باب پنجٽيهون
حاجي بابا جو نصيب کلي ٿو ۽ هو
جلادن جي عملدار جو ننڍو نائب ٿئي ٿو
ٻه ٿلها گهيٽا جي اسان جي سامان جي خرچ تي ٻڌل
هئا، سي رڳا اسان پنهنجي بالادست عملدار جي لاءِ
سوکڙي ڪري آندا. منزل تي پهچڻ شرط، اسين نائب وٽ
وياسين جو اسان کي مک جلاد وٽ وٺي هليو، جو پنهنجي
تنبوءَ ۾ ويٺو هو ۽ هڪ ٻن دوستن سان ويٺي
ڳالهائين.
هن شير علي کي چيو ”ڪيئن، ڇا ڪري آيو. ان آندو اٿو
يا ڪد خدا؟“ شير علي چيو ته ”سائين نه هو. ڪجه
سوار جي ڪد خدا ۽ ٻين چڱن مڙسن ٻه گهيٽا اوهان جي
پيرن تي رکڻ جي لاءِ ڏنا، هنن اسان کي خاطري ڏني ۽
اکين سان به اسان کي ڏيکاريائون ته هنن سان ڏاڍي
ڦر ٿي آهي، وٽن ڪي به ڪين رهيو آهي. اصل ساهه ئي
ڪونه اٿن. اٽلندو جي هنن ڏي ڪي کائڻ لاءِ نه
موڪلبو ته هو هڪٻئي کي کائي ويندا.“
خان چيو ته ”سچ ٿو چوين؟ جي هنن وٽ گهيٽا آهن، ته
وٽن رڍون به هونديون ۽ ڪهڙي خيال سان ٿو ائين
چوين؟“
شير عليءَ چيو ته ”اهو سچ آهي: جيئن اوهين چؤ ٿا
تيئن برابر آهي. پر اسان ان جي ٿي ڳالهه ڪئي، نه
رڍن جي.“
اسان جي عملدار چيو ته ”ڇا لاءِ اوهان حڪم جي پوري
تعميل نه ڪئي ۽ ڪد خدا ۽ ٻين ڳوٺ جي پرين مڙسن کي
هتي نه آندو؟ جي آءٌ پاڻ اتي هجان ها ته جيڪر هنن
حرامزادن کي جيئرو ئي ڪباب ڪريان ها. اهڙا آڪيڙا
چاڙهيان ها، جو پاڻيهي قبول ڪن ٿا ۽ جيڪي وٽن هجي
ها، تنهن جي سچي ڪن ها. مون کي ٻڌاءِ ڇا لاءِ هنن
کي وٺي نه آيؤ.“
شير عليءَ مدد لاءِ مون ڏي منهن ڪري چيو ته ”اسان
جي گهڻيئي مرضي هئي ته هنن کي وٺي اچون، بلڪ اسان
سڀني کي گڏ ڪري ٻڌو به هو ۽ آڻڻ تي هئاسين، هنن کي
ماريوسين به گاريون به ڏنيون سين. حاجي بابا کي به
انهيءَ جي خبر آهي، جو انهيءَ به چين ته جي پيسا
نه ڏيندؤ ته ڪو به رحم ڪو نه ڏسندؤ. اسان ڪنهن به
قسم جي مهرباني ساڻن ڪانه ڪئي، پر هنن کي چڱيءَ
طرح خبر هئي ته اسان جو خان، اسان جو ڌڻي ۽ سردار
نسقچي باشي صاحب ڏاڍو زبردست ۽ بهادر ۽ همت وارو ۽
اڻ ٽر ماڻهو آهي جو جي يڪدفعي هن جي چنبي ۾ پيا ته
پوءِ سندن بج به ڪونه لڀندو. اسان اهو سڀ چين ۽ هو
ڊپ کان زمين تي ڪري پيا.“
خان مون ڏي منهن ڪري چيو ته ”حاجي بابا، هي ڇا ٿو
چوي؟ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇو هنن کي ڪين وٺي
آيؤ؟“
مون ادب سان جواب ڏنو ته ”سردار، آءٌ پاڻ سمجهي
نٿو سگهان. اوهان جي ننڍي نائب شير علي بيگ کي
انهيءَ جي خبر هوندي. سڄو ڪم انهيءَ جي حوالي هو.
آءٌ رڳو سندس خذمت ۾ هوس. آءٌ ڪي به ڪين آهيان.“
اهو ٻڌي خان ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ اسان کي ڏاڍيون گاريون
ڏنائين. پنهنجن دوستن کي چوڻ لڳو ته ”صاف آهي ته
هي بدمعاش ڪوڙا ۽ ٺڳ آهن.“ پوءِ شير علي کي چيائين
ته ”مون کي ٻڌاءِ، پنهنجي جان جو قسم اٿئي،
بادشاهه جي نمڪ جو قسم اٿئي، ٻڌاءِ ته تو پنهنجي
لاءِ ڪيترو ورتو آهي.“ وري مون ڏي منهن ڪري چيائين
ته ”آغا حاجي، توکي جو اڃا نوڪريءَ ۾ هڪ مهينو به
نه ٿيو آهي، تنهن کي ڪيترو مليو آهي؟“
اسان گهڻو ئي چيو ته اسان کي ڪي به ڪين مليو آهي،
گهڻائي قسم کنياسين ته اسان کي ڪجهه به حاصل نه
ٿيو ته به اسان جي ڳالهه تي ڪنهن کي ويساهه نه
آيو. نيٺ خان پنهنجي نائب کي حڪم ڏنو ته هنن کي
تنبوءَ مان هڪالي ڪڍو ۽ وڃي بند رکون، جيسين ڪ ڳوٺ
جا چڱا مڙس پاڻ اچن ۽ انهن سان هن جو مقابلو
ڪريون.“
جڏهن آءٌ ۽ شير علي اڪيلا ٿياسين، تڏهن هن هڪدم
مون کي پنهنجي ڦر جي مال ۾ ڀائيوار ڪيو ۽ انهيءَ
جو اڌ مون کي آڇيائين. مون چيو ته ”ادا نه ته هاڻ
اهو وقت لنگهي ويو. جيڪڏهن تون منع ڪيل شراب پيتو
آهي ۽ انهيءَ مان نشِ جي ڪري مٿي ۾ سور پيدا ٿئي،
ته انهيءَ ڪري آءٌ پاڻ کي به تو وانگي بيمار ڪين
ڪندس. مون هڪڙو ئي سبق سکيو آهي، جو تو مون کي
استاد سيکاريو آهي. هن ڀيري انهيءَ تي آءٌ خوش ۽
راضي رهندس.“
تنهن کان پوءِ هن چيو ته ”تون مون سان انجام ڪر ته
جڏهن ڪد خدا سان اسان جو مقابلو ٿيندو، تڏهن تون
منهنجو پاسو وٺندين، ۽ جيڪي آءٌ چوندس تنهن جي قسم
کڻي به تصديق ڪندين.“ پر مون کي انهيءَ جي نتيجي
جي چڱي خبر هئي. تنهنڪري اهڙو انجام ڪو نه ڪيم. هن
چيو ته ”جي مون کي هڪڙو ڀيرو فلڪ تي آڻي پيرن جي
ترين تي ڦٽڪا هنيائون ته آءٌ سومري ويندس، ڇا لاءِ
جو هن ٻين کي اهڙيءَ بيرحميءَ سان ماريو هو، جو هن
کي ڊپ ٿي ٿيو ته ٻيا به مون سان اهڙي بيرحمي ڪندا.
تنهنڪري هن قرآن جو قسم کنيو ته ٻي سڀ ڪا جٺ سهندس
پر فلڪ تي نه ٻڌبس.“
جڏهن پنهنجي عملدار جي اڳيان وري حاضر ٿيڻ جو وقت
آيو، تڏهن شير علي لڌو ئي ڪين. هو ڪيڏي منهن ڪري
ڀڄي ويو هو، ۽ جڏهن مون کان پڇيائون تڏهن مون رڳو
ايترو چيو ته هن کي ڦٽڪن لڳڻ جو ڏاڍو ڊپ هو،
تنهنڪري شايد ڀڄي ويو آهي.
جڏهن آءٌ پنهنجن بالادست عملدار ۽ منصف وٽ حاضر
ٿيس، تڏهن ڪج سوار جا ماڻهو جي اڳ ئي اتي بيٺا
هئا، تن سڀني منهنجي نالي چيو ته ”هن اسان کي نڪي
ڪي گهريو نڪي ورتو، پاڻ هن اسان کي چيو ته خان کي
ڪو چڱو تحفو يا نذرانو ڏيو.“ هنن پنهنجون سڀ
فريادون شير علي جي سر تي آڻي ليٽيائون، جنهن جي
نالي چوڻ لڳا ته باقي رهي کهي وسعت هو ڪڍي ويو ۽
جيڪا نئي کل اڳين ڦٽن ٺڪڻ لاءِ نڪتي هئي، سا هو
لاهي کڻي ويو.
انهن سڀني ڳالهين مان منهنجو فائدو پئي ٿيو ۽
منهنجي اضافي جو رستو پئي گهڙيو. اها ڳالهه چوڌاري
هلجي ويئي ۽ سڀ ڪنهن جي وات ۾ هئي. سڀني مون کي
ڏاڍو ڀلو ۽ رحمدل ماڻهو ٿي سمجهيو.
هڪڙي چيو ته ”اهو سڀ حڪيم ٿيڻ جو نتيجو آهي. حڪمت
دولت کان بهتر آهي.“ ٻئي چيو ته ”هن کي نتيجي جي
چڱي خبر ٿي پوي. جتي هن جو مٿو هئڻ گهرجي، اتي هن
جا پير ڪڏهن ڪين ايندا.“
مطلب ته اهي ڳالهيون جي اتفاق سان منهنجي مٿان ٿي
پيون، تن ڪري منهنجي ڏاڍي ناموس نڪتي ۽ ماڻهن جي
نظر ۾ آءٌ ڏاڍو هوشيار ۽ خبردار هوس ۽ مون کي طالع
وارو ۽ نيڪ بخت ٿي سمجهيائون، تنهن مان مون کي
نقصان ڪونه ٿي پهتو.
منهنجي گذريءَ حالت جو نتيجو اهو ٿيو، ته جيڪو
عملدار ڀڄي ويو هو، تنهن جي جاءِ تي کڻي مون کي
رکيائون ۽ ايران جي مک جلاد يا نسقچي باشي جو آءٌ
ننڍو نائب ٿيس ۽ اهو عهدو پڙهندڙ ڀلي ته ڪين جهڙو
سمجهن، مگر ڏاڍي هلندءَ وارو هو، جيئن پاڻهي هيٺ
معلوم ٿيندو
باب ڇٽيهون
جيتوڻيڪ ڪم جلادي جو ٿو ڪري، پر دل قياس واري ٿو
ڏيکاري. هن جي هڪڙي جوان مڙس ۽ زال سان ملاقات ٿئي
ٿي
انهيءَ وقت ڌاري شاهه جي روسين سان جنگ پئي هلي،
جن پاڻ کي جارجيا يا گرجستان ۾ ڄمايو هو ۽ ايران
جي سرحد تي ڪور ۽ ارس ندين جي وچ وارن پرڳڻن کي
انهن مان ڏاڍو خوف هو. ايران جو حاڪم، جنهن کي
سرداريءَ جو لقب مليل هو ۽ جو شاهه جي پسند ڪيلن
عملدارن مان هو، تنهن اڳيئي جنگ شروع ڪئي هئي،
دشمن جي مهڙ وارن لشڪرن تي سرسري ڪاهون به ڪيون
هيون، ۽ جنهن رستي سان هو ايران ڏي اچڻا هئا.
انهيءَ تي جيڪي ڳوٺ ۽ ديهون هيون تن کي ويران به
ڪري ڇڏيو هو. هڪڙو لشڪر ولي عهد ۽ آذربائيجان جي
وڏي پرڳڻي جي واليءَ جي حڪم هيٺ تبريز جي ويجهو به
گڏ ٿيو هو، ۽ ارادو اهو هو ته هو هڪدم جنگ جي جاءِ
تي وڃي ۽ جي ٿي سگهي ته دشمن کي هٽائي ٽفليس ڏي
روانو ڪري، ۽ پنهنجا هٿيار خود ماسڪو جي ڀتين اندر
کڻي وڃي.
مٿين سردار جو جيڪو ارادو هو ته روسين جي گاوميشلو
واري چؤنڪيءَ تي ڪاهه ڪري تنهن جي خبر چار جو
سلطانيه جي شاهي منزلگاهه ۾ ڏهاڙي انتظار پئي
ڪڍيائون ۽ اڳئي اتان حڪم جاري ڪيو ويو هو ته فتح
ٿيڻ وقت جيڪو دستور هو، ان موجب دشمن جي سرڪردن جي
مناسب مرحبا ڪجي، ڇا لاءِ جو پڪ هئي ته انهيءَ
ڪاهه مان فتحيابيءَ جو نتيجو نڪرندو. نيٺ پري کان
هڪڙو چپر يا قاصد منزلگاهه ڏي گهوڙو ڊوڙائيندو
ايندو ڏٺائون. سچ آهي ته انهيءَ سان گڏ پنج گهوڙا
سئسن جي بار سن لڏيل هئا، جي شاهي خيمه گاهه جي مک
دروازي جي اڳيان وڏي تجمل ۽ ڏيک سان ڍير ڪري رکيون
ويون، پر سگهوئي معلوم ٿيو ته ڪا ڳالهه ٿي آهي
جنهن ڪري مددي لشڪر موڪلڻ جو ضرور ٿيو هو، ڇا لاءِ
جو بنهه انهيءَ جي ٻئي ڏينهن صبح جو جلادن جي
سردار ناصر خان کي ڏهن هزارن سوارن جي لشڪر جو
مهندار مقرر ڪري حڪم ڏنائون ته هڪدم آرس نديءَ جي
ڪناري تي ڪاهي وڃي.
مين باشي (يعني هزاري سردار يا هزار ماڻهن جا
سرڪردا) ۽ يوز باشي (يعني سؤ ماڻهن جا سرڪردا) ۽
اون باشي (يعني ڏهن ڏهن ماڻهن جا سرڪردا) ۽ ٻيا
سپاهدار سڀ منزلگاهه جي جدا جدا طرفن ڏي پئي تڪڙا
آيا ۽ ويا، ۽ پنهنجن خانن وٽ حاضر ٿيو حڪم احڪام
پئي ورتائون. نامرد خان جو تنبو چڙهيءَ وارن
سردارن سان ڀرجي ويو، انهن کي هن فهمائشون پئي
ڏنيون ۽ ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ٿي ڏنو ۽ هر هڪ دفعي کي
رستي وارن ڳوٺن ۾ جدا جدا جبلن تي منزل ڪرڻ لاءِ
پئي سمجهايو، مون کي اهو حڪم مليو هو، ته لشڪر جي
ڪوچ کان هڪڙو ڏينهن اڳي نسقچين جو هڪڙو دستو ساڻ
ڪري وڃان ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهن جي ڀرتي ڪريان. اهو ڪم
ڏاڍيءَ محنت ۽ چالاڪيءَ جو هو، پر منجهانئس گهڻائي
فائدا ٿيڻا هئا ۽ جي چاهيان ته خوب کيسا ڀريان ها.
پر شير علي جو تازو اکين ڏٺو مثال مون کي ياد هو،
تنهن ڪري رقمن گڏ ڪرڻ کان منهنجي نفس کي گهڻو
روڪيو. انهيءَ ڪري في الهال مون پڪو ارادو ڪيو ته
هٿ صفا رکندس، ۽ حرص جي باهه کي سياڻپ جي پاڻيءَ
سان اجهائيندس.
آءٌ پنهنجي فوج وٺي روانو ٿيس ۽ لشڪر جي اچڻ کان
گهڻا ڏينهن اڳي اچي ايران ۾ پهتس. اتي آءٌ سردار
کي گڏيس، جو گاوميشلو تي ڪاهه ڪري موٽي اچي اتي
ترسيو هو، جيسين ڪ اسان جي سردار هيٺ رسالو ڪمڪ
لاءِ اچي. جيڪو لشڪر شهزادي جي هٿ هيٺ هو، سو سرحد
جي ٻئي پاسي ڏانهن ويو هو، انهيءَ لاءِ ته گنجا جي
قلعي تي حملو ڪري جو دشمن تازو والاري وڌو هو، ۽
سردار پنهنجي لشڪر جو ڀاڱو ڪمڪ لاءِ ڏيئي نه
سگهيو، تنهڪري شاهه کان مدد گهري هئائين.
نامرد خان ۽ سردار گڏجي مشورت ڪري هڪدم اهو ٺهراءُ
ڪيو ته ڪي جاسوس موڪلجن ته روسين جي منزل ۽ ڪوچ جي
رٿن جي خبر وٺي اچن، ۽ مون کي نسقچي باشي جي طرفان
ويهن ماڻهن جو دستو حوالي ۾ ڏنائون ۽ اوترا ئي
ماڻهو سردار پنهنجي طرفان روانا ڪيا، جي اڻ ڏٺل
ملڪن ۾ اسان جا سونها به ٿيا.
سانجهين جو اسين سڀ اچي گڏ ٿياسين ۽ شام جي ٻانگ
ٻڌي روانا ٿياسين. سڌا آشترڪ جي ڳوٺ وٽ اچي
ايچميازن کان لانگهائو ٿياسين، جو اسان جي کٻي
پاسي رهيو ۽ جو ارمي بزرگ يا سردار جو مک شهر هو.
پرهه مس ڦٽي ته اسين به اشترڪ جي پل تي وڃي
پهتاسين. اڃا اسين اونداهي هئي، نديءَ جي ٻنهي
ڪنارن تي وڏا ۽ اڀا ٽڪر ڀتين وانگي بيٺا هئا. ڳوٺ
به انهيءَ ڪنديءَ تي هو ۽ ايترو سوجهرو هو جنهن
مان جن ٽڪرن جي وچ ۾ اهو جڙيل هو تن کان سڃاپي
سگهيو ٿي، ۽ اونداهي واري پاسي وڏيون ڀڳل ۽ ڦٽل
عمارتون پئي ڏسڻ ۾ آيون. جن کي ڏٺي خوف پئي ٿيو.
سنگتين کان خبر پئيسون ته اهي ويران ٿيل ارمني
ديولون آهن، جي ايران جي انهيءَ ڀاڱي ۾ تمام
گهڻيون ڏسبيون آهن. ندي گوگهٽ ڪيو پئي وهي ۽ پل
تان لنگهندي اونداهيءَ ۾ پاڻيءَ جي گجي پئي
ڏٺيسون. پل جي فرش تي اسان جن گهوڙن جي سنبن جو
ڪڙڪو ٻڌي ڳوٺ جا ڪتا اٿي ڀونڪڻ لڳا، ۽ انهن جي
ڀونڪ اسان چٽي پئي ٻڌي. هڪڙي ڪڪڙ جي سرلي ٻانگ به
ٻڌيسون ۽ اسان مان گهڻن جون اکيون گهرن ڏي هيون، ۽
اوچتو اسان مان هڪڙي پنهنجو گهوڙو جهلي، وڏي سڏ
چيو ته ”يا علي، هي ڇا آهي؟“ ۽ هٿ ڦٽل ديول ڏي ڪري
چيائين ته ”هتي ڪا اڇي شيءِ ڪانه ٿا ڏسو؟“
ٻئي هڪڙي چيو ته ”برابر، برابر، آءٌ ڏسان ٿو، اهو
غل آهي، بيشڪ اهو غول آهي. اهو انهيءَ جو پورو وقت
آهي، ڪنهن لاش جي ڳولا ۾ آهي، بلڪ ڪنهن لاش کي
ويٺو ڳڙڪائيندو هوندو.“
مون به ڏٺو ته ڪا شيءِ هئي ته سهي، پر خبر پئي نٿي
سگهي ته ڇا آهي. اسين سڀ پل تي اکيون مٿي ڪري بيهي
رهياسين، سڀ ڪنهن کي پڪ ٿي ته اهو غيب عالم جو ڪو
اسرار آهي. هڪڙي حضرت عله رضه کي سڏ ڪيو، ٻئي حضرت
امام حسين رضه کي ۽ ٽئين رسول ڪريم ﷺ ۽ ٻارهن
امامن سڳورن کي. ڪنهن کي به انهيءَ جي ويجهو وڃڻ
دل نه ٿي چيو، پري کان هر ڪنهن پئي انهيءَ جي دفع
ڪرڻ لاءِ هڪڙي نه ٻي صلاح ڏني. هڪڙي ڪراڙي
عراقيءَ چيو ته ”پنهنجي سٿڻ جو اڳٺ ڇوڙيو ته اهو
گم ٿي وڃي، اصفهان واري بيابان ۾ جيڪي غول هوندا
آهن، تن سان ائين ڪندا آهن ته ڀڄي ويندا آهن.“ ٻئي
ڀورڙي ماڻهوءَ جو جواب ڏنو ته ”انهيءَ مان ڪهڙو
فائدو ٿيندو؟ انهيءَ جانور کي هڪالي ڇو نه ڪڍجي جو
اندر اچڻ ڏيجس.“
مطلب ته چرچن ڪندي ۽ ڪي ساڀيان ڳالهيون ڪندي صاف
صبح ٿيو ۽ معلوم ٿيو ته اها رڳو خيالي شڪل هئي، ڇا
لاءِ جو انهي وقت ڪابه شيءِ اتي ڏسڻ ۾ نه آئي.
انهيءَ هوندي به جڏهن پل لنگهي وياسين، تڏهن
انهيءَ ساڳي ڀورڙي ماڻهوءَ گهوڙي چڙهئي ڏڪندي ۽
گهوڙي کي هڪليندي چيو ته ”آءٌ ٿو وڃي انهيءَ غول
جي خبر رکان.“ ائين چئي، ڪاهي ڪنڌيءَ واريءَ اڀ
ڪپريءَ هليو ۽ ڊٺل ديول ڏانهن وڃڻ لڳو. ڏٺوسين ته
سگهوئي اتان موٽي آيو، ۽ چيائين ته “جنهن کي اسان
غول ٿي سمجهيو، سا هڪڙي زال آهي، جنهن جي اڇي
برقعي تي اسان جي نظر پئي ۽ انهيءَ سان گڏ هڪڙو
ماڻهو آهي جي ٻئي پاڻ کي ڀڳلن ڀتين جي اوٺ ۾ پيا
لڪائين.“
مون کي انتظار هو ته جنهن سرڪاري ڪم جي پٺيان آءٌ
آهيان، تنهن جو من هن مان ڪو سماءُ پئي، تنهنڪري
آءٌ هڪدم ڪاهي انهن ڊٺل ديول ۾ ويس. چيم ته ڏسان
ته هي ماڻهو ڇو ٿا اهڙيءَ طرح پاڻ کي لڪائين.
پنجن سپاهين کي چيم ته منهنجي پٺيان اچو ۽ ٻين کي
چيم ته اتي بيهي رهو.
جڏهن اسين جاءِ جي ڪنڊ کان ڦرياسين، تڏهن هڪڙي
ڪمان يا مجرائيءَ تي اهي ماڻهو ويٺل ڏٺاسين جن جي
ڳولا ۾ هئاسين. هڪڙي زال، جا ظاهري ڪري بيمار ڏسڻ
۾ ٿي آئي، سا زمين تي سنئين ٿي ستي پئي هئي، ۽
هڪڙو مڙس ڏاڍي انتظار ۾ مٿانس جهڪيو ۽ هن جي مٿي
کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. ڏينهن جو سوجهرو هينئر ايترو
هو جو معلوم ٿي سگهيو ٿي ته ٻئي جوان آهن. زال جو
منهن، جو اڌ گابرو برقعي سان ڍڪيل هو، سو بيماريءَ
۽ چهري جي ڦڪائيءَ هوندي به تمام سهڻو هو، ۽ هو
جوان به تمام زور ڀريو چالاڪ ۽ همت وارو ٿي ڏٺو.
هو گرجي پوشاڪ ۾ هو، هڪڙو وڏو چاڪو ران تي لڙڪيس ۽
هڪڙي بندوق ڀت تي بيٺل رکي هئي. زال جو برقعو جو
تمام اڇو هو، تنهن تي ٿورا رت جا داغ هئا ۽ گهڻن
جاين تي ڦاٽل به هو. جيتوڻيڪ آءٌ انهن ماڻهن جي وچ
۾ رهندو هوس جي مصيبت ۽ ڏک جي حالتن سان چڱا هريل
هئا ۽ رحم ۽ مهربانيءَ جا اصل واقف نه هئا، ته به
هن حالت ۾ جيڪي ڏٺوسين تنهن تي ارمان ڪرڻ کان
سواءِ رهي نه سگهياسين ۽ جيسين ڳالهايوسين تيسين
هنن ظاهري بي وسيلن پرديسين جي غمزدي حال تي افسوس
پئي ڪيوسين.
مون چيو ته ”اوهين هتي ڇا ٿا ڪريو. جي اوهين
پرديسي ۽ مسافر آهيو ته ڇو هن ڳوٺ ۾ نٿا وڃو؟“
جوان مڙس چيو ته ”هي اوهان ۾ ڪا جوانمردي هجي ته
خدا جي واسطي مون جي مدد ڪريو. جي اوهان کي سردار
اسان کي پڪڙڻ لاءِ موڪليو هجي ته به مون کي مدد
ڏيو ته هن ويچاريءَ کي بچايون جا مري ٿي.“ مون چيو
ته ”تون ڪير آهين؟ اسان کي اوهان بابت سردار ڪو
حڪم نه ڏنو آهي. اوهين ڪٿان ٿا اچو ۽ ڪيڏي ٿا
وڃو؟“
جوان مڙس چيو ته ”اسان جي ڳالهه ڊگهي ۽ ڏک واري
آهي. جيڪڏهن اوهين مون کي مدد ڪري هن ويچاريءَ
بيمار ڇوڪريءَ کي کڻائي ماڻهن ڀيڙو ڪندوءَ ته پوءِ
جيڪي اسان سان ٿي گذريو آهي سو سڀ اوهان کي بيان
ڪري ٻڌائيندس. هن تي جي مهربانيءَ جو هٿ هوندو ته
شايد هيءَ چڱي ڀلي ٿي پوندي، هن کي زخم آهن، پر
آءٌ ڀانيان ٿو ته خوفناڪ ناهن. آرام وٺڻ سان شايد
ڇٽي پوندا. اها به خدا جي مهرباني آهي ته اوهين
سردار جي عملدارن مان ناهيو. ڀلائي ڪري منهنجي مدد
ڪريو ۽ جڏهن منهنجي ڏک واري ڳالهه ٻڌندؤ، تڏهن
پاڻهيئي مون کي قياس ايندو ۽ مون کي پنهنجي پناهه
۾ وٺندؤ.“
ايتري منٿ ڪرڻ جو ضرور ئي ڪو نه هو. هن جوان جي
شڪل شباهت ڏسي اڳيئي منهنجي دل ڏانهس مائل ٿي هئي،
تنهڪري هڪدم مون هن جو چوڻ مڃيو ۽ چيومانس ته
”اسين انهيءَ دم هن بيمار ڇوڪريءَ کي کڻائي ڳوٺ ۾
ٿا هلون، اتي تنهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ جيڪي ڪرڻو
هوندو، سو ڪنداسين.“
هن زال هيستائين ته ڪي به ڪين ڪڇيو هو، پر هاڻي
ڏاڍي خبرداريءَ سان برقعو پاڻ تي سوڙهو ڪرڻ لڳي ۽
ذري ذري سور جون دانهون پئي ڪيائين ۽ ڏکاريءَ دل
مان ٿڌا ساهه پئي کنيائين. مون پنهنجن ماڻهن مان
هڪڙي کي گهوڙي تان لاٿو ۽ انهي زال کي انهيءَ
گهوڙي تي ويهاري ڳوٺ ڏي هلياسين ۽ اتي مون ڪيترا
ئي گهر اندران گهمي چڪاسي هڪڙو چونڊي پسند ڪيو جو
تمام چڱو هو ۽ جنهن جو مالڪ ڀلو مانس ۽ احسان پسند
ٿي ڏٺو، انهيءَ ۾ اسان هن زال کي لاٿو ۽ گهر جي
ڀاتين کي تاڪيد ڪيوسين ته هن جي چڱي سنڀال ۽ پوءِ
واري ڪجو. ڳوٺ جي هڪڙي ڪراڙي زال، جا ڦٽن ۽ ڌڪن
ڇٽائڻ ۾ ڏاهي سمجهيل هئي تنهن کي گهرائي ورتوسين ۽
انهيءَ هن جي ڇٽائي چڱي ڀلي ڪرڻ جو ذمو کنيو. مون
کي انهيءَ جوان شخص کان معلوم ٿيو ته هو ٻئي ارمني
آهن ۽ اشترڪ ڳوٺ جا ماڻهو به انهيءَ قوم جا هئا،
تنهنڪري سگهوئي هو پاڻ ۾ ٺهي ويا ۽ بيمار زال به
ڄاتو ته آءٌ ڪنهن چڱي هنڌ اچي پئي آهيان.
باب ستٽيهون
يوسف ارمني ۽ سندس زال مريم جي ڳالهه
منهنجو ارادو هو ته اسين سڌا آبران جي جبل تي وڃي
داٻو ڪريون، جتي ملڪ به ٿڌو هو ۽ گهوڙن جي لاءِ
چارو به هو. پر گهمندڙ قوم جنهن جي تنبن ۽ کاڌي تي
مون کي ڀروسو هو ۽ جا مون ڀانيو ٿي ته ڪنهن خاص
هنڌ لٿل آهي، سا جڏهن ٻڌم ته اتي ناهي، پر اندر
جبلن ۾ هلي ويئي آهي ۽ جيڪا جنگ لڳي هئي تنهن جو
به ڊپ ٿيم. تڏهن ارادو ڪيم ته اشترڪ ۾ رهي پوان،
جيسين ڪ ڏينهن جي گرمي گهٽ ٿئي. ان موجب پنهنجن
ماڻهن کي ڳوٺ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ جايون وٺي
ڏنيونسين. ڪي وري پل جي ڪمانن هيٺ لهي پيا ۽
پنهنجا گهوڙا کڻي ڪانهن ۾ ٻڌائون، هڪڙا ٻه ڄڻا وڃي
جانڊاهه واريءَ جاءِ ۾ رهيا، جا نديءَ جي پيٽ ۾
هئي جنهن جو چڪر پاڻيءَ جي وهڪري ڪري پئي ڦريو، جو
انهيءَ جي ڦيرائڻ لاءِ مٿان هيٺ انهيءَ تي وهائي
ڇڏيو هئائون. آءٌ سو پنهنجو غاليچو هڪڙي کليل جاءِ
۾ وڇائي ويهي رهيس، جا ڪناري واريءَ مٿانهن ٽڪريءَ
تي هئي ۽ جتان سارڪ ملڪ تي نظر پئي پيم ۽ روسي
سرحد کان ڪنهن به ايندڙ ماڻهو وغيره کي ڏسي ٿي
سگهيس.
اتي مون ٻه ڪلاڪ سمهي ننڊ ڪئي ۽ جڏهن تازو ٿي اٿيس
تڏهن هن ارمني جوان کي گهرايم. بک به لڳي هئي سين،
۽ جيسين ڳوٺ جي غريب ماڻهن اسان جي ماني پئي آندي
تيسين مون هن کي چيو ته ”هاڻ احوال بيان ڪري
ٻڌاءِ، خاص اهو ڀاڱو جنهن اوهان کي انهيءَ هنڌ تي
آندو، جتي اسان اچي اوهان کي ڏٺو.“ ماني کائي ۽
آرام وٺي تازا به ٿياسين ۽ جتي ويٺا هئاسين اتي سج
جي روشنائي به چڱي هئي، انهيءَ ۾ مون کي هن جوان
شخص جي شڪل ڏاڍي چڱي ۽ مرداني ڏسڻ ۾ آئي. ۽ جيئن
هو ڳالهائيندو ويو تيئن هن جي دل جي شوق ۽ درد ۽
ٻئي ڊول مان مون کي پڪ پئي ٿي ته جيڪي هو چوي ٿو
سو سچ ٿو چئي. هُن هن طرح ڳالهه ڪئي:
آءٌ آرمني نسل جو ماڻهو آهيان ۽ عيسائي آهيان.
منهنجو نالو يوسف آهي. منهنجو پيءُ گاوميشلو ڳوٺ
جو پريو مڙس آهي. انهيءَ ڳوٺ ۾ رڳا ارمني ماڻهو
رهندا آهن ۽ اهو پيمبڪي نالي خوبصورت نديءَ جي
ويجهو، هن هنڌ کان اٽڪل ڇهه ڪوهن تي آهي. اسين
سائي گاهه واري ملڪ جي وچ ۾ رهندا آهيون، جتي هوا
سرد ۽ صاف آهي، تنهنڪري اسين تندرست ۽ جفاڪش ماڻهو
آهيون، ۽ جيتوڻيڪ اسان کي حاڪمن جي ڇڪتاڻ گهڻي
آهي، تڏهين به پنهنجي غريباڻي حالت ۾ خوش گذاريندا
آهيون. اسين ايترو جبلن جي اندر رهندا آهيون جو
وڏن شهرن جي رهڻ وارن تي اڪثر جيڪي اتي جي حاڪمن
جا ظلم ٿيندا آهن، تن کان پري آهيون ۽ ٻيءَ دنيا
کان پري رهڻ ڪري اسان جون گهرجون ٿوريون آهن ۽
اسان جا حياتيءَ جا رستا اڳوڻي زماني جا آهن.
منهنجو هڪڙو چاچو هو جو اسان جي ديول جي مهندار ۽
ايچميازن جي بزرگ يا سردار جو زبردست دوست هو، ۽
منهنجو مامو وري ڳوٺ جو پادري هو. انهيءَ طرح جڏهن
منهنجا مائٽ سڀ ديول جي بلي هوندا هئا، تڏهن انهن
مون کي به پاڪ ڌنڌي ۾ وجهڻ ٿي گهريو، منهنجو پيءُ
پاڻ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندو هو، ۽ ڳوٺ جي نزديڪيءَ ۾
مون کان سواءِ پنهنجن ٻين ٻن پٽن جي مدد سان ملڪ
زمين جو آباديءَ لاءِ صفا ڪيو هئائين، تنهنڪري مون
کي ديول جي ڪم لاءِ ڇڏي ڏنائين. انهيءَ طرح جڏهن
آءٌ ڏهن ورهين جو ٿيس، تڏهن ايچميازن ۾ تعليم وٺڻ
لاءِ ويس ۽ اتي پڙهڻ لکڻ ۽ ديول جو ڪم ڪار ڪرڻ
سکيس. مون کي پڙهڻ مان ڏاڍي لذت ايندي هئي ۽ جيڪو
ڪتاب هٿ لڳندو هوم، سو پيو پڙهندو هوس. ديول سان
لاڳو ارمني ڪتابن جو هڪڙو وڏو ڪتبخانو آهي، جنهن
مان ٿورا ٿورا ڪتاب ڪڍيو پيو پڙهندو هوس، جيتوڻيڪ
اهي گهڻو ڪري مذهبي مضمون جا هئا ته به هڪڙي دفعي
مون کي آرمينيا جي تاريخ جو ڪتاب هٿ اچي ويو، جنهن
منهنجو سارو ڌيان ڇڪي ورتو. ڇا لاءِ جو انهيءَ جي
پڙهڻ مان مون کي معلوم ٿيو ته ڪنهن زماني ۾ اسين
هڪڙي وڏي قوم هئاسين ۽ اسان ۾ ڪيترائي بادشاهه
هئا، جن دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍيو هو. جڏهن پنهنجي
هاڻوڪيءَ خراب حالت تي ويچار ڪيم ۽ پنهنجن حاڪمن
جو حال ڏٺم، تڏهن منهنجي دل ۾ آيو ته همت ڪري آزاد
ٿيان ۽ انهن جي تابعداري کان ڇٽان. انهن خيالن ڪري
آءٌ مذهبي ڌنڌي کان منهن مٽڻ لڳس. انهيءَ وقت ڌاري
ايران ۽ روس جي وچ ۾ اچي جنگ لڳي ۽ جيڪي لشڪر سرحد
تي ٿي ويا، تن جو رستو اسان جي ڳوٺ وٽان هو ۽ پڪ
ٿيم ته اسان جي ڪٽمب کي بچاءَ جو ضرور ٿيندو،
تنهنڪري چيم ته ديول ۾ وقت وڃايان، تنهن کان انهن
کي بچائڻ ۾ ڇو نه گهڻو ڪمائتو ٿيان، تنهنڪري
پادريءَ جي درجي حاصل ڪرڻ کان ٿورو وقت اڳڀرو، آءٌ
پنهنجا دوست ايچميازن ۾ ڇڏي، پنهنجي پيءُ جي گهر
موٽي آيس. سڀڪو مونکي ڏسي خوش ٿيو. جنگ جو خوف
اڳئي هنن کي ٿيڻ لڳو هو، ڇا لاءِ جو ايرانين توڙي
روسين جو لشڪر وقت بوقت اچيو اسان جي ڳوٺ ۽ پاسي
وارن ٻين ڳوٺن جي رهاڪن جو آرام ڦٽائيندو هو، ۽
انهن کي ستائيندو هو. سرحد لڙائي ڪري جنگ ڪندڙن
ملڪن مان ڪنهن کي به فائدو ڪونه هو، تڏهن به جيڪي
سرحد جا رهاڪو هئا تن کي انهيءَ مان ڏاڍو خوف هو.
هميشه اسان کي اها تڪليف رهندي هئي ته يا دشمن جي
ڪاهه جو ڊپ رهندو هو يا ته خود اسان جي حاڪمن جا
لشڪر اچي اسان وٽ ڦرمار ڪندا هئا، ۽ ايذاءَ
رسائيندا هئا. اسان جا فصل چٽ ٿي ويا، اسان جا ڍور
ڍڳا ٽڙي پکڙي ويا، ۽ اسين پاڻ قيد ٿيڻ جي ڊپ ۾
رهياسين.
پنهنجي ملڪيت ڦر کان بچائڻ لاءِ ۽ پاڻ کي بک کان
بچائڻ لاءِ اسان پنهنجون ٻنيون آٻاد پئي ڪيون، مگر
تراريون پاسي سان کنيو ۽ ڀريل بندوقون پٺن تي رکيو
ٻنيءَ جو پورهيو ڪيوسين، ۽ جڏهن پري کان ڪوبه
ڌاريون ماڻهو ڏسندا هئاسين، تڏهن هڪدم سڀ گڏ ٿي
پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين. انهيءَ طرح
ورهين جا ورهيه محنت ۽ مشڪلات سان فصل کڻندا
آياسين ۽ خدا جي مهربانيءَ سان اسان جو چڱو گذان
پئي ٿيو. پر اتي آءٌ پنهنجي جند جي احوال بابت
ٿورو مفصل بيان ڏيندس.
اٽڪل ٻه ورهيه ٿيندا جو جڏهن اسان جو فصل لٿو ٿي،
تڏهن هميشه وانگي هٿيار کڻي، تيار ٿي پنهنجي هڪڙي
ڀيري انهي ٻنيءَ ۾ لابارو وجهڻ ويس. اتي هڪڙو
ايراني ڏٺم جو گهوڙي تي پنهنجي پٺيان هڪڙي زال
چاڙهيو، گهوڙو ڊوڙائيندو هڪڙي ماٿريءَ مان جنهن
ٽڪريءَ تي آءٌ انهيءَ مهل بيٺو هوس، تنهن جي پاڙ
وٽان اچي لنگهيو. ظاهر هو ته زال کي سندس مرضيءَ
جي برخلاف کڻي گهوڙي تي ويهاريو اٿن، ڇا لاءِ جو
اڃا هن جي مون تي نظر ئي پئي ته هو هٿ کڻي دانهون
ڪوڪون ڪرڻ لڳي. آءٌ هڪدم ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان لهي
هيٺ ماٿريءَ ۾ اڳواٽ گهوڙي جو رستو وٺي بيهي رهيس.
هن کي ويجهو ايندو ڏسي هڪل ڪري چيم ته بيهه، ۽
ترار ڪڍي گهوڙي جي لغام وٺڻ جو ڏکو ڪيم. پٺيانئس
جو بار هوس تنهن ڪري ترار يا بندوق يا جيڪا پٺن
کان پئي ٽنگيس، سا ڪم ۾ آڻي نه ٿي سگهيو. انهيءَ
ڪري هو گهوڙي کي اڃا تکو هلڻ لڳو، ڀانيائين ته مون
کان لنگهي هليو ويندو، پر آءٌ جاءِ وٺيو بيٺو هوس
۽ ترار سان اهڙو ڌڪ هنيم جو گهوڙو ڇرڪ ڀري ٽپ کائي
رستو ڇڏي پري ٿيو ۽ زال جا ڊپ کان هٿ نڪري ويا ۽
ڪري پئي. گهوڙي واري تان جو اهو بار هلڪو ٿيو، اٽڪ
کان آزاد ٿيو، سو جيڪر هاڻي پنهنجي بندوق ڪم آڻي
ها، پر جڏهن ڏٺائين ته مون اڳيئي بندوق مٿس کڻي
سنئين ڪئي آهي، تڏهن هن پنهنجي سلامتي انهي ۾ ڏٺي
ته لڙڻ کان سواءِ سڌو رستو وٺيو هليو وڃي. |