏيکاري. تنهنڪري زينب کي بند مان ڪڍيو اٿس ته
انهيءَ وقت ساڻس گڏ رهي، پر اڃا به حڪم اهو اٿس
ته ڪوٺيءَ کان ٻاهر نه نڪري.“
اها خبر ٻڌي منهنجو انتظار گهٽڙ ٿيو ۽ ويچار ڪرڻ
لڳس ته ملاقات جي ڪا تجويز ڪرڻ گهرجي، پر ايتريون
مشڪلاتون مون کي اڳواٽ ڏسڻ ۾ آيون جو دل ۾ ارادو
ڪيم ته في الحال ماٺ ڪري ويهڻ بهتر آهي ته متان هن
ويچاريءَ تي وري ڪا ٻي تازي آفت نه اچي پئي.
تنهڪري پنهنجو نفس پلي ۽ دل جون خواهشون وساري
ويهي رهيس. انهيءَ وچ ۾ هميشه وانگي اونهاري جي
ڏينهن ۾ شاهه جي گشت ڪرڻ جا ڏينهن ويجها پوندا
ويا، ۽ دستور موجب رواني ٿيڻ کان اڳي دربار جي
اميرن وٽ وڃي ملاقات ڪرڻ لڳو، جو اهڙن وقتن تي پاڻ
۽ سندس عملو تمام گهڻا تحفا گڏ ڪندو آهي، ڇا لاءِ
جو سڀڪو امير اهڙي عزت ۽ شرف جي حق ادا ڪرڻ ۾ تمام
گهڻي ڪوشش ڪندو آهي.
نورجهان مون کي جيڪا خبر ڏني هئي سان سچي هئي.
شاهه مرزا احمق کي به اهڙي ملاقات وارن مان چونڊيو
هو، ڇا لاءِ جو مشهور ٿي ويو هو ته حڪيم وٽ گهڻي
دولت آهي ۽ شاهي شڪار ٿيڻ ۽ جهٽ هڻڻ جو لائق
سمجهيل هو، انهيءَ موجب هن کي اطلاع ڏنو ويو ته
فلاڻي ڏينهن توکي اهو نئون ۽ خاص شرف حاصل ٿيندو.
وڏي ناموس جي ڳالهه اها ته کيس ٻڌايائون ته اها
ملاقات رواجي ڪين ٿيندي، پر بادشاهه وٽ اچي مهمان
ٿيندو ۽ شام يعني رات جي ماني سندس گهر کائيندو.
حڪيم کي هڪڙي پاسي هيتريءَ وڏيءَ عزت آبروءَ جي
خوشي ٿي، ته ٻئي پاسي ڊپ ٿس ته تمام گهڻو پيسو خرچ
ٿي ويندو. سو سويل ئي ضروري تياري ڪرڻ لڳو. پهرين
ڳالهه جنهن جي ٺهراءَ ڪرڻ جو ضرور هو سا اها ته
ڪهڙي قسم ۽ ڪيتري قيمت جي شيءِ يا انداز ڪجي، يعني
وڇائجي جنهن جي مٿان بادشاهه لنگهي وڃي. اها خبر
هيس ته انهيءَ شيءِ بابت ساري ملڪ ۾ چؤ پچو هلندي،
۽ انهيءَ نظر تي بادشاهه جي ٻي مهرباني به مٿس
ٿيڻي هئي. انهيءَ ڪري هن کي طمع زياده هڪڙي پاسي
ٿي، ۽ دولت وڃڻ جو ڊپ ٻئي پاسي. خيال ڪيائين ته جي
دولت گهڻي ڏيکاريندس ته آئيندي هميشه مون کي ڇڪتاڻ
پئي ٿيندي، ۽ جي نه ڏيکاريندس ته منهنجا همعصر ۽
دشمن مون تي کلندا ۽ ٺٺوليون ڪندا. هيستائين مون
سان صلاح ڪرڻ مناسب نه پئي سمجهائين ۽ مون کي رڳو
مفت خور يا نوڪر پئي ڄاتائين، پر انگريزي ڊاڪٽر
مان ڪم ڪڍڻ ۾ جيڪا فتحيابي منهنجي معرفت حاصل ٿي
هيس، سا به ياد هيس، تنهنڪري هن مون کي وري به
صلاح مشورت ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ سڏيو.
مون کي چيائين ته ”حاجي، هن مشڪلات جي وقت ڇا ڪرڻ
گهرجي؟ مون کي اشارتاً معلوم ٿيو آهي ته بادشاهه
کي مون وٽان تمام چڱي انداز ۾ ملڻ جي اميد آهي.
اهو اشارو مون کي ڏنو به خزاني جي امير آهي، جنهن
جي اهڙن وقتن تي دولت جي تعريف سڄي ايران ۾ ڳائبي
آهي. انهيءَ سان مٽ پوڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آهي.
هن مون کي صلاح ڏني آهي ته سڙڪ جي منهن کان وٺي
جنهن هنڌ بادشاهه گهوڙيءَ تان لهي، اوستائين بنات
وڇائجي ۽ اتان وري باغ جي در تائين هو ڪيمخاب تان
هلي ۽ انهي هنڌان وري ساري ايوان مان سندس ويهڻ جي
جاءِ تائين ڪشميري شالن جو فرش وڇائڻ گهرجي. هڪڙي
شال ٻئي کي درجي بدرجي زياده قيمتي ٿيندي وڃي. تان
جو مسند واري شال تمام گهڻي ملهه جي هئڻ گهرجي.
هاڻ توکي خبر هجي ته مون کي ايترو ڏيک ڪرڻو ئي
ڪونهي. آئون حڪيم آهيان، دولت سان منهنجو ڪم ئي
ڪونهي. تنهن کان سواءِ معلوم آهي ته خزاني جو امير
جو اها صلاح ٿو ڏئي سو رڳو ايتري لاءِ ته وٽس جيڪا
بناوت ۽ ڪيمخاب ۽ جيڪي شالون آهن سي نيڪال ڪري، ۽
چڱن پيسن وٺڻ سان مون تي ٿڦي. آءُ هرگز اهڙي بي
صرفي خرچ جون رٿون پسند نه ڪندس، هاڻ ڇا ڪرڻ
گهرجي؟“
مون جواب ڏنو ته ”اهو سچ آهي ته اوهين حڪيم آهيو
پر اوهين شاهي حڪيم آهيو، اوهان جو درجو وڏو آهي.
تنهن کان سواءِ پنهنجي اهليه جي سبب به مناسب
بندوبست ڪرڻو آهي. جي اوهين بادشاهه جي مرحبا
شائستگيءَ طرح نه ڪندو يا جيترو اعتبار اوهان ۾
اٿن انهيءَ آهر نه ڪندو ته هو ضرور رنج ٿيندو.
مرزا چيو ته ”يار حاجي، اهو سڀ سچ هوندو، مگر وري
به آءُ هڪڙو طبيب آهيان ۽ سمجهيل آهي ته مون وٽ
ايتريون شالون ۽ ايترا ڪيمخاب ۽ ٻيا ڪپڙا رکيا ڪين
هوندا، جو جڏهن ضرور ٿئي تڏهن ڪم آڻيان.“
مون ورندي ڏني ته ”تڏهن ٻيو اوهين ڇا ڪري سگهندو؟
اوهين سڄي رستي تي جلاب ته ڪين پکيڙي ڇڏيندؤ، نڪي
بادشاهه جي مسند تي پلستر يا ملم لڳل ڪپڙو رکي
ڇڏيندؤ؟“
هن چيو ته ”نه، ليڪن گل وڇائي سگهون ٿا جي سستا به
آهن، شايد ڪو جانور کڻي ڪهي صدقو ڪريون ۽ مٺائيءَ
جا گهڻا شيشا سندس گهوڙي جي سنبن هيٺ ڀڃون، جيئن
قديم ايران جي رسم آهي. اها رٿ چڱي ناهي؟“
مون چيو ته ”ائين ته بلڪل ٿيڻ نه گهرجي، جو اوهين
ائين ڪندؤ ته شاهه ۽ اوهان جا دشمن وجهه ڏسي اوهان
کي ڦري منهنجي تريءَ جهڙو سڃو ڪري ڇڏيندا. جيئن
خزاني جو امير ٿو چوي تيئن ذري پرزي ڪرڻ به شايد
ضرور نه آهي، پر ٻيو نه ته به گهٽيءَ ۾ ڇيٽ جو
ڪپڙو، لهڻ جي جاءِ تي بخمل، ايوان ۾ ڪيمخاب ۽ ويهڻ
واريءَ جاءِ ۾ ته شالون وڇائڻ گهرجن. انهن ۾ ڪو
گهڻو خرچ نه لڳندو.“
حڪيم چيو ته ”تون بڇڙي ڳالهه
نٿو ڪرين. اسان وٽ گهر ۾ ڇيٽون موجود آهن، جو انهن
مان زالون سٿڻيون جوڙينديون آهن، اهي شايد ڪم اچي
وينديون. انهي ڏينهن هڪڙي بيمار مون کي اصفهان جي
بخمل جو هڪڙو ٿان ڏنو هو ۽ پوئين دفعي جيڪا خلعت
مون کي انعام ملي هئي سا وڪڻي ڪجهه ڪيمخاب کڻي
وٺندس. ۽ منهنجي اهليه جون ٻه – ٽي شالون ويهڻ
وارو ڪمرو ڀري وينديون. حضرت علي ڪرم الله وجهہ جو
قسم ته اها ڳالهه چڱي ٺهي آئي.“
مون چيو ته ”سو به چڱو، پر حرم ڪيئن ٿيندو؟ شاهه
ته اتي به ويندو. اوهان کي خبر آهي ته جنهن تي
بادشاهه نظر ڪندو آهي، سو چڱي طالع وارو ٿيندو
آهي. اوهان جي حرم جا اهل نساء به ته اهڙي وقت تي
عمديون پوشاڪون ڍڪين.“
حڪيم چيو ته ”انهيءَ جي فڪر ڪونهي. اهي ڪٿان
ماڱيون به وٺي سگهنديون، ڳهه ڳٽا، جواهر، سٿڻون،
صدريون، شالون، يا جيڪي به گهربل هوندن سو پنهنجن
واقفن ۽ ساهيڙين کان وقت لاءِ وٺي سگهنديون.“
جڏهن اها رٿ خانم کي ٻڌائي ويئي، تڏهن هوءَ ڏاڍي
خفي ٿي، مڙس کي ڪمينو ۽ ڪنجوس سڏايائين، ۽ چيائينس
ته ”تون مون جهڙيءَ طرح رکڻ جو لائق ئي ناهين.
ههڙي وقت تي توکي اهڙو بندوبست ڪرڻ گهرجي جو
بادشاهه جي تشريف آوريءَ جي ڪري تنهنجي مان ۽ شان
جي لائق هجي.“ هن جي مرضيءَ جي برخلاف هلڻ مشڪل
هو، تنهنڪري جيڪو ارادو حڪيم ڪيو هو تنهن کان گهڻي
قدر وڌيڪ تياريون ٿيڻ لڳيون: سڀ ڪنهن گهر جي
ڀاتيءَ جي اها ڪوشش هئي ته جيڪو پئسو حڪيم
هيستائين بيرحمي ڪري ٻين کان پئي ڪڍيو، سو هاڻي
موٽائي ڏئي يا خرچي. |